سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

--

صفحو :8

  

 

سنڌي بيت جو بُڻ بنياد

الياس عشقي

 

سنڌي بيت جي سٽاءُ کي ڏسڻ شرط ئي معلوم ٿي ويندو آهي ته هيءَ دوهي ۽ سورٺي مان ٺهيل صنف آهي، ان ڪري ان جي بڻ بنياد تي غور ڪرڻ لاءِ دوهي ۽ سورلي جي تاريخ جو اڀياس تمام ضروري آهي.

دوهو (سنڌي ۾ ڏوهيڙو) پنگل (ڇند وديا-هندي عروض) ۾ هڪ اهڙو ڇند (موزون ڪلام) آهي، جنهن جي هر سٽ ننڍين وڏين چوويهن ماترائن تي ٻڌل هوندي آهي. (دوهي ۾ ٻه سٽون (مصرع) ٿين ٿيون، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ تَڪ (قافيو) آڻيندا آهن. دوهي جي هر سٽ (مصرع) کي دَل چوندا آهن ۽ هر دَل ۾ ٻه چرن (قدم يا ڀاڱا) هوندا آهن، جيڪي وري تيرهن ۽ يارهن ماترائن ۾ ورهايل هوندا آهن. ان جي سمجهاڻي هيٺ ڏجي ٿي.

دوهو

      چرن (1)            چرن (2)

پهريون دَل _________(وقفو) ___________ تَڪ (قافيو)

   13 ماترائون          11 ماترائون

چرن (1)                  چرن (2)

ٻيو دَل __________ (وقفو) _____________ تُڪ (قافيو)

13 ماترائون             11 ماترائون

ٻنهي دَلن جي وچ ۾ ساهه کڻڻ جو وقفو هوندو آهي، جنهن کي ”بِسرام“ چيو ويندو آهي.

مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته دوهي جي هر دَلَ (مصرع يا سٽ) ۾ چوويهه (13+11) ماترائون هونديون آهن. انهن ماترائن ۾ حرڪت ۽ سڪون جو شمار ٿئي ٿو. عروض هجي يا پنگل يا پراسوڊي (Prosody) (مغربي شاعري جو وزن)، سڀني جو آڌار حرڪت ۽ سڪون جي نظام تي منحصر هوندو آهي.

مٿي ٻڌايو ويو آهي دوهو پنگل جي هڪڙي خاص وزن ۾ چيو وڃي ٿو ۽ جنهن وزن ۾ چيل ٻن مصراعن جي (ٻه-سٽي) ڇنڊ کي، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ تُڪ قافيو) هجي، دوهو نٿا چئي سگهون، جيئن فارسيءَ ۽ اردوءَ يا سنڌيءَ ۾ رباعي جو وزن مخصوص ۽ مقرر ٿيل هوندو آهي ۽ ڪنهن ٻئي وزن ۾ چيل چئن مصراعن کي رباعي نٿو چيو وڃي.

صورتخطيءَ جو هر اکر بي آواز هوندو آهي. جيستائين ان تي زير زبر پيش جي حرڪت پنهنجو اثر نٿي ڪري. زير زبر ۽ پيش جي حرڪت سان جڏهن ڪنهن اکر جو آواز وڌي ٿو وڃي ته زير جو آواز ”ي“ ۾، زبر جو آواز ”الف“ ۾ ۽ پيش جو آواز ”وَ“ ۾ بدلجي ويندو آهي، انڪري زير، زبر ۽ پيش جي آوازن کي ننڍيون ۽ ”ي“، ”الف“ ۽ ”و“ جي آوازن کي وڏيون ماترائون چئي سگهبو. پنگل جي اصطلاح ۾ ننڍي ماترا کي ”لگهو“ ۽ وڏي ماترا کي ”گرو“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ماترائن کي هيٺين نشانن سان به ظاهر ڪيو ويندو آهي:

1- لگهو (ننڍي ماترا) جو نشان “I” آهي.

2- گرو (وڏي ماترا) جو نشان “S” آهي.

دوهي جا ٻه لازم شرط ٻيا به آهن، جن جي قائم رکڻ سان دوهو سهڻو ۽ مڪمل ٿيندو آهي.

1- دوهي جي شروعات ۾ ڪو اهڙو لفظ نه اچي جنهن جو وزن هڪ لگهو (ننڍي ماترا)، هڪ گرو (وڏي ماترا) ۽ هڪ لگهو (ننڍي ماترا) جي برابر هجي، يعني اهڙو لفظ نه اچي، جنهن ۾ هڪ زير، زبر يا پيش هڪ الف و يا ي ۽ هڪ زير زبر يا پيش هجي. مثلاً هيٺ ڏجن ٿا.

ڪَمال: ڪَ مال           (ISI)

زيان: ز يَا ن              (ISI)

قُبول: قُ بُو ل           (ISI)

2- پنگل ۾ اِنهيءَ وزن (ISI) جي لفظن کي ”جگن“ چوندا آهن. دوهي جي دَل (سٽ) جي شروع ۾ ”گرو“ (وڏي ماترا) جنهن جو نشان “S” آهي، اچڻ کپي.

جيڪڏهن ڪنهن دوهي ۾ اهي ٻئي يا انهن منجهان ڪو هڪڙو شرط پورو نه ٿيندو ته دوهو ناقص سمجهيو ويندو. اهڙي ناقص دوهي کي ”چنڊالڻي“ دوهي جو نالو ڏنو ويو آهي.

دوهي جو هڪڙو قسم سورٺو آهي، جنهن کي ”ابتو دوهو“ به چوندا آهن. دوهي جي ٻنهي دَلَن جي ٻنهي چرنن کي اُبتو ڪجي، يعني ماترائن جي ترتيب کي اڳيان پٺيان ڪيو وڃي ته ماترائن جي ترتيب، جيڪا تيرهن- يارهن هوندي آهي، بدلجي يارهن-تيرهن ٿي پوندي، انهيءَ عمل سان ”تُڪ“ يعني (قافيو)، جو چرنن جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي، ٻنهي چرنن جي وچ ۾ اچي ويندو، جيئن ته:

 

13 ماترائون             11 ماترائون

دوهو: _____________ بسرام _______________ تُڪ

13 ماترائون             11 ماترائون

_____________ بسرام _____________ تُڪ

11 ماترائون تُڪ        13 ماترائون

سورٺو: __________ بسرام __________________

11 ماترائون تڪ        13 ماترائون

_______________ بسرام ________________

مثال طور: ميرا ٻائي جو هي مشهور دوهو آهي:

جو مئن ايسا جانتي، پريت ڪِئي دُک هوءِ

نگر ڍنڍورا ڦيرٿي، پريت نه ڪريو ڪوءِ

انهيءَ دوهي کي ابتو ڪري سورٺو ٺاهبو ته ان جي هيئت هن ريت ٿيندي:

پريت ڪئي دُک هوءِ، جو مئن ايسا جانتي

پريت نه ڪريو ڪوءِ، نگر ڍنڍورا ڦيرتي

سورٺي جي انهيءَ هيئت بابت ڪنهن هندي شاعر پنهنجي هڪ سورٺي ۾ هيئن بيان ڪيو آهي:

دوها اُلٽا جان، اور بات دوجي نهين

پنگل ڪرت پکان، ڇند سورٺا هوت هئين

دوهو اولهه هندستان ۾ اُسريو ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري جٿي ڪٿي پکڙجي ويو، پر سورٺو، جيئن ان جي نالي مان معلوم ٿيندو، سوراشٽر (سوراٺ يا سورٺ) يعني گجرات ۾ اول چيو ويو، اوسر ۽ ترقيءَ کان پوءِ ٻين هنڌن تي ويو ۽ مقبول ٿيو. سوراشٽر (گجرات) ۾ دوهي ۽ سورٺي جي هيئت ۾ هڪڙي تمام سهڻي فني تبديلي آندي وئي. سوراٺ جي شاعرن دوهي- سورٺي ۽ سورٺي-دوهي جي ميل سان به نهايت سهڻا ۽ ڪارائتا ٻن سٽن جا ڇنڊ ٺاهيا، جن جا نمونا هيٺ ڏنا وڃن ٿا:

(1) دوها سورٺا ____________  ، ________________ تُڪ

            ________________ تُڪ __________________

(2) سورٺا دوها __________ تُڪ ______________

            _________________ ، ________________ تُڪ

انهن دوهن-سورٺن ۾ تڪ جي بيهڪ کان سواءِ ڪا ٻي تبديلي نه آندي وئي. سنڌ ۾ دوهي ۽ سورٺي کان سواءِ مٿي ڏنل پهرين صورت مقبول ٿي، ڇو جو سنڌي بيت جي فن ۾ هميشه بيت جي آخري سٽ ۾ سورٺي جي نموني ۾ ٻنهي چرنن جي وچ ۾ تُڪ آڻڻ جي روايت قائم ٿي چڪي هئي، جيئن:

پڪا رَڇَ ڪنڀار جا، پڪي نهائين

________

مونکي تيانئين، ڀيلو ڀاڱي آئيو         (شاهه لطيف)

پر خود دوهي جي اوسر اولهه هندستان ۾ ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي؟ انهيءَ سوال جو جواب وڏي عرصي تائين ملي نه سگهيو. آخر هندي ادب جي تاريخ جي مطالعي دوران حاصل ٿيل معلومات جي آڌار تي هيءُ نتيجو نڪتو ته سنڌي بيت جو هندي دوهي سان گهاٽو تعلق رهيو آهي، پر ان جو ڏس لسانيات جي تاريخ ۾ ملي ٿو. خاص ڪري پراڪرت ۽ اُپڀرنش جي دور ۾ اهڙا اُهڃاڻ مليا آهن، جن جي ڪري دوهي، سورٺي ۽ سنڌي بيت جي لاڳاپن تي روشني پوي ٿي.

ڪن ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته اپڀرنش جي شاعري گهڻو ڪري دوهي جي شاعري هئي، هيءَ ڳالهه هندي ادب جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿي آهي. مهابير پرشاد دويويدي پنهنجي ڪتاب هندي ساهتيه اتي هاس (صفحي 2 کان 17) ۾ لکي ٿو ته اپڀرنش ٻولين جا دوها جن ڪتابن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن، انهن مان سڀ کان اڳوڻا ڪتاب هڪڙي جين عالم ديوسين جي دوهن جا ٻه مجموعا آهن. ان کان پوءِ پراڪرت ۽ اپڀرنش جي صرف نحو مشهور ماهر هيمچندر پنهنجي گرامر ۾ اپڀرنش جا دوها نقل ڪيا آهن. اهڙيءَ طرح سوم پريا سوري به پنهنجي ڪتاب ”ڪمار پرتي بوڌ“ ۾ اپڀرنش جي دوهن جا مثال ڏنا آهن. ان کان سواءِ هڪ ٻيو جين دانشور ميروتنگ پنهنجي ڪتاب ”پر پنڌ چنتامني“ پنهنجا دوها نقل ڪري ويو آهي. اهو سڄو دور اپڀرنش ٻولين ۽ انهن جي دوهي واري شاعريءَ جي ترقيءَ جو دور آهي.

بهار جي جڳ مشهور شاعر ودياپتي به پنهنجن ٻن ڪتابن ”ڪِرتي لتا“ ۽ ”ڪِرتي پتاڪا“ ۾ اهڙي ٻولي ڪم آندي آهي، جنهن ۾ اُپڀرنش ۽ مڪاني ٻولي جو ميل آهي (جنهن کي پوءِ لسانيات جا ماهر ”اوهٽ“ جي نالي سان ياد ڪندا آهن) ودياپتي پنهنجي هڪ اپڀرنش دوهي ۾ پنهنجي ٻوليءَ بابت چوي ٿو ته ”ديسي ٻولي هر ڪنهن کي مٺي لڳي ٿي، ان ڪري مان ان جي ميل واري اپڀرنش ۾ شاعري ڪريان ٿو.“ ودياپتي جي ميل واري اوهٽ ٻوليءَ ۾ سنسڪرت جا لفظ عام جام ڏسجن ٿا. هو اهرن لفظن کي سنسڪرت جي بدران پراڪرت جي گرامر مطابق استعمال ڪري ٿو. سندس زماني جي شاعريءَ جي ٻوليءَ جو عام انداز ساڳيو ئي آهي ۽ ان زماني جو هر ليکڪ پراڪرت ۾ اپڀرنش جي ٻوليءَ جي گرام جي پيروي ڪندو نظر ٿو اچي. شاعري ۽ ادب جو عام لاڙو پراڪرت ۽ اپڀرنش جي نين ضرورتن مطابق آهي. ٻوليءَ جو اهو انداز شاعريءَ ۾ وڌيڪ نمايان آهي ۽ شاعريءَ ۾ رڳو دوهي جي صنف آهي ۽ ٻئي ڪنهن به صنف ۾ ڪلام هيلتائين نه مليو آهي. ڊاڪٽر محمود حسين خان به پنهنجي ڪتاب ”هندي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ ساڳي تحقيق پيش ڪئي آهي. تازو ڊاڪٽر جميل جالبي به پنهنجي تاريخ ادب اردو جي جلد 2 ڀاڱي 2 ۾ دوهي کي پراڪرت ۾ جهوني ۾ جهوني شاعري ڪري ڄاڻايو آهي. مطلب ته اپڀرنش جي شاعري رڳو دوهي جي شاعري هئي.

اپڀرنش ٻولين جي آخري دور ۾ سن 1000ع ڌاري مڪاني ٻوليون پنهنجو نئون روپ ڌاري چڪيون هيون ۽ پنهنجي لساني خصوصيتن ۾ پختو ٿي اهڙي صورت اختيار ڪري چڪيون هيون جو اڄ تائين برقرار آهن. انهن ٻولين اپڀرنش جي جاءِ ورتي، ان ڪري دوهو، جيڪو اپڀرنس جي شاعري جي مقبول صنف هئي، گهڻين ٻولين ۾ موجود آهي. اهڙن ٻولين ۾ سنڌي به آهي. مسلمان سن 800ع ڌاري هندستان ۾ اولهه کان داخل ٿيا. اهو زمانو ٻولين جي ڦرڻ ۽ ٺهڻ جو زمانو هو. مسلمانن جي اچڻ ڪري ٻولين جي تعمير ۽ ترقيءَ جي خاص اثر ظاهر ٿيا، جيڪي اڄ تائين موجود آهن، بلڪ گهڻين زبانن کي موجوده شڪل ئي مسلمانن جي اثر هيٺ ملي آهي، ڇو جو اپڀرنش جي ختم ٿيڻ ۽ نين ٻولين جي پيدائش جو دور به ساڳيو ئي آهي.

انومان آهي ته انهيءَ دور جا دوها به ٻه سٽا هئا، جيئن دوهي لفظ مان ظاهر آهي. پر چئن ڇهن اٺن سٽن وارن دوهن جي صنفن جو به رواج هو. البت ٻن سٽن وارن دوهن کان گهٽ اهي گهڻ سٽا دوها مسلسل هوندا هئا. دوهي جو وزن چوويهن ماترائن واروئي هو، پر جيئن زبان جا قاعدا به اپڀرنش ۾ سخت نه هئا، تيئن فن جا قاعدا به نرم هئا. ماترائن جي سخت پابندي نه هئي، ۽ دوهي ۾ ٽيويهن ۽ پنجويهن ماترائن جا دوها به گهڻا چيا ويندا هئا. گهڻن سٽن دوهن ۾ چئن ڇهن ۽ اٺن سٽن جي دوهن جا نمونا ”تُڪ“ (قافيي) جي لحاظ کان ٻن قسمن جا هئا. چئن ۽ ڇهن سٽن جو پهريون قسم، جنهن ۾ تڪ قاعدي مطابق رهندي هئي، هيٺ ڏجي ٿو:

چئن سٽن جو مثال: ______________ تڪ، ___________ تڪ

                             ___________ تڪ، ___________ تڪ

ڇهن سٽن جو مثال: ______________ تڪ، ___________ تڪ

                             ___________ تڪ، ____________ تڪ

                             ___________ تڪ، ____________ تڪ

پر اهڙن دوهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن، ٽين، پنجين ۽ ستين سٽ ۾ تُڪ (قافيو) نه آڻيندا هئا، ان ڪري هيئت ٿوري ڦريل هوندي هئي.

چئن سٽن جو مثال: __________ تڪ، ____________ تڪ

                   _______________ ´  ، ____________ تڪ

ڇهن سٽن جو مثال: __________ تڪ، ____________ تڪ

                   _______________ ´  ، ____________ تڪ

                   _______________ ´  ، ____________ تڪ

اهڙي ئي نموني ۾ اٺن سٽن جا دوها به چيا ويندا هئا، پر ٿوري وقت کان پوءِ ڇهن ۽ اٺن سٽن وارن دوهن جو رواج گهٽ ٿيندي ٿيندي، اهڙا دوها (ٻه سٽا ڇند) يا جوڙي وارا دوها هئا يا سوال جواب جا، پر انهن ۾ هر دوهو پنهنجيءَ جاءِ تي مڪمل هوندو هو. جوڙي وارن دوهن جو هڪڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

(1) چنچل چپلا بهو چلن، بهو ڀوجن بهو روس

تُرين ۾ يهي پانچ گن، تِرين ۾ يهي دوس

سوخ هجڻ، ٿلهو هجڻ گهڻو هلڻ وارو هجڻ، گهڻو کائڻو هجڻ ۽ گهڻو غصي وارو هجڻ- اِهي اهڙيون پنج وصفون آهن، جو جيڪڏهن گهوڙين ۾ هجڻ ته وڏيون خوبيون ليکبيون، پر عورتن ۾ هجن ته معيوب سمجهيون وينديون.

(2) شيتل پاتل مند گتي، الپا ها نروس

تِرين ۾ يهي پانچ گُن، تُرين ۾ يهي دوس

ٿڌو هجڻ، نرم مزاج هجڻ، آهسته هلڻ وارو هجڻ، شرم وارو هجڻ ۽ ڪاوڙ بلڪل نه ڪرڻ- اهڙيون پنج وصفون آهن، جو جيڪڏهن عورتن ۾ هجڻ ته خوبيون آهن، پر گهوڙين ۾ هجن ته عيب سمجهيا ويندا.

اهڙي ئي نموني ۾ سوال جواب جا دوها هوندا آهن:

سوال: ڪاهي نيمي ڪڙوي لاڳي، ڪاهي ديت سيتلي ڇانهن

 ڪاهي ڀائي بيري لاڳي، هوت داهني بانهن

ڪڏهن نِم ڪڙي لڳندي آهي ۽ ڪڏهن ٿڌي ڇانو ڏيندي آهي. ڀاءُ ڪڏهن ويري هوندو آهي ۽ ڪڏهن سڄي ٻانهن (ٻانهن ٻيلي) هوندو آهي. انهن سوالن جا جواب ٻئي دوهي ۾ ان ريت ڏنا ويا آهن:

جواب: کائي نيمي ڪڙوي لاڳي، بيٺي سيتلي ڇانهن

ڌن ۾ ڀائي بيري لاڳي، رن ۾ داهني ٻانهن

کائڻ سان نِم ڪڙي لڳندي آهي، هيٺ ويهڻ سان ٿڌي ڇانو ڏيندي آهي. ڌن هجي ته ڀاءُ ويري ٿيندو آهي ۽ لڙائيءَ (ويڙهه) ۾ سڄي ٻانهن (ٻانهن ٻيلي- طاقت) هوندو آهي.

اسين ڏسي چڪا آهيون ته سوراشٽر ۾ دوهي ۽ سورٺي جي ميل سان سورٺا- دوها- سورٺا ٺاهيا ويا. تڪن جي انهيءَ فني استعمال سان گهڻ سٽن ضفن ۾ ٻيا به ٺهيا. ٽن سٽن وارن ضفن جا مثال هيٺ نقل ڪيا ٿا وڃن:

(1) -------------------------“ ------------------------ تڪ

-----------------------------“ ------------------------- تڪ

-----------------------------“  ------------------------ تڪ

(2) -------------------------“ ------------------------- تڪ

-----------------------------“ -------------------------- تڪ

----------------------------- تڪ ----------------------

(3) ------------------------- تڪ ---------------------

----------------------------“ -------------------------- تڪ

--------------------------- تڪ-----------------------

(4) ----------------------- تڪ ---------------------

--------------------------- تڪ ----------------------

---------------------------- تڪ ---------------------

سنڌ شاعريءَ ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين مثال مان ٻيا ۽ ٽيا نمونا وڌيڪ مقبول ٿيا. ٽئين نموني جا مثال گهٽ ملن ٿا.

چئن سٽن جي بيتن جو عام نمونو سورٺي- دهي ۽ دوهي- سورٺي کي ملائي ٺاهيو ويو، مثال طور:

سورٺو دوهو ______________ تڪ ______________

          __________________ “ ______________ تڪ

دوهو سورٺو ______________ “ _____________ تڪ

          _________________ تڪ ________________

چئن سٽن جي عام سنڌي بيت جو نمونو آهي:

جهلي تان نه رهان، ڌاران پسڻ پرينءَ جي

اپر عاجز آهيان، لالن جان نه لهان

فردا مون ڦٽي ڪئي، وعدي ڏي نه وهان

صباح سنئين نه سهان، خواه ميڙيين خواه ماريين

    (شاهه)

هي دوهو، ”سورٺي-دوهي“ ۽ ”دوهي-سورٺي“ مان ٺاهيو ويو آهي. چئن سٽن جو ٻيو مقبول عام نمونو دوهي ۽ دوهي سورٺي جي ميل سان ٺاهيو ويو آهي:

ڏکيءَ سنديون ڏونگرين، آڌيءَ آهون پَوَن،

ڏاري جو ڏونگر کي سوڪي چيو چَوَن

آري جي افسوس ۾ ماڙهو مِرون رُئَنِ

ان پر سيئي هَوَنِ، هيئنڙا جن هجي ويا.

(شاهه)

اهڙيءَ طرح سٽون وڌنديون ويون ۽ دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ سان بيتن جا نمونا ٺهندا ويا. اپڀرنش جي پوءِ واري دور ۾ گجرات ۽ سنڌ ۾ ٽن سٽن، پنجن سٽن کان وٺي نون سٽن جا بيت به چيا ويا. پر بيتن جي آخري سٽ ۾ هميشه تڪ (قافيو) سورٺي جي انداز ۾ آڻڻ جو رواج پختو ٿي ويو ۽ سنڌي بيت ۾ گهڻو ڪري ان جي خلاف ورزي نٿي ڪئي وڃي ۽ قافيو سدائين سٽ جي وچ ۾ آڻيندا آهن.

سنڌي بيت جو نالو فارسي بيت تان ورتل آهي. ٻنهي جو مقصد ڪنهن حد تائين ساڳيو آهي، يعني ڪنهن نُڪتي جي سمجهاڻي يا وضاحت، جيئن سعدي جي گلستان ۽ جاميءَ جي بهارستان ۾ ڏسون ٿا. پر سنڌي بيت ۾ ٽي، پنج، ست ۽ وڌيڪ تعداد ۾ به سٽون ٿي سگهن ٿيون، جيڪا فارسي شاعري جي روايت ۽ فن جو دستور ڪونهي.

بابا فريد جو زمانو چوڏهين صديءَ جو آهي، جيڪو دوهي ۽ بيت جي اوسر جي دور جي ويجهو آهي. ان ڪري بابا صاحب جي ڪلام ۾، جو دوهن تي مشتمل آهي، (اسان کي سلوڪ ۽ باني وغيره نالن سان ڌوڪو نه کائڻ گهرجي) اوائلي دور جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مثال طور اوائلي دور جي ڪن دوهن ۾، جيڪي گهڻو ڪري گهڻ سٽن دوهن جا وڇڙيل دوها هئا ۽ معنيٰ طور مڪمل ٿيڻ سبب ڊگهن دوهن کان جدا ٿي مشهور ٿيا (يا ائين ئي چيا ويا هئا)، پهرين سٽ ۾ قافيو نه هوندو هو. بابا فريد جي دوهن ۾ (توڻي اُهي بابا صاحب جا هجن يا فريد ثاني جا) اهڙا مثال ملن ٿا، جن جي پهرين سٽ ۾ ”تڪ“ (قافيو) ڪونهي:

1- (فريدا) دُني وجائي وجدي، تون به وڃين نال

سو اي جيو نه وجدا، جس الله ڪردا سار

2- ويکو بند چليا، چونهه جڻيان دي ڪنهه

(فريدا) عمل جو ڪيتي دني وچ، درگاه آئي ڪم

ظاهر آهي ته نه نال ۽ سار قافيا آهن ۽ نه ڪنهن ۽ ڪم. اها صفت اپڀرنش واري دوهي جي هئي. اپڀرنش وار دوهي جي پهرين سٽ ۾ قافيو نه هوندو هو. ان جو فني جواز به هو. رڳو ائين نه هو ته اهڙا دوها گهڻن سٽن وارن دوهن کان جدا ٿي مشهور ٿيا. بابا صاحب جي دوهن ۾ ان جو مثال به ملي ٿو.

فريدا راتين کٽ سون، ڏينهن پٽ پيٽ ڪونُ

جان تون کٽڻ ويل، تراهين تين سونُ رهــــيا.   (فريد)

انهيءَ دوهي کي ڏسي معلوم ٿيندو ته پهرين سٽ ۾ ٻنهي چرنن ۾ سونن ۽ ڪوَن قافيا آندا ويا آهن ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ويل هوندو، جو سورٺي جي انداز ۽ قافين جي نموني ۾ آندو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هيءُدوهو ڦُٽڪر (اڪيلو) هجي يا ڪنهن مسلسل دوهي يا جوڙي جو وڇڙيل دوهو هجي. اهڙا ڦٽڪر دوها اپڀرنش واري دور ۾ ڪافي رائج هئا، بعد ۾ دوهي جا قاعدا به زبان جي دستور جي انداز ۾ سخت ٿيندا ويا ۽ ٻنهين سٽن ۾ قافيو ضروري سمجهيو ويو.

سوراشٽر (گجرات) جي روايت جي پيروي ۾ پوءِ ٽي سٽا، چار سٽا ۽ پنج سٽا بيت به عام ٿي ويا، ان جا مثال به سڀ کان اول بابا فريد جي ڪلام ۾ ملن ٿا.

(1)      (فريد) محل نِسڪّن ره گئي واسا آيا تل

          ٿورا سي نماڻيان، بهسن روحان مل

          آکين شيخا بندگي، چلن اڄ ڪهه ڪل.

(2)      (فريدا) ديک ڪپاهي جو ٿيا جو سر ٿيا تِلانُ

          ڪمادِي ارڪا گدي، ڪني ڪويليان

          مندِي عمل ڪرينديا ايهه سزا تنهان      (فريد)

چئوسٽا ۽ پنج سٽا بيت به سڀ کان اول فريد جي ڪلام ۾ ئي ملن ٿا، پر اهڙن بيتن ۾ اڳوڻي سلسلي جي پيروي ڪئي ويندي آهي، ۽ گجرات ۽ سنڌ جي بيتن جو مٿن اثر ڏسڻ ۾ نٿو اچي. تُڪ سڀني بيتن ۾ دوهي جي انداز ۾ پڇاڙي ۾ اچي ٿو. آخري سٽ ۾ به تڪ وچ ۾ نٿو اچي. بابا فريد جي چؤسٽن بيتن جو مثال هيءُ آهي:

(1) (فريدا) تون تون ڪريندي جو موئي، موئي به

   تون تون ڪرڻ

جنهين تون تون نه ڪيا، ڪنهين نه سڃاتو تن

سائين سندي ناد کي دايم پري چون

اب نه ڀني بوريا، سندي فقيرن.

(2) (فريدا) برها برها آکيِي، برها تون سلطان

جدتن يرهون نه اوپجي، سو تن جاڻ مسان

فريدا جت تن برها اوپجي تت تن ڪئيسا ماس

اِت تن اب ڀي بهت هئي هاڙ جام ارماس.

بيت نمبر ٻيو جوڙي جو بيت آهي، ان ۾ ٻئي دوها جدا جدا تُڪن ۾ آهن. هيءُ به تمام جهونو انداز آهي، ورنه عام طور جوڙي جي بيتن ۾ قافيو ساڳيو هوندو آهي.

(فريدا) ڪرن حڪومت دُني دي، حاڪم نائون دهرن

اُڀي ڌول پياريان، پڇي ڪوت چلڻ

چڙهه چلڻ سک واهي اپر چور جهُلڻ

پج وڇاون ياهرو، جٿي جاءِ سوڻ

تنهنان جنهان ديان ديريان دور وَن پيئان وسڻ.

سنڌيءَ ۾ ٽي سٽا بيت سڀ کان پهرين قاضي قادن وٽ ملن ٿا ۽ سندس زماني جي ويجهڙائيءَ ۾ شاهه ڪريم بلڙي واري جي ڪلام ۾ به ڪي بيت ٽي سٽا آهن. اهڙا بيت پوءِ خواجه محمد زمان لُواري شريف ۽ فقير گرهوڙي جي ڪلام ۾ به آهن. چؤسٽا بيت قاضي قادن جي تازو مليل ڪلام ۾ موجود آهن. ٽه- سِٽي بيت جا مثال هيٺ نقل ڪجن ٿا:

تون آڌار سڌار تون، تون اڏائون اڏ

تون ئي اکڙين مون، تون ئي اندر هڏ

ڳل لڳي ڳالهه چوان، ڪيهي حاجت سڏ.

     (قاضي قادن)

جاڳي جاڳي سسسئي جان هيجان هٿ وڌاءِ

تان سُڃي سچ پرين ري، پنهون پٿر ناهه

نڪرندي چتاءِ، گهوڙ گهِر نه سپرين

(شاهه ڪريم)

ڇڏ جاڳوٽا جوڳين، دنهيون ڪيم دکاءِ

و اذڪر ربڪ في نفسڪ، اندر آڳ جلاءِ

جن سڄڻ جي ساڃاءِ، تن ڪينا مٺو ڪينڪِ

(خواجه محمد زمان)

جوڳي پنهنجي جوءِ وئا، جهُڙ جئن نيڻ جهمن

سخن ساميئڙن جا، هنئڙي منجهه هُرن

سڄو موت مڱن، اڌ ڪٺا آرام لئه

(شهيد گرهوڙي)

قاضي قادن جي زماني ۾ چؤستن بيتن جو عام رواج نه ٿيو هوندو، پر ڪن شاعرن چوڻ شروع ڪيا هوندا. قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي بيتن ۾ آخري سٽن ۾ به قافيو سٽ جي آخر ۾ اچي ٿو. قاضي قادن جي نئين مليل ڪلام ۾ چؤسٽا بيت ڪافي تعداد ۾ ملن ٿا، پر قافيو چوٿين سٽ جي آخر ۾ آيل آهي.

سج پيارا سائيان، سائين سچ سُهاءِ

سچي منگل نه دهيه، سچي سرپ نه کاءِ

سچ سمنڊان سر چڙهيه، ڪوڙڪ کائين پاهِه

هڏهو ڪڏهون ڪُوڙڪي، ڏيندو سچ سزاءِ

(قاضي قادن)

خواجه محمد زمان لُواري شريف وارا ۽ شاهه عنايت رضوي، شاهه جا بزرگ همعصر هئا. انهيءَ دؤر تائين پنجن ڇهن سٽن، بلڪه ان کان به وڌيڪ سٽن وارا بيت عام ٿي ويا هئا، پر جنهن شاعر اهڙن گهڻ سٽن بيتن کي رواج ڏنو، سو به شاهه کان ٿوروئي اڳ ٿي گذريو آهي. شاهه لطف الله قادري پنهنجي زماني جو عالم ۽ قادري طريقي جو بزرگ هو. سندس ڪلام ۾ پهريون ڀيرو پنجن، ڇهن ۽ ستن سٽن جا بيت عام جام ملن ٿا:

”پنج سٽو بيت“

ڪي مٿي ڇٽ منڊيا، ڪي مورڇل وارين

ڪي پايو دونهيون اتر سامهيون پاڻ پچائين

ڪن پاتا ڪينر ڪاپڙين ڪي بسمي لائين

ڪي پهو لڳائين گوسايا پاڻ تنين ساڙين

آديسي او آهين، جن پيهي سڃاڻ پروڙئو

”ڇهه سٽو بيت“

جـﮧ پنڌ نهايت ناهه ڪا نڪو انت نه ڇيهه

سو ڪوڙي ڏسي ڪنبيا، ڏوران ڏاڍو ڏيهه

ات هلڻ حيرتِ ۾، ٿيو چيتيان تون چليهه

اوري ڪر مَ آسرو، ورچي تون مَ ويهه

ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت پيهه

ته سوئي پسي ڏيهه، جنـﮧ کي سڪي سڀڪو

”ست سٽو بيت“

تان ڪو ڏهو پهيڙا سَنهيڙو سندون

ڪئين پانڌيڙا پنڌ ۾ ڪنـﮧ پر اهڃائون

ڪنهن پر هلن حق ڏونـﮧ ڪنـﮧ پر وصالون

ڪئين فنا ٿيا في الله ۾ ڪنهن پر مشاهدون

ڪهڙو حال حقيقت ان جي ڪهو پنڌ پرون

لايعلم تاويلا الا الله اونهو انت سندون

ڪونه ڄاڻي منجهون، اوءِ پڄهان بهار ٿيا

ان جو مطلب آهي ته سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ان جي شاعريءَ جي روايت ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ اپڀرنش ٻولين جي تمام ويجهو رهي آهي ۽ اپڀرنش دؤر جي دوهي جي شاعريءَ ۾ ارتقا جهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي روايت ۾ ٿي آهي، ان جو مثال ڪنهن ٻوليءَ ۾ ورلي ملندو. ڪن لساني خصوصيتن جي ڪري سنڌي ٻولي پراڪرت ۽ اپڀرنش واري دؤر جي روايت جي امين آهي ۽ ان جي تمام آڳاٽي هجڻ جو هڪڙو پختو ثبوت اهو به آهي. ٻيو ثبوت سنڌي بيت آهي، جو پنهنجي اصل اوسر ۽ ارتقا جي ڪري پنهنجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جو ثبوت فراهم ڪري ٿو.

گهڻن سٽن وارن بيتن جو ارتقا سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي، اُن جو مثال نه هندي ٻولي ۽ ان جي ڪنهن لهجي ۾ ملي ٿو، نه وري سوراشٽر جي گجراتي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ نظر ٿو اچي. شاهه ۽سندس دؤر جي شاعرن جي ڪلام ۾ ڊگهن بيتن جي اوسر جو اهڃاڻ ملي ٿو. شاهه جي ڪلام ۾ شايد سڀ کان وڏو بيت يارهن سٽن جو آهي، جيڪو سر سارنگ ۾ آهي ۽ شاهه جي نهايت مشهور بيتن ۾ شمار ٿيندو آهي.

موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار

وڄون وسڻ آئيون چوڏس ۽ چوڌار

ڪي اٿي ويون استنبول ڏي ڪي مڻيون مغرب پار

ڪي چمڪن چين تي ڪي لهن سمرقندين سار

ڪي رمي ويون روم تي ڪي ڪابل ڪي قنڌار

ڪي دهلي ڪي دکن ڪي گڙن مٿي گرنار

ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار

ڪنهين ڀڄ ڀڄائيو ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار

ڪنهين اچي عمرڪوٽ تان وسايا ولهار

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين

       (شاهه)

ان جو مطلب هيءُ آهي ته الف اشباع جي ڊگهن بيتن جو اثر سنڌي بيت تي پيو ۽ رفته رفته بيتن ۾ سٽن جو تعداد وڌندو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ شهيد گرهوڙي جي بيتن جو به ڪجهه اثر پيو هوندو، ڇو جو ”ابيات گرهوڙي“ جو مقام الف اشباع جي شاعريءَ ۾ ساڳيو آهي، جيڪو لاکيڻي لطيف جي بيت واري شاعريءَ ۾ آهي. سنڌي سگهڙ به الف اشباع واري شاعريءَ، خاص ڪري سنڌين ۽ شهيد گرهوڙي جي شاعريءَ کان متاثر ٿيا ۽ انهن ڊگهن بيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ عروج تي رسايو. سگهڙ شاعرن جو سرتاج سانوڻ فقير آهي، جنهن جا ڊگها بيت ٻوليءَ جي سهڻائي ۽ زور بيان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سانوڻ جي شاعريءَ ۾ ڊگهي ۾ ڊگهو بيت ٻاونجاهه سٽن جو آهي.

پر اصل بيتن واري ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ تمام ڊگها بيت ايترا مقبول نه ٿيا، جيترا سگهڙن واري شاعري ۾ ٿيا. سنڌي بيت شاهه سائين ۽ شاهه عنايت رضوي ۽ پڻ اهڙن ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام ۾ اوج تي رسيا، انڪري ئي ان دؤر کان پوءِ سچل سرمست، بيدل، بيڪس، شاهه شريف ڀاڏائي ۽ خليفي نبي بخش جهڙن شاعرن بيت جي شاعريءَ جي معيار کي سدائين اوچو رکيو آهي. اسان جي دور ۾ به سڀ کان پهريائين محمد خان غني ۽ ان کان پوءِ شيخ اياز، طالب الموليٰ، تنوير ۽ ٻين بيت جي روايت کي قائم رکيو آهي. هنن نئين سر بيت کي سينگاري سنواري پنهنجي دور جي ضرورت آهر ترقي ڏني آهي. سنڌي بيت جي تاريخ ۽ ارتقا کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته هي لفظي سٽاءَ ۽ معنوي خوبين جي ڪري هر زماني ۾ اوج ۽ عروج تي رهيو آهي.

سنڌي شاعريءَ ۾ به هندي شاعريءَ جي روايت جهڙي روايت موجود آهي، يعني ان ۾ به عشق جو اظهار عورت جي طرفان ٿئي ٿو، پر اهو هندي شاعريءَ جي روايت جو اثر ڪونهي. انهيءَ خاصيت ۾ هندي ۽ سنڌي شاعري پراڪرت ۽ اپڀرنس کان متاثر ٿيون آهن. پر انهيءَ سلسلي ۾ به سنڌ جي پنهنجي انفراديت آهي جو ٻين اهڙين ٻولين کان، جن ۾ عشق جو اظهار عورت پاران ٿئي ٿو، مختلف آهي. سبب هيءُ آهي ته عشق جو اظهار سنڌي شاعريءَ ۾ لوڪ داستانن جي حوالي سان ٿئي ٿو، توڻي اظهار عشق عام عورت جي طرفان ڇو نه هجي، داستانن جي سورمين، ليلان يا مارئي، نوري يا مومل، سورٺ يا موکي يا ڍولا ماروءَ جي مارئي جي زباني ڪيو ويندو آهي. عشق جي اظهار جي هن روايت ۾ هڪ نفيس تهذيبي عنصر شامل ٿي ويو آهي ۽ عشقيه شاعري هڪ اوچي معيار تي پهچي وئي آهي. تمثيلي ۽ اليگريءَ جي ڪري به اهڙي شاعريءَ ۾ نه رڳو وسعت بلڪ عظمت جو پهلو به نمايان ٿي ويندو آهي.

انهيءَ خصوصيات جي ڪري بيت جي شاعريءَ ۾ هڪ جدا رنگ ۽ معيار پيدا ٿيو آهي، جنهن کي سنڌي روايت هڪ مڪاني ثقافت جي حيثيت ۾ ظاهر ڪري خاص انداز ڏنو آهي، تنهنڪري ان ۾ پنهنجي ڪشش ۽ پنهنجو دلڪش روپ آهي. اهو روپ سنڌي شاعريءَ کي هندي شاعريءَ کان جدا ڪري ٿو، جنهن سان سنڌي شاعريءَ جي انفراديت نمايان ٿئي ٿي.

معنوي خوبين کان سواءِ بيت جي لفظي خوبين جي صورت ۾ به اها انفراديت پنهنجو هڪ جدا انداز رکي ٿي. هاڻي سنڌي بيت جي لفظي خوبين جي انهيءَ خصوصيت جو بيان ڪجي ٿو، جنهن جو سلسلو جيتوڻيڪ اپڀرنش جي شاعريءَ سان ملي ٿو، ان ۾ نج سنڌي خصوصيتون به ڏسجن ٿيون. دوهي ۽ بيت جي لاءِ لفظن جي هڪ خاص انداز ۽ ورتاءُ جي ضرورت ٿئي ٿي، ان جا مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا. پهريون مثال ڍولا ماروءَ جا ٻه دوها آهن.

(1) بِي جُليان چلهاون آڀئي آڀئي ڪوڙ

ڪدري ملون گي سجڻان ڪسي ڪنڪچي ڇوڙ

(2) بي جُليان چلهاوي آڀئي آڀئي چار

ڪدري ملون گي سجڻان، لايئي اِنهن بسار

انهن دوهن ۾ لفظن جي تڪرار سبب هڪ لفظي ۽ صوتي خوبي پيدا ٿي وئي آهي. ٻئي بيت هڪجهڙن لفظن سان شروع ٿين ٿا. ٻيءَ سٽ ۾ به ساڳي خوبي آهي. سنڌي بيت ۾ اهڙا مثال عام جام ۽ وڏي تعداد ۾ ملن ٿا. اهڙن لفظن سان شروع ٿيندڙ سنڌي بيتن جو انداز هيءُ آهي:

اڌر نڌر اڀري، آهيان اسونهين

پرڏيهي پرينءَ ڪيا، مرڻ لئي مونهين

سسئي سيد چئي، تنگن ۾ تونهين

هادي ڪيئن هونهين، ري سمر سڌون ڪري.    (شاهه)

______

اڌر نڌر اڀري اسونهين آئون

چيٽا چور چنجن ۾، بر ۾ بلائون

موٽ پنهون پانهون، متان محب مري وڃان.     (شاهه)

اهو لفظي جوڙجڪ جو هڪڙو عام ۽ سهڻو مثال آهي، ان کان پوءِ جيڪو بيت ڇند طور پيش ڪجي ٿو، ان ۾ هڪ ٻي لفظي خوبي آهي جنهن ۾ ڇند ڪنهن هڪ لفظ يا ڪن لفظن تي ختم ٿئي ٿو، ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سلسليوار ڇند ساڳي ئي لفظ يا لفظن سان شروع ٿيندو آهي. اهڙي ڇند کي ”ڪُنڊليا ڇند“ جو نالو ڏنو ويو آهي. پهريون دوهو ”سائين“ لفظ تي ختم ٿئي ٿو:

ڪهه گرڌار ڪوي راءِ تا چَتُرن ڪي تائين

ڪر توتي ڪهه ديت، آپ ڪهيي نهين سائين.

ان کان پوءِ ايندڙ دوهي جي پهرين سٽ لفظ ”سائين“ سان ئي شروع ٿئي ٿي:

سائين اپني برات ڪو، ڪبهو نه ديجي تراس

پلڪ دور نهين ڪيجيي، سدا راکيي پاس.

هاڻي هڪ اهڙو مثال ڏجي ٿو، جنهن ۾ ڇند جي آخري سٽ ڪن خاص لفظن تي ختم ٿئي ٿي، ۽ ان کان پوءِ ايندڙ بيت ساڳئي لفظ سان شروع ٿيندو آهي:

1- بِنا بچاري جو ڪري، سو پيڇي پڇتاءِ

ڪام بگاڙي آپکو، جڳ ۾ هو هنساءِ.

___

جگ ۾ هوت هنساءِ، چت ۾ چين نه پاوي

کان پين سنمان، راڳ رنگ من ۾ نا پاوي

______

2- پاني باڙهي ناو ۾، گهر ۾ باڙهي دام

دونون هاٿ اُليچيري، يهي سيانو ڪام.

_____

يهي سيانو ڪام، رام ڪو سمرن ڪيجي

پرسوُارٿ ڪي ڪاج، شيش آگي ڌر ديجيي.

هندي شاعريءَ جي صنف ”ڪنڊليا“، جا گهڻو ڪري دوهي جي وزن ۾ هوندي آهي، ان ۾ لفظن جي اهڙي خوبي رکيل آهي. سنڌي بيت جي شاعري ۽خاص طور شاهه جي بيتن ۾ ساڳي ٽيڪنيڪ جا بيت جام ملن ٿا. مثال طور:

داغ تنهنجو دائما، ماري معذورين

سائين ڪارڻ سپرين، وڃج ۾ ڏورين

آئون تو حضورين، مڻيو وجهان مچ ۾.

انهيءَ بيت جا آخري لفظ ”ميڻو وجهان مچ ۾“ آهن، ان کان پوءِ ايندڙ بيت ساڳين لفظن سان شروع ٿين ٿا:

(1) مڻيو وجهان مچ ۾، هائي هڻان هار

ڀري جي ڀتار، ته ميريائي مان لهان.

---

(2) مڻيو وجهان مچ ۾، هائي هڻي هار

سوجي سک سيد چئي، ڪريئين ڪوه قرار

راجا ريساڻو گهڻو، سٽاڻو سردار

چوڏ چنيسر ڄام جو، ويهان ڏيهه ڏهڪار

ٺاڪر اکين ٺار، مڻئي ٿي مٽئين.

هندي دوهي جو هڪ ٻيو انداز الفظ جو هير ڦير به آهي، جنهن سان دوهي ۾ خوبصورتي ۽ اثر پيدا ٿيندو آهي:

(1) پاس ڪهون تو پاس هئي، دور ڪهون تو دور

جان اڃا جهان ۾، سڀ ۾ رهي ڀرپور.

(2) دور ڪهون تو دور رهئي، پاس ڪهون تو پاس

روم روم ۾ بس رهي، جو ڦولون ۾ پاس.

سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص لفظن ۽ انهن جي رِدم (Rhythm) وزن ۽ موسيقيت کي خيال ۾ رکي هيٺين بيتن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ هير ڦير سان پيدا ٿيندڙ موسيقيءَ جو انداز ۽ ان سان گڏ معني ۽ مفهوم جي سهڻائي ۽ اونهائي ڏسڻ ۾ محسوس ڪرڻ جهڙي آهي.

گهڙو ڀڳو منڌ مئي، ويا وسيلا

سار ڇڏيان سير ۾ هئي رهيا حيلا

سهڻي جا سيلا، وحدت سڀ وڃائيا.

_______

گهڙو ڀڳو منڌ مئي، وسيلا ويا

تنها پوءِ سُئا، سهڻي سڏ ميهار جا.

_______

پاڻ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ

لائن تنين لڏ، عشق جيئن جا اڳ ۾.

_____

پاڻ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڃ

ڀيلو ڀــــــــــري ڀڃ، اڪنڊ کڻ عمــيق ۾.     (شاهه)

سنڌي بيت ۾ لفطن جي جوڙجڪ بابت ايترا مثال ڪافي آهن. انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ ڏس ۾ به سنڌي شاعرن پنهنجو جدا ۽ سهڻو انداز پيدا ڪيو آهي، جنهن کي نڀائيندا پيا اچن.

سوال جواب جي بيتن واري روايت به سنڌ ۾ ڪافي پختي ۽ پنهنجي انداز ۾ منفرد آهي. سوال جواب جي دوهن ۾ خاص دوها اهي سمجهيا ويا آهن، جن ۾ ڪي مشهور شخصيتن جو ذڪر آيل آهي يا انهن جي وچ ۾ دوهن جي ڏي وٺ ٿي آهي. مثال ۾ اهڙي هندي دوها پيش ڪجن ٿا. مشهور درويش شاهه ڀيڪ پنهنجي هڪ درويش دوست فقير بابا شيتل پوري ڏانهن هڪڙو دوهو موڪليو هو ته:

چلتي چلاتي جڳ ڳئيو، اور ڀيڪ دواري دوُر

خرچي نِبڙي پڳ ٿڪي، جا ڪوئ ڪهي حضور

(شاهه ڀيڪ)

ان جو جواب بابا شيتل پوري به هڪ دوهي ذريعي ڏنو هو.

جن بنين تم جات هو، اُن نبين هين دور

ست نام شيتل پوري جو سنمک رهي حضور

(شيتل پوري)

سنڌيءَ ۾ اهڙن بيتن جا مثال ڪيترائي آهن، پر سڀ کان مشهور اهي آهن، جن جي ڏي وٺ خواجه محمد زمان لقواري وارن، شاهه عنايت شهيد ۽ شاهه لطيف ڀٽائي جي وچ ۾ ٿي هئي. شاهه صاحب جڏهن خواجه محمد زماني صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ مراقبي ۾ هئا. شاهه صاحب وٽن وڃي هيءُ بيت ڏنو:

سامي سفر هليا، ڪـــــــو پروڙي پـــنڌ

جن هيٺان ڪنڌ، آءُ نه جئندس ان ريءَ (شاهه)

خواجه صاحب جواب ۾ هي بيت ورجايو.

ڪين آهين ڪيـــــن، وڃي ڪين ڪــــــماءِ

لاڳاپا لوڪ جا، لاسين سڀ لهـــــــــراءِ

سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي

(خواجه محمد زمان)

هي بيت ٻڌي شاهه صاحب فرمايو:

قلم وهي ويو ڪانهه، سرتيون ڪنهن سهاڳ لئي

انگ اڳي ئي لکيو، ات نه پهچي ٻانهه

ڪنهن کي ڏيان دانهه، ته پرينءَ مان سين هيئن ڪيو

(شاهه)

انهيءَ تي خواجه صاحب وراڻيو:

ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنينءَ جي هٿ ۾

ميٽيو انگ اڳيون، واري ٻيو لکن

پنو سي پڙهن، جنهن مان پسن پرينءَ کي

   (خواجه محمد زمان)

چون ٿا ته عرفان جي منزلن ۾ جڏهن شاهه صاحب قبض ۽ سبط جي حالت ۾ هو ته شاهه عنايت الله جهوڪ وارن، جيڪي پاڻ به درويش ۽ خدا رسيده بزرگ ۽ عمر ۾ شاهه سائينءَ کان وڏا هئا، تن انهيءَ حالت کي ڏسي هيٺيون بيت پڙهيو:

ڏسي ڏونگر ڏار، مٿان هلن هيري ٿئين

ڪي مجازاڻيون موٽيون، سُئي پنڌ پچار

پويون پائج پرين کي، حقيقي هار

سگهي لهندي سار، آريجا عنايت چئي

     (شاهه عنايت)

جواب ۾ شاهه صاحب فرمايو:

پسي ڏونگر ڏاهه، متان هلڻ هيري ٿئين

پڇي پوج سسئي مهندا بلوچاڻي باهه

اڻ ورائتي ور جو، آسرو هڏ مَ لاهه

اکين اوڏو آهه، پرين پراهون مَ چون

فني ۽ معنوي خيال کان بيت سدائين سنڌي شاعريءَ ۾ مانواري صنف رهي آهي. چئي سگهجي ٿو ته بهترين سنڌي شاعري بيتن واري شاعري آهي ۽ سنڌي بيت جي روايت ڪنهن صورت ۾ به هندي دوهي جي روايت کان گهٽ ناهي. سنڌي لوڪ ادب ۾ ڏور بيت جي جيڪا صنف آهي، اهڙي ڪا به صنف هندي دوهي جي شروعات ۾ نظر نٿي اچي. فني توڙي شاعرانه خوبين جي اعتبار کان سنڌي بيت هڪ مڪمل، منفرد ۽ خوبصورت صنف آهي، جنهن کي ڪنهن به ٻوليءَ جي بهترين شاعري جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. ان جو مڪمل اڀياس هڪ مختصر مضمون ۾ ڪري نٿو سگهجي.

 

ماخذ

 

1- رسالو شاهه عبداللطيف، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر

    گربخشاڻي

2- رسالو ميون شاهه عنات رضوي، ڊاڪٽر نبي بخش

    بلوچ

3- لطائف لطيفي، مير عبدالحسين سانگي

4- احوال شاهه عبدللطيف ڀٽائي، مرزا قليچ بيگ

5- لطف اللطيف، دين محمد وفائي

6- شاهه لطف الله قادري جو ڪلام، ڊاڪٽر نبي بخش

    بلوچ   

7- قاضي قادن جو ڪلام، هيرو ٺڪر

8- ڪلام گرهوڙي، ڊاڪٽر دائودپوٽو

9- ابيات سنڌي (خواجه محمد زمان) ڊاڪٽر دائود پوٽو

10- هندي ساهتيه اتي هاس، مها بير پرشاد دوي ويدي

11- ڪريم جو ڪلام، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالحميد سنڌي

12- شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام، ڊاڪٽر دائود

      پوٽو         

13- تاريخ ”زبان اردو کا مقدم“، ڊاڪٽر مسعود حسن                               

     خان               

14- هندي ادب کي تاريخ، ڊاڪٽر محمد حسن

15- تاريخ ادب هندي، ظهير الدين علوي

16- راجستاني لوڪ گيت، ڊاڪٽر سورن لتا اگروال

17- ڍول مارو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

18- ڪوتا ڪومُدي (ڀاڱو پهريون) رام نريش ترپاٺي

19- نڙ جا بيت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

20- تاريخ ادب اردو، ڊاڪٽر جميل جالبي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com