سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

مضمون

صفحو :2

  

شاعري

 

 

 

تَڙ تِکو تار وَهي سوجن سين مهراڻ

نه مون ترهو تار جو، نه مون سيڻاهه ساڻ

گهِڙان گهوريو جندڙو، قريبن جي ڪاڻ،

ميهر ڄام اُماڻ، ڏيئي ٻانهون ٻاجهه جون

       - غلام محمد خانزئي

 

”شاعري جي دلپذير اثر جو سڀڪو قائل آهي. انهيءَ اثر کي محسوس ڪرڻ لاءِ علم جي ضرورت ڪانهي، پڙهيل توڙي ان پڙهيل، شعر کان متاثر ٿئي ٿو. ان جو جيئرو جوڳندو مثال، خاص طرح شاهه عبداللطيف رح جي بيتن جو عوام توڙي خواص جي دلين تي اثڙ آهي، جنهن جو احساس گذريل ٻن صدين تائين جاري ۽ ساري رهيو آهي. انهيءَ دلپذير اثر جوسبب شعر جي خوبي ۽سهڻائي آهي، ۽ انهي لحاظ سان سهڻو ۽اعليٰ شعر اهو آهي، جنهن جو اثر دلپذير هجي، پر جي پڇجي ته شعر جون اهي ڪهڙيون خوبيون يا سهڻايون آهن، جن جولازمي نتيجو دلپذيري آهي ته جواب لاءِ قدري غور ويچار ڪرڻو پوندو. ڇا، شعر جي خوبي ۽ سهڻائي شعر واري مضمون ۽ ڳالهه ۾ آهي، يا شعر ۾ سمايل معنيٰ۽ خيال ۾؟ اها خوبي لفظن جي بديع، معاني ۽ بلاغت وارين نزاڪتن ۾ آهي، يا لفظن جي سِٽا، ترنم ۽ موسيقيءَ ۾؟ اها خوبي شعر جي ٻوليءَ ۽ الفاظ ۾ آهي، يا شعر ۾ سمايل احساسات ۽ جذبات ۾؟“

 

-- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

 

 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

 

منقبت

 

ياعلي المرتضيٰ، شيرِ خدا شاههِ نجف،

مان ڪندس توصيف تنهنجي بارها باچنگ ودف.

 

اي شجاعت جا ڌڻي، اي هاديِ راههِ هديٰ،

دشمنِ دينِ نبي صه هر وقت ٿيا تنهنجو هدف.

 

تنهنجو ڪونهي ڪو امام ۽ تون اَمامن جو امام،

آهه منهنجي واسطي تنهنجو فضائل ٿيو شغف.

 

جنگِ خيبر ۾ رسول اللہ توکي سڏ ڪيو،

تون اچي پهتين ته زير وبر ٿي ويئي هر ڪا صف.

 

تنهنجي اندر ۾ خدا جو عشق هر دم جاءِ گير،

يعني درِّ بي بها لئه تنهنجو سينو ٿيو صدف.

 

مشرڪن تي تنهنجا حملا بي تحاشا پئي بهَ پئي،

قاتلِ مرهب! سدائين تون هئين جو سربڪف.

 

هن کان وڌ ٻيو مرتبو ڇا ٿي سگهي تو ياعلي،

جو محمد صه بخشيو داماد جو توکي شرف.

 

منهنجا ڪر آسان مشڪل ربّ پنهنجي کان گهري،

مان به تنهنجو آهيان، تنهنجو کنيو آ مون حلف.

 

تنهنجي مداحن جو اهي”طالب الموليٰ“ غلام،

جو ڪري تنهنجي گلا، واللہ سوئي ناخلف.

 

 

غزل

 

نظر کان دور هو، ايندو نظر ڪڏهن نه ڪڏهن

اسان کي پوندي انهيءَ جي خبر ڪڏهن نه ڪڏهن

نگاهه ساڻ سندس سنگِ در کي چمنداسون

ڪنداسون ان جي گهٽي مان گذر ڪڏهن نه ڪڏهن

ٿا باس باسيون، واعظ ٿئي خراباتي

اچي ئي نڪرندو سو معتبر ڪڏهن نه ڪڏهن

هروڀرو جي ٿا سُرڪي- پياڪ ساڻ کَهن

ٿين ٿا خوب اهي زيروبر ڪڏهن نه ڪڏهن

ضرور ٿيندو پريشان ۽ پشيمان صنم

جو ڏسندو پنهنجو هي شوريده سر ڪڏهن نه ڪڏهن

اي هم جليسو! ٿو فرعون لاءِ موسيٰ کپي

تباهه شل ٿئي هو بدگهَر ڪڏهن نه ڪڏهن

مان هن سان ٿو ڪريان منسوب زندگي جو ڪتاب

پڙهي سمجهندو هو ديده ور ڪڏهن نه ڪڏهن

ڪيو مون آهه جدائي جو درد سان پيوند

درختِ وصل ۾ ايندو ثمر ڪڏهن نه ڪڏهن

شرابي لب کڻي منهنجي لبن سان چسپان ڪر

سوال  مڃجئين باده نظر ڪڏهن نه ڪڏهن

اميد آ شبِ يلدا ۾ ”طالب الموليٰ“

هو ايندو غيرتِ شمس وقمر ڪڏهن نه ڪڏهن

مهم شروع ڪئي ٿئون اي ”طالب الموليٰ“

خدا عطا ڪندو متح وظفر ڪڏهن ڪڏهن

 

 

قطعو

 

روز اول کان گرفتار محبت آهيان

هي يقين ڄاڻو ته سرتاپا صداقت آهيان

منهنجي رندي جي خبر توکي نه زاهد آهي

پاڻ ئي پنهنجي عبادت جي امامت آهيان

تنوير عباسي

 

 

·

ڪالهه توسان جو رُسي آيس مان،

بس ائين سمجهه ڪُسي آيس مان.

هاڻي سوچيان ٿو ته ڪاڏي وڃجي،

تنهنجي محفل مان اٿي آيس مان.

در جي کڙڪي ۽ ڏسين مون کي تون،

ڀانئجان ايئن ته ڀُلي آيس مان.

مان ته ڀانيان ٿو هيس تو وٽ ئي،

تون چوين ٿي ته وري آيس مان.

تو وٽ آيس نه ڪڏهن خالي هٿ،

هر دفعي درد کڻي آيس مان.

امدام حسيني

 

 

گيت

 

سانوڻ آيو ڙي—ساجن آيو ڙي

هير هند وري ۾ جهولي، گيت پپيهي ڳايو ڙي

ڊيل ٽلي ۽ مور نچيو، ڪويل شور مچايو ڙي

شور مچايو ڙي

                                سانوڻ آيوڙي

ڪارن ڪارن وارن مان، رنگ گهٽا چورايو ڙي

ڳاڙهه ڳٽي کان چورائي، کنوڻين کيل رچايو ڙي

کيل رچايو ڙي

سانوڻ آيو ڙي

نينهن به آهي مينهن جيان، ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ڙي

بادل پياسي ڌرتيءَ تي، امرت رس برسايو ڙي

رس برسايو ڙي

سانوڻ آيو ڙي!

 

 

 

نظم

 

ننڊ ٽُٽي ته خواب ٽُٽو

خواب نه هو ڄڻ شيشو هو

جاڳ نه هئي ڄڻ پٿر هو

منهنجا پُٽڙا!

شيشن جهڙا خواب نه ڏسجان

نه ته وڏي هوندي مون جان

ڀور ڀور شيشا ميڙيندي

پنهنجا هٿ ڦَٽي وجهندين!

 ذوالفقار راشدي

 

غزل

(1)

عطا ڪرين ٿو خوشين جون گهڙيون جي ٻاجهه ڪري

پڄيم وَسُ ته ڇڏيان ساعتن ۾ ساه ڀري.

اڃا چڪور جي چاهت سموري خواب و خيال

اڃا ته چند رهي ٿو هزارين ڪوهه پري.

ملي ٿو آس جي چڻنگن مان سوز دلسوزي،

لڳائي هانوَ سان ڪوسو ڪري ته هانءُ ٺري.

کُٽو نه بخت جو بن باس منهنجي حيلن سان

رُسي پوي ته پو ورلي ٿو ڪنهن جو ڀاڳ وري.

ٻُڌي جو سُرت جي ٻرندڙ جبل ۾ گرج گهڻي،

ڊنم، دماغ نه ڦاٽي، الائي دل نه ڏري!

ڏنگين ٿا غرض جا واسينگ هر ڪنهين وِکَ کي،

اکين کي پير ڪندي پر نٿو خلوص مري.

ڏسان ته خواب جي سادي شڪل ۾ رنگ برڻ،

اچيم ڪير ٿو دامن اڇيءَ داغ ڌري.

الائي ريت ته ڪهڙي روا رکين مون سان!

اڄاڻ دل کي اڙآيو ڇڙو پريت ذري.

 

(2)

لڪائي لوڪ کان رکان پوي نه روح گهائجي،

ته شهرتن جي شهر ۾ وڃان نه مان وڃائجي!

ڪٿي قرار ڪو نه آ، نه ساهه کي نه سوچ کي،

نه دل اُها، نه دم رهيو، ويو بدن وراهجي.

عجيب تنهنجون عادتون، عجيب منهنجون چاهتون،

قريب ڪين آءُ تون، وڃان ٿو مان لڄائجي.

نئوم وجود ٿو وٺان ته چاڙهه نئون چڙهيو اچي،

ڪري ٿو کاڌ وهڪرو، وڃان ٿو روز پائجي.

اچي ٿو عشق ايترو، وڃي مشڪ واسجي،

ته گهاٽ، گهر گهٽي گهٽي وڃي ٿي ڳالهه وائجي.

ڊڄان ٿو، ذوالفقار، مان ته مت وڃي نه موهه ۾،

هي درد فيل مست آ، پوي نه دل لتاڙجي.

 

(3)

پٽ- پٽيهر ڇهاءُ ئي هوندو،

سهج تنهنجو سڀاءُ ئي هوندو.

ڪير چغليون هڻي ٿو چنڊ تي؟

هن جو پنهنجو هڳاءُئي هوندو!

منهنجي گهر جو ڪڙو ته کڙڪي ٿو،

تون نه آهين ته واءُ ئي هوندو.

سائو ڇيٻل سان دل جو تهخانو،

بند پاڻيءَ تي ڄاءُ ئي هوندو.

جاڙ جيون اُداس ماڻهوءَ جو،

تون نه هوندين، نه ساءُ ئي هوندو.

آءُ اهڙيون رچيان ٿو رچنائون،

جن ۾ ميندي- رچاءُ ئي هوندو.

موهه مايا جو، ڪشٽ ڪايا جو

ماڳ، مارڳ ايذاءُ ئي هوندو.

چنڊُ، تارا، بهار، ڪويتائون،

مان نه هوندس، ته ڀاءُ ئي هوندو.

 

(4)

سپنا ساڀيان جڏهن نٿا پائين،

پوءِ به نيڻن ۾ خواب ڇو آهن؟

 

واٽ اوکي ۽ پنڌ هيڪاندو،

گهر جي رستي ۾ سَوَ ڪتا باهن.

 

توکي تارو به ڪين ٿيو حاصل،

ماڻهو آڳر ۾ چنڊ ٿا لاهن.

 

واٽ ويند نه وڙهه فقير سان،

بينو هوندا، بوکڙو ناهن.

 

سونهن – سڪڻا نه ڇيڳرا هوندا،

جيڪي مٽيءَ ۾ مشڪ ٿا چاهن.

 

منهنجي پوڄا انهن بتن خاطر،

جيڪي خود کي خدا نٿا ڀانئن.

 

 

بيت

 

جنين ڏٺو جند کي، جيءَ جهروڪن مان،

لِڪ لڪايون ڪيترو انهن اکڙين سان،

وجهي هٿ هنياءِ لهن منجهه وجود جو.

 

لڪ- لڪوتي ايتري ڳجهه ڳجهاندر ڇو؟

جيڪي اندر منجهه آ چئي ڏيوم سو،

هيءَ حياتي بي بقا، هيڏو اوسئڙو!

مري وڃان ته پوءِ هٿ نه هڻجو هوند لئه.

 

وجهي هٿ هنيانءِ ۾ لهو جيڪو ڳجهه،

چئي ڏيوم چٽو ڪري، ڇاجي ماٺ ۽ مُنجهه؟

ٺهه پهه چؤ سڀڪجهه، متان مهل ٽري وڃي!

 

متان مهل ٽري وڃي، گذري وڃي ڏينهن،

وقت نه ڪنهن پر روڪجي، ڄڻ ٻيلائي شينهن،

وسي ويندو مينهن، چِڪون ڇڏي چُڪ جون!

 ”بردو“ سنڌي

 

 

مالڪ آن

 

جي سڪ مان سڏائين مالڪ آن، جي جوُءِ ڇڏائين مالڪ آن،

جي ڀاڪر پائين مالڪ آن، جي منهن مٽائين مالڪ آن.

تنهنجي چاهه ڪئي دل آهه چري، متان سڪ ۾ ساهه وڃي نڪري،

جي ملندين مونجهه لهي ويندي، جي نه ملندين سائين مالڪ آن.

تنهنجي نام جو جام ڀري پيتم- تنهنجي پيار جي هام هڻي ويٺم،

جي هاڻ نباهين لک ٿورا، جي باند ڇڏائين مالڪ آن.

توکي يار مباح وڏائي آ، مون تو در جان جهُڪائي آ،

جي ڀر ۾ ويهين، ڀال ٿين، جي ترت تڙائين مالڪ آن،

تون صورت جو سردار سڄڻ، آيو ’بردو‘تنهنجي در تي پنڻ،

جي ڏيندين خير ته احساني، جي سکڻو ورائين مالڪ آ.

  حافظ محمد احسن چنا

 

 

غزل

 

شان ڪنهن جو ناهي، تنهنجي شان و شوڪت کان وڌيڪ،

ڪو به ڪم دنيا ۾ ڪونهي، تنهنجي الفت کان وڌيڪ.

شاهِ خوبان، ڇا ڪيان تعريف تنهنجي حسن جي،

صورت و سيرت ۾ آهين ساري خلقت کان وڌيڪ.

وشڪِ طوبيٰ ۽ صنوبر نازنين سر وِ روان،

سروَ ۽ شمشاد ناهن، تنهنجي قامت کان وڌيڪ.

هيءُ زمانو سارو درد وغم، الم جو آهه گهرَ،

پر نه هرگز درد آهي ڪوبه فُرقت کان وڌيڪ.

خوش نصيبي! دوست جي دَر جي گدائي ٿئبي نصيب،

ها! انهيءَ در جي گدائي بادشاهت کان وڌيڪ.

طالبَ ديدار لئي آهي بلاشڪ همدمو،

بخششِ ديدارِ دلبر، مال و دولت کان وڌيڪ.

نام تنهنجو روز شب، دل ۽ زبان جو ورد آهه،

پوءِ اڃا مون کي کپي ڇا اهڙي نعمت کان وڌيڪ.

ڪُوئ جانان ۾ ٿئي مسڪن، اها آ آرزو،

ڪُوئ دلبر آهي احسن لاءِ جنت کان وڌيڪ.

وَعدَهِ  ”لاَتقنَطُو“ ۽ بحرِ رحمت پڻ وسيع،

جُرم منهنجا ڪين آهن تنهنجي رحمت کان وڌيڪ.

”سليم“ ڳاڙهوي

 

اي ملڪ جا مهراڻ!

 

اَي ملڪ جا مهراڻ، مٺا ملڪ جا مهراڻ – اَي ملڪ جا مهراڻ!

هن ملڪ جا ميدان اچي توئي وسايا- سرسبز بنايا،

هيءَ سنڌ سڄي شاد ۽ آباد ٿي توساڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ!

تنهنجي ئي مٿان آبر اَچي خوب وسن ٿا- زرپاش ٿين ٿا،

ماڻهن ۾ ورهائين پيو هيرن جا ڀري ماڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ!

رزاق جو توتي ٿو رهي راز ۽ رحمت – بي اَنت عنايت،

توساڻ ئي چمڪن ٿا چمن، مهڪ ۽ مانڊاڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ!

تون شاد رهين شال ۽ شاداب رهين شال- پُرآب رهين شال،

سينگار سڄي سنڌ جا سرساهه ۽ سرواڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ!

هر روڪ ۽ رنڊڪ کي هٽائي تون هلين ٿو- ”سنڌوُ“ ٿي پوين ٿو،

ڪنهنجي نه ڪڍين ڪاڻ ۽ ڪنهنجي نه مڃين آڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ!

آثار تواريخ ۾ تنهنجو ته عظيم آهه- سالم ۽ ”سليم“ آهه،

دنيا ۾ تون درياهه وڏو پنهنجو مثل پاڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ!

 

 

 

چنڊ

 

ٽيهين رات به آهه اُماس،

اُڀريو ناهي چنڊ اڃا.

اَڄ پڻ ڏاڍي اوندهه آهي- عام اُجالا ڪير ورهائي؟

ڏند ڏيکارن ٿا راڪاس،

اُڀريو ناهي چند اڃا.

اِڪٽيهون پڻ روزو جاري- عيد نه آئي روزن واري،

ميرا ڪپڙا، آس نراس،

اُڀريو ناهي چنڊ اڃا.

ڪير ٿو ڄاڻي ظلمت ويندي- رحمت ايندي زحمت ويندي،

سُڏڪي ڀونءِ، رُنو آڪاس،

اُڀريو ناهي چنڊ اڃا.

سيني اندر سوز ”سليم“- نيڻ نماڻا ”نُون ۽ مِيم“،

دل ديواني، ساهه اُداس،

اُڀريو ناهي چنڊ اڃا.

 بشير مورياڻي

 

رات کان پوءِ پرڀات آ

 

آءُ ڳولهي رهيو هوس صبحِ اميد

آسري ۾ هيس باک جي.

مون کي اڳتي وڌڻ جو ڪو سامان نه هو

منهنجي دردن جو درمان نه هو

۽ مٿان شهر جي، قهر جي زندگي

مون اڪيلي مسافر جو ڪوئي نگهبان نه هو!

دل کي هڪڙي تسّلي ڏنم ”ڏينهن ئي شينهن آ،

مون کي ڇالاءِ ٿو خوف ٿئي؟“

”ڪجهه ته ورندو

ڪوئي ساٿ ڏيندو ضرور.“

ڏينهن گذريو، اچي شام ٿي

مون کان ڪوئي پڇڻ ڪونه آيو ته ڇا حال آ

اجنبي شهر ۾ پنڌ هلندو رهڻ هڪڙو جنجال آ

ڪوئي ساٿي نه آ

ڇا هتي دوستن جو وڏو ڪال آ؟

روشني کي وري مات ٿي

۽ وري رات ٿي.

آسمان تي ستارن جي جهالر کُلي

ڪن ستارن جي اکٻوٽ منهنجي ارادن تي چٿرون ڪيون

مون به پختي ارادي جي قنديل سان

پنهنجي اندر کي روشن ڪيو

هاڻ اوندهه جي ويرين سان هر راهه ۾ ساٿ آ

ڏيڻي هر حال ۾ رات کي مات آ

جو اَوَس رات کان پوءِ پرڀات آ.

ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“

 

غزل

 

تو سان ملائي ديد رهي ڪير ٿو سگهي،

تنهنجي نظر جو تاب سهي ڪير ٿو سگهي.

محسوس ٿئين ٿو پر نه ملين ٿو ڪٿي پرين،

تنهنجو مقام خاص لهي ڪير ٿو سگهي.

توکان وٺن ٿا حسن جي خيرات سڀ حسين،

تنهنجي مقابلي ۾ اچي ڪير ٿو سگهي.

ڇو ٿو ڏئين ڏکن جا ڏجها بيگناهه کي،

توکان اهو سوال پڇي ڪير ٿو سگهي.

جٿ ڪٿ هلي ٿي تنهنجي ستم ۽ غضب جي ڳالهه،

سچ صاف توکي منهن تي چئي ڪير ٿو سگهي.

الفت جي راهه ۾ ٿو ڪٿي هوش ساٿ ڏئي.

گڏ باهه سان ڪپاهه رکي ڪير ٿو سگهي.

هرڪو رهي ٿو پنهنجي پريشانين ۾ گم،

ٻئي جي ڏکن جي ڳالهه ٻڌي ڪير ٿو سگهي.

’حامي‘ ٿياسون دور نظر کان ته ڇا ٿيو،

دل کان اسان کي دور رکي ڪير ٿو سگهي.

سيد احسن الهاشمي

 

غزل

 

آرزوئن جو شاهڪار آهيان،

وصل هوندي به بيقرار آهيان.

تون به آهين قريب تر منهنجي،

ته به سراپائي انتظار آهيان.

پنهنجي نظرن تي اعتماد رکي،

پو وري ڏس ته اشڪبار آهيان.

جنهن تي ٿيون خنده زن خزائون اڄ،

آئون اها عظمت بهار آهيان.

ڪجهه ته ٿئي، پو هجي ڪرم يا ستم،

بس ادائن تي ئي نثار آهيا.

منهنجو سر لائقِ جفا به نه ٿيو،

آئون اها عظمت بهار آهيان.

تنهنجي خدمت ۾ التجائي وصال،

پنهنجي همت تي شرمسار آهيان.

حُسن جي عظمتن جو مون کي قسم،

عشق جي راهه جو غبار آهيان.

واديِ شعر ٿيو وطن منهنجو،

آئون تخيل سان همڪنار آهيان.

ذڪرِ موليٰ جي صدقي اي ’احسن‘،

بيقرارن جي لئي قرار آهيان.

 

·

سدارنگاڻي ”خادم“

 

(1)

سائل بڻجي سجدو ڪرڻ حق آهي،

شڪرانو ۽ رضا مڃڻ حق آهي،

آزين نيزارين سان پرچي نه جي يار،

بخشش خاطر دعا پنڻ حق آهي.

(2)

مدت کان پنهنجي در ويٺل ٿو ڏسين،

اِن هوندي به مون کان ٿو سندم حال پُڇين،

مان آهيان اِئن، جئن تو رکيو آهه مون کي.

مون کان ٿو چوائين، ڇو نه ٿو پاڻ چوين؟

(3)

ڏيندين نه، سڄڻ تون! ته رليل ڪاڏي وڃي،

اهڙو ڪو سجهيئي جو نه موٽائي گهُري؟

آڻيندو ڪٿان لاهي جئن ورتل قرض!

خادم جي مڃ، ويٺو در تنهنجو ڏسي.

(4)

واٽون ته سوين، منزل هڪ ئي آهي،

ڪو ڌيري هلي ٿو ته ڪو تڪڙو ڪاهي،

ڪوشش تي اگرچه آهه پهچڻ جو مدار،

منزل ٿي بڻي قدم جي سونهون چاهي.

(5)

ڇاڪاڻ پُڇايان؟ ۽ ڪهڙي درگاهه؟

اڳ جو نه اٿم ڏر، نه اڳيان ڪا ٻي راهه؟

مالڪ جي مهر جو مٿان آهي هٿ،

ڇو ڪنهن جي ڪڍان ڪاڻ؟ گهران ڇا جي پناهه؟

(6)

ڪي ڪن جي غيبت کان مون ڏي ٿي وريا،

منهنجن پنهنجن خلاف ڪِن ڪَن ٿي ڀريا،

شڪرانا مالڪ جا، آئي پيري،

ٻوڙاڻ سبب منهجا ڪجهه پاپ ٽريا.

(7)

ڪوئي نه ڪري کوٽ سزا کان بچندو،

ڪرمن جو ڦل اڳ پوءِ هرڪو چکندو،

اڄ تائين ڏٺو ناهه ڏکيو مون ڪو ڏينهن،

ڪرتار ڪندو انت سهيلو رهندو.

عبدالقيوم ”صائب“

 

 

رباعيون

تخليق حسين اڃا ڪري سگهجي ٿي،

دنيا سڄي سونهن سان ڀري سگهجي ٿي،

پر سونهن اها جڏهن ٿئي پيئي دشمن،

پنهنجي ئي هٿن ساڻ ڄري سگهجي ٿي.

 

آتشڪدهء فڪر جلائڻ گهرجي،

هڪ جوت نئين نت جاڳائڻ گهرجي،

جنهن ۾ روح عصر جون چڻنگون ئي هجن-

سا باهه سڄي ڳوٺ کي لائڻ گهرجي.

 

هت، جذبـﮧ بيتاب کان ڪم وٺڻو آهه،

ان بعد ئي يارو ڪو دم وٺڻو آهه،

جنهن ۾ ته ڏسڻ سان ٿئي سازش پڌري-

سو سنڌ لئي جامِ جسم وٺڻو آهه.

 

دل جو آئينو اهڙو صاف کپي،

جنهن وٽ هرڪو اچي چوي انصاف کپي،

انصاف جي تارازيءَ ۾ فرق ڏسي-

ڀؤنڪي به سگهي جيڪو سو ڪاف کپي.

 

هي ڳوٺ انهيءَ باهه ۾ ايندي ايندي،

رک آهه ٿيو راهه ۾ ايندي ايندي،

هيءَ ڇار کڻي ڦولهي ڏسجي ته سهي-

چمڪي نه اٿي چاهه ۾ ايندي ايندي.

مظفر حسين ”جوش“

 

·

 

...... جي شاعري کان متاثر ٿي

تون ڪر همدوشِ ثريا رشڪِ اوجِ ڪهڪشان،

تون ڪر توکان روسن آهي شاعري جو آسمان.

تو ڪيو باغِ ادب کي رنگ و بو سان همڪنار،

تو خزان ديده گلستان کي ڏنو دورِ بهار.

تنهنجو هر هڪ لفظ غنچو، سطر آهي شاخِ گل،

نڪهتِ معني سان ٿيا دل مست مثلِ ڪيفِ مُل.

تنهنجي شعرن ۾ ٽڙيا نازڪ خيالي جا سمن،

آيتِ انجيل جو ٿيو هر غزل ۾ بانڪپن.

تنهنجو هڪ هڪ لفظ مهڪي ٿو سندءِ انفاس سان،

۽ ٿئي اشعار تي ٿو تنهنجي زلفن جو گمان.

جذبهء الفت ڪٿي آهي ڪٿي احساسِ غم ،

تون زبان جي بتڪدي ۾ ڄڻ تراشين ٿي صنم.

اصطلاحون، شوڪتِ الفاظ ۽ حسن سخن،

تو ڪيو پيدا آهي گويا چمن اندر چمن.

ڇا چوان، ڪيئن ٿو هلي قرطاس تي تنهنجو قلم،

ميڪدي ۾ ڪو شرابي جيئن رکي بهڪِي قدم.

هر تخّيل تنهنجو رنگين، تنهنجو دلڪش هر ڪلام،

يا آهي صبح بنارس يا اَوڌ جي آهي شام.

هر عبارت ساده و رنگين و آسان بي بدل،

بادهء گلگون سان آهي پُر سندءِ جامِ غزل.

۽ صبا جي دوش تي تنهنجو ترنم اي نديم،

جيئن هلي نازڪ گلن تي نرم رؤ موجِ نسيم.

تو رکيو آهي جڏهن ڀي بزم ۾ پنهنجو قدم،

اهلِ دل کان تو وساريو ڇا وجود ۽ ڇا عدم.

تون ادب جي انتها ۽ شاعري جو شاهڪار،

تون آهين نقشِ ازل ۽ صنعتِ پروردگار.

نيڪ صورت، نيڪ سيرت، نيڪ خصلت، نيڪ خوُ،

تون توسان وادي مهراڻ جي ٿي آبرو.

سنڌ جي باغِ ادب ۾ تون آهين مثل بهار،

۽ رهي توسان معطر شاعري جو لاله راز.

”استاد“ بخاري

 

·

 

جيڏهن ڪيڏهن جوت

جيڏهن ڪيڏهن جوت، اوندهه تي اُڀري پئي،

ڳاڙهانجي ڳڻ-ڳوت، ميرانجهي ميٽي پئي.

*

اُڀ وٽي ڍيرو، لاڳيتو ڏينهن- رات جو،

 ڌاڳو آڌيرو، اونداهو ۽ سوجهرو.

*

انڌي اوندهه کي سڏي، نوتو1 ڏنو نُور:

ڏائِڻ تنهنجو ڏيِکرو، نابودي، ناسُور،

ڏاڍو توکان ڏُور، نئون نُور نِڱي چُڪو.

*

نياپو ڏئي نُورُ، ڌونڌاڙي انڌارِ کي:

پالو نُورَ نڪور سان، روُنجهي2 تنهنجو جهوُر،

تازو، ڏاهو توُرُ، گهر گهر تنهنجي گهات ۾.

*

گهر گهر تنهنجي گهات ۾، اونداهي آهي،

اُجيارو ”استاد“ پيو، ڪارنهن تي ڪاهي،

نُورُ اهو ناهي، جوت جياري جو نه ٿو.

*

’ڪيڏي ڪوڙهي رُگهه‘، چِٽِن چيو چيٽَ وٽ،

’آڏو اوندهه گهگهه‘، آڌيءَ آکيو باکَ کي!

*

جهنگل ڳولين جوت، اندر آهڳ، اُهاءُ!

ٻُڌين ٻاهر ٻول ڇا، پِنڊي ۾ پڙلاءُ،

ٻهران اندر آءٌ، اندران ٻاهر اوت ڪر!

 

 

وائي

راتين رکوالا، تارا بيتالا.

کُوهه، وڇون، کَٽ، ٽيڙو، مُنيون، نکٽن جا نالا،

       تارا بيتالا.

ويندڙ، ايندڙ وقت ڪريو ٿا، طاق هڻي تالا

       تارا بيتالا.

ساجهُر هڻندوَ سورجَ ڪِرڻا، ڀانڊي ۾ ڀالا،

       تارا بيتالا.

ماڪ نه ٿَنِ، آگهه، مُکڙين اکڙيون! نيڻ اٿن آلا،

       تارا بيتالا.

آلاپي ”استاد“ اميدون، لوءِ لوءِ لئه، لالا!

       تارا بيتالا.


 

1  نوتو: نياپو، پيغام. 2 رُونجهي: جهانوري، گهٽ نظر واري.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com