سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

مضمون

صفحو :5

  

ڪهاڻيون

 

  

مختصر ڪهاڻي جي وڏائي، ان جي رڳو محدوديت جي ڪارڻ چمڪي ٿي. بيشڪ مان اتي صاف طرح تيڪنيڪي طور تي چوان ٿو. جيڪي مان چوڻ چاهيان ٿو اُهو اِهو آهي ته مختصر ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو شامل ڪيو وڃي، اهو ان جي هيڪڙائي (Oneness) ۽ ان جي مڪمل حصي (Wholeness) ۾ واڌارو هئڻ گهرجي. هڪ عظيم مختصر ڪهاڻي اهڙيءَ طرح سرجڻ گهرجي، جيئن اها ڪنهن به طرح ٻئي تخليقي فن جي طور تي سڃاڻي نه سگهجي- گهٽ ۾ گهٽ ناول جي طور تي نه. مثال ڏيندي اهو چوندس ته مختصر ڪهاڻي اهو هار ناهي، جنهن ۾ مختلف قسمن جا هيرا جڙيل هوندا آهن، پر اهو اڪيلو موتي آهي جو منڊيءَ ۾ جڙيل هوندو آهي ۽ ٻين هيرن کان جدا پنهنجي هستي قائم رکندو آهي.

 

- جان ڪورناس

 

 

 

 

 

 

پرديسي پکيئڙا

حميد سنڌي

هن پٽ تي ڦهليل گليلن ۽ ڳوڙهن کي جاچيو ۽ پوءِ کانڀاڻي جي وچ تي هڪ ڳوڙهو کڻي رکيو. سندس ننڍڙي ٻانهن ڏاڍي ڏانو سان کانڀاڻي کي گهمايو. هڪ ٺڪاءُ نڪتو ۽ پنهنجي ننڍڙي ۽ نرم آواز کي وڏڙو ۽ کهرو ڪندي پڪاريو: ”هو-- هو--هو-- هو-- وهيو—“.

پکين چوڌاري ڀڙڪو کاڌو ۽ وَهين جو قطارون سندس سامهون ڀورانهونڪنديون کجين جي چوٽين کان اِئين نڪتيون، ڄڻ هو هيءُ باغ رڳو ڇڏي نه ويندا، پر ملڪ به ٽپي ويندا.

هن ڪيترن سالن کان وهَين کان قطارون ڪندي، ڪتل جي مند ۾ کجين جي چوڌاري لامارا ڏيندي، ٻن ڳڙين خاطر جان جوکم ۾ وجهند ڏٺو ۽ سندس پيءُ بچل باغائي جا ڌڪ بچائيندي ڏٺو. هيءُ پهريون سال هو، جو بچل بيماري سانگي، سچل کي کانڀاڻي سونپي هئي، پر هن هدايت سان ته ”سچل! کانڀاڻي وهندي پر جي ڪنهن پکي پکڻ جو کنڀ ڪريو، سمجهه ته ڪيس ڪري ڇڏيئه. خاص طرح وَهيي جو ته خيال ڪجانءِ. هيءُ پتڪڙو ڀورڙو پکي، پرديسي پکي اٿئي.“

سچل حيران ٿي پڇيو هيس، ”پر بابا! هيءُ پکي ته هتي جو آهي، پرديسي ڪيئن ٿيو؟“

”نه من! هيءُ ڏورانهين ملڪ جو پتڪڙو پکي آهي. هيءُ ڪتل جو عاشق آهي. ڪي سوين ڪوهه لتاڙي، کجين جي باغ ۾ اَچيو منزل هڻي. سندس ٻن ڳڙين خاطر چاهه سندس شوق به آهي ته پيٽ پوڄا به. مڙيوئي سندس شوق ۽ پيٽڙي جو خيال ڪجانءِ ٻچا! ڇو ته اسان به شوق ۽ پيٽ جا ماريل آهيون!“

سچل کي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي ته پڻس پيٽ لاءِ جي باغائي هو ته باغ جي کجيءَ کجيءَ سان به چاهه هيس ۽ کيس جهونو باغائي سمجهيو ويندو هو. کجين جي باغن ۾ سندس موهه هوندو هو. ڀلي رئيسن جو باغ هجي يا سيٺين جو، وڏيرن جو هجي يا نوڪر هجي يا پيرن جو، بچل هلي به کين صلاحون ڏيندو، پوءِ کڻي پاڻ پيرن وٽ نوڪر ڇو نه هجي. هونئن به سندس پيرن سان جيئن ئي جيءُ ريجهيو هو، هن هاڻ پيريءَ تائين پئي نباهيو.

سچل ويٺي ويٺي پنهنجي پيءُ بچل جي حال تي به سوچيو، جيڪو هاڻ کٽ تي پيو هو. کنگهي کنگهي سندس برو حال ٿيو هو. باقي ڪي بچيو هو. هونئن به ڪمزورڙو ته هوئي. پر پَرُ کان هن بيماري هڻي هڏا ڪري ڇڏيو هوس. ماڻس ڪيئي حڪيم ڀيٽيا هئا. ڪي چون ته سلهه اٿس، ڪي چون ته دم جو مريض آهي، ڪن ته مورڳو چيو ته ”بابا! اِها به پيري!“

پر سچل کي اها پڪ هئي ته بابو اچي ڀيڙو ٿيندوم. سندس هڪ ته پيءُ سان دل هوندي هئي، ٻيو هيڏي وڏي باغ ۾ هو اُٻاڻڪو به ٿيندو هو ۽ جهار هڪلڻ به ته سندس لاءِ ڪو سولو ڪم به نه هو.

ائين سندس ويچارن کي وَهين جي ڀورانهين قطارن پل لاءِ پري ڪري ڇڏيو، هو ڇرڪ ڀري اٿيو. هُن جي جان پئي نظر وئي ته کيس ڀورانهون پئي نظر آيو، ڪٿي ته هنن ڀڙڪا پئي ڏنا ته ڪٿي چوٽيارا ويٺا هيا. سندن ايڏي گهڻائي ڏسي ننڍڙو سچل ڊڄي ويو. هُن عمر ۾ ايڏو وهيو نه ڏٺو هو. هيل ولرن جا ولر ڏسي هو حيران به ٿيو پي ته ڊنو به پئي. هن ڪا گهڙي ته هن ڀورانهين ڀڙڪي ۽ چوٽيءَ جا نظارا پئي پسيا. اڄ کيس هيءُ کجين جو باغ ٻيو پئي لڳو. اوچتو کيس خيال آيو ۽ هو ڊڄي ويو: ’جي سڄي ڪَتل جهار ئي کائي وئي ته پوءِ-!‘ هُن يڪدم گُليلا ۽ ڳوڙها ميڙيا ۽ کانڀاڻيءَ جي وچ تي رکندو ويو، ٺڪاءُ ڪڍندو اُن سان گڏ سندس رڙ به پئي پيئي: ”هو-- هو--هو-- هو-- وهيو--“.

سندس ٻانهن ساڻي ٿي پئي، پر اڄ وَهيو به چئي ته ننڍڙي يار سچل جي ياري ڇڏي ڪاٿي ٿو وڃان. ڀڙڪو ڏيو، وريو ڦريو اچي، سو به وَلرين. يا ته گوشا رَسائتا ٿيا هيا يا ته سچل وارو باغ ئي مٺو هو ۽ کين وڻيو هو. سچل جڏهن هيءُ لقاءُ ڏٺو ته يڪدم گليلن ۽ ڳوڙهن سان کڻي کيسا ڀريائين ۽ باغ ۾ اندر ڪاهي پيو. کانڀاڻي وَهندي پئي هلي، پر وهيو جي پچر ڇڏي! نيٺ سچل کانڀاڻي اُڀي ڪئي ۽ سڏي هڻڻ لڳو. ڪنهن مهل ڪنهن وَلر کي ٿي چٽيائين ته ڪنهن مهل ڪو اڪيلو به هٿ پئي چڙهيس ته گليلي يا ڳوڙهي جو زوزاٽ هيس. پر سائين اڳيان به وَهيو هو. کانڀاڻي جي ٺڪاءُ سان هُن ڀڙڪيو پئي کاڌو ۽ گليلي (ڳوڙهي) جي پهچڻ کان اڳ ئي هنن يا ته آسمان پئي کنيو يا لهوارا ٿيو وڃي پٽ پئي ورتائون. شايد ائين به هجي جو سچل جي پتڪڙي وجود کي هنن پاڻ جهڙو پتڪڙو سمجهيو هجي. ڇو ته جڏهن سچل کانڀاڻي هڻي ساڻو ٿيو ۽ پگهر وڃي کڙي کنيس ته هو هڪ کجيءَ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ گهڙي ئي ڪانه گذري ته وَهين اچي ديرو سندس پاسي ۾ هنيو ۽ ٽپ ڏيندا، سندس آڏو پئي کيڏيا. ڪي ته بنهه سندس مٿي کان يا بنهه ڪنن وٽان ڀون ڪندا وڃي سندس پٺيان ٿي ويٺا. ائين پئي لڳو ڄڻ هو سچل سان راند پيا ڪن. ڪا گهڙي سچل هن نرمل نظاري ۾ گم ٿي ويو. کيس هيءُ پتڪڙا پکي ڏاڍا وڻيا پئي. پر پوءِ به هن مٿي نهاريو ته کيس باغ جي ڀينگ نظر آئي.

هو هر هر خار مان اٿيو پئي ۽ کانڀاڻيءُ جو ٺڪاءُ ڪري وري ويهي پئي رهيو. هُن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري. ڪا مهل هو بي وس ويٺو رهيو ۽ پئي وَهين جون رانديون پسيائين. هاڻ ته هو ڇيڪ ڇڏيل هيا ۽ پٽ تي لهي آيا هيا. سچل هنن کي بود ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندي مورڳو پوسريو پئي ويو. سندس بي وسي ۽ لاچاري ضد ۾ بدلجي وئي هئي. هُن جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندو پئي ويو. سندس ڏند ڀڪوڙيا ويا. چوڌاري وَهين جو غوغاءُ هو ۽ سندس ڪَنن جون دهلڙيون ڦاٽيون پئي، لوندڙين ٺڪاءُ پئي ڏنا. ويٺي ويٺي سندس هٿن ڪم ڪري ورتو ۽ هُن هِن دفعي ٻانهن کي گهڻو نه گهمايو، بس سڌي ۽ اُڀي کانڀاڻي وهي وئي ۽ سامهون کليل پٽ تي نچندڙ ڪڏندڙ بود ۾ چيچاٽن جو غوغاءُ ڪندڙ بي خبر پتڪڙن پکين ڀڙڪو کاڌو، پر هڪ ساٿي سندن ساڻي نه ٿيو ۽ ڌڪجي ڪريو. هو پٽ تي کنڀڙاٽيون هڻي پنهنجيون کنڀڙاٽيون کوهيندو رهيو. سچل هڪ وار ته خوشيءَ ۾ رڙ ڪئي: ”اهو ٿو وڃييءَ!“ پر پوءِ جو ڦٿڪڻ ۽ چين چين جو آواز ٻڌي هو سمجهيو ويو. گهڙي ڪانه گذري ته سڄي باغ ۾ ماتم مچي ويو ۽ وهين رڙيون ڪري باغ مٿي تي کڻي ڏنو. هو اڃا ويجها ته ڪو نه پئ آيا، پر سندن واڪا وڏي سڏ پئي ٻڌا. سچل کي ائين لڳو ڄڻ وهيا اُڀ ڏاري وجهندا. سچل کي وهين جي ڀڙڪن ۽ غلغلي هيسائي ڇڏيو هو. سچل ڊپ ۾ آهستي آهستي چُريو ۽ وڃي ڌڪيءَ کي کنيو، جنهن هاڻي ڇريون ڪو نه پئي هنيو پر ساڻو ٿيو پيو هو. سچل جي ننڍڙي هٿ ۾ ننڍڙو پکي جيئن آيو ته سچل کي ڏاڍو قياس آيو. ننڍڙو پتڪڙو ڪنئرو هلڪڙو پکي ساڻو ٿيو سندس تريءَ تي پيو هو. ڌڪ به ڪو هيس، منجهس ڪا خاص چرپر نه هئي ائين پي لڳو ڄڻ پوين پساهن ۾ هجي.

سچل آهستي آهستي مناهين ڏانهن هليو. هو هاڻ تڪڙو تڪڙو ٻنا ٽپڻ لڳو ۽ جيئن هو مناهين ويجهو پهتو ته ڪو ماڻهو پٽ تي ڪريل ڏٺائين. ڪا گهڙي هو ڄمي بيهي رهو، پوءِ اُڀي رڙ ڪيائين، ”باباَ!“

ڊوڙندو وڃي پيءُ جي جُسي کي چنبڙيو.

ڌڪي وهيي کي هن پٽ تي کڻي رکيو ۽ پوءِ هو پيءُ کي جاچڻ لڳو. سندس لوندڙي ۽ منهن تي ڌڪن جا نشان نظر آيا، جن مان رت وهي ڄمي هليو هو.

سچل ڌڪ سهي ڪري ويو ته اِهي گليلن ۽ ڳوڙهن جا ڌڪ هيا. هو سڄو ڏڪڻ لڳو، پوءِ روئڻ لڳو. هُن کي پنهنجا هنيل جوشيلا کانڀاڻين جا اُڀا ڌڪ ياد آيا. هُن کي يقين ٿي ويو ته پڻس پوين پساهن ۾ آهي، ڇو جو هو بي سُرت پيو هو. هُن کي ويٺي خيال آيو ۽ هو مناهين ڏانهن ڊوڙيو. هُن ٺڪر وارو کُمرو پاڻيءَ سان ڀريو ۽ ڊوڙندو وريو. هن مٿي کي ٻڌل ليڙون ٿيل پوتڙو لاٿو، پاڻيءَ ۾ آلو ڪري پيءُ جو منهن اُگهڻ لڳو. هو سندس منهن اُگهندو پيو وڃي ۽ رُئندو به پيو وڃي. سندس ڳوڙها نه پيا بيهن. ڪي ته انهيءَ پاڻيءَ ۾ پئي ڳڙيا، جنهن سان هن پڻس جا ڌڪڙا پئي چيٺيا. ائين پڻس ڀڻڪو ڪيو ۽ بت ۾ چرپر آيس. گهڙيءَ کان پوءِ پڻس ڪنجهندو اُٿيو ۽ وَرَ ڪريو پئي جو سچل سهارو ڏئي سنڀالي ورتس. پڻس سچل ڏي نهاريو، سندس ڪومايل مُک پَسي مرڪي پيو:

”سچل پٽ! گهٻراءِ نه. پرواهه ناهي. هر هڪ پرديسي آهي. اڄ پرديسين جو وارو هيو. جهڙو وهيو پرديسي پکي، تهڙو مان!“

هُن هٿ وڌائي پٽ تي پيل ڌڪيل وهيو هٿ ۾ کنيو ۽ پوءِ سندس چهنب وات ۾ وجهي، اُن ۾ ساهه ڦوڪڻ جي ڪئي، پر پوءِ هن پکيءَ کي چميو ۽ ڀڻڪيو، ”مٺا! معاف ڪجان!“ پوءِ بچل جو ڪنڌ، سچل جي هنج ۾ لڙڪي پيو. اُن سان گڏ پکي به سندس هنج ۾ ڪريو. هن ويلي سچل دانهن به نه ڪري سگهيو. صرف هو ٻن جُسن کي محسوس ڪري سگهيو پئي، کيس ائين لڳو ته نٻل پتڪڙي وهيي ۽ نٻل پيءُ جي جهور جسم ۾ ڪو فرق نه هو.

هُن مٿي نهاريو، چوڌاري ڪو به غوغاءُ نه هو. سانت ئي سانت هئي ۽ ائين ٿي لڳو ته پرديسي پکيئڙا هاڻ اُڏامي ويا هئا.

 

 

 

 

 

 


 

بيگار ڪئمپ

غلام نبي مغل

 

اُها چنڊي تاريخ 29- مئي هئي ۽ سال چوراسي. مون حياتيءَ جو نئون پنو اُٿليو هو. اِها سٽ يا جملو، ادبي ٻوليءَ ۾ چڱو لڳي ٿو، پر سَوليءَ ۽ سليس سنڌيءَ ۾ مون سان ويڌن هئي. مون نظر جي عينڪ، خيرن سان پاتي هئي. مون سمجهيو، ڄڻ جوانيءَ کي کاٽ لڳو هو. اکين جهڙي قيمتي عضوي جي ڪمزور ٿيڻ تي مون کي بدن جا ٻيا به قيمتي عضوا ڪمزور محسوس ٿيڻ لڳا، جيتوڻيڪ بلڪل ڪمزور نه هئا. عينڪ جي نسخي ملڻ کان پوءِ، پاڻ کي اهڙي مسافر وانگر سمجهڻ لڳس، جنهن کان ايڪسپريس ٽرين ڇُٽي ويئي هجي ۽ پريان پئسينجر ٽرين کي دڌڪ دڌڪ ڪندي ايندو ڏسي، من کي ماندو نه ٿيڻ جي آٿت ڏيندو هجي ته آهيان ته سوار، پوءِ ايڪسپريس وارو نه ته پئسينجر وارو ئي سهي. اويل سويل وڃي منزل ڀيڙو ٿيندو.

منهنجي زال کي به اِن کان اڳ خبر نه هئي ته ڪو ڀتار جو نور گهٽ ٿي ويو آهي. هونئن به آءٌ زال جي ليکي آلو نور مٿي جو سوُر هئس. جڏهن گهٽ نظر جي نفيس فريم واري عينڪ پائي کيس پاڻ ڏيکاريم ته مون اهو سمجهيو هو ته ضرور چوندي ته اوهين عينڪ ۾ وڌيڪ اسمارٽ پيا لڳو- پر يڪدم پڇيائين، ”خير ته آهي جو نظر جي عينڪ پاتي اٿوَ؟“

”ها مڙيئي ٿوري نظر گهٽ ٿي ويئي آهي.“ مون چيو.

”ويجهي جي يا پري جي؟“ ٻيو سوال.

”ويجهي جي.“ مون هڪ فرمانبردار مڙس وانگر حقيقت بيان ڪئي.

”آءٌ هاڻ سمجهيس.....“

”ڇا وري ڇا سمجهيو تو....؟“ مون کي ڳڻتي ٿي پئي.

ٻه- ٽي ڏينهن اڳ، وي. سي. آر تي زينت امان کي ڏسي چيو هوم، ”زينت امان ڏاڍي متاري ٿي پئي آهي.“

”متاري-؟“ مون واري زال رڙ ڪئي.

”ها ڏس، ٻانهن ڪيڏي نه ٿلهي اٿس.“ مون سادگيءَ ۽ ايمانداريءَ سان چيو.

زال ڪاوڙجي پئي، ”اِها ٻانهن ناهي، سٿر آهي زينت امان جي-“ وري چوڻ لڳي، ”ڌرميندر جي سونهن ۽ صحت متعلق ڪهڙو خيال اٿئي؟“

”پراون مردن جي ڳالهه نه ڪر،“ مون يڪدم پنهنجي غلطي محسوس ڪئي، ”پرنٽ خراب آهي. منهنجي نظر ايتري ته خراب ناهي جو ٽنگ کي ٻانهن سمجهان-“ کلي جان ڇڏايم.

خير اها ته هئي ٻه- ٽي ڏينهن اڳ جي ڳالهه، پر ڪالهه عينڪ ۾ ڏسي چيائين، ”آءُ هاڻ سمجهيس.... آءُ به چوان ته هي ٻن-ٽن مهينن کان سولي منهن مون سان ڳالهائڻ به بند آهي. ڀرسان لنگهان تڏهن به سائينءَ کي خبر نه – جي ساڳئي صوفي تي ويٺي هجان ته به مڙيوئي خير.“

”پر مون توسان ڳالهائڻ ڪڏهن بند ڪيو؟“

”اِهو ٻَري سُور وارو ڳالهائڻ به ڪو ڳالهائڻ آهي. ويجهي جي نظر خراب آهي. خير پري جا ڪهڙا حال آهن؟“

”نُور پيو جهڪو ٿئي، تون پئي پري جا حال احوال پڇين.“ مون چيو، ”هاڻ دل چئي ٿي ڪو صوفياڻو ڪلام ٻڌان. خواجه فريد جو... ميڏا ٿي ڳيا حال بيماريان....!“

”حال بيماران...!“ زال شروع ٿي، ”هي ڪالهه ادا مشتاق سان ڪهڙي سڪينا جا حال پئي ٿيا ته جنهن جون اکيون ڄڻ مشعالا هيون.“

”ڇا پئي بڪ ڪرين،“ مون چيو، ”سڪينا ته منهنجي وڏي ڀيڻ جو نالو آهي، باقي رهيون اکيون، سو ڪالهه ڊاڪٽر ٻڌايو ته هڪ اک ۾ موتيو پاڻي لهي آيو اٿس. ڏکي لڳي آهي مشعالا جي.“ مون چڙ مان چيو. پر ڪالهه مشتاق سان ڪيل ڳالهه به دل تي تري آئي.

”توکي ڇا وڻيو آ سڪينا ۾؟“

”توکي نٿي وڻي؟“ مون پڇيو.

”بس ٺيڪ آهي.“

”رڳو ٺيڪ آهي!“ مون ٿڌو ساهه ڀريو، ”چريا، هن جون اکيون ٻريل مشعلون نه آهن، پر وسڪيءَ جا ڀريل پيالا آهن. مون کي ته سندس اکين تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جي واندو هجان ها ته ضرور عشق ڪريانس ها.“ مون پنهنجي بيوسي ظاهر ڪئي.

”اڇا ته سڪينا سمون جي ڳالهه آهي. پر مون ته ٻڌو آهي ته هوءَ ته ويچاري مريض آهي. خير، تنهنجو ڏوهه ناهي. شادي شده مردن کي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا دؤرا پوندا آهن. سڀاڻي روحي بانوءَ لاءِ روح سڪندئي. پر گهريلو ۽ پالتو مڙس، چوطرف نُوس نُوس ڪري پوءِ سچا پنهنجين جوين ساڻ هوندا آهن. ٻيو ويچارا ڪري به ڇا ٿا سگهن.“

مون کي مشتاق جي ڳالهه نه وڻي. هونئن روحي بانو لاءِ به روح سٽ ڏني هئي، پر تنهن زماني ۾ آءُ صفا ڪنوارو هوس ۽ شادي ٿيندي ئي من تان لهي وئي. پر سڪينا سمي جي نظرن جي فوڪس ۾ هڪ دفعي جي ڪو اچي ويو ته پوءِ پاڻ ٽي بيءَ جو مريض هوندو. هيءَ نظر آسمان تڪيندي ته گهٽ نه ٿي آهي.

اڃا سوچ جو ڌارو هليو ئي پئي ته مون واري زال رڙ ڪئي: (شروع شروع ۾ آواز مٺڙو هوندو هوس) ”هاڻ مهرباني ڪري آءُ جڏهن به ويجهي هجان ته عينڪ ضرور پائيندا ڪريو.“

”عينڪ ورتي انهيءَ ڪري اٿم جو چاهيان ٿو ته احياءِ محبت ڪجي.“

”ڇا!“ زال وري رڙ ڪئي، ”ڪهڙي محبت ڪجي، بي حيا محبت!“ وري ٿورو مرڪي چوڻ لڳي، ”ڪهڙي به هجي پر اوهان محبت ته ڪريو.“

”بي حيا محبت نه“، مون چيو، ”احياءِ محبت، يعني محبت کي نئين سر اُڀارڻ.“

اڃا منهنجي زال جو ليڪچر هلي ها پر ايتري ۾ منهنجي بيبي ڪمري ۾ آئي ۽ ماڻس کي چيائين: ”امي، ڪڪي موڪل پئي گهري.“

”ڇو؟“ (ڪڪي نوڪرياڻيءَ جو نالو آهي.)

”چئي ٿي ته پيٽ ۾ سور آهي. شام جو ايندي.“

”ڪو ضرور ناهي موڪل جو.“ مون واري زال وراڻيو.

”موڪل ڏيڻ ۾ ڇاٿي پوندو. کيس پيٽ ۾ سور آهي.“ مون ڪڪيءَ جي وڪالت ڪئي، ”توکي جڏهن ڪجهه ٿيندو آهي ته پوءِ..... ڇڏ ته وڃي دوا درمل ڪري ويچاري.“

”مون کي خبر آهي ويچاريءَ جي،“ زال چيو، ”.... ۽ جيڪو پيٽ ۾ سوُر اٿس، تنهن جي به خبر اٿم. آيو هوندس هو ڌڳڙو نڪمو مڙس کٽي ڇٽي.“

”سڀ زالون شروع شروع ۾ ائين ڪنديون آهن“، مون چيو، ”توکي جڏهين پڻهين چوندو هو بابا رات رهي پؤ ته ڪيئن چوندي هئين ته هُو صبح جو سوير آفيس ويندو ۽ کيس تڪليف ٿيندي.“

خير منهنجي انهيءَ جملي سان ڪڪي ويچاريءَ کي موڪل ملي، پر انهيءَ شرط سان ته جيئن ئي پيٽ جو سور لهيس ته اچي ٿانوَ ٿپا ڌوئي-- پر پهرين پنهنجو مٿو ڌوئي.

اڄ شام جو مشتاق گهر آيو. مون يڪدم زال سڳوريءَ کي چانهه ٺاهڻ لاءِ چيو. هوءَ ٻري سور سان اُٿي. ڪڪي شايد اڃا چاڪ نه ٿي هئي نه ته زال مون واري اتان ئي بي سُري (ڪنهن زماني ۾ سُريلي) رڙ ڪري ها.

”ٺيڪ آهي، آءُ وڃان ٿي. توهان ويهي پراين زالن جا قصا ڪُٽيو.“

”اڙي پراين زالن جي قصن سان ڪيترو به ڪارو منهن ڪريون،“ منهنجو موڊ خراب ٿي ويو. ”_ پر اڇو منهن وري به توهان سان ئي ٿا ڪريون.“

زال بورچي خاني ۾ پهتي. مون شروع ڪيو، ”ڏٺئي رات؟“

”ها، غضب جا ڊانس هئا!“ مون چيو.

”ڇڙو ڊانس؟ صفا چٻ آهين. اڙي مصري عورت ڇا آهي؟ واهه واهه! خدا ڄڻ آرڊر تي ٺاهيون هجين. لڳي ائي ٿو ته موڪل جي ڏينهن تي خلقيل آهن.“

”يار، اسان واري وي. سي. آر جو هيڊ ڪجهه خراب آهي، سو گهڻو مزو نه آيو”ڇا قد هو ڇا بت هو،“ منهنجو دماغ ڦرڻ لڳو. ”ڇا فگر اٿن،هڪ“ آئونس به ايڪسٽرا گوشت نه آهي. وڃي ٿيا خير. اسان ته ڪنهن قول موجب غيبات جي ور چڙهيل آهيون.“

مشتاق به کُليو: ”هونديون ڪِن جي نصيب ۾“

”ها، هڪ جانورن وانگر ڪمايون، ٻيو گهر ۾ ٻارن جي ڇانگ ۽ پنجاهه سال عمر به پوري نه ٿي آهي ته سڏجون پيا بزرگ ۽ ذميدار، هيڊ آف فئملي_“ مون چيو، ”واندڪائي نصيب ۾ ناهي. جي کڻي ٿوري گهڻي ملي به ته ويهن سالن کان لاڳيتي پناري پيل زال جي بلي خرچ ٿيو وڃي ۽ پوءِ آهن ريوميٽڪ پين، گئس، ڪوليسٽرال ۽ ڊايابيٽس جا الڪا- بلڊ پريشر ڪڏهن لو ته ڪڏهن هاءِ.“

ايتري ۾ چانهه جي ٿانون جو آواز آيو.

”ڳالهه کي بدل- غيبات پئي اچي.“ مون چيو ۽ کلڻ لڳس.

”ضرورو منهنجي گلا ڪندا هوندا.“ زال ايندي ايندي پڇيو.

”نه، اسين هيما مالنيءَ جي گِلا ڪري رهيا هئاسين.“ مون چيو.

”ڪهڙي گِلا؟“

”جهڙو منهن ملوڪ اٿس،“ قد سٺو اٿس_ پر چيلهه تمام ويڪري ٿي ويئي اٿس.“

”آخر شادي ڪيل اٿس.“ منهنجي زال چيو، ”چيلهه ويڪري نه ٿئيس ته ٻيو ڇا ٽنگ ويڪري ٿئيس. اوهان کي پراين عورتن کان سواءِ ٻيو به ڪجهه سُجهي ٿو؟“

”ٻيو ڪجهه جو مطلب ڇا؟“ مون پڇيو ۽ مشتاق چانهه پيئڻ لڳو.

”ٻيو ڪجهه مطلب ته پنهنجين زالن متعلق ڳالهائڻ ۾ گسي پوندا. پهرين ته محبت جا راڳ ڳائي ٿڪندا ئي ڪو نه هئا.“

”ڀاڀي_“ مشتاق وچ ۾ ڳالهايو، ”اوهان فسڪلاس ڀاڀي آهيو ۽ عاليشان چانهه ٺاهي اٿوَ.“

مون چيو: ”ٻڌو هڪ نهايت سياڻي چيو آهي ته پنهنجي زال کي ور ور محبت جو اظهار ڪري يقين ڏيارڻ ائين ئي آهي، جيئن ڪو جرنيل فتح ڪيل قلعي کي گهيري ۾ آڻي ٻيهر ٽيهر فتح ڪندو هجي..... جڏهن ته قلعو ويچارو اڳئي فتح ڪيل آهي. اهڙين فتحن ۾ ڪهڙو مزو.“

مون ٽهڪ ڏنو ۽ مشتاق کلڻ لڳو.

”ادا_“ منهنجي زال (فتح ٿيل قلعو) ڳالهه بدلائي. ”ڀاڀيءَ جي مائٽن سان ڪا صلح ٿي؟“

”نه ڀاڀي،“ مشتاق چوڻ لڳو، ”هاڻ ته منهنجي سنئين سڌي زال جو به دماغ خراب ڪري ڇڏيو اٿن.“ پر پوءِ سنجيدگيءَ سان چوڻ لڳو، ”هاڻ ته منهنجي زال به ڳالهه ڳاله تي مارشل لا جي ڌمڪي ڏئي ٿي.“

الائي ڪهڙو ڪم هو جو منهنجي زال ڪمري ۾ ويئي هلي ۽ مشتاق به ڳالهه بدلائي، ”ڪالهه اخبار ۾ پڙهيم ته هڪ ماڻهو، جنهن کي پنڌرهن سال اڳ خرڪار کڻي ويا، سو جڏهن موقعو ملڻ تي بيگار ڪئمپ مان ڀڄي ويو ته ڪجهه هفتن کان پوءِ وري اچي بيگار ڪئمپ ۾ شامل ٿيو. سبب اهو ته انهيءَ ڪئمپ جي زندگيءَ ۾ اهڙو هري مري ۽ ائڊجسٽ ٿي ويو هو، جو ٻاهر جي آزادي به کيس ڀانءِ نه پيئي. عجيب خبر آهي. آهي يقين ڪرڻ جهڙي؟“

”آهي واقعي عجيب،“ مون تي فيلسوفاڻو دورو پوڻ لڳو، ”پر هڪ ڳالهه ته مرد به هڪ طويل عرصو شادي شده زندگي کان پوءِ پاڻ کي ائين محسوس ڪندو آهي ته هُو به خرڪار جي چنبي ۾ آهي ۽ گهر گرهستي هڪ بيگار ڪئمپ وانگر آهي.“

مشتاق کلڻ لڳو، ”ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“

”نه نه، آءُ چرچو نه ٿو ڪريان،“ مون چيو، ”هي زندگيءَ ۾ هڪجهڙائپ زهر آهي. من جي محب عورت، وفادار زال ۾ تبديل ٿي ۽ پوءِ اُن جو رويو مرد کي فتح ڪرڻ واري ڏينهن کان ئي ختم ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. هوءَ شاديءَ کان پوءِ مڙس جي دل ۾ نظرن واري اصل روُٽ بدران، بهترين طعام ٺاهڻ پيٽ واري رستي کان وڃڻ چاهي ٿي. مڙس ته سندس ڪچن ۾ ڪيل ڪارنامن  مان خوش ٿئي ٿو. سليقو به وڻيس ٿو. گهر جي ڊرائنگ روم جي سجاوٽ جو وڌيڪ خيال هوندو آهي، بنسبت مرد جي جذبات جي. مرد ويچارو، ننڍڙي پٽ جي ڊي- هائڊريشن ۽ لُوز موشنس جي رنگت ۽ بيبيءَ اسڪول يونيفارم جي اوچتو بدلجڻ ۽ وڏي بيبيءَ جي پيريڊس شروع ٿيڻ جا انڪشاف جا هڙيئي ڪئپسول ڳيهي وڃي ٿو. پر انهيءَ گهريلو، پالتو مڙس ۾ جيڪو مرد لڪل آهي، سو چاهي ٿو ته زندگيءَ جي لذت حاصل ڪريان ۽ جيڪو ’ايول‘ سندس بت اندر قيد آهي، سو حياتيءَ ۾ پنهنجو حصو ادا ڪرڻ چاهي ٿو.“

”پر يار_ اِن سان گهريلو زندگي متاثر ٿئي ٿي. زال ٻار.... وڏو کٽراڳ ٿي پوي ٿو.“ مشتاق ائين چوڻ لڳو، ڄڻ ڪا ڪڙي گولي ڳيهي پيو.

”صحيح آهي....“ مون چيو.

”ڇا صحيح آهي؟“ مون واري زال ڪمري ۾ ايندي ايندي پڇيو.

”صحيح اهو آهي ته مرد هڪ ٻي عورت سان تعلقات رکڻ کان پوءِ به پنهنجي زال سان وفادار رهي ٿو....“ مون وري فلسفو شروع ڪيو.

”ڪهڙو مرد ڪهڙي زال، هوش ۾ آهيو“.

”نه نه، منهنجي ڳالهه ٻڌ،“ مون چيو، ”بائلاجيڪلي مرد ڊِفرنٽ آهي، جڏهن ته عورت نه....“

”اڇا، ته ڳالهه ايستائين وڃي پهتي آهي،“ زال سيريس ٿيڻ لڳي، ”مون کان پڇ ته اهو ايول بائلاجيڪلي ڪٿي ڪٿي ڪارو منهن ڪري چڪو آهي ۽ آهي ڇنالون اُتي وفادار آهن ۽ توهان هت برابر وفادار رهندا اچو_“

”ايول ويچارو ته اڃا جسم ۾ قيد آهي ۽ بيگار ڪئمپ سان وجهه ملي ته ڪي ٻاهر نڪري.“ مشتاق چوڻ لڳو.

”ادا، اوهان فيصلو ڪريو.....“ منهنجي زال چئنل بدلڻ ٿي چاهيو.

”هاڻ فيصلا ٻيصلا بند ڪر،“ مون چيو، ”الله جي خلقيل جانورن منجهان رڳو انسان کي خبر آهي ته موت اچڻو آهي، ٻين ڪتن ٻلين کي نه. پر اُهي به پنهنجي نيچرل حياتي گذاري وڃي ٿا پار پون. ۽ اسين چاهيندي به ڪجهه نٿا ڪري سگهون. ليبل لڳن ٿا: ڇوڪرو، جوان، شادي شده، ٻارن جو پيءُ، پاڙي ۾ راڄ جو چڱو مڙس ۽ آخر ۾ اڇا وار اٽو خوار! ڪيترو نه قابو آهين ريتن رسمن ۽ پنهنجن ئي ٺاهيل قانونن ۾....“

”ڀلا توهان شادي شده زندگيءَ کي بيگار ڪئمپ ٿا سمجهو ته پوءِ ڊاهيو ڪئمپ کي؟“ زال پنهنجي اصليت تي اچڻ لڳي.

”انهيءَ ڪئمپ جون پاڙون ايڏيون ته گهريون آهن جو ڇڏڻ چاهيون به ته ڪونه ڇڏي سگهنداسين ۽ اخباري خبر وانگر آزاد ٿي به ۽ (Temporary deviation from the Constitution) ڪرڻ کان پوءِ به کٽي ڇٽي واپس ڪئمپ لائف ۾ اچي حاضر ٿينداسين- پنهنجي خرڪار اڳيان. صبح جو سويل اٿڻ، تيار ٿيڻ ۽ فٽافٽ آفيس يا ڌنڌي تي پهچڻ. صبح کان شام تائين هزار ڪوڙ ڳالهائڻ، ٻين کان جائز ناجائز پئسا ڦرڻ، اها سڀ محنت مشقت ڪنهن جي لاءِ....“

”اهو رڳو منهنجي لاءِ آهي؟“ زال رڙ ڪئي.

”رڙيون نه ڪر، ٻُڌ. اهو سڀ انهيءَ طلسمي ٽڪساٽ کي قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي ته جيڪو شروع شروع ۾ ڏاڍو سهڻو من مهڻو لڳو ٿي ۽ جنهن آهستي آهستي بيگار ڪئمپ جي شڪل اختيار ڪئي آهي.“

”انهيءَ جي معنيٰ ته....“ منهنجي زال چوڻ لڳي، ”مون پنهنجي ساري زندگي تنهنجي ۽ تنهنجي ٻارن جي پويان ضايع ڪئي، تنهنجو ڪو قدر ناهي...؟“

”قدر آهي، هزار بار آهي. تڏهن ته سڄو ڏينهن سخت جسماني ۽ ذهني پورهئي کان پوءِ به وري سرڪار خرڪار ۾ حاضر ٿيون ٿا. جي پورهيو ناهي ته گهر گرهستي قائم ناهي. هن بيگار ڪئمپ کي قائم دائم رکڻ لاءِ سائين ٻڌل آهيون.“

منهنجو بلڊپريشر هاءِ ٿيڻ لڳو، ”سمجهين ٿي ته تون شام جو هٿ منهن ڌوئي، ڪپڙا بدلائي، سنئين سينڌ ڪڍي، چپن تي لپسٽڪ هڻي، جڏهن آءٌ ٿڪل ٽٽل گهر موٽان ٿو، ته تنهنجي چهري جي ڪتابي مرڪ، منهنجي سڄي ٿڪ کي ختم ڪريو ڇڏي_ ۽ پوءِ شروع ٿين ٿا گهريلو راڳ....“

”پوءِ آخر ڇا کپي اوهان کي ....؟“

”مون کي کپي منهنجي محبوبا، جيڪا شب خون هڻي منهنجي زال ٿيڻ کان پوءِ تو مان ختم ٿي ويئي. تون محبوبا مان زال ۽ زال مان هاڻ پرفيڪٽ منهنجي جيجل ٿي رهي آهين. تون ٻڌاءِ. پنهنجي دل تي هٿ رکي پوءِ ٻڌاءِ. ڪٿي آهي منهنجي دل ۾ سمايل اُها عورت، جنهن جي اکڙين ۾ هزار داستان هئا. جنهن جا چپ بنالپسٽڪ جي به پرڪشش ۽ جيئر جيئرا لڳندا ۽ جنهن تي پيل منهنجي هڪ نگاهه به سندس لڱن ۾ مَهيءَ وانگر ولوڙبي پئي هئي ۽ ....“

”هاڻ بڪواس بند“، جيجل زال بحث کي ختم ڪندي چيو،”اهي سڀ ڳالهيون تو مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڪيون هيون. هاڻ هي وقت آهي جو پيو اوُل فول بڪين. گاڏي گئريج مان ڪڍ ته هلي ننڍڙي کي ڊاڪٽر وٽ ڏيکاري اچون. صبح کان پيٽ خراب اٿس.“

”ٺيڪ آهي، بڪواس بند. مون کي اهو ئي چؤڻو هو. هروڀرو پنهنجي وت کان ٻاهر پئي ويس. ٻيو حڪم آقا!“

ائين ئي ارڏي جسم جو راڪاس ڊهڻ لڳو ۽ واپس پنهنجي جنرڪ نيم ’مرد‘ کان، برانڊ نيم ”ننڍڙي جو پيءُ ۽ زال جو مڙس“ ٿيڻ لڳس.

 

 

 

 

خالي ڪوپ چانهه جو

قاضي خادم

 

چانهه جي ڪوپ ۾ چمچو پيو ڦيرايان. چمچو ڦري پيو، ڦري پيو، ڦري پيو.

”هاڻ ته گهڻو ئي چمچي کي هلايو اٿو.“ هوءَ بيزاري سان چوي ٿي. ”اجايو ڪالهه سويل ويس. توهان سچ ٿي چيو. سڄو سارو هڪ ڪلاڪ بس جو انتظار ڪيم. هڪ ڪلاڪ شهر پهچڻ تائين لڳايائين، سڄو وقت برباد ٿي ويو. توهان سچ ٿي چيو.“

”آءُ ته هميشه سچ چوندو آهيان. پر ڪو ٻڌي به ته سهي! مورڳو جڏهن سچ چوڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم تڏهن يا ته زهر ڏنو ويو اٿم، يا ڦاهي، يا وري گهاڻي ۾ پيڙايو ويو اٿم. پر اهي سڀ سهي سهي هاڻ سخت جان ٿي ويو آهيان. هاڻ جي سچ نه ڳالهيان ته ڄڻ پنهنجو پاڻ کي پاڻ ڦاهو ٿو ڏيان. نه، اهو آپگهات منظور ڪونهيم. ڀلي ته ڪو ٻيو ماري، ڏوهه ته ان تي ئي ايندو. سڄي تاريخ منهنجن خونين سان ڀري پئي آهي. ڀل ته وڌن.“

”ماڻهو اهڙو هجي، دوست اهڙو هجي يا ڀانئڻ وارو اهڙو هجي...“ هوءَ ڳالهائي رهي هئي، مسلسل ڳالهائي رهي هئي. آءُ ٻڌي رهيو هوس. مسلسل- ۽ وچ ۾ هو به ويٺو هو، جيڪو چئي رهيو هو ته ”مون کي وچ مان ڪرسي هٽائڻ گهرجي.“

”ڇو؟“ هُن حيراني وچان چيو ته ”اهڙا بخيل ڇو آهيو؟“

”ڪٿي ناز، ڪاني قرب جي ۽ خنجر لڳا پيا آهن.“ هوءَ چوي ٿي.

”ڪٿي ساغر و مينا به ته آهن.“ هو پيو جواب ڏيس منهنجي بدران.

”اسان جو وي. سي. آر چوري ٿي ويو.“

”ڪڏهن؟“

”لاسٽ ايئر، محرم ۾.... تڏهن ته ڪيسٽن مان دلچسپي ختم ٿي وئي اٿم.

پر هن لاءِ پِني سِني آندو اٿم.“

”اهي ڳالهيون ڇپر ۾ هونديون هيون ته ٺيڪ هونديون هيون!“

”ڪهڙيون ڳالهيون.“

”اهي ئي ته ڪيسٽون ڪنهن ڏنيون آهن. اي يا بي.... ڏنيون ته هتان ئي ڪنهن آهن.“

”ماڻهوءَ جي وزن جي خبر ته پوي ٿي نه.“

”توهين سڌو سنئون نالو وٺو. ماڻهو ماڻهو ڇا لڳايو اٿو.“

آءُ کلان ٿو، هاڻ وري هو پنهنجي جونيئر سينئر هجڻ تي وڙهن ٿا.

”تڪبر عزازيل را ابليس ڪرد.“ هوءَ چوي ٿي.

”تڪبر ڇا جو، آءُ سينئر ته آهيان نه، سينئر ابليس.“

”پر آءُ به ته نوڪريءَ ۾ جونيئر آهيان، توهان جي جونيئر ته ڪونه آهيان. مغز ته پورو اٿوَ. آءُ سائين چيئرمن کي به ڪونه چوان. توهين سائين آهيو پنهنجين زالن جا.“

آءُ کلان ٿو. زالن جا سائين آهيون يا ......

”اسين ڪو بيڪار ماڻهو آهيون ڇا؟“

”بيڪار به چڱا آهن. چڙي ڇو ٿا پئو.“

”سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي.“ هوءَ چڙ مان چوي ٿي، ”ماڻهو اهڙا آهن جو دعويٰ ٿا ڪن.... سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي.“

”هجي همت ته نالو وٺو، فلاڻو الف، ب، ت.“

”اسان جي همت نه آزمايو. مس مس پنهنجو پارو آڻي هيٺ بيهاريو اٿئون. سانگيءَ جو بيت ٻڌو:

جو اکين سان نه ڏٺو ڪنهن، سو ڏسون ٿا يارو،

جو ڪنن سان نه ٻڌو ڪنهن، سو ٻڌون ٿا يارو.

پٽيوالو اخبار ٿو آڻي. هو جهٽ هڻي هڪ اخبار ٿو کڻي ۽ ٻي هن کي ٿو ڏئي.

”مون کي ڪني اخبار ڏني اٿو، هوءَ ڏيو. هن ۾ ته رڳو خونن جون خبرون آهن. رڳو ڦرون، ڌاڙا، جهازن جو اغوا، باهيون عورتن سان زوري... ڦٽڪا. نه نه، مون کي هوءَ ڏيو... هوءَ .... هن ۾ به اهي ئي خبرون آهن. پر بين الاقوامي سطح جون آهن. رڳو سنڌ جي باري ۾ ناهن....“

سنڌ جي باري ۾ خبرون، ”سماج دشمن عناصر تي ڪرڙي نظر رکي وڃي.“ زناني بوٽن جو آواز، هوءَ به اچي پئي. اخبار جا پنا پئي اٿلائي، منهن جو پنو ئي خبرن ڏسڻ سان لهي ٿو وڃيس. سڄي شادابي، ميڪ اپ، هڪ ئي خبر پڙهڻ شرط لهي ٿو وڃيس.

”جهازن ۾ چڙهندو ڪير، گهوڙاڙي ننڍڙا جهاز به ڪريو پون.“ هن جو احتجاج.

”موٽرسائيڪل ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر، ستار ايڌي ٽرسٽ، توبهه توبهه.“

”نوجوان شاگرد ۽ رڪشا ۾ ٽڪر.“ کل جو آواز. هاڻ موت جون خبرون کلائن ٿيون، ڄڻ مزاحيه ڳالهيون هجن!

”سپر هاءِ وي تي ڦر جو واقعو، ٺيڪيدار ۽ سندس ڀاءُ زخمي. ڊرائيور گرفتار، ڪلينر ڀڄي ويو.“ خبرون خبرون ۽ خبرون. ”ڪلاشنڪوف، آٽوميٽڪ...“

”سائين، آءُ پنهنجي شعبي جي ٻاهران هڪ بورڊ هڻائڻ چاهيان ٿو.“ بزرگ خاندان جو بزرگ نوجوان ٻڌائي پيو.

”موجوده حڪومت مذهب جي باري ۾ انقلاب آندو آهي.... هٿوڙا گروپ جا چار ڄڻا گرفتار.“ هوءَ خبرون پئي پڙهي.

”سائين، آءُ پنهنجي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ چاهيان ٿو.“

”ها، پر شيرشاهه جي سڌارن کان پوءِ ڪهڙا سڌارا ايندا. سڀ شيرشاهه ٿيڻ ڇو ٿا چاهيو؟ جيڪي آهي تنهن کي سڌاريو، وڌايو.“

اخبارن جي کڙکڙ..... ۽ ماٺ..... خاموشيءَ...... سامهون ڊاڪٽر جي ميز تي ٻه انڊپينون هولڊرن ۾ خاموش ۽ حيران آهن.

”سوچن ۾ ويهي پورا ٿي ويندا.“ چوي هڪ کي ٿو جواب ٻيو ٿو ڏي. اسان کي ڪو افسوس هاڻي ڪو نه ٿو ٿئي. ڪن ٻين کي ٿئي، جيئن هُنن کي، هِنن کي.“

”ها.... سيءُ ٿو پوي.... ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب ڇهه ڄڻا زخمي. هوءَ کلي ٿي، ”انتقال پرملال“ وري کلي ٿي. ”چوويهه ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪندا ڊاڪٽر..... مريضن جي تباهي آهي.“ هوءَ وري کلي ٿي.

آءُ به کلان ٿو. هي سڀ خبرون.... سڀ ڳالهيون کلڻ جهڙيون آهن.

”اڳين رات بس مان ڦر ڪري ويا.“

”اهو ته آزار ٿي پيو. هاڻ ويندو ڪير ڪراچيءَ.“

”ٻيون خبرون آهن، اهي پڙهه. ريگن- گورباچوف جي زالن وچ ۾ فيشن جي مقابلي جون به ته خبرون آهن. ايڊز جي مرض جي باري ۾ نئين معلومات به ته آهي....“ هو صلاح ٿو ڏئي.

هو ڪنڌ هيٺ ڪري لکي پيو ۽ هوءَ مسلسل ڳالهائي پئي. ”نئين هائوسنگ سوسائٽيءَ جو اشتهار آهي. عوام گهر، سٺ گزن، چاليهه گزن ۽ پنڌرهن گزن جا ڪشادا بنگلا...... اسپتالون ۽ اسڪول به ويجها آهن. شهر کان صرف سؤ ميلن جي مفاصلي تي ٻيلي جي ڪپ تي. سهڻا نظارا.... آڊيو ويزيوئل، آواز به ٻڌو جانورن جا، پکين جا، گولين جا.... جانورن جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽلين، چڙن ۽ گهنڊڙين جا.“

”وڏا ٿي وياسين، هڏا ٿي وياسين.“ هو افسوس مان چوي ٿو.

”شاخن کي کنڊ ڇو ٿا پون.“ هوءَ چوي ٿي.

”شاخن جا کنڊ وري ڪن ٻين جا کنڊ ڀريندا آهن.“ هن چيو، پر هن ڪونه سمجهيو.

”سائين، توهان جي دوست وري به فون ڪيو هو، ڇا ٿيو ڪم جو“ ٻاهران ڪو اندر آيو.

”ملڪـﮧ حسن ڇا کي چوندا آهن.“ هن حيرانيءَ وچان چيو.

”پي-ايڇ-ڊي ڪئي اٿئي پر اها خبر ڪا نه اٿئي.“ هو چويس ٿو ”مون پي. ايڇ. ڊي، حسن تي ڪانه ڪئي آهي.“ هن بيزار ٿي چيو  ”چڱو هاڻ ماٺ ڪريو.“ هوءَ هُن ڏانهن وڃي ٿي جنهن ڪجهه لکيو پئي.... ”هي ڇا آهي، پي. ايڇ. ڊي.“

”نه نه ڇا جو آرٽيڪل آهي.“

”آءُ به لکان ٿي، پر ڇو لکان.“ هن جي هر ادا مان بيزاري پئي بکي.

آءُ کلان ٿو، بيزاري به هڪ روپ آهي. جڏهن ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ چوڻ لاءِ ڪجهه نه بچي ته پوءِ سواءِ بيزاري جي ٻيو ڇا حاصل ٿيندو.

هوءَ هلي ٿي وڃي باٿ روم ۾. صابڻ سان منهن ٿي ڌوئي، تازو ميڪ اپ ٿي ڪري. ڪريم، پائوڊر، لپ اسٽڪ، آءِ شيڊ، پرفيوم جو اسپري. خبرن جي ڌپ ختم ٿي ڪري. آهستي آهستي ڪو گيت جهونگارڻ ٿي لڳي. سندس بيزاري ختم ٿي ٿئي. هوءَ واپس ٿي اچي. پٽيوالو چانهه جو ڪوپ هن جي اڳيان آڻي ٿو رکي. هوءَ کنڊ ملائڻ لاءِ چمچو ڪوپ ۾ هلائڻ ٿي لڳي. چمچو ڦرندو ٿو رهي.... ڦرندو ٿو رهي ۽ چانهه جي گرمي ٻاڦ بنجي اڏرندي ٿي وڃي.

آءُ وري سوچان ٿو ته ”ماڻهو چانهه جي ٻاڦ ۽ سگريٽ جي دونهين ۾ پناهه ڇو ٿا وٺن. ڪرندڙ ديوار کي ڪيستائين ٿوڻين جي سهاري بيهاري سگهبو. ڀلي ته ڪري. وري نئين ٺهندي، ڊهندي نه ته ٺهندي ڪٿان؟ ائين ته نيون تهذيبون وجود ۾ آيون. ۽ انهن جو ڇا ٿيو، جن نواڻ قبول نه ڪئي. ماضيءَ ۾ ئي دفن رهيا. ماضيءَ کي عبرت ۽ سبق لاءِ نه پر رهڻ لاءِ چونڊيائون.“

سڀ ڪجهه وڌي پيو، اڳتي پيو وڌي. جيڪو نه ٿو وڌي، اهو پنڊ پهڻ ٿيو پوي. ڪنهن جادوگر جي بانسري يا پريءَ جي ڇهاءَ جي انتظار ۾، جيڪو اچي جاڳائيندس. نه نه، هاڻ پريون ۽ جادوگر ڪونه ايندا. جاڳڻوئي پوندو، جاڳڻو ئي پوندو. جي ٻيو ڪو آواز نه جاڳائيندس ته ڪوپ ۾ ڦرندڙ چمچي جو مسلسل آواز ئي جاڳائيندس. نه ته اسٽيج جي ان اداڪار وانگر پاڻمرادو مري ويندو، جيڪو ڳچ وقت مسلسل اسٽيج تي نه آيو هجي ۽ ماڻهو هن کي وساري چڪا هجن.

ٻه خوبصورت نينگريون هن وٽ بيٺيون آهن. هنن جي موجودگي ماحول کي سُرهو ڪري ڇڏيو. ”آپا، توهان ۾ ڪم آهي.“ هنن هڪ آواز ٿي چيو.

”بنا ڪم جي به ته ڪو اچي.“ هن چيو.

”ڪم کان سواءِ ڪير ايندو؟ ڪير به ڪونه ايندو. جي چاهين ته تو وٽ ڪو اچي ته ڪم ڪر، مسلسل ڪم ڪر. ٻيو ڪو ڪم نه ڪري سگهو ته ان چمچي کي ئي ڪوپ ۾ ڦيرائيندا رهو. اهو فڪر نه ڪريو ته ڪوپ ۾ چانهه آهي به يا نه. بس چمچي جو آواز ايندو رهي.“

 

 

 

چانڊوڪيءَ جو زهر

انيس انصاري

 

اتفاق سان منهنجي بدلي به ان برانچ ۾ ٿي، جنهن ۾ آفتاب ڪم ڪندو هو، مان ان بابت اڳ ڪافي ٻڌي چڪو هيم، کيس ڪي ولي سمجهندا هئا ته ڪي شيطان. سندس ٻوٽي به ڪنهن سان گڏ ڪين رجهندي هئي. هوندو به تن تنها هو. نه ڏيندو هو سلام ڪنهن کي ۽ نه وٺندو هو سلام ڪنهن کان. ڪم تي البت سوار هو. ٽيبل صاف ڪري اٿندو هو، پوءِ کڻي کيس ٻه ڪلاڪ وڌيڪ ڇو نه ويهڻو پوي.

مون کي حيدرآباد آئي رڳو ٻه مهينا ٿيا هئا. پهريائين ته مون کي جنرل برانچ ۾ رکيو ويو ۽ بعد ۾ اڪائونٽ برانچ ۾، جنهن ۾ آفتاب رڳو ئي ڪم ڪندو هو، مان سندس طبيعت جي رُکائي بابت پهريائين ٻڌي رکيو هو، تنهن ڪري ساڻس ويجهو ٿيڻ جي ڪڏهين به ڪوشش ڪانه ڪيم.

هڪ ڏينهن هو دستور جي خلاف اچي منهنجي ٽيبل جي ڀرسان بيٺو ۽ ان تي رکيل ڪتاب کڻي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو. اهو ڪتاب منهنجو هڪ دوست تازو مون لاءِ آمريڪا مان وٺي آيو هو. ڪتاب Colins Wilson جو لکيل هو ۽ نالو هئس “Occult”. ڪتاب اٿلائي پٿلائي، بنا مون کان پڇڻ جي کڻي ويو پنهنجي ٽيبل تي ۽ لڳس پڙهڻ. آفيس ختم ٿيڻ تائين آفتاب ڪتاب پي پڙهيو. آفيس جي ڪم ڏانهن ڏٺائين به       ڪين،آفيس ختم ٿيڻ وقت ڪتاب اچي منهنجي ٽيبل تي    رکيائين منهن تي مسڪراهٽ آڻي چيائين ”مهرباني.“ چوڪيدار ٻئي ڏينهن تي ٻڌايو ته آفتاب اڌ رات تائين ويهي سرڪاري ڪم پورو ڪيو هو.

ٻئي ڏينهن تي به مون ساڳيو ڪتاب ٽيبل تي اچي ساڳئي هنڌ رکيو، پر ان ڏينهن آفتاب ان ڏانهن اک به کڻي ڪين ڏٺو. هاڻي مون کي ان برانچ ۾ ڪم ڪندي ڏيڍ مهينو ٿي ويو هو. هڪ ڏينهن آفيس سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته ٽن ڏينهن بعد اڪائونٽ جي آڊٽ ٿيڻي هئي، ان ڪري مان ڪتاب چڱيءَ طرح بند ڪري بئلنس ڪئش سان ملائي رکان. ان ڏينهن ڏيتي ليتي ڪرڻ بعد ڪئش جو کڻي ڪتاب سان ملايان ته ڪئش ۽ ڪتاب جي بئلنس ۾ پنجٽيهه رپين جو فرق هو. پنجٽيهه رپيا ڪيش ۾ گهٽ پئي بيٺا. مان سارو پگهرجي ويس. ڏاڍي ڪوشش ڪيم پر غلطي ڪٿي هٿ نه آئي. آخر آفيس سپرنٽينڊنت سان وڃي ڳالهه ڪيم ۽ چيومانس ته پنجٽيهه رپيا وجهي ڪئش ڪتابن سان ملائي ٿو رکان. هن وراڻيو، ”ميان، پئسن جي ڳالهه نه آهي. متان ڪتاب ۾ ڪا غلطي هجي.“ چيومانس، ”ڪتاب مان چڱيءَ طرح چڪاسيا آهن. انهن ۾ غلطي ڪانه آهي. شايد پئسا ڪنهن کي وڌيڪ ڏئي ويٺو آهيان.“ ان تي سپرنٽيڊنٽ مون کي ڪتاب ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو ۽ مون کي دلداري ڏنائين ته هو پاڻ ئي غلطي ڳولي لهندو. ٻئي ڏينهن تي ڪتاب موٽائيندي سپرنٽينڊنٽ چيو، ”ميان ڪئشيئر! غلطي مان به هٿ ڪري نه سگهيم. پاڻ ڄاڻ، ڪئش لاءِ تون جوابدار آهين.“

اللہ اللہ ڪري مس مون کي نوڪري ملي هئي. ايم. اي. پاس ۽ ڪلارڪي! سمجهيم ته اها ڪلارڪي به ڄاڻ هٿن مان وئي. اوچتو هڪ خيال آيو. هليو ويم آفتاب جي ٽيبل تي. چيومانس، ”مسٽر آفتاب؟ آڊٽ ٿيڻ واري آهي. پنجٽيهه رپيا ٿا ڪئش مان کٽن. غلطي هٿ نه ٿي اچي. اوهان مهرباني ڪري ڪتاب ڏسندءُ؟“

هن ڪو به جواب نه ڏنو، منهنجي ٽيبل تي ويو ۽ وڃي ڪتاب کڻي آيو، هڪ ڪرسي گهلي مون کي ويهڻ جو اشارو ڪيائين. هن غير معمولي قدم تي سڄي آفيس اسان ڏانهن ڏسڻ لڳي. ڪي ڪلارڪ حيرت مان ڏسي رهيا هئا ۽ ڪي مسڪرائي رهيا هئا. آفتاب گذريل مهيني جو ائبسٽريڪٽ کولي ڏٺو ۽ ويو اُن کان پوءِ جون داخلائون ڏسندو ۽ وائوچرن سان ڪتاب ڀيٽيندو. هڪ هنڌ آڱر رکي چيائين، ”غلطي هتي آهي. پنجٽيهه رپيا ٿو فلٽ ۽ فنائيل تي ڏنا آهن، اهي تو حساب ۾ آندائي نه آهن.“ غلطي چار ڏينهن اڳ جي هئي. ڳاڙهي مس سان غلطي درست ڪري، آفيسر جون صحيحون وٺي ڪتاب بند ڪري، ڊبل لاڪ ۾ رکي، هڪ چاٻي رکيم پاڻ وٽ ۽ ٻي ڏنم سپرنٽينڊنٽ کي. هاڻي مان آڊٽ لاءِ تيارهيم. اها رات مان آرام سان گذري.

چار مهينا ته مون کي حيدرآباد ۾ رهڻ جي جاءِ نه پئي ملي. هڪ ڏينهن آفيسر مون کي گهرائي چيو، ”مسٽر جميل! لطيف آباد نمبر 6 ۾ هڪ سي ٽائيپ ڪوارٽر خالي ٿيو آهي. اهو ڪوارٽر اسان جي کاتي کي الاٽ ٿيل آهي، جي تون ويهڻ گهرين ته چاٻي وڃي آفيس سپرنٽينڊنٽ کان وٺ.“ جڏهن مختصر مڏي کڻي وڃي ڪوارٽر ۾ ويٺس ته معلوم ٿيو ته آفتاب ساڳي لائين ۾ 20- سي ۾ رهندو آهي.

حيدرآباد مون لاءِ نئون شهر هو. نوڪريءَ سانگي اچي اتي رهيو هيم، به ته ان کا اول مان هن طرف آيوئي نه هئس. نئين هئڻ  ڪري شهر ۾ منهنجي واقفيت به ڪانه هئي. ڪوارٽر ۾ اچڻ کان اول ڪجهه مهينا آفيس لڳ چوڪيدار جي ڪوارٽر ۾ گذاريا هئم، جو هن مون کي مُنجهيل ڏسي پاڻ ئي آڇيو هيو.

واند ڪائي وقت لطيف آباد ۾ مون لاءِ تفريح جا ٻه ذريعا هئا- هڪ پيدل سير ۽ ٻيو ڪتاب پڙهڻ. هڪ ڏينهن رئوف ڳالهين ڪندي  مون کي ٻڌايو، ”ميان تنهنجي لطيف آباد جي پٺيان ته سنڌو ٿي وهي. ڪڏهن ڪڏهن ان طرف به تفريح لاءِ نڪري ويندو ڪر.“ هڪ شام جو مان پڇائيندو وڃي درياهه جي ڪنٺار تي نڪتم، مزو اچي ويو. اتي هڪ پمپنگ اسٽيشن پڻ موجود هئي، جتي ڪجهه ٻارا گلن جا پڻ لڳل هئا. مان سنڌوءَ جي ڪناري ويهي ڪوٽڙي پل ۽ شهر ڏانهن پئي نهاريم ته ڪنهن منهنجو نالو وٺي سڏ ڪيو. پٺتي نهاريان ته پمپنگ اسٽيشن جي هڪ ڪوارٽر ٻاهران آفتاب بيٺو هو. مون کي پاڻ ڏانهن ڏسندو ڏسي، هن هٿ سان پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيو. ان طرف ويم ته هٿ کان وٺي ڪوراٽر ۾ اندر وڃي کٽ تي ويهاريائين. بعد ۾ معلوم ٿيو ته اهو ڪوارٽر پمپنگ اسٽيشن جي مستري نبي بخش جو هيو، جنهن وٽ ڪنهن ڪنهن مهل آفتاب اچي ويهندو هو. جنهن وقت مان ويم ته نبي بخش چانهه تيار ڪري رهيو هيو. هٿ اگهي اچي مون سان محبت سان مليو ۽ چيائين، ”سائين! هن طرف اچڻ ٿئي ته ٻه پير ڀري مون مسڪين وٽ به ايندا ڪريو.“

چانهه پي ٻه منٽ نبي بخش سان ڳالهيون ڪري مان ۽ آفتاب اچي درياهه جي ڪناري تي ويٺاسين ۽ لڳاسين شفق جو نظارو ڪرڻ. آسمان ۾ هلڪا هلڪا ڪڪر ڇانيل هئا، جي سج جي روشنيءَ رنگ مٽائي رهيا هيا. دور پريان ڪنهن هنڌان اذان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آفتاب اٿي پمپنگ اسٽيشن جي ڀرسان لڳل پائيپ مان وضو سارڻ لڳو ۽ مان آهستي آهستي قدم کڻندو لطيف آباد واپس ورڻ لڳم.

هڪ آچر جو (آچر انهن ڏينهن ۾ موڪل جو ڏينهن هو)، ڪنهن اچي منهنجي ڪوارٽر جو دروازو صبح سويري کڙڪايو. نڪري ڏٺم ته آفتاب هيو، اندر وٺي ويومانس. هو لڳو الماريءَ ۾ منهن جا ڪتاب ڏسڻ ۽ مان وڃي  چانهه تيار ڪري ورتي. ان ڏينهن آفتاب سان ڪافي ڪچهري ٿي. هو هيو به موڊ ۾، هاڻي هو مون وٽ ڪڏهن ڪڏهن اچڻ لڳو، (مان وٽس ڪڏهن به نه ويم. هن نه ڪڏهن مون کي وٽس وڃڻ لاءِ چيو ۽ نه مان ئي ڪڏهن ساڻس اها ڳالهه چوري) هڪ ڏينهن هن پڇيو، ”ڪڏهن گنجو گهميو آهين؟“

بابا، گنجو ٽڪر، ”گنجو!“ مون تعجب مان چيس تيار ويهجانءِ ايندڙ آچر تي سوير اوڏانهن هلنداسين.“

آچر آيو، صبح جو سوير آفتاب اچي ڪوارٽر جو در کڙڪايو. کيس ڏٺم ته مون کان کل نڪري ويئي. هڪ ڪهلي تان ڪپڙي جو ٿيهلو لڙڪي رهيو هيس ۽ ٻئي تان ٿرمانس، ”ٿيلهي ۾ ڇا کنيو اٿئي.“

چيائين، ”هل- پاڻهي پتو پوندءِ.“

گنجو ٽڪر ته هڪڙي ننڍڙي ٽڪري ٿي آئي ٺوڙهي ۽ گنجي، پر آفتاب جي سنگت ۾ اتي گهمندي ان ڏک ئي ڪا ٻي ڏني. ڪافي مهينن تائين موڪلن ۾ (جي ڳوٺ نه ويندو هيس ته) آفتاب سان گڏجي گنجي ٽڪر جو چڱو سير ڪيم. هڪ دفعي گنجي ٽڪر گهمندي آفتاب مون کي هڪ انڌيري غار ۾ وٺي ويو. اتي ٿيلهي مان ننڍڙي ٽارچ ڪڍي ڦيرايائين ته هر طرف کان تجلا ايندي پي نظر آيا. پڇيومانس: ”هيرا آهن ڇا؟“

ٻڌايائين ته ابرڪ هيو. غار جي ديوارن ۾ ابرڪ جا تهن مٿان تهه پئي ڏسڻ ۾ آيا. ٻئي دفعي وري ميٽ جو ذخيرو ڏيکاريائين، جو چڪن جي صورت ۾ هڪ غار جي ديوارن ۾ کتل هيو. گنجي ٽڪر تي گهمندي جدا جدا ساهوارن جا پنڊ پهڻ(Fossils) به هٿ آيا. اهي سپين، ڪوڏين، تاري مڇي (Star Fish) ۽ ٻين پاڻيءَ جي ساهوارن جا هيا. آفتاب ٻڌايو ته گنجو ٽڪر ڪنهن وقت سمنڊ جي هيٺان هيو. هڪ دفعي گهمائيندي گهمائيندي آفتاب مون کي هڪ ڊٺل گول گنبذ نما عمارت وٽ وٺي ويو. پڇيو مانس: ”هي ڪنهن ڦٽل چوني جي بٺي جا نشان آهن؟“ کلي ڏنائين ۽ چيائين، ”ميان! هي ٻڌ وهار آهي.“ مان ان ڳالهه ۾ ساڻس اتفاق نه ڪيو.

هڪ ڏينهن پڇائين، ”پارسين جو قبرستان ڏسندين؟“ مان چيومانس، ”پاريسين جو قبرستان ٿيندو آهي ڇا؟ مون کي ته معلوم آهي ته پارسي پنهنجي عزيزن خويشن جا لاش هڪ هنڌ ڇڏي ويندا آهن. ماس کي جانور ۽ پکي کائي ڇڏيندا آهن. باقي هڏا هو خاص طرح ٺهيل کوهه ۾ ڦٽي ڪندا آهن.“ هن ڪو به جواب ڪونه ڏنو، پر هڪ اهڙي هنڌ وٺي ويو، جتي پٿر جون وڏيون وڏيون گهڙيل سرون رکيل هيون، جن تي گجراتيءَ ۾ نالا ۽ مرڻ ڄمڻ جون تاريخون لکيل هيون. نالا پارسين جا هيا. پتو نه آهي ته پارسين جا اتي هڏا پوريل هيا يا مسلمانن وانگر سالم لاش.

مان آفتاب جي طبيعت مان واقف ٿي ويو هيم. جنهن وقت هو ڳالهائيندو هو ته مطلب جو جواب ڏيندو هو مانس، وري ٻنهي طرفن خاموشي طاري هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ  هلندا رهندا هواسون، پر هڪ اکر به ڪين ڳالهائيندا هواسون.

آفتاب جي ڪپڙي جي ٿيلهي ۾ ڪافي ڪجهه هوندو هو. ان ۾ ڊبل روٽي، اوٻاريل آنا، جيلي يا جام، موسم جي مناسبت سان ڪو ميوو، دوربين، ڇيڻي ۽ ننڍو هٿوڙو (فاسل جدا ڪرڻ لاءِ) ۽ ننڍي ٽارچ هوندي هئي. ماني ڪنهن ڇانوري ۾ ويهي کائيندا هئاسين، ۽ ٿرماس، جو پڻ هو پاڻ سان کڻندو هو، ان ۾ هوندي هئي چانهه.

ڪنهن ڪنهن وقت آفتاب جي اکين ۾ هڪ خاص قسم جي شوخي، لالائي ۽ چمڪ پيدا ٿيندي هئي. ان وقت مان کانئس دور رهندو هيس. پهريون دفعو اهڙي تبديلي منجهس مان هڪ شام جو سنڌوءَ جي ڪناري ڏٺي هئي. هن ۽ مان پٿر تي ويٺي وهندڙ پاڻيءَ جو پئي نظارو ڪيو ته اوچتو آفتاب ٽَپ ڏئي اُٿيو ۽ مون ڏانهن منهن ڪري رڙ ڪيائين، ”اُٿي“. مان ڏانهنس حيرانيءَ مان ڏٺو. هن ٻيهر رهڙ ڏئي چيو، ”ٻڌين نه ٿو؟ اُٿي!“ مان اٿي کڙو ٿيم. لطيف آباد ورندي اسان ان ڏينهن ڪجهه به نه ڳالهايو. ٻئي دفعي وري گنجي ٽَڪر تي هڪ ڇپ تي ويٺا هئاسون، ۽ پئي ڳالهيون ڪيوسين. اوچتو ڪنهن خيال اچڻ تي مون ٽيڏي اک سان آفتاب ڏانهن ڏٺو. ان جي اکين ۾ اها خاص چمڪ موجود هئي. ان هر مون ۾ پي نهاريو ۽ هر سير کن تور هڪ پٿر ۾، جو سندس  ڀرسان پيو هو. هن دفعي مان ٽپو ڏئي پري وڃي بيٺم ۽ رڙ ڪري کيس چيم ”اُٿي.“ آفتاب جي اکين مان چمڪ غائب ٿي چڪي هئي، جن ۾ هاڻي حيراني صاف نظر اچي رهي هئي. گهڻو گهڻو پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته درياهه جي ڪناري جڏهين مان ٽپو ڌئي پري وڃي بيٺو هيم ۽ تو کي اٿڻ لاءِ چيو هيم ان ڇينهن منهنجي من ۾ خيال پيدا ٿيو هو ته مان تو کي ڌڪو ڏئي درياهه ۾ ڪيرايان. ان ڳالهه کان پچڻ ڪاڻ مان پري وڃي بيٺو هيم ۽ توکي اُٿڻ لاءِ رڙ ڪئي هيم. مان ان کيس چيو ته  آفتاب تون ۽ مان هڪ دفعي گنجي ٽڪر تي هڪ ڇپ تي ويٺا هواسون ته مان ٽپو ڏئي وڃي پري وڃي بيٺو هيم ۽ توکي اُٿڻ لاءِ رڙ ڪئي هيم. خبر اٿئي ڇو؟ ان تي ان ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. چيومانس ته اهو ان ڪري، جو ان وقت تنهنجي دل ۾ آيو هيو ته ڀرسان پيل پٿر کڻي منهنجي مٿي ۾ هڻين. آفتاب جي منهن تي پگهر جا وڏا واڏ ڦڙا نڪري آيا.

هڪ ڏينهن پنڌ وڃي هوسڙيءَ نڪتاسون. معلوم ٿيو ته اتان اڌ ڪلاڪ بعد ريل حيدرآباد لاءِ وڃڻي هئي. اچي اسٽيشن تي ويٺاسون. ان ڏينهن آفتاب جي گفتگو ڪجهه عجيب ڍنگ جي هئي. ڪجهه اشارن ۽ ڪناين ۾ پئي ڳالهايائين، هڪ سوال هن مون کان جو پڇيو سو هو، ”جميل! ڪڏهين چانڊوڪيءَ ڏنگيو اٿئي؟“

مون چيس، ”چانڊوڪي نانگ آهي ڇا؟“

چيائين، ”اُن کان به بُري!“

چوڏهينءَ جو چنڊ آسمان ۾ کِڙيو بيٺو هو. مان ۽ آفتاب سنڌوءَ جي ڪناري ويهي ان جو عڪس پاڻيءَ ۾ ڏسي رهيا هئاسون. پري کان گدڙن جون اونايون اچي رهيون هيون. پاڻيءَ جي سر سراهٽ ۽ گدڙن جي اوناءَ کان سواءِ فضا خاموش هئي. اسان ٻئي خيالن ۾ گم، چنڊ جي چانديءَ کي پاڻيءَ جي وڪڙن ۾ ورهائجندو پئي ڏٺوسين ته اوچتو مون پنهنجي ڪرنگهي جي هڏي وٽان هڪ سرديءَ جي لهر اُٿندي محسوس ڪئي. ان کان سواءِ دماغ ۾ هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ٿي. مون ڏٺو ته جسماني ۽ دماغي طور مان مفلوج ٿي چڪو هوس. درياهه جي اجلي پاڻيءَ مان مون باهه جو ڄِڀيون اُٿندي ڏٺيون، جنهن جي مٿان ڪارا پاڇا شيطاني ناچ نچي رهيا هئا. دور ڪنهن هنڌان هلڪن سُرن ۾ گهنڊڻين وڄن جو آواز پئي آيو. چنڊ باهه جي گولي ۾ تبديل ٿي چڪو هو. اوچتو منهنجي ذهن ۾ مون کي هڪ خيال آيو، ”مون کي چانڊوڪيءَ کان پاڻ ڏنگائڻو نه آهي.“ بدن مان هڪ درڙي نڪري ويئي. پاڇا غائب ٿي ويا. باهه جي ڌارا بدارن سنڌوءَ ۾ پگهريل چاندي وهي رهي هئي. چنڊ پنهنجي اصلي روشني ڦهلائي رهيو هو. دور کان گهنڊڻين جو ايندڙ آواز گم ٿي ويو هو. مون آفتاب ڏانهن نهاريو، هو ٽڪٽڪي لائي مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. مان اُٿي کڙو ٿيس ۽ کيس چيم، ”مون کي ننڊ ٿي اچي، مان وڃان ٿو.“ هن مون کي ڪونه روڪيو. پروگرام جي الٽ پمپنگ اسٽيشن تي باقي رات گهارڻ جي بجاءِ ان وقت ئي لطيف آباد ڏانهن رخ ڪيم. اڪيلوئي اڪيلو جهنگ جهر مان وات ڪندو اچي گهر ڀيڙو ٿيم. کٽ تي سمهڻ سان ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوريءَ جو ايڏو ته احساس ٿيو جو ليٽڻ بعد ڪو پتوئي نه رهيو ته ڪهڙي ملڪ يا جهان ۾ آهيان.

ان دوران مون مقابلي جو امتحان پاس ڪري ورتو ۽ روينيو کاتي ۾ کنيو ويم. حيدرآباد ۽ ان سان گڏ آفتاب کي خيرباد چئي ٽريننگ پوري ڪري وڃي نوڪريءَ ۾ لڳم. شروع ۾ ته پنهنجي پنڌ گهمڻ جي عادت جو موڪلن جي ڏينهن تي پورائو ڪرڻ لڳم، پر پوءِ روينيو کاتي جي ڪم جي نوعيت ۽ گهڻائي ڪري اهڙين تفريحن کي ڇڏڻو پيو. اتفاق سان منهنجي بدلي سيوهڻ ٿي. اتي جبلن ۽ پهاڙين جي ويجهائپ وري منهنجو خيال پاڻ ڏانهن ڇڪيو. هڪ دفعو ٻن هم خيال دوستن سا ڀڳي ٺوڙهي تي ڪجهه ڪلاڪ گهارڻ جو پروگرام بنائي جيپ تي چڙهي هڪ هنڌ اچي ڪئمپ هنئي سين. اسان ڪم وارن کي ماني جلدي ٺاهڻ جو چئي لڳاسون جبل تي چڙهڻ. سهڪندا سهڪندا چوٽيءَ تي پهتاسون ته اتي هڪ ماڻهو ڏٺوسين، جو هڪ ڇپ جي اوٽ ۾ پرائيمس اسٽوو تي ڪجهه تيار ڪري رهيو هيو. اسان کي ڏسي هو اسان ڏانهن وڌڻ لڳو. پري ئي هيو ته مون کيس سڃاتو، هو آفتاب هو. ٻکئين پئجي وياسين. پڇيومانس، ”هتي ٿو ڏسجين.“ چيائين، ”هائو، ٽن ڏينهن کان هتي آهيان.“ پڇيومانس، ”چوٽي تي.“ جواب ڏنائين، ”صبح جو مٿي ايندو آهيان.“ گهمي ڦري شام جو وڃي ريلوي جي ڪئبن مئن جي ڪوٺيءَ ۾ سمهندو آهيان.“ هن جي چانهه تيار هئي. اسان به پاڻيءَ جو ٿرماس ساڻ کنيو هو، ان جي پيالين ۾ چانهه پيتي سين. مزو اچي ويو. پنهنجن دوستن کي آفتاب ۽ پنهنجي گنجي ٽڪر جي گهموم لاءِ ٻڌايم. ڪجهه وقت ويهي سڀئي هيٺ لهي آياسون ۽ گڏجي ماني کاڌي سون. مون آفتاب کي ٻڌايو ته ٻڌايو ته مان هاڻي سيوهڻ ۾ آهيان. کيس پاڻ سان هلڻ لاءِ چيم. هن ٻڌايو ته سندس موڪل اچي ختم ٿي هئي ۽ شام جو هو حيدرآباد ورڻو هو. هن البت وعدو ڪيو ته ڪنهن ڏينهن هو مون سان سيوهڻ ملڻ ايندو.

مٿين ڳالهه کي ٻه مهينا گذريا هوندا ته هڪ شام جو آفتاب سيوهڻ اچي پهتو. قلندر شهباز جي درگاهه تان ٿي موٽيو ته مانيءَ وقت سندس منهن پي ڏٺوسين نه ته هو ٻن ڏينهن تائين پنهنجي ڪمري ۾ اندر رهيو. چيائين ته هو ڏاڍو ٿڪل هو. آخر ٿڪ لاهڻ بعد هڪ شام جو مون کي چيائين، جميل صاحب! پرهينءَ چوڏهين رات آهي. اها رات مان لال باغ ۾ گذارڻ گهران ٿو. اوها ساٿ ڏيندءُ منهنجو؟“ پهريائين ته خيال آيو ته انڪار ڪريانس، پر پوءِ خيال اچڻ سان ته اها ڳالهه اخلاق جي بعيد ٿيندي، جي مان سندس ساٿ نه ڏنو. آخر مان ئي دعوت ڏئي کيس گهرايو هيو اتي.

لال باغ ۾ اڳي ئي بندوست ڪرائي ڇڏيو هيم. کليل هنڌ تي هڪ جهوپڙي بنائي ويئي هئي، جنهن ۾ موسم جي مناسب سان هنڌ بستري جو بندوست ڪيل هيو. ٽيون ماڻهو مون سان اردلي فقير محمد هيو. شام جو اسان باهه جي مچ جي ڀرسان ويٺا هئاسون. فقير محمد ٿورو پريان پيڙهي تي ويٺو هو. ان ڏينهن هوا ۾ خنڪي به ڪافي هئي ۽ وري جهوپڙي به هئي کليل، ان ڪري اجرڪ ڪڍي ويڙهي ويهي رهياسون ڳالهيون ڪرڻ. رات ڪافي گذري چڪي هئي. فقير محمد کي جهوٽا کائيندو ڏسي کيس اشارو ڪيم ته وڃي سمهي. سندس بستر به ان ئي جهوپڙي ۾ هڪ طرف کان لڳل هيو. چنڊ هاڻي پنهنجي آب تاب سان چمڪي رهيو هو. اوچتو مون پنهنجي پٺيءَ جي ڪنڊي مان سرديءَ جي لهر اڀرندي محسوس ڪئي ۽ ڏٺم ته منهنجو جسماني ۽ دماغي طاقتور ويون پي گهنٽيون. باهه جي ڄڀي رنگ مٽائي نيري ٿي ويئي هئي. ٻاهر چانڊوڪي جو رنگ چهچ ڳاڙهو ٿي چڪو هيو، جنهن تي پاڇولا نچي رهيا هيا. دور ڪنهن هنڌان گهنٽين جو هلڪو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو ۽ مون تي غنودگي ڇانئجي رهي هئي. ”سائين!“ مون فقير محمد جو آواز ٻڌو جو نهايت جهيڻو هو. سائين!“ ٻيو سڏ مون پنهنجي ڀر ۾ ٻڌو ۽ ڪنهن منهنجي پٺيءَ تي هٿ رکيو ۽ چيو، ”سائين! سردي وڌي ويئي آهي. هاڻي اچي آرام ڪريو.“ مون ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ ڪنهن ٻئي زماني ۽ ٻئي هنڌان ڌڪجي اچي ان هنڌ پهتو آهيان. بدن مان درڙي نڪري ويئي ۽ احساس ۽ نظارا خواب وانگر هوا ۾ گم ويا.

فقير محمد مون کي هٿ ڏئي اُٿاريو ۽ وڃي بستري ۾ ليٽايو. ڪمبل مٿان وجهڻ وقت آهستگي سان چيائين ”سائين! مان جاڳان ٿو، اوهان بي اونا سمهي پئو.“ صبح سان سجاڳ ٿيم ته ڏٺم باهه ٻري رهي هئي، جنهن جي ڀرسان فقير محمد لوئي ويڙهيو ويٺو هو. آفتاب اتي موجود ڪونه هو، چانهه تيار ٿي ته هو به اچي پهتو. چانهه پي شهر ڏانهن رونا ٿياسين. منهنجو هڏ هڏ چڪي رهيو هو. پهچڻ بعد آفتاب وڃڻ جي اجازت گهري. دستوري انڪاري ڪرڻ بعد مون کيس ٻئي دفعي اچڻ لاءِ چئي موڪل ڏني. آفتاب جي وڃڻ بعد فقير محمد مون کي چيو، ”سائين! پنهنجي ان دوست کان پري رهو ته چڱو.“ پڇيومانس، ”ڇو؟“ ته مرڪي کڻي ماٺ ڪيائين.

چانڊوڪي رات ۾ ٻه دفعا جيڪي ڪجهه مون ڏٺو يا محسوس ڪيو هيو، ان طرح جي تجربي لاءِ مان ٽيون دفعو تيار ڪونه هيس. پر انسان حالتن کان مجبور ٿيو وڃي. اهڙيون حالتون مون کي لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ دوران پيش آيون، جڏهن هڪ ڏينهن اوچتو آفتاب اچي وارد ٿيو. دستوري اليڪ سليڪ بعد چيائين، ”جميل صاحب! موهن جو دڙو گهمڻ آيو آهيان، پر اتي ٽن راتين گذارڻ جو پروگرام آهي. هڪ رات مون کي به اچي رهڻ لاءِ آماده ڪيائين. مان کيس ڇنڇر ڏينهن اچڻ جو وعدو ڪري، پنهنجي ماڻهوءَ ۽ ڪيوريٽر ڏانهن نياپي سميت آفتاب کي اوڏانهن موڪليو. واعدي موجب ڇنڇر جي شام پنهنجي دوست ڪريم سان گڏ اوڏانهن روانو ٿي ويم. شام جي مانيءَ بعد آفتاب مون کي چيو ”دوست! گرميون به آهن. رات به سهائي آهي، ڇو نه سڄي رات اسٽوپا تي گذريون؟“ مان کيس انڪار ڪيو، پر ڪريم باوجود منهنجن ڳجهن اشارن ڏيڻ جي، آفتاب جي طرف ٿي بيٺو. مجبور ٿي آخر مون به هائو ڪئي.

اسٽوپا تي آرڪيالاجيءَ وارن جي اجازت وٺي  گلم وڇائي بسڪوٽ، چانهه ۽ پاڻيءَ جو بندوست ڪري وڃي ٽئي ڄڻا ويٺاسون. پهريائين ته دنيا جهان جون ڳالهيون هلڻ لڳيون، ان بعد آفتاب ۽ ڪريم قديم آثارن بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳا. مان ويٺي انهن کي ٻڌو.

آخر اهو وقت آيو، جنهن جو مون کي انديشو هيو. اوچتو ڪرنگهي وٽان سرديءَ جي لهر اڀري بدن ۾ ڦهلجي ويئي. پاڻ تي ضابطي رکڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ خالين جي رخ کي موڙڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳم، پر ناڪام ٿيس. جسماني ۽ دماغي قوتون آهستي آهستي ختم ٿي رهيو هيون. ڪريم سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر زبان ڪين اٿلي. چند هاڻي رت جي هڪ وڏي دڳ وانگر نظر اچي رهيو هيو. چانڊوڪيءَ جو رنگ بدلجي ڳاڙهو ٿي چڪو هو. زمين مان دونهون اٿندي محسوس ڪري رهيو هيم، جو آهستي آهستي ڌنڌليون شڪليون اختيار ڪري رهيو هيون. اهي شڪليون ويون انساني صورت ۾ تبديل ٿينديون سئنيما جي منظر وانگر منهنجي سامهون جو نظارو هيو، سو بدلجي چڪو هيو. اسٽوپا جي ڀڳل گنبذ جي بجاءِ سالم اسٽوپا منهنجي اکين اڳيان موجود هئي، جنهن جي ٽن طرفن کان ننڍن ڪمرن ۾ ٻڌ ڀڪشو موجود هيا، جن مان ڪي آرام ڪري رهيا هيا ۽ ڪي عبادت. اسٽويا جي هيٺا ڪوٽ ڏنل هڪ بستي  پڻ موجود هئي. مون اهو پڻ محسوس ڪيو ته مان، آفتاب ۽ ڪريم پڻ ان ماحول جا ڪي جُزا آهيون، دور سنڌوءَ جو پاڻي چانڊوڪيءَ ۾ جرڪي رهيو هيو.

پتو نه آهي ته اها حالت مون تي ڪيترو وقت طاري رهي. هاڻ اوڀر طرف صبح ٿيڻ جا آثار نظر اچڻ لڳا. ڀڪشو ٽولين جي صورت ۾ ڪرمنڊل هٿ ۾ کنيو ڏاڪڻين تان  لهي سنڌوءَ طرف وڃي رهي هيا. مان ۽ ڪريم انهن سان ساڻ هياسون.

”الصلواة خير من النوم“ جي آواز اچڻ سان ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيم. مان پاڻ کي ڪريم سان گڏ سنڌوءَ جي ڪناري تي ڏٺو. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم، پر ڪوبه ڀڪشو ان وقت نظر ڪونه پئي آيو. البت دور هڪ ننڍڙو ڳوٺ هيو، جنهن جي مسجد مان ٻانگ اچي رهي هئي. مون ڪريم کي ڇهيو. هو به ڄڻ خواب مان بيدار ٿي پيو. ڀوَ گاڏڙ آواز ۾ پڇائين، ”اسان ڪاٿي آهيون؟“

ڳوٺ جي مسجد ۾ فجر جي نماز پڙهڻ بعد پيش امام چيو، ”سائين! ايترو سوير سير لاءِ نه نڪرندا ڪريو. ٻهراڙيءَ جا ڪتا ڏاڍا خراب ٿيندا آهن.“

شهدادپور ۾ پوليس هڪ ماڻهوءَ کي مون وٽ پيش ڪيو. ان ماڻهوءَ کي چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو هين. پوليس پنهنجي رپورٽ ۾ کيس ”خطرناڪ چريو“ لکيو هيو، جنهن ڪن ماڻهن کي مارڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي هئي.

پاڳل ٻيو ڪوبه ڪونه هيو، سواءِ منهنجي ڄاتل سڃاتل دوست آفتاب جي. مون کي ڏسي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو، ”بچي وئين نه چانڊوڪيءَ جي زهر کان؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com