سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :28

پنهنجي موت تي آءٌ ڪو ارهو به ڪونه هئس. سچ پڇو ته موت لاءِ جيئري ئي منهنجي دل پاڻ سِرڪندي رهندي هئي. اُن ڪري نه، ته ڪو هن جهان مان ڪڪ ٿيو هئس يا وري منهنجو جيئڻ وِهه ٿي چڪو هو. بلڪل نه، موت لاءِ اها اُٻهرائپ ۽ انتظار فقط هن ڪارڻ هئم ته ڏسان ته موت بعد آهي ڇا، بلڪل ائين جيئن ڪنهن نوجوان کي آمريڪا ڏسڻ جي اڪير هجي ۽ هو سدائين اُن لاءِ موقعي  جي تلاش ۾ هجي ته ڪنهن بهاني وڃي اُهو مڪو ڀيٽي اچي. ائين برابر آهي ته موت جي هوراکوري مون کي ننڍپڻ کان لڳل هئي، پر اِها هرکر ان شيءِ لاءِ ٿيندي آهي جا سمجهه ۾ ايندي هجي. وري هن دنيا ۾ منهنجي ڪا سيڙپ به ايتري ڪانه هئي، جنهن مال املاڪ کي ڇڏيندي مون کي ڪو ٻرو چڙهي يا صدمو رسي. آءُ ته ننڍڙي لاڪر ئي رولڙن ۾ رهيو هئس. محنت مزدوري به ڏاڍي ڪئي. هاڻ ته لڱ به ٿڪجي پيا هئا ۽ هڏ هڏ پئي چيچلايو. وري  ڪراڙپو به اچي ورايو هو. انگ انگ ٿي ڌڏ ڌڏ ڪئي. هٿ ۽ ڪنڌ ته ائين ٿي ڏڪيو ڄڻ ته ڌرتي ٿي ڌڏي!

قرض به سر تي ڪافي هيم. قسطون ڀريندي ڀريندي ڏيوالو ئي نڪري ويو هو. مهانگائي به چوٽ تي هئي. پانڌي به پوري ڪانه ٿي پيئي. وري ڊگهي مدت هئي ترسڻ ڪري جيءَ به مزي ۾ ڪونه هو. سنگي ساٿي به اڪثر راهه رباني وٺي چڪا هئا. هاڻ ته پنهنجن ۾ پاڻ کي اوپرو ٿي ڀانيم. هونئن به آءُ هميشه ان راءِ جو آهيان ته راند رس ۾ ڇڏجي ته چڱو. بجاءِ ان جي جو ماڻهو هتان بدبودار ڍونڍ ٿي کڄي. اُن کان سواءِ منهنجو هن ڀنڀور ۾ هاڻ رهيو به ڇا هو؟ نه مون کي هتي ڪو تاج محل اڏڻو هو ۽ نه ڪو خيبر جو ڪوٽ فتح ڪرڻو هو. اڳئي کائي پي چڙهيو هئس، گهمي ڦري موج به ڪئي هيم. ڪا آس رهي ئي ڪانه هيم، جنهن اميد جي للانگهري تي اڃا به کپ کوڙي هت ڌرڻو ماري ويهي رهان. اهڙو ڊيٺ آءٌ ڪونه هئس. ٻار ٻچڙا به خير سان وڏا ٿي چڪا هئا. هڪ اڌ پنهنجن پيرن تي بيٺل هو، باقي جن کي اڃا به منهنجي ضرورت هئي سي هئا الله جي حوالي. پاليندڙ ته سڀني جو اُهو ئي مالڪ هو. آءٌ ته هيس خالي هڪ بهانو. ماڻهو الائجي ڇو پنهنجن ٻارن جي يتيم ٿيڻ تي گهٻرائيندا آهن. شايد کين خبر ئي نه آهي ته يتيم ته الله کي پيارا هوندا آهن. جي ائين نه هجي ها ته هو پنهنجي محبوب کي يتيم ڪري پيدا ئي نه ڪري ها.

هونئن به موت ڪا مون لاءِ نئين ڳالهه ته ڪانه هئي. آءٌ اُن گهٽ گهيڙ کان گهڻيئي گهمرا ڏيئي گذري چڪو هئس. آءٌ هڪ علي احمد ٿوروئي هئس. منهنجي نالي ۾ ڪيئي علي احمد ڄمي اُسري ۽ مري ڳري چڪا هئا. منهنجي اُن ابهم سان ڪهڙي نسبت هئي جو اوئان اوئان ڪري ٻاڪاريندو هو يا بانبڙا ڏيئي رڙهندو هو. يا وري اُن وات ڳاڙهي نينگر سان ڪهڙو لڳ لاڳاپو هو، جو پاروٿا چانور کائي، پٽي ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، صبح سويل اسڪول پنڌ پوندو هو. جنهن ڇوڪر چولي جي پلاند سان نڪ ٿي اُگهيو يا کيس چولي جي ڪنڊ چٻاڙڻ کان سواءِ ٻي ڪا فضيلت ئي ڪانه هئي. وري اُهو الهڙ نوجوان منهنجو ڇا لڳندو هو جو ٽپا ٺينگ ڏيندي اڦر وهڙي جيان سچو ڏينهن پڇ ڪنڊي تي هوندو هئس. توڙي اُن ڦوهه جوانيءَ واري اڙٻنگ سان منهنجو ڪهڙو واسطو هو، جو سدائين پرايا پيهر ٽپندو هو، ۽ ٻچڙيوال هوندي به پنهنجي عاقبت ۽ آخرت کان بي خبر رهيو. اهي سڀ ننڍڙا نوجوان ۽ ڪرڙوڍ علي احمد هاڻ مري کپي چڪا هئا. منهنجو جسم اُنهن سڀني جو قبرستان هو. جنهن ۾ هو واري وٽيءَ سان دفن ٿيندا رهيا. هاڻ وارو هو اُن مقام جي ئي مٽجڻ جو، جنهن ۾ جملي علي احمد جي ياد پوريل هئي.

زندگي ۽ موت اهي آهن  ٻئي سوال جون نشانيون. جيترا منهن اوتريون ڳالهيون. پورو ڏس پتو ته ڪنهن کي هوئي ڪونه. ڪي چون ته زندگي هئي عمر ڀر قيد جي سزا، جنهن جو ڇوٽڪارو هو موت. ڪن جو وري خيال هو ته زندگي هئي موت کان اوڌر ورتل قرض. جنهن جو وري وياج هو ننڊ، جا اسان روزانه قسط ٿي ادا ڪئي. جڏهن ته قرض جي مدت پوري ٿي ته پوءِ پڇاڙيءَ جي ادائگي هئي آخرين اُوٻاسي! گهڻا ماڻهو وري موت کي شڪاري سمجهن، چون ٿا ته موت وتي ٿو سدائين زندگيءَ جو پيرو کڻندو. ڪٿي پيو ڪوڙڪيون اڏيندو ته ڪٿي ڇڙڪ سرڪڻ ڦاهيون. جو جتي ڦاسي اُن کي اُتي ئي ازل ٿي ڏنائين. سڀن لاءِ وري لنگهه ۽ تڙ جاچي پيو پنجوڙ هڻندو رهي. جي گوٿاناٿ ۽ گوهيون ڪن  اُنهن کي ڏڦا هڻي پيو ڏاري ۽ چيري.

منهنجي خيال ۾ ماڻهن جا موت تي اُهي خالي پيلي الزام هئا. اهڙا دهمان هئا جن جو ڪو بنياد هيو ئي ڪين. ماڻهو پاڻ ننڍا ٿي وڏا ٿي ٿيا ۽ جوان ٿي پوڙها ٿي ٿيا. ٻج مان ٻوٽو ٿي اسُريو. ٻُوٽو وڌي وڻ ٿي ٿيو، وڻ ڏار ٿي ڪڍيا ۽ ميوو ٿي ڏنو. پوءِ ڪڏهن ڪنهن واڍي ٿي وڍيس يا وري آنڌيءَ آئي پاڙون پٽجي ٿي پٽ پيو. اُن ۾ موت جو ڪهڙو قصور؟ موت جي معاملي ۾ ڏٺو وڃي ته هرڪو حيرت ۾ هو. ڪن زندگيءَ کي مانجهانديءَ جو ماڳ ۽ موت کي وڇوڙو ٿي سڏيو ته ڪن وري ”وصال“. ڪڏهن کيس پاراتا ٿي ڏنائون ته ”ماري مرين شال ڊٻ وڄني ڊٻيون.“ ته ڪڏهن وري چيائون ٿي ته”اي شڪر الحمد الله جو مٿو گهريوءِ منڱڻا.“

عمر خيام کان پڇيائون ته موت ۽ حيات آهي ڇا؟ چيائين ته:”ننڊ ۽ جاڳ“ ”اک پٽ ته ميلو متل، جي اک ٻوٽ ته ختم ڪهاڻي. کيل ختم.“ ڪي وري اُن کان به آڳاهان ٿيا، چي: آهي ئي ڪجهه ڪين. هندستان جو مشهور ساڌو ڪلاڻو چوندو هو ته سڀ آهي ٺڳيءَ جو ٺاهه. مومل جي ماڙي يا اڃان به رُڃ وارو لقاءُ. حقيقت ۾ نه آهي زندگي ۽ نه موت. هڪ ڏينهن ڪن شرارت ڪري مست هاٿي ڪڍ ڇڏيائونس. ڪلاڻو هاٿيءَ کي ڏسي ٺڪاءُ ڏيئي وٺي ڀڳو. هٻڙ ڌٻڙ ۾ ڌوتي به ڇڙي پيس. وڻ تي چڙهي جان ڇڏايائين. ٻئي ڏينهن تي پڇيائونس ته ڪر خبر، چي ڇا جو هاٿي، ڪنهن جي ڀاڄ؟ ويٺا ٿا خواب ڏسو ۽ وري جواب پڇو ٻين کان!

زندگي ته هرڪو پيو گهاري، پوءِ ڪي مزي ۽ موج ۾ ته ڪي ڇڪي تاڻي ۽ ڪي وري ڳيتون ڏيئي. ڪي کلندي کائيندي ته ڪي روئيندي رڙندي پساهه پورا ڪن. پر موت سان هرهڪ جو آهت ۽ پاهت پنهنجو پنهنجو هو. ڪي ته موت جي نالي کان به ونءُ وڃن، جيئن ڪانوَ وڃي ڪمان کان. اڃان ڪو ٿورو کنگهه کڙڪو يا بخار جي آرس مس ٿيندن ته وڃي طبيبن جي تات پوندا. ڪي خير خيراتون پيا ڪندا ته من نه من ڪو ڏنو ٻنو ٿئي. ڪي وري ڦُرئي واڻئي جيان گهل گهوڙا پيا ڪندا. ڪي ته موت آئي ڳوهه جيان چارئي چنبا کوڙي گهيگهه ڪري زندگيءَ کي چچڙ جيان چنبڙي پوندا. آخر محنتون ڪري جا موڙي هتي گڏ ڪئي اٿائون. اُن تان آرو ڪيئن کڻن. جنهن وٽ محل، ماڙيون ۽ ملڪيت هجي اُهو ڪيئن ٿو سڃ جي پنڌ لاءِ سنبت ڪري. سڪرات ته نالو ئي آهي هن دنياسان سان پريت جو . اهڙن جو ساهه هتي اٽڪيل ٿو رهي ۽ پاڻ ٻنهي جهانن جي وچ ۾ لڙڪيل ڪي وري مست ملنگ، جي موت کي وتن سڏ ڪندا ۽ ٻاڏائيندا، ته او چڱا مڙس، او ڀلي مانس، اچ وڏيرا، وٺ ۽ سنڀال پنهنجي مڏي. ڇڏاءِ اسان جي جان، ته اسين وڃون پنهنجي اباڻي ماڳ.

ظلم هي آهي ته اسان کي جتي زندگي گهارڻ جي تعليم ۽ تربيت ڏني ٿي وڃي، اُتي مرڻ لاءِ سکيا جو ڪو سبق پڙهايو ئي نٿو وڃي. جي موت لاءِ تياري۽ آڌرڀاءُ سيکاريو وڃي ته هوند ايتري هئبت ۽ ڏهڪاءُ ٿيڻ جو سوال ئي پيدا جيڪر نه ٿئي. اسان وٽ ڪيترن ئي الله وارن جا مثال موجود آهن، جن ماٺ ميٺ ۾ سفر جي سنبت ڪئي. جڏهن امر الهي ٿيو ته صلح سانت ۾ راهه رباني وٺي رمندا رهيا، شاهه ڀٽائي مراقبي ۾ ويٺي ساز سردو جي لئه ۾ موڪلائي ويو. امام غزالي غسل ڪري ڪفن اوڙهي ڪلمون اشهد پڙهندي روانو ٿي ويو. شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد ۾ مون هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو جنهن پٽ کي چيو ته گلڻ خبر اٿئي ته مومن جو موت  ڪيئن ٿيندو آهي؟ پٽس پڇيو ته ابا تون ٻڌاءِ اُهو مجاهد ڪلمون پڙهندي پير ڊگهيري ليٽي پيو ۽ چيائين ته”ابا هيئن.“ يارو ويندا ڏيکاريندا.

ڪي وري منهنجي پڦي دادا گراناز جيان سدائين پيا موت لاءِ تياريون ڪن، پر عين وقت تي اُسهڻ کان نابري واري ويهن. دادا بيبي هر سال حاجين کان ڪفن گهرائي آب زم زم ۾ ڌوئاري، مٿس دنيا ڀر جا ڪلمان خاڪ شفا سان لکرائي پيتيءَ ۾ وجهي رکندي هئي ۽ پوءِ اعلان ڪندي هئي ته هن سال روزن ۾ آخري جمعي ڏينهن تي خيرن سان رواني ٿيندس. اُن عرصي ۾ اسان جي گهراڻي جو ڪونه ڪو ٻيو ڀاتي ڊهي پوندو هو ۽ پڦي وارو اهو ڪفن کيس نصيب ٿيندو هو. اهڙي ريت پڦيءَ جو موت هر سال ملتوي ٿيندو رهيو. تان جو اسان جي خاندان جا ٻاويهه ڀاتي هنگلاج هلي چڪا ۽ اسان جو پاڙو ئي ڀينگ ٿي ويو، پر پڦي اُهائي اڳي کان اڳري رهي. هاڻي پر سال، مس مس وڃي پڦيءَ هڪ سو ستن سالن ۾ پرلوڪ پڌاريو آهي. تڏهن وڃي موت اسان جي پاڙي کان ٽارو ڪيو، نه ته هر سال اسان جي ڪنهن نه ڪنهن عزيز کي ڪن کان گهلي وڃڻ جي ٺڪ ٺاهي ڇڏي هئائين. ڀلا جتي ڪفن هڪيا تڪيا حاضر هوندا اُتي موت ڪيئن نه واجهائيندو.

دنيا ۾ ڪيترا اهڙا مثال به ٿي گذريا هئا، جو مرڻ کان پوءِ ڪجهه دير بعد ڪي مردا وري زنده ٿيا هئا. چيو ٿي ويو ته اهڙا ماڻهو ”نالي بدل“ جي ڀل چوڪ ۾ موت جو شڪار ٿيا هئا، پر جيئن ته سندن حياتيءَ جاڏينهن پورا نه ٿيا هئا. اُن ڪري ترت ئي غلطي کي سڌاري کين واپس وجود ۾ آندو  ٿي ويو. اهڙو هڪ ماڻهو مون به ڏٺو جو چار پهر مرڻ بعد اُن وقت اُٿي بيٺو، جڏهن سندس جنازه نماز پڙهي ٿي ويئي. پر پوءِ سندس زبان بند ٿي ويل هئي ۽گونگي هئڻ ڪري ڪجهه ٻڌائي نٿي سگهيو ته موت وارين گهڙين ۾ ساڻس ڇا وهيو واپريو.

پر تاريخ ۾ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو ذڪر ٿيل آهي جو مرڻ بعد جيئرو ٿيو هو ۽ ڪافي عرصي تائين زنده رهيو، جنهن جي شاهدي انجيل ۾ درج ٿيل آهي.اهو ماڻهو هو ”لازرز“، جو ٽي ڏينهن ٽي راتيون قبر ۾ دفن ٿيڻ کان پوءِ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڪرامت سان زنده ٿيو هو. کيس پاڪ مريم ۽ بيبي مارٿا پڻ ڏٺو هو. جن کيس جيئري ٿيڻ بعد اکين سان پسيو هو تن جو چوڻ هو ته قبر ۾ سندس جسم جي تباهي شروع ٿي چڪي هئي. سندس چهرو اهڙو ڀيانڪ هو جو ڏسڻ واري کي خوف ٿيندو هو. سندس ننهن ڪاراٽيل ۽ وڌيل هئا. اکين جو نور مرجهايل هو ۽ قبر جي بو سندس بدن ۾ آخري دم تائين رهي. سندس مٽ مائٽ ۽ شهري، جي کيس ڏسڻ ۽ آجيان ڪرڻ لاءِ مقام ڏانهن آيل هئا، سي ترت ئي  هئبت ۾ اچي ٽڙي پکڙي ويا، جڏهن جيئري ٿيڻ بعد ”لازرس“ جي حضرت عيسيٰ عليه السلام سان گڏجاڻي ٿي ته روئندي پيغمبر جي پيرن تي ڪري پيو. ايلاز ڪيائين ته کيس واپس ”الحد“ ۾ داخل ڪيو وڃي. سندس شڪايت هئي ته هو دنيا جي جهنجهٽ کان آجو ٿي ڏاڍي الوٽ آرام ۾ ليٽيل هو، جيئري ٿيڻ شرط وري قرض خواهن کي پنهنجي اوڌر ۽ حق حساب ياد پيا هئا. هاڻ هو لهڻيدارن ۽ وياج خورن جي وچ ۾ گهيريل هو، جن سندس زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي. لازرس گهڻائي ليلڙاٽ ڪيا ته کيس واپس وڻڪار اماڻيو وڃي، پر پيغمر ماٺ ۾ رهيو. ظاهر آهي ته  حضرت عيسيٰ عليه السلام ته فقط مئل کي جيئرو ڪرڻ جو معجزو ڏيکاري ٿي سگهيو، پر جيئرن کي مارڻ جو پورٽ فوليو ته فقط اڪيلي الله جي هٿ وس هو، جو ذات الاهيءَ اڄ سوڌو ڪنهن به ٻئي بني بشر سان اهڙو ڀائيچارو ڪڏهن نه ڪيو آهي.

آءٌ ته خير سان وڻڪار وڃي واپس وريو هئس، پوءِ هي ٻي ڳالهه آهي ته تقدير جو لکيو اخبارن جي لکت کان الڳ ۽ اڻٽر آهي. ڪيترن ئي نيڪ بخت انسانن نيڪ نيتيءَ سان پنهنجا هيڻا هٿڙا کڻي بارگاهه الاهيءَ ۾ مون کي جنت ۾ جاءِ ملڻ لاءِ ٻڏايو هوندو. جي سندن دعائون ثاب پيون ۽ اگهايون به ويون ته آءٌ اڪيلو انسان هوندس جو جيئري ئي گهڻي ڀاڱي بخشجي چڪو هوندس. ڪجهه سنگتين ساٿين منهنجي تڏي تي اچڻ جي تڪليف به ڪئي هئي. هو پنهنجي دوستي ۽ ڀائپيءَ جو حق ادا ڪري چڪا هئا، هاڻ مٿن منهنجي ڪا ميار نه هئي. منهنجي حقي موت جي حالت ۾ کين ٻيهر پنڌ پوڻ نه گهرجي. هو پنهنجو فرض پورو ڪري برادري جو پير کڻي چڪا هئا. انسان کي هلڻو برابر آهي، پر فقط هڪ ڏينهن آخر روز روز ڪو ٿوروئي مرندو آهي!

 

 

پروفيسر نذير قاسمي

منهنجو شفيق پيءُ

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي

سرزمين سنڌ جي مٽي سدائين کان زرخيز رهي آهي. اِن مٽيءَ ڪيترا علمي گوهر ۽ ابدي شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن هن سونهري زمين جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو آهي.

هن ڌرتيءَ جي نيڪنام ديني بزرگن جي آخري نشاني، سنڌ جي علم و ادب جي سڃاڻپ ۽ مختلف علمن جو شهسوار ۽ سڀ کان وڌيڪ منهنجو شفيق پيءُ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ننڍي ڳوٺڙي ”ڀنڀو خان“ (المعروف رئيس جو ڳوٺ) ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش واري سن جي حتمي ڄاڻ ڪانه ٿي ملي، ڇو جو ان دور ۾ رڳو پيدائش واري وقت وارن واقعن کي ذهن ۾ رکيو ويندو هو، ۽ بابا سائين جي هم عمر شخصيتن جي ڄمار ان دور جي ۽ ڪن مکيه مستند واقعن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ٿي ته سندن ڄمار تقريبن اٺانوي ورهيه ٿئي ٿي.

بابا سائين پنهنجي پيدائش سان لاڳاپيل هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندا هئا، جنهن جي روايت سندن والد بزرگوار حاجي حافظ محمود کان آهي ته”اڃان منهنجي پيدائش نه ٿي هئي ۽ ماءُ جي پيٽ ۾ هئس ته والد بزرگوار ميرو خان ۾ هڪ معتقد ۽ دوست وڏيري غلام قادر تُنيي وٽ ٽڪيل هئا. سياري جي رات هئي جو اڌ رات جو اُٿي ويٺا ۽ وڏيري کي چيائون ته جلد بيل گاڏي تيار ڪريو، جو ڳوٺ ويندس، جو مان خواب ڏٺو آهي ته مون کي پُٽ ڄائو آهي، جيڪو سنڌ جو هڪ وڏو عالم ٿيندو، جڏهن پاڻ گهر پهتا ته پوءِ منهنجي ولادت ٿي. ننڍپڻ ۾ آءٌ ڏاڍو حرڪتي هوندو هئس. منهنجي والده مون کي ٻڌايو ته تنهنجو پيءُ توکي چوندو هو ته تون منهنجو عالم پٽ ٿيندين، پر خبر نه آهي ته منهنجو اِهو خواب سچو ٿئي يا نه. اُهو اِن ڪري جو هڪ ڀيري مون سندن هٿن مان تسبيح کسي باهه ۾ اُڇلائي ڇڏي هئي.

قاسمي صاحب کي چار ڀائر ۽ ست ڀينرون هيون ۽ پاڻ سڀ کان ننڍا هئا. ٽن ورهين جا هئا جو سندن والد گذاري ويو ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس تربيت والده ۽ ڏاڏي پياري خان وٽ ٿي، جنهن کي سندس ڳوٺاڻي دوست رئيس اڌل خان صلاح ڏني ته پنهنجي هن پوٽي کي هاري بڻاءِ، جيڪو تنهنجو واهر ۽ مددگار ٿيندو. پر ڏاڏي دوست جي صلاح جي اُبتڙ کين پڙهايو ۽ مولانا فتح محمد سيرانيءَ وٽ قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ ويهاريو. تنهن کان پوءِ ميرو خان ۾ مولانا خوش محمد ميروخانيءَ وٽ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ٿي. پر اصل تعليم قنبر تعلقي جي ڳوٺ رڪ سليمان ۾ قائم مدرسي ”دارالفيض“ ۾ علامه عبدالڪريم ڪورائي وٽ ٿي. مولانا ڪورائي مولانا صديق ابڙائي جا ۽ مولانا صديق ابڙائي مولانا فضل الحق خير آباديءَ جا شاگرد هئا. وڏا باڪمال عالم هئا. پر بنهه سادا ۽ فقرائي طبيعت وارا. پنهنجي استاد لاءِ چوندا هئا ته سندن پڙهائڻ جو انداز اهڙو هوندو هو جو ائين معلوم ٿيندو هو ته جهڙوڪ اُنهن سمورن ڪتابن جا مصنف به پاڻ آهن. دستاربندي به مولانا ڪورائي وٽ ننڍي ڄمار ۾ ٿي ۽ سندن ذهانت جو اهو عالم هو جو مولانا ڪورائي وٽ پڙهندي پاڻ ٻين شاگردن کي به پڙهائيندا هئا. ۽ ڪڏهن به ائين نه ٿيو جو حضرت استاد وچ ۾ يا ڪنهن غلطيءَ تي کين تنبيهه ڪئي هجي.

پنهنجي مطالعي ۽ حافظي بابت بابا سائين ٻڌائيندا هئا ته سورنهن سترهن ورهين واري ڄمار ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جون سموريون لائبرريون پڙهي ڇڏيون هئم ۽ حافظو اهڙو جو جيڪا تحرير پڙهبي هئي سا ذهن تان ميساربي نه هئي ۽ ان ڳالهه جي شاهدي سندن دوست ۽ شاگرد به ڏيندا هئا، جو حياتيءَ جي پوين ورهين ۾ به کين ننڍپڻ جون ڳالهيون چٽيون ياد هيون. ساڳي ڄمار ۾ پاڻ قنبر تعلقي جي ڪانگريس جا وائيس پريزيڊنٽ چونڊيا ويا. تنهن کان پوءِ ضلعي وائيس پريزيڊنٽ. هيءُ اُهو وقت هو، جڏهن ”آزاديءَ واري تحريڪ“ زور وٺي رهي هئي.  هتي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ دارالعلوم ديوبند ويا، جتي مولانا حسين احمد مدني رحه، مولانا اعزاز علي ۽ مولانا محمد ابراهيم بلياوي سندن استاد هئا. جن جي پوري هندستان ۾ علمي ساک هئي. دارالعلوم ديوبند ۾ داخلا لاءِ عام طرح امتحان جو شرط هوندو هو پر ڪور سليمان(سنڌ) ۽ پنجاب جي هڪ مدرسي مان پڙهي آيل شاگردن تي امتحان ۾ سختي نه ٿيندي هئي ۽ کين آسانيءَ سان داخلا ملي ويندي هئي. دارالعلوم ديوبند ۾ نيت سفر جي رهي، ڇو جو سواءِ چند اُستادن جي ٻين اُستادن متاثر نه ڪيو ۽ اُهي سڀ علامه ڪورائيءَ کان علميت ۾ گهٽ هئا. سفر واري نيت مولانا حسين احمد مدني رحه جي سبق جي شروعات تي ختم ٿي. پنهنجي اُستاد مولانا مدني رحه جي علميت، روحانيت، بزرگي ۽ دينداريءَ کان ايتروته متاثر ٿيا جو سندن هٿ تي بيعت ڪيائون، جڏهن ته اِن کان اڳ مولانا حافظ غلام محمد دين پوريءَ وٽ به بيعت ٿيل هئي. پڙهڻ دوران نه رڳو ٻين ساٿي شاگردن کي پڙهائيندا رهيا، بلڪ تاليف وارو ڪم به جاري رکيائون.

”ديوبند“ مان فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ دهلي ۾ مشرقي علوم جا امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائون ۽ اسڪالرشپ به حاصل ڪيائون. حڪيم جميل الدين جي مدرسه طيبه مان طب جو امتحان پهرين نمبر سان پاس ڪيائون. تنهن کان پوءِ حڪيم ظفر احمد خان، جيڪو حڪيم اجمل خان جو ڀائيٽيو هو ۽ سندس جاءِ تي مطب ڪندو هو، تنهن جا پيشي طبيب ٿي رهيا.

دهليءَ مان واپسيءَ تي مدرسه ”دارالسعادت“ گوري پهوڙ ۾ صدر مدرس مقرر ٿيا، جتي امام الانقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رحه سان تفصيلي ملاقات رهي. اُن کان پوءِ مولانا محمد صادق ۽ مولانا دين محمد وفائي جي اصرار تي کڏي (ڪراچي) جي مدرسي ”مظهرالعلوم“ ۾ شيخ الحديث ٿي رهيا. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه مردم شناس ۽ علم جي پرک رکندڙ  ۽ وڏو قدردان هو. سائين کين سنڌ مسلم ڪاليج (ڪراچي) ۾ اُستاد مقررڪيو، جتي پاڻ پرنسيپال هئا. اُتي عربي، فارسي ۽ شاهه ولي الله جو فلسفو پڙهايائون.

ڪراچي واري دور بابت ٻڌائيندا هئا ته اُهو دور به نهايت سٺو هو، جو اُن دور ۾ لکڻ پڙهڻ جو گهڻو ڪم ٿيو ۽ برک علمي شخصيتن سان ملاقاتون به رهيون. جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا دين محمد وفائي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا محمد مدني، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ ٻيا شامل هئا. ڪراچيءَ ۾ قيام دوران مختلف ادارن سان تعلق ٿيو، جن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام، سنڌ اطلاعات کاتو ۽ ”نئين سنڌ“ اخبار شامل آهن.

سندن زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي تڏهن آئي جڏهن کين حيدرآباد اچڻ جو سڏ ٿيو، جتي شاهه ولي الله اڪيڊمي جو قيام ٿي رهيو هو. پاڻ ڪراچي ڇڏي اچي حيدرآباد وسايائون ۽ اِن اڪيڊمي جا ڊائريڪٽر مقرر ٿيا. ۽ اِن اداري سان غير معمولي ۽ مثالي تعلق، وڏيءَ اوستا جي باوجود به، سندن وفات تائين، جيئن جو تيئن قائم رهيو. پاڻ نهايت ضعيفييءَ جي باوجود به باقائدي سان اِن اداري ۾ ويندا رهيا، جو اُن سان سندن روح جو رشتو هو.

شاهه ولي الله اڪيڊميءَ کين مالي فائدو ته نه پر ذهني ۽ قلبي سڪون ضرور ڏنو، ڇو جو اِهو ادارو سندن روحاني مرشد حضرت شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ قائم ٿيو هو ۽ پاڻ اهو فلسفو پنهنجي بلند مرتبت اُستاد حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه کان پڙهيو هئائون ۽ سندن چوڻ هو ته اگر منهنجي ملاقات مولانا عبيد الله سنڌيءَ سان نه ٿئي ها ته فلسفي، منطق ۽ علم الڪلام بابت جيڪي ڪجهه پڙهيو هئم سو اڌورو رهجي وڃي ها. اِها مولانا سنڌيءَ جي صحبت ۽ شفقت ئي هئي، جنهن سندن زندگيءَ ۾ انقلابي تبديلي آندي. اڪيڊميءَ ۾ رهي شاهه ولي الله جي فڪر ۽ فلسفي کي سنڌ توڙي پاڪستان ۽ دنيا ۾ ڦهلائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائون ۽ شاهه ولي الله رحه جا تقريبن 32 ڪتاب ترجما ڪري سنواري شايع ڪيائون، جهڙوڪ همات، لمعات، ڪچڪول نامه، تاويل الاحاديث، فتح الرحمان، سطعات، البدرو بازغته وغيره. اڪيڊميءَ جي گهٽ بجيٽ جي باوجود به ماهورا ٻه رسالا ”الرحيم“(سنڌي) ۽ ”الولي“ (اردو) ڪڍندا رهيا ۽ اِن ننڍي اداري جو چراغ وسامڻ نه ڏنائون. جڏهن ته اِن عرصي ۾ ڪيترائي ادارا يا ته بند ٿي ويا يا وري مختلف مسئلن جو شڪار ٿي ڪافي پوئتي رهجي ويا.

جڏهن سائين غلام مصطفيٰ شاهه سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسيلر مقرر ٿيا ته قاسمي صاحب کي سندن علمي مرتبي ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو اعزازي پروفيسر ۽ پي ايڇ ڊي نگران مقرر ڪيائون. سندن تقرر سنڌواسين ۽ سنڌي نوجوانن توڙي وڏن کي همٿائيندا هئا ۽ سندن هر ممڪن رهنمائي ڪندا هئا. اِها سندن محبت ۽ شفقت ئي هئي جو شاگردن جو هڪ وڏو انگ سندن نگرانيءَ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ماڻيون آهن. اهڙن شاگردن ۾ ڪي ته چوٽيءَ جا اديب، شاعر ۽ ديني عالم به آهن، جڏهن ته اهڙن پرڏيهي شاگردن جو تعداد به ڪو گهٽ ڪونهي، جيڪي سندن علميت جي هاڪ ٻڌي وٽن آيا ۽ علمي فيض پرايائون. سندن نگرانيءَ ۾ لکيل مقالا جيڪڏهن شايع ڪيا وڃن ته اهي سنڌي، عربي ۽ فارسي ادب ۾ ڪارائتو اضافو ٿيندا ۽ اڳتي تحقيق ڪندڙن لاءِ وڏي رهنمائي ٿي پوندي.

سندن شخصيت کي ”علماءَ گر“ به چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندن تدرس وارو طويل سلسلو آخر وقت تائين جاري رهيو. جيڪڏهن سندن اوائلي شاگردن کان ڳڻپ ڪئي وڃي جيڪي ”عالم“ بڻيا ۽ پوءِ اُنهن شاگرد عالم پيدا ڪيا ته اهڙي نموني سان سندن حياتيءَ ۾ عالمن جو ست پيڙهيون آڏو اچن ٿيون. دلچسپ ڳالهه اِها ئي آهي ته اهڙن شاگردن جو انگ به گهٽ ناهي، جيڪي سندن شاگردن جا شاگرد هجڻ کان پوءِ سندن شاگرد به رهيا. اهڙا شاگرد به ڪيترائي آهن، جيڪي پرڏيهي يونيورسٽين ۽ ٻين علمي ادارن ۾ درس و تدريس ۽ تحقيق وارو ڪم ڪري رهيا آهن.

پاڻ سنڌ جي ممتاز ادبي اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ جا ٻارنهن سالن تائين اعزازي چيئرمين به رهيا. اُهو دور سنڌ لاءِ تمام ڏکيو دور هو ۽ بورڊ لاءِ ڪيئي مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون، پر پاڻ وڏي همت ۽ دور انديشي سان اِن اداري کي عتاب کان بچايو ۽ ترقي پڻ وٺرائي. اُنهيءَ  عرصي ۾ بورڊ جي گرانٽ ۾ واڌارو ٿيو، آفيسٽ مشين يونٽ قائم ٿيو، شهر ۾ ڪتابن جي وڪري لاءِ بُڪ اسٽال قائم ڪيو ويو. اشاعتي سلسلي ۾ تيزي ۽ باقاعدگي پيدا ٿي، سنڌي لغت جي  ڇپائيءَ وارو ڪم جي نئين سر شروعات ۽ تعميل ٿي ۽ مختلف ٻولين ۾ مکيه ڪتاب شايع ٿيا. اُنهيءَ عرصي جي صحيح ڪٿ ڪو ايماندار مبصر ئي ڪري سگهي ٿو.

اهو چيو ويندو آهي ته قاسمي صاحب علم جو بحر بي ڪنار هو. اِن ڳالهه جي تصديق ان نقطي مان به ڪري سگهجي ٿي ته پاڻ هڪ ئي وقت اسلامي علمن جي سمورن موضوعن قرآن، حديث، فقه، سيرت، صرف و نحو ۽ علم الڪلام سان گڏ تاريخ، جاگرافي، رياضي، علم الانساب، تشريح، ڪتابيات، لُغت نويسي، فلسفي، منطق، سماجي علمن، سياست، تنقيد، شاعري، طب ۽ راڳ جي ڀرپور ڄاڻ رکندڙ هئا ۽ انهن موضوعن مان گهڻن عنوانن تي سندن ڪتاب ۽ مضمون پڻ اِن ڳالهه جا شاهد آهن. اِن ڳالهه جي ڄاڻ اُنهن دوستن ساٿين ۽ شاگردن کي به آهي، جن کين ڏٺو، ساڻن ملاقات ڪئي، تقريرون ٻڌيون، مضمون پڙهيا، وٽن پڙهڻ جو شرف حاصل ڪيو يا وري نگرانيءَ ۾ پي ايڇ ڊي/ ايم فل ڪئي. سندن علميت جي مڃتا ڏيهه ته ڇا پرڏيهه ۾ به هئي. پاڻ جتي به ويا، اُتي پنهنجي قابليت ۽ ڏاهپ  کي مڃرائي ڌرتيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيائون.

سنڌ ۽ سنڌيت ته سندن رڳ رڳ ۾ رچيل هئي، سندن تقريرن ۽ مضمونن مان اها ڳالهه ڀليءَ ڀت پڌري آهي. پاڻ پنهنجن تحريرن ۾ سنڌ جي مشاهرين جي خدمتن ۽ ڪارنامن کي پڌرو ڪري سنڌ جي عظمت بيان ڪيائون. سنڌ سان ايتري ته محبت هئن جو ڪجهه ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽين مان کين ملازمت جو سڏ ٿيو پر پاڻ انڪار ڪيائون ۽ سندن چوڻ هو ته هتي رهي جيڪا خدمت ڪري سگهان ٿو، سا پرڏيهه ۾ ٿي نٿي سگهي.

بابا سائين بنهه سادو ۽ فقير طبع ماڻهو هو، پنهنجيءَ ذات کان بلڪل غافل! نه ذاتي زندگيءَ جو ڪو رڪارڊ نه ئي پنهنجن ڪتابن ۽ تحريرن جو ڪو تفصيل. نه ئي  ظاهري ڏيک ويک وارو چهچٽو. هر ڪم خاموشيءَ سان جيئن ڪو ماڻهو ڪنهن خاص مشن جي تڪميل لاءِ مشغول هجي. فجر جو اُٿڻ کان وٺي رات جو سُمڻ مهل تائين رڳو پڙهڻ پڙهائڻ. هر ڪنهن سان محبت ۽ پيار ۽ علميت وارا گفتا. پوءِ اُهي ڀوڳ واري انداز ۾ ڇونه هجن. گهر جو ڀاتي هجي يا ڪو ٻاهريون. ننڍو هجي يا وڏو، علميت وارو هجي يا عام. هرڪو کانئن خوش هوندو هو ۽ سندن ڳالهين مان مستفيض ٿيندو هو.

سندن مطالعو ته تمام وسيع هو، مٿان وري غير معمولي حافظي سون تي سهاڳ وارو ڪم ڪيو. سندن ذاتي ڪتبخانو شخصي ڪتبخانن ۾ سڀ کان ناياب آهي، جنهن ۾ قلمي ڪتابن جو چڱو ڳاڻيٽو موجود آهي. سندن ڪتابن تي نظر وڌي وڃي ته ڄاڻ پوندي ته پڙهيل ڪتابن تي حاشيا يا نوٽ به وڌا اٿن ۽ حوالا به ڏنا اٿن.

الله سائينءَ جي مٿن وڏي ٻاجهه رهي. هڪ ته کين اُستاد بي مثال ۽ شفيق مليا، ٻيو حافظو مثالي ۽ ٽيون فصاحت ۽ قوت ڪلام. اِن سان مطالعي ۽ مشاهدي جو شوق ۽ مختلف ٻولين تي عبور... انهن سمورين خوبين کين منفرد ۽ ممتاز بنائي ڇڏيو ۽ هر ڪو سندن علميت ۽ شرافت جو معترف ۽ مداح رهيو.

سندن ”سَند“ کي وڏي فضيلت حاصل رهي آهي، ڇو جو کين اها ٽن واسطن سان حاصل ٿي، هڪ ته علامه ڪورائي رحه کان، ٻيو مولانا حسين احمد مدنيءَ رحه کان ۽ ٽيون مولانا عبيدالله سنڌي رحه کان. سندن ”سند“ اعليٰ سند مڃي وڃي ٿي، ڇو جو اِن ۾ واسطا تمام گهٽ آهن.

سندن انداز مڪمل فقيري رهيو. پنهنجيءَ ذات کان بالاتر ٿي بنا ڪنهن انعام و اڪرام جي ڪشش جي پنهنجي علمي ڪم ۾ خاموشيءَ سان جنبيل  رهيا ۽ هاڻ ڏسجي ٿو ته سندن علمي پورهيو ڪيترو نه گهڻو آهي!....مختلف ٻولين ۾ چاليهه کان مٿي ڪتاب ۽ ٻيو گهڻُو اڻ ڇپيل مواد!

اِها سندن قوت ارادي ئي هئي، جنهن جي آڌار تي پيرسنيءَ جي باوجود آخر تائين ڪم ڪرڻ تي آماده رهيا، پر کين پنهنجي نظر جي جهڪائيءَ جو ڏاڍو افسوس رهندو هو ۽ چوندا هئا ته اکيون ٺيڪ هجن ها ته اڃا به ڪم ڪريان ها. پر اِن جي باوجود آخر وقت تائين پنهنجي قائم ڪيل اداري شاهه ولي الله اڪيڊمي ويندا رهيا ۽ اڻ سڌي طرح ڪم ڪار ۾ مشغول رهيا.

مان جڏهن سندن حياتي ۽ ڪم تي نظر وجهان ٿو ته مون کي ڊاڪٽر الياس عشقيءَ جون چيل سٽون خاص طرح سان ياد اچن ٿيون. جيڪي سندن ذات سان ٺهڪيل آهن.” انسان جا ڪيترائي قسم آهن، پر عالم انسان جو بهترين قسم آهي. جيئن حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم پاڻ فرمايو آهي ته مان ”معلم اخلاق“ بنائي اُماڻيو ويو آهيان، ته اِن نموني سان عالم به رسول مقبول صلي الله عليه وآله وسلم جو نائب هوندو آهي ۽ سندن ذميواري تعليم آهي. علامه قاسمي پنهنجي سموري حياتي ان مبارڪ مشغولي ۾ گذاري ۽ سندن شخصيت هڪ تراشيل هيري  جي مثل آهي، جنهن جي هر پاسي کان روشني پئي ڦُٽي.

11 آگسٽ 2002ع تي جڏهن  ”بزم روح رهاڻ“ طرفان سائين حميد سنڌيءَ پنهنجي گهر ۾ بابا سائينءَ سان هڪ خاص نشست جو اهتمام ڪيو هو تڏهن بابا سائينءَ جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. ان محفل ۾ وڏي تعداد ۾ پنهنجن پراڻن دوستن، عالمن ۽ اديبن، ساٿين ۽ سڄڻن کي ڏسي سرها ٿيا هئا. حميد صاحب بابا سائينءَ جي اعزاز ۾ نهايت يادگار ۽ پروقار علمي محفل برپا ڪئي هئي، جنهن ۾ سندن خدمتن تي تقريرون ٿيون ۽ کين عقيدت جو خراج پيش ڪيو ويو. حميد صاحب جي محبت آفرينيءَ تي کيس گهڻيون دعائون ڏنائون، سندن اعزاز ۾ اها آخري ادبي گڏجاڻي هئي.

هت اِهو ذڪر ڪرڻ مناسب آهي ته بابا سائينءَ جي علمي خدمتن تي محترم تاج جويي وڏيءَ محنت سان هڪ ضخيم ڪتاب ”عالمن جو آفتاب“ ترتيب ڏنو آهي، جو محترم محمد عثمان منگي پنهنجي اداري ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ طرفان دلاويز انداز سان (2002ع) شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ بابا سائينءَ جي سڀني پهلوئن تي سير حاصل تذڪرو موجود آهي.

اُن کان اڳ 18 سيپٽمبر 1998ع تي سنڌ ميوزيم آڊيٽوريم ۾ ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ بابا سائينءَ  جي تاجپوشيءَ جي حوالي سان هڪ سدا ياد رهندڙ ادبي اجلاس منعقد ڪيو هو، جنهن ۾ مقررين، سندن خدمتن تي روشني وڌي ۽ عقيدت جو خراج پيش ڪيو. اها تقريب به محترم محمد عثمان منگيءَ منعقد ڪئي، جنهن ۾ سائين تاج جويو ۽ تنظيم جا ٻيا ساٿي سرگرم هئا.

خدا بابا سائينءَ کي مغفرت سان نوازي ۽ اسان سڀني کي سندن جدائيءَ واري صدمي سهڻ جي سگهه عطا فرمائي.(آمين)

خان محمد جروار

”محبت جو مجسمو“- شيخ محمد اسماعيل

مشهور ڪهاڻيڪار جمال ابڙي پنهنجي آتم ڪهاڻي ”ڪٿا“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“ ۾ ”خ“ جي حوالي سان چئن اصولن جي ڪسوٽيءَ تي ڪنهن ماڻهوءَ جي پرک جو معيار ٻڌايو آهي، جيڪي ترتيبوار ”خلوص“، ”خيرخواهي“،”خدمت“ ۽ ”خلق“ آهن. مانواري عالم ۽ مخلص ادبي خدمتگذار اُستاد شيخ محمد اسماعيل صاحب جي زندگي اُنهن چئني اصولن جو محور ۽ ڀنڊار هئي. سندن زندگيءَ جي پوين پنجن سالن جي رفاقت ۾ مون کي سندس شخصيت جو ڪوبه پهلو، انهن چئن نقطن کان خالي محسوس ڪونه ٿيو ۽ منهنجي خيال ۾ اُنهن جو بنياد وري ”محبت“ آهي.

شيخ صاحب جي علمي ڪشالن جي صحيح تڪ تور ته سندس همعصر ۽ اڪابر ئي ڪري سگهندا، البته سندس ادبي شاگرد جي حيثيت ۾ هتي جيڪي ڳالهيون بيان ڪيون وينديون، اُنهن مان گهڻين جو راوي شيخ صاحب پاڻ آهي.

21- جنوري 1926ع تي حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ شيخ صاحب پنهنجي ابتدائي تعليم نصرپور ۾ حاصل ڪئي، ورهاڱي کان اڳ، روايتي تعليم جي پڄاڻيءَ بعد شيخ صاحب چاهيو ٿي ته پوليس ۾ ڀرتي ٿيان، پر پنهنجي والد جي خواهش جو مان رکندي مارچ 1948ع ڌاري تعليم کاتي ۾ ”استاد“ جي حيثيت ۾ شموليت اختيار ڪيائين.

ان زماني ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، آمريڪا مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ بعد جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر

مقرر ٿي پنهنجي علمي خدمت جو آغاز ڪيو، تڏهن سنڌي لوڪ ادب ۽ جامع سنڌي لغات جي تاليف جو ڪم پنهنجي ذّمي کنيائون، اُن وقت کين هڪ اهڙي ”مستقل“ علمي مددگار جي ضرورت محسوس ٿي جيڪو لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي نوعيت کي سمجهي سندن ٻانهن ٻيلي ثابت ٿئي جيئن ته اُن زماني ۾ شيخ صاحب، نهج جا اُستاد ۽ پنهنجي ڄاڻ ۽ اهليت جي لحاظ کان وڻندڙ قابليت رکندا هئا، تنهنڪري ڊاڪٽر بلوچ صاحب اُن سلسلي ۾ ڪنهن ”ابتدائي استاد“ جون ئي خدمتون حاصل ڪرڻ ٿي گهريون. ڊاڪٽر بلوچ پاران رابطي ڪرڻ تي ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جي پرنسپال، اُتي زير تربيت”شيخ محمد اسماعيل“ جو نالو تجويز ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ 1951ع ڌاري ڊاڪٽر صاحب جي شروع ڪيل مختلف علمي اسڪيمن ۾ بطور ڪارڪن مقرر ٿيو ۽ اڳتي هلي پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ غير معمولي صلاحيت وسيلي سندن معاون/دست راست ثابت ٿيو.

مٿيون اسڪيمون ڊاڪٽر صاحب بنيادي طرح سنڌي ادبي بورڊ مان ئي منظور ڪرايون هيون ۽ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس ۾ اُنهن لاءِ باقاعده آفيس قائم ڪيائون، جا اڳتي هلي ”لغت آفيس“ جي نالي سان مشهور ٿي. شيخ صاحب، اڳتي هلي اُن آفيس جو انچارج مقرر ٿيو، جتي ٻيا به ڪيترائي ڪارڪن مصروفِ ڪار هئا. پنجاهه کن سالن جي طويل عرصي ۾ جن عالمن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن، مختلف وقتن تي ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪم ڪيو، تن جا نالا شيخ صاحب اسان کي ٻڌائيندو هو. انهن مانوارن ۾ محمد بخش واصف، سردار علي شاهه، رشيد احمد لاشاري، عبدالڪريم سنديلو، استاد ابن حيات پنهور، استاد ولي محمد طاهرزادو، استاد محمد يعقوب ميمڻ، استاد محمد طالب لوهار، ممتاز مرزا ، عزيز شيخ، غلام محمد ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب جي صحبت ۽ رفاقت دوران، مرڪزي آفيس ۾ ڪم ڪندي ڪيترائي ڀيرا شيخ صاحب ڊاڪٽر صاحب جي علمي ۽ مطالعاتي دورن ۾ به ساڻس همسفر رهيو ۽ ان طرح سگهڙن ۽ ڪلاڪارن سان ڪچهريون ڪندي پاڻ به گهڻو پرايائين، جنهن جي ثابتي ٻولي ۽ لوڪ ادب بابت لکيل سندن اُهي مضمون آهن، جن مان ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪو سگهڙ پنهنجي ڪچهري ٻڌائي رهيو هجي. اهوئي سبب آهي جو ريڊيو ۽ ٽي وي تي لوڪ ادب ۽ لطيفيات بابت ڪچهرين جي سرواڻي به ڪيترن ئي ورهين تائين سندن حوالي رهي. نه فقط ايترو پر هر سال ڀٽ شاهه تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي انعقاد ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو سرگرم معاون ڪار رهيو .

شيخ صاحب جيئن ته بنيادي طور استاد هو، تنهنڪري کيس پنهنجين ذميوارين ۽ ٻهراڙين سان لاڳاپيل هزارين اُستادن جي حقن جو گهڻُو اونو هوندو هو، جن جي حاصلات لاءِکين طرح طرح جي ڪشالن مان گذرڻو پوندو هو. وقت بوقت تبديل ٿيندڙ حالتن ۽ اُستادن جي مفادن جي خلاف انتظامي پاليسن کي نظر ۾ رکندي مرحوم جان محمد جمالي ”پ ٽ الف“ (پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن) جو بنياد وڌو، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي استادن جي هڪ مضبوط نمائنده جماعت طور سامهون آئي، جنهن ۾ مختلف دورن ۾ اُستادن جي مسئلن ۽ سندن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ انتظاميا سان ڪامياب ڳالهيون ڪري پنهنجي حقن جو مضبوط دفاع ڪيو. جيئن ته شيخ صاحب مرحوم جمالي جو دوست ۽ بيباڪ ۽ سڄاڻ استاد هو، تنهنڪري اُن سلسلي ۾ تنظيمي پليٽ فارم تان اعليٰ عملدارن سان جيڪي به گڏجاڻيون ٿينديون هيون، شيخ صاحب انهن ۾ هميشه پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. پاڻ رٽائرمينٽ تائين حيدرآباد ضلعي جو صدر ۽ خزانچي به ٿي رهيو، سچو ۽  کرو ڳالهائڻ ته شيخ صاحب جي سُتي ۾ پيل هو، تنهنڪري پاڻ بنا ڪنهن هٻڪ جي اعليٰ آفيسرن کي سامهون سچ چئي ڏيندو هو. 1973-1976ع دوران تڏهوڪي صوبائي وزير تعليم سان شيخ صاحب جون ٿيل جهڙپون ته اڄ به اُن دور جي استادن کي ياد آهن، جنهن تي اٺن مهينن لاءِ کيس پنهنجي ملازمت تان بيدخل به ٿيڻو پيو.

شيخ صاحب اُن زماني ۾ جيئن ته ادبي ميدان ۾ گهڻو پاڻ موکي چڪو هو، تنهنڪري سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب کيس سنڌالاجيءَ جي تحقيق واري شعبي ۾ ملازمت لاءِ آڇ به ڏني، جيڪا پاڻ قبول نه ڪيائون. شيخ صاحب، مرحوم جماليءَ جي وفات کان گهڻو وقت پوءِ ويندي جنوري 1986ع ڌاري رٽائرمينٽ تائين پ ٽ الف جي حقن لاءِ هڙان وڙان رت ست ڏيئي جاکوڙيندو رهيو.

اولڊ ڪئمپس واري ”لغت آفيس“ جنهن کي ”لٽرري بئنڪ“ چئجي ته غلط نه ٿيندو، مان نه صرف لوڪ ادب جي سهيڙ سٽاءُ ۽ جامع سنڌي لغات جي تاليف ممڪن بڻي، پر اُنهيءَ ئي آفيس مان سنڌ جي تاريخ، آثار قديمه، لطيفيات، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي موضوعن تي ڪيترائي علمي خزانا نروار ٿيا. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ جو اشاعتي سلسلو هجي يا مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو طباعتي سلسلو، اسلام آباد/ڪراچيءَ جي علمي ادارن جو تحقيقي ڪم هجي يا سنڌالاجيءَ جي ڪا تحقيقي رٿا. ويندي علامه آءِ آءِ قاضي تحقيقي اشاعت طرفان ڏهن ضخيم جلدن ۾ شاهه جي رسالي جي جامع ۽ مستند اشاعت، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سربراهيءَ ۾ شيخ صاحب گهڻو ڪري مڙني تحقيقي ڪمن ۾ سندس معتمد رفيق ڪار جي حيثيت ۾ پيش پيش رهيو. اِن طرح ايڊيوڪيشن فئڪلٽي ۾ پڙهندڙ شاگرد، اُستاد، توڙي ڊاڪٽريٽ ڪندڙ اُميدوار مواد جي حاصلات ۽ رهنمائيءَ جي سلسلي ۾ وٽانئس وقتن فوقتن پيا فيضياب ٿيندا هئا. علمي ادبي حوالي سان سندس شاگردن جو اهڙو هڪ وڏو انگ موجود رهيو آهي، جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو. سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ ممتاز مرزا به سندس اهڙن شاگردن مان هڪ هو، جنهن جي ذهني آبياري شيخ صاحب جي علمي ۽ ادبي سخا جو نتيجو هئي جيڪو پنهنجي ڪتاب ”سدا سوئتا ڪاپڙي“ ۾ لکي ٿو ته ”منهنجي زندگيءَ ۾ ٽن ماڻهن جي وڏي اهميت رهي آهي، اُنهن ۾ شيخ محمد اسماعيل پهرئين نمبر تي آهي.“ سنڌي ٻولي، ادب، تعليم، تاريخ، آثار قديمه ۽ ثقافت جي حوالي سان مثالي خدمتون انجام ڏيڻ تي سنڌ ثقافت کاتي شيخ صاحب کي 1998ع ڌاري ڀٽ شاهه واري ميلي جي موقعي تي ”لطيف ايوارڊ“ سان نوازيو.

فيبروري 1999ع ۾ ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ پاران شيخ صاحب جون خدمتون انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ لاءِ حاصل ڪيون ويون. جيئن ته شيخ صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي صحبت ۽ ڊڪشنري آفيس کي ڇڏڻ نٿي گهريو، پر ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري مسٽر حميد آخوند، اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين الانا صاحب ۽ شيخ صاحب جي ڀاڻج ۽ اٿارٽيءَ جي اسسٽنٽ سيڪريٽري عبدالرحمان ميمڻ پاران گهڻي زور ڀرڻ تي ڊڪشنري آفيس کي الوداع چئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ اچي انسائيڪلوپيڊيا جي ٺاهه جوڙ کي لڳو. جتي اڍائي سالن جي قليل عرصي ۾، سندس اڻ ٿڪ ۽ اٿاهه محنتن سان هڪ هزار صفحن تي مشتمل پهريون جلد تيار ٿيو.(جيڪو هن وقت نظرثانيءَ جي مرحلن ۾ آهي.)

تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ به شيخ صاحب جون خدمتون تحسين لائق آهن. پاڻ آخري دوءر تائين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران قائم ڪيل، نئين سر ڪتابن لکڻ واري پئنل ۾ بطور ميمبر جي شامل رهيو. اُن طرح، پهرين کان وٺي ٽئين درجي تائين جي درسي ڪتابن لاءِ لکيل سندس سبق اڄ به نصاب ۾ موجود آهن. بورڊ پاران اڪثر ڪتابن جي ايڊيٽنگ به شيخ صاحب جي ذمي هوندي هئي، جنهن کي پاڻ احسن نموني سان انجام ڏيندو رهيو.

شيخ صاحب ذاتي طرح نهايت ملنسار، خوش خلق،هر دلعزيز ۽ باغ بهار طبيعت جو مالڪ هو. ڪاوڙ يا شڪوه شڪايت کان ڪوهين ڏور رهيو. نه ڪڏهن ڪنهن کان رنج ٿيو ۽ نه وري ڪنهن کي رنجائيائين، مُک تي مستقل مُرڪ سندس بنيادي سڃاڻپ هئي. آءٌ ننڍو آهيان، پر سندس همعصر ۽ وڏي عمر جا سندس احباب يڪراءِ آهن ته شيخ صاحب ڪڏهن به ڪنهن کي ڪونه ڏکويو ۽ نه وري پاڻ ڪڏهن ڪنهن لاءِ اُرهائي ظاهر ڪيائين. مون سدائين ائين محسوس ڪيو ته سندس زندگيءَ جو هڪ ئي مقصد رهيو-”کلڻ ۽ کلائڻ“. محبتي هجڻ سان گڏ مجلسي به پنهنجو مٽ پاڻ هو. کيس سنگت ساٿ، ڪچهري ۽ محفل جو هجوم وڻندو هو ۽ اُن ۾ چرچن، ٽوٽڪن ۽ لطيفن سان بهاري لائي ڇڏيندو هو. کيس بي شمار لطيفا ياد هئا ۽ موقعي مهل سان اُنهن جو اظهار به سندس ئي ڏانءُ هو. پنهنجي سموري زندگي اِنهيءَ ئي نهج تي ”زنده دليءَ“ سان گذاريائين. سڄي حياتي جيڪو غير معمولي ۽ مثالي علمي ۽ تحقيقي پورهيو ڪيائين، سندس زنده دلي ڪڏهن به ٿڪاوٽ ۽ بيزاري کي وٽس ويجهو اچڻ ڪونه ڏنو. لاڳيتو شام ۽ رات تائين ڪم ڪرڻ سندس خاص شيوو رهيو ۽ اُن ۾ آخر تائين ناغو پوڻ ڪونه ڏنائين. رب ڪريم کيس جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي. سندس عمل ۾ پيغام هو ته ”اڻٿڪ محنت ۾ ئي عظمت آهي ۽ اٿاهه محبت کي ئي بقا آهي.“

سنڌ جو هيءَ فقير طبيعت اُستاد ۽ عالم پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ هيپاٽائيٽس ”سي“ جهڙي موذي مرض ۾ وٺجي ويو. پاڻ هميشه هڪ بيت جي سٽ جهونگاريندو هو ته ”جيسين هلائين، هادي رکج حفظ ۾“ سو پاڻ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين به ڪنهن جو مالي محتاج نه رهيو. البته هٿ جي ڪشادگي وٽس سرس هوندي هئي، تنهنڪري اڪثر ڪري تنگدست رهيو، پر ڪنهن کان ڪجهه گهرڻ کان هميشه ڪيٻائيندي چوندو هو ته ”جوکا ڳيا، سو چاڳيا، جو ڇوڙ ڳيا،سو ٻوڙ ڳيا“. سندس زندگيءَ جي ميڙي چونڊي ناياب ڪتاب آهن، جو ”ڪتاب“ ئي سندس زندگيءَ جو محور ۽ مرڪز رهيا. ٻن شادين جي باوجود به اولاد جهڙي نعمت کان مرحوم رهيو. تنهنڪري ننڍڙي عليم الله کي گود ورتائين. جيڪو هينئر شيخ صاحب جي ننڍي ڀاءُ ۽ نامياري صحافي شيخ عزيز جي نگرانيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ زير تعليم آهي. بيماريءَ جي بستري تي به شيخ صاحب جي خوش مزاجي کانئس رُسامو ڪونه ڪيو. جڏهن به عيادت لاءِ وياسين، کيس کلندي ۽ کلائيندي ڏٺوسين، ۽ اهڙيءَ طرح کلندي کلندي 22-جنوري 2004ع تي، پاڻ اسان کان هميشه لاءِ جُدا ٿي ويو ۽ کيس ٽنڊي آغا جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com