سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :17

 (ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 14).

11- ”اڄ ڪلهه جو سڌارو“ (ناول). گجراتيءَ ۾ سناتن ڌرم پرچار پارٽ 14 جو سنڌي ترجمو، جيڪو هرومل پريمچند شرما ڪراچيءَ ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. 198 صفحنجو هيءُ ڪتاب 1915ع ۾ ضبط ڪيو ويو، جڏهن ته ڪتاب جي اصلوڪي ليکڪ جو نالو هو چترويج نارائڻجي وينشجي.

(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 1).

12- ”ڌاراسڻ ڪهاڻي“ (مضمون). نارائڻ داس ليکراج جو لکيل هي ڪتاب 36 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪتاب ۾ ”ستيه گرهه“ تحريڪ دوران پوليس جي ظلمن جو اپٽار ڪيال آهي. هيءُ ڪتاب 1920ع ۾ ضبط ڪيو ويو.

(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 15).

13- ”انقلاب زندهه باد“ (مضمون). هيءُ ڪتاب دوارڪا پرشاد جو لکيل آهي، جنهن کي انقلابي مضمونن سبب 1932ع ۾ ضبطيءَ هيٺ آندو ويو.

(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 15).

14- ماهوار هندو جو تلڪ نمبر، آگسٽ 1931ع. هن رسالي ۾ لوڪمانيه بال گنگاڌر تلڪ جي حياتيءَ بابت مضمون شامل آهن.               (ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 12).

15- ”هندوستيه“ ماهوار رسالو سيپٽمبر 1941ع. سکر مان نڪتل انهيءَ رسالي جي شماري کي انهيءَ ڪري ضبط ڪيو ويو، جو ان ۾ شري پنڊت چندرگپت جو مضمون ”جناح کي جواب“ شايع ٿيل هو.   (ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 20).

16- ”بندي جيون“- سنيل سچندرناٿ جي لکيل تيرهن صفحن جي چوپڙي ۾ 1915ع ۾ هلايل ستيه ڳڙهه تحريڪ بابت مواد ڏنل هو، ان ڪري انهيءَ چوپڙيءَ کي 1930ع ۾ ضبط ڪيو ويو.     (ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 8).

17- ”بندي جيون“ شمارو 02    1930ع ۾ شايع ٿيل. انهي ڪتاب ۾ ڀارت جي انقلابي اڳواڻن کي ڀيٽا ڪيل آهي.

(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 7).

18- ”خونين جو ڪُوڪٽ“. ليکڪ شاهنواز جمال الدين پيرزادو. 1940ع ۾ هن ڪتاب کي انهيءَ ڪري ضبط ڪيو ويو، جو ڪتاب ۾ ليکڪ اهو ڄاڻايو هو ته پهرئين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ انگريز جاري هئا.

(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 99).

19- ”ڌاراسڻ“ 47 صفحن جو هي ڪتاب ستيه ڳڙهه تحريڪ بابت لکيو ويو، جنهن کي 1930ع ۾ اعتراض جوڳي مواد سبب ضبطيءَ هيٺ آندو ويو.

(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 5).

انهيءَ کانسواءِ انڊيا آفيس لائبريريءَ جي قيمتي ڪتبخاني ۾ انهن بندش هيٺ ڪتابن کانسواءِ ڪيترا ضبط ڪيل سنڌي پوسٽر پڻ موجود آهن، جن مان هڪڙو پوسٽر ”برٽش سلطنت برباد! اهڙي خونخوار جنگ ۾ حڪومت جي مدد ڪرڻ گويا ملڪ سان غداري ڪرڻ!“ جي عنوان سان منهنجي نظر مان گذريو. اهو پوسٽر 1940ع ڌاري ٻي مهاڀاري لڙائيءَ هلندي شايع ڪيو ويو، جنهن کي ساڳئي سال ضبط ڪيو ويو. لائبريريءَ ۾ رکيل انهيءَ پوسٽر جو ڪئٽلاگ نمبر پي پي سنڌي 139- اي/6 آهي.

”انڊيا آفيس لائبريريءَ“ جي ڪتبخاني ۾ سنڌي ٻوليءَ جا نهايت اڻ لڀ قلمي نسخا پڻ موجود آهن، جيڪي سي 72 کان 67 نمبر هيٺ رکيل آهن، انهن تي ترتيبوار فهرست هن ريت آهي:

سي 72: ”شاهه جو رسالو“. (ايم. ايس. ايس سنڌ. 3 ڪئٽلاگ نمبر).

سي 73: ”تفسير هاشمي“. (ايم. ايس. ايس. -1)

سي 74: ”بياض اسلام“ (ايم. ايس. ايس- 6).

سي 75: فاضل.

سي 76: محمد هاشم جا ٻه ورق.

سي 77: فرض اسلام.

سي 78: مطلب المونين.

سي 79: حيات الدنيا.

سي 80: مطلب المونين.

سي 81: چار اسلامي نظم.

سي 82: چار اسلامي نظم.

سي 83: حضرت محمد (صلي الله عليـﮧ وسلم) جن تي هڪ نظم.

سي 84: ڪنزل العبرت.

سي 85: سوره ياسين.

سي 86: قصو حضرت يوسف زليخا.

سي 87: قصو حضرت يوسف زليخا.

انهيءَ کانسواءِ ٻيو به کوڙ سارو مواد اتي موجود آهي، پر افسوس اهو آهي ته سنڌ جي تاريخ، سياست ۽ ادب تي ڪم ڪندڙن مان جن عالمن هن نادر ڪتبخاني مان استفادو حاصل ڪيو، انهن ۾ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو شامل آهن. بقول منهنجي دوست ۽ انڊياق آفيس لائبريريءَ جي هلندڙ چرندڙ ڄاڻو عاشق بٽالوي (هاڻي تازو گذاري ويو!) جي ته پاڪستان مان بنهه گهٽ ماڻهو هتي لائبريريءَ مان مستفيض ٿيا آهن. بهرحال سنڌ جي 1843ع کان وٺي 1947ع تائين اقتصادي توڙي سياسي حالتن بابت ”انڊيا آفيس لائبريري“ جي قيمتي ۽ نادر دستاويزات جي پڙهڻ کانسواءِ سنڌ ۾ ويهي ڪتاب لکڻ هرگز ممڪن ڪونهي. سنڌ جي برٽش دؤر حڪومت وارو عرصو هڪ عجيب ۽ ڪڏهن به نه وسرندڙ حصو رهيو آهي. سنڌ جا ماڻهو 1843ع ۾ پنهنجي آزادي وڃائڻ کانپوءِ سمورو عرصو برٽش حڪومت کان نفرت ڪندا رهيا، ته انگريزن به 1843ع کان وٺي 1947ع تائين سنڌ جي ماڻهن تي بنهه اعتبار نه ڪيو، ۽ شروع کان وٺي توڙي 1857ع جي جنگ آزاديءَ وقت به سنڌ کي ”شورش زده“ پرڳڻو سمجهندا رهيا. انهيءَ سلسلي ۾ ڪتبخاني ۾ موجود 1843ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ سرچارلس نيپيئر جا لکيل خط، توڙي سنڌي جي ڪمشنر پاران ”سيڪريٽري ٽو گورنمينٽ آف انڊيا“ کي 15- آڪٽوبر 1858ع ۾ ڪيل لکڙهه پڙهڻ جي قابل آهي. آزاديءَ کان اڳ ۾ آزاديءَ واري هلچل ۾ سنڌ جي خدمتن تي افسوس تي سنڌ توڙي ڀارت ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو ئي مسند ڪتاب نه لکيو ويو آهي، جنهن جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ڪنهن به محقق سنڌ جي سياسي تحريڪن بابت انڊيا آفيس لائبريريءَ جي ڪتبخاني تائين وڃڻ جي زحمت ئي گوارا نه ڪئي آهي، يا ائين کڻي چئجي ته اسان وٽ اهي وسيلا ئي ميسر ڪونهن، جو ست سمنڊ پار لنڊن تحقيق ڪرڻ لاءِ ڪهي وڃون. ان سلسلي ۾ سنڌالاجي ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي ڪوئي مثبت ڪردار نڀائڻ گهرجي. ڪاش! سنڌ بابت سمورن مسودن، توڙي ڪتابن جون مائڪرو فلمون سنڌالاجي پاڻ وٽ گهرائي رکي، ته هوند سنڌ جي عالمن ۽ دانشورن لاءِ وڏي سهوليت حاصل ٿي سگهي ٿي. باقي لنڊن جهڙي مهانگي شهر ۾ ذاتي خرچ تي وڃي تحقيق ڪرڻ لاءِ نه اسان جا مالي وسيلا اهڙي اجازت ٿا ڏين، نه وري ڪو ئي اهڙو ادارو موجود آهي، جيڪو عالمن ۽ محققن کي اها سهوليت فراهم ڪري ڏئي!

 

ba

 


 

 

سنڌ جا قديم سڪا          (سيريز)

(سنڌ ۾ انگريزن جا اوائلي سڪا)                

  عبدالله ورياهه

نوٽ: ] مهرڻ ۾ تحقيق جي حصي کي خصوصي اهميت ڏيندي، گذريل سال ”سنڌ جي تاريخ جو حصو“ عنوان سان هڪ نئون ڀاڱو شروع ڪيو ويو، جنهن کي عالمن ۽ قارئين ڏاڍو پسند ڪيو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ ”عالمي ادب“ جي عنوان سان هڪ ٻيو نئون ڪالم شروع ڪيو ويو، جنهن جي پڻ جوڳي موٽ ملي آهي. تحقيقي حصي ۾ اسان هاڻي ٻن نون ڪالمن ”سنڌ جا قديم سِڪا“ ۽ ”سنڌ جا خطي نسخا“ جو اضافو آڻي رهيا آهيون.

ان ڏس ۾ ”سِڪن“ جي موضوع تي، سنڌ جي سُڄاڻ ۽ مڃيل محقق جناب عبدالله خان ورياهه ميمبر سنڌي ادبي بورڊ ۽ ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ مهراڻ، ابتدا ڪئي آهي. ورياهه صاحب سڪن جي عنوان تي، باالخصوص سنڌ جي سڪن بابت وڏي فني ۽ سائينٽيفڪ ڄاڻ رکي ٿو ۽ سندس ڊاڪٽريٽ جوعنوان به اهو ئي آهي. جناب ورياهه صاحب جو ان سيريز لاءِ پهريون مضمون هتي پيش ڪجي ٿو.                          (ادارو)

سنڌ ۾ انگريزن جي دلچسپي سنه 1022هه / 1613ع کان شروع ٿي جڏهن پهريون انگريزي ٻيڙو، واپار سانگي ديبل بندر تي اچي لڳو هو ۽ پوءِ اهو سلسلو واپار مان وڌي سندن حڪومت جي صورت اختيار ڪري ويو. کين 1172هه/ 1758ع ۾ سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاهه (1171هه/ 1758ع کان 1186هه/ 1772ع) واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ ۽ قلعي شوري جي خريداري جي باقاعدي اجازت ڏني، جنهن کان پوءِ هنن شاهه بندر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪوٺي قائم ڪري پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو. هنن کي سنڌ جي حاڪمن طرفان لاڳيتو سهوليتون ملنديون رهيون، پر انگريز سندن ڪنهن به ڪم نه آيا.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات (1186هه/ 1772ع) کان پوءِ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي (1186هه/ 1772ع کان 1189هه/ 1776ع) جي حڪومت سنه 1189هه / 1775ع ۾ انگريزن حالتن کان مجبور ٿي واپاري ڪوٺي بند ڪري ڇڏي. سنڌ تي ميرن جي حڪومت (1199هه / 1784ع کان 1259هه / 1843ع) قائم ٿيڻ کانپوءِ 1223هه / 1808ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر (1207هه / 1802ع کان 1227 هه / 1811ع) انگريزن سان نئين سر معاهدو ڪري سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني. ڪمپني سرڪار ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪئي، جنهن بعد ٻيا به ڪيترا معاهدا مير رستم خان، مير مراد علي خان، مير نور محمد خان، مير نصير خان، مير مبارڪ خان، مير محمد خان، مير صوبدار خان ۽ ٻين ٽالپرن اميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ ٿيندا رهيا، جن موجب ڪراچي انگريزن جي حوالي ٿي. ميرن جي حيثيت حاڪم مان ڦري محڪوم جي ٿي پئي ۽ سنڌ ۾ رائج سڪي کي بند ڪري سنڌ ۾ انگريزي سڪي کي جاري ڪيو وييو.


 

 

سنڌ تي انگريزن جي قبضي وقت سنڌ ۽ ڀرپاسي واريون رياستون

       


 

 

پنجين فيبروري 1839ع / 1255هه تي لارڊ آڪلينڊ (Auckland) جو ميرن سان معاهدو ٿيو، جنهن جي فقري نمبر ڏهين ۾ ڄاڻايو ويو ته:

”ڇاڪاڻ ته ايسٽ انڊيا ڪمپني سرڪار جو رپيو ۽ سنڌ ۾ رائج تيموري سڪو برابر آهن ۽ سنڌ جي اميرن کي پنهنجي علائقي ۾ ڪمپني جو سڪو جاري ڪرڻ ۾ ڪو به عذر ڪونهي، پر جيسين تائين انگريز سنڌ ۾ ڪوٽسڪال قائم نه ٿا ڪن، جيڪو افغانستان جي مهم کان پوءِ قائم ٿيندو، ڪمپني تيموري سڪو ضرب ڪرائيندي.“

 ان کانپوءِ مير شير محمد خان ٽالپر، واليء ميرپور جو ايسٽ انڊيا ڪمپني سال 18 جون 1841ع مطابق 27- ربيع الاول 1257هه تي به معاهدو ٿيو، جنهن ۾ ڏهين فقري ۾ لکيو ويو ته: ”انگريزي سڪو ۽ تيموري سڪو قيمت ۾ برابر آهن، ان ڪري امير موصوف جي حڪومت ۾ انگريزي سڪو جاري ڪيو ويندو.“

اڳتي هلي چوٿين نومبر 1842ع تي حيدرآباد جيميرن کان پڻ انگريزن لکرائي ورتو ته: ”جنوري 1845ع (1261هه) کان حيدرآباد جي اميرن جي سڀني شهرن ۾ صرف ڪمپني جو سڪو رائج ٿيندو.

”انگريزن جي حڪومت جو ضرف خانو حيدرآباد جي اميرن لاءِ سڪا پلٽيندو رهندو.انهن سڪن جي هڪڙي پاسي انگريز بادشاهه جي شبيهه يا جيڪو ڪجهه انگريز حڪومت لکرائڻ چاهي ۽ ٻئي پاسي حيدرآباد جي اميرن جي لکيت هوندي.

”حيدرآباد جي اميرن لاءِ جيڪا سڪا پلٽيا ويندا، انهن جي چانديءَ جي قيمت ۽ انهن جو وزن انگريزي سڪي جي برابر هوندو. ميرن جي طرفان چاندي ملڻ جي چئن مهينن کانپوءِ گهربل سڪا انگريزي ضرب خانو تيار ڪري ڏيندو ۽ سڪي ٺاهڻ تي ٿيندڙ خرچ مير صاحبان کان ڪو نه ورتو ويندو.

”هن معاهدي موجب اميران حيدرآباد سڪن ٺاهڻ جو حق نه رکندا.“

معاهدي جي مٿين سڀني فقرن وسيلي حيدرآباد جي ميرن جو ٻين سڀني اختيارن سميت سڪن ٺاهڻ جو حق به ختم ڪيو ويو. ساڳئي تاريخ ۽ سال تي اهڙو معاهدو خيرپور جي ميرن سان پڻ ڪيو ويو، جنهن موجب سنڌ جي ڪجهه حصن کي بهاولپور جي حوالي ڪري، سکر، بکر، روهڙي ۽ ٻيا ڪجهه علائقا انگريزن پنهنجي نالي لکرائي ورتا. هن معاهدي ۾ اهو پڻ طئي ٿيو ته:

”خيرپور ۾ صرف انگريزي سڪو يا اهو سڪو هلندو، جيڪو اڳتي هلي تجويز ٿيندو. حڪومت برطانيه خيرپور جا سڪا پاڻ پلٽيندي، جنهن جي هڪڙي پاسي شاهه انگلينڊ جي تصوير هوندي ۽ ٻئي پاسي خيرپور جا امير جيڪو چاهيندا اهو ڏنو ويندو.“

مٿين سڀني معاهدن وسيلي انگريزن حيدرآباد، ميرپور ۽ خيرپور جي اميرن جي خودمختياري کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ عملي طرح سان ميرن کي سنڌ جي حڪومت تان معزول ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ کين قيد ڪري سنڌ کان ٻاهر موڪليو ويو ۽ انگريزن سنڌ ۾ سندن واپاري ڪمپني ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جي حڪومت ۽ ان جي نالي جو بمبئي جي ضرف خاني جو سڪو سموريءَ سنڌ ۾ هلائڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ هڪ دفعو وري ڌارين جي قبضي ۾ هلي ويئي.

سنڌ تي انگريزن جي قبضي ۽ حيدرآباد جي ميرن جي ضربخاني بند ٿيڻ کانپوءِ به رياست خيرپور جي نالي ماتر حيثيت برقرار هئي ۽ 1259هه / 1843ع کان پوءِ به خيرپور جي ميرن طرفان هلندڙ افغان حاڪم محمود شاهه بن تيمور شاهه (1216هه- 1801ع کان 1245هه- 1829ع) جي نالي جو سڪو”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جي نشان شينهن جي تصوير جي اضافي سان برقرار رکيو ويو. بکر جي ضربخاني مان جاري هن چاندي جي سڪي جي هڪ پاسي وچ ۾ ”محمود شاهه“ ۽ ان جي چوڌاري فارسي ۾ هي شعر لکيل آهي:

”سڪه برسيم زد بتوفيق الـﮧ

خسرو گيتي ستان محمود شاهه.“

جنهن جي معنيٰ ٿيندي، ”سڪو چانديءَ تي ٺپيو ويو الله جي مدد سان، دنيا جي فتح ڪندڙ خسرو (ٻئي) محمود شاهه جي نالي“. عام طرح سڪي جو ٺپو وڏو هجڻ جي ڪري شعر جي پوري پڙهڻي سڪي تي اچي نه سگهندي هئي ۽ پاسا ڪٽجي ويندا هئا. سڪي جي ساڳئي پاسي تي هڪ سهو پڻ ٺهيل آهي، جنهن جا اڳيان ٻئي پير ۽ منهن وارو حصو سڪي جي وچ واري گول ۾ ”محمود شاهه“ جي مٿان ۽ باقي پويان ٻه پير ۽ جسم جو پويون حصو فارسي شعر واري حصي ۾ اچي وڃي ٿو. سڪي جي ٻئي پاسي فارسي رسم الخط ۾ هيءَ لکيت آهي:

”سنه جلوس ميمنت مانوس 1259، ضرب بهکر.“

هن قسم جي لکيت هندستان جي مغل حاڪم اورنگزيب عالمگير (1068هه- 1658ع کان 1119هه- 1207) پنهنجي سڪي تان ڪلمون پاڪ هٽائي جاري ڪئي هئي ۽ کانئس پوءِ ايندڙ مغل حاڪمن ۽ افغانن پڻ پنهنجي سڪن تي ان  لکيت کي برقرار رکيو. هنن فارسي لفظن جي معنيٰ ”ڪاميابيءَ سان بادشاهي داخل ٿي سنه 1259هه ۾، سڪو ٺپيو ڀکر ۾.“

سڪي تي لکيل لفظ جلوس جي س ۾ شينهن جي تصوير آهي، جيڪو حملي ڪرڻ واري انداز ۾ آهي ۽ پڇ مٿي اٿس. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ وارن رياست خيرپور جي بکر مان جاري ڪيل هن قسم جي سڪن تي شينهن جي تصوير ڪا نه هوندي هئي. انگريزن سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ٿيڻ جي نشاني طور شينهن جي ڇاپ جي واڌاري سان هيءُ سڪو جاري ڪيو هو. (ڏسو تصوير سڪو نمبر-1) هن قسم جا سڪا سنه 1259هه- 1843ع ۽ 1261هه- 1845ع) جامليا آهن. هنن سڪن جو وزن تقريباً پوڻا ڏهه گرام ۽ سائيز 59- 21 ملي ميٽر ٿيندي.

سنڌ جي پهرئين گورنر سرچارلس نيپئر (1259هه- 1843ع کان 1263هه- 1847ع) جي دور ۾ بکر ۾ ضرب ٿيل مٿين سڪن کان سواءِ سنه 1262هه- 1845ع جو ساڳئي قسم جو سڪو پڻ مليو آهي، پر انهيءَ تي سهي ۽ شينهن جي تصوير جي بدران مختلف قسم جا گل ۽ ٻوٽا نقش ڪيل آهن. ٿي سگهي ٿو ته مذهبي مخالفت يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري سڪي تان تصويرون ختم ڪيون ويون. سنه 1263هه- 1847ع ۾ چارلس نيپئر واپس ولايت هليو ويو، کانئس پوءِ سنڌ جو گورنر جو عهدو ختم ڪري مسٽر پرنگل کي ساڳئي سال سنڌ جو ڪمشنر ڪري موڪليو ويو، جيڪو بمبئيءَ جي گورنر سرجارج ڪلارڪ جي هٿ هيٺ سنڌ جو انتظام هلائڻ لڳو.

سندس وقت ۾ پڻ خيرپور جو سڪو سواءِ پهرئين سال 1263هه/ 1847ع جي 1264هه/ 1842ع کان 1269هه/ 1852ع تائين لاڳيتو ساڳئي قسم جا سڪا بکر جي ضربخاني مان جاري ٿيندا رهيا.

(ڏسو تصوير سِڪو نمبر- 2)

31- جنوري 1852ع تي مسٽر پرنگل جي جاءِ تي سنڌ جو ڪمشنر سر بارٽل فريئر (1268هه/ 1851ع کان 1273 / 1856ع) کي ڪري موڪليو ويو. سنڌ جي آزاد حيثيت انگريزن اڳ ئي ختم ڪري ڇڏي هئي. حيدرآباد جو ضربخانو به بند ٿي چڪو هو، پر سر بارٽل فريئر مختلف بهانا ڪري رياست خيرپور جي اڳوڻي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ خيرپور جي ميرن جا سڪا ڍاهيندڙ بکر جي ضربخاني کي بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ڪڏهن به هن ضربخاني مان ڪو سِڪو جاري نه ٿيو. مٿي  ذڪر ڪيل سِڪا سنڌ جي سرزمين تي ٺپيل آخري سڪا هئا.

انگريزن جي قبضي ڪرڻ کانپوءِ ستت ئي سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سون، چاندي ۽ ٽامي جي سڪن جو رواج پئجي چڪو هو، جيڪي انگريزن جي قائم ڪيل ڪلڪتي، بمبئي ۽ مدراس جي ٽڪسالن مان جاري ڪيا ويندا هئا، پر بکر ۾ سنڌ جي آخري ضربخاني بند ٿيڻ بعد سنڌ ۾ پوريءَ  طرح سان ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جو سڪو هلڻ لڳو، جيڪو ٺپي تي ڌڪ هڻي ٺاهڻ بدران نئين نموني سان ڌاتو پگهاري مشين وسيل پلٽيا ويندا هئا.

 

مددي وسيلا

R.B. Whitehead

Catalogue of coins in the Punjab Museum, Lahore, Volume III. At the Clarendon Press, Oxford 1934.

Colin R. Bruce II, John S. Deyell

Nicholas Rhodes, William F. Spengler.

he Standar guide to South Asian Coins and paper Money Since 1556 A.D.

Krause Publications Iola, Wiscouisn, 1982.

مننشي عطا محمد شڪارپوري،

تاريخ تازه نو اي معارف (فارسي)

سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي- 1959ع.

اعجاز الحق قدوسي،

اعجاز الحق قدوسي،

تارخ سنڌ جلد سوم (اردو)

اردو سائنس بورڊ، لاهور- 1984ع.

رحيمداد خان مولائي شيدائي،

ٽالپرن جي مختصر تاريخ (سنڌي)

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو- 1983ع.

سڪن جي ذاتي ذخير جي مشاهدي مان پڻ هن مضمون لاءِ مدد ورتي ويئي.

(عبدالله ورياهه)

ba

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com