سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :26

علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

شهيد مخدوم بلاول جو ڏينهن

سنڌ ڌرتي ازل کان وٺي پنهنجي ڪُک مان اهڙن مهان سورمن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ کان به ڪڏهن نه  ڪيٻايو آهي. اهڙن سورهيه سرويچن مان مخدوم بلاول سمون به هڪ هو، جنهن هن ڌرتيءَ تي ڪاهه ڪندڙ ڌارين سان نه صرف مهاڏو اٽڪايو، پر ديس جي ڌرتيءَ کي غلاميءَ کان بچائڻ لاءِ قرباني ڏيندڙ جي تاريخ ۾ هڪ انوکي قربانيءَ جو پڻ اضافو ڪيو ۽ اُها قرباني هئي گهاڻي ۾ پيڙهجي جان ڏيڻ جي.

اهڙي هستيءَ جي ڪارنامن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ دادو، قلندر لعل شهباز ميلا ڪاميٽي دادو جي سهڪار سان 8- نومبر 1989ع تي دادو لڳ ڳوٺ باغبان ۾ شهيد مخدوم بلاول جو ڏينهن نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو. هن موقعي تي ٽن نشستن- مقالا، مشاعرو ۽ راڳ رنگ- جو انتظام ڪيو ويو. پهرين نشست جي صدارت برک اديب ۽ شاعر محترم يوسف شاهين ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان سنڌ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊيز سينٽر جو استاد محترم غلام محمد لاکو ۽ اعزازي مهمان تاريخ جو ڄاڻو ۽ محقق محترم عبدالله مگسي هو. ڪاروائي هلائڻ جا فرائش نوجوان شاعر ۽ سگا شاخ دادو جي جنرل سيڪريٽري عادل سخيراڻي ۽ مشهور شاعر ۽ ٽي وي فنڪار فاروق سولنگي بجا آندا. ڪاروائي جي شروعات قرآن شريف

شهيد مخدوم بلاول رح جي ڏهاڙي واري تقريب جا سامعين.

ڳوٺ باغبان-8-نومبر 1989ع

مقررين: يوسف شاهين، غلام محمد لاکو، عبدالسبحان ميمڻ ڊي. سي دادو، عبدالله مگسي، تاجل بيوس، استاد بخاري، محمد خان مجيدي، احمد خان ملڪاڻي، فاروق سولنگي،رميش ڪمار، محمد يوسف سُرهيو،عادل سخيراڻي. زرينه بلوچ ۽ منظور سخيراڻي راڳ جي نشست ۾

جي تلاوت سان ڪئي وئي، جنهن بعد مهمانن کي بيج هنيا ويا. سگا شاخ دادو جي صدر محمد يوسف سُرهيي آيل مهمانن جي آجيان جي تقرير ڪئي، جنهن بعد شهيد مخدوم بلاول جي تاريخي ڪردار جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهڻ ۽ اُجاگر ڪرڻ لاءِ نامور مقالا نويسن پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون. محترم احمد خان ملڪاڻي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ”مخدوم بلاول سنڌي قوم جو سچو هيرو ۽ سرواڻ هو، جنهن کي وقت ۽ سنڌ جي مخصوص معروضي حالتن جنم ڏنو. مخدوم بلاول نه صرف هڪ عالم، فاضل، صوفي ۽ روحاني رهبر هو، بلڪه هو هڪ بهادر، محب وطن، جوڌو ۽ سرويچ سنڌي هو، جنهن سنڌي قوم جي غدارن کي بي نقاب ڪيو.“

عادل سخيراڻي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ”مخدوم بلاول سنڌ کي غيرن جي غلامي کان بچائڻ لاءِ مجاهدانه جدوجهد ڪندي سنڌ جي سورمن ۾ ساڻيهه جي سڪ جو اُهو روح ڦوڪيو جو ٽلٽيءَ جو ميدان تي قومي جنگ لڙندي ڪيئي ڪونڌر ڪُسجي ويا. سنڌ جي هن سدا جيئري سالڪ ۽ سورهيه نه فقط سنڌ جي جوڌن ۽ جوانن کي سندن لشڪر سميت هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري قومي لڙائي لاءِ اُڀاريو، پر پنهنجي مريدن ۽ خليفن کي به لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ به عظيم مقصدن لاءِ خود قربانيءَ جي طويل سلسلي ۾ هڪ بنهه انوکي قرباني جي مثال جو به اضافو ڪندي جيئرو گهاڻي ۾ پيڙهجي وطن تان قربان ٿي ويو.“

محترم محمد يوسف سرهيي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ”اچو ته باغبان جي مٽيءَ کي ماٿي لايون ۽ بلاولي تحريڪ کي سرگرم ڪريون.“

محترم رئوف نظاماڻي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ”تاريخ ۾ قاضي قاضن ۽ مخدوم بلاول جا ٻه ڪردار ملن ٿا. ٻنهي کي علم ۽ ڄاڻ جي لحاظ کان هڪ خاص مقام حاصل آهي. قاضي قاضن سون تي سيڻ مٽائڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري، انهيءَ سان گڏوگڏ حڪمرانن اڳيان سيس نه نوائڻ واري روايت جو مخدوم بلاول امين آهي.“

محترم ف. م. لاشاري چيو ته“ ”مخدوم بلاول شهيد سنڌ جي تاريخ جو اهڙو ئي عدالتي قتل آهي، جهڙو اسان جي پنهنجن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو.“ هن چيو ته ”مخدوم بلاول کان وٺي نذير عباسي تائين سمورا ڪيس اٿلايا وڃن، جن کي رياستي مشنري جي هٿان سرڪاري طرح مارايو ويو، ٻيءَ حالت ۾ بيگناهن کي شهيد ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو.“

محترم محمد صديق ڏاهري چيو ته“ ”مخدوم بلاول هڪ روحاني بزرگ ۽ڪرامتن جو صاحب هو.“

چيئرمين قلندر لعل شهباز ميلا ڪاميٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو جناب عبدالسبحان ميمڻ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”تاريخ جي سڀني شهيدن پنهنجي عوام جي معاشي، انساني ۽ سماجي حقن جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، پر اڄ جيڪڏهن ڪي ٽولا عوام کي اغوائن، ڌاڙن ۽ قتل جي ڪاررواين ذريعي پريشان ڪن ٿا ته اُهي سنڌ جي هن بزرگ ۽ تاريخي هستي جي قربانين تي پاڻي ڦيري رهيا آهن، جن کي روڪڻ جياپي جي جدوجهد لاءِ ضروري آهي.“ آخر ۾ هن عوامي شاعر استاد بخاريءَ کي سندس شاعريءَ جي ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ٻه هزار روپيا ۽ ينگ سٽيزن ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو کي ڪتابن جو لائبرري لاءِ پنج هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

نامور شاعر ۽ محقق محترم تاجل بيوس چيو ته، ”مون کي اڄ باغبان ڳوٺ ۾ اچي، هتي هلندي ۽ زمين تي پير رکڻ ۾ هڪ اڻ ڄاتي خوشي ۽ سڪون جو احساس پيدا ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي اُها زمين آهي، جنهن جي مٽي مٿي کي لائبي آهي، ان کي چُمبو آهي، ته ان کي اکين ۾ پائبو آهي، هي اُها زمين آهي، جنهن جي جوڌن 1983ع جي جدوجهد ۾ پنهنجن حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ آمريت سان وڙهڻ لاءِ پاڻ ملهايو ۽ اڳواڻي جو رول ادا ڪيو.“

اعزازي مهمان محترم عبدالله مگسي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ”ميران محمد شاهه جونپوري قدامت پرست انسان هو، ٻئي طرف شهيد بلاول سمجهيو پئي ته جونپري جي نظريي تحت قومي جبر، ڦرلٽ ۽ خانه جنگي جنم وٺندي ۽ اعليٰ قدرن جي نشونما روڪجي ويندي.“

خاص مهمان محترم غلام محمد لاکي چيو ته ”مخدوم بلاول جو هڪ روپ مذهبي اٿس، جڏهن ته سندس ٻيو روپ وطن دوستي وارو آهي ۽ جنهن کي اڪثر اسان کان اوجهل کيو ويو آهي. مخدوم بلاول جي حياتيءَ جو اهو ئي روپ سماجي لحاظ کان اڄ به ڪارج وارو آهي ۽ اڄ اسين هت گڏ به سندس ان رُتبي آڏو ڪنڌ جهڪائڻ ۽ ان روپ ۽ رتبي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٿيا آهيون.“

مانواري صدر، محترم يوسف شاهين پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”سگهو ۽ طاقتور ٿيڻ لاءِ سورن جي واٽ وٺڻي پوندي، ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻو پوندو ۽ اهائي بلاولي وات آهي، بلاولي سبق آهي.“

جنهن کان پوءِ مقالن جي نشست پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتي. ٻي نسشت مشاعرن جي صدارت نامور شاعر محترم تاجل بيوس ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان برک عوامي شاعر استاد بخاري ۽ اعزازي مهمان مشهور بزرگ شاعر محمد خان مجيدي هئا. بيجن هڻڻ کان پوءِ مشاعري جي باقاعدي ڪارروائي جو آغاز ٿيو. هن نشست جي ڪارروائي مشهور شاعر، اديب ۽ ڊرامه نگار عثمان ميمڻ هلائي. شاعرن پنهنجي شاعري وسيلي مخدوم بلاول جي حضور نذرانهء عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ۽ سندن شهادت ۽ ڪردار تي روشني وڌي. مشاعري ۾ جن شاعرن حصو ورتو، تن جا نالا آهن: عظيم سنڌي، جمن هالائي، عزيز ڪنگراڻي، وزير منگي، رميش ڪمار، محمد مٺل، فاروق سولنگي، مختيار گهمرو، اسحاق راهه، احمد خان مدهوش، اطهر منگي، نواز رڪڻائي، مقصود گل، محمد خان مجيدي، استاد بخاري ۽ تاجل بيوس. اهڙيءَ ريت مشاعري جي نشست پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتي. جنهنبعد ٽين ۽ آخري نشست رڳ رنگ جي شروعات ٿي، جنهنجي انائونسمينٽ عادل سخيراڻي ڪئي. سچل سرمست جي درگاهه جي فقيرن، ٻالڪ سنڌي، خادم حسين سخيراڻي، فوزيه سومرو، غلام شبير شاهاڻي، منظور سخيراڻي ۽ جيجي زرينه بلوچ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ خوب داد حاصل ڪيو.

- عادل سخيراڻي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com