سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :28

 

آه! ڊاڪٽر سنديلو!

(از: محمد پنهل ڏهر)

مارچ 1989ع ۾ مون ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب کي هڪ خط لکيو. پاڻ ان جي جواب ۾ 23- مارچ 1989ع تي لکيو اٿن: ”اوهان جو قربن ڀريو ڪاغذ پهتو. مهرباني. جواب ۾ دير ٿي آهي. علاج سانگي ڪراچي ويو هوس. اوهان اپريل ۾ اچي سگهو ٿا، پر پهريائين اوهان ٻڌايو ته ڪڏهن اچڻ چاهيو ٿا ته جيئن آءٌ هت هجان. جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو مواد،ل هنر،دراهو، سينگار ۽ ڏهس وغيره هجي ته نموني خاطر هڪ هڪ بيت موڪليندا. اميد ته باعافيت هوندا.“

ان بعد مون ٻيو خط لکيو. پروگرام 16- اپريل تي وڃڻ جو هو، پر وڃي نه سگهيس، ان ڪري ڊاڪٽر صاحب وري خط لکي مون کان ان بابت معلوم ڪيو. مون کين اطلاع ڏنو ته منهنجو والد فوت ٿي ويو آهي، ان ڪري آءٌ اچي نه سگهيس. موٽ ۾ ڊاڪٽر صاحب لکيو ته:

هرڪو ڇڏيندو لوءِ،

ڪو اڳي ڪو پوءِ!

اڄ ڊاڪٽر صاحب جي وفات جي خبر ريڊيو تان ٻڌم ته اکين آڏو انڌارو اچي ويو. سندن لکيل خط، سندن ڪتاب، سندن مواد جي تلاش ۾ دلچسپي- مطلب ته ساڻن لاڳاپيل هر هڪ چيز اکين آڏو تري آئي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي 31- ڊسمبر 1919ع تي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جنم ورتو. پوري زندگي تعليم تدريس ۽ تحقيق سان وابسته رهيا. ڊاڪٽر صاحب ٻه ڊزن کن ڪتاب لکيا، جي لغت، سنڌي ٻولي، شعر ۽ لوڪ ادب بابت آهن. سندن اڪثر ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپيا، جنهن جي گورننگ باڊيءَ جا ڪافي ورهيه پاڻ ميمبر به رهيا. مشهور ڇپيل ڪتاب هي آهن: ساميءَ سنديون سپون، ڏهس مانو، سامي ڌاتو ڪش، سچل لغات، وينجهار، سنڌ جو سينگار، تحقيق لغات سنڌي، ڪليات شاهه محمد ديدڙ، ڪليات حسين ديدڙ، ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي، اصطلاحن جي اصليت ۽ لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو.

سندن پويون ڪتاب ڊاڪٽوريٽ جو مقالو آهي جو سنڌالاجي شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر سنديلي مرحوم سنڌي ادبي بورڊ جي ”جامع سنڌي لغات“ اسڪيم ۾ به ڪم ڪيو، ته رسالي ”مهراڻ، جي ادارتي ڪميٽيءَ سان به ٽي سال (1986- 1988ع) لاڳاپيل رهيا. سنديلي صاحب جي ڪتبخاني ۾ ”نگيران سنڌ“ فارسي به آهي، جو سنڌ جي تاريخ بابت هڪ اهم قلمي ڪتاب آهي. ان کان علاوه ٻيا به قيمتي ڪتاب سندن ذخير ۾ موجودآهن. ڪتابن کان علاوه پاڻ تحقيقي مقالا به لکيائون، جن مان اڪثر ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيا آهن.

 

ba

 

 

منهنجو ملڪ ملير              ]تعزيت نامو[

استاد محمد جمن جي ياد ۾      نصير مرزا

 

استاد محمد جمن جو فني سفر، سُر نگريءَ ۾ هڪ تنها ماڻهوءَ جو سفر آهي.

محمد جمنجو فني سفر هڪ اهڙي ’نئي نواز‘ فنڪار جو سفر آهي، جيڪو ڳلي ۾ سُر ۽ چپن تي بانسري رکي راڳ- نگري ۾ درديلا آلاپ الاپيندو اهڙو داخل ٿيو جو وري موٽي واپس گهر نه ويو. محمد جمن جا وڏا بلوچستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ’ڪنڊ جهنگ‘ ۾ آبا هئا ۽ ناناڻا شاهه بلاول نوراني جا فقير هئا، ۽ لاهوت لامڪان جي جبلن ۾ رهندڙ هئا. محمد جمن جو والد ۽ والده سندس ناناڻين وڃي رهيا هئا، ته واٽ تي ’سوڙهه‘ نالي واري ڳوٺ ۾ محمد جمن جو جنم ٿيو، ۽ اهو ڏهين آڪٽوبر 1935ع جو هڪ روشن ۽ خوشگوار ڏينهن هو. محمد جمن جو نالو، جيڪو دنبوري ۽ سرندي تي سُرن جي ورکا ڪندو،خوشيون ملهائيندو رهيو. محمد جمن جو ننڍپڻ انهن ئي پهاڙي پيچرن تي رانديون ڪندي، ڳائيندي گذريو پئي ته هن جو والد لڏي اچي لالو کي ڪراچي ۾ قيام پذير ٿيو. الوائي ڪهڙي گهڙيءَ ۾ هن کي پور پيو جو پنهنجي بانسري نواز پيءُ جي نقشِ قدم تي هلندو، هو ريڊيو پاڪستان آيو ۽ کيس پهرينءَ آڊيشن ۾ ئي بطور راڳي پاس

 

يار! ڏاڍي عشق آتش لائي آ.

سنڌ جو سدا بهار فنڪار

استاد محمد جُمن

         پيدائش       وفات

10، آڪٽوبر 1935ع                             24، جنوري 1990ع
ڪيو ويو ۽ سندس آواز هوائن ۾ گونجڻ لڳو. 1955ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن شروع ٿي ته محمد جمن جي تازي شادي ٿيل هئي. هومينديءَ هاڻن هٿن ۾ بانسري چپن تي رکي وڄائيندو ريڊيو اسٽيسن ۾ داخل ٿيو، ۽ شهرت جي ڏاڪڻ تي پير رکندو بطور گائڪ ۽ موسيقار، ايترو مٿي هليو ويو جو کيس پاڪستان جي هڪ وڏي صدارتي اعزاز ”تمغئه حسن ڪارڪردگي“ سان 1980ع ۾ نوازيو ويو.

سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ سٺ وارو ڏهاڪو محمد جمن جي ستاري جي چمڪڻ جو ڏهاڪو آهي. محمد جمن پنجويهن سالن جو ڦوهه جوان هو ۽ سنڌ ۾ موسيقيءَ جي محفلن تي ماٺار ڇانيل هئي. هڪ- اڌ کي ڇڏي، سڀ خانصاحب يا ته ازلي موسيقار ڏانهن وڇي چڪا هئا، يا مسند ڇڏي، پر لوڪ پڌارڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. هي اهو زمانو هو، جڏهن ريڊيو ذريعي موسيقيءَ جي هڪ نئين دؤر شروع ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. موسيقي، جيڪا اڳ صرف وڏن وڏن زميندارن ۽ امير خاندانن جي لاءِ ’سويٽ ڊش‘ هئي، هاڻي ريڊيو ذريعي ان کي گهر گهر جهنگ جهر تائين پهچائڻو هو.... ۽ اهو اهم ڪم ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن کي گڏجي ڪرڻو هو.

محمد جمن کان اڳ خالص ڪلاسيڪل انداز ۾ ڪافي ڳائي ويندي هئي. اهڙي انداز سان راڳي، ڪافي جا ٻول ڳائيندا هئا، جو ان ۾ تان، پلٽي ۽ گُمڪ جو رس هر حال ۾ شامل هوندو هو. ڄاڻڻ گهرجي ته گائيڪي جو اهو انداز صرف راڳ جي پارکن لاءِ ئي دلچسپ هوندو هو. محمد جمن جي جدت پسند طبيعت جو اهو ڪمال هو، جو هن ڪافي گائيڪي جي ان ڪلاسيڪل انداز ۾ نوان رنگ، نوان احساس، هوا جي خوشبوءَ ڀرر لهر سان ملائي، انهن کي هلڪين ڦلڪين ڌنن، بندشن ۾ آڻي، عوامي مزاج مطابق ترتيب ڏئي ان کي هڪ پسند بنائي ڇڏيو. ائين ڪندي هن جيڪي ڪافيون ’ڪمپوز‘ ڪيون، اڄ ڪنهن کي ياد نه هونديون؟ ’منهنجو ملڪ ملير‘، ’زاري ته زاري ڪوهيارل سان‘، ’پيچ پُنهل مون سان پائي‘، ’سِگهڙا آوين سانول يار‘، ’روئندي عمر نڀائي‘، ’انت بحر دي خبر نه ڪائي‘، ’مون سان ڏاڍي ڪئي ڏيرن‘، ’راڻل تو بن رات‘، ’يار ڏاڍي عشق آتش لائي آ‘، محمد جمن جي گائيڪي جو اِهو هڪ اهم گڻ هو ته هُن پنهنجي فن کي نج سنڌي راڳ ۽ راڳڻين جي سهاري ’هر واسي‘ بنايو هو ۽ ان ڏس ۾ لطيف سائينءَ جي رسالي، هُن جي وِک وِک تي رهنمائي پئي ڪئي. هو اڪثر چوندو هو ته محمد جمن جو ڪجهه آهي، ’عظم لطيف جي ڪري آهي‘. محمد جمن هر وقت راڳ راڳڻين جي آميزش ڪري، نون رستن جي جاکوڙ ۾ لڳو رهندو هو ( ۽ بقول عابده پرين جي، ته هُن اها تلاش آخري وقت تائين جاري رکي). گائيڪيءَ جي فن ۾ هن ڪهڙي ڪهڙي نه ورائٽي ڏني، انوکيون ڌُنون ٺاهيون ۽ اهڙين راڳڻين ۾ وڃي ڪافيون ڪمپوز ڪيون جو ان کان اڳ اُن جو ڪو مثال ئي نٿو ملي.

سُر سرِيراڳ، رام ڪلي ۽ گُن ڪلي راڳڻيون ته شايد ئي اڳ ڪنهن ڳايون هجن. هُن لطيف سائينءَ جي هر سُر ۾ ساهه وجهي ڏيکاريو آهي. يمن ڪلياڻ (دوست پيهي در آيو)، سهڻي (ساهڙ سار لهيج)، راڻو (راڻلِ تو بن رات)، حُسيني (زاري تهزاري ڪوهيارل سان)- ان کانسواءِ ’پورب‘، ’پرڀاتي‘، ’آسا‘..
۽ ائين محمد جمنجي فن جو وڏو ڪمال اهو به هو ته هن ئي پهريون دفعو ’ڪافي‘ کي ڪمپوزيشن ۾ آندو هو. ان کان اڳ ’ڪافي‘ محض ’ٺاڌوڻ‘ ۽ ٻولَ وڄائي ڳائي ويندي هئي. محمد جمن پهريون موسيقار هو، جنهن سنڌي ڪافي کي ڪمپوزيشن جي دڳ تي آندو ۽ انوکي ڳالهه اِها به ڪري ڏيکاري جو جنهن راڳ يا رڳڻيءَ مان ڪافي جي ڌن ترتيب ٿي ڏنائين ان جا انٽرويل پيس به ان ئي راڳ مان سازن ٿي وڄرايائين ٿي. ان کان اڳ اِها سهڻي روايت نه ڪار هئي ۽ نه مروج. سنڌ ۾ اِن انداز جي موسيقيءَ جو موجد فقط محمد جمن هو. اهڙي باڪمال فنڪار کي بيماريءَ جي زوال کان بچائڻ لاءِ قوم ڪيڏو نه دانهيو، ’ڪراءِ‘ ڪئي ته ان کان اڳ جو ذيابيطس جي اڏوهي محمد جمن کي کائي ختم ڪري ڇڏي، پرڏيهه ۾ ان جو علاج ڪرائي کيس بچايو وڃي. پر سڀ لاحاصل. اڪارٿ! ٺلها بيان ۽ آسرا نيٺ به کيس ڪيترو زنده رکي ٿي سگهيا....

نيٺ 24- جنوري 1990ع تي عارفانه اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ نمبر 221 تان محمد جمن جي لاڏاڻي جي خبر يارهين وارين خبرن ۾ ريڊيو پاڪستان تان انائونس ٿي. هُن جي بيماري ۽ بينائي ختم ٿيڻ جي منادي ته سڀني فنڪار نواز ادارن جي ڪنن تائين اڳ ئي پهتل هئي. محمد جمن، جيڪو وڻندڙ صحت رکندڙ ۽ خوش گفتار شخص هو، بيماري سبب محض هڏن جو ڍانچو وڃي بچيو هو ۽ ان ڍانچي مان جڏهن  اکين واري روشني الوپ ٿيڻ لڳي، تڏهن کيس ڏسڻ سان لڳندو هو، ته ڪا اهڙي عمارت پيا ڏسون جنهن جون ڇتيون ڪري پيون هجن، جنهن جا در دروازا ڪو پٽي لاهي ويو هجي... پر حيرت هئي، محمد جمن جي ان خالي ڍانچي ۾ سُر سڀ سلامت هئا ۽ ان سُر جي سهاري تي هو هن سال لطيف جي ميڙي ۾ کٽ تي ويهاري آندو ويو هو. صرف مهينو کن اڳ هُن ’سچل عالمي ڪانگريس جي ميڙ‘ ۾ شرڪت ڪئي ۽ اهو ثابت ڪيو ته محمد جمن بي شڪ ڪمزور ٿي ويو آحي، هُن جي سُر ۾ ته وڏي سگهه موجود آهي.

1984ع ڌاري جڏهن محمد جمن سان مون بطور پروڊيوسر گڏجي ڪم جي ابتدا ڪئي ته هو بيماريءَ سبب ڪافي هيڻو هو. هن جي آڱرين ۾ کير جهڙن مڻڪن واري تسبيح هئي. چپن تي ورد، عذاب ثواب. اسڪينڊل ۽ عشق وارا سڀ زمانا هو پٺيان ڇڏي، بزرگيءَ جي ميمبر تي چڙهيو ويٺو هو. هن جي اکين ۾ هاڻي روشني ايتري ته جهڪي هئي، جو هو هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ بدران ڏينهن سڄو فنڪارن واري بيٺڪ ۾ گلم تي ويهي چوياري ڄمايو ويٺو هوندو هو. سڄو  ڏينهن بيٺڪ ٻاهر نم جي وڻ مان پن ڇڻندا، اڏرندا رهندا هئا. نم جي لامن تي ڪانگ، ڪٻريون ۽ ڪوئل ڌملايو لات ويٺا لنوندا هئا ۽ اندر ڪمري ۾ محمد جمن ڏينهن سڄو لطيفا گوئي ڪندو ٽهڪ ڏيندو،داد لاءِ تاڙيءَ سان تاڙي ملائيندو، نت نيون ڌنون سوچيندو رهندو هو. لطيف سائينءَ کان سچل، سچل کان بيدل، بيڪس، ويندي پيرل پياسيءَ تائين هو سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ لاءِ عظيم الشان ڪم ڪري چڪو هو. ڏينهن سڄو هن کي ان جي داد ڏيڻ لاءِ هن جا ڪيئي فين هن کي تعريف جي ريشمي تندن ۾ ويڙهيندا رهندا هئا.

18- سيپٽمبر1989ع تي مون هن کي آخري دفعو ڏٺو هو. لطيف جي ميلي ۾ ڳائڻ لاءِ آيو هو ۽ آڊيٽوريم جي هڪ ڪمري ۾ پلنگ جي سفيد چادر مٿان پلٿي ماري، گنجيءَ گوڏ ۾ گوتم ٻڌ وانگر ويٺو هو. ڳلي ۾ تعويذ پاتل، ٻانهن ۾ امام ضامن. سندس راڳي پٽ شفيع محمد کيس پکو پئي هنيو. ڪالو فقير کيس پٺن تي هلڪا هلڪا زور ڏئي، کيس رليڪس پئي ڪيو. رات جو هن کي سهارو ڏئي آڊيٽوريم جي اسٽيج ويجهو آندو ويو، جتي هن کي لطيف تي پنهنجي زندگيءَ جي آخري پرفارمنس ڏيڻي هئي. مان هن جي ڀرسان هئس ۽ ڳالهين ڪندي هن جي هڪ ڏک ڀري اظهار مون کي فريز ڪري ڇڏيو. چيائين ته هن اسٽيج سامهون لطيف جو روضو آهي. ڪيڏو قهر آهي، مان اهو ڏسي نٿو سگهان. اچانگ هن جي اکين ۾ لڙڪ لهي آيا. روضي ڏانهن منهن ڪندي، بي نور اکين سان ڏسندي چيائين: ”لطيف درشن ڏي. روشني ڏي.... صحت ڏي....“ اتي هن بي اختيار پنهنجو ئي لکيل بيت پڙهيو:

ڪميڻيءَ جي ڪاڪ تي سوڍا سار لهيج،

ناميا نام ڌڻيءَ جي، هن ويچاريءَ سان وهيج،

ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، اچي ڪاڪ ڪهيج،

راڻل تون رهيج، ته توسين جاليان جمن چوي.

جيون جالي، جيون دؤران سنڌ جي چپي چپي، ٻاهر روس افغانستان ۾ لکين ماڻهن جا من موهي، پٺيان زيب النساءِ، حسين بخش، علي احمد خاصخيليءَ جهڙا شاگرد ڇڏي، 24- جنوري 1990ع تي عارفانه اسپتال ڪراچي جي بيڊ نمبر 221 تان هوائن ۾ هليو ويو. پٺيان رئندڙ ڇڏيائين چار ٻار ۽ سڄي سنڌ.

محمد جمن جي وفات سان سنڌ موسيقيءَ جو هڪ اسڪول بند ٿي ويو. اهڙو اسڪول، جنهن جا شاگرد شايد ئي هن جي فني بلنديءَ تائين ڪڏهن پهچي سگهن، ان ڪري في الحال مان ائين چوڻ ۾ بلڪل حق بجانب آهيان ته:

”محمد جمن جو فني سفر، سُر نگريءَ ۾ هڪ تنها ماڻهوءَ جو سفر هو ۽ رهندو.“

 

ba

ڏکڻ ايشيا ۾ قرآن شريف جو پهريون فارسي ترجمو حضرت مخدوم لطف الله ولد مخدوم نعمت الله صديقي هالاڪنڊي واري المعروف بـﮧ حضرت مخدوم سرور نوح رحه (1505- 1590) ڪرڻ فرمايو. انهيءَ ترجمي مان سورة الفاتحه جي ترجمي جو ڇپيل عڪس مٿي ڏجي ٿو. هي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ سال 1401هه (80- 1981ع) ۾ شايع ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com