سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

مقالا

صفحو :7

  

 

مقالا

 

  

سمنڊ جي اجهاڳ ۽ بي انت تري ۾ سهسين بي بها موتي سپجن ٿا، جي هوند جهان کي وڌيڪ جرڪائين ۽ اجالو ڪن. هزارين گلابي گل پنهنجو محجوبي منهن لڪائي، برپٽ کي واس ڏين ٿا، جن مان هوند سنسار کي سڳنڌ ملي. اسان جي پياري سنڌڙي به ڪنهن سمي اهڙن امل ماڻڪن جي کاڻ هئي ۽ اهڙن سهڻن گلن جو چمن هئي. ڪٿي آهن اهي غواص، جي پاتال ۾ پيهي سِپنو سوجهي ڪڍڻ ۽ جوتيون جواهرن جون عالم کي آڇين؟ ڪٿي آهن اهي واس وٺندڙ ڪوڏيا، جي بيران بيابان جهاڳي نازڪ گلن جي سرهاڻ سنگهن، ۽ ان جي عطر سان دنيا جي دٻيل دماغ کي دئي ڏين؟ ڪٿي آهن اهي ڪافي ڪرامت جا صاحب، جن جي فيض مان پرت جا پهيڙا پرجام پيئندا هئا؟... وڏڙا ويچارا پنهنجو منهن لڪائي، مقامن ۽ مساڻن مان اسان جي شوم بختيءَ جو نظارو ڪري رهيا آهن.انهن جا روح تاڻي رهيا آهن ته آهي ڪو، جو سڪل ڪسيءَ ۾ پاڻي آڻي ۽ وڃايل وٿون واري هٿ ڪري.

 

-- شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

 

 

 

 

 

 

 

 

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي سوانح حيات

۽ علميت بابت ڪي ويچار

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

سنڌ جي سرزمين جيڪي چوٽي جا عالم پيدا ڪيا، تن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هڪ نهايت ئي ناميارو عالم هو. سندس شخصيت ۽ علميت سنڌ لاءِ باعث فخر آهي. مخدوم صاحب جي سوانح تي پهريون ڀيرو سندس ڪتاب ”بَذلَ القوه في حوادث سِني الُنُبوّه“ جي مقدمي طور مرحوم مخدوم امير احمد صاحب چڱو تفصيلي بيان قلمبند ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان گهڻو اڳ شايع ٿيو. البت مخدوم محمد هاشم رحه جون ديني ۽ علمي خدمتون ايتريون ته اهم ۽ وسيع آهن، جو انهن تي مسلسل تحقيق جي ضرورت آهي. ديني علمن- تفسير، حديث، فقه وغيره تي کيس عبور حاصل هو ۽ انهن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيائين. عربي ۽ فارسي کان سواءِ سندس سنڌي تصنيفن جو معيار علميت توڙي ٻولي ۽ لغت جي لحاظ سان ايترو ته بلند آهي، جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ پڻ مخدوم صاحب جو مقام نهايت بلند آهي. فقهي مسئلن ۾ تحقيق کي مخدوم صاحب هڪ اعليٰ سائنسي منزل تي پهچايو. ان جو مثال سنڌ ۾ ’سج جي لڙڻ‘ جو مهيني سر مهيني صحيح وقت متعين ڪرڻ آهي، جنهن بابت ٻن سالن جي تجربي بعد مخدوم صاحب پنهنجي تصنيف ”رشف الظلال في فيء الزوال“ ۾ هڪ ڪُلي قاعدو مرتب ڪيو. هن تحقيق جي سائنسي ۽ رياضي رخ تي راقم پنهنجي هڪ انگريزي مقالي ۾ روشني وڌي آهي، جيڪو بين الاقوامي اسلامي سائنسي ڪانفرنس (1980ع) ۾ پيش ڪيو ويو.[1] ان مقالي لکڻ دوران محسوس ٿيو ته مخدوم محمد هاشم جي علم ۽ ادبي ڪارنامن ۽ ديني خدمتن تي سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هڪ وسيع ميدان موجود آهي.

مخدوم صاحب بابت تحقيق جو بهترين ۽ نسبتاً آسان طريقو اهو آهي جو سندن هڪ هڪ ڪتاب ڪري کڻجي ۽ ان جي مطالعي مان جيڪي بنيادي نتيجا نڪرن تن کي قلمبند ڪجي. مخدوم صاحب جملي ڪيترا ڪتاب لکيا، سو يقيني طور معلوم ناهي. پاڻ پنهنجن ڪتابن ۾ پنهنجين مختلف تصنيفن جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ شايد هڪ جدا رسالو به لکيائين، جنهن ۾ پنهنجن لکيل ڪتابن جي سڄي فهرست ڏنائين.[2] مخدوم صاحب بابت تحقيق جي هن طريقي تي عمل ڪرڻ خاطر مثال طور هيٺ اسان سندس هڪ ڪتاب ’اتحاف الاڪابر‘ جي روشني ۾ سندس سوانح بابت ڪي اشارا قلمبند ڪريون ٿا.

هن ڪتاب جو سڄو نالو ”ڪتاب اتحاف الاڪابر بمبرويات الشيخ عبدالقادر“ آهي. ڪتاب جا قلمي نسخا موجود آهن. راقم جيڪو نسخو ڏٺو سو ڪاتب عثمان بن يار محمد آچر جي ڏينهن، يارهين تاريخ محرم مهيني جي، سن 1206هه ۾ لکي پورو ڪيو.

· هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب پاڻ پنهنجي ولادت جي تاريخ ”خميس رات ڏهين تاريخ ربيع الاول سن 1104هه“ لکي آهي. سندس سوانح جي سلسلي ۾ اهو هڪ پڪو پختو اهڃاڻ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڀٽائي صاحب کان ٻه سال کن ننڍو هو.

· اهو عام مشهور آهي ته مخدوم صاحب حج تي ويو هو. نبي صلعم جي روضي جي زيارت ڪيائين ۽ قرب حاصل ڪيائين. هن ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته هو اتي ڳچ وقت رهيو، پڙهيو ۽ پڻ ڪتاب لکيائين. مخدوم صاحب مڪه مڪرمه ۾ شيخ عبدالقادر بن مرحوم شيخ ابوبڪر عبدالقادر صديقي حنفي کان حديث جو علم حاصل ڪيو. ان پڙهائيءَ واري دؤر ۾ شيخ عبدالقادر استاد جي حيثيت ۾ پنهنجين روايتن جا جيڪي سلسلا بيان ڪيا تن مان چوند روايتون سَنَدن طور مخدوم محمد هاشم پنهنجي هن ڪتاب ”اتحاف الاڪابر“ ۾ قلمبند ڪيون. سندس لکڻ موجب شيخ عبدالقادو سَنَدن جا سلسلا ايترو ته تحقيق ۽ تفصيل سان پئي بيان ڪيا جو سڀ لکجن ها ته جيڪر هن ڪتاب جا ٽي جلد کن ٿي وڃن ها. هي جلد جيڪو مخدوم صاحب مرتب ڪيو، سو به سَنَدن جي سلسلي ۾ هڪ موسوعات (انسائيڪلوپيڊيا) آهي. اهڙو ٻيو ڪتاب هن پوئين ويجهي دؤر ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جو مرتب ڪيل ”التمهيد لتعريف ائمتـﮧ التجديد“ آهي، جيڪو مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي تصحيح ۽ حواشي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آهي.

· مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ پنهنجي استاد شيخ عبدالقادر جو نالو وڏي احترام سان وٺي ٿو، ۽ کيس ”شيخنا“ (اسان جو استاد) ڪري لکي ٿو.

· مخدوم صاحب هن ڪتاب جو مسودو مڪي شريف ۾ ”اڱاري جي ڏينهن ڇويهين تاريخ شوال سن 1136هه“ لکي پورو ڪيو. ان وقت سندس عمر ساڍا اٺاويهه سال کن هئي. ڪتاب جي متن جي آخر ۾ ساڳئي موضوع بابت وڌيڪ معلومات ٻن مختصر رسالن ۾ ڏنل آهن، جن کي مخدوم صاحب ”ذيل اتحاف الاڪابر“ ۽ ”تڪمله ذيل اتحاف الاڪابر“ نالا ڏنا آهن. انهن مان پهريون شهر ٺٽي ۾ مهيني جمادي الاول جي ستين تاريخ سومر ڏينهن سن 1137هه ۾ لکي پورو ڪيائين ۽ ٻيو ان بعد لکيو هوندائين، پر ان جي لکيت جي تاريخ (زير نظر نسخي ۾) ڄاڻايل ڪانهي.

· مٿين تاريخن مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا: تاريخ 26- شوال سن 1136هه تائين مخدوم صاحب يقيني طور مڪي شريف ۾ هو، ۽ تاريخ ستين جمادي الاول سن 1137هه ۾ ٺٽي ۾ هو. ضرور حج ڪري موٽيو هوندو. يعني ته ذوالحج سن 1136هه کان جمادي الاول سن 1137هه وارن پنجن مهينن  کن واري عرصي ۾ سنڌ واپس آيو هوندو.

· ڪتاب ۾ سندس سوانح حيات بابت ٻيا به ڪي اشارا موجود آهن، پر خاص ڳالهه اها جو آخر ۾ ڄاڻايو اٿس ته: ”منهنجون تصنيفون عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ آهن ۽ اهي هن وقت تائين هڪ سؤ پندرهن کان وڌيڪ آهن. ان بعد ڪم از ڪم هڪ سؤ پنجن ڪتابن جا نالا ۽ مختصر طور انهن جا موضوع ڄاڻايا اٿس، جن ۾ ڏهه ڪتاب سنڌي ۾ منظوم آهن.

اهي سڀ ڪتاب مخدوم محمد هاشم رحه ساڍن اٺاويهن سالن جي عمر ۾ سن 1136هه (1724ع) جي     جمادي الاول مهيني تائين تصنيف ڪيا. ٻيا وڌيڪ ڪتاب پنهنجي حياتيءَ جي باقي چاليهن سالن واري وڏي عرصي ۾ تصنيف ڪيائين. مخدوم صاحب سترِ سالن جي عمر ۾ سن 1174هه (1760ع) ۾ وفات ڪئي- رحمته الله.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

آزاديءَ جي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

 

انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪن عالمن انگريزي تعليم جي مخالفت ڪئي. ڪن سڄاڻ رهنمائن محسوس ڪيو ته سنڌ جا مسلمان جيڪڏهن جديد تعليم نه پرائيندا، ته پوئتي پئجي ويندا، انهيءَ ڪري وقت جي ضرورت اها آهي ته سنڌ جا مسلمان جديد تعليم پرائين ۽ ان جي ذريعي پنهنجي ديس جي خدمت ڪن. نه فقط ايترو، پر انگريزن جي هٿيارن سان ئي انگريزن سان مهاڏو ڏين. انهيءَ ڪري اهي باشعور سنڌي سرواڻ، سنڌي مسلمانن ۾ انگريزي تعليم پکيڙڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا.

سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن به ان ڏس ۾ اهم خدمت سرانجام ڏني. هنن پنهنجي پراثر نظمن ذريعي انگريزي تعليم جي اهميت واضح ڪئي، ۽ مسلمانن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اُڀاريو. اهڙن شاعرن مان الله بخش اٻوجهو مرحوم ۽ شمس الدين بلبل مرحوم جا نالا قابل ذڪر آهن.  الله بخش ابوجهو (وفات 1901ع) سن 1989ع کان 1901ع تائين سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ جو پرشن ٽيچر ٿي رهيو. هن سنڌ جي مسلمانن کي خوب غفلت مان بيدار ڪرڻ لاءِ ”مسدس اٻوجهو“ لکيو. هيءَ مسدس، ”مسدس حالي“ جو منظوم ترجمو آهي، پر ان ۾ ڪي نوان بند به آهن، جن ۾ اٻوجهي مرحوم جا پنهنجا خيال به بيان ڪيل آهن. هڪ بند ۾ هو سنڌ مدرسته السلام ڪراچي جي شاگردن کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

اڙي طالبو! سمجهه ۽ ڌيان ڌاريو

اهو مدرسو ڀاڳ ڀاري نهاريو

انڌؤ آنڌِ گيسر نڀاڳي وساريو

سچي قلب تعليم جي سان گذاريو

پڙهو علم پورو، ڪريو ڪي سڌارا

لهن مسلمان مٿان ڪال ڪارا.

خانبهادر حسن علي آفندي مرحوم (وفات 1896ع)، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جو باني ۽ سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ۽ ترقيءَ واري تحريڪ جو روح روان هو. ان کي اٻوجهه مرحوم، سٻوجهو (دانشور) سڏيندي چوي ٿو:

سٻوجهي وڏا وقت پنهنجا وڃايا

انهيءَ خير ۾ پير پنهنجا ڄمايا

وڏي هوش سان ڪارناما هلايا

وڏي عقل سان ٺاهه ڏاڍا ٺهايا

سڀئي مشڪلاتون ويون حل ٿينديون

۽ آسانيون پير پنهنجا ڀرينديون.

ان اوائلي دور جي بلند پايه شاعر، اديب ۽ باعمل صحافي رئيس شمس الدين بلبل مرحوم (وفات 1919ع) به ان سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن نظم ۽ نثر جي ذريعي مسلمانن کي سمجهايو، ته هو انگريزي تعليم حاصل ڪري، سرڪاري عهدن تي فائز ٿين. چوي ٿو:

پڙهو انگريزي وٺو اوج اعليٰ

وٺو خوب عهدا حڪومت هلايو

نه تو ڪا پرائي فضيلت لسان

سکين ڪينڪي انگريزي زبان.

هن ذهن نشين ڪرايو، ته مسلمان ديني تعليم کي ته ڇڏي ڏنو آهي، پر انگريزي تعليم کان پري رهي، دنيوي خوشحاليءَ کان به محروم ٿيندا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته اسان جديد تعليم کان پري رهي، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي. هو اسان کي سمجهائي ٿو ته جديد تعليم پرائي، انگريزي قاعدا ۽ قانون سکي وڪيل ۽ جج ٿيون، ته جيئن پنهنجي زندگي به بهتر بنائي سگهون ۽ قوم کي به مشڪل ۾ ڪم اچي سگهون:

وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا ٻئي جهان

ڏنا ڪين ڪي تو انڌا امتحان

روينيو جڊيشل وڪالت وغير

ڪهاڙي سان پنهنجو وڍيءَ پاڻ پير

نه دپٽي ٿئين تون نه مختيارڪار

ٿئين همسفرن ۾ ذليل و خوار

جي بي. اي. ٿي توکان بعيد قياس

ته مئٽرڪليشن به ڪيڙءِ نه پاس

اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي نظمن ۾ ذهن نشين ڪرايائين، ته جيڪڏهن سنڌي مسلمان چاهين ٿا ته هو دنيوي عزت ۽ وقار حاصل ڪن، ته کين جڳائي ته انگريزي تعليم پرائين:

جي ڀائين ته مولا ٿئي مهربان

ته سک علم تون انگريزي زبان

جي عزت جهان جي رکو ٽنڊ ٽش

پڙهو انگلش انگلش انگلش

هو ٻڌائي ٿو، ته وقت جي تقاضا اها آهي، ته انگريزي تعليم پرائي، دنيا ۾ عزت ۽ مان واري زندگي گذارجي:

وقت نازڪ ٿيو وڏو، خوب خبردار ٿي هل

هاڻي سکي ايم لکي ايل پوءِ هوشيار ٿي هل

هن زماني ۾ ٿيو زور جنهين علم جو اڄ

وٺ اها واٽ، اڳين بات کان بيزار ٿي هل

اڄ پڇي ڪونه سوا پاس مڊل ۽ پيسي

جي اهي ٻئي نه ٿيا موجود، ته مردار ٿي هل

خلافت تحريڪ ۾ حضرت مولانا تاج محمود امروٽي ۽ سندس پوئلڳن زور شور سان حصو ورتو. حضرت مولانا امروٽي ۽ سندس ڪيترا ساٿي شاعر به هئا. انهن پنهنجن نظمن ۾ ترڪيءَ جي فتح لاءِ دعائون گهريون ۽ انگريزن ۽ سندن ساٿارين لاءِ نفرت جو اظهار ڪيو. يوناني جيئن ته ترڪن خلاف وڙهي رهيا هئا، انهيءَ ڪري ڳڙهي ياسين جي شاعر محمد آدم (1863-1948ع) کانئن نفرت جو اظهار هن طرح ڪيو آهي.

خدايا ظالمن جي ڪر تباهي ڪار زاري اڄ

صليبي سرنگون سڀئي، تنين ڪر زار خواري اڄ

خوشي هت ڪا نه ڪا آهي، يوناني غرق ٿيا سمنڊن

ٻڏي ٻيڙي حڪومت جي، مٿن قادر قهاري اڄ

خوشي خاوند يونانين تي، ڪئي ڪوڙي زهر قاتل

ڦرن حيران سرگردان، تنين سڀني خواري اڄ

ڪئي هاتف ندا حق جي ”حاجي“ ڪن تي پئي هاڻي

ڪمالن جي ڪمالي ٿئي، تنين کي رستگاري اڄ

لاڙڪاڻي ضلعي جو شاعر شير محمد شيرل چنو مرحوم مهاجرن جي ان قافلي ۾ شامل هو، جيڪو سنڌ مان هجرت ڪري افغانستان ويو هو. هن سنڌي بيتن ۾ هجرت جو سفرنامو لکيو آهي. چوي ٿو:

محبت رکي من ۾، ڪابل ڪيائون ڪاهه

دونهان درد دکايا، عشق اندر آڙاهه

پنڌ اڙانگو پٽيون، رهي آيا راهه

اهڙو ئي آهي الله، امير صاحب ڏٺائون اکين سان.

مولانا تاج محمود امروٽي خلافت تحريڪ ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو عالم، فاضل، بزرگ ۽ آزاديءَ جي اڳواڻ هجڻ سان گڏ شاعر به هو. هن اشعار ذريعي به انگريزن سان نفرت ۽ ترڪن سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. هڪ نظم ۾ ترڪن جي فتح لاءِ هن طرح دعاگو آهي:

ڏي ڌڻي تون فتح ڪامل مصطفيٰ احرار کي

مرد غازين کي مدد ڏي هر جاءِ سندن هر ڪار کي

ويڙهه ۾ ويرن مٿان تڪڙو ڪيو ترڪن تمام

ڌڙ سسيون سورهيه ڪٽن، ويرنِ سندي ڪاپار کي

ترڪ تازا ڪر توانا آل عثمان جي سوا

ناس ڪر سار نصارا راڄ روسن زار کي

شڪارپور جو شاعر حبيب الله خادم مرحوم انگريزن کي ننديندي، ترڪن سان همدردي ڏيکاريندي چوي ٿو:

اجها ڪئي اسان جي خدا سوڀ ساري

هاريندي هند مان حڪومت هچاري

رهي شال شادان هميشـﮧ تاب ترڪي

ڏسي ڏورئون جهندو جهادي، ڏڪي ويو ڏڪاري

مرد غازيءَ کي ميدان ۾ ڏيندو مدد موليٰ

هڻن نعرو حيدري، وڃن ويري ساهه ساري

صليبي سرنگون هر جا، ڪر علم اسلام جو اعليٰ

مبارڪباد ڪمال پاشا، ملعون جو ماري

اهڙو هٿئون ويلو نه ڇڏ مور ”خادم“

پڙهه الحمد نِڪِرُ پڙ ۾، پري ڪر پرت پياري

سنه 1924ع ۾ محمد هاشم مخلص مرحوم (وفات 1934ع) ميرپورخاص مان هفتيوار اخبار ”مسلمان“ جاري ڪئي، جنهن ۾ ترڪيءَ جي حق ۾ انگريزن خلاف زور شور سان لکڻ لڳو. سندس قلم ڏاڍو زور هوندو هو. نظم خواه نثر ذريعي باهه ٻاري ڇڏيائين. برطانوي سامراج ۽ هندو استحصالي قوتن خلاف کلم کلا نفرت جو اظهار ڪندو رهندو هو، ۽ هميشـﮧ السلام ۽ مسلمانن جي مدح سرائي ڪندو رهندو هو. انهيءَ ڪري قيد و بند جون سختيون به سٺائين. سندن تحريرن ۾ طنز و مزاح جو رنگ بيحد متاثر ڪندڙ هوندو هو.

ان زماني جي هڪ ٻئي صحافي ۽ شاعر مولوي    نور محمد نظاماڻي جو نالو به ان سلسلي ۾ قابلِ ذڪر آهي. هن مختلف وقتن تي ٽي اخبارون ڪڍيون: نوراسلام، مرغ فلڪ طيراً ابابيل. مخلص مرحوم سان اخبار ذريعي سندس ڏي-وٺ ٿيندي رهندي هئي، ان هوندي به ٻنهي جو بنيادي مقصد ساڳيو هو. هن به مخلص مرحوم جيان انگريزن ۽ آريه سماج جي حرڪتن جي سخت مخالفت ڪئي. هو به مخلص مرحوم وانگر نظم خواه نثر تي هڪ جهڙي قدرت رکندو هو، ۽ غضب جو طنزنگار ۽ هجوِ گو هو. ان دور جي هندو اخبارن: هندو، سنسار سماچار، هندو گزيٽ، سنڌي ۽ ڀارت وغيره جي مسلم دشمن تحريرن خلاف خوب لکيائين. هن انهن اخبارن خلاف جهاد ڪندي قلم کان تلوار جو ڪم ورتو، ۽ نظم توڙي نثر ۾ هندو حملن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو.

ان زماني ۾ سنڌ بمبئيءَ سان گڏيل هئي، جنهن ڪري سنڌ جي مسلمان کي سخت اقتصادي ۽ سياسي نقصان ٿي رسيو. انهيءَ ڪري سنڌ جي مسلمانن بمبئيءَ کان سنڌ جي علحدگيءَ جي تحريڪ هلائي. هندن سخت مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ ته هو ڏسي رهيا هئا، ته جيڪڏهن سنڌ الڳ صوبو ٿيو، ته سنڌ جا مسلمان سياسي طاقت حاصل ڪري ويندا. آخر سنڌ جي مسلمانن جي جدوجهد رنگ لاتو، ۽ الله تعاليٰ جي فضل سان سال 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي، ۽ جدا صوبو بڻيو. ان موقعي تي روزانه الوحيد پنهنجو يادگار نمبر ڪڍيو، جنهن ۾ تاريخي مضمونن سان گڏ شاعرن جا شعر به آهن. شاعرن سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. مخلص مرحوم بمبئيءَ ان سنڌ جي آزاديءَ جي موقعي تي جيڪو نظم لکيو، ان ۾ سنڌ جي تعريف ڪندي چوي ٿو:

ڪريان آخر ٿو ڪجهه احوال هت مرقوم سنڌڙي جو

خدا ڇا خلقيو هو خوبتر مقسوم سنڌڙي جو

برابر شير جي طاقت ۾ هو هر معصوم سنڌڙي جو

شگفته چون گل ريحان هر مرزوبوم سنڌڙي جو

نظر ڪئي سون ته هرڪا جنس سستي ۽ سهانگي هئي

مگر هڪ زندگي بيمار الفت جي مهانگي هئي.

ان موقعي تي محمد صديق مسافر مرحوم (وفات 1961ع) لکيو:

لک شڪر! اڄ وري ٿئينءَ آزاد سنڌ تون

شل سرخرو سدا رهين آباد سنڌ تون

پنهنجيءَ ئي ڪائونسل سان رهين شاد سنڌ تون

فرياد پنهنجي جوئي ڪندينءَ داد سنڌ تون

خود ياوريءَ سان پنهنجو اٿئي رکڻو انتظام

کڻ بار پنهنجو پنهنجي ڪلهين رهه تون شاد ڪام.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم (وفات 1942ع) ڪن نظمن ذريعي، مسلمانن کي پنهنجو اڳيون اوج ياد ڏياري، ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ اُڀاريو آهي. چوي ٿو:

مقامِ عبرت آهي، جو نه ڪنهن ترقيءَ جو

اٿيئون هٿ ۾ ڪو اسباب، اي اسان جي قوم

نه علم آه، نه حرفت، نه ڪا فضيلت ٻي

نه ياد رب الار باب، اي اسان جي قوم

اسان جي بيخ ۽ بنياد سڀ فضيلت ۾

پٽي زماني جي سيلاب، اي اسان جي قوم

اسان جي قوم خدارا ڇڏي ڏيو غفلت

ڪڍيو خمار، ڇڏيو خواب، اي اسان جي قوم

وگر نه ذلت و خواري وڌندي روز بروز

اکين مان وهندو پو خونناب، اي اسان جي قوم.

اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي شاعرن وقت بوقت سنڌ جي مسلمانن کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حاجي محمود خادم مرحوم (وفات 1960ع) چوي ٿو:

دم نه سمجهه ”خادم“ تون هت، جو ڪم آ ڪرڻو رات ڏينهن

قبر ۾ تنهنجي سمهڻ لئي، يار ڪافي آ فراغ

_________

مثالِ شمعِ محفل، قوم جو همراز رهندو ڪر

تون قومي شمع تي پروانه جئن جانباز هندو ڪر.

حافظ عبدالله بسمل ٽکڙائي مرحوم (وفات 1950ع) چوي ٿو:

ماضيءَ جي آهه شان تي گر توکي افتخار

غافل سنواري حال کي تون بينظير ٿي

سمجهيم ته آهين مسلم، پر تنهنجو ڪٿ ڪمال

نادان پنهنجي حال تي حسرت پذير ٿي.

سال 1936ع کان اڳ سنڌ جي مسلمانن جي پوئتي پيل حالتن جو ذڪر ڪندي، محمد صديق مسافر مسلمانن کي سجاڳ ڪري ٿو:

ڪمزور ڪڙم تنهنجو مسلمان سربسر

تعليم ۽ تجارت، عهدن ۾ ڪم اثر

آزادگيءَ ۾ تنهنجي ٿئي ڪو ايا اثر

نه ته سمجهه سچ يقين سان پنهنجي ٽٽل ڪمر

عضوو جڏو جي خاص ته ٿئي ڪهڙو خاص ڪم؟

تون موميائي ڄاڻ مسلمان جوئي غم.

هو چوي ٿو ته آزادي ۽ ترقي اسلام جي اصولن سان ئي وابسته آهي:

ايڪو ۽ اتحاد مسلمانو! ٿيو ضرور

هي وقت آه قوم جي غيرت ۾ ٿيو غيور

قلبئون ڪڍو ڪدورت سڀ غير ۽ غرور

اسلام جي اصول اهو ئي نسورو نور

جي ائين نه ٿيو ته پوءِ هيءَ آزادگي نه ٿي

بهبود سود پنهنجي تي آمادگي نه ٿي.

هن مان معلوم ٿيندو، ته بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي تحريڪ سنڌ جي مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو، ۽ هنن کي اها حقيقت ذهن نشين ٿي ويئي، ته مسلمان جدا قوم آهن. الوحيد جي ان خاص ايڊيشن ۾ حافظ عبدالله بسمل مرحوم جو نظم به شايع ٿيو. ان ۾ هو مسلمانن جي قومي عظمت جي اڳڪٿي ڪندي چوي ٿو:

نشانِ عظمت قومي ڏسون پيا پنهنجي صحرا ۾

ترقي جو نظارو ٿو ڦري هن چشم بينا ۾

ڏسون پيا موج گوهر ريز پيدا هن دريا ۾

عجائب دلفريبي آه هن جي روئي زيبا ۾

اڃا آهنجي اڳيان هڪ ڪشمڪش جو امتحان آهي

اوهان جي تاڪ ۾ دشمن اڃا هڪ ٻيو نهان آهي

بسمل مرحوم جي اڳڪٿي ۽ نشاندهي صحيح ثابت ٿي. مسلمانن جي مفاد جي آڏو هندو وڏي طاقت ٿي اُڀريا، ۽ وڏا وس ڪيائون. مسلمان وڏي آزمائش مان گذريا، پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان آخر پاڪ وطن وجود ۾ آيو. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، ته پاڪستان جي تحريڪ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ کان پوءِ وڏي زور شور سان اُڀري، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي مسلمان ليڊرن جي ڪوشش سان اپريل يا مئي 1938ع ۾ سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. 10، 11 ۽ 12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران، ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جي هڪ وڏي ڪانفرنس سڏائي ويئي، جنهن جي صدارت قائداعظم مرحوم ڪئي. هن ڪانفرس جي موقعي تي گڏيل هندستان جي سمورن مسلم ليڊرن شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس کي پوءِ ”ڪراچي ڪانفرنس“ جي نالي سان سڏيو ويو. ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ واضح طور مطالبو ڪيو ويو، ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي مسلمانن جي حڪومت بنائي وڃي، ته جيئن ٻئي قومون جدا جدا ۽ آزاد آزاد حڪومتون قائم ڪري سگهن. ان موقعي تي قائداعظم مرحوم تقرير ڪندي چيو:

”مون کي يقين آهي، ته سنڌ جو صوبو، هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ نمونو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هتي جي مسلمانن وڏي بيداري جو ثبوت ڏنو آهي.“

ان کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏي جوش، جذبي ۽ ولولي سان حصو ورتو. سڄي هندستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي صوبائيءَ اسيمبليءَ سن 1943ع ۾ پاڪستان جي قيام جي ٺهراءُ پاس ڪيو، جيڪو محترم.   جي ايم.سيد پيس ڪيو. ٻئي ڪنهن به صوبي جي اسيمبليءَ اهڙو ٺهراءُ نه اڳ ئي پاس ڪيو هو، ۽ نه پوءِ ئي ڪا اسيمبلي پاس ڪري سگهي. سنڌ جي شاعرن به پنهنجي اثرائتن نظمن ذريعي سنڌ جي مسلمانن ۾ جوش ۽ جذبو جاڳايو. هنن مسلمانن کي مسلم قوميت جو جذبو ذهن نشين ڪرايو، آزاديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ اُڀاريو، پاڪستان جي قيام جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ تي آماده ڪيو، ۽ مسلم ليگ جي حمايت ڪرڻ جو پيغام ڏنو. ان سان گڏ هنن انگريزن جي تهذيب، سياست ۽ ثقافت سان نفرت جو اظهار ڪيو، مسلمانن کي پنهنجو شاندار ماضي، اعليٰ ۽ افضل تهذيب ياد ڏياري، منجهن پنهنجي تهذيب، ثقافت، زبان، وطن ۽ ادب سان محبت جو جذبو بيدار ڪيو، ۽ آزاديءَ جهڙو اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جو سبق سيکاريو. غلام احمد نظامي پاڪستان بابت چوي ٿو:

خدا جي فضل سان قائم وري امن وامان ٿيندو

نئين سرشاد ۽ آباد هي سارو جهان ٿيندو

اسان جو سارو پاڪستان سگهو جنت نشان ٿيندو

سنڌي نوجوان کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

سنڌ جا سنڌي جوان، ڏيکار ڪا مردانگي

تنهنجي همت جڳ ڏسي ۽ مان ڏسان

ٿي سپاهي مرد ۽ ميدان ۾ اچ بهرِ خدا

پاڻ ٿي آزاد ۽ آزاد ڪر سارو جهان.

هو ٻڌائي ٿو، ته مسلمانن کي پنهنجي زندگيءَ قرآن مجيد جي حڪمن موجب گذارڻ گهرجي، جنهن ۾ طبقاتي ننڍ وڏائيءَ جي ڪابه گنجائش ڪانه آهي:

اسان لاءِ قانون قرآن آهي

لکيل جنهن ۾ مولا جو فرمان آهي

خدا وٽ اسان جو وڏو مان آهي

مسلمان آخر مسلمان آهي

بسمل مرحوم سنڌ واسين جي مستقبل بابت پراميد نظر اچي ٿو، ۽ چوي ٿو:

نظر ۾ پيو اچي ساڳيو اڳيون اقبال سنڌين جو

خدا گهريو، ته ٿيندو جلد بهتر حال سنڌين جو

فلڪ تي بدر ٿيندو ڪوڪب اجلال سنڌين جو

زمان ڪامراني ٿيندو ماهه وسال سنڌين جو

زمانو ٿيندو حيرت ۾ ڏسي سنڌي جلالت کي

سگهو ڳائيندي دنيا هن اسان جي عز و عظمت کي

قادر بخش بشير مرحوم مسلمانن کي ٻڌائي ٿو، ته اسان کي وڏي ايماني قوت مليل آهي. اسان جيڪڏهن محنت، ڪوشش ۽ جدوجهد ڪريو. ته وري ٻيهر ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي سگهون ٿا:

سڄو فولاد بڻجي وڃ، نه رک ڪنهن تير جي پرواهه

مسلمانن رکي ناهي، ڪڏهن شمشير جي پرواهه

اچو يارو ته گڏجي پاڻ ٺاهيون پنهنجي قسمت کي

اسان جو بخت بالا آ نه آ تقدير جي پرواهه

بشير مرحوم، مسلمانن جي ترقيءَ لاءِ الله  تعاليٰ کان دعا گهرندي چوي ٿو:

اسان جو بخت بالا ڪر سڀن قومن کان اڳرا ٿيون

عمر فاروق خالد جهڙو ڪو پيدا بشر ڪر تون

اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي سنڌي شاعرن مسلمانن کي بيدار ڪرڻ، آزادي حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ نظم لکيا. نه فقط ايترو، پر هنن سنڌي زبان ۽ ادب، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي به پنهنجي نظمن ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سنڌي زبان ۽ ادب جون خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪيون، سنڌ جي شاندار تهذيب جي ترجماني ڪئي. سنڌي زبان، ادب ۽ ثقافت لاءِ پيار ۽ محبت جو جذبو جاڳايو ۽ اخلاق ۽ عمل جو پيغام ڏنو. هنن ذهن نشين ڪرايو، ته اخلاقي اقدار سان ئي اسان جي ديني خواهه دنيوي زندگي بهتر ٿي سگهي ٿي، ۽ اسان جي شاندار تهذيب برقرار رهي سگهي ٿي. هنن اسان کي خبردار ڪيو، ته پنهنجي تهذيب وساري، مغربي تهذيب اختيار ڪرڻ ۾ اسان جو سراسر نقصان آهي. هنن اسانکي سمجهايو، ته پنهنجي رهڻي ڪهڻي وساري، انگريزن جي هلت چلت کي چنبڙي نه پئون. اهڙن شاعرن مان وري به نمايان نالو رئيس شمس الدين بلبل جو آهي. هن طنز و مزاح ذريعي مغربي تهذيب جون خاميون ۽ خرابيون ذهن نشين ڪرايون. سندس نظمن مان ڪجهه مثال ڏجن ٿا:

غافل وڃي ولائت لنؤ ليڊي سان لائج

سَو قرب کون ڪرستان وڃي چرچ ۾ چوائج

سک ناچ راڳ تن جو پڻ بينڊ باجو بلڪل

پوءِ خوب بڻجي بابو پيو بيند هت بجائج

پهراڻ پائجامو پٽڪو پليت بوڇڻ

ڏئي ٻن تنهين کي ٽوپي پتلون ڪوٽ پائج

پنهنجا عزيز اقارت بيگانا ڄاڻ احمق

سرمست سرخرو ٿي صاحب سدا سڏائج

مجلس ۾ پنهنجي ڪارو ماڻهو مور نه آڻج

ڏئي ڊاءُ ڊيم فول جو تنهن کي پري تڙائج

تڪبير ۾ وڃي ٿو مزو مرغ ۽ تتر جو

گردن مروڙي خوب گرم جوش ۾ جلائج

ماڻهو هي جهنگلي جو هت جانور جان کائن

چمچا ڇري ۽ ڪانٽا ٽيبل مٿي رکائج

سنڌي نفر ۽ نوڪر سڀ چور ۽ چريا هن

بٽريل ۽ ببرچي هُن ملڪ مان منگائج

ملا توڙي برهمڻ بيهوده ڇڏ بڪن ٿا

وعظن ڪٿا ۾ مفت نه تون مغز کي کپائج

____________

شريعت جو شيوو ڏنوسون ڇڏي

وڌوسون گناهن ۾ غفلت گڏي

لباسن نفيسن جي ٿي ٽنڊ ٽانءِ

مڪانن جي زينت سندءِ زيٽ زانءِ

گلابند ڪالر لڪڙ هاف بوٽ

گهڙي ڪوٽ پتلون چشمان چروٽ

قميصون ڪفندار جاڪٽ جراب

سليپر سپاٽا سبائڻ ثواب

ڏنگي سينڌ ننڍڙا ڇتا مڇ دراز

ٽوال ۽ ڪنگي برش صابڻ جو ساز

صفا سر ته ڏاڙهي چپڙ چٽ قلم

زبان تي به گٽ مٽ رهي دمبدم

گلي ۾ هجي نيڪٽائي سياهه

نه پرشن ۽ ٽرڪش، ڪرسچن ڪلاهه

سڄو ڏينهن سيني، صبح و شام واڪ

هجي هٿ ۾ هنٽر ته ٽم ٽم ٽڙاڪ

رکڻ هڪڙو بُلڊاگ آهي ضرور

نه تان ٿيندو وڏ-ماڻهپي ۾ قصور

مقرر هجي چاءِ بسڪٽ جو ٽيم

ته جاني جو سينگار پڪچر فريم

نصارن جو کانو نصارا لباس

ڪٻت، ميز، ڪرسي، بتي ۽ گلاس

نئين طرز پوشاڪ جو ڊيل ڊول

پراڻي ڪيائون ته ٿيو ڊيم فول

اهڙيءَ طرح بلبل مرحوم ظريفانه اصلاحي نظم لکي مغربي فيشن جي مذمت ڪئي ۽ پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت لاءِ محبت جو جذبو پيدا ڪيو. بلبل مرحوم کان سواءِ ان دؤر جي ٻين شاعرن به مغربي تهذيب جي اثرات کي نمايان ڪيو. غزل جي اوائلي دؤر جي شاعرن ۾ مير عبدالحسين سانگي مرحوم (وفات 1924ع) جو نالو نمايان حيثيت رکي ٿو. هن جي غزل ۾ حسن و عشق جي بيانن سان گڏ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي عڪاسي به ملي ٿي. هن پڻ بدلجندڙ تهذيب ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي. خاص طرح سان مغربي تهذيب جو وڏو نقصان اهو بيان ڪيو اٿس، ته هيءَ تهذيب اسان کي پنهنجي مذهب کان پري رکي ٿي. چوي ٿو:

تڏهن ترڪِ وطن ڪيوسين، جڏهن اهلِ وطن بگڙيا

جي بگڙڻ جا نه ها، اهڙا به يارانِ ڪُهن بگڙيا

هوا اهڙي لڳي آهي، جو پنهنجي پنهنجي مذهب کان

مسلمان و ڪرستان و يهود و برهمن بگڙيا

زماني رمز سان ورتي جا آهي راءِ حاڪم جي

ڏسو رسمن کان پنهنجي يڪ قلم سڀ مرد و زن بگڙيا

اثر صحبت جو بيشڪ ٿئي ٿو مون کي ٿيو يقين آهي

زماني جي بگڙڻ کان ته مردن جا سخن بگڙيا

ٻئي هنڌ جديد تهذيب جو اثرات جو نقشو هن طرح چٽيو اٿس:

اي زمانا تنهنجي لوڏن کان ته آهيون جان بلب

باز گردد يا بر آيد چيست فرمانِ شما

عهد اهڙو آه آيو سخت جنهن کي الامان

زيناهار اي دوستان جان من و جان شما

هي سند و دولت زيان اي حاڪمان يوروپي

گرچه جام ما نشد پر مي به دورانِ شما

هي شعر جيتوڻيڪ غزلن جا ابيات آهن، ان هوندي به اهي اشعار مختصر مگر جامع نموني ۾ ان زماني جي تهذيبي انتشار ۽ بدلجندڙ حالتن جي چٽي طرح عڪاسي ڪن ٿا. ٻين جي ڪيترن ئي شاعرن اهڙي نموني بدلجندر حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي. ثناءِالله ثنائي مرحوم (وفات 1977ع) چوي ٿو:

ڊگهو ڪوٽ سلوار پٽڪو وڏو

انهن تي به اڄ ڪلهه رکيل آ ڦڏو

جو پهرياڻ پائي اهو بيوقوف

صفا سوٽ جنهن کي اهو فيلسوف

مٿي تي آ ٽوپي اهو ڀي گٿو

ڪٽيل وار گهرجن اگهاڙو مٿو

ٻئي هڪ نظم ۾ طنز و مزاح جي رنگ ۾ سنڌ جي مٿين طبقي جي بدلجندڙ تهذيب جو نقشو هن طرح ٿو چٽي:

هلي آءُ ساقي اندر کي جيار

نه واٽر کپي ليم سوڍا پيار

لکان هاڻ احوال بگ مئن جو

مليو مرتبو مان آ آکين جو

مسلمان گڊ مئن آهي بڻيو

قدم ڪٿ حڪومت سان خاصو کڻيو

اسان انگلش جا ڪلودز ڪيا

نه گهرجن سبيل سنڌ وارا ٻيا

نه پٽڪو کپي ڪيپ يا هئٽ آڻ

هلو شاپ خاني تي شو بوٽ ساڻ

سٿڻ ٿي نه گهرجي ٽرائوزرس

سڄو سوٽ خاڪي اسان لاءِ بس

پليٽون کپن ڪوپ ساسر کپي

ته اسپون ٽِي پيو هجي ميز تي

ته ٽي پاٽ ٽاول ٽري ڀي هجي

بريڪ فاسٽ لئي ڪيڪ تازو هجي.

مغربي تهذيب کي ننديندي چوي ٿو:

مثل ڪانوَ ڪبڪ کي جنهن ڏٺو

هلڻ پا تنهنجو ڀي ڪيائين ڦٽو

نصارن جي قابو ڪيوسين ڪلاٿ

لٽائي ڇڏيوسين پنهنجو صاف ساٿ.

قادربخش بشير مرحوم طنز و مزاح جي رنگ ۾ مٿين طبقي جي بدلجندڙ تهذيب جي عڪاسي هن طرح ڪري ٿو:

وڳا ٽي چار ڪوٽن، سوٽ، بوٽن جا رکڻ گهرجن

نيو فيشن جو دلداده ۽ ان جو نغمه خوان ٿي وڃ

ضروري سوال پوزيشن ۽ فيشن جو رکڻ گهرجي

تڏهن ملبوس اي سهڻا، سراپا سلڪ سان ٿي وڃ

خوشامد ۽ عياشي ۾، نمائش ۾ لٽائي زر

رکي گروي زمينون سڀ تون اعليٰ خاندان ٿي وڃ.

نئين تهذيب جي اثر سبب اخلاقي اقدار به پائمال ٿيڻ لڳا، ۽ اوگڻ اسان ۾ گهر ڪرڻ لڳا. سنڌي شاعرن ان طرح به اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي، ۽ نشاندهي ڪئي آهي، ته اسان پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جون خوبيون ۽ خصوصيتون وساري، اوگڻ اختيار ڪيا آهن. رئيس شمس الدين بلبل مرحوم اسان جي انهن تهذيبي براين جي هن طرح ترجماني ڪئي آهي:

ملامت ۽ لعنت ۾ کوليون زبان

گلا ۽ برائي جا آڻيون بيان

طبع کي موافق گلا جي غذا

بدن جي رطوبت حسد ۽ ريا

اسان جي لياقت ته غيبت غرور

اسان جي فضيلت ته فسق وفجور

ڪٿي وعظ ٻڌبو ته ٿيندي بڇان

نه ايندي جمعيت لڇان ۽ پڇان.

غلام احمد نظامي مرحوم چوي ٿو:

حيا شرم و ادب رخصت ٿيو بلڪل زماني مان

رهي هر جاءِ فيشن جي بلا نازل سنڀالي هل

______

اخلاق ادب اخلاص ويو، انصاف ويو احساس ويو

ايثار سخاوت همدردي ڪجهه ڪانه رهي زردارن ۾.

محمد بخش واصف مرحوم (وفات 1945ع) چوي ٿو.

ناهه پوڙهن ۾ مروت، ويو جوانن مان ادب

ڪيئن نه ڀيرو آ وڌو پيرو جوان ۾ انقلاب

زال ٿي شوقين، متوالو ٿيو پڻ مرد ڏس

قابل ديد آهه هي بيبي ميان ۾ انقلاب

سيد حافظ حيات شاهه مرحوم (وفات 1955ع) چوي ٿو:

خلاف مرد جي آهي هوا زماني جي

عجب شان سا ٿي زندگي زناني جي

سفيد پوش شريفن کي پيٽ تي پٽيون

ڪمي نه آهي ڪميني کي زر خزاني جي

مجازي عشق جي ڪلدار ٿا ڪٿن قيمت

نه گهرج آهه ڪا جانان کي ڪنهن جي جاني جي

قادربخش بشير مرحوم پنهنجي نظم ”چوڏهين صدي جو انسان“ ۾ معاشري جي فردن جي ڪردار جي ترجماني هن طرح ڪئي آهي:

دليون بغض ڪيني عداوت ڏي مائل

شب و روز شر ۽ شرارت ڏي مائل

امانت کان نفرت خيانت ڏي مائل

دجالت خجالت حماقت ڏي مائل

نه انسان آهيان نه حيوان آهيان

خط و خال تي بس آءُ قربان آهيان

جمع خان غريب مرحوم چوي ٿو:

خودپسندي جا ۽ خود غرضي جا عاشق اڄ اسين

بخت معشوق آهه، تڏهين ٿي ويو بيزار اڄ

جي وٺون تعليم اخلاقي رهون بااتفاق

ٿي وڃي سرسبز ساڳيو قوم جو گلزار اڄ

حضرت مولانا تاج محمود امروٽي مرحوم (وفات 1929ع) جا به ڪيترائي قومي نظم ملن ٿا، جن ۾ انگريزن جي سياست ۽ ثقافت کي ننديو اٿس. ان زماني ۾ انگريزن جي ظلم ۽ ڏاڍ سبب عوام جي ڪهڙي حالت هئي، ان جو نقشو هن طرح چٽيو اٿس:

ڌڻي در تنهنجي تي، ڪهڙي ڪريان فرياد مون هاڻي

لڄا تنهنجي کسي طمع، وئي ويڙهي طمع راڻي

وڌو هٿ نوڪرن نڙ ۾، ڪيون ڪرسيون اسان قابو

اسان جا مند ٿيا سڀ بند، ٿيا چپ وات سڀ ساڻي

اڳيئون ڪلٽر ويهي ڪرسين، اتي ايمان ڏنو سارو

چوي جيڪو مڃيئون سوئي، اڳيون نهڪر نڪا آڻي

شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ مرحوم (وفات 1929) به ڪيترائي اصلاحي نظم لکيا. تڪبر، ريا ۽ خودپرستيءَ کي ننديندي چوي ٿو:

بري خصلت ادا، ڪبر ۽ ريا جي

بزرگن آڏو، سا مڪر ۽ دغا آهه

نه ڪر گردن ڪَشي ۽ تون تڪبر

جونت لعنت ۾ شيطان مبتلا آهه

_________

خودپرستي خود نمائي، خود خيالي ترڪ ڪر

نفس سان ڪر جنگ تون، صلح و صفا جي واسطي

سنڌ جا مسلمان جيتوڻيڪ مغربي تهذيب جي اثرات کان متاثر ٿيا، ان هوندي به جيئن ته مصلح، شاعر ۽ اديب، ديني عالم ۽ قومي رهنما کين خبردار ڪندا رهيا، انهيءَ ڪري ديني جذبو ۽ قومي غيرت منجهائن ختم نه ٿي. جڏهن به اهڙا موقعا ۽ وقت آيا، ته هو پنهنجي قومي جذبي جو مظاهرو ڪندا رهيا ۽ انگريز سامراج سان مهاڏو ڏيندا رهيا. خاص طرح سان خلافت تحريڪ واري زماني ۾ سنڌ جي مسلمانن پنهنجي جوش، جذبي ۽ ولولي جو اظهار اهڙي ته اثرائتي نموني ڪيو، جو انگريزن جي ايڏي وڏي طاقت کي به لوڏي وڌائون.

جمعيت الشعرا جي مشاعرن ۽ ماهوار اديب سنڌ به هن سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪيترن ئي مشاعرن ۾ طرحون ئي اهڙيون ڏنيون ويون، جيئن شاعر قومي نظم لکن ۽ سنڌي زبان ۽ ادب بابت محبت جو اظهار ڪن. نموني طور ڪجهه طرحون هيٺ ڏجن ٿيون:

ڪو زمانو هو، جو مون کي ناز هو تلوار تي

__

اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو

___

فدائي قوم ٿي ۽ جذبئه ايثار پيدا ڪر

__

اٿ جاڳ نوجوان، هي جاڳڻ جو وقت آهه

___

درد پنهنجي ديس جو، دل ۾ جوانو ڌارجو

___

وطن پنهنجو سڀ لاءِ ڪشمير آهي

_____

خاڪِ وطن تان منهنجي هي جان نثار آهي

______

قوم زندهه ٿي رهي، پر جي زبان زندهه رهي

____

سج چڙهي آيو مٿي، اٿ ننڊ مان بيدار ٿي

___

قلب مان ڪينو ڪڍي هڪ ٿي وڃو هر حال ۾

___

تجارت ڪريو بس تجارت ڪريو

____

هر گهڙي بيتاب آ بزم جهان ۾ انقلاب

___

مٽائڻ سان به مٽبي هيءَ ڪڏهن تصوير آزادي

___

هن مان معلوم ٿيندو، ته ماضي قريب جي سنڌي شاعرن اسان کي دنيوي ۽ سياسي ميدان ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ اڀاريو آهي، ته مغربي تهذيب جي تباهه ڪن اثرات کان به اسان کي باخبر ڪيو آهي.

 


 

[1]  مقالي جو عنوان آهي: ”سنڌوندي جي هيٺين وادي ”سنڌ“ ۾ ”مفاصلي“ ۽ ”وقت“ جي پيماش“.

“Measurement of Space and Time in the lower Indus Valley of Sind.” Published in Journal of Centeral Asia Vol: III, No: 2, December 1980. (Centre for the Study of the Civilizations of Centeral Asia, Quaid-i-Azam University, Islamabad).

[2]  اهو رسالو مون مولانا عبدالرؤف (يا ڪو ٻيو نالو؟) وٽ ’الله داد چنڊر‘ جي ڳوٺ ۾ ڏٺو هو ۽ پڻ نقل ڪيو هو. اهو استاد مرحوم مخدوم امير احمد صاحب جي حوالي ڪيو هئم ۽ ڪتاب ”بذل القوه-الخ“، بابت سندس لکيل مقدمي ۾ شايد ان جو ذڪر موجود هجي. بهرحال هيءَ ڳالهه وڌيڪ تصديق طلب اهي. البت پوءِ مخدوم غلام محمد (سندس پوٽي) مخدوم مرحوم جي هڪ سؤ پنجاهه ڪتابن جي فهرست مرتب ڪئي هئي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته الله داد چنڊر جي ڳوٺ ۾ ڏٺل رسالو ساڳيو مخدوم غلام محمد وارو هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com