سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :23

ادب لطيف

جهامنداس ڀاٽيا

صديون گذري ويون!

صديون گذري چڪيون آهن، مگر چڪتو نه ٿيو آهي حساب. اڃا حسن جو ڪتاب قرب هر باب مان حسن ۽ حسين جي حيرت جون هونگارون ڪندو ٿو رهي.

مهراڻ: ميهر ۽ سهڻيءَ کي سڪ ۾ سوگهو ڪري وصل ۽ وحدت جي وهڪ ۾ وهائي ڇڏيو، مگر اڏيو انهن عاشقن عجيب افسانو.

حسن پسي، اميد ڦسي پيو. عشق تري هسي پيو. حسن چيو عشق جو تير گسي ويو، ميهر مُسي ويو. عشق چيو ناممڪن آهي اهو. جانباز عشق جيهو نه آهي ڪو.

سسئي سڪ جي سوداگر، حسن جي ڄائي. حسن نپائي.ڪيچ جو قافلو سفر سانگي منزل ڪري ملڪ ۾ آيو.

تصوير حسن جي پسي سوداگر دنگ رهجي ويا، هاڪ ٻڌي بيباڪ ٿي پيو پنهون. عشق اُڀرڪي اُٿيو، رات ڏينهن غائب ٿي ويا. سج چنڊ لڪي پيا. عشق جا اسرار اقرار ڏيڻ لڳا، وڇڙيا مليا؛ وري وڇڙيا پيا.

سسئي- عورت جي چولي هوندي وسان ڪين گهٽايو. وڏا وڻ وڻڪار جا، باري بر، ڪارا ڏونگر، واٽن جي واري لتاڙي، مگر پنهون پرديس، ڀائن ڀيڙو. پهاڙن ۾ اڃان به سندس آواز هوائن جي گهوگهاٽن ۾ صدين کان سمايل راز رمتي فقير جي تنبور تي رات جي سناٽي ۾ چنڊ کي عتاب ڏيندو ٿو رهي. سسئي صدين کان ڍونڍيندي ٿي رهي، مگر ڍول لهي نٿي، هِت يا هُت!

روزمره جي ڳالهه آهي- عورت موتين جي مڻيا تي هرکجيو ٿي پئي. ليلان ڪونئروءَ کي هڪڙي رات لاءِ چنيسر جي ٻانهن ڏئي ٿي ڇڏي، مگر مارئي عمر جا باغ باغيچا محل ماريون، اطلس ۽ بخمل ٿوڪاري ٿي ڇڏي. عصمت قائم رکڻ لئي، تنهنجي نباهڻ لئي، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو ڪري، لاک جي لوئيءَ جي لڄ ٿي رکي، صديون گذري ويون ته به هنن موملن جي مڻيا ۽ ڪڻيا وقت ڦيري نه سگهيو آهي. ڏينهون ڏينهن تيج ۽ تجمل سندن وڃي وڌندو.

رنگت تنهنجن تصويرن جي سمر ميٽي سگهيو ئي ڪين. يقين هي ته جيئن وقت گذرندو، ”لطيف“ نگاهه تنهنجي عوام جي اکين ۾ عبرتي اوت اوتيندي حسن جي؛ ايڏي ڇت ته ڪئي اٿئي جو اسان تان اڃا به اڀرندي ٿي رهي حسن لئي.

لطيف! اکين تنهنجن چکيو ڪهڙو چوڄ، جو چَٽِ مَٽ وقت، جاءِ، سبب جا بڻي نه بڻيا.

عشق جي عبرت، حسن جي حيرت، ڪاملِ ڪلاڪار! تو پَٽن تي ويهي اڀاڙي پنهنجن تنوارن سان.

لطيف ڪڻيون وسائي، للڪارن سان واريءَ ۾ وسَنو ڪري ڇڏي اٿئي. صديون گذري ويون، اڃا به.

هاڻ به هوت ڪو سنڌڙيءَ سان سهنج ڪر وَر تي. وَر ڪر او ڀٽ جا ڌڻي ڀلارا لطيف! لطف ڪر- لائق ڪر ويچاريءَ وساريل سان.

(موڪليندڙ: روي. ايل. جها)

 

عالمي ادب     (ڪالم).

امين ريحاني

اياز گل

امين ريحائي، عرب شاعريءَ جو هڪ معتبر نالو اهي. هن 1876ع ۾ جنم ورتو ۽ 1940ع ۾ وفات ڪيائين. خليل جبران جي همعصر شاعر طور سندس نالو بي حد احترام سان ورتو وڃي ٿو. امين ريحانيءَ زندگيءَ جو وڏو حصو نيويارڪ ۾ گذاريو. هن عرب شاعريءَ کي جدت ۽ نوان لاڙا ڏنا ۽ عربيءَ سان گڏ، انگريزيءَ ۾ به لکيائين. هتي سندس ٻن مختصر پر خوبصورت نظم جو ترجمو ڏجي ٿو.

خوشي

مان هنن مُکڙين کي ڦُٽندو ڏسي

بي حد خوشي محسوس ڪندو اهيان

مان کين ڪيئي ڀيرا ائين ڳڻيو هي

جيئن ماءُ،

پنهنجي ابهم ٻار جا ڏندَ

ڳڻيندي اهي.

سودو

مان مشرق هيان

مون وٽ فلسفا اهن

مذهب اهن

ڪوئي، هوائي جهازن بدلي

مون کان اِهي وٺندو؟

جديد ادب جو اڀياس                     (سيريز).

ايندڙ ٽهيءَ کي سلام   (تقرير)

                           تنوير عباسي

 

سنڌ جي نئين ٽهيءَ جا نمائندا شاعر ادل ۽ محترم مجيد چانڊيو، طارق عالم، نصير مرزا، سڄاڻ اديبو ۽ معزز حاضرين!

ادل جي مون ڏي واقعي وڏي ميار آهي. هڪڙي ميار اها ته ڪنهن زماني ۾ مون هڪڙو مقالو لکيو هو ۽ مون کي پاڻ عجب لڳو ته انهيءَ ۾ مون ادب جهڙي مکيه شاعر کي وساري ڇڏيو. اڄ به اهڙو ئي نمونو ٿيو جو مشڪل سان، دير سان هتي پهتو آهيان. ان لاءِ معافي ٿو وٺان.

گذريل مهيني جويو صاحب سکر آيو هو. ان سان ويٺا هئاسين ته مون چيو ته سکر ۾ ادل ۽ اياز گل واقعي نئين ٽهيءَ جا سٺا شاعر آهن. جويي صاحب چيو ته، مختيار ملڪ به. مون چيو نه مختيار ملڪ خيرپور جو آهي، مان سکر جي ڳالهه ڪئي. بهرحال، اسان جي جڏهن به گفتگو ٿيندي آهي ته ادل جو نالو نئين ٽهيءَ جي نمائندن شاعرن ۾ ضرور نڪرندو آهي.

هر دور ۾ ڪيئي شاعر پيدا ٿين ٿا. موجوده دور ۾ به سنڌ ۾ ڪيئي شاعر آهن. شاهه لطيف جي زماني ۾ به ڪيئي شاعر هئا. سچل سائينءَ جي زماني ۾ به ڪيئي شاعر هئا. پر پوءِ ادب جي تاريخ ۾ چند شاعرن جا نالا رهجي وڃن ٿا. شاهه جي زماني جا نالا ياد ڪبا ته ٻه- ٽي شاعر خواجه محمد زمان لُنواري وارو، ميون عنايت يا ٻيا ٻه- ٽي نظر ايندا، ٻيا گم ٿي ويا، يا ڪتابن ۾ محفوظ آهن، ريسرچ اسڪالر انهن کي ڳولي ٿا ڪڍن. بهرحال اهو ادب جي تاريخ جو سلسلو يا عمل آهي. جيڪڏهن غور ڪيون ته آخر ڇو سَوَن شاعرن مان فقط ٻن- تن شاعرن جو نالو رهجيو وڃي ۽ ٻيا گم ٿيو وڃن، پنهنجي ليکي ختم ٿيو وڃن. جيڪڏهن ان ڳالهه تي غور ڪبو ته اهو نظر ايندو ته زنده رهڻ وارن شاهرن ۾ ٻه ٽي خاصيتون ٿين ٿيون.ک ان مان پهرين خاصيت آهي انفرادي اسلوب. انفرادي اسلوب مان منهنجو مطلب آهي، هن جي لکڻي ۽ ان جو ڍنگ، هُن جي ٻولي، پنهنجي دؤر جي مسئلن ڏانهن هي جي روش. اهي سڀ ڳالهيون جيڪڏهن هن کي پنهنجون انفرادي ناهن، ته پوءِ اهو شاعر زنده رهي نٿو سگهي. پنهنجي دؤر ۾ بيشڪ ڪيئي شاعر هئا، جيڪي ڏاڍا مشهور هئا، خود اسان پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏٺا. هوندراج دکايل جو نالو هاڻي توهان نه ٻڌو هوندو، پر هوندراج دکايل جو ڪلام گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳائيندا هئا. ڪامريڊ برڪت علي ”آزاد“ کي خبر هوندي. (ڪامريڊ برڪت ”آزاد“ ڏانهن اشارو ڪندي).

هوند راج دکايل جو نالو ادبي تاريخ ۾ ڪونهي، پر ڪشنچند بيوس جو آهي. منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته انفرادي اسلوب، انفرادي ٻولي، انفرادي روش (Attitude) پنهنجي دور ڏانهن، پنهنجي مسئلن ڏانهن، اهي شيون آهن، جيڪي ڪنهن شاعر کي پنهنجي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ابدي زندگي ڏين ٿيون. هڪڙي هنڌ ازرا پائونڊ چيو آهي ته:

”هر شاعر پنهنجي شاعريءَ جي شروعاتي دؤر جي ڪن عظيم شاعرن کان متاثر ٿيندو آهي. انهن جو اثر وٺي، انهن جي پيرن تي هلندو آهي ۽ انهن جو اسلوب ۽ ٻولي قبول ڪندو آهي. پر عظيم شاعر ان کان اڳتي وڌي ٻئي دؤر ۾ پنهنجي شاعري ۾ پنهنجو انفرادي اسلوب گهڙيندا آهن.“ منهنجي نظر ۾ ته ادل سومرو به انهن شاعرن مان هڪ آهي، جن هن وقت، هن دؤر ۾ پنهنجي شاعريءَ جو انفرادي اسلوب گهڙيو آهي.

جيئن مون عرض ڪيو ته اڄ کان سؤ سال اڳ جو شعر پڙهو، اڄ کان پنجاهه سال اڳ جو شعر پڙهو، وري اڄوڪو شعر پڙهو. جيڪي ادب جا شاگرد يا شاعريءَ جا ماهر آهن، انهن کي توهان دؤر نه ٻڌايو ته هي ڪهڙي دؤر ۾ لکيو ويو آهي. تڏهن به توهان کي ٻڌائيندا ته هي فلاڻي دؤر جو شعر آهي ۽ هي فلاڻي دؤر جو شعر آهي. اهو ان ڪري جو هر دؤر جا پنهنجا مسئلا ٿين ٿا ۽ هر دؤر جي ٻولي پنهنجي پنهنجي ٿئي ٿئي؛ انهن جو ريو (Attitude) پنهنجو پنهنجو ٿئي ٿو. هاڻي جيئن ڪجهه اڄوڪا شاعر ڪلاسيڪيت جي پٺيان لڳي، ڪلاسيڪي ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن. ٺيڪ آ، تمام سٺي ڳالهه آهي، ڪلاسيڪي ٻولي ڀل استعمال ڪن، پر اسان جي ماڻهوءَ جي سمجهه مطابق هجي. يعني توهان جيڪي ڪجهه چوڻ چاهيو. اهو ٻيا ماڻهو سمجهن ته سهي، انهن کي ڪجهه هڙ حاصل ته ٿئي نه!

ادل جي ٻولي، مون ڏٺي آ ته هن دؤر جي ماڊرن ٻولي آهي، جيئن سندس هڪ وائيءَ جي وراڻي آهي ته:

آهي گهُٽَ فليٽن ۾.

فليٽ هن صديءَ جي ستر کانپوءِ جو واقعو آهي. سنڌ ۾، ڪراچيءَ ۾ ڪجهه اڳ ۾ هوندا هئا. ٻي هڪڙي نظم يج سٽ اٿس ته:

ٻارڙن جو وارڊ آ روشن مگر پوءِ به اداس.

ڏاڍي پياري سٽ آ. وارڊ روشن آ، پر تنهن هوندي به اداس آ. اهي ٻئي تضاد آهن.

ٻارڙن جو وارڊ، روشن اداس، جيڪو ماحول آهي، اهو سڄو اسان جي دؤر جو آهي يا ٻي هڪڙي وائيءَ جي سٽ اٿس ته:

بکايل کي بُوءِ

روٽيءَ سندي روح ۾-

ٻيو هڪڙو شعر اٿس:

گوليون گونجان بَمّ ڌماڪا

لوٺيا! تنهنجي لاءِ تماشا.

اهو شعر پڙهڻ سان ئي چئي سگهجي ٿو ته اهو شعر هن صديءَ جو شعر آ، هن دؤر جو شعر آ، يا هڪڙو نظم اٿس، تمام سٺو نظم ”ڌٻڻ ۾ ڦاٿل زندگيءَ جي صدا“، جيڪو ائين ٿو شروع ٿئي ته:

منهنجو نانءُ نبو آ سائين.

اهي سڀ اسان جي دؤر جون ڳالهيون آهن. اهي اسان جي دؤر جا شاعر نه ڪندا ته ٻيا ڪير ڪندا. جيڪڏهن انهن ڳالهين کان اکون ٻوٽي اسان جا شاعر شاعري ٿا ڪن ته پوءِ اهو ئي چئبو ته انهن جي شاعري نه ڪو ئي مقصد ٿي رکي، نڪو ماڻهن جي لاءِ ڪا دلچسپي اکندي، نڪو ادبي تاريخ ۾ ان جي اهميت ٿيندي.اها ٿيندي هڪڙي لفاظي، هڪڙي سگهڙپائي. مون ڪيترن هنڌن تي چيو آهي، ڪيترن هنڌن تي لکيو آهي ته شاعري رڳو جذبن، احساسن، نظارن يا عڪسن جي نگارش ڪانهي، پر انهن جي کوجنا پڻ آهي. کوجنا مان منهنجو مطلب آهي ته (Discovery). شاعري (Discovery of Images) آهي. Discovery of emotion آهي. منهنجو مطلب آهي ته ڪنهن اهڙي جذبي جو بيان ڪرڻ، جيڪو شاعريءَ جي دنيا لاءِ نئون هجي، جيئن ادل جي هڪ غزل جو شعر آ.

سازن کان آواز رسي ويا.

اها ته عام ڳالهه آهي، هر شاعر ڪري ٿو. سازن کان آواز رسي ويا. اسان جي ڪيترن شاعرن اها ڳالهه ڪئي آ، پر ان جي ٻي سٽ جيڪا آهي:

هر چپ تي آ منڌيئڙو

چپ تي منڌيئڙو هجڻ، ڪراس هجڻ، اها هڪ discovery آهي. شاعري ۾ هڪڙي اُهڃاڻ جي discovery آهي. Symbol جي discovery آهي.

 يا ٻئي هڪڙي هنڌ چوي ٿو:

ڪاريون راتيون سندر سپنا

اها به ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، پر ڪاريون راتيون سندر سپنا ڪهڙي ماحول ۾؟

ڦاٽل رلي کٽ ڇڳل.

اهو جيڪو تضاد آ ته، ڦاٽل رلي آ، کٽ ڇڳل آ، تڏهن به هن کي سڪون جي ننڊ ٿي اچي ۽ انهن ڪارين راتين ۾ به هو سندر سپنا ٿو ڏسي، ته اها هڪڙي discovery آ Image جي، هڪڙي عڪس جي کوجنا آهي. يا ٻئي هڪڙي هنڌ آهي:

ڪنول قطارون من- ڪينجهر

نيڻ نهارون ڇرئي ڇر.

يا هي شعر:

جيڪي مون سان ٽهڪ ڏين ٿا

اهي سمورا ناهن دوست.

يا هڪ ٻيو شعر آ:

ولهه ۾ پئجي رهيا

ٻارڙا سارا رڙي.

يا هڪڙو ٻيو Image آ، ان ۾ ڏسو ته تغزل به آ:

حاويليءَ جي شاهي در وٽ

کٽو چور جو پيرو آهي.

يعني اهو به هڪڙو Image آهي. حاولي اُهڃاڻ آهي هڪڙي طبقي جو، ۽ چور جو پيرو اتي کٽڻ معنيٰ اتي هن کي پناهه ملي ٿي. ٻيو هڪ شعر اٿس ته (هي شعر صرف نارائڻ شيام ئي چئي سگهي ٿو.)

منهنجو پاڇو موٽيو هوندو

دروازي تي کڙڪو آهي.

ته اها شاعري ۾ کوجنا discovery آهي. هڪ ٻئي شعر ۾ ادل چئي ٿو:

تون وئينءَ مون کي ٻڌائڻ کانسواءِ

سنڌ مون تنهنجي پٺيان ڏاڍا ڪيا.

اتي مان سمجهان ٿو ته نارائڻ شيام جو گهڻو اثر قبول ڪيو آ اسان جي يار، بهرحال ادل جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي، مون کي اُها اُميد نه، پر پڪ آهي ته ادل اسان جي دؤر ۾ سنڌي شاعرن ۾ تمام سٺو مقام هن وقت به رکي ٿو ۽ پڪ آهي ته اڳتي هلي ادبي تاريخ ۾ به اکندو. هن جا شعر، توڙي اڃا گهڻا نه لکيا اٿائين، پر جيڪي ڪجهه لکيو اٿائين، اهو ئي ڪافي آهي، هن کي هڪڙي عزت ڀرئي مقام ڏيڻ لا3. تنهن کان پوءِ ادل، جيڪي مون کي تازا شعر ٻڌايا آهن، جيڪي ٿر جي پس منظر ۾ آهن، يا ڪراچيءَ جي ڪرفيوءَ جي پس منظر ۾ آهن. اهي شعر واقعي، مون کي لڳي ٿو ته هڪڙو اڳتي قدم آهن، نه فقط ادل جي شاعري ۾ پر اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ مجموعي طرح ڇو ته انهن موضوعن تي تمام گهٽ شاعرن لکيو آهي. نه رڳو لکڻ، لکن ته صحافي به ٿا، خبرون به اچن ٿيون، اخبارن ۾ فوٽو به اچن ٿا، پر هڪ شاعر جي دل ڇا ٿي محسوس ڪري، ان ڳالهه جو جيڪو شاعراڻو احساس آهي، ان جي اپٽار ڪرڻ، اها وڏي ڳالهه آهي ۽ ادل ان کي واقعي شاعراڻي طريقي سان نباهيو آهي. جيئن هڪڙي وائي اٿس ته:

توسان ڪيئن ملان!

ايئن ته مان ناهيان.

ڪرفيو آهي شهر ۾-

فون به ناهي جو پرين!

توسان ڳالهايان.

ڪرفيو آهي شهر ۾-

 

اتي ڪرفيوءَ کي هن ڪيڏو نه ظالم ڏيکاريو آهي، جيڪو ٻن پيار ڪرڻ وارن کي ملڻ نٿو ڏئي. اهو هڪ شاعراڻو احساس آهي. اهي سڀ شعر ادل جا سچ پچ ته تعريف جي لائق آهن. ۽ مون کي پڪ آهي ته اد، جنهن جي مان چوان ته اڏام انهن شعرن سان شروع ٿي آ، اڃا اڳتي مٿي ويندو. باقي مان ڪجهه ڳالهيون عرض ڪريان، جيڪي روبرو به ادل سان ڪيون آهن ته ڪن ڪن جاين تي ادل جي شعرن جو ردم ٽُٽي ٿو، انهن جو خاص خيال رکي. ٻيون ڪجهه ٻوليءَ جون به ٿوريون ڪَچايون آهن، جيئن هڪ وائيءَ ۾ چوي ٿو ته:

اکين مٿان ڀنڀا ڀرون

سنڌوءَ جي ڄڻ ساوڻي.

ڀرون ڀنڀا نه ٿيندا آهن. ڀنڀا معنيٰ تمام ڊگها ۽ ڳاڙهيا. ڊگهن ڳاڙهن وارن کي ڀنڀا چئبو آهي. جيئن شاهه لطيف چيو آ:

لال لاهيندي وڇڙا

ڀنڙس ڀنڀا وار.

ڀرون ٿيندا آهن جاڙا، جيڪي نڪ مٿان اچي ملي وڃن. انهن کي چئبو آهي جاڙا. ٻئي هڪڙي هنڌ چيو اٿائين ته:

ڏيئا پائن ليئا

اک اوندهه ۾ اٽڪائي

لاٽ نه وِسڻي آهي

حالانڪه لفظ وسامجڻ يا وسامڻ آهي، پر وسڻي، وسامڻي يا وسامجڻي وغيره ناهي. ٻيو هڪ ٻن جاين تي:

مايا لهر ۾ لُڙهي ويا

قرب ڪنڌيءَ جا ڪانا سرَ.

ٻيو اٿس ته:

ڪڪرن جي رٿ تي هلي آءٌ پيارا

اها ڳالهه هڪڙي اسان جو مڃو ڪا

هن ۾ ٻه ڳالهيون آهن. هڪڙو ڪڪرن جي رٿ تي وزن ٽُٽي ٿو:

تون ڪڪرن جي رٿ هلي آءٌ پيارا،

(تڏهن به ٺيڪ آ.)

پر ٻيءَ سٽ ۾ چئي ٿو:

اها ڳالهه هڪڙي اسان جي مڃوڪا

هوڏي، هلي آءٌ پيارا واحد آ ۽ مَڃو ڪا ۾ جمع آ. اهي ٿوريون ٿوريون غلطيون آهن. منهنجي خيال ۾ ادل هاڻي mature ٿي ويو آ، اُن کي چوڻ گهرجن، اڳي نه چوندو هوس. ان ڪري دل ۾ نه ڪندو. جي انهن ڳالهين جو خيال ڪيائين ته هن جو شعر بي عيب هوندو ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کي همت نه ٿيندي ته هن تي آڱر کڻي سگهي.

مان سچ پچ ته ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، جو اسان جي دوست مجيد چانڊئي صاحب اسان سنڌين جي پراڻي روايت، جيڪا مرده پرستي جي آ، اها ٽوڙي اٿائين. اسان جي آڏو جيئرو جاڳندو ادل ويهاريو اٿائين. اسان به جيئرا آهيون ادل به جيئرو آ. پنهنجي حياتيءَ ۾ اسان جيئري جاڳندي ادل کي پنهنجو خراجِ تحسين پيش ڪيون، اهو هڪڙي موٽندڙ ٽهيءَ جو ايندڙ ٽهيءَ کي سلام آهي. - مهرباني

]شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن پاران يونيورسٽيءَ ۾ ادل سومري سان ملهايل شام جي موقعي تي ڪيل تقرير[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com