سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

مضمون

صفحو :3

  

شاعري

 

 

 

 

عنايت بلوچ

·

التجا

 

اسان سان ڪي گهڙيون گڏجي گذاريندين ته خوش هوندين،

خُماريل مست نيڻن سان نهاريندين ته خوش هوندين.

 

خبر ناهي ته مون تي ڀي نوازش جي نظر ٿيندي،

سڏي سڪ مان پرين ڀَر ۾ ويهاريندين ته خوش هوندين.

 

ٿيو جنجل جدا جالڻ، هجر جا ڏس اچي هاڃا،

نباهي وصل جو وعدو، جياريندين ته خوش هوندين.

 

مڃان ٿو منهنجي آ ميراث تنهنجي بي رخي ڀي، پر،

پرين جي پيار مان هيڪر پڪاريندين ته خوش هوندين.

 

سِڪي ٿو ساهه، من ماندو، اٿم اميد آمد جي،

”عنايت“ جو اڱڻ سهڻا، اُجاريندين ته خوش هوندين.

 

 

نواز علي ”شوق“

گيت

 

ڀورا ڀورا ٿي وئي آس

سُک جي وستي يار وَسايئي

مون کي سورن منجهه ستايئي

منڙو هردم آهه اداس ...............

دور هلي وئي من جي آشا

دل تي ڇايا غم جا پاڇا

جيون ٿي ويو آهه نراس............

درشن لئي ٿيون ديدون ترسن

بن بادل ٿيون اکڙيون برسن

چانڊوڪي ڀي آهه اماس ............

 

 

تاج بلوچ

·

گونگيون ديواريون

سانت جي دهشت کان لرزن ٿا وجود

ماٺ ڪيڏي آهه ڏس ماحول ۾

ڄڻ ته ڪو راڪاس ويو آهي گهمي

ساهه ٿو ٻوساٽجي،

هڪڙي لحظي لاءِ ڀي

ڪو نه ٿو جهوٽو گهُلي

ڄڻ هوا جي گس- پيرن ۾ وڌا ويا پيڪڙا

بيوفا جي شهر کان ڀي

ڪو نياپو ۽ سنيهو ڪونه آهه

شهر جون گونگيون ڀتيون،

ڪهڙي ٻوليءَ ۾ الائي زور سان،

ڇا ته ڳالهائين ٿيون!

ڪوئي آهي جو ٻڌي سمجهي سگهي

گونگي ديوارن جا سڏ

سانت جي دهشت کان لرزن ٿا وجود

ماٺ ڪيڏي آهه ڏس ماحول ۾.

”انور“ هالائي

·

هو ٿو ستم ڪري ۽ سزائون روا ڪري

دل منهجني روز شب ٿي دعا تي دعا ڪري

منهنجي حصول جو به طريقو عجيب آهه

پٿر ڪيو مون آب، مگر التجا ڪري

ڳوڙها ڳڙي ڳلن تي ندامت جا نقش ٿيا

معراج ماڻيو مون خطا در خطا ڪري

ويٺس وساري هن کي مان هن جي مفاد ۾

شايد ڪه منهنجي هو سرِ محفل پڇا ڪري

هن بدنصيب جي نصيبن جا ڏس نصيب

آسان مشڪلات ٿو مشڪل ڪشا ڪري

چئني طرف هجومِ بتان اڄ الا الا

هت ڪير ٿو نمازِ محبت ادا ڪري

هردم سهان فراق جا صدما خوشي خوشي

ايڏا ٿو عشق منهنجا وڏا حوصلا ڪري

ڪهڙي هي مون تي تهمتِ تقديس وئي اچي

جرمِ وفا ۾ ڪوئي ٿو منهنجي پڇا ڪري

”انور“ ٿو ڄاڻي مون تي ڪري ڪئن نوازشون

حالانڪ ٿو ستم جا وڏا تجربا ڪري.

 

 

”محسن ڪڪڙائي

غزل

 

جيڪو جيڪو ايندو آهي،

زخم نوان ڏئي ويندو آهي.

 

ماڻهـــــو، ماڻـــــهوءَ کـــــي ايڏا،  ڏک-ڏجـها ڇو ڏينـــــدو آهـــــي.

ڪنهن کي ڪهڙي ڪل ته ڪو،     ڪـــــهڙا ڪَـــــشٽ ڪَٽيندو آهي.

انـــــسانـــــن جـو ڏُرت ڏِســـــي،   ڏک تـــــه ڏاڍو ٿـــــيـندو آهـــــي.

ٻهـــــڪِي پـــــونـدو آهه اڱـــــڻ،   ”هُو“ جو مون وٽ ايندو آهي.

ڪُوڙن يارن کان ڀي ڪڏهين،

”محسن“ مُنهن نه مَٽيندو آهي.

 

 

 

”آثم“ ناٿنشاهي

وايون

(1)

ميان! ڇَڏ مخول،

آڇ نه ٽُنڊا ٽول-

پائي روپي ٿالهه ۾.

رک نه بندياڻيءَ اڳيان،

ريبڻ لئه رمجهول،

پائي روپي ٿالهه ۾.

مون ڏي ڇو ٿو موڪلين،

وَڳا رنگ- رتول؟-

پائي روپي ٿالهه ۾.

ڍَڪي رکج ڍَڪ ۾،

ڳَهلا! ڳَهه-  ڳَٽول-

پائي روپي ٿالهه ۾.

آءُ ته وٺنديس سومرا!

آزادي______ اڏول-

پائي روپي ٿالهه ۾.

(2)

جيسين آءٌ جيان-

جوڙيان پڳون پٽ جون.

اڱڻ پوکي نازبو،

پاليان پٽ_ ڪنيان_

پڳون سچي پٽ جون،

دودل نانءِ ڪيان-

اڳتي جي اتهاس ۾،

شامل مان به ٿيان-

تندون ڳاڙهي رنگ جون،

ميڙي پوءِ ميان!-

جوڙيان پڳون پٽ جون.

 

نظم

اَڄ ڏسان ٿو، ڏاڍا ماڻهو-

ڪاوڙ مان ٿا گهُورن مون کي.

باکَ ڦُٽيءَ تي

منهنجي ڌرتيءَ جي هيءَ مِٽي

جيڪا سج کان چؤڻي چِٽي

اُن مِٽيءَ کي-

تِن جي مُنهن تي

آءٌ چُمان ٿو.

چُمندي چُمندي شال مران مان-

پنهنجا اُن ۾ پُورن مون کي.

پوءِ بُٺي تي

موتئي جو ڪو ٻُوٽو اُڀري

خوشبو جو ڪو جهوُٽو اُڏري

هن مٽيءَ کي-

واسٻي، جنهن کي

آءٌ گهمان ٿو.

 

”محبوب“ سروري

·

شامت-اعمال

اسان جي شعر ۾ جدّت اچي ته ڪيئن اچي؟

قلم جي نوڪ ۾ طاقت اچي ته ڪيئن اچي؟

سخن مان روح کي رات اچي ته ڪيئن اچي!

اسان جي شاعري بي روح، بي اثر، بي ڪار،

اسان جو ذهن آ احساس ڪمتري جو شڪار،

بدن ۾ جوش و حرارت اچي ته ڪيئن اچي!

وطن جي شان ۾ جن جا ٿي ڳيت ڳايا ويا،

زبان تن جي ڪٽي، بي زبان بنايا ويا،

انهن جي لب تي شڪايت اچي ته ڪيئن اچي!

پڙهون ٿا پيٽ جي خاطر، ڪمايون دولت کي،

ملي ٿي نوڪري، حاصل ڪيون ٿا رشوت کي،

اسان ۾ جذبه خدمت اچي ته ڪيئن اچي!

اسان جو ذهن غلام ۽ قلم وڪاڻل آ،

اسان جو فڪر مئل ۽ ضمير کاڻل آ،

صحيح رنگِ صحافت اچي ته ڪيئن اچي!

اچن نماز ۾ دل تي جهان جون ڳالهيون،

زمين مال ۽ دولت، مڪان جون ڳالهيون،

اسان کي لطفِ عبادت اچي ته ڪيئن اچي!

ملي جهادِ فلسطين ۾ اسان کي شڪست!

شڪست اسان کي ڇا؟ اسلام جي جهان کي شڪست!

اڃا ٻي ڪاري قيامت اچي ته ڪيئن اچي!

اسان جو بي تُڪو ڪردار ۽ خراب افعال،

اسان تي آئي، اي ”محبوب“! شامت-اعمال،

اسان کي پاڻ تي عبرت اچي ته ڪيئن اچي!

 

 

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

 

·

 

حوُرن جي حُسن جي نڪي غلمان جي ڳالهه ڪر،

ڪرڻي اٿئي ته عظمتِ انسان جي ڳالهه ڪر.

مون سان نه بادشاهه يا سلطان جي ڳالهه ڪر،

مسڪين ڪنهن غريبڙي انسان جي ڳالهه ڪر.

عشرت ۽ عيش واري نه سامان جي ڳالهه ڪر،

سانگين جي سور درد ۽ درمان جي ڳالهه ڪر.

ڪاڇي جي ڪير ٿر جي بيابان جي ڳالهه ڪر،

مارن مِٺن جي يار گلستان جي ڳالهه ڪر.

زاهد سان جنتن جي ۽ رضوان جي ڳالهه ڪر،

مون ساڻ منهنجي دوست جي دربان جي ڳالهه ڪر.

پوڄين ٿو مارڪس کي ميان ڊارون کي ڇو،

ٿي ديندار، دين ۽ ايمان جي ڳالهه ڪر.

”آصف“! خوشين جي ڳالهه چڱي، پر چڱو اٿئي،

پنهنجي وطن ۽ قوم جي ارمان جي ڳالهه ڪر.

 

 

”نديم“ انصاري

 

غزل

 

ياد تنهنجي ثواب جي صورت،

هجر يوم الحساب جي صورت.

عڪس تنهنجي ڳلن جو درپن ۾،

جام اندر شراب جي صورت.

حسن، خوبي، شباب ورعنائي،

آهي هر شئي حباب جي صورت.

ذڪر هن ۾ فقط اوهان جو آهه،

دل، پڙهي ڏس ڪتاب جي صورت.

داغ دل جو، اُهاءُ اندر۾،

رات ۾ ماهتاب جي صورت.

زندگي ساري آهه ڊوڙايو،

تنهنجي حسرت سراب جي صورت.

تنهنجي لئي ئي مليو هو ”آر نِي“ کي،

”لَن تراني“ جواب جي صورت.

تنهنجي دامن ۾ جو لڪو سائين!

دور اُن کان عذاب جي صورت.

شعر آهن ”نديم“ جا گويا،

گلرخن جي شباب جي صورت.

 

الياس عشقي

بيت

(1)

قهر ڪربلا ۾ ٿيو، آيو جڏهن امام

وحدت واري واٽ تي، حق جي هڻي هام

روضو ڇڏي رسول جو، سڄي جڳ جي ڄام

ڪوڙين ڪن سلام، جِن ملائڪ ان کي

(2)

قهر ڪربلا ۾ ٿيو، آيو جڏهن حسين

چوڌاري ميدان ۾ ٿيو شور ۽ شين

وڙهيو بُک ۽ اُڃ ۾ نبيءَ جو نور عين

روئي روئي رين، راز ڪيائون رب سين

(3)

قهر ڪربلا ۾ ٿيو، پهتا جڏهن شبير

ننڍي اصغر کي کڻي، ڪوفين ماريو تير

سڪيا منجهه سرير، ته به کلي نهاريو اُڀ ڏي

(4)

قهر ڪربلا ۾ ٿيو، آيو مير مدين

اهل بيت اصحاب سين، موٽيو وري ڪين

ويري ٿيو آڪاس ۽ بيگاني زمين

عشقي صبر سندين، ڏسڻ وٽان هو ڏک ۾

(5)

ڏسڻ وٽان هو ڏک ۾، ننڍو وڏو شير

ٻانها سيد رسول جا، سڀئي مرد مٿير

اهڙي هيبت هاڪ جي، پنهنجو ويري ڪير

پٺتي پوي نه پير، ڪهندا وڃن ڪافرين

(6)

ڏسڻ هو ڏک ۾، شهزادن جو شان

لب تي ڪلمو پاڪ هو، منجهه دلين ايمان

وک وک تي احسان، ڪندو لا اسلام تي

(7)

ڏسڻ وٽان هو ڏک ۾، اهل بيت جو ان

اونهاري جي اُس هئي، اُڃايل جان

رب جا هئا مهمان، صبر ڪيائون حال ۾

(8)

ڏسڻ وٽان هو ڏک ۾، هر هڪ جُنگ جوآن

شرم نه شامين کي هُئي، شر ۾ هئا شيطان

ڪــــــوفي لايوفـــــي ســـــــڀئي ڪـــــمان

حيرت ٿي حملو ڏسي، ڇڏي ويا ميدان

بجا نه هو اوسان، ويري سڀ ويران ٿيا

(9)

ڏسڻ وٽان هو ڏک ۾، اڀريو محرم ماه

من ۾ پسي ملول ٿيو، شهزادن کي شاه

مٽ ۽ مائٽ پانهجا، ساٿياري همراه

سڀ جو حال تباه، ڪُهي ڪرندا پت تي

(10)

ڪُهي ڪرندا پٽ تي، وڙهندي ننڍا ٻار

عَون محمد آئيا ٻڌي تيغ ترار

ٻئي ٻار ۽ لشڪري، چوڏس ۽ چوڌار

ڪهڙو قهر ڪفار، ڪيو آل رسول سين

(11)

ڪُهي ڪرندا پٽ تي، مير مڻيا مهندار

وڙهندي ويرين وچ ۾، عالم جا آڌار

ساڻ نه سائين جي سڄڻ، يار نه ڪو دلدار

بيڪس تي هنجون رڳو هاريندو رهوار

هادي هيو هيڪڙو ويري هئا هزار

سر ٿيو تن کان ڌار، قهر ڪربلا ۾ ٿيو.

 

محمد علي جوهر

·

شعر منهنجو وقت جو آواز آهي دوستو،

فڪر و فن، تقدير جو همراز آهي دوستو.

چَپ چُرن ٿا هِت، فلڪ آواز ٿو هُتڙي ڪڍي،

ربطِ باهم جو اهو انداز آهي دوستو.

ٿي جهان بيني سندم روشن ضميري جو ثبوت،

مون کي جَم کان وڌ مليو اعزاز آهي دوستو.

هي قلم ويهي لکي لوح و قلم جون ڳالهيون،

هي خدائي ڏات ۽ اعجاز آهي دوستو.

علم آفاقي ٿيو، طبعِ رسا جو آ ڪمال،

هن فراست فهم تي ٿيو ناز آهي دوستو.

هر نفس منهنجو بڻيو خاموش آهي احتجاج،

زندگي جو ساز بي آواز آهي دوستو.

منهنجي چهري مان عيان، آزرده دل جو هر بيان

چپ سبي، ظاهر ڪيو مان راز آهي دوستو.

ٿو وڄايان بينسري بيدرد دنيا جي اڳيان،

جو ٿيو درد آفرين هي ساز آهي دوستو.

فيصلو تاريخ ۾ صادر ڪيو آهي حُسين،

سر ڏيڻ وارو سدا ممتاز آهي دوستو.

آتشِ نمرود توڙي نيل جو دريا هجي،

ڌو اندر ئي عاشقي انداز آهي دوستو.

ظلم جو خنجر وري ڪو آزمائي اڄ ڏسي،

زيرِ خنجر گردنِ جانباز آهي دوستو.

جاري رهندو جوهرِ دانائي حڪمت جو جهاد،

جو اڃا طبعِ جهان ناساز آهي دوستو.

 

رحيم بخش ”قمر“

وائي

دل ساري ٿي ڇپر ۽ چونرڙا.

سانگين لئي سڪندي رهي،

جهانگين لئي جهڄندي رهي،

ڏوٿين لئي ڏُکندي رهي.

کير پيان شل کيت سين مان،

جهَڻ، مکڻ، پِسُ ڌونرڙا،

او دل ساري ٿي ڇپر ۽ چونرڙا.

کٻڙ کٿوريا واسيا،

ڪِرڙن جهليا ڏونرڙا،

او دل ساري ٿي ڇپر ۽ چونرڙا.

اَڪن ڦُلڙيون ڦُٽيون،

بين وڄائن ڀؤنرڙا،

او دل ساري ٿي ڇپر ۽ چونرڙا.

ماروئڙا سي ملير ۾،

”قمر“! دل جا ڪؤنرڙا،

او دل ساري ٿي ڇپر ۽ چونرڙا.

سانگين لئي سڪندي رهي،

ڏوٿين لئي ڏُکندي رهي،

جهانگين لئي جهڄندي رهي.

 

احمد خان ”مدهوش“

غزل

خيالِ يار ۾ گُم ٿي، ڪرڻ هستي فنا گهرجي،

جهان اندر مرڻ کان اڳ مري، ماڻڻ بقا گهرجي.

نظر ديد آشنا گهرجي ۽ دل درد آشنا گهرجي،

محبت جو ڀرم رهجي اچي، اهڙي ادا گهرجي.

وڃي هر هر ملڻ گهرجي، ٿيڻ هر هر جدا گهرجي،

وڃڻ ڀي بارها گهرجي، ملڻ ڀي بارها گهرجي.

حقيقت ۾ نگاهن سان نگاهن کي ڪجي قائل،

زبان پنهنجي مٿان آڻڻ نه حرفِ مدّعا گهرجي.

اگر چاهين محبت ۾، ”رهي، تون تون نڪي مان مان“

هلائڻ دم سان دم گهرجي، ملائڻ ها ۾ ها گهرجي.

نشانو عام جي آڏو بنائي منهنجي سيني کي،

نوازش يار جي گهرجي ته اهڙي بي بها گهرجي.

اکين تي هٿ رکي الفت جا سارا سور سهنداسين،

ڏکن تي جو هريل آهيون، ٿيڻ ڪهڙو خفا گهرجي.

بَجُز تنهنجي نه ڪائي چيز دنيا جي سڄڻ گهرجي،

اگر گهرجي ته مون کي چاهُتن جي انتها گهرجي.

رکي مدهوش من پنهنجو خدا جي ياد کان غافل،

بتن جي عشق ۾ دل کي ڪرڻ ڇو مُبتلا گهرجي.

*

 

·

ٻول ٻاراڻو ڪري، ڪنهن سان نه ٻاراڻي ڪجي،

جيڪڏهن ڪنهن سان ڪجي ڪا ڳالهه، مرداڻي ڪجي.

قول کان اڳ سوچجي، ۽ واعدو سمجهي ڪجي،

آڱرين سان ليڪ پائي، ڌار ڇو پاڻي ڪجي!

چاڙهي ٻيڙي تي نه ڪڍجن ڪنهن جا تختا اي سڄڻ،

وقت تي واهر ڪجي ۽ ساهَه سِر ساڻي ڪجي.

پيار جا جي پير کڻجن، ڪين غفلت ڪا ڪجي،

راهِه الفت ۾ ڪڏهن هرگز نه اڻڄاڻي ڪجي.

مڙس ٿي سهجي مصيبت، مڙس ٿي مهلون ڪجن،

درد دُکندائي رهن، پر دل نه ويڳاڻي ڪجي.

انت پنهنجي حال جو ڪنهن کي ڏيڻ آهي غلط،

سُور سامهون ٿي پَون، تن جي به سرواڻي ڪجي.

دل جي چوري ٿي وڃڻ جي واءِ ويلا ڇو ڪجي،

چورُ جي سُجهندو هجي ته به سُرت ساڌاڻي ڪجي.

لائجي ڪنهن سان ته اُن سان زندگي ڀر ڏورجي،

توڙ اي مدهوش پنهنجي نيٺ آکاڻي ڪجي.

 

بلاول پرديسي

·

پڇو ٿا درد و غم جا دردمندن کان بيان ڪهڙا

ستم جا، سوز جا، دک جا ٻڌايون داستان ڪهڙا

 

جگر جا، دل جا، سيني جا يا گهايل روح پياسيءَ جا

اوهان کي دوستو ڏيکارجن زخمِ نهان ڪهڙا

 

زمانن جا ٿي ميٽيا درد، جِن هڪڙي تبسّم سان

ويا وڇڙي اسان کي روح پرور رازدان ڪهڙا

 

اسين آهيون اسيرِ عشق ۽ الفت جا شيدائي

ڪريو ٿا عاشقن تي اڄ اوهين وهم و گمان ڪهڙا

 

جي خود گمراهه، جن جي زندگيءَ ۾ روشني ناهي

اهي وٺندا اسان کان منزلن جا امتحان ڪهڙا

 

ڪٿي گذري ٿي شامِ زندگي ۽ ڪيئن گذاريون ٿا

ٻڌايون دل جي برباديءَ جا يارو! داستان ڪهڙا

 

اسين آهيون دلِ بيتاب ۽ ناشاد ”پرديسي“

اسان جا آستان ڪهڙا، اسان جا آشيان ڪهڙا

 

 

 

 

 

نثار بزمي

·

 

ٻيا ڀلي مون کي ڇڏن، پر تون نه ڇڏ

درد جي مارئي کي دلبر تون نه ڇڏ

مان جڏهن تنهنجي ڪري سڀڪي ڇڏيو

مون کي ڀي صورت جا سرور تون نه ڇڏ

منهنجي ڇو ٿو ڪاڪ تون ڪاري ڪرين

رڻ ۾ رولي منهنجا رهبر تون نه ڇڏ

ڇو لڪين مون کان تون محبوبڙا

پنهنجي بيٺڪ جا ڏئي دَرَ تون نه ڇڏ

منهنجي هڪڙي سر کي رک سائين سُکي

مون ڏُکايل کي ڏهيسر تون نه ڇڏ

”ها“ ڪرڻ توکي اچي ئي ڪا نه ٿي

ڪنهن سيکاريو ٿي ته نَنهَڪر تون نه ڇڏ

جي ڇڏيو قسمت ته پو ڇا ٿي پيو

واسطي الله جي يَرَ! تون نه ڇڏ

ڇو گهٽائين ٿو تون ”بزمي“ جي بها

ايتري اگهه کي ڏئي ڍَرَ تون نه ڇڏ

 

 

 

 

 

مرزا عباس علي بيگ

·

ڪريان ڪهڙو شڪوه مان جادو نظر جو

ستمگر جو ظالم جو بيدادگر جو

ٿِي دل زخمي جنهن دم ڪيو هُن اِشارو

ڀِروُن جو ۽ مزگان جو ترڇِي نظر جو

نه ڪر تون تڪبر نه ڪو ڀروسو ٿيو

گهڙي جو نه پل جو نه دم ۽ پهر جو

زماني ۾ هرهڪ کي هردم ڏسان پيو

خريدار زن جو زمين جو ۽ زر جو

ڏئي دل پرايم هي جنجال سر تي

جدائي جو حسرت جو دردِ جگر جو

وَئي ويل گذري، پتو ڪو نه پئي ٿو

ڪبوتر جو ڪانگل سندو نامه بر جو

سندم دل ۾ صبح و مسا ڌيان آهي

محبت جو دلدار جو سيمبر جو

ٿيو جڳ ۾ شُهر و سندم دلربا جي

ادا جو نزاڪت جو اک جو ڪمر جو

رُخِ دلربا کان ويو زرد ٿي رنگ

ستارن جو خورشيد جو ۽ قمر جو

گهڻو قدر دندان و لب کان ويو گهٽجي

جواهر جو لعل يمن جو گهُر جو

سيه زلف کان ڪم ٿيو رتبو جڳ ۾

شبِ تار جو مشڪ جو ۽ ڪڪر جو

ڏنم لب تي بوسو مزو مون کي آيو

بجا شهد جو قند جو ۽ شَڪر جو

جي عاشق تون آهين ته ڪر ڪونه سانگو

نه تن جو نه من جو نه سر جو نه زر جو

زماني ۾ ”عباس“ رک خيال هردم

چڱي جو مَٺي جو ۽ نيڪي جو شر جو

 

وفا ناٿن شاهي

 

·

 

ڪنهن ڏاهي جي ڏس ۾ ناهي

تنهنجو ڳولڻ وس ۾ ناهي

جنـــت- دوزخ جــــا رکـوالا،      ماڻهو پنهنجي وس ۾ ناهـــي

هــــر رســتو ويران پــــيو آ،       شايد ڪنهن ڀي گس ۾ ناهـي

ڇورا ڪانگڙ ڪانا ٿي ويا،     رانــــد اڃــــا ڀي رس ۾ نــــاهي

مطلب جو عــــيار طــــريقو،      ڪجهه ڀي شابس جس ۾ ناهي

جيون ڀي ڪنهن رس ۾ ناهي

موت به پنهنجي وس ۾ ناهي

 

 

خاڪي جويو

 ·

جيڪو   به  دنيا  ۾  آيو آ

تنهن پنهنجو پاڻ ملهايو آ

هو   جيءَ  جي  جنگ  لڙي،         موجود، وجود  مڃايو  آ

زنجير،  ضمير  نه  پائيندو،           هر   ارڏي   اڍّ الايـو   آ

هر اوچو  ڳاٽ  ارادي  سان،            هر ٽڪر سان ٽڪرايو آ

هر باغي پنهنجي  پيرن  ۾،          ڪئين پيکڙ پائي آيو آ

ڪيڏي نه وڏي ويڙهاند ڪري،                هر گهوٽ هتان جو گهايو آ

 

تاج جويو

نظم

هي جو سونو سنگُ ڏسين ٿو،

۽ جو اُن جو رنگُ ڏسين ٿو:

اُن ۾ رت-پگهر جو پورهيو،

هاريءَ جو ۽ هر جو پورهيو.

سنگ ۾ هن جا گيت به آهن،

سُڏڪا، سُر، سنگيت به آهن.

اُن ۾ هُن جي ”ڪالهه“ به آهي،

مستقبل جي ڳالهه به آهي.

سوني سنگ ۾ اَن جا داڻا،

داڻا، اڄ سڀاڻِ وڪاڻا.

پر، جنهن سنگُ پچايو آهي،

۽ هي رنگُ رچايو آهي.

اُن جو به ته ڪو قصو هوندو،

داڻن ۾ ڪو حصو هوندو!؟

 

 

 

ادل سومرو

ٽيڙو

            ·                                      ·

ڳــــــاڙهــــــي ڳــــــل تي تِرُ،               قــــــبر قــــــبر تي ڏيئڙو،

ريٽــــــي پڙ ۾ آهه پيو ڄڻ،             نجهري جــي اونداهه ۾،

ڪــــــنهن سوڍي جو ســــِرُ-              جرڪي منهنجو جيئڙو-

           ·                                       ·

شــــــــــــاعــــــريءَ جــــــو وَڻُ،                رت ٻُــــــڏل شــــــخــــــص،

پــــــن ســــــمــورا لفظن جا،               تاريخ جي اســـڪرين تي،

هــــــيٺا شــــــاعـــرن جو ڌڻُ-               اُجــــــــــــرا عـــــڪــــــس–

·

ڳــــــلَ ڳــــــوڙهــــــن هــــــاڻا،

ڳــــــوڙهــــــا ڄــــــڻ ماکــــــي،

ڳــــــل مــــــکڻ جــــــا چــــــاڻا.

 

”سوز“ هالائي

غزل

وري سُرَ ڇيڙ او راڳي!

ته ڪي جذبا پون جاڳي.

اڃا   مٽيا    مزاج    آهن،    مگر سنگيت   آ   ساڳي.

پري  گرنار  ڪانهي  ڪا،    اٿئي جهونا ڳڙهه جهاڳي.

ڪلا کي ڪا  جلا   ڏيئي،    ورائج     ويل    ويهاڳي.

ڏياچن جي ڪمي ڪانهي،    رڳو ڪا چور چؤ   راڳي.

وري   آلاپ   ”آسا“   کي،    ته ڪا سورٺ پوي جاڳي.

ٿڌا پاري جيان ماڻهو،

تپي ٿيندا اُلا آڳي.

 

مير محمد پيرزادو

گيت

سال لنگهي ويا، جوڀن جاڙ،

آهه سَٺي ان آس مٿان-

چنڊ ستارن ساڻ ڪڏهن تون مون وٽ ايندين ساٺن سان!

*

گوڙ گهَٽاريءَ بوند نه سرجي،

مِک هڏن ري پيا نه پرچي،

بلڪل تن جيان-

ساجن آهيان-

آءُ اوهان جي پيار اندر، سپون رهن جيئن ساگر ۾

سپنو سرجي ڪو سَر ۾!

*

ٻاٻيهو جيئن ٿر لئه ٻولي،

منهنجي پريت اوهان کي ڳولي،

هاءِ سمـــو هيءُ-

ڄڻ ته سڏئي ٿو-

پن جو کڙڪو، واءُ سڻائو، مانَ اچين مون اڱڻ مٿان،

واري واري گهور وڃان!

*

ڪُڪَڙَ مَنَهن تي واهيرا ڪن،

سانجهه، پرينءَ جا پَهَه گهيرا ڪن،

موسم هن ڀي-

آندئي ڪـــونه-

سيج سُڃيءَ تي چانڊوڪيءَ سان رُت بسنتي باهه ڏئي،

ڪير ٻڌائي ساجن کي!

 

نصير مرزا

وائي

ڪيڏي ڙي گؤڌَول

نيڻ – ستارا کول!

چَمپا رنگ چانڊوڪيءَ جهڙا

ٻولَ ٻَٽي ڪي ٻَول

نيڻ- ستارا کول!

وِهَه وٽَي جهڙا هي ڏينهڙا

اَمرت تن ۾ گهَول

نيڻ- ستارا کول!

جاڳ ته ماڻين پِرهه ڦٽي

تون به ستارن ڪول

نيڻ- ستارا کول!

 

 

 

 

ولي محمد ”وفا“

·

درد دل کي اڃا به ڏيندو وڃ

يار ٻيهر هتان به ٿيندو وڃ

رات باقي  وڃي  رهي  آهي  وڃ، وڃي ۽ وري به ايندو وڃ

هجر تنهنجو حبيب ماري ٿو  پاڻ سان نال هاڻي  نيندو  وڃ

موت تن   لاءِ   مشاهدو   آهي       سوءِ سوري سڄڻ سڏيندو  وڃ

ڪنڌ ڪلهي تي ٿي بار پيو آهي     آءٌ اي قاتل ڪڏهن ڪپيندو   وڃ

راس آيا ”وفا“ نه رنگ دنيا جا ڏاج ڏکڙن  جا  يار  ڏيندو  وڃ

 

اياز گل

·

خوشيءَ ۾ ڪو مزو  ناهي     اُداســـــيءَ جـــــو قســـــم  آهــي

ايئن مون کي هُو چاهي ٿو     جيئـــــن ڪو بارُ ٿـــــو  لاهــــي

نديءَ ۾  ناوَ   ڪاغذ   جي   حيـــــاتـــــي ٻـــــيو ڀـــــلا ڇاهي؟

اسان جي خواب اکڙين مان    ويا هِـــــن پيـــــر ئـــــي  ڊاهـــــي

گهڙي ڀي   زندگي   چئبي   ڪوئي ڪنهن کي اگر چاهي

زماني  کي   ڇ  ا ٺاهيندو؟   جو پنهنجو گهر نٿو  ٺاهـــــي

 

 

·

 

ٿورو ڀي جي ٿئي وڇوڙو، مَنَ ۾ باهه ٻري

وسڪاري کان پوءِ ڄڻ ماڻهو، ٿَرَ کان رهي پري

رات اوهان جي ياد، اسان جي ذهن ۾ ايئن آئي

ڪُونڀٽَ کي جيئن بيٺو ٿوُهر، ڀاڪُر منجهه ڀري

ٻيو ته ٺهيو، ڏِسُ اَڪَ به جهڙا، گُلَ ڦُٽا آهن

اهڙيءَ رُت ۾ سَري جي تو بن، آخري ڪيئن سَري؟

اکڙين ۾ اوسيئڙو جنهن جو، سا ته نه آئي پَر

پيرُ پيرَ ۾ پائي آئي، ڪَوتِا راتِ ٺَري

ڀيڄ ڀنيءَ جو، ’شاهه‘ جي وائي، ’موُهن‘ جو آواز

ايئن لڳو پئي، ڳايو ويٺي ٿَرَ جي ذَري ذَري

ستَ رنگ چوليون، چِلڪيل چهرا، ڳاڙهسَري واري

سنڌڙي! تنهنجو چاهُه پئي ٿي، اکڙين منجهه ڀري

 

مختيار ملڪ

غزل

هيءَ جا ٿي وئي دوري آهي

ان ۾ ڪا مجبوري آهي

لڙڪ   لڪائي    ڇڏڻا   آهن مرڪڻ اڄ مجبوري  آهي

کلندي کلندي ڌار ٿي مون کان       روئڻو  رات  سموري  آهي

پيار فلسفو  بڻجي   ويــــو آ   محبوبا ڄڻ ’ٿيوري‘  آهي

عيش ته هُن جو، ليڪن منهنجي     محنت  ۽  مزدوري    آهي

اڄ  اڻ  هوند  اگهامي  ويئي  وڪرو ٿي مجبوري آهي

سوچڻ  تي  آ   سرحد   بندي        آزادي   اڻ   پوري   آهي

ڄام جي ڄار ۾ اچڻي   ناهي اڄ جي ناز نه نُوري  آهي

قسمت جي اڄ قبر ۾،  پنهنجي     هرهڪ آس مون پوري آهي

جيون جي هن راهه ۾، توسان  منهنجو  هجڻ ضروري آهي

 

واجد

گيت

اک جو ڦڙڪڻ،

دل جو ڌڙڪڻ- ڪوئي ته راز رکي ٿي،

ڪوئي ته راز رکي ٿو.

پيار جو پلجڻ،

سور جو سرجڻ- ڪوئي ته راز رکي ٿو

ڪوئي ته راز رکي ٿو.

تات ۾ تڙپڻ،

ذات کي ارپڻ- ڪوئي ته راز رکي ٿو.

ڪوئي ته راز رکي ٿو.

اک جو ڇُلڪَڻ،

پوءِ به مرڪڻ- ڪوئي ته راز رکي ٿو، 

ڪوئي ته راز رکي ٿو.

 

وسيم

·

جهاڳي هُو جر سارو،

آيو تو وٽ آهيان!

سڏجان ٿو ساڻيهه ۾،

واين جو وڻجارو-       آيو تو وٽ آهيان!

ڀٽڪي ڪاريءَ ڀوُنءِ تي،

ٿي چانڊوڪيءَ چارو- آيو تو وٽ آهيان!

سِر جي سين هڻي پيو،

ڪوئي هيل ڪٽارو-   آيو تو وٽ آهيان!

ريکائن جي روپ ۾!

بڻجي سوچ ستارو-    آيو تو وٽ آهيان!

مون کي منهنجيءَ ڏات کي،

پنهنجو ڀانءِ ڀنارو-    آيو تو وٽ آهيان!

 

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

·

اي دل!

اي دل! ڌڻيءَ جي واسطي،

ايڏ نه مون کي خوار ڪر،

ايڏو نه تون آزار ڪر.

پيار پياري! وکر ناهي،

جو وٺي توکي ڏيان!

توکي مٺي! مان خوش ڪيان.

مون ته در در تنهنجي خاطر،

سئن سڪ جي پڻ هنئي،

پر ٻڌو سڀ اڻ ٻڌو ٿو ٿي وڃي.

ڪين ٿو ڪو هيءَ صدا منهنجي مڃي.

تنهنجي خاطر، اي چري دل!

پيار جا پنجوڙ ٺاهي،

دل- گهرين جا دڳ جهليم،

سور پنهنجا-

سسڪي سسڪي پڻ سليم،

واٽ ويٺي ڪونه واٽهڙو وريو،

ڪين حسرت جو ڏيئو ڪٿ ڀي ٻريو،

هاڻ دل! پنهنجي هنئين تي هٿ رکي،

تون چئه ڀلا مان ڇا ڪيان؟

ڪنهن جي پيرن تي پوان-

۽ ڪنهن کي دانهون مان ڏيان؟

تون چئه ڀلا مان ڇا ڪيان؟

اي دل! ڌڻيءَ جي واسطي،

ايڏو نه تون آزار ڪر،

مون کي نه تون لاچار ڪر،

اي دل! ڌڻيءَ جي واسطي!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com