سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :3

 

حبيب الله صديقي

”زندگي ۽ منزل“

زندگيءَ جي ڪا به منزل، آخري منزل نه آ،

خود چراغِ راهه آهي، زندگي منزل نه آ.

هڪ ڏئي جي لاٽ مان سَهسين ٻيون لاٽون ٻَرن،

زندگيءَ جي جوت جي موجودگي منزل نه آ.

گُل ٽِڙن، مُرجهائجن، مُکڙيون ڦُٽن، ڪومائجن،

زندگي تنهنجي تنهن به ڪائي، دائمي منزل نه آ.

ماءُ پيٽان نڪرندي ئي جو نهاري آسپاس،

اجنبي ناهي مسافر، اوپري منزل نه آ.

هيڪلو هرڪو اچي ٿو، هيڪلو هرڪو وڃي،

منتشر هن قافلي جي هڪ ڪَري منزل نه آ.

آرزو ميلاپ جي مَنَ ۾ رهي ٿي موجزن،

ڇا ڪجي جو يار پنهنجي اوتري منزل نه آ.

روح جو ازلي سفر، لوح و قلم، روزِ جذا،

بيحسي ۽ بيوسي جي زندگي منزل نه آ.

ڪير آهيان، ڇا ٿو چاهيان، خود خبر ڪنهن کي پئي،

عالمن ۽ عارفن جي، آگهِي منزل نه آ.

سَچ آهي جو ڪتابن آ لکيو، ڏاهن چيو:

’علم آهي روشني‘ پر، روشني منزل نه آ.

هي گذشته زندگي جي آ صدائي بازگشت،

عارضي ناهي حياتي، موت ڀي منزل نه آ.

پارسا، اي پاڪ پوتي، عيب جوئيءَ جا اَبا،

ڀانئجي ٿو تنهنجي منهنجي ڪا يَڪي منزل نه آ.

مون حبيبِ ڪبِريا جو آ جهليو دامن ’حبيب‘،

ذات منهنجي آ صديقي، عارضي منزل نه آ.

 

احمد خان ”مدهوش“

غزل

نظر نظر سان ملائي ڦريون هليو ويو دل،

نقاب رخ تان هٽائي ڦريون هليو ويو دل.

نرالي نازَ وچان هُو نشيلا نيڻ کڻي،

لبن تي مُرڪ نچائي، ڦريون هليو ويو دل.

ڪمانون ڪانَ سنڀاري، چکائي چوٽ وڏِي،

جگر ۾ تير کُپائي، ڦريون هليو ويو دل.

عجيب ڍن گ سان دلبر اداؤ ناز ڪري،

هزار رنگ رچائي، ڦريون هيون ويو دل.

ڪيان ته نيٺ ڪيان ڇا، وڃان ته ڪاڏي وڃان،

اندر ۾ آگ لڳائي، ڦريون هليو ويو دل.

سوا گهڙيءَ جي ملاقات ۾ ڪري قابُو،

اُتي ئي ڪنڌ ورائي، ڦريون هليو ويو دل.

نگاهِ شوخ سان ”مدهوش“ جوقرار کَسي،

ديوانو مست بنائي، ڦريون هليو ويو دل.

 

 

 

 

”محسن“ ڪڪڙائي

وائي

ڪو، جو ڪالهه رُنو-

مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا.

هوندي-سوندي هر ڪنهين، چاڙهيو ”ڪين – ڪُنو“

مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا.

ڄاڻي ڄاڻڻهار سڀ، پوءِ به چَپَ- چُنو-

مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا.

آءٌ ته رچي راسُ ٿئي، مُنهنجو من مُنو-

مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا.

اَلا، ڪهڙي اهنج کان، مون کان ڀاءُ ڀُنو-

مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا.

”محسن“ تُنهنجي مُونجهه جو، پويون پهر پُنو-

مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا.

 

”نشتر“ ناٿن شاهي

رباعيون

پٿر جي خدائن کي خدا ٿا سمجهو،

نمرود جي ٽولي کي بجا ٿا سمجهو،

ڪمزور عقيدي جي مرض جا اي مريضو!

ڇو زهر جي شيشي کي دوا ٿو سمجهو.

 

جنت جا دلاسا نه ڏيو مون کي اوهين،

حورن جي حوالي نه ڪيو مون کي اوهين،

سودو نه زمين جو آ ڪبو لالچ تي،

پاڻي ۾ وجهي ڌوڙ نه ڏيو مون کي اوهين.

 

حق ٿي جي پوي وهم، اهو ناشدني،

هڏ ٿي جي پوي لحم، اهو ناشدني،

ڪيڏيون به ڪهاڙيون ۽ هڻو تلوارون،

پاڻيءَ تي ٿئي زخم، اهو ناشدني.

 

موجن کي ڏئي موج اڀاري آيس،

واچوڙي کي طوفان بنائي آيس،

لڙڪن جي رواني کي رواني ڏيئي،

درياهه کي واهڙ ۾ سمائي آيس.

 

هٿ کان نه اصولن کي ڇڏينداسين اسان،

مرنداسين مگر، ڪين مڃينداسين اسان،

منزل آ نگاهن ۾ هينئر ڪين ڪي وربو،

ٽيپهري تي روزو نه ڀڃينداسين اسان.

 

لمحن جي بهارن تي ڪڏڻ ڪهڙو آ!

مهمان قرارن تي ڪڏڻ ڪهرو آ!

جي صبح سڄڻ، شام عداوت ۾ رهن ٿا،

اِن طرح جي يارن تي ڪڏڻ ڪهڙو آ.

 

 

 

 

آثم ناٿن شاهي

چوسٽاء

(1)

جڏهن به عرض ڪوئي مون گذاريو جناب ۾،

ته صبر جو سبق اوهان تڏهن ڏنو جواب ۾.

اوهان جي آئي، پل ٻه ٽي، ٿا ڏک ائين لڪي وڃن!

جو ڏينهن- ٻن جي لاءِ جيئن اڇا لڪن خضاب ۾.

(2)

چُپ جي ڀڃ- ڊاهه ڪرڻي ٿي پوي،

سونهن جي ساراهه ڪرڻي ٿي پوي.

دل کي ڪا صورت وڻي ٿي جيڪڏهن،

وات سان ”وَهه واههَ“ ڪرڻي ٿي پوي.

(3)

سونهن اڳيان آڻِ مڃڻي ٿي پوي،

ڇا ڪجي؟ يَر! ڪاڻِ ڪڍڻي ٿي پوي.

ساههَ پنهنجي جي غذا سُرهاڻِ آ،

تنهنڪري سُرهاڻِ وٺڻي ٿي پوي!

(4)

ڪنهن سَمي ڪاوڙ به پيڻي ٿي پوي،

ماڻهپي جي ساکَ ڏِيڻي ٿي پوي.

ڪنهن سَمي آثم ائين چوندي آ دل،

سوچ آڻ ٿيڻي ڪا، ٿِيڻي ٿي پوي!

 

 

غلام حسين رنگريز

غزل

اڃان آس جيئري آهي آس ۾،

اڃان گل به آهن وهنتل واس ۾.

اڃا سَڏ سوريءَ ٿين پيا ٿين،

لُڏن سِرَ ستان جا آڪاس ۾.

اهو گوڙ گهمسان حياتي تي آ،

رکيو آهي ڇا يارَ بنواس ۾.

ڀڄو ٿا اسان کان ڇو هرڻيءَ جيان،

اسان ڀي ته آهيون گهڻي پياس ۾.

جي جذبن جو ميلاپ سگهيو ڪين ٿي،

رکيو آهي ڇا پو رڳو ماس ۾.

اِهو ڪرب قُربن آ تنهنجو ڏنو،

ازل کان ئي آهيون ٽنگيل ٽياس ۾.

 

شعبان بخت

 

تنهنجي ئي ته ماڻي آ، موهي ڪيو مستانو،

اي مست نظر! تنهنجو، شڪرانو آ شڪرانو!

ڪيڏو نه ڏکيو آهي، مون لاءِ رُسڻ تنهنجو،

ممڪن ئي نه آ سمجهي ڪو برهه کان بيگانو.

تو لئه ئي ڀريل آهي، هيءُ شهر نظارن سان،

مون لئه ته آ تو ڌاران، ويران جو ويرانو!

هن درد جي دنيا ۾، جهڙو تنهنجو دربان آ،

ڪو ٿيو آ، نڪو ٿيندو، اهڙو ڪوئي بي شانو!

ڀل سنگ زني جو چؤ پٿرن کي زبان ملندي،

جيڪو به لڱين لڳندو، ٿي ويندو سو پروانو!

ڏِس، رت جا ڇنڊا پئجي، توتي نه ٿين شاهد،

ڪر قتل بلاشڪ پر، پائي ڪوئي دستانو!

جنهن مام سان چاهت ۾، مون شام ڪئي آهي،

ڪنهن لاءِ حقيقت آ، ڪنهن لاءِ آ افسانو!

بيتاب ٿي محفل ۾، جي تنهنجو پلؤ پڪڙيان،

چئجان کڻي ماڻهن کي، ديوانو آ ديوانو!

چئي، بخت! چريو اهين، دل کي ڇا ڪندو ڪوئي،

ڪنهن کي ٿو کپي اهڙو، سکڻو سڃو نذرانو!

 

سوز هالائي

گيت

لال گلاب جي ڀر ۾ ويهي، ساجن کي ساريوسين،

ڏاڍو ياد ڪيوسين.

روح جا روشندان کليا ڄڻ، ائينءَ محسوس ٿيوسين،

ڏاڍو ياد ڪيوسين.

آليءَ ڌرتيءَ تي آڱر سان، تنهنجو نانءُ لکيوسين،

ڏاڍو ياد ڪيوسين.

پيار جي پوپٽ کي پرچائي، ڪنهن جو ڏَس پڇيوسين.

ڏاڍو ياد ڪيوسين.

موتئي جي ٽاريءَ تي ٽڙندو، تنها گُل ڏٺوسين،

ڏاڍو ياد ڪيوسين.

سُرهيءَ سُرهيءَ  سانجهيءَ ويلي، مڌر گيت لکيوسين.

ڏاڍو ياد ڪيوسين.

 

 

رحيم بخش ”قمر“

 

سنڌ سموري سون، سنڌ ج مٺڙو نام،

سنڌ جو صبح سڀاڳو، سنڌ جي سهڻي شام.

سنڌ ۾ سانگي سنڌ جا،

سنڌ ۾ جهانگي جام.

سنڌ ۾ سنڌو ندي،

سنڌ ۾ پوکون عام.

سنڌ هي مالا مال ٿي،

سنڌ ۾ سڀ اقسام.

سنڌ ڏئي سپوت ٿي،

سنڌ ڏئي ٿي امام.

سنڌ ڀٽائي گهوٽ ڏنو،

سنڌ ۾ آهن ڄام.

سنڌ ۾ هنجهه هزارين،

سنڌ ۾ مور مدام.

سنڌ جا ماڻهو مڻيارا،

سنڌ سنڀاري سام.

سنڌ جو مان مٿاهون،

سنڌ کي ڪوٺِ ڪرام.

سنڌ ۾ ماکي، کير، مکڻ،

سنڌ ۾ جنس تمام.

سنڌ مٿي نِت رحمتون،

سنڌ تي سو لک سلام.

سنڌ ۾ وڻ ٽڻ واسيا،

سنڌ ۾ لک لک لام،

سنڌ سان قرب ”قمر“ کي،

سنڌ سان نينهن نظام.

 

 

 

 

قاضي منظر حيات

 

ننڊکو مُک ائين لڳي ٿو،

ڪينجهر ۾ ڄڻ سج لهي ٿو.

اکڙيون ٻيڙيون ڇانوَ ڇپرڙا،

واءُ تي ڄڻ ڪو سڙهه ڦڙڪي ٿو.

ياد به چانهه جي پيالي آهي،

جنهن سان ذهن توزنو ٿئي ٿو.

وڇڙيل ڊيل سنڀاري پنهنجي،

ٿر ۾ وئي مور رڙي ٿو.

شام ڪلهي تي سج ويچارو،

رت ۾ وهنتل لاش لڳي ٿو.

ڪوريئڙي جي ڄار ۾ پوپٽ،

ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏئي ٿو.

طبقن جا بي سوق نشانا،

ذهن ڪبوتر پيو تڙپي ٿو.

جيون راهه م تنها ”منظر“،

ساٿي تنهنجو ساٿ گهري ٿو.

 

ذوالفقار سيال

روايت

اسان کي جي چاهيو

ته ڪچلي سگهو ٿا

۽ جسم رستن تي

ڇڏيو ڀل گهائي

ڳچيءَ ۾ گهُٽو

۽ ڦٽن تي ڇڏيو

لوڻ ٻُرڪي ڀلي.

مڃون ٿا جي چاهيو

دونهون شهر سارو،

مگر ايترو توکي

مڃڻو ئي پوندو

ٿا ڄاڻون ته سڪجهه

ڪري تون سگهي ٿو

انهيءَ هوندي به

اسان تنهنجي سامهون

اٽل آهيون بيٺا.

بڻائي سگهو ٿا.

ڪو آڙاهه ٻاري

سوين سهڻا چهرا

ساڙائي سگهو ٿا.

مڃون ٿا ته هڪ ڦوڪ سان

ڏيهه سارو

اڏائي سگهو ٿا

لٽائي سگهو ٿا

اسان جسم پنهنجو

وڍائي سگهن ٿا.

نه هي هنڌ اوچو

نوائي سگهون ٿا.

اهائي اسان جي

روايت رهي آ.

 

ادل سومرو

گيت

ڏور بيٺا ڏسو

ڪجهه ته ويجهو اچو

ايئن پري کان پرين!

اوپرا ٿا لڳو.

 

مُند هٻڪار جي

سونهن- سينگار جي

واءُ وسڪار جي

اهڙي مُند ۾ اوهين

ڪين تنها ٺهو.

لات پنڇي لنون

ڪين هيڪل رهن

ٿي قطارون وڃن

پر اسان کان اوهين

دور ڇو ٿا رهو؟

 

زندگيءَ جو سفر

توڙي آ مختصر

پر بنا همسفر

آهي ڏاڍو ڏکيو

هاڻي گڏجي هلو.

 

 

 

 

مقصود ”گل“

غزل

دشمنن تي رک نظر ۽ دوستيءَ جو خير گهُر،

خوش رهي عالم سڄو ڌرتي سڄيءَ جو خير گهُر.

سونهن، سچ، سرهاڻ جو ۽ سنڌڙيءَ جو خير گهُر،

سنڌڙيءَ جو ساهه آ، سنڌو نديءَ جو خير گهرُ.

ٿي نه تون چمڙو چريا! اوندههجو پوڄاري نه ٿي،

روشني آ زندگي، ڪجهه روشنيءَ جو خير گهُر.

جي ملائڪ آن ته جهُڪ انسان جي عظمت اڳيان،

جيڪڏهن انسان آهين، آدميءَ جو خير گهُر.

تون ڪکائين گهر ۾ ويهي، باهه سان رانديون نه ڪر،

جنهن جهُڳيءَ ۾ ٿو رهين تون، تنهن جهڳيءَ جو خير گهُر.

تون تڪبر جو زهر ڪيئن ٿو عبادت ۾ وجهين،

خوف ڪر زاهد! خدا جو، بندگيءَ جو خير گهُر.

دانهن ٻڌ ڌرتيءَ سندي، درٻار جو شاعر نه ٿي،

ڏات جو رک شان ۽ تون شاعريءَ جو خير گهُر.

داغَ چهري جا ڏسي، تون عڪس تي اُلرون نه ڪر،

ڌوءُ مُنهن پنهنجو وڃي ۽ درسنيءَ جو خير گهر.

باغبان بڻجي نه تون هن باغ جي بدخواهه ٿي،

مرڪندو هر ”گل“ رهي، تون دلڪشيءَ جو خير گهُر.

 

 

 

 

واجد

 

هڪ مرم ۽ ٻيو ماڻهپو گهرجي،

مون کي ذهنن جو آجپو گهرجي.

جنهن جي ڇيڙڻ سان زندگيون مرڪن،

مون کي اهڙو ئي ساز ڪو گهرجي.

ائين مهصور ڪر نه نيڻن ۾،

مون کي هر شئي سان واهپو گهرجي.

آءٌ ڪلفت کي ڪيئن قبوليان، جو،

مون کي روحن جو راضپو گهرجي.

تنهنجي جاگير توکي نيبهه، بس،

مون کي جيئڻ لئه هارپو گهرجي.

ظلمتن جي جهان ۾ ”واجد“!

مون کي ڪرڻ جو هار ڪو گهرجي.

 

سرڪش سنڌي

غزل

ڪاٿي اوبر هاري پئي آ،

ڪاٿي بک جي ماري پئي آ.

ٻاڪون، ٻاڪون منهنجي ڌرتي،

ويل وڏيرو آهه، مٿي جو،

ماڻهن جهڙو هڪڙو ماڻهو،

جاٿي، ڪاٿي، سونهن سچائي،

تنهنجي، منهنجي قسمت ڄڻ ڪنهن،

اوچا ڳاٽ جهلياسي مرڪي،

اُڀري ڏس او! چوڏهينءَ وارا،

غيرن ساڻ شڪايت ڪهڙي!

باهه ڏيو سماج انهيءَ کي،

ڏانڊن جهڙا لفظ اٿم جو،

هيڻو ڇو ٻوليندو ”سرڪش“،

ڌارين سان والاري ئي آ

سور به ٿي سرداري پئي آ.

ماڻهن ۾ بيماري پئي آ.ک

ارٿيءَ تي سينگاري پئي آ.

ڪاٻاڙي ۾ لاري پئي آ.

تڏهن ڳچيءَ ۾ ڳاري پئي آ.

سڀڪا دل آزاري پئي آ.

پنهنجن ۾ غداري پئي آ.

جنهن ۾ زور ۽ زاري پئي آ.

باهه اندر ۾ ٻاري پئي آ.

تو ۾ سوچ سگهاري پئي آ.

 

علي احمد شاهه ”ساقي“ سروري

 

مون ڏٺو هُن گلبدن روئي ڏنو،

ان ڪري اهلِ چمن روئي ڏنو.

مون جڏهن هُن بيوفا جو ذڪر ڪيو،

دردمندن ڪيترن روئي ڏنو.

قصئه غم مون ته کلندي ڪيو بيان،

سو ٻڌي هُن جانِ من روئي ڏنو.

ڳالهه هڪڙي ڪا ٻڌي ٿَوَ دوستو،

”مئڪدي ۾ مئڪشن روئي ڏنو“.

ڳالهه اهڙي ڪا به ڪانهي دوستو،

بي سبب منهنجي اکن روئي ڏنو.

ٿيون صدائون منهنجون آخر ڪامياب،

مون کي ڀاڪر پائي هن روئي ڏنو.

نيم شب جي آه جو ٿيو هي اثر،

دوستن ۽ دشمنن روئي ڏنو.

اهلِ گلشن ان ڪري آهن اداس،

ماهه روئي گلبدن روئي ڏنو.

دوست ساقيءَ مان جڏهن ساغر ڪريو،

”ميڪدي ۾ مئڪشن روئي ڏنو.“

ناظم منگي

غزل

ستمگر کان ڏاڍيون سزائون ملن ٿيون،

ڪُڇان ٿو ته ويتر جفائون ملن ٿيون.

جتي پرورش پيار جي ٿي مزي سان،

اتان حسرتن جون هوائون ملن ٿيون.

نگاهن کي ديدار جي آ تقاضا،

مگر دل کي غم جون غذائون ملن ٿيون.

هڻي تير نظرن سان ڳاري ٿو لاهي،ل

غضب جون جڏهن ڪي ادائون ملن ٿيون.

فقط منهنجي رنجش ڪري سو ڪري ڇا؟

جو، هر در تان هن کي دعائون ملن ٿيون.

پُڄائين ٿو شايد قلندر ٻين کي،

سوالين کان توکي سکائون ملن ٿيون.

سندس حڪم تي هَڙ لٽائي ڇڏيم ته به،

وفائن جي عيوض جفائون ملن ٿيون.

ڇُٽي دردمند ويا دوا عام ٿي وئي،

ٿو مُرڪي ملي ڄڻ دوائون ملن ٿيون.

لکئي جو لکيو آ چڱو انگ ’ناظم‘

وَنيءَ ڀاڳ واريءَ سان لائون ملن ٿيون.

 

همدم سروري

 

قائم رهي هي ساٿ، سدائين خدا ڪري،

ڪا بدنظ ر اسان کي نه هرگز جدا ڪري.

تعريف ڇا ڪجي ڀلا قدرت جي شان جي،

ٿي حڪم ساڻ خاڪ ڀي بلڪل شفا ڪري.

هردم رهي ٿي آرزو ساڳي اي دوستو،

دل ٿي چوي ته دلربا مون سان وفا ڪري.

هُن بي وفا کي باوفا سمجهيم، مگر ڏسو،

هُو هر گهڙي مون سان پيو جور و جفا ڪري.

هرڪو ته پنهنجي پَر ۾ عبادت گذار آ،

”هِت ڪير ٿو نمازِ محبت ادا ڪري.“

مون هر خوشي نثار ڪئي، دوستو مگر،

ظلم و ستم جي يار ڇڏي انتها ڪري.

همدم خدا ڪري ته سدا سرخرو هجين،

دلِ بيقرار ٿي مٺا توکي دعا ڪري.

 

مير غلام الله خان ٽالپر

(مورجهنگو)

مون ڏٺو رات توکي خواب ۾ هئو،

چنڊ روشن تنهنجي شباب ۾ هئو.

تنهنجي هر ڳالهه ۾ خمار عجب،

گفتگو هڪ هڪ ٻُڏل شراب ۾ هئو.

چؤطرف تنهنجي اچڻ جي خوشبوءِ،

جسم تنهنجو ڀنل گلاب ۾ هئو.

رفته رفته ڏسڻ، اکين جو جهڪڻ،

ربط ڪهڙو تنهنجي حجاب ۾ هئو.

’مير‘ ڪهڙي تنهنجي واکاڻ ڪري،

حسن تنهنجو نه ڪنهن حساب ۾ هئو.

 

اقبال رند

وائي

اپسرا! تنهنجي اڱڻ،

چنڊ اُلهي ئي نٿو!

پيو تڪي تارن وچان،

تنهنجي ڪرائيءَ جو ڪنگڻ،

چنڊ اُلهي ئي نٿو!

ڏس ڪتيون مُرڪن پيون!

سمان ڏي نيڻ کڻ،

چنڊ اُلهي ئي نٿو!

وار ٿو تنهنجا ڦلوري،

واءُ کي ايڏي نه وڻ!

چنڊ اُلهي ئي نٿو!

اپسرا! تنهنجي اڱڻ،

چنڊ اُلهي ئي نٿو

 

 

ساجد لعلپوري

غزل

نه ڪو همدم نه ڪو ئي همنوا ٿيو،

خبر ناهي زمانو ڇو خفا ٿيو.

جڏهن يو غمن جو دور ڪاهي،

تڏهن ساٿي ۽ هر سنگي جدا ٿيو.

ڪيم ٿي ڀروسو جنهن جي وفا تي،

وفا نا آشنا سو بيوفا ٿيو.

ويو سو عشق جو معراج ماڻي،

جهانِ عشق ۾ جيڪو فدا ٿيو.

وضو جنهن خون سان ساريو، انهن کان،

نمازِ عشق جو سجدو ادا ٿيو.

اهوئي حق و باطل ٿو سڃاڻي،

جهان ۾ جو حقيقت آشنا ٿيو.

عنايت هن ڪيئ مون تي نه ڪڏهين،

ڪرم هن جو عدو تي بارها ٿيو.

وئي همت سان پهچي پار ڪشني،

ٿيو ڇا؟ جي مخالف ناخدا ٿيو.

ڏسو مهرو وفا وارو ته ٿيو پر،

دغا وارو نه ڪنهن جو دلربا ٿيو.

انهي جي پيو ڪندو تعريف ’ساجد‘،

جو هي لائقِ مدح و ثنا ٿيو.

 

 

محمد علي پٺاڻ

وائي

جڳ ويا گذري،

توکي ڪين ڏٺو آ مون.

تنهنجي منهنجي وچ ۾ آئي، اونداهي اڀري،

توکي ڪين ڏٺو آ مون.

ياد نه آهيان، شايد توکان، آءٌ ويس وسري

توکي ڪين ڏٺو آ مون.

منهنجي دلڙي تنهنجي ڪارڻ، پل پل آ پڄري،

توکي ڪين ڏٺو آ مون.

ريتون جي اورانگهي ايندينءَ، ڪڏهن هي ٽڪري،

توکي ڪيئن ڏٺو آ مون.

تنهنجي جدائيءَ واري مونکي، ضرف لڳي زبري،

توکي ڪين ڏٺو آ مون.

توبن سوچون، خواب ويا هن هڪ هڪٿي وکري،

توکي ڪين ڏٺو آ مون.


 

اشرف زمان پير چنڊامي

 

توکان ناز ادا ٿي ويو آ،

منهنجو هوش خطا ٿي ويو آ.

حاذق هاڻ اچي به ڪندا ڇا

پاڻ گهُري مون ڪو ته وتو آ،

جنهن کي هٿ سان پاڻ تراشيم،

سونهن اڳيان جو ڪنڌ جهڪايم،

حيرت ۾ آ هرڪو اشرف،

درد ئي پاڻ دوا ٿي ويو آ.

مونکي پيار عطا ٿي ويو آ.

پٿر سو ته خدا ٿي ويو آ.

سارو ڳوٺ خفا ٿي ويو آ.

مون کي آخر ڇا ٿي ويو آ.

 

سيد زوار نقوي

نثري نظم

 

تنهنجي مٿي جا وار

منهنجي هٿن جي آڱرين ۾

ائين وکريا پيا آهن،

ڄڻ

رابيل جا گل

زندگي جي ڪينواس تي

ٽڙيا پيا هِن!

 

 

 

 

 

پشپا ولڀ

سنڊريلا جا جوتا

 

زندگي نئين ورتل بوٽ وانگر

هرپل چڪ پائيندي رهي ٿي

اهو نئون بوٽ جيڪو خوبصورت به آهي.

پائي، شان جو احساس به

خودبخود ٿي وڃي ٿو

هر ڏسڻ وارو چئي ڇڏي ٿو

توهان جا جوتا ڪيڏا سهڻا آهن! ڪٿان ورتا؟

پر سنڊريلا جي جوتن وانگر

 

ڀڳوان  وٽ هر ڪنهن لاءِ

هڪ خاص قسم جا جوتا آهن

خاص ماپ وارا

جيڪي صرف ان کي پورا ايندا.

 

 

 

 

 

 

شهيد سومرو

 

اسان هر قدم تي ڪئي آ وفا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا،

رکي مولا ڪئيسون نه ڪٿ جفا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا

نڪي حالِ دل ڪنهن سان اوريون،نڪي زخم دل جا ڏيکاريون

اسان درد پنهنجي جي خود دوا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا.

نڪي دوستن ڏانهن شڪايتون، نڪي محتسب تي ملامتون،

پنهنجي آهي يار ڪا دل جدا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا

هڪ مولا جي ته خزاني مان، جو گهرون سوئي مليو وڃي،

ڪيون ڪو نه درد در جي گدا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا.

آيا زندگيءَ ۾ هزارين ڏک، مُنهن ڏيئي ماڻياسينن پوءِ سُک،

اسان هر قدم تي ستم سَٺا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا.

جو ٻين جي ڪو نه ٻُڌي سُڻي، رڳو پاڻ ٿو ڪري سُرخرو،

اهو ختم ٿي ويندو خود ثنا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا.

هوندا خوب جذبن سان ڀريل، ۽ حقيقتن تي سدا جڙيل،

هي سدائين شعر ’شهيد‘ جا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا.

 

پير مختيار علي ”مختار“

 

صنم هاڻ توڏانهن تنها اچون ٿا،

ڪرڻ پاڻ کي دوست رسوا اچون ٿا.

اسان جو اي سهڻا مڙئي مان رکجان،

ڪريو ڏاڍا تو وٽ ڪشالا اچون ٿا.

ڀلي تون ڌڪارين يا ڀر ۾ ويهارين،

رنجائي سڄي يار دنيا اچون ٿا.

ڪڏهن واءُ ورندو اڱڻ تي هو ايندا،

”سڄڻ مدتن کان چون پيا، اچون ٿا“.

هزارين پريشانيون سر تي آهن،

تڏهن هيئن اويلا سويلا اچون ٿا.

ٻيو ڪو به مقصد اي ”مختار“ ناهي،

ملڻ تنهنجي خاطر پيارا اچون ٿا.

آصف مٺياڻوي

 

تڪڙي ڇولي سنڌوءَ جيهي،

پنهنجي پريت نه ساجن ايهي.

پريت سندو پرچار ڪيون ٿا،

ڏور پرانهان ڏونگر ڏوري،

بيحد پيارو آهين ڇو جو،

غيرت وارو رت رڳن ۾،

قرب نه ڏيندين ڪاڏي ويندس،

پريت-نگر ۾ پيارا ويهي

ڏسبو تنهنجي پکڙن پيهي.

پنهنجو رشتو آهي ڏيهي.

پنهنجو پيار نه آ پرڏيهي.

ڪاوڙ ڪئي تو آهي ڪيهي.

 

شفيع چانڊيو

 

دل جو شهر سڄو سنسان،

کنڊر کنڊر ۽ ويران.

تو بن تنگ اداس گليون،

ڏور رهي ڀي، ويجهو ڀاسين،

مون ته اوهان جي لاءِ ڇڏيا،

تنهنجي شهر ۾ آهيون پيارا،

توسان هاڻي محب ملڻ جو،

هاءِ لڳن ٿيون سڀ حيران.

ايءُ به تنهنجو آ احسان.

کولي روح جا روشندان.

ٻن ٽن ڏينهن جا مهمان.

روشن ناهي ڪو امڪان.

پريتم ”پياسي“

 

اچو يار آهي ستايو بهارن،

گهڻو غم اسان جو وڌايو بهارن.

ڪئي ماٺ ڪوئل، پيا مرغ روئي

ڪئي محب منهنجو لڪايو بهارن.

ڏسي لوڪ سارو ڪئي دانهن دلڙي،

وڏو سور آهي مچايو بهارن.

نه آ باغ ساڳيو نه آ بوءِ ساڳي،

کڻي ماڳ پنهنجو مٽايو بهارن.

مئل روح منهنجي ڪئي رڙ جو ايڏي،

وري اڄ گلستان سجايو بهارن.

ڇڏي تون پريتم وئين ڪين آئين،

مگر وقت ساڳيو ورايو بهارن.

 

مرتضيٰ مٺياڻوي

وائي

توبن ڪيئن جيان الا،

تو بن ڪيئن جيان.

تات ۽ تانگهه آ تنهنجي اهڙي،

تن، من ۾ تڙپان الا!

تو بن ڪيئن جيان.

خوشيون ويون سڀ سهڻا کامي،

ڪهڙا گيت لکان الا!

تو بن ڪيئن جيان.

ساوڻ رُت جي بادل وانگر،

ڀَٽڪيو ٿو ڀَٽڪان الا!

تو بن ڪيئن جيان.

غيرن کي دل ڏيندي سهڻا،

سائين لَڄ مَران الا!

تو بن ڪيئن جيان.

هاڻ ”مٺياڻوي“ وٽ اچ جيڪر،

سِر هي صدقو ڪيان الا!

تو بن ڪيئن جيان.

 


 

 

مشاهد منگي

غزل

لونءَ لونءَ منجهه لغار غمن جي،

ڏاڍي آهه ڄمار غمن جي.

ماضي ساري، حال وساري،

سو ڪيئن ماڻهو سڏبو سائين،

ساري حياتي، رهي مماتي،

ڏک مشاهد! ڪيسين رهندا،

کڻڻي ناهه مَيار غمن جي.

جنهن کي ناهه سنڀار غمن جي.

وَهندو ڪير ونگار غمن جي.

آخر ٿيندي هار غمن جي.

 

عباس علي شاهه ”اختر“

 

ڪاش اڏري مان ملان توسان قمر،

زندگي سايي ۾ تنهنجي ٿئي بسر.

پيار جي آغوش ۾ گم ٿي وڃون،

ٿي وڃون ٻئي پاڻ کان ئي بي خبر.

دل چوي ٿي سونهن تنهنجي سرڪيان،

راهه ۾ آهن رقابت جا ڪڪر.

بادلن جي گود ۾ تڙپين پيو،

غير جي صحت وئي بنجي زهر.

حسن تنهنجو اوج تي اڄ رات آ،

ٿي نه پئي گرهڻ پيارا غم نه ڪر.

دور يا نزديڪ سان ناهي فرق،

پيار پنهنجو ٿي ويو آهي امر.

”چنڊ ۾ آ داغ“ اختر ٿو چوين،

داغ پنهنجو ئي اچي توکي نظر.

 

سليم رضا

 

وڏن جا فيصلا جڏهين ٻڌاسون،

انهن جي سوچ تي ڏاڍو رناسون.

ڪيا جن ڏوهه سي بي ڏوهي سڏيا،

اسان پوتر رهي ڏوهي ٿياسون.

هئي ڪا باهه جا ڀڙڪي ٿي دل ۾،

خبر پيئي جڏهن زندهه جلياسون.

اميدن جي نه سکڻي ڳالهه ڪر ڪا،

صبح سانجهي سوين سپنا ڏٺاسون.

سموري زندگي رلندي ئي گذري،

ڪڏهن اولهه ڪڏهن اوڀر هلياسون.

 

شوڪت علي ڌماچ

 

پاڻ سان گڏ نه ڀل وهاريو ها،

غير سمجهي نه بس ڌڪاريو ها.

بيوفا ڪو سڏي اوهانکي ڇو،

قول پنهنجي پنهنجا نه جي وساريو ها.

واهه ايڏو غرور ۽ ڪاوڙ،

يار مرڪي ته ڪجهه نهاريو ها.

روز پرچڻ رسڻ رسي پرچڻ،

يار ماڻا ڪري نه ماريو ها.

عمر گذري وئي ايلازن ۾،

پل ته پرچي به ڪو گذاريو ها.

ڪجهه رٺل ڪجهه خفا لڳا شوڪت،

ڪو دلاسو ڏئي ڌتاريو ها.

 

اڪبر ساگر

 

هيءُ جيون جو سفر ڏاڍو ڏکيو،

هت ملڻ ڪو همسفر ڏاڍو ڏکيو،

پيار جي گلڙن جي مون ڪئي آرزو،

ٿيو هي ڪنڊن تان گذر ڏاڍو ڏکيو،

ذهن مان ٻاهر ڪڍي هر ياد کي،

۽ رکڻ دل تي پٿر ڏاڍو ڏکيو.

پنهنجي هٿ سان ئي ڀري سقراط جيئن،

پر پيئڻ آهي زهر ڏاڍو ڏکيو.

ياد جي سڪرات ۾ تڙپئون پيا،

۽ مرڻ آهي مگر ڏاڍو ڏکيو.

درد جي زخمن کان ڏاڍو چُور ٿي،

آهه هي منهنجو اندر ڏاڍو ڏکيو

سمجهه ۾ ’ساگر‘ نه اچڻو آ ڪڏهن،

آهي جيون جو چڪر ڏاڍو ڏکيو.

 

 

ذوالفقار هيسباڻي

گيت

آئي باغن منجهه بهار،

ٿيئڙا آهن مينگهه ملهار.

بلبل گيت خوشيءَ مان ڳايا،

سارنگ آهن رنگ رچايا،

گُلڙن مان آئي هٻڪار.

ٽاري ٽاري ٽهڪي پئي آ،

مُکڙي مُکڙي مهڪي پئي آ.

چيهن جا آهن چهڪار.

بادل برسيا ٿيون گلزاريون،

ٽهڪيون ٻهڪيون ٽاريون ٽاريون،

ڀونئرن جي آهي ڀڻڪار.

”هيسباڻي“ آ نغمه ڳايون،

ڇير وڄايون، جهمريون پايون،

وڄڙين جا آهن وسڪار.

 

سليمان سولنگي

وائي

سنگهرن منجهه سنگهار،

وو ميان، سُتي ڪيئن سُک ٿئي؟

اڀري ايندا مور نه کڻندا،م مارو لوڪ – ميار

وس ريءَ ڪهڙو وس ميان هت، مُٺ ۾ ساهه سنگهار

هيل ته ٻوڙا ٻوڙ ٿئي ڀل، وَس وَس وسڻهار

مند تي ميڙي سيڙي آڻج، واري سڀ ولهار

پنهنجي قسمت پنهنجي ليکي، لِکُ ٿي لکڻهار

مان ئي آٿت مان ٿي واهر، مان ئي تات تنوار

وو ميان، سُتي ڪيئن سک ٿئي؟

 

اڪرم ساگر عباسي

 

ڀاڳ پنهنجو مون ڀلارو پئي ڏٺو،

چمڪندڙ پنهنجو ستارو پئي ڏٺو.

پر لڳي ڪنهن جي نظر ڪا اوچتو!

ڪالهه مون رئندي پيارو پئي ڏٺو.

ساٿ ڪنهن ڀي ڪو نه مشڪل ۾ ڏنو،

پاڻ کي مون بي سهارو پئي ڏٺو.

جن کي ڏاڍي سان آهي دوستي،

تن جون مون مشڪل گذارو پئي ڏٺو.

عشق جي مون کي سزا اهڙي ملي،

درد ريءَ ٻيو ڪو نه چارو پئي ڏٺو.

مون سدا ”ساگر“ ڪناري تي وڃي،

ڏک ڀريو هي آ نظارو پئي ڏٺو.

 

 

 

 

رکيل مورائي

 

سانت جي شال اوڙهي سُتي راتڙي،

چنڊُ رابيل جي گُل جيان پيو ٽڙي.

شاعري دلڪشي مرڪ ”گوگوش“ جي،

دؤر جلاد جي هانَوَ تي چوچڙي.

وقت جي ناءُ ۾ ٽهڪ ڦهلاءَ سان،

باک جي ساک جي راڳڻي آ ڇڙي.

چنڊ آڪاش تي ڇير پائي نچيو،

گيت ڳاتا سڄي رات تارن مڙي.

تون وئينءَ ها مگر ياد جي چاندني،

من آڳنڌ مٿان چوڏهينءَ جان کڙي.

 

ساغر سميجو

ڪيئن ڪريان؟

تنهنجي اکين جا سُر

سيني ۾ سانڍدان

ٻيو ڪجهه ڪيئن ڪريان؟

توکي ئي ياد ڪريان.

منهن ۾ مچ هونئن ئي متل

ڪجرو ٻرئي منجهه اکڙيان

ٻيو ڪجهه ڪيئن ڪريانئ

توکي ئي ياد ڪريان.

ڀاڪر کڻي ڀريان!

ٻيو ڪجهه ڪيئن ڪريان؟

توکي ئي ياد ڪريان.

پير اگهاڙا، پنڌ اڻائو

۽ ٻاٻري ڪَنڊ

هَٿ هَٿ گجرا

مرڪ سندءِ مُگرا

نظرن جي جهول ڀريان؟

ٻيو ڪجهه ڪيئن ڪريان؟

توکي ئي ياد ڪريان.

ڦول اکين جا، ڦل چَپَن جا

ڦولن انگ ٽڙيا

دل ٿي چوي ڦولن جو

وک ڌريان؟ نه ڌريان؟

تون ته آهين ڪا ڪونج پريان

ٻيو ڪجهه ڪيئن ڪريان؟

توکي ئي ياد ڪريان.

 

شائق ڪمبوهه

غزل

دوستن جي سدا عنايت آ،

جان پنهنجي تڏهن سلامت آ.

درد، غم، انتظارو ۽ ڀٽڪڻ،

پيار سان ئي ته آهي جڳ قائم

هونئن به سچ آ وڏو ڏوهي،

سُور سهندي به چپ رهج ’شائق‘،

پيار جي اصل ۾ وضاحت آ.

پيار سڀ کان وڏي عبادت آ.

ڪوڙ جي هر گهڙي حفاظت آ.

پنهنجي استاد جي هدايت آ.

 

پارس حميد

ترائيل

هن بي انت وڇوڙي جو ڪنارو ناهي،

توندور ڪيڏو دور ٿي وئي آهين.

هن اداس دل جو ڪو سهارو ناهي،

هن بي انت وڇوڙي جو ڪنارو ناهي.

 

 

دکن جي صحرا ۾، جيئڻ جو چارو ناهي.

مون سان وري نه ملڻ جو چئي وئي آهين.

هن بي انت وڇوڙي جو ڪنارو ناهي،

تون دور ڪيڏو دور ٿي وئي آهين.

 

سيد امجد

اڄ مَنَ جي اڱڻ تي آيو هو،

ڪو سانوڻ رُت جي مينهن وانگي،

۽ کَن پل ۾ سيراب ڪري ويو،

ڪومل دل جي پاڙن کي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com