سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :4

هن مثنويءَ ۾ نادر جي حملن، سندس آغاز ۽ پڄاڻي تفصيل سان منظوم آهي (19). هن نسخي جو پهريون صفحو ڦاٽل آهي، البته ٻئي صفحي جو پهريون بيت هي آهي:

جهان خيزد از جا بــﮧ رقص و سماع

چون آن اختر از مهر در آرد شماع

اڳين شاعرن جو ذڪر ساقي نامي جي شعر سان شروع ڪيل آهي ۽ انهن جي تعريف ڪيل آهي. فردوسيءَ متعلق چوي ٿو:

ز گفتار فردوسي نامدار

دو بيتي بــﮧ وصف سخن گوشدار

که کافيست مارا درين انجمن

همان چار مصرع بــﮧ وصف سخن

بناهاي آباد گردد خراب

زباران و از تابش آفتاب

سخن را بنايي برافگن بلند

که از باد و باران نگردد نزند

نخستين که از فيض را زندگي

قلم رزدم از چشمــﮧء زندگي

ز اعجاز فردوسي نکته سنج

سرمار کلک، از سخن ريخت گنج

ازو بود، چرخ سخن را مدار

از و پايــﮧ نظم شد استوار

زبان دار گلشن بــﮧ دست شکوه

بــﮧ ’شهنامــﮧ‘ ميزد دم از تيغ کوه

کسي را نيامد برون از زبان

ازان دور تا حال نظمي چنان

بــﮧ بزم سخن تا مقدم نشست

که منصوبــﮧ کس چنان کم نشست

بــﮧ بحر تقارب درين داوري

براو، ختم باشد سخن پروري

از نام محمود شوکت مدار

بهر صورتي مانده در روزگار

ازو گر نمي يافت، يکره گزند

همين شد بــﮧ نيکيش نام بلند

ز ايام فردوسي نامدار

کــﮧ گريد آسان سخن استوار

عزيزان پيشين ز بستان فکر

همــﮧ چيده گلهاي مضمون بکر

بتاراج رفتــﮧ است گل هاي باغ

ازان مي کشان خشک مانده اياغ

ـــ

شد از کلک فردوسي پر هنر

در ايام رستم چنِين نامور

شد از مشرق کلک اَن آفتاب

جهانگير خورشيد افراسياب

ازان نکتــﮧ پرداز شيرين کلام

ملوک عجم را بلند است نام

ـــ

بعرض يکي سال فرخنده فال

سراينده از راستي اين مقال

همانا که ابياتش اندر شمار

که از هفد، باره بود يک هزار

بــﮧ شهنشامــﮧ فرودسي نکته سنج

کــﮧ سي سال در نظم آن برد رنج

نــﮧ بد پيشتر شصت باره هزار

که از کلک او برق ورق شد نگار

دوباره هزار از زبان قلم

بسالي فزون تر نکرده رقم (20).

ـــ

هن نسخي ۾ 289 صفحا آهن ۽ هر هڪ صفحي ۾ 52 بيت آهن (21). هي مثنوي سيال ڪوٽ جي نظام الدين جي مثنوي ’شهنشاهه نامــﮧ‘ جا 1162 هه ۾ لکي وئي، کان ڏهه سال پوءِ تصنيف هيٺ آئي.

(4) مختارنامــﮧ (1194هه) از مير علي شير قانع: هن نظم ۾ قانع ست هزار بيت تڪمله ”حمله حسيني“ نالي سان آندا آهن.

بــﮧ نام جهان داور کردگار

که بر قدرت اوست مختار کار

پڄاڻي:

بماني بــﮧ اين حشمت و اعتلا

بــﮧ حقِ محمّد بــﮧ آلِ عبا (22)

(5) فتح نامــﮧ (1199هه) مير عظيم الدين ٺٽوي: هن جو شاعر مير فتح علي خان ٽالپور جي درٻار سان لاڳاپيل هو. هن ۾ ان جنگ جو داستان آهي، جنهن ۾  ميرن ڪلهوڙن کان  حڪومت کسي پاڻ هٿ ڪئي هئي. هن متعلق هي پهريون ڪتاب آهي.

ابتدا:

بنام خداوند هر دو جهان

شــﮧ هفت گيتي ونــﮧ آسمان

خداوند کم گير و بسيار بخش

خرد بخش و دل بخش و ديدار بخش

 (ٻنهي جهانن جي مالڪ جي نالي سان شروع، جو نون آسمانن ۽ ستن زمينن جو بادشاهه آهي. رب پاڪ گهٽ وٺندڙ ۽ گهڻو بخشيندڙ آهي.)

خاتمو:

خداوند عالم نگهدار شان

بــﮧ هر دو جهان ياور و يارشان

بــﮧ شان باد دايم دعاي عظيم

تو بشنو بفضل، اي خداي عظيم

 (جهانن جو مالڪ نگهبان ۽ ٻنهي جهانن جو مددگار آهي. اي خدا، تون فضل ۽ ڪرم سان ٻڌي دعا قبول ڪر.)

فردوسيءَ بابت چوي ٿو:

بــﮧ فردوس من بين، چــﮧ خوش منظر است

کــﮧ هر مصرعــﮧ اش موجــﮧء کوثر است

بــﮧ اين حجت امروز، فردوسيم

و ليکن، نــﮧ فردوسي طوسيم

کــﮧ او بودي مردي بسا نامدار

بــﮧ شعر معاني نکو شهريار

بلند آمدش در سخن دستگاهه

قلم راند بر صفحــﮧء مهر و ماهه

بــﮧ بزم سخن قدرت نام داشت

زبان يک درخشنده صمصام داشت

ميان من و اوست، بسيار فرق

چــﮧ فرقيکــﮧ دارد بهم غرب و شرق

کــﮧ او عقل بستود من عشق پاڪ

سلامت پسنديده او، من هلاک

گرفت آن خرد مند سر در سپر

منِ بي خرد  تيغ را داده سر

بدامان کشتي زد او دست خويش

نــﮧ چون من بــﮧ دريا بپيوست خويش

ـــ

مضامين شهنامــﮧ اش ديده ام

در افشاني خامــﮧ اش ديده ام

چــﮧ گويم ز فردوسي و نظم او

کــﮧ عزمم کجا و کجا عزم او

وي آراست اکليل از گوهران

ببزم خسيسان بي جوهران

بــﮧ عهد نواي سخن بر فراشت

کــﮧ عهد سلاطين، وفايي نداشت

ز مسڪين گرفتند گنج گهر

نداد ندش اندر عوض مست زر

وفا کرد شان وعدهء زر و سيم

نــﮧ گشتند بر وعدهء خود کريم

چو گنج سخن ديد آن سيم را

بــﮧ آرنده ها داد زان نيم را

دگرنيم داده بگرما بــﮧ آن

کــﮧ در خدمتش گرم بود آن زمان

عجب شاهه دل مرد درويش بود

کــﮧ در همت از شاه خود بيش بود

دلِ بند، باري چو بيدار شد

خداوند خود را خريدار شد

نــﮧ محمود ماند و نــﮧ سيم و زرش

نــﮧ آن تخت ماند و نــﮧ آن افسرش

مگر سستي عهد او يادگار

بمانده است بر صفحــﮧء روزگار   (23).

(6) شاهنامه (1249هه) محمد عالم: هن مثنويءَ ۾ جنگ جو احوال آهي، جا خيرپور جي والي مير علي مراد خان ۽ شاهه شجاع افغانيءَ جي وچ ۾ ٿي هئي. حملي آور شاهه شجاع شڪست کاڌي هئي. هن جنگ جي باري ۾ سنڌي زبان ۾ به ڪجهه مثنويون چيل آهن. محمد عالم ان کي 340 بيتن ۾ آندو آهي. سندس شعر البت ڪچو آهي.

ابتدا:

سپاس است مر حضرت ذوالجلال

ڪريم الرحيم است تا در ڪمال

خاتمو:

همان دم بخوان باعث حفظــﮧء!

بــﮧ تصديق او را ولي خمســﮧء!

هن مثنويءَ جي نسخي کي مير علي مراد خان لاءِ ڪاتب، فتح چند پٽ ديوان ٽهل رام سيوستاني ڪتابت ڪيو آهي. ڪتابت جي تاريخ 29 رمضان المبارڪ ڏينهن آچر سن 1286هه آهي. شاعر فردوسيءَ کي هن ريت ياد ڪيو آهي:

عجب عالما تست خوش جامــﮧ يي

چو شاهنامــﮧء تست شهنامــﮧ يي

نــﮧ شهنشامــﮧ او است پيشينگان

کــﮧ فردوسي اش گفت وصف شهان

بمن است شهنامــﮧء شاهزاد

چو شهنامــﮧ، شهنامــﮧ نامش نهاد

(7) فتح نامــﮧ (1254هه) مير صوبيدار خان: هن مثنويءَ جو شاعر مير فتح علي خان ٽالپور جو فرزند مير صوبدار خان هو. شاعر هيءَ مثنوي ڪلڪتي ۾ تڏهن لکي هئي، جڏهن هو وطن کان پري هو. هيءَ مثنوي تاريخ جو ماخذ آهي. مير فتح علي خان جي سوڀن ۽ ڪلهوڙن سان ڪيل لڙاين بابت، هن مثنويءَ ۾ 16300بيت آهن ۽ ”جنگ نامــﮧ“ جي نالي سان به مشهور آهي.

بنام خداوند فتح و ظفر

فزايندهء عقل و بخت و هنر

خداوند مهر و خداوند ماه

خداوند جان و جهان را پناه

پڄاڻي:

بيا مطربا نحن دل کش بباغ

بــﮧ مضراب بيفروز چون شب چراغ

سرودي کــﮧ باشد پر از رنگ و بو

چو داود نرم آهن آيد ازو

پس از هجرت مرسل کردگار

هزار و دو صد رفت و پنجاه و چار

کــﮧ شد نظم اين نو بهار شگرف

بمعني پر از درّ چو درياي زرف   (24)

 (8) سفرنامــﮧ (1260هه) مير نصير خان ٽالپور: مير نصير خان جنهن پنهنجو تخلص جعفري ڪيو هو ۽ شاهنامي جي بحر جو دلداده هو، جيتوڻيڪ سندس شعر جو موضوع جنگ نه هو، پر ان وزن ۾ مثنويون چوندو هو. انگريزي تسلط بعد جڏهن ڪلڪتي ۾ وطن کان پري هو ته پريشانين ۽ سفر جي تڪليفن سبب هي مثنوي چيائين.

بنام خدايي کــﮧ جان آفريد

ازو گشت سختي و نرمي پديد

فرستاد از لطف پيغمبران

کــﮧ گمره نگردند تا انس و جان

(خدا جي نالي سان شروع جنهن ساهه پيدا ڪيو. ان کان ئي ڏک سک ظاهر ٿين ٿا. لطف سان پيغمبرن کي موڪليائين، ته جيئن انسان ۽ جن گمراهه نه ٿين.)

پڄاڻي:

بکن جعفري شکر صبح و مسا

کــﮧ مولى هست مشکل ڪشا

کــﮧ آسان کند مشکل ما تمام

سخن ختم کردم و اين والسلام (25).

(جعفري صبح ۽ شام شڪر ڪر. مولا مشڪل ڪشا آهي، سو اسان جا سڀ مشڪل آسان ڪندو).

(9) مثنوي سفرنامــﮧ (1260هه) مير نصير خان ٽالپور: هي سفر بابت ٻي مثنوي آهي، ان جو موضوع ۽ بحر ساڳيو آهي.

 

ابتدا:

بنام خدايي کزو نقش بست

درون دو عالم هر آنچــﮧ کــﮧ هست

پس از حمد يزدان جان آفرين

کنم نعت پيغمبر پاک دين

ـــ

کنون بار گويم همــﮧ حال خويش

بيان سازم اکنون، ز احوال خويش

ازين پيش گفتم يکي داستان

نمودم در او مختصر هم بيان

انگريزن جنهن وقت ميرن کان تاج تخت ورتو ۽ خزاني مان ارڙهن ڪروڙ رپيا لٽيا، ان بابت شعر چوي ٿو:

بوقتي کــﮧ از ما بگرديد هور

بغارت ببردند هزده کرور

و هم ملک و ناموس ما سر بسر

بــــبرد ند در دوستي بيخبر

(اسان کان جڏهن زمانو ڦريو. ملڪ، ناموس ۽ ارڙهن ڪروڙ رپيا لٽيائون. اسين بيخبر رهياسون، اهو سڀ ڪجهه دوستيءَ ۾ لٽيائون.)

پڄاڻي:

بکن جعفري شکر هردم مدام

بــﮧ آل محّمد عليــﮧ السلام (26)

 (جعفري سدائين شڪر ڪر. آل محمد عليــﮧ وسلم ئي بهتر آهي.)

(10) جدائي نامــﮧ (1260هه) مير صوبدار خان: هي مثنوي به مير صوبدار خان وطن کان پري عزيزن جي ياد ۾ چئي.

ابتدا:

خدايا شب هجر را ساز روز

ز داغ جدائي دل من مسوز

بيفروز چون صبح صادق چراغ

گل جان من بشگفان باغ باغ

 (اي خدا، هجر جي رات کي ڏينهن ڪر. جدائي جي داغ کي منهنجي دل مان نه ٻار. صبح صادق وانگر ڏيئو ٻار. منهنجي جان جو گل باغ وانگر کول.)

پڄاڻي:

بيا مطربا! زخمــﮧ برزن بعود

بياراي مجلس ببانگ سرود

سرودي کــﮧ از زيد خوشتر بود

شکر خا چو گفتار دلبر بود  (27).

(11) مثنوي مؤمن (1271هه) مير عباس علي خان مؤمن (وفات 1273هه): هي ٻياسي بيتن واري مثنوي مؤمن واقعي جي تعريف ۾ چئي آهي.

ابتدا:

بنام الهي کــﮧ گردان سپهر

بر افراخت و افروخت ناهيد و مهر

فردوسيءَ جو ذڪر:

ز فردوسيء طوسيء پاڪ دين

بيارم دو ابيات با آفرين

چنين است رسم سراي قريب

گهي بر فراز و گهي بر نشيب

ــــ

چومي گويد آن مرد داناي طوس

کــﮧ نظمش سراسر بود چون عروس

درخني کــﮧ تلخ است ويرا اسرشت

گرش در نشاني بباغ بهشت

ور از جوي خلدش بهنگام آب

بــﮧ بيخ، انگبين ريزي و شهد ناب

سر انجام گوهر بکار آورد

همان ميوه تلخ بار آورد

زبد گوهران بد نباشد عجب

نشايد ستردن سياهي ز شب

ز ناپاک زاده مداريد اميد

کــﮧ زنگي بشستن نگردد سفيد

زبد اصل چشم بهي داشتن

بود خاک در ديده انباشتن

چــﮧ خوش گفت رستم بــﮧ اسفند يار

در ان دم کــﮧ بودند، درکار راز

کــﮧ در راه من برستيزه مرين

کــﮧ من خود يکي مايــﮧ ام درستيز  (28).

(12) زر نامــﮧ نادر شاهه (قبل 1271هه) مير محمد علي بهرور (وفات 1278هه): هن مثنويءَ ۾ هڪ سئو ڇهه بيت آهن. ڪرنال جي جنگ ۽ نادر شاهه طرفان دهلي فتح ڪرڻ جو احوال ”جهانڪشاي نادري“ تان ورتل آهي. (29).

(13) رزم نامــﮧ شير (1271هه) مير محمد علي بهرور: هي مثنوي به بهرور ڪلڪتي ۾ رهڻ وقت چئي. ان ۾ شينهن جي شڪار جو بيان آهي.

آغاز:

سپاس آن خدايي کــﮧ شير آفريد

پي رزم شيران، دلير آفريد

فردوسيءَ بابت چوي ٿو:

کند مور بر شير نر چيره دست

زپشــﮧ دهد مالش پيل مست

درين باب فردوسيء نيک نام

چــﮧ خوش گفت بيتي بــﮧ حسن کلام

ز موري دهد مالش نره شير

کند پيشــﮧ بر پيل جنگي دلير

انجام:

بماند همين نسخــﮧ در روزگار

ز مير محمد علي يادگار   (30)

 (شال مير محمد عليءَ جو هي نسخو زماني جو يادگار رهي).

(14) شاهنامــﮧ سنڌ (1310هه) مير حسن علي ٽالپور (وفات 1324هه): هي مير صوبدار خان جي فتحنامي جو سنڌي ترجمو آهي ۽ شاهنامي جي بحر ۾ آهي، جيڪي واقعا فتحنامي ۾ نه آهن، اهي به هن ۾ اچي ويا آهن. ترجمو آزاد ۽ موزون آهي. (31)

(15) شهنشاهه نامه (1318هه) مير حسن علي خان: هي حملهء حيدري جو شاهنامي جي بحر ۾ سنڌي ترجمو آهي. (32)

(16) قادري نامــﮧ (1326هه) پير علي اصغر راشدي (وفات 1354هه): هن جو مصنف اسان جي راشدي خاندان جو بزرگ هو. پاڻ راشدي خاندان جي تاريخ کي شاهنامي جي بحر ۽ نظم ۾ آندو اٿس. سنڌي ۽ فارسي شعر چوندو هو ۽ خوشنويس به هو. مثنويءَ ۾ چار هزار بيت آهن. سندس هٿ اکرين اڻ پورو نخسو مون وٽ موجود آهي.

ابتدا:

تو قادر ترا قدرت و قادري

تو مي آفريني، تو مي پروري

 (تون قادر، توکي ئي قدرت ۽ قادري آهي. تون پيدا به ڪرين ٿو ۽ پالين به ٿو).

فردوسيءَ جي تتبع هن ريت ڪئي اٿس:

عرب را بجايي رسانيد کار

کــﮧ گشتند دهقانهِا شهر يار

کسي قصر کسرى بکسر آوريد

کسي پاي برمسند روم ديد

يتيم آمد و شهر ياري گرفت

نــﮧ امداد از کس، نــﮧ ياري گرفت

(عرب جو اهڙو ڀاڳ وريو جو ديهاتي بدو به بادشاهه بنيا. ڪنهن ڪسرى جي محلات ٿي ڀڳي ته ڪنهن روم جي تخت تي پير ٿي ڌريا. جيتوڻيڪ يتيم آيو ۽ بادشاهي ورتائين، ته به ڪنهن کان مدد نه ورتائين).

مرا از بسي سال بود اين خيال

بــﮧ تحرير چيزي کشم از مقال

و ليکن، نــﮧ چو طوسي پاکزاد

ز کاووس و کسرى کنم قصــﮧ ياد

چــﮧ حاجت کــﮧ شاهان ستايي کنم

نــﮧ من مفلسم تا گدايي کنم

 (بادشاهن جي تعريف ڇو ڪريان. سڃو ناهيان جو پنندو وڃان).

بــﮧ طمع زر از بادشاهان عهد

شرنگ آوريدند بر جايي شهد

ـــ

همــﮧ فکر تم را تو صائب نما

چو فردوسيءَ طوسيم دل کشا      (33).

(17) تاريخ حڪمرانان لس ٻيلــﮧ (1341هه) محمد سليمان: هي لس ٻيلي جي مختصر تاريخ شاهنامي جي نموني ۽ بحر ۾ آهي (34).

آغاز:

بنام خدا  ييکــﮧ سلطان اوست

خلايق همــﮧ زير فرمان اوست

خدا ييکــﮧ او قادر مطلق است

خداييکــﮧ او رازق برحق است

(الله جي نالي سان شروع جو بادشاهه آهي. سڀ مخلوق سندس حڪم جي ماتحت آهي. اهو خدا قادر مطلق آهي. اهو خدا رازق برحق آهي).

پڄاڻي:

بــﮧ بين قدرت قادر ذوالجلال

چنين بخت و دولت پذيرد زوال

 (قادر ذوالجلال جي قدرت ڏس، جيڪو ئي بخت ۽ دولت کي زوال ٿو ڏئي).

ڪتاب جي لکجڻ جو سال:

بده سيزده صد فزون چل يکي (1341هه)

شده ختم اين داستان اندکي (35).

(18) شاهنامــﮧ (1347هه) محمد عاقل: فردوسيءَ جي شاهنامي جو سنڌي نثر ۾ ترجمو آهي. پير صبغت الله راشديءَ جي حڪم سان، هيءُ ترجمو مولوي محمد عاقل عاقلي ڪيو، ته  جي ماڻهو فارسي نه ٿا ڄاڻن اهي هن شاهڪار جي مطلب ۽ مقصد کان محروم نه رهن. دراصل عاقلي ان کي اٺن جلدن ۾ پورو ڪرڻ ٿي گهريو، ليڪن اڃا پهريون جلد تيار ٿيو هو، جو پير صاحب ۽ مولوي عاقلي ٻئي جهان ڇڏي ويا. ڪتاب جو قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي.

شاهنامي جا ڪجهه قلمي نسخا

سنڌ ۾ شاهنامي جي مقبوليت ۽ عظمت جو حوال مٿي ٿي آيو، جنهن مان ظاهر آهي ته سنڌ کي شاهنامي جي قلمي نسخن سان مالامال هجڻ کپي؛ پر ائين نه آهي، جو ان جا ڪجهه سبب آهن.

جنهن ڏينهن کان فارسيءَ جو رواج گهٽيو ۽ نئون نسل مشرقي علمن کان اڻ واقف رهيو، تڏهن سوين ڪتاب ۽ ذاتي علمي خزانا فارسي نه ڄاڻن  ۽ ڌيان نه هجڻ ڪري، برباد ٿي ويا ۽ اها علمي تباهي شاهنامي سان به لاڳو رهي.

شاهنامي جي تتبع متعلق جن تاريخي شاهدين جو ذڪر ڪيو اٿئون، انهن مان به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ شاهنامي جي مقبوليت جي ڪري ايراني واپارين کي به شوق جاڳيو ته اهي قلمي نسخا سنڌ مان خريد ڪري، اميرن ۽ بادشاهن کي سوکڙي ڪري ڏين ۽ انعام وٺن. جنهن وقت هند جا تيموري بادشاهه سنڌ تي مڙهجي ويا ۽ پنهنجا والي مقرر ڪيائون، ته انهن والين مان هر هڪ پنهنجي دور ۾ اها ڪوشش ٿي ڪئي، ته وقت جي بادشاهن کي بهترين سوکڙين جي ذريعي خوش رکن. ان ڪري جنهن جي به نظر تي ڪا اهڙي شيءِ چڙهي، ته اها آگري ۽ دهلي ٿي موڪليائون. ظاهر آهي ته شاهنامي جا نسخا ان چڪر جي ور چڙهي ويا. اهڙن اميرن مان هڪ جي باري ۾ جهانگير لکي ٿو:

”جمادي الاول 1031هه، مصطفى خان ٺٽي جو حاڪم شاهنامو ۽ شيخ نظاميءَ جو خمســﮧ تصويرن سان، جيڪي تصويرون ماهر استادن ٺاهيون هيون، ٻين تحفن سان گڏ سوکڙي ڪري موڪليا ۽ منهنجي نظر مان گذريا.“ (36).

جنهن وقت اصفهان کي افغانين تاراج ڪيو، جو ڪجهه به انهن کي هٿ ٿي لڳو، بنا ڪنهن ڊپ جي پاڻ سان کڻي ويا. گهڻو پوءِ اهي هت آئي، سنڌ جي اميرن کي وڪرو ڪري ڏنائون. اهڙن ذخيرن ۾ شاهنامو به هو. انهن مان هڪ نسخو اصفهان کان آيو، جو اڄ به حيدرآباد ۾ ٽالپوري ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

اهڙي لٽيل مال مان گهڻو سون، چاندي، جواهرات ۽ نوادرات، ميان نورمحمد خدايار خان سنڌي خريد ڪيا. جنهن وقت نادر شاهه، ميان جي خزاني کي ضبط ڪيو ۽ نوادرات هٿ ڪيا ته انهن مان ايران جو به گهڻو سامان سڃاتو ويو. ”بيان واقع“ ۾ آهي ته:

”هن افساني جو لکندڙ سامان ۽ مال جي محاسبي وقت حاضر هو. گهڻيون چيزون صفوي بادشاهن جون هيون سي سڃاتيون ويون. جانچ کان پوءِ خبر پئي ته قنڌار جا افغان جنهن وقت ايران جا والي بنيا هئا، انهن اهي اڻلڀ شيون ۽ سوکڙيون چوڌاري وڪرو ٿي ڪيون.“ (37).

گلدستــﮧء نورس بهار به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو:

”بهترين ۽ ناياب شيون هنن ڪميڻن جي هٿ لڳيون، ته اهي هندستان ملڪ جي حدن ۾ آڻي اڌ قيمت ۾ وڪڻي ٿي ڇڏيائون.“ (38)

نادر شاهه به ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو ڪتبخانو زوريءَ کڻي ويو ۽ جنهن جو مرڻ گهڙي تائين افسوس ڪندو رهيو ۽ ’مثنوي الوصيت‘ ۾ به ان جو ذڪر ڪيو اٿس (39). خبر ناهي ته هن علمي ذخيري مان ڪهڙيون ناياب شيون پاڻي لنگهندي گم ٿيون ۽ ڪهڙيون ايران پهتيون. (40).

ان ريت سنڌ جا ڪتبخانا هر دور ۾ تباهه ۽ برباد پئي ٿيا آهن. ارغونن (928-962هه) سنڌ جي تخت گاهه ٺٽي ۽ ٻين شهرن کي جي علمي مرڪز هئا لٽيو ۽ ساڙيو ۽ سومرن توڙي سمن جي ذخيري کي تباهه ڪري ڇڏيو. ترخانن جي دور (962-1001هه) ۾ پرتگالين جي هٿان ۽ ان کان پوءِ گهرو لڙاين ۽ هندستان جي تيمورين ۽ ترخانن جي ڪشمڪش سبب ۽ جو ڪجهه ارغون ۽ ترخانن پاڻ سان علمي ذخيرو هرات ۽ بخارا مان آندو هو؛ اڳين تباهي کان پوءِ جو ڪجهه بچيو هو سو اسان جي هٿن مان نڪري ويو. ان کان پوءِ ميرن ٽالپورن جا ڇهه يا ست پهرين گڏ ڪيل ڪتبخانا انگريزن جي ور چڙهيا يا وري ولايت کڻي ويا.

اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين جي ڳوٺن واهڻن ۾، جيڪي علمي مرڪز هئا، فارسيءَ جو ذخيرو موجود آهي، پر جيئن ته ان علمي ذخيري جي ڳولا ۾ دلچسپي نه ورتي وئي آهي، ان ڪري ان متعلق پوري ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. ڪنهن وقت اهڙي ذخيري تائين رسائي ٿئي ته بيشڪ شاهنامي جا ڪيئي ناياب نسخا ملي سگهن ٿا. هت شاهنامي جي چند نسخن جي لسٽ ڏجي ٿي، جن کي سرسري طور تي ڏٺو ويو آهي.

(الف) ڪراچيءَ جي قومي عجاب گهر جي ڪن نسخن جو احوال(1) .

1- شمارو3/913-1957ع.NM- شاهنامي جو آخري اڌ آهي. صفحا 196، ڪتابت جي تاريخ 2 محرم 752 هه ۽ ڪاتب محمد بن عبدالڪريم بن محمد بن ابوالحسن الفقيري تبريزي. پهرئين اڌ جي خبر نه ٿي پوي. ڪيفيت هن ريت آهي.

(الف):

الله اکبر، از نايب اموال نواب غفران پناه ابوي داخل عاريت خان شد- حرره احسن الله بن ابوالحسن المخاطب بظفر خان(41)...

(ب) عبارت وسطي:

... و ديره صاحب محمد عمر خانجيو از دست خود هشت صد بوجــﮧ تمامــﮧ اموال سرکار کرده ديگر زحمتي کــﮧ رفتــﮧ در شمار نياورده تا بغايت هيفدهم ذي الحج 1192 هجري.

(ج) مالکــﮧ، مهر، کتاب شاهنامــﮧ معرفت مولوي محمد الياس صاحب بقيمت مبلغ پنجاه روپيــﮧ خريد نموده شد- در 1276...

(هه) دومهر بالا و دو پايين و درميان آنها، در حاشيــﮧء بيضي اين نوشتـــﮧ:

نصف دوم از کتاب شاهنامــﮧ از گفتار سلطان الشعرا فرودسي عليــﮧ الرحمــﮧ.

2- شمارو 181. NM- ڪاتب فقير مير علي مشهدي، ص 576، تاريخ 995 هه. هيءُ نسخو اصل قومي عجائب گهر جي ملڪيت آهي، ليڪن هن وقت عارضي طور لاهور جي قلعي ۾ آهي.

3- شمارو 3/23-1958. NM- صفحا 680 - ڪاتب علي رضا قهپايي. ڪتابت 20- ربيع الثاني 1077هه، هي نسخو مڪمل آهي.

4- شمارو 881-1957ع. NM- صفحا 536 ڪن جاين تان کٽل آهي. هن نسخي ۾ ٻئي ڪنهن ڪاتب لکيو آهي ته هيءُ ابوالقاسم فردوسي طوسيءَ جو شاهنامو، شهنشاهه نورالدين جهانگير بادشاهه جي دور ۾ پورو ٿيو. بقلم عبدالله ڪتاب شاهي 1029هه.

5- شمارو 31، NM- صفحا 634- هن نسخي تي ٻئي ڪنهن صاحب لکيو آهي ته هي نسخو ماهه رمضان سن 746 هه ۾ ملڪ ايران جي شهر شيراز ۾، ڪاتب احمد خان جي هٿان لکجي پورو ٿيو. شاهنامي تي خان حفظ الله جي فرمائش تي ٻه سئو رپيا خرچ ٿيو.

6-شمارو 126-1962، NM- 513 صفحا، 53 تصويرون. هي نسخو بيحد سينگاريل آهي.

(ب) سيد الله بخش شاهه ٽنڊي محمد خان واري جو ذخيرو.


(1)  ]هن مقالي ۾ ذڪر هيٺ آيل قلمي نسخن جو هت مختصر ذڪر ڪجي ٿو: تفصيل سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي ڏسڻ گهرجي: دانش نمبر 11، سرءُ 1366هه، ش، ص 82-84، اسلام آباد.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com