سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :4

 

 

سرور جي سومار تي، آيس آس ڪري،

ادب نوڙت نياز مان، پرتان پير ڀري،

ته من سندم منٺار چئي، ڪنهن سوليءَ واٽ وري،

صحبت شال سري، مٺي مرشد پاڪ جي.

- منٺار فقير راڄڙ جو چيل هڪ ”ڏهر“

 

 

مقالا

 

”مسلمانن جو خاص منصب جُهد هو. عزاليءَ جي عمر ۾ هڪ ڏينهن به اهڙو نه گذريو، جنهن ۾ هن ڪم از ڪم 16 يا 17 صفحا نه لکيا هجن. ”جهاد بالقلم“ انهيءَ جو نالو آهي. پر اڄ جي مسلمانن جي حالت ڏسي روئڻ ٿو اچي. اِهي اُهي مسلمان آهن، جن جي ساري دنيا ۾، جپان ۽ چين کان وٺي آمريڪا ۽ مئڊاگاسڪر تائين عزت ۽ ثناخواني ٿيندي هئي؛ جن جا ڪتاب سڄي دنيا ترجمو ڪندي هئي ۽ پڙهندي هئي؛ جنهن وقت ٻيو ڪو ڪتاب هو ئي ڪو نه!

خدا سلامت رکي مخدوم ’طالب الموليٰ‘ کي، جو انهيءَ جذبي ۽ انهيءَ محبت کي وري جيارڻ پٺيان آهي. ٻيون ڳالهيون ته بجاءِ خود، فقط علمي خواهش ئي مفقود آهي. طاش ۽ ياوه گوئي صبت جا ٻه مقصد هن وقت فيشن ۾ آهن. انهيءَ ڪُهني بيماريءَ جي علاج لاءِ هن قسم جون تصنيفون ۽ ادبي مجلسون، جي اسان جو طالب الموليٰ پيدا ڪري رهيو آهي، بهترين دوا آهن. حافظ جو چوڻ آهي:

نه شوي واقفِ يک نکته ز اسرارِ وجود

تا تو سرگشته شوي دائرهء امکان را.

جيڪڏهن ڪنهن کي مٽيءَ جي ماهيت پروڙڻي هجي ته تارن تائين پهچڻ کان سواءِ پروڙي نه سگهندو. جرمن شاعر گوئٽي چيو آهي ته:

”اهو ضرور نه آهي ته تون ڪنهن وڏي شيءِ سمجهڻ جي ڪوشش ڪرين. شيءِ ڪهڙي به خسيس هجي، رڳو سندس تهه تائين پهچڻ جو عزم ڪر. اِتي ئي پهچندين، جتي چنڊ، سج ۽ تارا توکي وٺي ويندا.“

علامه آءِ . آءِ . قاضي

(ڪتاب ”ڪافي“ تي تقديمي ٻه اکر مان اقتباس).

 

سروري جماعت جو ”ڏهر“ ۽ اويسي طريقو      .

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

 

نوٽ: اٽڪل 22 سال اڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب مون کان لفظ ”ڏهر“ بابت پڇيو هو، پر ڪي اهڙا سبب ٿيا جو ڪا خاص رهاڻ ڪا نه ٿي سگهي، ۽ ڊاڪٽر صاحب کي ڏهر بابت ڪجهه ٻڌائي ڪو نه سگهيس. اٽڪل 7-8 سال اڳ ڊاڪٽر صاحب خط لکي وري به ساڳي ڳالهه پڇي، مون پنهنجي مختصر راءِ لکي موڪلي هئي، پر ڊاڪٽر صاحب وتان ڪو جواب ڪو نه آيو. پر ڏهر بابت وڌيڪ لکڻ جو خيال ٿيو ته جيئن مختلف حلقن ۾ مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جي جماعت سروري ۾ رائج ”ڏهر“ بابت مختلف قسمن جي خيالن جي اظهار ۽ جماعت سروري جي ”سهروردي“
 يا ”اويسي“ هجڻ بابت پيدا ٿيل مونجهارن جي وضاحت ڪري سگهجي.

13مئي 1980ع تي شيخ محمد اسماعيل صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو لکيل ڪتاب ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ موڪليو ۽ ان ڏينهن ئي مطالعي بعد شدت سان ضرورت محسوس ٿي ته جلد اهرو مضمون لکجي ته جيئن وضاحت ٿئي ۽ ڪا به غلط فهمي باقي نه رهي. ان مضمون لاءِ حوالا گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، پر طبيعت جي ناسازيءَ سبب اهو ڪم جلد مڪمل نه ٿي سگهيو. هن وقت به عبدالله ورياهه، اسان جي هدايتن ۽ گڏ ڪيل حوالن موجب مضمون نقل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي. – ”طالب الموليٰ“

”ڏهر“ لفظ ”ڏهر“ جو مخفف (گهٽايل) آهي. ڏهر جو اشتاق (بنيادي) لفظ ’ڏاهه‘ آهي، جنهن جو معنائون آهن: خبر، ڏس، پتو، پرولي ۽ ڳجهارت[1]. پر انهي لفظ جون معنائون ’سڏ‘ ۽ ’اطلاع‘ وغيره به آهن.

لفظ ”ڏاهه“ ۾ ’ر‘ نسبتي آهي، جيئن ڪنڀر، ڀتر ۽ لهر وغيره وغيره. عوام ۽ خواص کي سڏ ڪري يا اطلاع ڏيئي الله ۽ ان جي آخري رسول ڏي رجوع ڪرائڻ جو هڪ بهترين ۽ آسان ذريعو ۽ رستو آهي ”ڏهر“.

چوڻي آهي ته ”ڏاهري به آيل آهن يا ’ڏاهرن‘ جي اچڻ جو اظهار آهي“، وغيره. يعني سُر سان ڏهر ڏيندڙ فقير. چوندا آهن ته فلاڻي ڳالهه لاءِ سموري پرڳڻي ۾ ’ڏاهه‘ ڏني ويئي ته سوين ماڻهو اچي گڏ ٿيا (مدد ڪرڻ لاءِ) ته ڪم ٿي ويو.

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ سنڌي شاعري جي جيترين به صنفن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ’ڏهر‘ کي شامل نه ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ بُڻ بنياد جي باري ۾ اڄ تائين جيڪو بحث ڪيو ويو آهي، انهيءَ ۾ جديد تحقيقاتي بنيادن مطابق مذهبي پرچار وارو ڪلام يعني ”گنان“ به ڏنا ويا آهن، جن کي اندازن 1965ع کان پوءِ سنڌي شاعري جي صنف طور قبول ڪيو ويو آهي. ”گنان“ فقط اسماعيلي پيرن جي تعريف ۽ توصيف جا بيت آهن، جن کي سنڌي ادب جي ٻئي دؤر جي شاعري طور پيش ڪيو ويو آهي[2] حالانڪ ”ڏهر“ به سنڌي شاعري جي عظيم صنف آهي، جنهن ۾ خدا تعاليٰ جي تعريف، حضرت محمد ڪريم صلي الله عليـﮧ وسلم جي ساراهه ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمت الله عليـﮧ جي ساراهه جو ذڪر آهي. منهنجي ڄاڻ موجب شاعريءَ جو هي نمونو الف اشباع (مقدمه الصلوات) جي دؤر سان گڏ شروع ٿيو آهي ۽ اڄ تائين قائم ۽ دائم آهي.

”ڏهر“ سنڌي شاعري جي هڪ غير عروضي صنف (نمونو) آهي، جنهن کي مخدوم معظم غوث الحق حضرت مخدوم نوح رحه جي سروري جماعت جياريو اچي. اها صنف ايتري ته مقبول هئي ۽ آهي جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليـﮧ رحمت به پنهنجي شاعريءَ ۾ ان کي جاءِ ڏني. غير عروضي سنڌي شاعري ڪندڙن کي گهرجي ته ڏهر جي صنف تي آل جال لکن.

ڏهر ۾ حمد، نعت، منقبت، اصحابه ڪرام ۽ ٻين الله وارن جي ثنا، دين اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ۽ مرشد جي تعريف تي مضمون لکبا آهن[3]. ڏهر عوام ۽ خواص کي سڏ ڪري يا اطلاع ڏيئي الله ۽ ان جي آخري رسول ڏي رجوع ڪرائڻ جو هڪ بهترين ۽ آسان ذريعو ۽ رستو آهي، جنهن جي وسيلي نه صرف الله ۽ الله جي رسول پر پنهنجي مرشد جي احوال کان پڻ جماعت کي روشناس ڪرايو وڃي ٿو.

حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جن رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي سُنتن پاڙڻ تي انساني وس پڄندي بيحد ڪوشش ڪندا هئا ۽ ان ۾ پاڻ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي هئائون.

مڪي شريف ۾ ڪعبـﺔ الله جي ويجهو ٻه جبل هڪ صفا ۽ ٻيو مروه چڱا خاصا وڏا هئا[4] جڏهن مڪي پاڪ تي ڪا ڪاهه ٿيندي هئي، ڪو خطرو هوندو هو يا ڪو قافلو يا قاصد ايندو هو ته انهن جبلن مان هڪ تي ڪو به شخص چڙهي بلند آواز سان ان ڳالهه جو اطلاع ڏيندو هو ۽ ماڻهو هوشيار ٿي ويندا هئا. اهو طريقو اسلام اچڻ کان به گهڻو وقت اڳ رائج هو.

جڏهن حضرت محمد بن عبدالله صلي الله عليـﮧ وسلم جن نبوت ملڻ بعد ماڻهن کي اسلام ڏي اچڻ ۽ هن سچي مذهب کي اختيار ڪرڻ جي تبليغ ڪئي ته پاڻ هڪ دفعو مڪي جي ڪوهه صفا[5] تي چڙهي ان وقت جي رواج موجب بلند آواز سان هي لفظ ”يا معشر قريشي“ ٻه ٽي ڀيرا چيا ۽ قريش اچي گڏ ٿيا. پاڻ آيل ماڻهن کي فرمايائون ته جيڪڏهن آئون چوان ته هن جبل جي پويان هڪ وڏو لشڪر موجود ۽ حملي ڪرڻ وارو آهي ته اعتبار ڪندؤ؟ تنهن تي پاڻ چيائون ته صرف هڪ الله آهي، ان کي سجدو ڪريو ۽ آئون ان جو رسول آهيان، وغيره. تنهن تي ابوالهب هميشـﮧ وانگر بڪواس ڪئي ۽ ماڻهو هليا ويا.

”ڏهر“ به انهيءَقسم جو يعني الله طرف سڏڻ جو هڪ طريقو آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش صاحب پنهنجي تصنيف ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته ”مخدوم صاحب جن جو طريقو سهروردي آهي ۽ مخدوم صاحب (هالا) جي جماعت جي اصطلاح ۾ مرشدن جي تعريف ۽ ذڪر جي سلسلي کي ”ڏهر“ چون. ’ڏهر ڏيڻ‘ معنيٰ بلند آواز ۽ هڪ خاص ڍار سان اهڙا بيت ڏيڻ، جن ۾ درگاهه جي وڏي سرور پير يعني مخدوم نوح رحه صاحب ۽ سندس درگاهه جي صفت هجي. اهو مضمون هن درگاهه جي مريدن لاءِ برڪت ۽ آٿت جو سهارو آهي ۽ سندن ’ڏهر ڏيڻ‘ جو خاص مقصد اهو ئي آهي.“ ڊاڪٽر صاحب جو اهو چوڻ صحيح آهي. وري ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته ”مگر سنڌي راڳ جي روايت جي لحاظ کان ڏهر جو اصطلاح هڪ خاص اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ملتان جي سهروردي طريقي ۾ پڻ ڏهر موجود آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته اهو سُر ڪنهن آڳاٽي راڳ جو يادگار آهي، جنهن جا آثار ڪنهن حد تائين ميسارجي چڪا آهن.“[6]

”اسان راڳ ڏهر جي اصليت ۽ ماهيت کي سمجهڻ لاءِ مخدوم صاحب جي مريدن ۾ رائج ”ڏهر ڏيڻ“ جي سلسلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ سلسلي ۾ مختلف جاين تي ڏهر ٻڌا، ۽ پڻ آڳاٽو منٺار فقير جي ميلي جو ڀيرو ڪيو، جو موجوده دور ۾ منٺار فقير جا چيل بيت خود منٺار فقير جي مزار تي توڙِ ٻين اڪثر جاين تي ڏهرن طور ڏنا وڃن ٿا. انهيءَ ڳولا ۽ پڇا مان جيڪي ڪجهه معلوم ٿي سگهيو، تنهن جا مختصر هيٺيان پهلو قابل ذڪر آهن:

جن شاعرن جا بيت ڏهر طور ڏنا وڃن ٿا، سي سڀ مخدوم صاحب جي درگاهه جا مريد هئا. منٺار فقير راڄڙ جي بيتن کانسواءِ اسان ساهو فقير، سڌا توري فقير مڱريي ۽ حيات فقير جت (جيڪو جاتي جي پاسي جو هي) جا بيت ٻڌا، جيڪي ڏهر طور ڏنائون، مگر اهي سڀ فقير مخدوم نوح صاحب رحمـﺔ الله عليـﮧ کان گهڻو پوءِ ٿي گذريا ۽ انهيءَ ڪري شاعرن ۽ سندن بيتن جي مطالعي مان ڏهر ڏيڻ جي تاريخي اصليت روشن ٿئي ٿئي.

”مخدوم صاحب جي جماعت ۾ جيڪو ڏهر ڏيڻ جو سلسلو رائج آهي، سو اصولي طور مرشد جي تعريف ۽ ذڪر جو سلسلو آهي. مخدوم نوح صاحب رحمـﺔ الله عليـﮧ جي درگاهه تي هر سهائي سومار يا لاکاني ۽ حج وارن مهينن ۾ ڏهر ڏيندا، ۽ پڻ درگاهه جي سلسلي ۾ ٻين ماڳن تي ڏهر ڏيندا آهن. ميلن ۾ مکيه جاين تي فقير اڪثر مچ جي چوڌاري گولائي ۾ بيهندا ۽ هڪ خاص ڍار سان مرشد جي تعريف ۾ بلند آواز سان بيت  آلاپيندا. هر بيت جي پوري ٿيڻ تي ’ذڪر جي توار‘ طور ’لاالـﮧ‘، ’الالله‘ ’ياالله‘ ۽ ’هو الله‘ جون ضربون هڻندا آهن. انهن ’ضربن سان ذڪر‘ واري توار مان گمان نڪري ٿو ته غالباً ڏهر ڏيڻ جو سلسلو سماع جي ڪنهن آڳاٽي سلسلي سان وابسته آهي، جيڪو اندازا اٺين صدي هجري ڌاري يا ان کان به اڳ سنڌ ۾ رائج هو.[7]

هتي ڊاڪٽر صاحب جي ڪجهه ڳالهين سان اختلاف ڪندي چوڻو ٿو پوي ته سنڌ ۾ سروري جماعت کانسواءِ ٻيءَ ڪنهن به جماعت ۾ ”ڏهر“ جو رواج نه آهي. ملتاني جماعت ۾ ڏهر بدران ”بيت“ چوندا آهن. صرف مخدوم نوح رحه جي جماعت ۾ ”ڏهر“ چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ حمد، نعت، منقبت، صحابه ڪرام ۽ ٻين الله وارن جي ثنا، دين اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ۽ مرشد جي تعريف وغيره تي مضمون لکبا آهن. رهيو سوال ڏهر راڳ جو ته ڏهر راڳ هو ئي ڪو نه، پر ”ڏهر“ راڳ ڀيروين ۽ جوڳ ۾ آلاپيا ۽ چيا (ڳايا) ويندا آهن. سروري جماعت جو هي به دستور آهي ته شڪار يا سفر ۾ هڪ ٻئي کان رفيق ڀلجي جدا ٿي ويندا آهن ته پوءِ ڪلمهء طيبه آلاپي ”ڏهر“ ڏنا ويندا آهن ته ڀلجي ويل رفيق اهو ٻڌي ان جو جواب ”ڏهر“ سان ڏيندو ۽ اچي هڪ ٻئي سان ملندا آهن.

ڏهر ڏيڻ جو طريقو اڄ به سروري جماعت ۾ رائج آهي. اهو طريقو ڪيترو پراڻو آهي ۽ ڪڏهن شروع ٿيو، ان بابت پڇا ڪرڻ تي به معلوم نه ٿي سگهيو ته ڏهر ڏيڻ جو طريقو ۽ ايجاد ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪئي، پر حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جا چيل ڏهر به اسان وٽ موجود آهن، جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ”ڏهر ڪلمي“ جو طريقو ڪيتريون صديون پراڻو آهي، جن مان هڪڙو مشهور ”ڏهر“ هيٺ ڏجي ٿو:

متان ڏسي موهجين دنيا وارا ڌڄ،

جدا ڪر جودئون ڇائيءَ کي ٿي ڇڄ،

اڄ نه ٿئي سڀان، سڀان نه ٿئي اڄ،

نرمل نوح فقير چئي، ڪر رب سان ريجهي رڄ،

مٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃي ٿو وسيلا.

جنهن ۾ واضح نموني سان دنيا جي فاني هجڻ، نيڪي ۽ برائي جي فرق کي سمجهڻ ۽ بنا وقت وڃائڻ جي رب کي راضي ڪرڻ جي تلقين ڪيل آهي.

حيات فقير جت، جاتي ضلعي ٺٽي جو رهاڪو هو، سندس هڪ ڏهر آهي.

جي آسائو آهين، ته هلي وڃ هالين،

جي ستي جا سيڪڙو سي پين پيالين،

ڪوجهي افعالين، پير نه ڇڏي پانهنجا.

هن ڏهر ۾ مرشد جي ساراهه ۽ سندس مهربانين جو ذڪر آهي. منٺار فقير راڄڙ پٽ قبول محمد (1285هه/ 186ع - 1358هه/1938ع) ڳو ٺ کاڻي راڄڙ، ضلعي سانگهڙ، جو مشهور فقير ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سروري جماعت ۾ سندس چيل ڏهر تمام گهڻو مشهور آهن. سندس ڏهرن جو ڪتاب ”رسالو رهنمائي“ پڻ ڇپيل آهي، سندس ڪجهه ڏهر هتي پڻ ڏجن ٿا.

چئو لاالـٰﮧ الالله، محمد رسول،

ائين چئي ويو چاڳلو، مولا جو مقبول،

منجهان دل منٺار چئي، ڪيو جن قبول،

مٿان تن محصول، لطف ساڻ لهي ويو.

*

سرور شاهه جي سگهه جو، ليکو لکندو ڪير،

آيو جو اولياء وٽ، پرتئون ڀري پير،

سو سڀڪي شاهوڪار ٿيو، توڙي ڏڏ ڏڦير،

جن دعا گهري هڪ دمڙي، تنکي سرور بخشيو سير،

جنهن جي فيض ۾ ڪونهي ڦير، سو ڇو نه مڃي منٺار چئي.

*

سرور جي سومار تي آيس آس ڪري،

ادب نوڙت نياز مان پرتان پير ڀري،

ته من سندم منٺار چئي، ڪنهن سوليءَ واٽ وري،

صحبت شال سري، مٺي مرشد پاڪ جي.

 

سڻي منهنجا سڏڙا، سائين امين محمد ايندو،

ڪئين دلاسا دل کي، اچي ڏڍ وڏا ڏيندو،

مرڻ ويل منٺار چئي، اچي وسيلو ٿيندو،

هيءَ نماڻي نيندو، پلئه لائي پانهنجي.

*

ميان محمد زمان منهنجا پرين سڻ سائل جا به سوال،

نرمل ناري ملڪ تي تون رکج خان خيال،

موهر سان منٺار چئي ڪر ڀلايون ڀال،

لائق ڀريا لال، ڪر نظر نوازڻ جي.

*

ميان ظهور الدين ظهور ڪيو، ويٺو مسند مٿي مور،

منجهه قلب منٺار منٺار چئي، ٿيو ذڪر جو زور،

تابش طالبن تان ويوشيطاني شور،

ويئي دلگيري دل تان، هينئڙي مٿان هو،

مليو امل اتور، پلئه لڳندي پير جي.

*

آيو پوٿو پکن ڌڻيءَ جو، نسورو ئي نُور،

آهي والد ول جنهن جو، جنهن کي حبيبي حضور،

سو غلام محمد گهوٽ ئي آهي، محمد وٽ منظور،

ڪيو دين سندو دستور، تنهن موهر ۾ منٺار چئي.

*

بسم الله ڀلي ڪري آيو هي مرد موچارو،

والد ولي جنهن جو آهي پارس پاڳارو،

تنهن غلام حيدر گهوٽ هي نوازيو سڀ نارو،

مهراڻو منٺار چئي، ٿيو سڀاڳو سارو،

لٿو مونجهارو، قلب قريشي نئون ڪيون.

*

آيو سائين محمد زمان موهر ۾ پهريون دفعو پير،

سو صحيح صديقي سلڇڻو، کڻي الله ڪيو اڪثير،

سو نرمل نوازيندو اچي، وهڻ وستون سڀ وير،

سو آيو ڀلي بوڇڻاهه تي، ڪامل قطب ڪبير،

۽ ڏئي ٿو فيض فقير، والي وريل شاهه کي.[8]

*


 


[1]  ”سنڌي لغات قديمي“، مرزا قليچ بيگ، حيدرآباد، 1924ع، صفحو 155.

[2]  ڏسو ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، ڇاپو ٻيو، از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، صفحه 184-186.

[3]  مقدمو، از طالب الموليٰ. ”رساله رهنمائي“ منٺار فقير راڄڙ، مرڪزي بزم طالب الموليٰ، 1984ع هالا، صفحه 5-6.

[4]  اهي جبل وچولي درجي کان به گهٽ هئا، جن کي سعودي حڪومت اڃا به وڌيڪ ننڍو ڪري ڇڏيو آهي.

[5]  هن وقت ڪوهه صفا جو معمولي نشان باقي آهي.

[6]  ”سنڌي موسيقي جي تاريخ“ صفحو 305 (ڇپايل شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1978ع.)

[7]  سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ، ص 306.

[8] ”رسالو رهنمائي“، منٺار فقير راڄڙ، مرڪزي بزم طالب الموليٰ، هالا، 1984ع.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com