سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :11

هت هيءَ حقيقت ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته واديء- سنڌ ۽ چين ڏانهن عالمن جي اچ- وڃ ۽ ثقافتي آمدرفت ٽئڪسيلا کان واديء سوات جي ذريعي ٿي. گويا ”بِشام“ ئي اهڙو مقام هو جتان عالم ۽ فاضل ”شنگلا“ (Shangala) دڙو پار ڪري، شاهه راهه ريشم تي چڙهندا هئا. البت ڪي عالم ”ٿاڪوٽ“ (Thakot) وٽان درياء اُڪري ”مانسره“ کان ٿيندا، ”ٽئڪسيلا“ ويندا هئا، پر ٻڌمت جي سلسلي ۾ واديء- سوات کي وڏي اهميت حاصل هئي، جيئن ٻئي مقالي (مذڪوره) ۾ بيان ڪبو.

اهي عالم ۽ فاضل، جيڪي برصغير ۽ واديء- سنڌ ۾ سنسڪرت ۽ ٻڌمت جي سکيا وٺڻ آيا هئا، اُهي پاڻ سان اهي نسخا کڻي ويا، جيڪي هنن منتخب ڪيا ۽ جيڪي هنن چيني زبان ۾ ترجمو ڪرڻ ٿي چاهيا. اهي سڀ نسخا ٻڌمت جي سکيا جي باري ۾ هئا. انهن ماهرن مان هڪ، جنهن جونالو ”شُئان- چُنگ“ (Hsuan- Chung) هو، تنهن علم اللسان ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪئي، جو چين ۾ هن کي مايه ناز (Out Standing) جي دور تائين واري ترجمي ٿيل مواد کي ٻن دورن ۾ ورهايو آهي. اوائلي دور واري ترجمي جو ڪم جيڪو ”ڪمارَ جيو“ (Kumarajiva) ۽ ٻين عالمن ڪيو، ۽ ان کي ”پراڻي ترجمي وارو مواد“ (Old Translation) ڪوٺيو ويو، ۽ جيڪو ڪم ”شُئان- چنگ“ (Hsuan- Chung) ۽ کانئس پوءِ آيل عالمن ڪيو، تنهن کي نئون ترجمو“ (New Translation) سڏيو ويو.

ٻڌمت برصغير کان چين پهتو، ۽ چين کان هي ڌرم  ڪوريا تائين پکڙيو، جتان ڇهين صدي عيسويءَ ۾ جپان تائين ڦهليو. اينسائيڪلو پيڊيا برٽئنيڪا جي حوالي موجب، چين جو اڀرنديون سامونڊي ڪنارو، جپان واري وڏي سمنڊ، اڀرندئين چين واري سمنڊ ۽ ڏاکڻين چين واري سمنڊ جي آمهون سامهون آهي، پر ڪوريا جو ملڪ اُپٻيٽ (Peninsula) آهي. جپان جو ”ڪيوشو“ (Kyushu) ٻيٽ ۽ ڪوريا جو اُپٻيٽ، ڪوريا جي کاري جي ڪري هڪ ٻئي کان ڌار ٿيل آهن. انهن جي وچ ۾ ٻه ننڍا ٻيا به ٻيٽ آهن، جن جا نالا آهن: ”سُو- شيما“ (Tsu- Shima) ۽ ”اِڪِي“ (Iki). ”سو- شيما“ جيڪو جپان جو ٻيٽ آهي ۽ ”پوسن“  (Pusan) جيڪو ڪوريا جو ٻيٽ آهي، انهن ٻنهي ٻيٽن جي وچ وارو مفاصلو فقط ڏيهه ميل آهي. اهو مفاصلو ڪنهن ننڍيءَ ٻيڙيءَ جي ذريعي طئي ڪري سگهجي ٿو. چون ٿا ته برف واري زماني (Ice- Age) ۾، يعني هڪ ڪروڙ (پهه ملينيئم) سال اڳ، ٿڌ واريءَ موسم ۾، سمنڊ ڄمي برف ٿي پوندو هو، ۽ اهو مفاصلو ڪوريا ۽ جپان جي انهن ٻيٽن وارا ماڻهو پيدل طي ڪندا هئا. انهيءَ لحاظ کان چين، ڪوريا ۽ جپان، آمدرفت ۽ تجارت واري  نقطه نگاه کان هڪ خطو آهن.

اسين جڏهن انهيءَ خطي جي سماجي ۽ ثقافتي ڳالهين جو جائزو وٺون ٿا، تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته اُڀرندئين ايشيا جي ثقافت ۽ تهذيب، اُتر چين کان پهرين ڪوريا کان جپان تائين تبديل ٿي، پهتي ۽ پکڙي. چين جي نئين پٿر واري زماني (Neolithic Culture) وارو ڪلچر، اوائلي تاريخي دور (Pre-historic Times) ۾ ڪوريا ۽ جپان تائين پهتو. اهڙيءَ طرح چين جي ڌاتوءَ واري دور (Metal Age) جو ڪلچر اوائلي تاريخ واري دور ۾ پکڙيو. تاريخدانن کي اهو پڻ معلوم آهي ته اُتر ڪوريا تي ٽين صدي ق-م کان وٺي چين جي حڪومت هئي، انهيءَ ڪري چين جي تهذيب جو ڪريا جي تهذيب تي اثر، قديم زماني کان وٺي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح جپان پڻ سڌيءَ طرح يا اڻسڌيءَ طرح پنجين صديءَ ق- م ۾ چين جي زراعت واري تهذيب جي اثر هيٺ رهيو هو. ٻينءَ صدي عيسويءَ ۾ جپان جو سڌيءَ طرح سان، چين سان واسطو رهيو، ۽ ڌاتوءَ واري (Metal Culture) تهذيب کان متاثر ٿيو. اهڙيءَ طرح ٻينءَ صدي عيسويءَ کان وٺي ٻيئي ملڪ، يعني چين ۽ جپان، ايتري قدر ته هڪ ٻئي جي ويجهو آيا، جو چين جي حروف تهجي (رسم الخط)، جپان به پنهنجي ٻوليءَ جي لکت لاءِ ڪم آندي، ۽ جپاني ٻوليءَ جو سارو مواد چيني رسم الخط ۾ لکڻ لڳو.

مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته ٻڌمت ڇهين صدي عيسويءَ کان پوءِ چين کان جپان تائين پکڙيو. 538ع ۾ ڪوريا جي ”بادشاهه پوچي“ (King Pochi)، جپان جي شهنشاهه ڪنِميئي“ (Emeror Kinmei) جي درٻار ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جو هڪ مجسمو ۽ سوترن جو هڪ اسڪرول، ٻڌمت جي پيغام طور موڪليو. گويا جپان ۾ ٻڌمت جو تعارف پهريون ڀيرو ڪرايو ويو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن چين، وچ- مشرق، پاڪ- هند برصغير ۽ ڏاکڻن سامونڊي ملڪن ۾ ٻڌمت جي حوالي سان عالمانه، مذهبي ۽ فن جي ميدان ۾ سرگرميون ڏينهون ڏينهن زور وٺنديون ويون. هنن سرگرمين جو سڀ کان وڏو ثبوت جپان جي قديم ۽ پهرئين دارالحڪومت ”نارا“ ۾ ”تودائجي مندر“ (Todaiji Temple) ۾ ملي ٿو. هي مندر ”تيمپويو دور“ ۾ تعمير ٿو. ان کان پوءِ  ڏکڻ نارا ۾ سن 680ع ۾ ”يا ڪوشيجي“ (Yakushiji) مندر ان جاءِ تي تعمير ٿيو، جتي فوجيوارا (Fujiwara) تخت گاهه هو. 698ع تائين سڄو مندر ته مڪمل نه ٿي سگهيو، پر ان جي فقط ٻاهرين ديوار تعمير ٿي سگهي هئي. ڏهه سال پوءِ، يعنيلڳ ڀڳ 710ع ڌاري جپان جي دارالحڪومت ڏکڻ نارا يعني ”فوجيوارا“ (Fujiwara) مان کڻي، اُتر نارا ۾ قائم ڪئي ويئي، ۽ ”يا ڪوشيجي“ (Yakushiji) مندر 718ع ۾، انهيءَ نئين دارالحڪومت يعني اُتر نارا ۾، موجوده مقام تي تعمير ڪيو ويو.

ياڪوشيجي مندر ”نارا“ ۾ تعمير ٿيل انهن ستن مندرن مان هڪ آهي، جيڪي جپان ۾ وڏي ۾ وڏا مندر ليکيا ويندا آهن. اهي ست مندر هي آهن:

مندر جو نالو                                           تعمير جو دؤر

تودائجي               (Todaiji)               تيمپويو دؤر (710ع- 794ع)

دائيئنجي              (Daianji)       تعمير 759ع

ياڪوشيجي   (Yakushiji)   680ع ۾ تعمير ٿيو.

سئندائجي     (Saidnaiji)

گنگوجي               (Gangoji)

هوريُو           (Horyuji)

ڪُفوڪوجي    (Kufukuji)

انهن ۾ ”ڪُوفُوڪُوجي“ مرڪزي مندر (Head Temple) هو. هي مندر ٻڌ ڌرم جي ”هوسو“ (Hosso) فرقي وارن جو آهي. هي فرقو جپان ۾ ٻڌڌرم جو پراڻي ۾ پراڻو فرقو ليکيو ويندو آهي. هن مندر ۾ مهاتما ٻڌ جو مجسمو، ”ڀئسائجي گرو“ (Yakushi Nyorai) 630ع ۾ ٺاهيو هو، ۽ شاهراهه ريشم جي حوالي سان هي مندر ۽ مجسمو گهڻيءَ اهميت وارو آهي. مهاتما ٻڌ جي هن مجسمي کي ”ڏکن 7 سورن کي مِٽائڻ وارو ديوتا ٻڌا“ (Buddha of Healing) چوندا آهن. هن کي مشرق جي سچي پٿر (نيلم ۽ پکراج) واري سرزمين جو مالڪ/ ديوتا ڪوٺيندا آهن، جنهن روحاني ۽ جسماني دک ۽ درد مٽايا. اهوئي سبب آهي جو هي (مهاتما ٻڌ) ستين صدي عيسويءَ ۾، جپان ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪري چڪو هو، ۽ اتي جا ماڻهو، ”وڏي حياتي ماڻڻ“ (Longetivity) لاءِ هن جي پوڄا ڪرڻ لڳا هئا.

ڀئسائجي گروءَ (Yakushi Nyorai) جي مجسمي جي پائدان تي هڪ اُڀريل ڊزائين (Design in relief) جا جيڪي نمونا آهن اهي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اها ڊزائين دنيا ۾ ٻڌمت جي مختلف ثقافتن جو مجموعو (ميڙ) آهي. جپاني ماهرن جي راءِ آهي ته ”ڀئسائجي گروءَ“ جي مجسمي وارو پائدان، جپان ۾، ”شاهراهه ريشم“ جو هڪ علامتي نشان (Symbol) آهي. هن مجسمي تي برصغير جي گپتا دؤر (350ع- 650ع) واري مجسمه سازيءَ جا آثار ۽ اهڃاڻ نمايان نظر اچن ٿا. ان مان ائين چئي سگهجي ٿو ته برصغير جي مجمسه سازيءَ جو جپان تي به اثر ٿيو، جيڪو چين کان هت پهتو.

”توشودائجي“ (Toshodaiji) هڪ ٻيو پراڻو ۽ اهم مندر آهي، جيڪو پڻ ”نارا“ ۾ تعمير ٿيل آهي. هي مندر ان وقت تعمير ٿيو هو، جڏهن ”نارا“ جپان جو قديم تختگاهه هو. اها جاءِ جتي هي مندر تعمير ٿيل آهي سا هاڻ شهر کان ٻاهر ٿي لڳي، پر جنهن وقت هي مندر تعمير ٿيو هو، ان وقت هي، شهر جي وچ واري حصي ۾ هو. هي مندر ”شهنشاهه تيموءَ“ (Emeror Temmu) جي حڪومت جي زماني ۾، 759ع ۾ تعمير ٿيو هو. ”توشودائجي“ (Toshodaiji) مندر، ”ڪينشوريتسوجي“ (Kenshoritsuji)  جي نالي سان مشهور آهي. اهو نالو انهيءَ ڪري پيو آهي جو جپان جو هي پهريون مندر هو جيڪو چين جي ”نانزان فرقي“ (Nanzan Sect) جي هڪ پرچاريءَ قائم ڪيو هو. اڃا تائين جپان جي ٻڌمت جي سکيا جي ”رتسو- شو“ (Ritsu-Shu) شاخ جو هي صدر مندر مڃيو ويندو آهي. اهو به چون ٿا ته هن مندر جي باني، ”ائبت گانجن“ (Abbot Ganjin)، جيڪو چين ۾ ”دائميوجي“ (Daimyoji) مندر جو وڏو پادري هو، تنهن کي جپان جي شهنشاهه ”شومو“ (Emperor Shomu) چين مان دعوت ڏيئي جپان گهرايو ته جيئ هو ٻڌمت جي جپان ۾سکيا ڏئي. ”گانجن“ (Ganjin) هن عظيم خدمت لاءِ ”شهنشاهه شوموءَ)  جي دعوت قبول ڪري جپان پهتو، پر هت پهچڻ ۽ سمنڊ پار ڪرڻ ۾ هن کي ٻارهن سال لڳا؛ پنج دفعا ته ناڪمياب ٿيو ۽چون ٿا ته 754ع ڌاري ”نارا“ پهچندي هو پنهنجي اکين جو نور وڃائي چڪو هو. جپان پهچڻ کان پوءِ هن ”تودائجي“ (Todaiji) مندر وٽ، مهاتما ٻڌ جو هڪ وڏو مجسمو (بت) ٺهرايو، جتي هن ٻڌمت جي سکيا وقت جپان جي نه فقط مشهور ۽اعليٰ مرتب ۽ علميت رکندڙ فاضلن کي دعوت ڏيئي گهرايو پر خود ”شهنشاهه شومو“ به شرڪت ڪندو هو. چون ٿا ته جپان ۾ ٻڌمت ۽ ٻڌ ثقافت جي ڪاميابي ۽ ۡامرانيءَ لاءِ، گانجن جون خدمتون ايتريقدر ته اثر انداز ٿيون جو ملڪ ۾ هن (گانجن) جو مقام ۽ شمار اعليٰ ۾ اعليٰ منفرد عالمن ۽ فاضلن ۾ ٿئي ٿو.

حاصل مطلب ته ڇهين ۽ ستين صدي عيسويءَ ڌاري ٻڌ ڌرم برصغير ۾ واديءِ- سنڌ کان چين پهتو، جتان ڪوريا تائين پکڙيو، ۽ پوءِ ڪوريا کان جپان تائين ڦهليو. ٻڌ ڌرم لاءِ هن سڄي ڪاوش، پهچ ۽ پکيڙ ۾ شاهراهه ريشمي هڪ  وڏي ۾ وڏي ۽ آسان وسيلي طور مدد ڪئي. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو ٻڌائڻ به مناسب آهي ته ٻڌمت جا هونئن ته ڪيترائي فرقا آهن، پر برصغير کان جيڪو فرقو پهرين چين پهتو، ۽ چين کان جپان تائين پکڙيو، سو هو ”مهايان پنٿ“ (Mahayan Sect).

بهرحال شاهراههِ ريشم نه فقط ٻڌ ڌرم جي پهچ ۽ پکيڙ لاءِ وسيلي بڻيو، پر هن شاهراهه ذريعي ثقافتي، تهذيبي، تمدني، تجارتي، مذهبي، معاشرتي ۽ سياسي سرگرمين کي به وڏي هٿي ملي. هن معلومات لاءِ گهڻي تحقيق ۽ محنت جي ضرورت آهي.

 

مددي ڪتاب

 

Encyclopaedia Brittannica, Roadway Development & History, 15: 894 c.

Ibid, Termini and Significance, 19: 174 h.

Ibid Byzrantine Dilomacy and Commerce 3: 553 d.

Dani A.H. Dr., Human Records on Karakorum Highway, Islamabad, 1983.

Some material was collected from Publicity literature available at the Temples when I visited Japan in October, 1987.

My report on “Japan” Published in November, 1987.


 

سنڌي ساهت جو هڪ لڪل ورق 

جهمون رامچند ڇڳاڻي

  (ڀوپال- ڀارت)

سترهين صديءَ جي سنت ڪوي مهامتي پراڻ ناٿ[1] جون 524 سنڌي چوپايون.

1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ساهت کي جيڪي ٻه وڏيون حاصلاتون مليون آهن، انهن مان هڪ اهي قاضي قادن جي ڪلام جي لڀجڻ (قاضي قادن جي وفات 1551ع ۾ ٿي)؛ تنهن کان به وڏي حاصلات آهي ”مها متي (وڏيءَ مت ۽ سمجهه وارو) پراڻ ناٿ جي گرنٿ، شري ڪُلجم سُروپ ۾ 524 سنڌي چوپاين جو ملڻ.“

”مها متي پراڻ ناٿ“ جو اصلوڪو نالو مِهِرِ راڄ هو. سندس جنم 6- آڪٽوبر 1618ع جو جنم قاضي قادن جي وفات کان لڳ ڀڳ 66 سال پوءِ ٿيو.

مها متي پراڻ ناٿ ننڍي هوندي کان ئي هوشيار ۽پڙهڻ لکڻ ۾ چاهه رکندڙ ۽ مذهبي ويچارن وارو هو. پراڻ ناٿ جي مرشد جو نالو ديوچند هو. هيءُ صاحب (ديوچند) سنڌ جي آمر ڪوٽ[2] ۾ ڄائو هو، پر سچ جي کوج ۾ هيءُ درويش شهر شهر گهمندو اچي ڄام نگر[3] (گجرات) ۾ پهتو. اتي ٻالڪ مِهِرِ راڄ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ڇو جو هن ٻالڪ ۾ کين اها روحاني جوت ڏسڻ ۾ آئي، جنهنجي ڳولها ۾ هو نڪتا هئا. ديوچند، مِهِرِ راڄ کي سنساري ماڻهن جي دلين مان اڳيان روپي انڌڪار کي هٽائي کين ڌرم جي صحيح ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ديش- وديش ۾ موڪليو؛ ان دوران ڪجهه وقت هو عربستان ۾ به رهيا، ۽اتي عربي ٻولي سکي، قرآن شريف ۽ ٻين اسلامي گرنٿن جو چڱو اڀياس ڪيائون. مرشد شري ديوچند يج وفات کانپوءِ سموري ڪم جو بار مهر راج (مهامتي پراڻ ناٿ) تي اچي پيو.

جيتوڻيڪ مهامتي پراڻ ناٿ جي مادري ٻولي ته گجراتي هئي، پر پاڻ گجراتيءَ کانسواءِ هندي، سنڌي، فارسي، عربي ۽هندستاني به ڄاڻندو هو. هو ديو بندر کان پور بندر، مانڊوي نليا بندر واري رستي کان سنڌوءَ جي ڪناري تي وسيل ٺٽي نگر ۾ 165*9ع ڌاري آيو. اتي (ٺٽي ۾) هڪ برهمڻ، ناٿا جوشيءَ جي گهر ۾ ڏهه مهينا کن رهيو. اتي رهندي سندس سنگت شري لعل داس سان ٿي، جنهن سندس ٺٽي شهر ۾ رهڻ جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”بيتڪ“ ۾ ڏنو آهي ۽لکيو اٿس ته پاڻ ٺٽي شهر ۾ ڪهڙن ڪهڙن سنڌين سان گڏيا ۽ انهن کي پنهنجن ويچارن کان آگاهه ڪيائون.

مهامتي پراڻ ناٿ جيڪو پنٿ هلايو، تنهن کي ”پرنامي يا ست پرنامي“ چوندا آهن. اهو هڪ ”آدار وادي“ پنٿ آهي، جيڪو اسلام ۽ هندو مت ۾ جيڪي چڱايون آهن، انهن کي ملائڻ ٿو چاهي.

مهامتي پراڻ ناٿ جي وائي ”ڪلجم سروپ“ نالي گرنٿ (جنهن کي پنٿ جا مڃيندڙ تارتم ساگر به چوندا آهن) ۾ قلمبند ڪيل آهي،  جنهن ۾ 18785ع چوپايون ۽ هيٺين نالن وارا ڀاڱا آهن:

(1) راس، (2) پرڪاش،  (3) شٽ رِتُو،  (4) ڪلش،  (5) سننڌ،  (6) ڪيرتن،  (7) خلاما،  (8) خِلِوت،  (9) پريڪرما،  (10)ساگر،  (11) سينگار،  (12)  سنڌي گرنٿ،   (13) معرفت ساگر ۽ (14) قيامت ناما.

 

سنڌي گرنٿ بابت:

هن مقالي ۾ سنڌي گرنٿ جي باري ۾ ويچار ظاهر ڪيا ويا آهن.

سنڌي ڀوميءَ جي ٻوليءَ ۾ لکيل هئڻ جي ڪري هن گرنٿ کي سنڌي گرنٿ چيو ويو آهي. ٻوليءَ جي ڄاڻن کي خبر هوندي ته سنڌيءَ جون وري ڪي اُپ- ڀاشائون (Dialects) به آهن. ٿر جي پاسي ٿري ڳالهائبي آهي. ٿر ۾ راجسٿانيءَ جو جيڪو لهجو ڳالهائبو آهي، تنهن کي ڍاٽڪي چئبو آهي، جيڪا، سنڌ جا سئنڌوَ راجپوت، جن کي سوڍا به چئبو آهي، ڳالهائيندا آهن. هن گرنٿ ۾ ڪي اهڙا لفظ به ڪم آندل آهن، جيڪي ڪڇ ڀڄ (گجرات) جي پاسي رهندڙ جت قوم ۽ انهن کانسواءِ ڪي ڪڇي پڻ ڳالهائيندا آهن. هن گرنٿ جي ٻولي سولي ۽ ڀاو ڀريل اهي. هيءُ گرنٿ وري 13 ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڪِنِ کي ڇڏي باقي پرڪرڻن جو سِرو گرنٿ ۾ ڏنل آهي. پهرئين پرڪرڻ جو ڪو به سرو ڪو نه آهي. هن پرڪرڻ ۾ 57 چوپايون آهن. اسين پنهنجيءَ سهوليت جي لحا ظ کان ان کي ”ستا اٿي جاڳ“ سرو ڏيئي سگهون ٿا. مهامتي پراڻ ناٿ هن گرنٿ ۾ کيل جو ورتانت، وينتي، فرياد، نياءُ، منهنجو گناهه وغيره اُپسرگن هيٺ 524 چوپايون چيون آهن. انهن جو تاتپرج ايترو ئي آهي ته آتما پرماتما کان وڇڙيل حالت ۾ ويهي ورلاپ ڪيا آهن. ان کي ڪٿي پنهنجي پريم کي پورڻ سڏيندي پرڀوءَ جي آگيا لاءِ پاڻ کي ترسيل رکيو اٿس، ته ڪٿي ڏوراپا به ڏنا اٿس. باقي  پرماتما سان ملي هڪ ٿي وڃڻ سندس لاءِ ڏکي ڳالهه ڪو نه آهي. مطلب ته هنن چوپاين ۾ ڪڏهن وينتي ڪندي پرڀوءَ کي فرياد ٻڌائي نياءُ ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو اٿس، ته ڪٿي پنهنجو قصور قبول ڪندي پنهنجو ڏوهه گناهه معاف ڪرڻ لاءِ پرڀوءَ در پرارٿنائون ڪيون اٿس. مطلب ته ٿوري ڪوشش ڪرڻ سان سڀني چُوپاين جوارٿ سولائيءَ سان مجهه ۾ اچي ٿو وڃي. ائين کڻي چئجي ته سڄو گرنٿ لطافت سان ٽمٽار آهي. انهيءَ ۾ جيتري اونهي ٽُٻي ڏبي اوترائي ملهائتا موتي ملندا، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اِها آهي ته هن گرنٿ جي کوج، ۽ وري کوج کان پوءِ سنڌي ساهتيه پريمين تائين آڻيندي، سنڌي ساهتيه جي اوائلي سنڌي ساهت جي ڀنڊار جي لڪل ورق کي روشنيءَ جو تِرورو ڏيارڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ وڏي حاصلات آهي.

مهامِتي پراڻ ناٿ جهڙيون شخصيتون ته سڄي عالم جي ملڪيت آهن. اِها ئي ڳالهه ڌيان ۾ رکي، سرحد جي هُنَ ڀر (پاڪستان) ۾ جيڪي سنڌي عالم ۽ فاضل آهن انهن اڳيان هن ليک سان گڏ جيڪي 524 چُوپايون آهن، جيڪي وري تيرهن بابن ۾ ورهايل آهن، انهيءَ هر هڪ باب مان پهريون ٽي چوپايون، جهڙي روپ ۾ ديوناگري هندي (رسم الخط) ۾ مليون آهن، انهن جي اهائي مُولڪتا برقرار رکندي، عربي سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ جي، قربن ۽ نيازن مان هڪ نماڻي ڪوشش ڪئي اٿم. اِنهيءَ آس ۽ اميد سان ته ساهت جي لڪل ورق کي مڪمل روپ، پهرين سنڌي عالمن تائين پهچايان، جيئن هو صاحب پنهنجن راين کان واقف ڪن ۽ ڪي سهڻيون صلاحون ڏين جيئن اِهو اڌورو ۽ آپورو ڪم، پورو ٿئي.

دوست هيري ٺڪر جڏهن قاضي قادن جي 112 بيتن کي سوڌي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو تڏهن سدا حيات پروفيسر رام پنجواڻيءَ کيس دعائون ڪندي لکيو هو ته علامه دائودپوٽي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر لال سنگ اجواڻي، دين محمد وفائي، ڄيٺمل پرسرام جهڙا علم دوست زنده هجن ها ته هو خوشيءَ مان جهومي اٿن ها. اڳتي هلا لکيو اٿن ته سنڌ ۾ جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خانبلوچ، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر الانا ۽ ٻيا اديب ۽ کوجنيڪ اِهو سماچار سڻندا، تڏهن فخر سان گڏ حيرت به کائيندا.

مون کي قوي اميد آهي ته ساڳي خوشي سنڌ ۽ هند جي عالمن ۽ فاضلن کي مهامتي پراڻ ناٿ جي چُوپاين مان به ملندي.

مهامتي پراڻ ناٿ جي سنڌي گرنٿ جي هرباب جون پهريون تي چوپايون.

پهرئين باب جون پهريون ٽي چوپايون:

آخر ويرا اُٿڻ جي، آئين روحين ڇڏيجا راند

اُٿي وچ عرش جي، ڪوڏ ڪري مِلون ڪانڌ [1]

ڌڻي موهجي روح جا، هاڻي چُئان ڪيئن ڪري

روح ڪي (کي) ڏِنيو پرڏيهڙو، چئو سو دل ڌري[2]

عِشق ڏني تون، توري عشق نه اچي

گهڻي ڪريان آئون، ڪُوڙ نه آڏي ري سچي[3]

باب ٻيون: هن باب ۾ ڪل 18 چوپايون آهن، پر هن باب جو ڪو به سرو نه آهي. ٻئين باب جون پهريون ٽي چوپايون:

ري پريئم هٿ توهجڙي حال

آئيڙي ويران اٿڻ، هاڻي پسان نور جمال [1]

اَرواحين جا هن عرش جي، ڪيِن (ڪيئن) ڇڏي خِلوتَ حُق

جا ڏيکارئي روح کي، تي ۾ ذرو نه شڪُ [2]

هن عرش جي باغ ۾، آيون مُنديون مينهن

هن ويران اسان کي، جُديون رکيون ڪِنهن[3]

 باب ٽيون: هن باب ۾ ڪل 31 چوپايون آهن ۽ هن باب جو به ڪو سرو نه ڏنل آهي.

ري پريئم منگان سو لاڏ ڪري

ايهڙِي ڪِجِ ڪا مُندسي، کلندڙي لڳان ڳري [1]

تو مُڪي (مون کي) چيئو تون موُهجي، هيڏي ڪري نسبت

ڌڻي مُوهجي ڌام جا، آئون هاڻي ڪو هِنَ ڀت [2]

ايهيڙو سنگُ ڪري مُوهه سي، اچي ڏنئي سانجائي (ساڃاءِ)

علم ڏني بيشڪ جو، ته آئون ڪو ويٺس هي پائي [3]

باب چوٿون: هن باب ۾ 23 چوپايون آهن ۽ هن باب جو به ڪو سرو نه ڏنل آهي.

ري پريئم منگان سو لاڏ ڪري

هيڏي ڪِجِ ڪا مُندسي لکندڙي لڳان ڳري [1]

جڳائئي علم سي، وچ سوڻي وِهاري

ندرڙي (ننڊڙي) آئي جا حڪمين، جاڳان ڪيئن ڪري[2]

هي انگڙا سڀ سوڻيجا، اصل ڪُوڙا جي

زور ڪرئان گهڻي پري، ته ڪي نه پڄي توکي. [3]

باب پنجون: هن باب جو سرو آهي ”شري ديوچند جي ميلاب جوپرسنگ.“ هن باب ۾ 64 چوپايون آهن.

سانگا ئي ٿيندم ڌام سنگ جي، تڏي گهُرندس لاڏ ڪري

دم نه ڇڏئان توهه ڪي (کي) لڳِي رهان ڳري. [1]

جاسين سنگُ نه سانگائي، ته روح ڪيهڙي سانجائي (ساڃاءِ)

هي ڳالهيون ٿئن سڀ مٿيون ڪيِن لاڏ ڪري گهُرائي. [2]

هي سڀ سانجايون (ساڃايون) تو هٿ، لاڏ سانگائي يا سنگ

قول قيل يا حال جو، تو هٿ ۾ نوَ انگ آهن. [3]

 باب ڇهون: روحن جو فعل حال- هن باب ۾ 52 چوپايون آهن.

ڌڻي موهجي روح جا، ڳالهه ڪرئان ڪوڏ ڪري

آئينِ (آهن) اميدون لاڏ جيِون، اَچي ڪرئان ڳري. [1]

روحين وِهاري راند ۾، پاڻ ويٺا پرڏيهه

سُڌ نِهائي ڪي روح ڪي (کي) رانت نه اچي ڇيهه. [2]

اسان مٿي آئيو، پرئن (پِرين) جوفرمان

موڪيو آن رسول کي ڏئن (ڏين) روح ڄاڻ. [3]

 باب ستون: جڳهڙي چوپر ڪرڻ. هن باب ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 96 چوپايون آهن.

ولها جي آءٌ توڪي (کي) ولهي، ڳنين بٺي تري قدم

هي مون ڏني ساهيدي (شاهدي)، تون مون ري رهي نه دم. [1]

آرٿ: هي، منهنجا پيارا ڌڻي! مان توهان کي ڏاڍو پيار ٿي ڪريان، ڇو جو توهان مون کي پنهنجي چرنن (قدمن) ۾ ويهاري ويٺا آهيو. منهنجيءَ دل اها پوري گواهي ڏني آهي ته توهان مون کانسواءِ هڪ پل به الڳ نٿا رهي سگهو.

ڏني ٻي ساهيدي (شاهدي) علِم، تريِ (ٽيِن) توهجي

عِسِق (عشق)

چؤٿي ساهيدي (شاهدي) رسول،ٻيون ڪَئِي ساهيديون

(شاهديون) حق. [2]

اَرٿ: ٻين گواهي توهان جي علم ڏني ۽ توهان جي عشق ٽين گواهي ڏني. رسول پاڪ صه چوٿين گواهي ڏني ۽ ٻيون به ڪيتريون شاهديون ويدن پُراڻن، شاسترن وغيره ذريعي مليون.

توهِجي علمين مون ڪي (کي) اِين چيو، هي راند

ڪيئي آن ڪارڻ

لاڏ ڪوڏ آسا (آشيا) اميدون سي سڀيئي پارڻ [3]

اَرٿ: مون کي توهان جي علم هن ريت چيو آهي ته هيءُ کيل اسان جي لاءِ، اسان جي لاڏ، اسان جي خوشيءَ، آشائن ۽ اميدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ئي ڪيو آهي.

باب اٺون: باب ظاهر ٿيڻ جا- هن باب ۾ 42 چوپايون آهن.

روح الله ڏنيون نسانيون (نشانيون)، جي لِکيون

مئي فرمان

سي سڀ ملائي داخلا، ڪري ڏنائون پيهيچان. [1]

اَرٿ: روح الله (مهامتي پراڻ ناٿ جي گُرو مرشد ڌڻي ديوچند) نشانيون ڏيئي پرم ڌام جي واقفيت ڪرائي آهي، جيڪي قرآن ۽ ويدن پراڻن ۾ لکيل آهن. انهن سڀني ڳالهين جون ظاهري ٿابتيون ڏيئي مون (مهامتي پراڻ ناٿ) ڄاڻ ڪرائي آهي.

نه تان ڪير راند ڪيڙي آئي، هي روحين ڪو ڄاڻي

ڏئڻ اسان ڪي (کي) سُکڙا، تو اَپائڻي پانڻي

(پاڻيهي). [2]

اَرٿ: نه ته ڪهڙو کيل آحي؟ ڪهڙي راند آهي؟ روحن کي ڪهڙي خبر؟ اسان روحن کي سک ڏيڻ لاءِ ئي توهان اسان جي اندر اَپايو آهي (يعني ويدن پراڻن ۽ قرآن ۾ ڇا لکيل آهي، انهن جون ثابتيون ڏسڻ لاءِ تارتم منتر ڏِنُوَ). انهيءَ سان مون ڄاڻ ڪئي. اهڙي وينتي شري مهامتي پراڻ ناٿ خدا سان ڪري ٿو.

نه ڪِي ڄاڻون راند ڪي (کي) اَن دِل اَپائي پاڻ

ڏئڻ اسان ڪي (کي) سُکڙا، هي دل ۾ آئيم ڄاڻ. [3]

اَرٿ: اسان کي خبر نه هئي ته سنسار جو کيل ڪيئن آهي! هاڻي اها ڳالهه اسان جي دل ۾ پيدا ڪئي آهي. اسان روحن کي سک ڏيڻ لاءِ توهان انهيءَ ڳالهه جي ڄاڻ اسان جي دلين ۾ ڪرائي آهي.

باب نائون: مارڪنڊ جو درشٽانت- هن باب ۾ 54 چوپايون آهن.

چئِي سندر ٻائي اسان ڪي (کي)، مارڪنڊ جي حقيقت

اِين در ٿي آن (اوهان) ڪي (کي) کولئان، آنجي

(اوهان جي) پڻ اِين بيتڪ. [1]

اَرٿ: شري ڌڻي ديوچند (سندرٻائي يعني مهامتي پراڻ ناٿ جو گرو- مرشد) اسان سان مارڪنڊييه رِشيءَ جي حقيقت ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح توهان جو دروازو کوليو اٿس.

هن در مان(مثال ڏيئي) ٿي ڪري توهان کي سمجهايان ٿي. توهان جي به اهائي بيتڪ آهي.

نمونو مارڪنڊ جو چيو سندر ٻائي ڀلي ڀت

سڪديو (سُکديو) آندو آن ڪارڻ، هي جي پسو

ٿا هت. [2]

اَرٿ: جيڪو مارڪنڊ رِشيءَ جودرشٽانت آهي، اُهو شري سندر ٻائيءَ (گرو يعني مرشد ديوچند) چڱيءَ طرح چيو. هيءُ جيڪي ڏسو ٿا اُهو شري سُکديو مُنيءُ پنهنجي لاءِ آندو آهي.

جيڪي ڪي گذريو مارڪنڊ ڪي (کي) وِچ جِمين

(زمين) هن اَڀ

سي ڳُجهه دل جو نِدر (ننڊ) ۾، ڏٺو نارايڻ جي سڀ. [3]

اَرٿ: جيڪي ڪجهه مارڪنڊييه جي مٿان ٿي گذريو  ۽ مايا ۾ جيڪي تڪليفون هن زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ سٺائين، اهي دل جي ڳجهه نارايڻ جيءَ سڀ ننڊ ۾ ڏٺا.

باب ڏهون: عاشق جا گناهه- هن باب ۾ 33 چوپايون آهن.

سُڻو روحين عرش جي، جا پاڻ ۾ بيتِي آئي

جيهڙي لٽِي پاڻ ڪيئي ايهيڙي ڪري نه ٻي ڪانئي. [1]

اَرٿ: هي پرم ڌام (عرش عظيم) جون سکيون (حورون) مان توهان کي جيڪو چوان ٿي اهو ڌيان ڏيئي ٻڌو، جيڪو اسان تي ٿي گذريو آهي. اسان جهڙي اُلٽي ڳالهه ڪئي آهي، سا شل ٻي ڪا نه ڪري.

چُئان تيهجو (تنهنجو) بيوَر، سُڻجا ڪن ڏيئي

ڏٺم جي صحور (شعور) سي، صحور (شعور) آئين پڻ ڪريجا سيئي. [2]

اَرٿ: مان اُن جو بيوَرو (احوال- ورتانت) ۽ حقيقي حالت چوان ٿي سا ڪن ڏيئي ٻڌو. مون ويچار (شعور) ڪري ڏٺو آهي سو توهان به ڏسي صحور (شعور) ڪريو.

پوئي جا دل اَچي پانهنجي، پاڻ ڪريون سيئي

ڀؤلي روئي تيحقيق، هٿڙا مٿي ڏيئي. [3]

باب يارهون: هن باب جو ڪو سرو ڪو نه آهي- هن باب ۾ 23 چوپايون آهن.

لکي ڀتي نِهاريم خودي وڃين نه ڪيئن ڪيئي

هي مؤرمنجهان ڪيِن نڪري، جا ڪانڌي ڏيکاري پيئي. [1]

جي گهُران عشق ته هِتِ پڻ پسان پاڻ

هي پڻ خودي ڏٺم، جڏي ٿئيم حق پيهيچان. [2]

حق پيهيچان ڪي ڪي ٿيئي، هِت ٻِئو نه ڪو ئي آئي

جي ڪڍي باريڪيون خوديون، ڏي ٿو حق سانجائي (ساڃاءِ).[3]

باب ٻارهون: هن باب ۾ 20 چوپايون آهن ۽ هن باب جو ڪو به سرو ڪو نه آهي.

تاڙو ڪُنجي نه در اُپٽڻ، سمجهائي ڏني سڀ تو

بِٺا آيو (آهيو) مون دل ۾، جِين ڄاڻو تين گڏجو. [1]

اَرٿ: ڪو تالو (ڪُلِف) ڪو در ڪنهن ڪنجيءَ سان کولڻو نه آهي. اِهو توهان سڀ سمجهائي ڇڏيو آهي، پنهنجي علم سان. توهان منهنجيءَ دل ۾ ويٺا آهيو. هاڻي جيئن ڄاڻو تيئن مِلو.

سيهيرڳ (شاهه رڳ) سي اوڏڙو، آڏو پَٽ نه دُئار

اُگهاڙئي آنک سمجهه جي، ڏسندي نه ڏسي ڀرتار. [2]

اَرٿ: صحور (شعور) سان ويچار ڪري ڏٺم ته هي ڌڻي! توهان شاهه رڳ (دل جي) اندر رت کڻي ويندڙ ناري (نبض) کان به منهنجي وڌيڪ ويجهو آهيو ۽ آڏو ڪو به پردو نه آهي ۽ نه وري ڪو دروازو آهي. سمجهه جي اک کولي ڇڏي اٿو. پر هي منهنجا مالڪ (منهنجا ڀتار)! مان اوهان کي ڏسندي به، نٿي ڏسي سگهان.

حڪم علم کيل هڪڙو، ٻئو ڪوئي نه ڪِتئين

(ڪٿهين) دم

هِت روح نه ڪو ئي روحن جي، جي ڪي ٿيئو سو

سڀ حڪم. [3]

اَرٿ: حڪم، عِلم ۽ کيل سڀ هڪ ئي آهن. ٻيو ڪو ڪٿي به هڪ پل لاءِ به نه آهي. هِتِ روحن جي ڪا به روحِ نه آئي آهي. جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، سڀ حڪم سان ٿيو آهي.

باب تيرهون ۽ آخري باب - هن باب جو سرو آهي حق، هادي روحون (روحن) جي صفت. هن باب ۾ يارهن چوپايون آهن.

ڪانڌ روحن ڀائيان صِفت ڪريان

توهِجي هِتِ ٿئي نه صِفتِ ڪئين ڪيئي

سي نهاريم جڏي بيورو ڪري، آنئون اُرجهي تي ۾ رهي. [1]

هي دل جي ڳالهه ڪي سي (ڪنهن سي) ڪريان،

روح جِي تون ڄاڻين

ڪُڇڻ ڀيڻي لاٿئي، ڪانڌ چئو سي چُئان هاڻين (هاڻي). [2]

اُتائئان عالم ۾ مون جيڏي ڪيئي نه ڪانئي

اَجان (اَڃا) ترسي مون جندُئو، هي ڪيهِي پر توهِجي آئي. [3]

هيءَ هڪ نماڻي ڪوشش ڪئي اٿم. هن ۾ ٻولي جيئن جو تيئن رکي اٿم، البت ڪٿي ڪٿي ڏنگين ۾ هاڻوڪي پڙهڻي به ڏني اٿم. اميد اٿم ته هند ۽ سنڌ جا عالم ۽ اديب پنهنجي راءِ کان واقف ڪندا.

]نوٽ: حاشئي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مهامتي پراڻ ناٿ جي ڪلام تي ڪيل تحقيق طرف اشارو ڏنو ويو آهي. هن مقالي کي ان مواد سان به ڀيٽڻ گهرجي. الانا[  


[1]  مهر راج پراڻ ناٿ جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ جي ٻيءَ اشاعت (1980ع) ۾ صفحي 265 کان 270 تائين محققانه نظر وڌي آهي. (الانا)

[2]  سنڌ جي تاريخن ۾ امرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ ٻئي لفظ لکيا ويا آهن.

[3]  ڄام نگر، گجرات جي ڪاٺياواڙ واري خطي ۾ آهي. هن ڪڇي ٻولي (ڪاٺياواڙي لهجو) ڳالهائي ويندي آهي. ڄام نگر ورهين جا ورهيه سنڌ جي سما سردارن جي تسلط هيٺ رهيو. ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ ۾ گهڻي تفصيل سان هن حقيقت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. (الانا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com