سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :16

 

”چڻنگون“- سنڌي نثري ادب  جو  هڪ  شاهڪار

ممتاز مهر

ويهين صديءَجي شروع وارو نثري ادب، جنهن ۾ طبع زاد ناول، ڪهاڻين ۽ مضمونن جا مجموعا اچي وڃن ٿا- ادبي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. هن دور ۾ نه رڳو سنڌي نثري ادب جو عروج ٿيو، بلڪه پهرين مهاڀاري جنگ ۽ ٻي مهاڀاري جنگ جي وچئين عرصي دوران اهڙا ڪتاب به شايع ٿيا، جيڪي سنڌي ادب ۾ ڪلاسيڪ جو درجو رکن ٿا. مضمون نويسي ۾ جيڪي مضمون جا مجموعا ان دور ۾ شايع ٿيا ۽ شهرت حاصل ڪئي، تن مان پرمانند ميوارام جي مضمونن ۾ مجموعو ”گل ڦل“، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو ”چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم“، لال سنگ اجواڻي جو ”ويچار“، نارائڻداس ملڪاڻيءَ جو ”ڳوٺاڻي چهر“، تيرٿ و سنت جو ”چڻنگون“، نارائڻداس ڀنڀاڻيءَ جو مرتب ڪيل ”ادبي گلشن“، رام پنجواڻي ۽ نارائڻداس ڀنڀاڻيءَ جو مرتب ڪيل ”اديب غنچو“ ۽ ليکراج ڪشنچند عزيز جو ”ادبي آئينو“ نه رڳو تفصيلي تجزيي جي قابل آهن، بلڪه انهن مان جيڪي ڪتاب اڻ لڀ آهن، تن کي ٻيهر شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن نئون نسل به پنهنجي ادبي ورثي کان پوريءَ طرح واقف ٿي سگهي.

جيئن ته تيرٿ و سنت جي مضمون جو مجموعو ”چڻنگون“ هڪ اهم اڻ لڀ ڪتاب آهي. تنهنڪري ساهتيه پريمين کي ان جو واس وٺائڻ خاطر ان جو مختصر تعارف ڪرائڻ ضروري آهي. مضمونن جي گوناگوني، وڻندڙ ٻولي ۽ اثرائتي انداز ۾ بيان سبب ”چڻنگون“ ور ور ڏيئي پڙهڻ جي لائق آهي. هيءُ ڪتاب 1941ع ۾ شايع ٿيو هو، تنهنڪري ڪي مضمون ان دور جي پس منظر ۾ لکيل آهن. اهو زمانو هٽلر جي نسل پرستيءَ واري سياست ۽ ڏاڍ ڏمر جو زمانو هو. ان مناسبت سان هڪ مضمون ۾ نسل پرستيءَ تي تنقيد ڪيل آهي. هٽلر ۽ نازي ازم جو خاتمو اچي ويو، پر اڃا تائين ڏکڻ آفريڪا ۽ ڪن ٻين ملڪن ۾ نسلي مت ڀيد واري پاليسي اڃا جاري آهي، جنهن ڏاڍا هاڃا ڪيا آهن، تنهنڪري اهڙي موضوع تي لکيل مضمون جي افاديت ختم ڪا نه ٿي آهي. مذڪوره موضوع واري مضمون کي ليکڪ هڪ وسيع تناظر ۾ لکيو آهي.

رائل سائيز ۽ 210 (ٻه سو ڏهه) صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ ڪل 15 مضمون آهن. ڪتاب جو مهاڳ حيدربخش جتوئي صاحب جو لکيل آهي. جتوئي صاحب پنهنجي مهاڳ ۾ مصنف ۽ سندس مضمونن بابت بي ريا ٿي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. مثال طور پنهنجي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکن ٿا:

منهنجو دوست و سنت انهن تمام ٿورن انسانن مان آهي، جن جي دل درد سان ڀريل آيه ۽ جي اعليٰ درجي جي ذڪا ۽ ذهن جا صاحب آهن. سندس ذات مشرق ۽ مغرب جي ادبيات ۽ اثرات کان ڪافي ماهر آهي ۽ وسيع معلومات سان گڏ کيس غير ملڪن جي سير سفر جا موقعا به مليا آهن. هنن مضمونن ۾ هن جديد طرز تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آحي. ڪي مضمون علمي آهن، ڪي ڪن بزرگ هستين جي حياتي ۽ خيالن بابت آهن ۽ ڪن جو واسطو ڪن معمولي شخصيتن سان آهي. هر هڪ مضمون مان اميد ته پڙهندڙن کي چڱو اڀياس ۽ رس حاصل ٿيندو. ممڪن آهي، بلڪه ضروري آهي ته پڙهندڙ مصنف جي ڪن خيالن سان شامل راءِ نه ٿين. ممڪن آهي، ته ڪي ڪوتاهيون به هجن. ڪهڙو انسان آهي جو خطا کان خالي آهي! پر ان کان ڪو انڪاري نه ٿيندو ته مصنف هڪ سنئين راهه ۾قدم کنيو آهي. اهڙي نموني جا مضمون سنڌيءَ ۾ بلڪل گهٽ آهن. حقيقت ۾ اسان جي ديس ۾ ادبيات ۽ علمي مذاق ايتري قدر ڪم ۽ پست آهي جو هن قسم جي تصنيف لاءِ تحسين ڪرڻ واجب آهي، تڏهن ئي چڱا چڱا ماڻهو هن طرف توجهه ڏيندا. ارمان آهي، جو اڄڪلهه فقط عيب جوئي تائين ئي تنقيد محدود ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ ترجمن کانسواءِ گهڻو اصلي مواد ڪونهي.“

”چڻگون“ (Sparks) جو پهريون مضمون ”شاهه جو سنيهو“ آهي. وسنت جو هي مضمون نج وطن دوستيءَ جي اثر هيٺ لکيل آهي. مضمون جي شروعات ئي عام پڙهندڙ تي اثر وجهڻ لاءِ ڪافي آهي. ”شاهه جو اسان لاءِ ڪهڙو پيغام آهي؟ ڪهڙو آهي سندس سنيهو جو اسان کي دل سان هنڊائڻ کپي ۽ جنهن تي پيروي ڪرڻ جڳائي؟ انهيءَ ۾ ته شڪ ناهي ته اسين سندس حقيقي وارث آهيون ۽ سنڌي هئڻ جي حيثيت ۾ اهو اسان جو اخلاقي خواهه وطني فرض آهي ته ان بي بها ورثي کي پنهنجي دلين ۾ محفوظ رکون ۽ پنهنجي حياتيءَ کي ان سان خوش رنگ ۽ معط بنائي ديس ديسانتر کي ان جو واس وٺايون، جيئن ان جو فيض کان ڪو به محروم رهجي نه وڃي.“ ”شاهه ن ج ۽ خالص سنڌي آهي ۽ هن ملڪ جي ٿر ۽ بر، ڏونگر ۽ ماٿري، آسمان ۽ زمين جو يگانو مجسم روح آهي. اهو ئي سبب آهي، جو شاهه مون کي عزيز آهي. حقيقت آهي ته تون ۽ مان جنهن سچائي، صداقت ۽ سوڀيا سان شاهه جي شعراڻي آرسيءَ ۾ هوبهو پنهنجو پاڻ ڏسي سگهن ٿا، تنهن جي خود اسان کي پروڙ ڪانهي. اسان جو ساڻس جگري سٻنڌ آهي، جو اسان کي ڇڪي وٽس نئي ٿو.“هڪ ٻئي مضمون ۾ مشهور داستان ”ممتاز دمساز“ جو جائزو ورتل آهي. هن مضمون ۾ عشقيه داستان ۽ عالمي ادبي جو دلچسپ تجزيو ڪيو ويو آهي. مضمون ”سنڌو“ ۾ سنڌونديءَ جي تاريخ ۽ تهذيب جي حوالنسان منظر ڪشي ڪئي ويئي آهي. ”شاهه جو سنيهو“ جيان هن مضمون ۾ پڻ مصنف جذبات نگاريءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي. بهرحال سنڌونديءَ بابت هيل تائين لکيل سٺن مضمونن منجهان هي هڪ آهي. ”جيڪڏهن سنڌوءَ جو اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اثر ڏسڻو اٿو ته اسان جي شاعرن جا ورق ورائي ڏسو. اسان جي مادري زبان جا محاوارا جاچيو، اسان جي مڙهين ۾ ليئو پايو، بهراڻا کڻو، زنده پير جي جوت جڳايو، مداحون پڙهو، لال کي هندوري ۾ لوڏيو ۽ ۽ هاري ناري سان خوشيءَ مان يڪ آواز ڳايو: ’ڀلي آئين، جيءُ آئين درياءشاهه،! ته اوهان جو روح ريلو ڏيندو ۽ ممڪن آهي ته اچانڪ اوهان کي اسانجي رڳن ۾ سنڌوءَ جي شاندار وهڪ ڏسڻ ۾ اچي.“

گوناگون مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو هڪ مضمون ”آسماني اثر“ بظاهر ته فلڪيات متعلق آهي، پر موضوع گهڻو ڦهليل آهي، جنهن ۾ سائنسي ڳالهين کان علاوه نجوم ۽ انساني سڀاءَ تي آسماني اثر وغيره جون ڳالهيون ڪيل آهن. تيرٿ و سنت صاحب جو اندازو بيان ئي اهرو سحر انگيز آهي، جو پڙهندڙ پهريون جملو پڙهڻ سان ئيمگن ٿيو وڃي. مثال طور مذڪوره مضمون اجهو هن ريت شروع ٿئي ٿو: ”خبر اٿيئي ته هي برهمانڊ ڪيڏو آهي؟ ڪٿي آهي سندس منڍ ۽ ڪٿيآهي سندس ڇيهه؟ شايد آڪاس ۽ پاتال ٻڌو هوندءِ! شايد ”گگن ٿال چند جنڪ موتي“ ۽ فيثا غورث جو آهنگ ڪائنات (Music of the Spheres) ٻڌو هوندءِ ۽ جيسيڪا وانگر چانڊوڪيءَ ۾ هر هڪ ستاري، سياره ۽ سج ۾ تانسين ۽ آرفيوز ڏسي سندس سرود ۽ ساز جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي هوندءِ. جي تنهنجي دل غيب جي رمز ۽ راز سان جڪڙيل آهي ته ممڪن آهي ته سچل وانگر ”هُو هُو پرينءَ جو آواز“ سڻين ۽ پنهنجي قلبي چنگ مان عجيب آهنگ ۽شبد اناهت اتپن ڪرين. پر اهي سڀ شاعرانه جذبا آهن ۽ سندن ڪلا ڪويءَ جي ڪوتا ۽ ڪلپنا شڪتيءَ ۾ آهي.“

”چڻنگون“ جو سڀ کان دل ڀڄائيندڙ ۽ اکين ۾ آب آنيندڙ مضمون ڀڳت ڪنور رام متعلق آهي. اهڙو تاثراتي مضمون سنڌيءَ ۾ ورلي پڙهڻ ۾ ايندو:

چارڻ چوري چنگ کي جڏهن ويهي وڄايو،

شهر سڄو، اي منگتا، تنهنجي تندن تپايو.

”2- نومبر 1939ع سنڌ لاءِ ماتامي ڏينهن هو؛ اڳين رات رڪ اسٽيشن تي هڪ اهڙو واقعو ٿي گذريو هو، جنهن جي ڀيٽ فقط ڀونڪنپ سان ڪري سگهجي ٿي. ڪکائين باهه وانگر خبر ڦهلجي ويئي ۽ ملڪ ڄراٽجي ويو. ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين دلين کي ڌڌڪو آيو ۽ بي اختيار نيڻن مان لڙڪ لڙي پيا.“

مذڪوره مضمون جو انت هن ريت آهي: ”آڀي جي پَٽ جا ساده لوح هاري ڳالهه ٿا ڪن ته ڀنڀرڪي ۽ ناشام ويل آُسريل ڪڻڪن وچ ۾ چيرولي پڳڙي، ڪنڊل، ڪڙتي ۽ ڇير سان هڪ سهڻو، سدا ملوڪ شخص اوچتو پر گهڙ اچيو ٿئي ۽ جامو جهلي، هٿ جوڙي، اکين ۾ آب آڻي التجا پيو ڪري، ”خدا خير ڪجائين. لوڪن کي ساڃهه ڏجائين. هائو، شل خدا خير ڪري، لوڪن کي ساڃهه ڏي.“

شخصي خاڪا نگاري يا اسڪيچ جي لحاظ کان مضمون ”نانو“ پڻ بهترين آهي. پڙهڻ سان ٽهڪ به پيا نڪرندا ته ڪٿي ڪٿي آهون پڻ.

”چڻنگون“ ۾ ڏنل سڀيئي مضمون شاعرانه جذبن، زمنگن ۽ فيلسوفاڻي ويچارن سان پُر آهن. ٻولي گهڻي قدر سادي، سوادي ۽ سپڪ استعمال ٿيل آهي.

”چڻنگون“ جو ليکڪ تيرٿ و سنت هاڻي تيرٿ بسنت جي نالي سان مشهور آهي. بزرگ ليکڪ جي عمر هن وقت اٽڪل 80 کن سال هوندي. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت هليو ويو ۽ هن وقت دهليءَ ۾ رهي ٿو. ڀارت ۾ رهڻ دوران ٻين تصنيفات کان علاوه ڀڳت ڪنور رام جي مڪمل سوانح به لکيائين، جنهن تي سرڪار پاران انعام به مليس. تنهن کانسواءِ شيڪسپيئر جي ڊرامن جا سنڌيءَ ۾ ترجما به ڪيائين، جيڪي پڻ ڏاڍا مقبول ٿيا. ڀارت ۾ سندس ڪجهه ڪتاب بي. اي ۽ ايم. اي لاءِ درسي ڪتابن طور تسليم ٿيل آهن.

ba


 

 

انڊيا آفيس لائبريريءَ ۾ سنڌي ملفوظات ۽ سنڌي ڪتاب

مدد علي سنڌي

”انڊيا آفيس لائبريريءَ“ جو نالو تاريخ ۽ تحقيق سان شوق رکندڙ لاءِ ڪو نئون نالو بنهه ڪونهي. لنڊن ۾ واقع انهيءَ لائبريريءَ ۾ ننڍي کنڊ جي ثقافت، تاريخ ۽ سياست جا اهي اهڃاڻ ۽ راز پوشيده آهن، جن کي پڙهڻ لاءِ عمر جو هڪ وڏو حصو وقف ڪجي ته به اهو گهٽ آهي. ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين جا اڻ لڀ قلمي نسخا، ”برٽش دؤر حڪومت“ توڙي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ جي دور جي لکپڙهه، ويندي 1947ع تائين برٽش حڪومت جا سمورا دستاويز اتي موجود آهن، جن مان ڪو به ماڻهو سولائيءَ سان وڃي لاڀ پرائي سگهي ٿو.

اصل ۾ ننڍي کنڊ جي گهٽ ماڻهن کي اها ڄاڻ هوندي ته انڊيا آفيس لائبريري ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آئي، يا وري ان کي موجوده حالتن ۾ ڪهڙن ڪهڙن دشوارن مرحلن مان گذرڻو پيو! پاڪستان توڙي هندستان مان شاگرد يا اهلِ قلم حضرات جيڪي اڪثر ڪري لنڊن ايندا رهن ٿا، انهن مان ڪيترن ته انهيءَ شاندار ڪتبخاني مان استفاده ڪيو هوندو، يا وري ڪيترا ماڻهو برٽش لائبريري جي ڪتبخاني کي ”انڊيا آفيس لائبريري“ سمجهي وزٽ ڪري هليا ويندا آهن، پر جن ماڻهن هن لائبريريءَ مان فيض حاصل ڪيو، انهن به هن لائبريريءَ جي تاريخ بابت چند اکر لکڻ گوارا نه ڪيو. (لائبريريءَ جي تاريخ بابت مفصل ڄاڻ ايندڙ مضمون ۾ پيش ڪندس.) بهرحال 186 ورهين کان قائم هن لائبريريءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جا انمول گوهر توڙي 1843ع کان وٺي 1947ع جي دور جي برٽش حڪومت جا اهم دستاويز موجود آهن، جن کي سچ پچ ته منظر عام تي آڻڻ جي ضرورت آهي. پر بدقسمتي اها آهي، جو انهيءَ لائبريريءَ مان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙن ۾ سنڌ جي ماڻهن جو تعداد بنهه گهٽ آهي. جيئن مون پهريون اهو ذڪر ڪيو ته اڪثر ماڻهن کي اهاڄاڻ ئي ڪونهي ته ”انڊيا آفيس لائبريري“ لنڊن ۾ ڪٿي واقع آهي؟ اهڙوئي واقعو مون سان به پيش آيو، جڏهن مون لنڊن رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ سنڌيونيورسٽيءَ جي چند پروفيسرن کان، جيڪي لنڊن تي پاڻ کي اٿارٽي سمجهندا آهن، انڊيا آفيس لائبريريءَ جو پتو پڇيو. ڪن ٻڌايو ته لائبريري برٽش لائبريريءَ ۾ واقع آهي، ته ڪن وري اهو ڏَس ڏنو ته انڊيا آفيس لائبريري ”برٽش ميوزم“ جي ڀرپاسي ۾ واقع آهي. جڏهن اهي ايڊريسون کڻي لنڊن پهتس ته ان مهل نهايت اچرج وڪوڙي ويم، جڏهن برٽش ميوزيم ۾ اندر يا ان جي پسگردائيءَ ۾ انڊيا آفيس لائبريري جي ڳولا ڪيم، جنهن جو اتي وجود ئي ڪو نه هو. بعد ۾ پنهنجي محترم دوست ۽ سائوٿ مخزن جي چيف ايڊيٽر همايون گوهر ۽ سائوٿ جي جنرل مئنيجر مسٽر نذير احمد جي معرف انڊيا آفيس لائبريري ۾ ڪم ڪندڙ مسٽر سليم قريشي جي مدد سان نه رڳو ”انڊيا آفيس لائبريريءَ“ جو اصل پتو معلوم ٿيو، بلڪه مسٽر قريشيءَ جي مهربانيءَ سان لائبريريءَ ۾ گهڻو وقت هڪ فيلوشپ جهڙيون سهوليتون حاصل ٿي ويم.

اصل ۾ برٽش ميوزم جي عمارت نيو آڪسفورڊ اسٽريٽ کان پرڀرو ”گريٽ رسل اسٽريٽ“ ۾ واقع آهي، جڏهن ته ”انڊيا آفيس لائبريري“ ٽيمس ندي جي ٻيءَ ڀر ”بليڪ فيئرس روڊ“ تي واقع آهي.

”انڊيا آفيس لائبريري“ ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جا قلمي نُسخا، شاهه جو رسالو، سنڌ بابت نهايت ئي املهه تصويريون، ۽ برٽش دؤر ۾ بندش پيل سنڌي ڪتابن جو تعداد پڻ موجود آهي. ان کانسواءِ ميرن ۽ برٽش حڪومت جي وچ ۾ ڪيل لکپڙهه، 1857ع جي غدر وقت سنڌ جي ڪمشنر جي بمبئي حڪومت سان لکپڙهه جا اصل دستاويزات راقم الحروف جي نظرن مان گذريا. اهو سمورو مواد ايڏو ته دلچسپ ۽ معلوماتي آهي، جو راقم صبح جو لائبريريءَ جي رڪارڊ روم ۾ داخل ٿيندو هو ۽ شام جو لائبريريءَ جي بند ٿيڻ تائين ان جو مطالعو ڪندو رهندو هو. 1958ع جي دؤر جي لکپڙهه جا ڪاغذات بوسيده ٿي چڪا آهن. هت لائڻ سان ڪاغذ جي زارداڻ هٿن ۽ ڪپڙن تي ٿي لڳي وڃي، پر مجال آهي جو اهو اصل ڪاغذات بوسيده ٿي چڪا آهن. هٿ لائڻ سان ڪاغذ جي زرداڻ هٿن ۽ ڪپڙن تي ٿي لڳي وڃي، پر مجال آهي جو اهو اصل ڪاغذ ڪٿان ڳري وڃي. مقصد ته هڪ هڪ شيءِ جي حفاظت اهڙن جديد طريقن سان ڪئي ويئي آهي، جو ٻه سؤ چاليهه ورهيهه پراڻا ڪاغذ جيئن جو تيئن محفوظ رهجي ويا آهن.

لائبريريءَ ۾ برٽش دؤرِ حڪومت ۾ بندش هيٺ آيل هندستان جي سمورين ٻولين جا ڪتاب موجود آهن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو تعداد اوڻويهه آهي، جيڪي برٽش انڊيا جي حڪومت مختلف سالن ۾ ضبط ڪيا انهن اوڻيهه سنڌي ڪتابن جا نالا ۽ تعداد هن ريت آهي:

1- ”ڪميونسٽ، اين پي.“  سنڌ ڪميونسٽ آف هندستان، ڪميونسٽ پارٽيءَ جوماهوار رسالو، شمارو پهريون- نمبر 2 ۽ 3، 5- مئي، 5- جون 1940ع، (لائبريريءَ ۾ ڪئٽلاگ نمبر سنڌي پي. پي 18-17). هن ڪتاب ۾ هندستان اندر ڪميونسٽ پارٽيءَ جي انقلابي سرگرمين جون خبرون ڏنل آهن، جڏهن ته مذڪوره ڪتاب کي انهيءَ ڪري ضبط ڪيو ويو، جو ان ۾ شامل مواد ذريعي ماڻهن کي برٽش حڪومت خلاف هٿيار بند جدوجهد ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويئي هئي.

2- ”آزاد نارائڻ داس جي قومي گيتن جو ڪتاب“، جيڪو 1931ع ڌاري ضبط ٿيو، اهو ڪتاب ميرپورخاص جي رهواسي آزاد نارائڻ داس جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ڪتاب جا صفحا 31 آهن، جڏهن ته اهو ڪتاب حيدرآباد جي هڪ ڇاپخاني ”حيدرآباد ڀارت پريس“ مان ڇپرايو ويو هو.

(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي -9)

3- ”آلاپِ آزادي“. (شاعري)، 24 صفحن جو هي ڪتابڙو، سنڌي ٻوليءَ جي جڳ پڌري انقلابي شاعر ”هوند راج دکايل“ جي شاعريءَ جو ڳٽڪو آهي، جيڪو هن 1930ع ۾ لکيو هو، ۽ ساڳئي سال ضبطيءَ هيٺ آيو.

(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي - 16).

4- ”ڦاسي گيت مالا“ (شاعري)، ليکڪ هوند راج دُکايل. هن شاعريءَ جي ڳٽڪي ۾ هوندراج دُکايل پنهنجا نظم موتي لال نهرو، تلڪ، ميران ٻائي ۽ ٻين انقلابي ۽ قومي اڳواڻن جي نانءُ ڪيا آهن، انهيءَ ڪري مذڪوره ڪتاب کي 1930ع ۾ ضبوط ڪيو ويو.

”ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي - 13).

5- ”گانڌي گيت“، حيدرآباد جي قومي ساهتيه ڀون پاران ڇپرايل هي ڪتابڙو 1930ع ۾ ضبط ٿيو. ضبطيءَ جو ڪارڻ ڪتابڙي ۾ شامل گيت آهن، جيڪي مهاتما گانڌي ۽ سوديشي هلچل نالي ارپن ڪيل آهن.(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 3).

6- ”گانڌي گلشن“ (شاعري). حيدرآباد جي موهن داس اُڌارام جي ڇپرايل اٺن صفحن جي هي چوپڙي 1930ع ۾ اعتراض جوڳي شاعريءَ سبب ضبطيءَ هيٺ آئي.

(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 4).

7- ”من موهن ڀڃڻ واري“ (شاعري. نٿرمل ايسرداس جي30 صفحن جو هي ڪتابڙو پڻ اعتراض جوڳي انقلابي شاعريءَ ڪارڻ 1931ع ۾ ضبط ڪيو ويو.

(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 6).

8- ”مهاراج ڪاليداس“ (شاعري). گانڌي مالا حيدرآباد سنڌ طرفان 10 صفحن جي هيءَ چوپڙي 1930ع ۾ ضبط ڪئي ويئي.          (ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 11).

9- ”سُوراج ڪاليداس“ (شاعري). گانڌي مالا حيدرآباد سنڌ طرفان 10 صفحن جي هيءَ چوپڙي 1930ع ۾ ضبط ڪئي ويئي.                (ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 10).

10- ”تلڪ يادگار“ (شاعري). ڪوٽڙيءَ مان نڪتل ڪرپالداس جو هي ڪتابڙو 8- صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي 1926ع ۾ ضبط ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com