سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :21

سندس نهار ۾ ڇا ڇا نه هو، ارپڻ جو اقرار! پوءِ مان گهر هليو آيس. اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ليٽي پيس. نيکيٽي ۽ ڳيچن جا ٻول ڪنن تي پئي پيا. چڱيءَ دير کان پوءِ ننڊ جي پري مونکي پاڻ سان کڻي ويئي.

پکين جي لاڳاتار مٺن آوازن تي اک کلي پيئي. گهر جا ڀاتي ٿڪ سبب اگهور ننڊ ۾ هئا. مان اُٿي ٻاهر نڪتس. سڏ پنڌ تي ترندڙ ڪنول جا گل منهنجي معصوم آرزوئن جيان ٽڙيل هئا. فطرت جي رنگيني جو عڪس اکين ۾ ۽ تنهنجي خيال ۾ سوچيندو موٽيس ته هر ڪوئي پڇي پيو ته ڪاڏي ويو هئين.( ۽ هاڻي ته ايڏو پري هليو آيو آهيان جو ڪوبه نٿو چوي ته هلي آءُ، ڪهڙي ديس هليو ويو آن؟) ٻاهر چڪر تي ويو هئس، کين جواب ڏنو هوم.

ڪنوار کي رخصت ڪرڻ لاءِ سڀ گهر ڀاتي تيار ٿيڻ لڳا، در در ۾ هو، ۽ ائين زهره هڪ گهر مان اُٿي ٻئي گهر هلي ويئي. واپسيءَ تي هر هڪ ڄڻو ڳڻتيءَ ۾ ورتل پئي لڳو، بابا، امان ۽ ٻيا سڀ. ڳالهه ڇا آهي امان؟ الائجي ڇا ٿيو آهي، تنهنجن چاچن کي، منهن ڏيئي نه پيا ڳالهائين. ڪاڄ ۾ ته پنهنجي نياڻي جي ڪاڄ وانگر اُٿياسين ويٺاسين. ڳالهه آئي ويئي.

ٻئي ڏينهن سومهڻيءَ جي نماز بابا مون کي پاڻ سان مسجد وٺي ويو. بابا جون ڊگهيون دعائون پوريون ئي نه ٿين. مان مسجد جي اڱڻ لنگهي ٻاهر نڪري آيس. جيئن ئي ٻاهر نڪتم ته لٺين ٺونشن ۽ لتن جو وسڪارو ٿي ويو. منهنجي رڙين سان گڏ بابا سان گڏ ٻيا به مسجد مان نڪري آيا. بابا کين سڃاتو. صاحبه جو مامو، سوٽ ياسين ۽ ٻيا ٽي ماڻهو هئا، جن مون کي صاحبه سان ڳالهائيندي ڏٺو هو. اڙي هي ڇا پيا ڪريو، ماما احمد بس ڪر منهنجي ڳالهه ته ٻڌو. پر هو مون کي وارن کان جهلي گهليندي گهر وٺي آيا. نواز خان پنهنجي پٽ کي سمجهاءِ، پَر نڪري آيا اٿس. ڪهڙي خطا ڪئي اٿئين. ڪجهه ٻڌايو ته سهي. چاچا نجيب ۽ ٻيا جواب ڏيڻ بجاءِ  مون تي لتن ۽ مُڪن سان وري شروع ٿي ويا. هو بگهڙن جيان ڪڙڪي پيا پنهنجي شڪار کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاءِ. منهنجي نڪ ۽ وات  مان رت نڪري آيو. پيٽ ۾ لت لڳڻ ڪري هيٺ ڪري پيس اکين آڏو اونداهي ٿيڻ لڳي. گهر ڏي خبر پيئي ته امڙ، ڀينرون ۽ وڏو ڀاءَ ڊوڙندا آيا. مون کي بي حال ڏسي امان پاڻ روڪي نه سگهي ۽ مون کي چنبڙي پيئي. ڀينرون روئڻ لڳيون. وڏو ڀاءُ ور مان پستول ڪڍڻ لڳو ته بابا روڪي وڌس. ڀاءُ نجيب پنهنجو آهين، هي ڇا پيو ڪرين؟ نواز خان! پنهنجو آهين، نه ته پُٽهين کي ڳڀا ڳڀا ڪري لوڙهي ڇڏيان ها. خبربه نه پوي ها ته پٽهين ڪاڏي ويو؟ ائين چوڻ تي ياسين مون کي ٿڏو هڻي ڪڍيو. اسان جا در تولاءِ بند ۽ هڪ ٻئي لاءِ ڄڻ جيئري ئي مري وياسين. صاحبه پنهنجي ماروٽ ياسين جي مڱ آهي. چاچي مون ڏي ٿُڪ اڇلائيندي چيو. وڏي منٿ ميڙ کان پوءِ ڇڏيائون. گهر وارا مونکي گهر وٺي آيا. ساري رات پنهنجي معصوم گناهه تي ڳوڙها ڳاڙهيندو رهيس. امڙ جي هنج ۾ هوءَ منهنجي زخمن کي پها رکندي رهي ۽ مون سان گڏ روئيندي رهي. منهنجو ته روح به زخمي ٿي چڪو هو. ذلت، پڇتاءُ ۽ شرمساري جي ڪاتي سان منهنجو اعتماد قتل ٿي چڪو هو. مان سڏڪا ڀريندو رهيس. هو منهنجي هر سڏڪي تي مون کي پيار مان ڀاڪر پائيندي رهي.

اندر جي آباد دنيا ائين هئي، ڄڻ رڻ ۾ قافلو اڳتي وڌي وڃي ۽ مان اڪيلو رهجي ويو هجان. الائي ڪهڙي مهل اک لڳي ويئي. پر پاسو ورائيندي دانهن نڪري ويئي. پاسراٽيون ٽٽڻ لڳيون. ڀر ۾ ڏٺم ته امان ڪانه هئي. مون کي آرام ۾ ڏسي اُتي ويئي هئي. خواب ڄر جيان دکڻ لڳا، نيڻ گهاو بنجي رسڻ لڳا. اونداهي هئي، اُميد جو ڪوبه تارو نه پئي ٽمڪيو. سفيد چنبيليءَ جون مکڙيون هوا ۾ جهولي منهنجي مٿان ٽوڪ ڪري رهيون. کڙکٻيتن جو ميڙ بي معنيٰ هو، پنهنجن اکين کي زور سان بند ڪيو اٿم. منظر بدلجي ئي نه پيو. لتون ، مڪون، ڌڪا ۽ ٿڏا، گاريون ۽ مهڻا. امڙ جون دانهون، فرياد ! ٽپ ڏيئي اُٿي ويٺو اهيان. بت سڄو گرم ٿي ٻرڻ لڳو آهي.

اها ويل منهنجي خوشي ماڻڻ واري احساس جي قاتل آهي. جنهن مهل اڳتي سوچي نٿو سگهان. ذهن ڄڻ سُن ٿيڻ لڳو. جيئڻ جو حوصلو ختم ٿيڻ لڳو. بروقت ڊاڪٽر جو علاج ۽ ماءُ پيءَ جي شفقت ۽ پاٻوهه منهنجي اندر جيئڻ جو احساس جاڳائڻ ۾ ڪامياب ويا. ائين ڏينهن گذرندا رهيا. نتيجو آيو ته فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيس. بابا واعدو ورتو ته ڊاڪٽر ٿيندين ۽ وڏو ڊاڪٽر. امان خوشيءَ ۾ لڏون ورهيا. صاحبه ڏي به موڪلڻ جو ارادو ڪيائين، پر بابا جهلي ڇڏيس. چري ٿي آهين، پٽ جي حياتي تان هٿ کڻڻو اٿئي ته پوءِ ڀلي موڪل، امان ويچاري چپ ٿي ويئي.

منهنجي داخلا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي ويئي. هاسٽل هليو آيس. وهنوار هلي پيو. هتي به ڪيتريون ڪلاس فيلوز هيون پر منهنجي من جي مونجهه نه لٿي. دوست هئا، پر منهنجي من کي ريجهائي نه سگهيا. منهنجي ننڍڙي غلطي توکي گهڻائي الزام ۽ تهمتون ڏنيون. ان غلطيءَ جي احساس ائين وڪري ويو هئم جو جيئن جوڳي جي ڪنڌ ۾ ڪاريهر نانگ. گهر وارن گهر اچڻ کان جهلي ڇڏيو هو، هو سڀ اچي مون کي ڏسي ۽ ملي ويندا هئا. ڀيڻ ٻڌايو هو ته حالتن تنهنجي مٿان واقعي جو گهر اثر ڇڏيو آهي. تون هاڻي هڪ ٽڪ چنڊ کي ڏسندي رهندي آهين. مٿي تان رئو لهي  ويندو اٿئي ته توکي سڌ نه رهندي آهي. تنهنجي ذهني ڪيفيت نارمل نه آهي. ناڪرده گناهه جي سزا توکي ملي. تنهنجو احساس مونکي نه جيئڻ ٿو ڏئي نه مرڻ. صاحبه ! هي ته الائي ڪهڙو ديس آهي. هي دردونديءَ جو ديس ناهي! هتي ميگهه ته وَسي ٿو پر الاجي ڪنهن جي ياد ۾!

مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ائرس ٿامپسن پنجاهه سالن جي ٿيندي. مون کان منهنجي ديس جي لاءِ پڇندي آهي. مان کيس سنڌ جي روايتن ۽ قدرن جي باري ۾ ٻڌائيندو آهيان ته هوءَ حيران ٿيندي آهي. جڏهن کيس اهو به ٻڌائيندو آهيان ته اسان اوهان جا غلام ٿي رهيا آهيون ته هن جو چهرو ورن ورن ٿيندو آهي. جڏهن به ٽريفلگر اسڪوائر تي ويندو آهيان ته چارلس نيپيئر جو مجسمو ڏسي مان منهن ڦيرائي ڇڏيندو آهيان. منهنجي دلچسپي رڳو ڪبوترن ۾ هوندي آهي. چوڳي ڏيڻ سان ولرن جا ولر لهي ايندا آهن ۽ ٻيو تريفلگر اسڪوائر جي تاريخي حيثيت ۽The Battle of Trafalgar   جو هيرو نيلسس ۽ ان جي محبوبه ايما هيملٽن جو رومانس. نيلسن جي مرڻ وقت سندس چپن تي آخري لفظ هي هئا

.Thank God! I have done my duty.

نيو يئير جي تهوار تي هن اسڪوائر تي جوان ۽ جوانڙيون نشي ۾ بدمست ٿي پنهنجا هوش گم ڪري ويهندا آهن ۽ منهنجي ملڪ جا رهواسي سندن ڪريل سڪا، جيڪي برف ۾ ڄمي ويندا آهن، کوٽي ڪڍندا آهن. صاحبه !

ڊاڪٽر ٿامپسن پنهنجي ڪلچر ۽ آزادي تي تنقيد به ڪندي آهي. رستن تي بي حيائي، ڊرنڪ ٿي پبلڪ پليسز تي آزاديءَ جي نالي ۾ جانورن جهڙو رويو اختيار ڪرڻ هن کي پسند نه هو. پوءِ هوءَ پنهنجي ماٽيلي پيءُ ۽ شادي جو ذڪر ڪندي آهي. جنهن هن کي سڳي ڌيءَ وانگر نپايو پڙهايو. هوءَ اڃا تنجڻين ۾ هئي. جو سندس پيءُ گذاري ويو. سندس ماءُ ٻي شادي ڪئي. خبر اٿئي صاحبه ! هوءَ هڪ دفعو مون کي پنهنجي گهر وٺي ويئي. چانهه وغيره پيئڻ کان پوءِ هو ڪوائلٽ کڻي آئي. جيئن تون رنگين ٽڪريون ڳنڍي رلهي ٺاهيندي آهين بلڪل ان جهڙي. آئسر ٿامپسن ٻڌايو ته هي مون پنهنجي ماٽيلي پيءُ ۽ ماءُ جي ڪپڙن مان جوڙي آهي. هن کي جڏهن مان پائيندي آهيان ته ڄڻ انهن جي خوشبوءَ ۾ واسجي ويندي آهيان. کين محسوس ڪندي آهيان، پر مان پنهنجي ڌيءُ لاءِ پريشان آهيان. جو هوءَ  گهر ڇڏي ويئي آهي. پنهنجي دوست سان. هن کي روڪي به نه سگهي. علي مون هن کي ڪيترا دفعا چيو ته تون شادي ڪري ڇڏ، پر هوءَ ته زندگيءَ کي تجرباتي طرح گذارڻ چاهي ٿي. علي تون سمجهين پيو منهنجي ڳالهه کي ۽ مان کيس چپ ٻڌندو رهيس. سندس ڳڻتيون ۽ ڳارا هڪ ماءُ جا پنهنجي ڌيءَ لاءِ جنهن جو ڪو علاج وٽس نه هو. اڄ سنڊي آهي. لنڊن شهر جي مصروف علائقن ۾ رلڻ لاءِ نڪتو آهيان. ظفر کي آئرلينڊ وڃڻو هو پنهنجي ڪم سان. سو اڪيلو ئي بس ۾ چڙهيو آهيان. منهنجي ڀر ۾ هڪ وڏي عمر  جي ليڊي اچي ويٺي آهي. چپن تي ڳاڙهي سرخي ۽ڪوٽ تي بروج لڳل. هٿن ۾ دستانا پيل اٿس. وار سيٽ ٿيل ۽ سليٽي رنگ جا اٿس.  ڪنڊيڪٽر اچي ٿو ڪارو شيدي، منهنجي ديس ۾ رهندڙ ماما جهڙو. ماما ماما مار گدڙ کي وارو ماما. ڳچيءَ ۾ ڍولڪي اٿس. جنهن کي ڦيرائي ٽڪيٽ ڪٽي ٿو. ڍولڪي ڄڻ غلامي جو ڳٽ  پيل اٿس! تهذيب يافته ۽ باربرڪ هجڻ جو ڪامپليڪس هاڻي گلوبل  وليج جي عفريت  آءِ ايم ايف ۾ ويڙهيل آهي. هن جي هٿ ۾ ٽين دنيا جون غلام قومون ڪيڏيون نه مجبور آهن. تهذيب يافته قومن جي آڏو. دهشتگردي، خودڪش حملا ۽ ٽڪر ٿيل انساني جسم جا ذرا ذرا هاڻي فضا ۾ رت جي بوءِ سان گڏ خوف رهڻ لڳو آهي. هوءَ وڏي پرس مان ننڍڙو ٻٽون ڪڍي ٿي ۽ پئسا ڳڻي ٿي. ان وچ ۾ سندس ٺونٺ مون کي لڳي آهي. هوءَ نهايت پيار سان ساري چوي ٿي. مون کي جواباَ چيو آهي اٽس آل رائٽ. سندس چپن تي مرڪ آهي. مان دريءَ کان ٻاهر ڏٺو. مينهن وسي رهيو هو. سامهون ايندڙ ٽريفڪ جي لائيٽ رستي سان لڳل زرد رنگ جي روشنيءَ منهنجي من ۾ عجيب احساس اُڀاريو آهي. جنهن کي ڪوبه نانءُ نٿو ڏيئي سگهان. بنا نالي جي هڪ عجيب احساس آهي. آڪسفورڊ اسٽريٽ تي لهي پيو آهيان. ڇٽي کي کولي ڇڏيو اٿم. ماڻهن کي تڪڙ آهي ۽ هلندا وڃن ٿا. مان لبرٽي جي طرف مڙيو آهيان. وڏي خريداريءَ جو مرڪز. مون تو لاءِ ڪاڄ جا بڪل ورتا آهن، شايد توکي ڪڏهن ڏيئي سگهان.

ريجينٽ اسٽريٽ کان ٿيندو پڪڊليءَ جي سوڙهين گهٽين ۾ وڃان ٿو. سيڪس شاپ ۾ الف اگهاڙيون ......! مون کي الٽي اچڻ لڳي آهي. ڪي ويٺا آهن ۽ غور سان ڏسي رهيا آهن. منهنجي دل ڪچي ٿيڻ لڳي آهي. تنهنجو نازڪ وجود اکين آڏو اچڻ لڳو آهي. لباس جي ور وڪڙن ۾ لڪل. منهنجي روح لاءِ آٿت ۽ رتو ڇاڻ ٿيل من لاءِ دارون آهي. ٻاهر نڪري آيو آهيان. واپس وڃڻ لاءِ آڪسفورڊ  ٽيوب اسٽيشن ڏي مڙان ٿو.

ڪمري جي دريءَ مان جهاتي پاتي اٿم. ڪوهيڙو لهي آيو آهي ۽ ماڪ رستن تي روئي رهي آهي. جتي مان رهان ٿو، اُتي ويجهو ئي هڪ چرچ آهي ۽ ان سان گڏ قبرستان. ان پاسي اڪثر ويندو آهيان. اڄ به دل ڇڪ ڏني آهي، گهر کان ٻاهر نڪتو آهيان. رستا خالي آهن، آهستي آهستي هلندو قبرستان پهتو آهيان. ڪاراٽيل، سينواريل قبرن جي ڪتبن مٿان سائو گاهه اُڀري آيو آهي. وڻن هيٺان بينچ رکي آهي. هتي اچي ڪي گهڙيون گذاريندو آهيان. ڪيڏو نه سڪون آهي... ۽ ڪيڏو نه وقت لنگهي ويو آهي. من کي آٿت ملندي اٿم ته ها هاڻي وقت ويجهو آهي. پوئتي ڪوئي ناهي جو منهنجو اوسيئڙو ڪري. منهنجو اوسيئڙو ڪرڻ وارا، تترن جي تکي اُڏار وانگر اُڏري هليا ويا آهن.

قبر تي اڌ کليل گلاب جون مکڙيون عجيب احساس ڏيارين ٿيون. ڪڪر وري آيا آهن ۽ مان ٽيمس جي ڪناري تي توسان گڏ ڊِوڊلڪ جي گلن جي بهار ڏسڻ چاهيان ٿو، پر پر اهو ممڪن ناهي. تون ڪيڏي نه دور آهين. درد جي هڪ سَٽُ اُڀري آهي. تنهنجي سور جي شدت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ چپ ڀڪوڙي گهر ڏانهن واپس ٿيڻ لڳو آهيان. در جو لاڪ کوليو اٿم. ڪچن ۾ اچي دوا ورتي اٿم، سور ٿورو جهڪو ٿي ويو، هي ٻيو ڀيرو آهي، جو هارٽ اٽيڪ ٿيو آهي. ظفر کي به ڪونه ٻڌايو اٿم. ڏاڪڻيون چڙهي ڪمري ۾ آيو آهيان ۽ اچي ڪرسي تي ويٺو آهيان. قلم ۽ ڊائري کنئي آهي. ڪجهه لکي وٺان، آخري لمحن جي ڪهاڻي ! لڳي ٿو ته هر شيءِ تي دز چڙهي ويئي آهي. ڪجهه به صاف ناهي، ڇڙو تنهنجو چهرو چٽو آهي!

ڪبوترن جي اُڏار جو ڀڙڪو آهي. يا منهنجي روح جي اُڏار آهي. قلم کي جهليان ٿو، پر هيٺ ڪري پيو آهي. ڪرسي تي ٽيڪ ڏني اٿم. ٿوريءَ سامت ۾ آهيان. قلم کڻان ٿو. پيارا ظفر! شايد آخري وقت آهي. مون کي ڪنهن گمنام شخص جيان دفن ڪرائجان. ظفر! منهنجو آخري ڪم ڪجانءِ، توکي گهڻي تڪليف ڏني اٿم نه، پر اُن جي معافي نه وٺندس، ڇو ته مون کي خبر آهي ته تون مون سان پيار ڪرين ٿو،ان ڪري وڌيڪ لکي نٿو سگهان. ڪوئي آهي جو لکڻ نٿو ڏي، شايد قلم هٿ مان ڪرڻ لڳو آهي. قلم کي جهليان ٿو، پر................ اڳتي پنو خالي هو.

ظفر ڊائري بند ڪري ٿو. هن جي اکين مان ٻه لڙڪ ڪري ڊائريءَ جي مخمل واري ڳاڙهي ڪَور ۾ جذب ٿي وڃن ٿا.

ايوب عمراڻي

سفر

منهنجي سيڪنڊ هئڊ بوٽ ڏانهن  ڏسندي چيائين:”اهو بوٽ گهڻي ورتو اٿئي؟“

چيومانس:”مان بوٽ جي قيمت پوءِ ٿو ٻڌايان مون کي پهرين اِهو ٻڌاءِ ته عورت پنهنجي عمر ڇو لڪائيندي آهي؟“

چيائين:” جيڪڏهن عورت پنهنجي عمر نه لڪائي ته پوءِ تو جهڙا چالاڪ مرد ڪيئن ڦاسندا؟“

چيومانس:” خوشفهميءَ ۾ مبتلا نه ٿيءُ، مان تو وٽ ڪونه ڦاسندس!“

مُرڪندي چيائين:”سچ؟“

سندس اُن هڪ لفظ تي مشتمل سوال مون کي ڇرڪائي وڌو. مان خاموشيءَ سان کيس ڏسندو رهيس، هوءَ به مرڪندي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. مون دل ئي دل چيو:”سُميرا ! تون ئي ته آهين اُها هستي، جنهن هن دوزخ جهڙي دنيا ۾ مون کي جيئڻ سيکاريو آهي. تون ئي منهنجو ازل ۽ ابد آهين. توکان انڪار ته معنيٰ زندگيءَ کان انڪار ٿيندو!.......“

منهنجي سوچ جي سلسلي کي ٽوڙي چيائين”هاڻي ڀلا ٻڌاءِ.“

”ڇا؟“ مون چيو.

”پنهنجي بوٽ جي قيمت“. هن ٻيهر سوال ورجايو.

چيومانس”مان بوٽ جي قيمت ٻڌائڻ بدران دل جي قيمت ٻڌائڻ جي موڊ ۾ آهيان!“

حيرت مان چيائين:”دل جي قيمت به ٿيندي آهي ڇا؟“

چيو مانس”ها، دل جي قيمت به ٿيندي آهي. جنهن لاءِ ماسٽر چندر چيو آهي:دل آهي هٿن ۾ خريدار ٿو ڳوليان  ۽ جلال چانڊيو چوي ٿو....“

منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيائين:”اهو جلال چانڊيو ڪير آهي؟“

چيو مانس:”سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاهه ! ڳائڻ سان گڏ هڪ ئي وقت ٻه ساز وڄائيندو هو، جن کي يڪتارو ۽ کڙتال چوندا آهن.“

چيائين:” اڇا فنڪار هو!...... مون سمجهيو ته ڪو ڌاڙيل آهي! ڇو ته ڌاڙيلن جا نالا به اهڙا ئي هوندا آهن.“

چيومانس:”تون به ته ڌاڙيل آهين!“

منهنجي ائين چوڻ تي ڇرڪي پيئي، چيائين:”خدا پناهه ڏئي، مان ڪٿي آهيان ڌاڙيل.“

چيومانس:”تون به ته ڪروڙن جو هڪڙو ڌاڙو هنيو آهي!“

چيائين؛”ڪهڙو؟“

چيومانس:”منهنجي دل جو لُٽي ٿئي!“

 منهنجي اِن ڳالهه تي زوردار ٽهڪ ڏيندي چيائين:”تو جڏهن پنهنجي دل جي قيمت مقرر ڪري ڇڏي ته مون کي به ڌاڙو هڻڻو پئجي ويو، ڇو ته ڌاڙو لڳندو ئي اهڙين شين جو آهي جن جي قيمت مقرر ڪئي وڃي.“

هوءَ وري به ٽهڪ ڏيڻ لڳي. ننڍڙي ڊرائنگ روم ۾ سندس ٽهڪ پڙاڏو بنجي ٻيهر پئي گونجيا ۽ مان اُنهن ٽهڪن کي ڪنهن اُڃايل مئڪش جيان پنهنجي اندر ۾ اوتيندو ويس. ايتري ۾ سميرا جي ماءُ چانهن کڻي آئي، چانهن جي ٽري ٽيبل رکي اسان ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي هلي ويئي. سميرا چانهن ٺاهي مون کي ڏني. چانهن جي سرڪ ڀريندي مان پنهنجي پاڻ بابت سوچڻ لڳس ته آخر مون ۾ اُها ڪهڙي خوبي آهي، جو سميرا مون کي ايترو ٿي چاهي؟ مان دنيا جي انهن بدنصيب انسانن مان هڪ آهيان جيڪي محبت جي معاملي ۾ سدائين خوبصورت خوابن جا اندوهناڪ تعبير ماڻيندا آهن. اسان اُهي ماڻهو آهيون، جيڪي هميشه ڌڪاربا ۽ نظر انداز ٿيندا رهيا آهيون.... پر هڪ ڌڪاريل شخص سميرا جي دل کي ڪيئن جيتيو؟ ڪٿي ائين ته ناهي ته سميرا به مومل ۽ فوزيه جيان  منهنجي جيءَ کي جهوري وجهي؟ هي سڀ ڪجهه ناٽڪ ته ناهي؟ نه، سميرا هڪ مختلف ڇوڪري آهي، هوءَ ائين نٿي ڪري سگهي. سندس چاهت معصوم ٻارن جي مُرڪ جيان پاڪ ۽ سچي آهي..... مون کي ياد آيو ته مومل مون سان ڪهڙو ناٽڪ کيڏيو هو. جيئن هر نوجوان جواني ايندي ئي ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪريءَ کي دل ڏيئي وجهندو آهي، تيئن مان به مومل کي دل ڏيئي ويٺو هئس. مومل سڄي ڳوٺ جو نڪ هئي. کيس ڏسندي ئي هڪ عجيب نشو طاري ٿي ويندو هو، مومل جو گهر به اسان جي گهر جي ڀرسان ئي هو ۽ اڪثر هڪٻئي جي گهر ايندا ويندا رهندا هئاسين. پر مان گهڻو ڪجهه چاهيندي به پنهنجي گونگي  محبت کي اظهار جي زبان نه ڏيئي سگهيس. هڪ دفعي جڏهن امڙ گهر ۾  موجود نه هئي ته مومل اچي سهڙي، کيس اڪيلائيءَ ۾ ڏسندي سوچيم ته اڄ مومل سان پنهنجي اندر جو اظهار ڪري ڇڏيان. هوءَ جيئن ئي امڙ جو پڇي واپس ٿيڻ واري هئي ته مون کيس ڏڪندڙ آواز ۾ سڏ ڪيو: ”مومل“. هو بيهي رهي، پر منهنجي زبان ڄڻ ته تارونءَ سان چنبڙي پيئي. ”ڇا ڳالهه آهي؟“ مومل چيو. مان وڌي سندس ڀر ۾ وڃي بيٺس ۽ پوءِ رڳو اهو چئي سگهيس:”مومل! تون مون کي ڏاڍي ٿي وڻين.....؟“ منهنجي اِن اڌوري اڻپوري جملي جي سڄي معنيٰ ۽ مطلب نه سمجهندي، مومل نفرت ڀرين اکين سان مون ڏانهن گهوريندي چيو:” پنهنجو منهن ڏٺو اٿئي، ڪڏهن آئيني ۾؟“ ائين چئي هوءَ تڪڙي تڪڙي هلي ويئي. منهنجا شيشي جهڙا جذبا مومل جي پٿر جهڙن لفظن سان ٽڪر ٽڪر ٿي ويا. مومل ڄڻ ته منهنجو وجود کي قيمي جيان وڍي نفرت جي باهه ۾ ڀسم ڪري ڇڏيو هو، پر پوءِ به دل کي تسلي ڏيندي سوچيم ته ٿي سگهي ٿو ته اِها چڙ ۽ نفرت مٿاڇري هجي.... پر مومل جي نفرت سطحي نه هئي. هڪ ڏينهن ٻنيءَ ۾ مون مومل کي ڳوٺ جي وڏيري جي آواره پٽ جُمن سان راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪندي ڏسي ورتو. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ آسمان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو آهي ۽ سڄي ڌرتي کي باهه وڪوڙي ويئي آهي. سوچيم ته گيڙوءَ رتا ڪپڙا پائي رڻ جو راهي ٿي وڃان ۽ هن ڳوٺ کي هميشه لاءِ ڇڏي ڏيان. پر مان ائين نٿي ڪري سگهيس. مان پنهنجي پوڙهي ۽ بيمار ماءُ جو سنڀاليندڙ اڪيلو پٽ هوس، سو رڻ جو راهي نه ٿيس، پر نوڪري لاءِ ڪراچي نڪري پيس. مون امڙ جي محنتن سان بي اي تائين تعليم ورتي هئي. سوخوشقسمتيءَ سان ڪراچيءَ ۾ هڪ پرائيويٽ اداري ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي ويئي. مان ڪراچيءَ ۾ زخمي دل سان نوڪري ۾ لڳي ويس. جڏهن فوزيه سان ويجهڙائپ ٿي ته منهنجي اڪيلائپ به آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳي. جيڪو زخم مومل ڏنو هو اُهو هاڻي ڀرجڻ لڳو هو. آفيس ۾ فوزيه جو مون سان ڪافي دوستاڻو رويو هو. هوءَ آفيس ۾ لڳل ننڍڙي ٽيليفون ايڪسچينج جي آپريٽر هئي. واندڪائي ۾ سڄي آفيس مان مون سان ئي ٽيليفون تي ڪچهري ڪندي هئي. سندس رستو به اسان جي سيڪشن وٽان هو، سو اچڻ وڃڻ مهل به مون سان سلام دعا ڪندي هئي. آهستي آهستي فون تي ساڻس چرچا ڀوڳ به ٿيڻ لڳا ۽ پوءِ  مون کي لڳو ته فوزيه مومل جا ڏنل سمورا گهاءَ ڀري ڇڏيا آهن ۽ پوءِ مان فوزيه کي شدت سان چاهڻ لڳس. هڪ ڏينهن جڏهن اڃا منهنجا ساٿي ڪلارڪ اڃا نه آيا هئا، مون جلد آفيس اچي فوزيه سان ٽيليفون تي ڳالهايو. چيائين:”ايترو جلد آيو آهين! فون تي ڪنهن دوست سان ڳالهائڻو اٿئي ڇا؟“

چيومانس:” فوزيه! منهنجي دل چري ٿي پيئي آهي. اُها هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جي دل سان ڳالهائڻ جو ضد ٻڌيو ويٺي آهي. ڇا منهنجي دل کي اُن خوبصورت ڇوڪريءَ جي دل جو نمبر ملي ويندو؟“

چيائين”ڪير آهي اُها ڇوڪري؟”

چيومانس:” اُها ڇوڪري اُها ساڳي هستي آهي جنهن جو نالو وٺڻ مان پاڻ لاءِ عبادت ٿو سمجهان. اُن ئي ڇوڪريءَ مون کي هيکلائيءَ جي رڻ مان ڪڍي ٻاهر انسان جي بستيءَ ۾ آباد ڪيو آهي.“

چيائين؛” پر اُن ڇوڪريءَ جو نالو ڇا آهي؟“

تڏهن مون حجاب جون سموريون ديوارون ڊاهي کيس چيو:” اُن ڇوڪريءَ جو نالو فوزيه آهي. فوزيه منهنجي لاءِ محض هڪ نالو ناهي پر منهنجي زندگي ۽ دل جي هر ڌڙڪن کي جاري رکندڙ قوت به آهي. هي نالو منهنجي لاءِ ائين آهي جيئن ڌرتيءَ لاءِ سورج . ها، فوزيا! تون ئي آهين اُها ڇوڪري! ٻڌاءِ منهنجي ويڳاڻي دل کي پنهنجي دل جو نمبر ملائي ڏيندينءَ؟ فوزيه، مون کي غلط نه سمجهجانءِ، مان دل جي هٿان مجبور آهيان!........ “ ايتري ۾ اوچتو فون ڪٽجي ويئي. فوزيه مون کي ڪوبه جواب نه ڏنو. مان اُن ٻڏتر ۾ هوس ته خبر نه آهي ته فوزيا مون بابت ڇا سوچيندي هوندي، پر پوءِ دل کي هر هر اهو ڏڍ ڏنم ٿي ته هوءَ ضرور مون کي موٽ ڏيندي، ڇو ته مون ساڻس پنهنجي سچي محبت جو اظهار ڪيو آهي. ائين سوچيندي مان آفيس جي ڪم کي لڳي ويس. ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ پٽيوالو آيو، چيائين: ”توکي صاحب ٿو سڏي!“

مان صاحب ڏي ويس ته سندس موڊ خراب ڏٺم. مون تي نظر پوندي ئي رڙ ڪندي چيائين:” اڙي! توهان هن آفيس کي بازار حُسن سمجهيو آهي ڇا؟“

مان صاحب کي حيراني سان ڏسندو رهيس. سندس مطلب سمجهي نه سگهيس. هن ٻيهر چيو:”اگر توکي عشق ڪرڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته هتان هليو وڃ! هن آفيس جي تقدس کي خراب نه ڪر! مون مئنيجر سان ڳالهائي ڇڏيو آهي، پنهنجا رهيل پئسا وٺي وڃ. اسان کي توهان جهڙن اوباش ماڻهن جي ضرورت ناهي!“

مون پنهنجي پيرن جي هيٺان ڌرتي کسڪندي محسوس ڪئي. چيومانس؛”پر سر! مون کي منهنجو ڏوهه ته ٻڌايو!“ ڪاوڙ مان ذري گهٽ ڏڪندي چيائين:” چالاڪي بند ڪر، ميسڻا بدمعاش! ڇا تو ڏيڍ ڪلاڪ اڳ آفيس جي شريف گهراڻي سان تعلق رکندڙ شريف ڇوڪري فوزيه سان گهٽيا قسم جي گفتگو نه ڪئي آهي؟“

مون پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيو، پر لفظ نڙيءَ ۾ اثڪي پيا. چپ ڏڪڻ لڳا ۽ پوءِ مون صاحب جا رڳو هي لفظ ٻڌا:

”Now, you get out”

مان ڏڪندڙ قدمن سان صاحب جي آفيس مان نڪتس. پهرين سوچيم ته فوزيه کي سامهون ٿي شڪايت ڪريان، کيس پنهنجي اندر جو درد ڏيکاريان، پر پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته هن آفيس جي اندر گهڻو وقت رهندس ته گهٽجي دم ڏيندس. هن آفيس ۾ ته سڀ پٿر جون مورتيون آهن. انسان ته ڪو نظر ئي نٿو اچي. مون مئنيجر سان حساب به نه ڪيو ۽ تڪڙو تڪڙو آفيس مان ٻاهر نڪري آيس. ۽ پوءِ مون پنهنجي پاڻ سان واعدو ڪيو ته هاڻ خوابن جي سهاري نه جيئندس. ان جذبي تحت مون نوڪريءَ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏني. خوشقسمتيءَ سان مون کي هڪ سرڪاري اداري ۾ نوڪري ملي ويئي ۽ رهائش لاءِ جهانگير ڪوارٽرس ۾ هڪ پراڻو ڪوارٽر به ملي ويو. مان امڙ کي ڳوٺان وٺي آيس ۽ نوڪري کي لڳي ويس. ڪڏهن ڪڏهن مومل ۽ فوزيه جا نالا ذهن تي ايندا هئا ته منهنجي اندر ۾ نفرت ڀرجي ويندي هئي. فوزيه بابت هڪ سوال اڪثر منهنجي ذهن کي جهنجهوڙيندو رهندو هو ته آخر فوزيه اِهو سڀ ڪجهه صاحب کي ڇو ٻڌايو؟ هوءَ مومل جيان مون کي منهن تي جواب به ڏيئي پيئي سگهي. هڪ ڏينهن اُن سوال جو جواب ملي ويو. مان هڪ شام جو ڪلفٽن گهمي رهيو هوس ته مون هڪ ريسٽورينٽ مان پنهنجي سابق صاحب ۽ فوزيه کي نڪرندي ڏٺو. ٻنهي جي منهن تي مرڪ هئي. مان اڳتي وڌي ٻنهي سامهون وڃي بيٺس. سوچيم ته ٻنهي کي شرمسار ڪري پنهنجو پراڻو بدلو چڪائيندس. مان نفرت ۽ ڪاوڙ مان سڄو ڏڪي رهيو هوس. فوزيه جي نظر جڏهن مون تي پيئي تڏهن مون کي ڏسندي ئي منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيائين. شرمساريءَ بدران منهن تي هڪ زهريلي مرڪ ڇانئجي ويس. منهنجي سابق صاحب ته ڄڻ مون کي سڃاتو ئي ڪونه. دل چاهيو ته سندس گلي کان وٺي چوانس ته:” هاڻي ڪٿي آهي تنهنجي آفيس جو تقدس، جو پنهنجي هڪ مجبور ملازم ڇوڪريءَ کي ڪال گرل جيان کنيو ٿو وتين؟ ٻڌاءِ، آفيس کي بازار حسن تو بنايو آهي يا مون!“ پر مان کيس ائين چئي نه سگهيس. غريب ماڻهو هوس ۽ منهنجي غربت مون کي ڄڻ ته زنجير وجهي ڇڏيا. اُن ڏينهن مون کي اُن سوال جو جواب ملي ويو ته اصل ۾ غربت ئي نڀاڳ آهي. ڳوٺ ۾ وڏيري جو پٽ هجان ها ته مومل مون کي پنهنجو راڻو بنائيندي دير نه ڪري ها ۽ شهر ۾ ڪنهن پرائيويٽ اداري جو مالڪ هجان ها ته فوزيه جهڙيون ڪئين ڇوڪريون منهنجي اڳيان پٺيان هجن ها. پر منهنجي غربت منهنجي بدنصيبي بنجي ويئي هئي. مان ڪلفٽن تان ڪنهن هارايل جواريءَ جيان موٽيس ۽ آئنده ڪنهن به محبت نه ڪرڻ جو قسم کڻي ڇڏيم.

هڪ ڏينهن امڙ جي ڳالهه مون کي ڇرڪائي وڌو چيائين:” مون تنهنجي شاديءَ لاءِ هڪ ڇوڪري پسند ڪري ورتي آهي!“

چيومانس:” ڪير آهي اُها ڇوڪري!“

چيائين:”اُهائي ادي صديق واري ڇوڪري مومل! هن عيد تي ڳوٺ هلنداسين ته ڳالهه پڪي ڪري اينداسين.“

”مومل!“ مون ڪاوڙ ۽ حيرت ۾ چيو.

چيائين:” ها ها، مومل. ادو صديق مون کي جواب نه ڏيندو. آخر ڪراچيءَ ۾ آفيسر آهين!“

چيومانس:” پر امان! مان مومل سان شادي نه ڪندس!“

امڙ ڪاوڙ مان چيو:”ڇو، ڪهڙو عيب آهي مومل ۾؟ سڄي ڳوٺ جو نڪ آهي.، سگهڙ ۽ محنتي به آهي. ٻيو ڇا کپئي؟“

مان چپ رهيس، امڙ کي ڪوبه جواب نه ڏنم، اوچتو امڙ مونکي حيرت مان تڪيدي چيو:”ڪٿي ائين ته ناهي جو ڪنهن شهري ڇوڪريءَ کي پسند ڪري ويٺو آهين!“ مون امڙ کي ڪوبه جواب نه ڏنو. مان مومل ۽ فوزيه جي نفرت ۾ ٻيهر پچڻ لڳس، امڙ چيو:”ٻڌو اٿم ته شهري ڇوڪريون مرد سان وفا نه ڪنديون آهن، ان ڪري سوچي سمجهي ڪو قدم کڻجان. مان ته وري به چوان ٿي ته پنهنجي آخر پنهنجي آهي، مومل جي مَٽ کان ٻي ڇوڪري نه ٿيندي!“

مون ڪاوڙ مان امڙ کي چيو:” امان! شهري ۽ ٻهراڙيءَ جون سموريون ڇوڪريون رڳو پئسي سان وفادار هونديون آهن اِن ڪري مان شادي نه ڪندس!“

ائين چئي مان گهر مان ٻاهر نڪري ويس. ويچاريءَ امڙ کي ڪهڙي خبر ته ڳوٺ ۽ شهر ۾ مون سان ڪهڙي ويڌن ٿي هئي.........

....۽ پوءِ پنهنجي نئين آفيس ۾ ڪم ڪندي، منهنجي دل وري به ڪنهن جو نالو وٺي ڌڙڪڻ لڳي!....... منهنجي گهڻي ڪوشش جي باوجود منهنجو قسم ٽٽي پيو..... ها، سميرا! منهنجي زندگيءَ ۾ هلي آئي هئي.

هوءَ اڪائونٽنگ سيڪشن ۾ اڪائونٽنٽ هئي. اسان جي وچ ۾ شيشي جي ديوار يعني پارٽيشن ٺهيل هئي. اسان جو ڳالهائڻ تمام گهٽ ٿيندو هو.منهنجي وهم گمان ۾ به اهو نه هو ته ڪنهن ڏينهن اسان جي وچ ۾ اُها شيشي جي ديوار به نه رهندي ۽ اسان هڪٻئي جي گهڻو ويجهو اچي وينداسين. اسان جو هڪٻئي کي ويجهو اچڻ هڪ ننڍڙي پر زهريلي واقعي سبب ٿيو. ٿيو ائين جو مان پنهنجي سيڪشن جي هڪ ڪلاڪر وحيد جو قرضي هوس. وحيد پنهنجو قرض اُن وقت اڳاڙڻ چاهيو جنهن وقت منهنجا کيسا خالي هئا. مون کيس پگهار تائين ترسڻ لاءِ چيو، پر هو هڪ بداخلاق شخص نڪتو. وٺي گوڙ ڪيائين. مان سندس آڏو مجبور ۽ بيوس هوس کيس ڪجهه چئي به نه سگهيس. شايد هوءَ منهنجي حالت پري کان ڏسي رهي هئي، سو مون وٽ ايندي مون کي پنج سئو رپيا ڏيندي چيائين:” هي پيسا وٺو، پگهار تي مون کي ڏئي ڇڏجو!“ ايترن مردن هوندي رڳو سميرا جي اُن مدد مون تي اخلاقي طور ڏاڍو اثر ڪيو. مون سندس مهربانيون مڃيون ۽ پوءِ جڏهن پگهار مليو تڏهن مان پنج سئو رپيا کڻي سميرا کي موٽائڻ ويس. کيس پئسا ڏيندي چيم:” سميرا صاحبه!  پنهنجو قرض وٺو. پر توهان مون تي  جيڪو ٿورو ڪيو آهي، اُن جو قرض مان زندگي ڀر نه لاهي سگهندس!“ چيائين:”مون توهان تي ڪوبه ٿورو نه ڪيو آهي. هڪ ڪليگ کي ٻئي ڪليگ جي مدد ته ڪرڻ گهرجي نه،  اُن ۾ ٿورو ڪهڙو ٿيو؟ جيڪڏهن هينئر به توهان جي مالي حالت بهتر نه هجي ته کڻي ڪنهن ٻئي پگهار تي پئسا ڏجو، هرڀرو تڪڙ ناهي.“

چيومانس:” مس سميرا! مان دنيا جي اُنهن هزارن ۽ لکن انسانن مان هڪ آهيان جيڪي اقتصادي طور بدحال هوندا آهن ۽ هميشه پريشاني واري زندگي گذاري قرضي ٿي مرندا آهن. اِن ڪري توهان پنهنجو قرض وٺي ڇڏيو جو ڪٿي ائين نه ٿئي جو مان توهان جو قرضي بنجي هن جهان مان ڪوچ ڪري وڃان!“

منهنجي ڳالهه تي هوءَ ڳنڀير ٿي ويئي ۽ وڏي همدرديءَ سان چيائين:”ڪو پارٽ ٽائيم ڪريو نه!“

چيومانس:”پارٽ ٽائيم جي ڳولا ۾ آهيان، ڪٿي ملي ويو ته ضرور ڪندس.“

چيائين:”هڪ ڳالهه چوان!“

چيومانس؛”چئو“

چيائين:” اِهي پئسا توهان پاڻ وٽ رکي ڇڏيو!“

چيومانس:”هي پئسا توهان جا آهن ۽ توهانکي ئي ملڻ گهرجن.“

چيائين:”پر هاڻي اِهي پئسا توهان جا ٿي ويا آهن!“

مون سميرا جي اکين ۾ ڏٺو. سندس اکين ۾ ايترو ته پيار ۽ پنهنجائپ هئي جو مان وڌيڪ ساڻس بحث ئي نه ڪري سگهيس ۽ پئسا واپس کيسي ۾ رکي پنهنجي سيڪشن ڏانهن هليو آيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com