سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

مضمون

صفحو :3

  

شاعري

 

  

انيس انصاري

·

نئون آدم

اچون ته گڏجي ويهون يارو،

ماضيءَ جو ڪو مچ مچايون.

هرڪو پنهنجون پياريون يادون،

قبرن مان کوٽي آڻي.

حال جي پاڻيءَ سان ڳوهي تن کي،

اميدن جو بوتو ٺاهيون.

اچو ته گڏجي ويهون يارو،

رک ٿيل هن مچ کي کوٽيون.

اميدن جو ٽانڊو هن مان،

گهور انڌيرو دور ڪري.

اچو ته گڏجي ويهون يارو،

ماضيءَ جي رک، حال جي پاڻيءَ مان.

جو هي آ بوتو ٺاهيو،

تنهن ۾ گرمي ٽانڊي جي سان،

روح کي ڦوڪيون.

اچو ته گڏجي ويهون يارو،

ايندڙ جو هي ماڻهو ٺاهي،

اميدن جي وادي ۾ ئي،

ان جي لاءِ هڪ گهر بنايون.

آئينده جو هي آدم بنجي،

جنگ جدل کي دور ڪري،

سڪ ۽ سک کي ويجهو آڻي.

اچو ته گڏجي ويهون يارو،

ماڻهو اهڙو نئون بنايون.

 

هدايت بلوچ

·

رات ايڏي اُماس ڇو آهي،

شام ايڏي نراس ڇو آهي.

ڪــــــنهن جي چهري ۾ ڪا چهر ناهي،       هرڪو ماڻهو اُداس ڇو آهي.

ڪنهن طرح سان به اُڃ اجهي ئي نٿي،       تنَ اندر ايڏي تاس ڇو آهي.

سونهن، سوڀيا ۽ سچ ويا ڪــــــيڏانهن،        زندگي ايڏي ناس ڇو آهي.

وايــــــو مــــــنڊل تبــــــاهه ٿــــــــي ويــــــو آ،  پوءِ به هڪ هلڪي آس ڇو آهي.

 

مخدوم جميل الزمان جميل

 

·

 

دلبري، اي دلربا! توکان نه ٿي،

ظلم جي ڪا انتها، توکان نه ٿي.

چشم نم ڌوئي ڇڏي تاريڪ رات،

روشني ماه لقا! توکان نه ٿي.

گردشون آخر ويون مون سان ٺهي،

دوستي زلفِ دوتا، توکان نه ٿي.

منهنجي حالِ زار تي هڪڙي نظر،

سنگدل، صد مرحبا، توکان نه ٿي.

هي طبيبِ عشق ڪنهن آهي چيو؟

”درد وارن جي دوا، توکان نه ٿي“.

هر گهڙي مارڻ اچين ٿي چشم يار،

صلح واري ڳالهه ڪا، توکان نه ٿي.

بخشي ها، ڀاڪر وجهي ها دلربا،

ڇو ”جميل“، اهڙي خطا، توکان نه ٿي.

 

 

 

 

ذوالفقار سيال

·

ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو

جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو

وار کليا، گهنگهور گهٽا، ڄڻ چوڌاري ڪا وکري وئي

ريشم جهڙا، سرها سرها، ڪارن وارن وارا ماڻهو

چپ جي بيهن، ڌرتيءَ جي سيني مان طوفان اُٿي ڪو

مرڪن جي پوءِ مکڙيون مهڪن، جاني جيءَ جيارا ماڻهو

سامهون ويهن، نيڻن ۾ پوءِ پيار اسان جو ڇلڪي ٿو

شام جيان معصوم نماڻا، صبح جيان ٻاجهارا ماڻهو

پيار ۽ سونهن جو نالو تيسين هن دنيا ۾ قائم رهندو

جيسين هوندا ”ذلف“ اسان جي سهڻي ساجن پارا ماڻهو

 

بشير احمد ”شاد“

·

جدائي جا سهبا زخمِ ڪيستائين

اهي يار رهندا ڪرمَ ڪيستائين

خدا ڏوهه انسان جا بخشي  ڇڏيندو   قطاريندين انسان  جرمَ  ڪيستائين

زماني جون نظرون بلاخيز  آهن        محبت جا رهندا ڀرمَ   ڪيستائين

جوانيءَ تي نازان نه ٿيءٌ حسن وارا     اهي زلف ۾ رهندا خمَ  ڪيستائين

اجهو سج سکن جو هو اڀريو ڪا اڀريو سدا   رهندا   رنج   والم  ڪيستائين

سردار منصور   چڙهندا ئي   رهندا    ڀلا تون ڪندين سرِ قلم ڪيستائين

نه دارا سڪندر رهيو ڪو  دنيا   ۾   اهي رهندا جاه و  حشم  ڪيستائين

ڇڏي مال دولت  کي نيڪي ڪمايو  خبر  ناهي  آدمَ  جا  دَمَ  ڪيستائين

اجهو ”شاد“ چاهت سندو چنگ  چوريو مٺا   مور    ٿيندا   ستم    ڪيستائين

 

ميرل فقير جويو

ڪافي

ڪڏهن ڪيئن چون، ڪڏهن ڪيئن چون،

سهڻا يار سڄڻ! تنهنجون سهڻيون اکيون.

آهن عجب اشارا اکين جا، تن ڪُنڍڙين ڪارين ڪجلين جا،

ڪڏهن سڪ مان سڏن، ڪڏهن ڏورئون ڏنگن.

جتي چاهه منجهان ٿو چشم ڦيرين، اتي ساهه سمورو ٿو سيرين،

هُت نيڻ کڄن، هِت باهيون ٻَرن.

جيئن ڪارين جا پيا ڪانَ ڇُٽن، تيئن سورهيه سامهون سرڙو ڏين.

ڪونڌر پيا ڪُسن، مورئون نه مُڙن.

شهباز شڪاري ڌاريو ٿا، لک ”ميرل“ پارا ماريو ٿا،

پير ڪين ڪُڇن، پيا شهيد ٿين.

 

بشير سيتائي

غزل

دل کان اي دوست، هر خوشي وڇڙي،

تون جو وڇڙئين ته زندگي وڇڙي.

تون وئين ۽ بهار ٿي رخصت،

من جي مکڙي کان تازگي وڇڙي.

هٿ مِلائي هليو وئين جڏهن،

مَنَ ڪَنان آسَ آخري وڇڙي.

ڪيئن ڪٽيندس، سفر انڌيرن ۾،

اوچتي مون کان روشني وڇڙي.

ڄڻ ته سازن مان سوز نڪري ويو،

ڄڻ ته راڳي کان راڳڻي وڇڙي.

تو پڄاڻان ”بشير“ رنگ رُٺو،

ٻول وڇڙيا، ۽ شاعري وڇڙي.

 

 

عاجز اُڄڻ

وائي

روهن منجهه رِيهاٽ،

ڪنديس پنهنجي ڪيچ ڌڻين لئه.

باهه بلوچا ٻاري من ۾، گهيڙ لنگهي ويا گهاٽَ.

ڇائِي ڇتن ۾ پائي جيڏيون، وندر وٺنديس واٽَ.

رات ڇٺيءَ جي ڏونگر ڪارا، لکيا منجهه لِلاٽَ.

سورَ وَنديءَ کي سوُرَ ڏئي ويا، هوت ڪري هٿ ناٽَ.

لنونديون منهنجي لاش تي عاجز، ڳجهڙيون کڻنديون ڳاٽَ.

ڪنديس پنهنجي ڪيچ ڌڻين لئه،

روهن منجهه رِيهاٽَ.

 

اسحاق راهي

قطعا

موت اچڻ ۾ دير ڪئي آ،

يار ملڻ ۾ دير ڪئي آ،

ڏسجي، ڪير اچي ٿو اڳ ۾،

مون به مرڻ ۾ دير ڪئي آ.

*

هُو ماڻن سان ماري ته مان ڇا ڪريان،

جي مُرڪي نهاري ته مان ڇا ڪريان،

چريائي سان پنهنجو وڏو چاههُ آهي،

صنم جي سُڌاري ته مان ڇا ڪريان.

*

پيار جو نالو کڻي مون سان نه مِلُ،

بره جو ڀالو کڻي مون سان نه مِلُ،

منهنجي دل جو اي سڄڻ ڪرڪو خيال،

نيڻ ڪو آلو کڻي مون سان نه مِلُ،

*

توکي جيئن مان ڏسندو آهيان.

مرندي مرندي بچندو آهيان،

مون کان مُرڪ لڪائين ڇو ٿو،

مان ته انهيءَ لئه مرندو آهيان

غلام حسين رنگريز

·

اُهي نينهن واريون نهارون به هونديون

سوين سِڪ سنيها ۽ سارُون به هونديون

پيو موج مستي ۾ مهراڻ وَهندو

پَراڙن تي ڪيئي پُڪارون به هونديون

خزان جو سدائين نه هي راڄ رهندو

هوا ۾ هُڳاءُ بهارون به هونديون

اُٿاري ڇڏيو ٿا ڌڪاري ڇڏيو ٿا

پُڄاڻان اسان جي پچارون به هونديون

لِڪي لوڪ کان عشق ناهي ڪيوسين

گهڻن جون اسان ڏي ميارون به هونديون

ٽٽل ڪِينرو جو پيو ماٺ آهي

اُنهي منجهه تڙپون تنوارون به هونديون

قصو درد ناهي رڳو رنگ غزل جو

اِنهي ۾ ڪُٺل دل جو ڪارون به هونديون

لڳي لَوهه هڪ کي لُڇن ٿيون لکين ئي

لَمِي لات ڪن سي اُڏارون نه هونديون

منجهان ڪُڙم منهنجي کريا کيت ڪيئي

اُنهن لاءِ ڌرتي ڌڪارون به هونديون

هي خوشبو بدن ۽ هجي گُلرنگ ماڻهو

نگاهن ۾ تن جي بهارون به هونديون

سوين سج ”رنگريز“ ڪندا راهه روشن

ستارن جون سير تي قطارون به هونديون

 

جوهي بروهي

·

هن حسن جي ڇير کي ڇمڪايو، مان تات وڌائي ويٺو هان

دل پرديسين کي پاڻ ڏئي اڄ بات وڌائي ويٺو هان

نيڻن کان رُسي وئي ننڊ مٺي، تار به ته ٽمڪي ٽهڪن پيا

جيئن ياد  کٽائي ڪونه سگهيس تيئن رات وڌائي ويٺو هان

هن وعدو اچڻ جو ‎ٺيڪ ڪيو پر وعدو نڀائي ڪو نه سگهيو

مجبور اکين مان گوڙهن جي برسات وڌائي ويٺو هان

سي ساٿ ٽٽا، سي غير ٿيا، جن ساڻ رهاڻيون روح سنديون

هي جان جدائي مهنجه جُهري، سڪرات وڌائي ويٺو هان

ان يار جي ياد ۾ اي ”جوهر“ هر رات جو جاڳي گيت لکيم

جي عمر کٽائي ويٺو هان، پر ڏات وڌائي ويٺو هان

 

سارنگ ابڙو

آزاد نظم

ڌيري ڌيري

تون پنهنجا ڪارا ڪارا ڀنڀا وار

پنهنجي سجّ جهڙي مُک تي پکيڙين ٿي

۽ انهن ڪارن ڪارن ڀنڀن وارن جي اوٽَ ۾

سج لڪي ٿو

رات ٿئي ٿي

ڪارن وارن جي سِيرُن مان

تنهنجي مُک جي روشني

ٽم ٽم ڪري نڪري ٿي

ڄڻ آسمان تي تارا ٽمڪن ٿا

مان تارن جي ٽم ٽم ۾

شعر جوڙيان ٿو

جيڪي ٽانڊاڻا بنجي

جڳ مڳ جڳ مڳ جرڪن ٿا

رات جي پوئين پهر ۾

تنهنجي نيڻن مان ڳوڙها

ماڪَ ڦڙا بنجي

رم جهم رم جهم برسن ٿا

۽ پوءِ ڌيري ڌيري

تنهنجي مُک تان

ڪارا ڪارا ڀنڀا وار هٽن ٿا

ڳلَ تي تنهنجي باک ڦٽي ٿي

سج اُڀري ٿو

صبح ٿئي ٿو.

 

نور شاهين

·

ڏئي وئين ڍول ٻُڙي،

مند ڀري عشق سندي-        درد والم آيا گهُڙي،

ڏيئي وئين ڍول ٻُڙي.

برهه سندا بار جُڙيم،

ڪين ڪي ديدار جُڙيم- فڪر ويا دل تي جُڙي،

ڏيئي وئين ڍول ٻُڙي.

ياد ڪيم هٿ کڻيو،

توکي ڇو پرديس وڻيو-        ڪاش کڻين مون ڏي کُڙي،

ڏيئي وئين ڍول ٻُڙي.

آس وئي هرڪا کڄي،

ٿي نه مگر ڪا به سڄي-      ختم ٿي ”شاهين“ چُڙي،

ڏيئي وئين ڍول ٻُڙي.

 

 

 

 

مهر پروين

ڪافي

اڄ آءٌ ته ڪريون پيار پرين،

ڪي ڳالهيون ڪريون ٽي چار پرين.

مون کي محبت ۾ مجبور ڪري،

پوءِ ويٺين پوئتي پير ڌري،

من تي ڪيئي وڇوڙي جا وار پرين.

وڃ هوت نه مون کي هيئن ڇڏي،

منهنجو ساهه سدائين توکي سڏي،

ڪي گهڙيون گڏجي گهار پرين.

جيئن چنڊ ڇڏي ٿو تارن کي،

تيئن دور نه ڪر دلدارن کي،

نه ته ٿيندين ڳري تون ڦار پرين!

هت توکان سوا ”پروين“ چري،

وئي ڳوڙها ڳاڙي، آهه ڳري،

اچ مهر ڪري منٺار پرين!

 

ج. ع. منگهاڻي

ترائيل

اونداهي جي ڊپ مان اڳ ئي اکين کي نه پور،

ڏسي ٿو سگهجي اونداهيءَ ۾ اکيون پٽ ته سهي،

لاٽ ذري سان مري سگهي ٿي اونده پوڙهي جهور،

اونداهيءَ جي ڊپ مان اڳ ئي اکين کي نه پور.

ماري پنهنجا سچا جذبا بچي نه سگهندين مور،

 

پاڻهي وڻندين جڳ کي پهرين بازي کٽ ته سهي،

اونداهيءَ جي ڊپ مان اڳ ئي اکين کي نه پور،

ڏسي ٿو سگهجي اونداهيءَ ۾ اکيون پٽ ته سهي.

 

(2)

 

تارن جهڙن سپنن جي آ چنڊ جهڙي ساڀيان،

هٿ هٿن ۾ ڏيئي لوڪ اڳيان ڪريون اعلان،

پنهنجا سڀ ارادا، آسون ڀل ته ٻُڌي دنيا،

تارن  جهڙن سپنن جي آ چنڊ جهڙي ساڀيان.

جيڏانهن تيڏانهن سرهاڻين جا در، دريون کليا،

سڀ سرهاڻيون گڏجي سڏجي ٿيون آهن مهمان،

تارن جهڙن سپنن جي آ چنڊ جهڙي ساڀيا،

هٿ هٿن ۾ ڏيئي لوڪ اڳيان ڪريون اعلان.

 

مريم مجيدي

غزل

پٽ تي ڪو به نه پيرو پنهنجو،

ڪيڏو ماڳ ڏکيرو پنهنجو.

پيرن  ناهن   پير   ڪڙا پر،   ڏور  اڃا دڳ  ديرو  پنهنجو،

اکڙين ۾ ٿي  اونده  اٽڪي،   ميرو سانجهه سويرو پنهنجو.

ڍوليا! تنهنجي ڍار نه ڄاتم،   نيٺ ڀڳو  تو  ڀيرو  پنهنجو.

اونداهيءَ مان اڪري آخري،    ٽوڙيندا گگهه گهيرو پنهنجو.

جذبن جي هن جوءِ ۾ جيڏيون،

رهندو مان مٿيرو پنهنجو.

 

پشپا ولڀ

·

ملاقات

اکين جون ماڻڪيون

ائين ڌُنڌلائجي ويون آهن

جيئن گرم پاڻيءَ مان اُٿندڙ ٻاڦ ڪري

باٿ روم جو آئينو.

پُراڻا خواب جي ڪڏهن حسين هئا

ميرن ڪپڙن جيان

ڪِلين ۾ ٽنگيا پيا آهن.

توسان مُلاقات،

جيون جي گندي پاڻيءَ ۾

ڪنول جو ڪوئي گُل هيو

جو اڃا تائين، من ۾ تري پيو.

ڳڙکيون

منهنجون اکيون آهن يا ڳڙکيون

هر وقت پَٽ کولي ٻاهر ڏسنديون رهنديون آهن

صبح جي ويل

ڊگها ساوا وڻ ڏسڻ چاهينديون آهن

ماڻهن کي پنهنجي آفيس ڏانهن ويندي ڏسڻ چاهينديون آهن

پري تائين نيڻ نهار تائين ڏسڻ چاهيندنيون آهن

اسڪول بئگ لٽڪائي ويندڙ ٻار ڏسڻ چاهينديون آهن

 

شام ٿيندي ئي

ڏيئا رکي ڇڏينديون آهن ڀت تي

ٻاهر تڪينديون رهنديون آهن

چُپ! ساهه روڪي

جيئن ڪنهن کي ڪل ئي نه پوي

چپ چاپ پگهرنديون رهنديون آهن

رات گذري ويندي آهي

پر ڪوبه نه ايندو آهي

ڳڙکيون کُليون جون کُليون رهجي وينديون آهن.

ٽهڪ

اونداهين راتين جو

مون کي اڪثر لڳندو آهي

ڪنهن ڦٽل کوهه ۾ ڪِرندي پئي وڃان

پنهنجي پاڻ سان ائين لپيٽيل

جيئن ٻار پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي

۽ مٿان ڪو جن آهي

يا وري جنن جهڙو ڪو انسان

جو کوهه ۾ منهن وجهي

ٽهڪ ڏيئي رهيو آهي.

ديا (رحم)

مون جيڪي پيار جا سڪا

تنهنجي چهري جي ڪشڪول ۾ وڌا

(تنهنجيون اکيون سراپا ڪشڪول ئي ته هيون!)

اُهي سڀ منهنجي ديائي ته هئا

ٻيو ڪجهه نه.

ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڇا ڇا نه هو

پر مون توکي سڀڪجهه نه ڏنو

بس ايترو ڏنم جو ساهه تنهنجو کڄندو رهي

شايد مون توکي زندهه ڏسڻ گهريو ٿي!

هاڻي جڏهن مون وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه رهيو آهي

مون کان گهُري مون کي شرمسار نه ڪج!

 

 

منير سولنگي

غزل

  ڇا ٻڌو ٿا ڇا چئو ٿا دوستو

 ديس ڪهڙي ۾ رهو ٿا دوستو

منهنجي هن احساس کي زخمي ڪري               ڇو وري مرهم رکو ٿا دوستو

وقت جي ڪوڙن  خدائن  پوئتان               نفس ٻوڙي ڪڍ لڳو ٿا دوستو

حال مسڪيني سندو منهنجو  ڏسي          اجنبي بڻجي وڃو ٿا دوستو

باهه نفرت جي وسائڻ واسطي                 ڇو نه بادل ٿي وسو ٿا  دوستو

حالِ دل پنهنجو ٻڌائي ڇا ”منير“              دور تنهن کان ڇورهو ٿا دوستو

 

 

 

 

فهيم انصاري

·

لفظ

لفظ ڏين ٿا دل کي گهاوَ،

لفظ وِسائن نيِر اکين مان.

لفظ ٿا ٻُرڪن لوڻ ڦَٽن تي،

لفظ ڦٽن جي مرهم آهن.

لفط خوشيءَ جي آهي علامت،

لفظ غمن کي دور ڪري ٿو.

لفظ مان نفرت ظاهر ٿئي ٿي،

لفظ مان اُلفت جو آ اظهار،

لفظ مان دوکو ملي اسان کي،

لفظ ڪري ٿو دوکو دور.

لفظ ئي سچ آ، لفظ ئي ڪوڙ،

لفظ خوشي آ، لفظ سرور.

لفظ ئي چيڙِ ٿين ٿا ڪنهن جي،

لفظ مان سرچن جيڏيون سرتيون.

لفظ لطافت، لفظ ڪثافت،

لفظ سلامت، لفظ رواني.

لفظ ۾ ڏاڍي طاقت آهي،

لفظ همٿ جي آ نشاني.

 

 

 

قاضي عبدالحي ”قائل“ سرشاري

·

وطن جي اُلفت

آهي وطن جي الفت ايمان جي نشاني،

سر ساهه ڏئي ڪنداسين گلشن جي پاسباني،

مٺڙو وطن، اسان تي مولا جي مهرباني،

ماڻي پيو هميشه جاويد زندگاني.

هر مرد و زن وطن تان قربان آ اسان جو،

الفت مٺي وطن جي ايمان آ اسان جو.

سهڻو وطن اسان جو جنّت مثال آهي،

هرهڪ وطن جو واسي ٿيو خوشخصال آهي،

هر ڏينهن ڄڻ اسان لئه پهرين شوال آهي،

هر رات عيد جو هت کڙندو هلال آهي،

غربت ۾ ٿيو هميشه گذران آ اسان جو،

الفت مٺي وطن جي ايمان آ اسان جو.

سنڌوندي اچي ٿي سنڌڙيءَ جو هار بڻجي،

خوشبوءِ ٿي کنڊائي، موسم بهار بڻجي،

مکڙيون ٿون مسڪرائن تنهن جو نکار بڻجي،

مان گيت ان جا ڳايان، خدمت گذار بڻجي،

جنت نشان ڌرتي هيءَ نشان آ اسان جو،

الفت مٺي وطن جي ايمان آ اسان جو.

شل هي وطن اسان جو قائم رهي سدائي،

دل بند ديس ڪڏهين مشڪل ڏسي نه ڪائي،

”قائل“ جي آس موليٰ آهي سدا اهائي،

سرسبز سنڌ هردم سهڻي هجي ۽ سائي،

سهڻي زمين سڪ جو سامان آ اسان جو

الفت مٺي وطن جي ايمان آ اسان جو.

 

مقصود گل

·

تنهنجو چهرو ڄڻ ته ڪينجهر ۾ ڪنول،

هر گهڙي ٿو لاڏ لهرن تي ڪري،

تنهنجو چهرو ڄڻ ته ڪينجهر ۾ ڪنول.

تون ٿئين مغموم، رونق وئي رسي،

ڄڻ چڙهي ماحول تي ويون تاڙيون،

تون جڏهن مرڪين ته مرڪي ڪائنات،

ڄڻ ته فطرت کي ڪڍيئه ڪتڪاڙيون،

ٽهڪڙن سان منهنجي دلڙي پئي ٺري،

ڄڻ ٻڌم استاد حاميءَ جو غزل.

تون سمهين ٿو رات جو جڏهين پرين،

چنڊ توکي ٿو مٿو ٽيڪي اچي،

پنهنجي کاڏي تنهنجي پيرانديءَ رکي،

تنهنجي پيرن کي چميون ٿو ڏي اچي،

تنهنجي جاڳڻ کان اڳي واپس وري،

سيج تنهنجيءَ تي ڇڏي توکي سُتل.

تنهنجي پيشانيءَ مٿي آيو پرين،

تنهجي پگهر تي ڀؤنر ٿو ڀيرا ڀري،

”گل“ گلابي تنهنجي ڳلڙن جو غلام،

ٿو جهڪي تنهنجي اڳيان سجدا ڪري،

ڪين ٿي توکان سوا ڪنهن جي سَري،

سونهن جون تنهنجي اڳيان ٻانهون ٻڌل.

 

سرڪش سنڌي

·

ڪمي ٿي ايندي وڃي تنهنجي شان شوڪت ۾،

سجاڳ ٿي، نه حياتي گذار غفلت ۾.

ڏئي ٿو ٽهڪ وڏا، روز شب جو هر لمحو،

هنيو ته کاٽ نه آ، غير تنهنجي غيرت ۾؟

پساهه پويان هجن، جيئن ائين ٿو ڏسجين،

ڏنو زهر ته ويو ناهه، توکي شربت ۾؟

هزار بار انهيءَ کان مري وڃڻ بهتر،

وقار قوم جو جيئري نه پور تربت ۾.

ٻه چار منٽ ته ماضيءَ تي ڏس نظر ڦيري،

ڪٿي به داغ نه هوندو ڪو تنهنجي عظمت ۾.

نه ڏيون، ته هٿ به نه ڏيون پاڻ ڏاڍ جي هٿ ۾،

ڏيڻ تي پئون ته ڏيون ساهه به سنگت ۾.

ازل کان پنهنجو زماني ۾ سر بلند ڏسي،

هميشه آ رهيو آسمان حيرت ۾.

وٺي نه لقمو سگهيو آ، سُتي ڪڏهن شهباز،

اڏام ڇڏڻ جڳائي نه ڪنهن به صورت ۾.

خودي هجي پو جهنم مليو ته غم ناهي،

نه وڃجي غير جي ٿوري ڪڏهن به جنت ۾.

بناءِ پنهنجي مقدر کي پاڻ اي ”سرڪش“،

وجهي نه ويهه نگاهون اجايو قسمت ۾.

 

مختار گهمرو

غزل

ٿيو جو به مظلوم جو ڀرجهلو آ،

اهو ظالمن جي ته اک ۾ ڪنڊو آ.

وڪوڙي ويو آهه جڳ کي انڌارو،

رهيو ٿورڙو ڪو وڃي سوجهرو آ.

ڏئي ٻانهن ٻيڻي، ڏنو ساٿ سورن،

خوشيءَ جو اسان کان پري فاصلو آ.

ملي غير سان جو ڪري ٿو غداري،

اهو مير جعفر جي رت جو ڦڙو آ.

خوشيءَ ۾ هزارن ڏنو ساٿ ليڪن،

ڏکي وقت ۾ ڪونه پنهنجو ٿيو آ.

محبت نه سيني ۾ جيڪو رکي ٿو،

اهو آدمي ڄڻ مٽيءَ جو گُڏو آ.

سڄي لوڪ سان سور سلبو نه آهي،

دلي حال ڪنهن ڪنهن سان کولي ڪبو آ.

ڏسون روز ٿا ڪربلا جو نظارو،

”نئين ڏينهن تي ڪو نئون سانحو آ.“

نه سڏ دوست ”مختيار“ نادان کي تون،

انهيءَ کان ته نادان دشمن ڀلو آ.

 

 

 

 

شفيع چانڊيو

وائي

رهه اچي ڪا رات، او سانول،

    رهه اچي ڪا رات.

توکي ساري آس اُجهاڻي، پرهه ڦٽي پرڀات،

او سانول.

مُرڪڻ جا جي ڀال ڀلايئي، ڏاتر ڏيندءِ ڏات،

او سانول.

آءُ اصل کنئون تنهنجي آهيان، مُلهه وڪاڻل ذات،

او سانول.

قرب ڪري تون ايندين آخر، آءُ اڄوڪي رات،

او سانول.

 

مرزا سلطان حيدر بيگ

غزل

هر ڪوششِ خيال ۾ باطل اچي ويو،

آسانيئ حيات ۾ مشڪل اچي ويو.

تسڪين بخش خاطر بسمل اچي ويو،

يعني جهانِ عشق جو حاصل اچي ويو.

آبرو جي تيغ سان ڪري گهايل اچي ويو،

عاشق غريب رحم جي قابل اچي ويو.

پستيئ چشم شوق ٿيو قيس سو مقام،

حائل جتي هي پرده محمل اچي ويو.

تاثيرِ جذبِ شوق رهي برقرار ڪيئن،

اي قلب تو ۾ جذبهِ ڪامل اچي ويو.

هن لازوال حُسن کي پنهنجي ڏسي حَسين،

فوراً ئي پنهنجو پاڻ تي مائل اچي ويو.

چئي روشني ٿي حُسن جي پردي منجهان ڇڻين،

هلڪي ڪڪر ۾ اڄ مـﮧ ڪامل اچي ويو.

تيرِ نگاهِ يار جي آڏو اچڻ محال،

منهنجو جگر هو، جيڪو مقابل اچي ويو.

نا آشنا کي يار نه زخمِ جگر جي سُڌ،

گهائل جو حال پُڇ اجهو گهائل اچي ويو.

آئينو چور چور آه پندار پاش پاش،

شايد ڪو ڪنهن جي مدِ مقابل اچي ويو.

مغرور دلگذار رياڪار پُر جفا،

منهنجي رقيب سان ٿي شامل اچي ويو.

بي رحم بي قياس ۽ جلاد سنگدل،

ميدانِ عشق ۾ اجهو قاتل اچي ويو.

ٻئي جي اڳيان مان راز جو اظهار ڇو ڪريان،

همراز اڄ ٿي حوصلئهِ دل اچي ويو.

اي بادشاهِه مملڪتِ حُسن و عشق اڄ،

”سلطان“ اجهو ٿي تو   وٽ   سائل   اچي ويو.

 

 

 

 

 

زيب ڀٽي

ٽيڙو

وڇڙيا ورندا ڪيئينءَ،

ويرون اينديون وينديون-

وڇڙيا ورندا اِيئينءَ.

·

ورهن وڇوڙا ويندا وسري،

نيٺ ته ملنداسين-

نينهن سمورا ايندا نسِري.

·

ڪاڪ ڪڪوريل راج محل،

جسم جرڪي جيئن-

چهرو تنهنجو تاج محل.

·

 

پيڻ تي اچان زهر پي وڃان،

تولئه پرين-

پل ۾ مران، پل ۾ جيئان.

·

اهو تنهنجو حُسن ۽ اَدا،

مرگهه نيڻا ۽ شرابي-

پل به مون کان ٿي نه جدا.

·

تو بن ڪيئن جيون گهاريان،

ڏياٽيون ٻاري-

تولئه ويٺو جيون جوت جياريان.

·

پن ڇڻ پڄاڻان تون موٽي ويندينءَ،

تولئه نيڻ وڇائي وهندس-

لهرن وانگر تون وَر وَر ڏيئي ايندينءَ.

·

رم جهم رُت سانوڻ جي آئي،

اکيون ميگهه ملهار-

ويا وڇوڙا، آس ملڻ جي آئي.

·

ساوڻ رُت جهڙا تنهنجا رنگ،

ڪاڪل ڪاري گهٽا-

من ۾ اُڀريا منهنجا امنگ.

·

ڪينجهر ڪناري سونو روپو جَل،

ڇوليون ڇلڪيون-

پاڻيءَ پلٽيو ڳاڙهو رَت اُجل.

·

تولاءِ لکان ويٺو پنهنجا گيت،

پريم جي گيت-

تو لاءِ لکان ويٺو منهنجا گيت. ميت

·

سيني اندر سِنڌو، من اندر مهراڻ،

لهرن لک لباس-

ڇوليون ٿيون ڇلڪن، سونهن اندر سرهاڻ.

·

ٽُٽَل چوڙين جا ٽُڪر، ميڙي هٿن ۾،

مُٺ ڀيڙي ڇڏي تو-

ڄڻ رَت رڱيل لاش، ويڙهي ڪفن ۾،

·

 

نظام الدين ”زائر“

آزاد نظم

مختلف قبرن کي ڏس،

هي مٽي جا ڍير ناهن

دفن آهن:

حسر تون،

ارمان،

ڪنهنجي دل جو خون-

ڪنهن جو جوڀن،

ڪنهن جو چاهت،

ڪنهن جون آسون-

ماٺ جي هن شهر ۾،

چئني پاسن کان ٿي ٻڌجي:

دانهن ڪنهن جي درد جي؟

سرد آهون،

ڪنهن جا سڏڪا-

ائين نه ٿئي اي دوست!

تنهنجي زندگي جو

ساز وڄندڙ،

پئي ٽُٽي-

ڍير مٽيءَ وڃين پوءِ پُورجي

دفن توسان ٿي وڃي:

تنهنجي ارمانن جو لاش،

خاڪ-

تنهنجي حسرتن جي،

تنهنجي تربت جي مٿان

اُڏندي رهي-

سوچ تون

لوچ تون

زندگي پنهنجي غنيمت ڄاڻ تون،

لاٽ ٻاري ڪا نئين

واٽ ٺاهي ڪا سنئين

پنهنجي منزل ڏانهن وڌ-

سر جو سانگو لاهه تون،

ٿي وڃ امر-

زندگي جو قدر سک

زندگي جو قدر ڄاڻ

زندگي جو قدر ڪر

زندگي هڪڙوئي ڀيرو ٿي ملي.

 

 

 

محمد عثمان ميمڻ

لُڇ ۽ لونجهه ۾ ڪا ڪمي ڪانه ٿي.

نيٺ چوڏهينءَ جو چنڊ،

مون کان مايوس ٿي موڪلائي ويو،

نيٺ ويا- يار، يارن کان جئين موڪلائي وڃن.

روح هڪ پل رَلائي رُلائي وڃن.

چوطرف ماٺ جو منڊ اهڙو جو ڄڻ

هن شهر ۾ ڪو ته ماڻهو ته رهندو نه آ

رات- اونداهه اهڙو جو ائين پيو لڳي،

ڄڻ صدين کان هتي سج اُڀرندو نه آ-

ڏات سرٻاٽ ۾ مون کان پڇندي رهي

مان به لڇندو رهيس، هوءَ به لڇندي رهي.

”ڪان ڪنهن ٿئي ڪَشيُو“

”روح ڪنهن ٿئي رَتو“

مان صفا چپ- ائين ڄڻ ته خاموش ڀت،

ڏات پنهنجو مٿو مونسان ٽڪرائيندي،

نيٺ ٿي پئي رتو ڇاڻ او دوستو!

 

غلام نبي گل

غزل

مان مڃيو، تو ائين چيو هوندو،

ڪوئي احسان تو ڪيو هوندو.

تنهنجي خوابن ۾ ۽ خيالن ۾،

مان نه هوندس ته ڪو ٻيو هوندو.

تو وِسايو جو پنهنجي ڦوڪن سان،

ڪنهن ته گهر جو اهو ڏيو هوندو.

چور نڪري ويو ته چاڪي آ،

هي به انصاف ڪو ٿيو هوندو.

عمر ساري ائين اميدن تي،

ڪو مئو هوندو ڪو جِيو هوندو.

ساز مان سُر نوان ان وان نڪرن،

ڪوئي سمجهي ته سُرَ ويو هوندو.

”گل“ ٽُٽو شاخ کان پو ملهه ڪهڙو،

ڪنهن جي پيرن ۾ ئي پيو هوندو.

 

پير بخش ”پياسي“

غزل

 

هڪ وقت جي ڪري پڪار هليا وينداسين،

وري نه موٽي اچبو هتي، يار هليا وينداسين!

جوءِ ۾ اوهان جي هت آيا هلي جي آهيون،

ٿورو دم دم ٿئي ديدار هليا وينداسين.

مست مڌ جا تون پُر پيالا ڀري پيار،

اگر ٿورا به ٿيا خمار هليا وينداسين.

گلشن ۾ اسان جي ته اصل کان خار خار،

ابد تي آهي ڪهڙو اعتبار هليا وينداسين.

پل پل پنهنجو هت ڏونگر آ ڏکن جو،

ڪير ڪنهن جو آ غمگسار هليا وينداسين.

اوهان جي قربت ۾، محبت ۾ صحبت ۾،

اسين ٿي شوق جو شڪار هليا وينداسين.

حسين افسانن دل جي ئي ارمانن جا،

سو اُجاگر ڪري ڪردار هليا وينداسين.

زندگي ۾ جن به جي ناهي ڏنو قرار،

اسين تن کي ڪري بيقرار هليا وينداسين.

تمنا دل ۾ آ مڌر سنگيت کي ٻڌڻ جي،

ڇير درد جي ويهي ستار هليا وينداسين.

”پياسي“ رڻن ۾ ته راتاهين جا راهي،

اُڏري ڪونجن ڪري قطار هليا وينداسين.

 

محمد شريف طالب

مون کي ڏاڍو وڻين ٿو يار سڄڻ،

کڻي نيڻ مٺا تو نهار سڄڻ.

مون کي تنهنجي ديد ديوانو ڪيو،

ساري دنيا کان بيگانو ڪيو،

ڪر پنهنجو پاڻ ويچار سڄڻ.

رکي دل ۾ هڪڙي آس اٿم،

تنهنجي پيار جي مٺا پياس اٿم،

اچي گهڙي ڪا مون وٽ گهار سڄڻ.

تنهنجي محبت ۾ مستانو ٿيس،

تنهنجي چاهت ۾ ديوانو ٿيس،

اچي جڏڙو جيءُ جيار سڄڻ.

آهيان ”طالب“ تنهنجو مان يار مٺا،

مون تنهنجي طلب ۾ سور سٺا،

مون کي محبت ۾ نه مار سڄڻ.

 

ماڻڪ ملاح

گيت

ڳڻتيءَ ڳرندي، جهوريءَ جهرندي،

تئونس ڏنو آ تائي،

بس،

تنهنجي ياد ستائي!

ڪاريءَ رات ڪڪر گهاٽن سان تارا ڇڏي لڪائي،

پر مون ڏيئي باهه بتيءَ کي ڇڏيا وار وڇائي،

تنهنجي خاطر ڳل- موهيڙا، تارن روپ بنائي-

بس،

تنهنجي ياد ستائي.

رات پوڻ تي ڪارا چمڙا ڪائي ڪن ٿا راند،

ڳولي ٻولي رات ٽيٽيهر پڪڙي تن کي پاند،

کڙ- کٻيتو رات انهيءَ ۾ پنهنجي ننڊ ڦٽائي-

بس،

تنهنجي ياد ستائي.

جيونُ منهنجو سڏڪي سڏڪي ڪالهانڪر ٿو روئي،

توريءَ پنهنجا وار لڙاٽيل مور نه مرڪي ڌوئي،

وڻ ۾ لڙڪي سڙڪي جيڏا آر- پئي ليلائي-

بس،

تنهنجي ياد ستائي.

 

 

اسير سلاح

 

غزل

 

توسان درد رهاڻيون ڇاڇا،

راتيون روئي وهاڻيون ڇاڇا

دل ڏئي دل کي ياد ڪيوسين، ڳالهيون  ياد   پراڻيون   ڇاڇا.

رُسڻ پرچڻ، ماڻا، مهڻا،        ڪاوڙ،  قــرب،    ڪــــهاڻيون     ڇاڇا.

پل پل ڇرڪي  راهه  تڪيندڙ،        اکڙيون نينهن نماڻيون  ڇاڇا.

ڪينجهر، کِک، کٿوري، خوشبوءِ،    ماڳ  نه  موج  ماڻيـون  ڇاڇا.

مور مئا  ڪيئن  هنج  هليا  ويا، ڪونجون روهه اڏاڻيون ڇاڇا.

جلاوطن   ٿي   جيون  گهارن، راجڪمار  ۽   راڻيون   ڇاڇا.

عشق اسير ايمان اسان جو،

ماڻهن وات چواڻيون ڇاڇا.

 

 

اسد ”جمال“ پلي

 

غزل

 

چانڊوڪين ۾ ڊڄندو آهيان،

پاڇولن کان ڀڄندو آهيان.

رخسارن تي وحشت ٿئي  ٿي، زلفن  پويان،   لڪـــندو  آهيان.

چهرن تي ڦڪيون مرڪون ۽، دل  ۾  طوفان  ڏسـندو   آهيان.

لوڪ جا طعنا،  ڏوهه  ۽  مهڻا،       تنهنجي  ڪارڻ  سهندو  آهيان.

مون   کي   ڇاڇا   چوندا   آهن،     ڪنهن کي ڪجهه به نه چوندو آهيان.

جت به وفا جو  نانءِ  ٻڌان  ٿو،        انهيءَ دڳ ڏي  ڊڪندو   آهيان.

اندر  کورا    کورا   منهنجو!  ٻاهر   پيو   مُرڪندو     آهيان.

هِت   جوڀن   آ، هُت”جمال“

سڀڪجهه مان سمجهندو آهيان.

 

شاهه زمان ”شير“

غزل

 

محبت پيار اڄ مان ڪجهه ٻيو آ،

اڄوڪي دور جو انسان ڪجهه ٻيو آ.

بچي نڪتاسين الفت مان ته کٽيوسين!

ڏسڻ ۾ ورنه اڄ امڪان ڪجهه ٻيو آ.

سڄڻ جي عشق ۾ ناچيز ٿي وياسين!

زماني ۾ اسان جو شان ڪجهه ٻيو آ.

نه آ لقمان جي هٿ ۾ شفا ڪنهن جي،

مريضِ عشق جو درمان ڪجهه ٻيو آ.

اسان وٽ صلح جا هٿيار آهن پر!

اوهان وٽ جنگ جو سامان ڪجهه ٻيوآ.

بهاني عيد جي دلبر گلي ملندو!

خوشيءَ جو دل ۾ اڄ طوفان ڪجهه ٻيو آ.

تون منهنجي قتل ۾ جلاد، ڪر جلدي!

ٻڌون ٿا شهر ۾ اعلان ڪجهه ٻيو آ.

ڳڙي پيا ”شير“ کي ڳوڙها عجب ناهي!

فراق يار جو ارمان ڪجهه ٻيو آ.

 

”ساجد “ لعل پوري

غزل

آفت نٿي ڪا عشق جي آفت کان وڌ ملي،

فرقت ۾ ٿو عذاب قيامت کان وڌ ملي.

تنهن ذڪر کي نه ڄاڻ عبادت کان گهٽ ڪڏهن،

جنهن ذڪر ۾ ثواب عبادت کان وڌ ملي.

آهي جهان کي ۾ ڏسو الفت عجيب چيز،

دولت ٻي ڪهڙي عدو جي عداوت کان وڌ ملي.

تنهن دوستي کي دشمني ناهي چوڻ غلط،

دک جنهن ۾ ڪنهن عدو جي عداوت کان وڌ ملي.

تنهن ڳالهه لاءِ پاڻ پتوڙڻ چڱو نه آهه،

جنهن جو ثبوت اصل حقيقت کان وڌ ملي.

اهڙي رقيبي راهه جي ناهي ته آهه ڇا،

جنهن ۾ هميشه رنج رقابت کان وڌ ملي.

شل ڪم ڪرائي پاڻ کان هر دم اهي خدا،

عزت ٿي جنهن ۾ پاڻ کي شهرت کان وڌ ملي.

ٻيو ڪجهه ڀلي نه پاڻ کي ”ساجد“ ملي سگهي،

ايمان فقط پاڻ کي قدرت کان وڌ ملي.

 

ناظم منگي

غزل

نظرن کي جهڪائي ڇڏ، جلون جو ٽَڪَرُ ٿيندو.

مجر وح ڌماڪي تي شينهن جو جگر ٿيندو.

پردي جي توازن جي تون پاڻ حفاظت ڪر،

جلوه جي نما ٿي پيو محشر جو چڪر ٿيندو.

زلفن جون چڳون ڪيري چهري کي لڪائين ٿو،

وئي رات وڻين توکي ڪيڏانهن سحر ٿيندو.

مُرڪڻ به مِٺا تنهنجو مون لئه ته غنيمت آ،

جو اهڙي عنايت سان مفلس آ، گَبَرُ ٿيندو.

تون پنهنجو آن ته به ايڏي ديدار ۾ ڪنجوسي!

پنهنجن کان اها پهچي، پوءِ ڇو نه ڏُڪر ٿيندو.

سوچن تي هجن پهرا، راهُن تي ڪِرن بجليون،

جيون جي سفيني جو مشڪل سان گذر ٿيندو.

جي تنهنجي محبت ۾ ٿيو موت ڀلائي آ،

تاريخ وفا لکبي ۽ پيار اَمر ٿيندو.

کلندين جي خوشي سان تون بس نينهن نڀائيندين،

منهنجو به ڀرم رهندو تنهنجو به ڇپر ٿيندو.

سنگدل لئه مرن ”ناظم“ ڪيڏي نه چريائي آ،

پٿر جي صنم کي ڇا سجدن جو اثر ٿيندو.

 

”اصغر“ هالو

غزل

پنهنجي عبادتن جا زمانا قضا ڪري،

زنده مان آهيان صرف اوهان سان وفا ڪري.

ممڪن ڪٿي جو ذڪر ڪوئي ٻيو ڀلا ڪري،

جيڪا زبان ٿي يار جي هر هر ثنا ڪري.

منهنجا زخم اوهان کان سواءِ ڇٽڻ محال،

ڀل پيو طبيتِ شهر سدائين دوا ڪري.

شايد حيات جا ٻه- ٽي ڏينهن وڌي وڃن،

اي دوست پنهنجو پاڻ کي تو تان فدا ڪري.

خون رنگ سجده گاه ڏسي دل پڇڻ لڳي،

هت ڪير ٿو نمازِ محبت ادا ڪري.

”اصغر“ ٻڌان ٿو وصل جي منزل آهي قريب،

آسان شال خدا هي سڀئي مرحلا ڪري.

 

نوشاد جوڻيجو

غزل

منهنجي اکين اوچتو بي انتها روئي ڏنو،

تن کي روئيندو ڏسي ارض وسما روئي ڏنو.

تو ته ڳوڙهو ڪو نه  ڳاڙيو سخت دل آهين حڪيم،

 باقي منهنجي حال تي تنهنجي دوا روئي ڏنو.

منهنجي رُخ تي درد فرقت جا ڏسي آثار اڄ،

گُل رُنو، بُلبُل رُنو، بادِ صبا روئي ڏنو.

خبر ڏي قاصد ادا تو ڇا چيو، هن ڇا چيو،

منهنجي حالِ زار تي ڪجهه دلرُبا روئي ڏنو.

همنشين ڏس زور گهٽجي ڪو نٿو برسات جو،

غالباً منهنجي ڪري منهنجي خدا روئي ڏنو.

ڇا وٺان ڇا ۾ وٺان ڇا ۾ وجهان ڇا ۾ رکان،

تنگ داماني ڏسي روزِ جزا روئي ڏنو.

درد ۾ ڦاٿل ڏسي ”نوشاد“ کي اي دوستو،

فصلِ گل جي هر اشاري هر ادا روئي ڏنو.

 

عزيز الله ”عزيز“ بروهي

غزل

       ڪهڙي موسم ڪهڙي رُت آئي

       دل  ۾  شبنم  آ باهه   ڀرڪائي.

هيــــڏي  ساري   جهــــان  ۾  يــــارو!           مون کي کائڻ اچي ٿي تنهائي.

منهنجو مذهــــب  وصال  ۾  آهي،            هُو ته فرقت جو آ تمـنائي

هن جو نالــــو وٺــــي نــــٿو سگهي،              منهنجي باقي جو آهه رسوائي.

منهنجو لــــٽجي ويــــو شعــور آهـــي،            ٿي جُنون سان وئي شناسائي

ماڻهو، جيڪي ”عزيز“ ٿيا ماڻهو،             هوته آهن رڳو تماشــائي

 

 

محمد علي پٺاڻ

غزل

سونهن برباد ٿي وئي وستين ۾،

سونهن ملي نٿي مقامن ۾.

ڪير ڄاڻي وري ڪڏهن ملجي،

سٽ اُلجهي وڃي نه ڌاڳن ۾.

درد ئي درد ۽ سوين سوچون،

جدائي جيل آهي ڀاڳن ۾،

رات جا خواب ٿي ڪافور ويا،

ڏينهن جا ڏنڀ هنِ نگاهن ۾،

وک پنهنجي ته سنڀالي کڻجان،

ڪئين ٽانڊا ٻرن ٿا راهن ۾.

ٽهڪ ڪونهن منهنجون تخليقون،

روڄ ئي روڄ آهي راڳن ۾.

آجيان ”علي“ سندءِ ڪيئن ڪري،

ڦول ڪونهن- داغ دامن ۾.

 

عابد مظهر

·

ڪلهه رات هو ويو آهي،

ڄڻ ڪوئي سال گذريو آهي.

تو بنان سچ به ڪو سڪون ناهي،

شهر کائڻ اچي رهيو آهي.

تنهنجو دروازو ايندي بند ڏسندي،

من کي صدمو ته پهچندو آهي.

هو به سائين ڪري ٿو ڳالهائي!

شرم هن کي نه ڇو ٿيو آهي؟

”عابد“ ماڻهو مکڻ اٿئي سائين،

تو سان هر حال ۾ وَهيو آهي.

 

بخشڻ مهراڻوي

ڪوتايون

مون جڏهن کان،

توکي ڏٺو آهي جاني!

منهنجي نظر،

امر ٿي وئي آهين.

·

خدارا!

ڌرتيءَ کي،

رانديڪو سمجهي،

۽ کيڏي کيڏي،

بمن سان ڀور نه ڪريو.

ڌرتيءَ!

ٻارَن جيان.

روئي ٿي پئي!

·

مُون اَياڻي،

نٿي ڄاتو ته،

کير جهڙي روشني رکندڙ چنڊ به،

اندران ئي اندران، 

داڳي ٿيندو آهي!

·

 

سليم رضا

غزل

نِرڄا  نانگ  لتاڙيان ٿو،

دل جا زخم اگهاڙيان ٿو.

شايد ملندو ڪو نه سُڪون،    تنهن لئه دل کي  ساڙيان  ٿو.

توکان ملندو ڪونه  جواب،    لکندي  ئي  خط  ڦاڙيان  ٿو.

هر  ٻرندڙ   سورج  هيٺان،    پاڻ کي سوريءَ چاڙهيان ٿو.

صَليِبن   جي    پاڇن   ۾،   واعدا   پنهنجا    پاڙيان  ٿو.

 

سيد پناهه شاهه ڏاڏاهي

گيت

ماٺ نه ٿيندس سُور او ساجن، ڪيڙئي قهر ڪَلور،

او ساجن! سور ئي مليا سُور ...

گؤنچ ڪُماڻا اُجڙيو گلشن، ديرا لايا دل ۾ دردن،

بادل جيئن ٿا نيڻ هي بَرسن، آهه ستايو ڏاڍو سُڏڪَن،

ڏينهن ڇو لاتئي ڏور...

موٽي آيو سانول سانوڻ، موٽ تون هاڻي منهنجا ڍولڻ،

قول وساريئي پنهنجا پارڻ، ناهِه مُناسب دور گذارڻ،

روح ڪيئي رَنجُور...

راتو ڏينهان تو لئه تڙپان، مُرڪ ڦِڪي ٿو جڳ سان مُرڪان،

چرين وانگر ڀُڻڪان ڀَٽڪان، پر ۾ پناهه شاهه ويٺو پچايان،

پلپل پيارل پُور...

 

ڪرشن شرما

غزل

           آئون  تنها،  راتِ   لُڙيل،

           ڳوڙهن ۾ اکيون وِهنتل.

اکين اڳيان مُورت  تنهنجي،      يادن ۾  آ مَن  گهيريل.

منهنجي دل  مَجروح ڪَيئي،     هاڻ اچي تون مَرَهم مَل.

پنهنجي پيار  جي  هِير  جيان،   گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳالهه هُليل.

تنهنجي پيار،  سنڀاليو  شرما!    هونئن ته آئون هئس ڀٽڪيل.

 

نياز سومرو

وائي

اتت اڪيلي ڪوٽ جي اندر

گهنگهر گهاريان ويٺي ڏينهڙا

مون کي منهنجا مارو مٺڙا

محل ۽ ماڙيون ٻن پون شل

پيارا مون کي پنهنجا پکڙا

مون کي منهنجا مارو مٺڙا

لنؤ لڳل آ کيت سين منهنجي

اچن انهيءَ جا ساندهه سڏڙا

مون کي منهنجا مارو مٺڙا

سون سڳا ۽ چوٽيون چوڙيون

باهه لڳن هي ريشم ڪپڙا

مون کي منهنجا مارو مٺڙا

”عمر“ اسان جي ريت اباڻي

اوڍيون پنهنجا کيس ۽ کٿڙا

مون کي منهنجا مارو مٺڙا

 

مير غلام اللہ خان ٽالپر

 

فرصتن ۾ ٻيا به غم ٿا ياد ٿين اي دلربا،

اچ ته هنگامن ۾ توکي ياد اي سهڻا ڪريون.

شور محشر هڪ طرف آ شورِ موسم ٻئي طرف،

شور اندر ٽئي طرف آباد اي سهڻا ڪريون.

چار ڏينهن آهي حياتي سوز ۾ ڇا لئه ڪٽيون،

تنهنجي اکڙين سان اَلم برباد اي سهڻا ڪريون.

تنهنجي نازڪ گوش تي ڪٿ بار نه گذري سڄڻ،

ان ڪري نه خوف کان فرياد اي سهڻا ڪريون.

هي صبُو وانگي اکيون هي زلف ڪار ڄڻ ڪڪر،

اچ نئون ميخانو ڪو ايجاد اي سهڻا ڪريون.

تنهنجي مُرڪن ۾ ڏسي اڄ ”مير“ ڪا ابدي خوشي،

اچ ته ارمانن جي دنيا شاد اي سهڻا ڪريون.

 

ضيا شاهه

گيت

ٿيءُ دردن جو درمان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان.

منهنجو جهوپو ڍنڍ ڪناري،

ويٺو آهيان ڏيئو ٻاري،

کڻي سورن جو سامان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان.

سانوڻ مند ٿي توکي ساري،

ڪڪر ڄڻ ٿو هنجون هاري،

هي رسڻ ناهي شان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان.

پکي پکي ٿو توکي پڪاري،

منڇر ڍنڍ جي اچ ڪناري،

مون وٽ ٿيءُ مهمان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان.

ٿڪل مڇيرا، ميرا ٻيڙا،

تِن لاءِ آهن تَن جا ڦيرا،

مڙني جو رک مان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان.

هنڊ مهاڻا جڏهن هڻن ٿا،

مون وانگر سي ڳرن مرن ٿا،

هر منزل مون لاءِ ڪان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان.

منڇر جل اڄ آ مغموم،

تنهنجو مٺڙا من ڀي موم،

مان دوريءَ تي حيران، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان.

صبح گلابي شام گلابي،

تنهنجا مٺڙا لب عنابي،

محبت جو ڏي گيان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان.

 

گل شهديو گوماڻي

غزل

زماني وڌيون هاءِ! هيڏيون هي دوُريون،

اوهان ڇو اسان کان اکيون يار پوُريون؟

مُحبت جي دُشمن هي دنيا دو رنگي،

رهيون مَن جو آسون اڌوريون اڌوريون.

غمن جو نه ڪوئي سڄڻ! دنگ آهي،

اندر ۾ پچن ٿيون سوين روز کوريون.

چوي سچُ جيڪو ملي زهر اُن کي،

زماني سجايون سچن لاءِ سوريون!

او گُل! شال آڻي، خدا ڏينهن اهڙو،

ٿين خواهشون دل جون پوريون سموريون!

 

مرتضيٰ ”منصور“ مشوري

·

گلڙن جي مٿان پوپٽ پيا ڦرن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟

پاٻوهه ۽ پيار مان گهورَ وڃن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟

محبوب گلن جا مستانا، جيئن ديوارن سان ديوانا،

سر ٽڪرائن ٿي مست مگن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟

پل هڪڙو ٿيندا ڪونه پري، پيا حُسن کي پوُڄِن پير ڪري،

سرهاڻ ۽ سونهن تي صدقو ٿين، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟

جيئن پوپٽ گل سان پيار ڪري، يا ڪوئل پئي ڪُوڪار ڪري،

تيئن توڏي گهُرندو آهي من، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟

ڇو ٿڌڙا ساهه شروع ٿي ويا، ڇو نيڻ اُداس ڇُلڪي پيا،

ڄڻ ساوڻ جا ٿيا مينهن وسن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟

مان ويڳاڻو، مان ويڳاڻو، هي روُح کي جيڪو راماڻو،

ٿا تَنهن جا پل پوُر پون، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟

مان ڏينهن تتي جو راهي ۽ تون گهاٽي وڻ جي ڇانوَ پرين،

ڪنهن منزل تي جي ٻئي گڏجن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟

منصور مشوري چاهت جي ڪنهن اڻ کٽ دنيا ۾ گُم ٿئي،

۽ ڳولي مٺڙا مُحب لهن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟

 

منٺار سولنگي

غزل

جن سان پيار اسان جو آهي، آهن ڪيڏا پيارا ماڻهو،

چانڊوڪيءَ جان جڳ جڳ جرڪن، چوڏس چنڊ ستارا ماڻهو.

هرهڪ پل ڏکيو ٿو گذري، جن ريءَ هتڙي هاءِ اسان جو،

عمر سڄي سي مرڪي گهارن ڌار ڪري دل وارا ماڻهو.

شيشي وانگر صاف آ دلڙي، من ۾ جن لئه مير نه آهي،

بغض رکن ٿا پنهنجي دل ۾ هردم دل ۾ ڌاريا ماڻهو.

اوندهه پنهنجي ڀاڳ ۾ آهي روشن ڪِرڻا ڪو نه مليا،

چنڊ ستارا جن تان صدقي، سي سڀ ڀاڳ ڀلارا ماڻهو.

آهه ڀرڻ ڀي ڏوهه اسان لئه پاپي کي هت ڪير چوي ٿو،

ڏاڍو هتڙي گابو آهي سڀئي وارا پيارا ماڻهو.

مُرڪ لَبن تي دل ۾ نفرت رستو روڪي بيٺا آهن،

ڪيئي هت ”منٺار“ ڏٺا مون قوم جا دل جا ڪارا ماڻهو.

 

پريتم داس ”پياسي“

غزل

ائين جلد جاني وسارڻ نه گهرجي،

کڻي شوخ نظرون نهارڻ نه گهرجي.

ڏئي پيار پهرين وري منهن مٽائي،

اسان کان پري ٿي گذارڻ نه گهرجي،

ڇڏيو دين دنيا کان تو آهي کاري،

اهڙو خيال دل ۾ ڪو ڌارڻ نه گهرجي،

اسان کي ڇڏي هيڪلو جت حبيبا،

اسان کان پراهون ٿي گهارڻ نه گهرجي،

جنهين آ ڏنو ساٿ سِر جو ”پريتم“،

اُهو دل تان پنهنجي اُتارڻ نه گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com