سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :11

ناسف علي شيراز

فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما

انگريزن جي حڪومت کان اڳ واري دؤر ۾ سنڌ جي سرڪاري زبان فارسي هئي، ان ڪري حڪومت جي لکپڙهه به فارسيءَ ۾ ٿيندي هئي. مدرسن ۾ عربيءَ سان گڏ فارسيءَ جو استعمال عام هو، اهو ئي سبب آهي جو اسان کي ان دؤر جي سنڌي عالمن جي لکيل ڪتابن جا ذخيرا زياده تر فارسي (۽ پڻ عربي) زبان ۾ ملن ٿا. ان دؤر  جي ڪيترن ئي سني عالمن فارسي ۽ عربي زبانن جي ڪتابن جا ترجما سنڌي زبان ۾ ڪيا. اهي ترجما ڪجهه اسان تائين پهتا  آهن ۽ ڪجهه اڃان تائين سنڌ جي ڪن قديم ذاتي ڪتب خانن ۾ موجود آهن، جن تائين رسائي هڪ عام ماڻهو لاءِ ممڪن  نه آهي.

” فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما“ جي عنوان هيٺ ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ محترم ڊاڪٽر غلام محمد لاکي (3/1995) ، محترم ڊاڪٽر حافظ محمد ادريس السنڌي (2/1996) ۽ محترم محمد پنهل ڏهر (3-4/1997) جا مقالا ڇپيا. اصل ۾ مٿئين موضوع جو محرڪ اختر ”راهي“ صاحب جو ڪتاب “”ترجمه متون فارسي به زبنهائي پاڪستاني“ (1986) آهي، جنهن ۾ 36 اهڙن سنڌي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي فارسي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن.

اختر ”راهي“ جي ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان پوءِ اول محترم ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ان موضوع تي قلم کڻي وڌيڪ 86 ترجمن کي نروار ڪيائين. لاکي صاحب جي مقالي شايع ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر السنديءَ وڌيڪ 118 ترجمن جي نشاندهي ڪئي. ساڳيءَ طرح ڏهر صاحب به وڌيڪ 77 ترجمن متعلق ڄاڻ ڏني. هيءَ مقالو به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي.

محترم محمد پنهل ڏهر پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته ”اڃا به انهيءَ ميدان ۾ تحقيق ڪرڻ جي ڪافي گنجائش موجود آهي. اُميد ته ڪي جاکوڙي جوان اهو تحقيقي سلسلو جاري رکندا.“ مون به پنهنجي ”عاجزانه“ حال آهر انهيءَ تحقيقي سلسي ۾ دلچسپي ورتي ۽ جيڪي ترجما معلوم ٿي سگهيا، سي پيش ڪيا اٿم. هن مقالي  جي سٽاءُ  به ساڳي اڳئين مقالن جهڙي قائم رکي ويئي آهي. تاري جي نشاني اصل فارسي ڪتاب لاءِ ۽ جريان نمبر ترجمي لاءِ ڏنل آهي. ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪتابن جي مصنفن جي ڄم ۽ وفات جا سال صحيح هجن، پر ڪٿي غلطيءَ جو امڪان به ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ معذرت ٿو گهران. ان سلسلي ۾ اهو به ذهن ۾ رهي ته گذريل ويهارو کن سالن کان وٺي مستقل طور تي آمريڪا ۾ رهڻ ڪري، سنڌ جي علمي مرڪزن ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جي مون تائين رسائي جي سهوليت آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي. اُن سلسلي جا ڪافي ڪتاب برٽش لئبريري جي ڪيٽلاگ تان ورتل آهن. بهرحال جيڪي ڪجهه معلوم ٿي سگهيو آهي، سو پيش ڪيو اٿم.

فارسي سنڌي ڪتاب

* آغاز  فارسي / ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي(1844-1916)

مترجم: ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي (1844/1916)

1-        ترجمو آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي، (1868ع)  ص -40، نمبر: 49301

آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي، (1869ع) ص -34، نمبر: 49302

آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي،(1870ع) ص -46،نمبر: 49303

آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي، (1870ع) ص 38، نمبر (49304

آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي، (1873ع)ص 46، نمبر 49305

آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي،(1876ع) ص 41، نمبر 49306

آغاز فارسي(فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي،(1881ع) ص 34، نمبر 18307

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري شڪاگو يونيورسٽي

* آب حيات: نڪات الادويات/نامعلوم

مترجم: مولوي ميان غلام محمد

2-       ترجمو: آب حيات: نڪات الادويات، سنڌي ترجمو، سکر نئون، سنڌ: ساڌو مل جشن مل” (1894ع) ص 172

حوالو:برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

( shelfmarkL14164.a.8(3)OIOC)

ڪيفيت: (هي ڪتاب طب متعلق آهي. اصل ڪتاب جي مصنف جي خبر پئجي نه سگهي).

* اساس المصلي / نامعلوم

مترجم: پسئو

3-       ترجمو: اساس المصلي سنڌي ترجمو(تاليف جو سنه: 1059هه کان پهرين)

ڪيفيت: سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان آڳاٽو فارسي – سنڌي ترجمو سنڌي ٻولي جي قديم ذخيري ۾ دستياب ٿيو آهي، جيڪو عزت بن سليمان 1067 -1069 هه واري عرصي دوران اُتاريو. ان ذخيري کي محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪري سنه 1993ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته لکيت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو سڀ کان وڏو ذخيرو آهي. ان ذخيري ۾ عربي ڪتاب ”اساس المصلي“ جو سنڌي ترجمو ڏنل آهي، جيڪو سنڌي عالم پسئي جو ڪيل آهي. ”اساس المصلي“ ڪتاب پهرين عربي ۾ هو، پوءِ اُن جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو ويو. ان کان پوءِ سنڌي ترجمو ڪيو ويو.(تفصيل لاءِ ڏسو: سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو ذخيرو. ص:17)

* الارشاد/ نامعلوم

مترجم: قاضي فتح محمد.

4-       ترجمو: ارشاد الصرف، سنڌي ترجمو.

ڪيفيت: ”خزينته العلوم“ جو مولف محمد بخش ”واصف“ لکي ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ ”علم صرف“ تي شايد هڪ رسالو لکيل آهي، جيڪو قاضي فتح محمد جو ترجمو ڪيل آهي. مصنف ان کان وڌيڪ تفصيل ناهي لکيو. (خزينته العلوم، قلمي. ص: 326)

* انوار سهيلي/ملا ڪمال الدين حسين بن علي واعظ ڪاشفي(وفات 5-1504ع/910هه)

انوارسهيلي ملا ڪمال الدين حسين بن علي واعظ ڪاشفي جو شهرت يافته ڪتاب آهي. جنهن جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن. انوار سهيليءَ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو”گلزار چنبيلي“ جي نالي سان محمد بخش واصف جو ڪيل آهي. هي ترجمو انوار سهيلي جي اڌ ڪتاب جو آهي جيڪو ليٿو ۾ سنه 1911ع ۾ شايع ٿيو (1) ان کان پوءِ آر ايڇ احمد وارن اُن جا ڪيترائي ڇاپا شايع ڪيا آهن. جن جو تفصيل هت ڏنل آهي. انوار سهيليءَ جي هڪ ڇاپي جو ذڪر ڊاڪٽر لاکي صاحب به ڪيو آهي.(2) ۽ هڪ ترجمي جو تفصيل ڊاڪٽر محمد ادريس ڏنو آهي(3)

مترجم: محمد بخش واصف(1892-1952ع)

5-       گلزار چنبيلي. ليٿو ڇاپو پهريون، (1911ع): ص -؟

گلزار چنبيلي، ڇاپو ٻيو، حيدرآباد سنڌ: آر. ايڇ . احمد اينڊ برادرس(1955) ص-؟

گلزار چنبيلي، ڇاپو ٽيون. حيدرآباد سنڌ: آر. ايڇ احمد اينڊ برادر (6-1955ع) ص -236

حوالو: ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي، ڪتاب نمبر 1641/ ص -248.

* انيس الواعظين /ابوبڪر بن علي قريشي سنڌي

مترجم: آخوند منشي عبدالستار

6-       ترجمو: انيس الواعظين عرف گلزار محمدي. شڪارپور، سنڌ: پوڪرداس ٿانور داس تاجر ڪتب، (1896) ص -120)

گلزار محمدي. شڪارپور، سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب.(1924) ص - ؟

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. ڪتاب نمبر: 448/ ص  21

مترجم: سيد حسين علي شاهه

7-       ترجمو: رياض الصالحين عرف گلزار محمدي، شڪارپور، سنڌ: هريسنگهه سنس(1927ع) ص - ؟

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ، ڪتاب نمبر 94/ ص -4.

مترجم: محمود قاسمي.

8-       ترجمو: انيس الواعظين عرف گلزار محمدي. سکر نئون، سنڌ: هيمنداس تاجر ڪتب.(1900) ص 124.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري

(Shelf mark:Sind.D.415.OIOC)

* املهه ماڻڪ/  مختصر فارسي شاعر

املهه ماڻڪ مرزا قليچ بيگ جو لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ فارسي شاعرن جي مثنوين ۽ شعرن جو سنڌي ترجمو ڏنل آهي. املهه ماڻڪ جو ذڪر ڏهر صاحب ڪيو آهي، پر ان جي ڇپجڻ جو سال ۽ هنڌ ناهي ڏنو.(4) . هت ان جو تفصيل ڏجي ٿو.

مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع)

9-       ترجمو: املهه ماڻڪ، ڪراچي، سنڌ: سنڌي ساهت سوسائٽي، (1920ع) ص -285.

املهه ماڻڪ، حيدرآباد، سنڌ. سنڌي ادبي بورڊ(1968ع) ص -444.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: SAC. 1986.a.35038.OIOC)

* استاد فارسي / نامعلوم

مترجم: مولانا الاهي بخش بلوچ (وفات: 1338هه)

10-   ترجمو: ڪتاب استاد فارسي، نوابشاهه، سنڌ: ڳوٺ دودو ٻگهيو. شاهه پور جهانيان(2000ع) ص -؟

حوالو: تبصرا: مهراڻ ( 1/2001ع) سنڌي ادبي بورد. ص – 186.

* بهائي عقيدو/ بهاءُ الله (1817 – 1892ع)

مترجم: مرزا قليچ بيگ (1853 -1929ع)

11-    ترجمو: اسرار جو خزانو: ست واديون ۽ چار واديون (فارسي تان ترجمو ڪيل) ڇاپو پهريون (1916ع) ص - ؟

اسرار جو خزانو: ست واديون ۽ چار واديون _فارسي تان ترجمو ڪيل). ڇاپو ٻيو ڪراچي، سنڌ: بهائي اسيمبلي طرفان اسفند يار بختيار شايع ڪيو (1929ع) ص – 55.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark: 14164.ss.OIOC)

* بهائي تعليم / عبدال بها ابن بهاءُ الله (1844 -1921ع)

مترجم: مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع)

12-   ترجمو: بهائي تعليم: يورپين امن ليگ کي خطاب(عبدل بها جي فارسي ۾ ڪيل تقرير جو سنڌي ترجمو) ڇاپو پهريون.

حيدرآباد: سنڌ: ايم يو عباسي، ڪراچي بهائي اسپريچيول اسيمبلي.(1923ع) ص – 34.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائن ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري

(Shelf mark: Sind. B 134. OIOC)

*بوستان / شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات 1292ع/691هه)

بوستان شيخ مصلح الدين شيرازي جو جڳ مشهور ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ جي مدرسن ۾ تعليمي نصاب ۾ پڙهايو ويندو هو. آغا تاج محمد خان جي ڪيل ترجمي جو ذڪر اختر راهي صاحب ڪيو آهي. (5) ان ترجمي جي ٻين ڇاپن جو ذڪر هت ڪجي ٿو.

مترجم: آغا تاج محمد خان ( 1904 -1959ع)

13-   ترجمو: بهارستان: حصو پهريون، ڇاپو ٻيو، حيدرآباد، سنڌ: آر ايڇ احمد اينڊ برادرس(1953ع) ص - ؟

بهارستان: حصو پهريون، ڇاپو ٽيون،حيدرآباد، سنڌ: آر ايڇ احمد اينڊ برادرس.(1955ع) ص - ؟

مترجم: علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1958)

14-   ترجمو: روائج بوستان:(تمهيد، تعلقيات ۽ ترجمو)

حوالو: وياسي وينجهار/غلام محمد گرامي، سنڌي ادبي بورڊ (1977ع) ص – 5.

مترجم: مولانا محمد قاسم سومرو

15-   ترجمو: بوستان (بامحاوره سنڌي ترجمو) ڇاپو پهريون، نوابشاهه، سنڌ. روشني پبليڪيشن.(2001ع) ص - ؟

حوالو: تبصرا: مهراڻ(3-4/2001ع) سنڌي ادبي بورڊ. ص – 188.

* بيان العارفين: ملفوظات شاهه عبدالڪريم/محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي

شاهه عبدالڪريم (بلڙي) جي ”ملفوظات“ بيان العارفين کي محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي سنه 1038 هه ۾ گڏ ڪيو. بيان العارفين جي هڪ ترجمي جو ذڪر اختر راهي ڪيو آهي(6) جڏهن ته ڊاڪٽر  لاکي صاحب ٻن ترجمن جي ڄاڻ ڏني آهي.(7) ۽ محمد پنهل ڏهر ٽن ترجمن جوذڪر ڪيو آهي.(8) هت هڪ وڌيڪ ترجمي جو ذڪر ڏنل آهي. ان کان سواءِ عبدالرحمان جي هڪ ٻئي ڇاپي جو تفصيل پڻ شامل آهي. عبدالرحمان جي ترجمي ڪيل بيان العارفين جو قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرري ۾ موجود آهي. جنهن تي سنه ڪتابت: 1769ع/ 1183هه لکيل آهي(9) بيان العارفين جو هڪ ٻيو قلمي نسخو پير جهنڊي جي لئبرري ۾ پڻ موجود آهي، جنهن جو ڪاتب محمد سعيد عرف الله رکيو آهي ۽ سنه ڪتابت: 1769/1183هه) لکيل آهي ۽ ان جا 239 صفحا آهن.(10). بيان العارفين جو ڇپيل ترجمو بمبئي مان سنه 1886ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جا 296 صفحا آهن.

(نوٽ: سنڌ جي نامياري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ”بيان العارفين“ مڪمل ترجمي، تحقيق، تحشيه ۽تعليقات سان تيار  ڪيو، جو سنڌ اوقاف کاتي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد تازو پڌرو ڪيو آهي. اداره مهراڻ)

مترجم: ميان عبدالرحمان بن محمد ملوڪ، ڪاٺ ٻانڀڻ(ڪڇ ڀڄ جو رهاڪو)

16-   ترجمو: بيان العارفين: منظوم سنڌي ترجمو(قلمي) تاليف جو سال (1200هه)

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو، 1971ع، ڪتاب نمبر 3/ ص -3.

بيان العارفين: سنڌي رسالو، شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو. ڇاپو:؟ سکر، سنڌ: هرسينگهه پينشنر، (1909ع) ص – 248.

حوالو: برٽش لئبرري، آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark:14164.a.34 OIOC)

مترجم: نواب خداداد ثاني(1886 – 1948ع)

17-   ترجمو: بيان العارفين: سليس سنڌي ترجمو(قلمي)

حوالو: ياد رفتگان / مخدوم طالب الموليٰ 1993ع.ص -22.

* تاريخ سنڌ(مختلف فارسي تاريخون)/ نامعلوم

مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع)

18-   ترجمو: سنڌ جي تاريخ(مختلف فارسي تاريخن تان ترجمو ڪيل) حيدرآباد، سنڌ: مرزا قليچ بيگ،(1900ع) ص -191-3.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري

(Shelf mark: SAC.1986.a.14225.OIOC)

* تاريخ سنڌ/ سيد محب الله شاهه

مترجم: عبدالرسول قادري.

19-   ترجمو: مختصر تاريخ سنڌ، سکر، سنڌ: سکر هسٽاريڪل سوسائٽي،(2001ع). ص – 87.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري

(Shelf mark:SAC.2002.a.2507.OIOC)

*تحفته الڪرام/مير علي شير قانع ٺٽوي(1140-1203هه)

مترجم: هدايت علي نجفي تارڪ(1894-1939ع)

20-  ترجمو: تحفت الڪرام سليس ۽بامحاوره سنڌي ترجمو(قلمي) ص-400.

حوالو: ديوان تارڪ/ مئولف: ڊاڪٽر نواز علي شوق، حيدرآباد سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ، ڪتاب نمبر 17، ص – 20.

*تذڪره مرزا خسرو بيگ/ مرزا خسرو بيگ گُرجي(وفات:1860ع)

مترجم: مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع)

21-   ترجمو: مرزا خسرو بيگ گُرجي متعلق احوال: سنڌي ترجمو(قلمي) ص ؟

حوالو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي لئبرري ۾ موجود قلمي نسخن جي فهرست، ڪتاب نمبر – 191 ۽ 292.

* تاويل الاحاديث/شاهه ولي الله دهلوي (3/1762-3/1702ع)

مترجم: غلام حسين جلباڻي(1914ع)

22-  ترجمو: تاويل الاحاديث: سنڌي ترجمو. حيدرآباد، سنڌ: شاهه ولي الله اڪيڊمي.(1964ع) ص – 153.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: SAC.1986.a.19166.OIOC)

* پند نامه/ شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات 1292ع/691هه)

شيخ سعدي جي ڪتاب پند نامه عرف ڪريما جا سنڌي ٻولي ۾ ڪافي ترجما ٿيا آهن. اختر راهي ٽن ترجمن جو ذڪر ڪيو آهي(11)، ڊاڪٽر لاکي صاحب چئن ترجمن متعلق ٻڌايو آهي.(12) ۽ اٺن ترجمن جو تفصيل ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي ڏنو آهي.(13) هڪ منظوم ترجمي جو ذڪر هن مقالي ۾ ڏنل آهي. اهو منظوم ترجمو جواهر اللغت سنڌي اڪيچار جي مصنف آخوند عبدالرحيم عباسي جي والد محمد وفا عباسي جو ڪيل آهي. ڪريما فارسي جي وڌيڪ ترجمن جي تفصيل لاءِ ڏسو ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي جو لکيل مقالو”ڪريما فارسي جو مطالعو سنڌ ۾“ هي مقالو رسالي مهراڻ 3-4/2001ع ۾ شايع ٿيل آهي.

مترجم: محمد وفا عباسي.

23-  ترجمو: سنڌي ڪريما. ڪراچي.(1875ع) ص – 59.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري، شڪاگو يونيورسٽي. ڪتاب نمبر:49481

* جمه جمه سلطان/نامعلوم

قصه جم جمه سلطان جي ٻن ترجمن جو ذڪر ڊاڪٽر محمد ادريس ڪيوآهي(14) ۽ ٽن ترجمن جو ذڪر محمد پنهل ڏهر صاحب ڪيو آهي.(15) قاضي فتح محمد جي ترجمي جي هڪ ٻئي ڇاپي جو تفصيل هت ڏنل آهي. اُن ڇاپي سان گڏ ٻه ٻيا ڪتاب(مجموعه ڪافين جو ۽ مجموعه مولود) پڻ شامل آهن.

مترجم: فتح محمد.

24-  ترجمو: جمه جمه جو قصو. ليٿو،  بمبئي، انڊيا(1872ع) ص – 112.

حوالو آن لائين ڪيٽلاگ، انڊيا آفيس لئبرري: شڪاگو يونيورسٽي نمبر:49380.

مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع)

25-  ترجمو: جمه جمه جو قصو.

حوالو: ببليو گرافي آف سنڌ اينڊ بلوچستان/بليموريا.ڪراچي.1929ع.

* پرشن منشي/گليڊون فرانسس(وفات 1813ع)

مترجم: منشي غلام محمد ۽ لينٽيننٽ اي پي آرٿر.

26-  ترجمو: دوساڀائي جي جملن ۽ گليڊون جي پرشن منشي مان پنجاهه آکاڻين جو سنڌي ترجمو. ڪراچي. (1853ع).

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري.

(Shelf mark:12940.H.OIOC)

* جنم ساکي: سکن جي ڏهن گروئن جي / نامعلوم

مترجم: چيٺمل کيالداس ممتاڻي.

27-  ترجمو: جنم ساکي ڏهن پاتشاهن جي(اردو ۽ فارسي ڪتابن تان ترجمو ڪيل) سکر نئون، سنڌ: هري سنگهه ڪتب(1915ع) ص 96، 4.

حوالو: برٽش لئبرري، آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري.

(Shelf mark:14164.b.57(2) OIOC)

* چهل حديث/مولوي عبدالرحمان جامي(1414-1492ع)

مترجم: ميان عبدالڪريم ڇورائي.

28-  ترجمو: چهل حديث، (سنڌي منظوم) تاليف جو سنه 1848ع/1364هه. ص – 12.

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ، سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو. 1971ع. ڪتاب نمبر: 4/ص -12

مترجم: شيخ قمر الدين.

29-  ترجمو: چهل حديث حيدرآباد، سنڌ؛ انجمن اتحاد الشيوخ مٽياري.(1956ع) ص – 24.

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971ع.ڪتاب نمبر:92/ص 4.

مترجم: مولوي رشيد احمد.

30-  ترجمو: چهل حديث سکر، سنڌ: مڪتبه شمسيه(سنه...؟) ص -12.

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971ع. ڪتاب نمبر:93/ص -4.

مترجم: مولوي عبدالرحمان ڀٽو.

31-   ترجمو: چاليهه احاديث سکر، سنڌ ؛ مسلم بڪ ڊپو، (سنه ...؟) ص -12.

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ.1971ع، ڪتاب نمبر:91/ ص -4.

* حڪايات لطيفه / شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات: 1292ع/691هه)

مترجم: اڌارام ڀوڄراچ باکرو.

32-  ترجمو: حڪايات لطيفه جي پهرين پنجاهه آکاڻين ۾ آيل اکرن جي سنڌي ۽ انگريزي ۾ مڪمل فهرست.

حوالو:ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم-2، پارٽ6) فارسي ڪتاب، ص -194.

* حاتم طائي/ نامعلوم

قصه حاتم طائي جي تاليف متعلق ڪا خبر ناهي ته ڪنهن جو لکيل آهي. سنڌي ٻولي ۾ هن جا ڪافي ترجما ڪيل آهن. ڪي گرمکي خط ۾ لکيل آهن ته ڪي وري عربي خط ۾. ڪجهه ترجما سڌو فارسي ڪتاب تان ڪيل آهن ته ڪي وري حيدربخش حيدري جي هندي (اردو) ترجمي آرائش محفل تان ڪيل آهن. مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي جو هڪ ترجمو حيدربخش حيدري جي هندي ترجمي، آرائش محفل تان ڪيل آهي ته ٻيو ترجمو ديوناگري خط تان عربي خط ۾ ڪيل آهي. ڏهر صاحب حاتم طائي جي هڪ ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي(16) باقي ترجمن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

مترجم نامعلوم.

33-  ترجمو:قصه حاتم طائي: باتصوير (فارسي تان سنڌي ترجمو. کوجڪي سنڌي خط ۾ )

شڪارپور سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب(1898ع) ص 294.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري.

(Shelf mark:14164.b.32(2)OIOC)

مترجم: نامعلوم.

34-  ترجمو: قصو حاتم طائي: باتصوير (فارسي تان سنڌي ترجمو، گرمکي خط ۾) ڇاپو چوٿون.

سکر نئون، سنڌ؛ هريسنگهه پينشنر ڪتب خانه.(1904ع) ص -245.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark:14164.b. 46(4)OIOC)

مترجم: نامعلوم.

35-  ترجمو: اصل وڏو قصو حاتم طائي: باتصوير(فارسي تان سنڌي ترجمو. گرمکيءَ خط ۾)

سکر، سنڌ: هريسنگهه اينڊ سنز،(1923ع) ص 380.

برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark:14164.bb.19.OIOC)

مترجم: ميان محمد ابراهيم.

36-  ترجمو: نئون قصو حاتم طائي جو(ميان محمد ابراهيم گرمکي سنڌي خط تان عربي سنڌي خط ۾ تيار ڪيو)

ڪراچي. سنڌ.(1894ع) ص -244.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark:14164.b.39(2)OIOC)

ڪيفيت: هي قصو پهرين سنه 1892ع ۾ گرمکي خط ۾ شايع ٿيو، جيڪو اصل فارسي تان ترجمو ڪيو ويو.

مترجم: مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي(وفات:1281هه-1336هه/1913ع)

37-  ترجمو:  حاتم طائي جو قصو. لاهور.(1893ع) ص – 244.

حوالو: آن لائين ڪيٽلاگ، انڊيا آفيس لئبرري: شڪاگو يونيورسٽي نمبر 49355.

ڪيفيت (حيدربخش حيدري جي اردو ترجمي آرائش محفل تان ترجمو ڪيل، جيڪو اصل فارسي تان ترجمو ٿيو)

* حيات العاشقين / مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1992-1761ع)

ڏهر صاحب مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي فارسي ڪتاب”حيات العاشقين“ جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي. پر ان متعلق ڪو تفصيل ناهي ڄاڻايو.(17) حيات العاشقين حاجين لاءِ حج ڪرڻ جي هدايتن تي مشتمل ڪتاب آهي. اُن جو سنڌي ترجمو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي فرزند مخدوم عبدالرحمان ڪيو. ڪتاب جي لکڻ جو سبب مخدوم عبدالرحمان هيٺين بيت ۾ ڪيو آهي.(18)

بيت:

هاڻي هي من رسالو جوڙئو ڪڍي سنڌي واءِ

ڪنا رسالن فارسي جهم مسائل جمع سندا

سي آهين تصنيف مهجي والد جي محمد هاشم جهجو ناءِ

جو استاد مرشد مهجو ۽ زياده منجه علماءِ

آخر ۾ ڪتابت جي هيٺين تاريخ ڏنل آهي:

(ڪتبه العبد المذنب خواجه منور علي علوي الهروي بتاريخ بيست يڪم ماهه ذيقعد سنه 1227هه) (19)

هي ڪتاب بمبئي کاتي مان سنه 1871ع ۾ شايع ٿيو. هن جو ڇاپي ۽ قلمي نسخو انڊيا آفيس لئبرري لنڊن ۾ موجود آهي. مترجم: مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي. (1719-1768ع)

38-  ترجمو: حيات العاشقين(ڇپيل) بمبئي، انڊيا. (1871ع) ص – 296.

حوالو: آن لائين ڪيٽلاگ، انڊيا آفيس لئبري. شڪاگو يونيورسٽي نمبر: 49357.

حيات العاشقين قلمي.(12 صدي جو تاليف ٿيل) ص – 238.

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971ع. ڪتاب نمبر: 15،ص -13

* داستان امير حمزه / نامعلوم

حمزه نامه يا داستان امير حمزه، ناصرالدين ڏانهن منسوب آهي. ڪي لکن ٿا ته ”مغازي حمزه“ جي نالي سان لکيل ڪتاب حمزه بن عبدالله الثاري الخارجي جي تاليف آهي. محمد پنهل ڏهر داستان امير حمزه مترجم احمد خان تڳيو جي هڪ ترجمي جو تفصيل ڏنو آهي(20) باقي ترجمن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

مترجم: سيد مير همٿ علي شاهه ڪوٽائي.

39-  ترجمو: داستان امير حمزه (جلد اول) شڪارپور، سنڌ؛ پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب، (1898ع) ص -282.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark:14164.b.36 OIOC)

40-  ترجمو: داستان امير حمزه: باتصوير(جلد ٻيو) سکر نئون، سنڌ: هري سنگهه(1900ع) ص -116.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark:14164.b.37(2)OIOC)

41-   ترجمو: داستان امير حمزه(ٻئي جلد گڏ) شڪارپور، سنڌ؛ پوڪرداس ٿانورداس ڪتب،(1902ع) ص ؟

حوالو برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري.

(Shelf mark:14164.b.47 OIOC)

مترجم: قاضي عبدالغفور ولد قاضي عبدالله هالائي.

42-  ترجمو: داستان امير حمزه(جلد ٽيون ۽ چوٿون) ڇاپو ٻيو. شڪارپور، سنڌ: پوڪرداس ٿانور داس تاجر ڪتب.(1903-1905ع) ص 104 ۽ 128.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لائبرري.

(Shelf mark:14164,b.37(3)OIOC)

مترجم: محمد حسن.

43-  ترجمو: داستان امير حمزه (حصو پهريون) لاهور. (1899ع)  ص– 257.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس: شڪاگو يونيورسٽي. نمبر: 49336.

44-  ترجمو: داستان امير حمزه،باتصوير. سکر نئون، سنڌ: هريسنگهه(1900ع) ص – 257.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري

(Shelf mark:14164.b.37(1) OIOC)

مترجم: گل محمد سولنگي.

45-  ترجمو: داستان امير حمزه (تصويرن سان) ڇاپو ٻيو، حيدرآباد سنڌ: صداقت بڪ ڊپو.(1900ع) ص -416.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري.

(Shelf mark:SAC.1986.a.19137 OIOC)

* ديوان حافظ / شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي (وفات1292ع/691هه)

مترجم: محمد بخش واصف(1892-1952ع)

46-  ترجمو: ديوان حافظ: معنيٰ ۽ شرح(اڻپورو قلمي نسخو) ص – 104

حوالو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ هن جو قلمي نسخو موجود آهي

مترجم: پهلاج راءِ ليلا رام واسواڻي.

47-  ترجمو: ضميمه حافظ: ديوان حافظ جي پهرين پنجاهه غزلن ۾ آيل اکرن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي. ڇاپو پهريون.حيدرآباد، سنڌ: ڪندن مل مانگهر اينڊ سنس(1911ع) ص -33.

حوالو: برٽش لئبرري  آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري.

(Shelf mark:14164.aaa.30(1) OIOC)

مترجم: پهلاج راءِ ليلا رام واسواڻي

48-  ترجمو: ديوان حافظ جي پهرين پنجاهه غزلن جو سنڌي ترجمو: ڇاپو پهريون، حيدرآباد سنڌ. (17 آڪٽوبر 1916ع) ص – 80.

حوالو: انڊيا آفس لئبرري ۾ موجود سنڌي ڪتابن جو ڪيٽلاگ. هٿ جي لکيل لسٽ.(1989ع) ص -300

مترجم: عبدالقيوم پيرزادو، صائب.(1927...)

49-  ترجمو: ديوان حافظ جي پنجاهه غزلن جو سنڌي ترجمو:

حوالو: سنڌي غزل جي اوسر/اياز حسين قادري. جلد ٻيو. ل1986ع. ص 462.

* ديوان خاڪي / خاڪي خراساني

مترجم: محمد صديق مسافر (1889-1961ع)

50-  ترجمو: منتخب ديوان خاڪي خراساني. ڪراچي، سنڌ؛ اسماعيليه ايسوسيئيشن، پاڪ پرنٽنگ پريس (1951ع) ص 64.

حوالو؛ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي 1976ع، ڪتاب نمبر -39، ص -7.

* ديوان سورت بهار، مثنويءَ سميت / ديوان سورت سنگهه (1832 -1877ع)

51-   ترجمو: ديوان سورت بهار، مثنوي سميت: ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ مثنوي جو سنڌي ترجمو.

حيدرآباد، سنڌ؛ هشمتراءِ گدواڻي ۽ چانڊو مل گدواڻي. (1935ع) ص -462، 60،6.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري.

(Shelf mark:SAC.1986a.35431.OIOC)

*  رباعيات عمر خيام/ ابوالفتح عمر بن ابراهيم خيام نيشاپوري (1048-2/1131ع)

رباعيات عمر خيام جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ به هن جا چند ترجما موجودآهن. عمر خيام جي رباعين جو پهريون ترجمو مرزا قليچ بيگ جو ڪيل آهي. اختر راهي ان ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي پر ان جي ڇپجڻ جو هنڌ ۽ سال ناهي ڄاڻايو(21) محمد پنهل ڏهر ضميمي ۾ ٻڌايو آهي ته اهي رباعيون مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب موتين جي دٻلي سان گڏ شايع ٿيل آهن(22) مرزا قليچ بيگ جي ترجمي جو مفصل احوال هيٺ ڏجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com