سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :7

1142هه) طلب ۽ تحقيق وارو دور هو، جنهن ۾ هن سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر سفر ڪيا، درويشن جا ماڳ مڪان ڏوري ڏڍا، سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ڌنڌي پيشي وارن توڙي عامماڻهن جي روزاني زندگي ۽ حال حقيقت کان واقف ٿيو. اهي پنڌ ۽ سفر سندس پاڻ پنهنجي تربيت ۽ پرجهه پروڙ خاطر هئا. زندگي جي هن ٻئي دور، ۾ جيڪو چاليهن سالن جي عمر کانپوءِ وارو دور هو، شاهه صاحب پاڻ هڪ جهانديده درويش ۽ حال ۽ قال جو صاحب هو. هن دور ۾ سندس مسافريون وڌيڪ سوچيل مقصدن ۽ منزل واريون هيون: يعني پنهنجن پيارن فقيرن ۽ مخلص معتقدن وٽ ڀيرا ڪري سندن پوئواري ڪرڻ، ٻين حال۽ ڄاڻ وارن فقيرن سان ملڻ، ۽ عالمن عارفن سان سلوڪ ۽ معرف واريون صحبتون ڪرڻ. هن دور جي مسافرين ۾، شاهه صاحب قرآن شريف پنهنجي دور لا3، ۽ ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات ’بيان العارفين‘ ۽ مولانا رومي جي ’مثنوي‘ حاضرين جي وعظ ۽ نصيحت لاءِ، پاڻ سان گڏ رکندو هو. سندس ارادتمند ميون محمد صلاح ساڻس گهڻو ڪري گڏ هوندو هو ۽ ڏينهن جو اڳين نماز ۽ جمعي نماز بعد مثنوي پڙهندو هو ۽ ان جي شرح ڪندو هو. ان کانسواءِ راڳائي فقير شاهه صاحب سان انهن سفرن تي گڏ هوندا هئا ۽ رات جو سمهياڻي نماز بعد ’شاهه جو راڳ‘ ٿيندو هو.

شاهه صاحب جي سير سفر بابت اڪثر خيالي انومان ڪڍيا ويا آهن ته هِتي به ويو هُتي به ويو، ائين جو ڄڻ هر جاءِ تي ويو پر ان باري ۾ ڪي به اهڙا ٽاڻا يا اهڃاڻ نه ڏنا ويا آهن جن تي ڪو ڀروسو ڪري سگهجي[1]. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن کان اڳئين دور ۾ توڙي هن دور ۾ شاهه صاحب سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڪيترن ئي ماڳن مڪانن تي ويو، پر انهن سڀني بابت صحيح معلومات محفوظ نه رهيا آهن. البت سندس زندگيءَ جي اڳئين دور جي ڀيٽ ۾، هن دور ۾ ڪيل مسافرين يا ملاقاتن بابت ڪي وڌيڪ ڀروسي جهڙا بيان ۽ اهڃاڻ ملن ٿا[2].

 


[1]  مثلاً مير عبالحسين خان سانگي جو ’لطائف لطيفي‘ 0ص 183) ۾ بنا ڪنهن دليل جي بيان ته ”حضرت اولياء صاحب، سناسين ۽ جوڳين جي ٽولي ۾ پورا ٽي سال گذاريا ۽ ڪوهستان جي سير تي هو.“ اهي شاهه جي زندگيءَ جا ڪهڙا ٽي سال هئا ۽ اهو پورن ٽن سالن وارو مدو ڪنهن ڳڻيو!

[2]  انهن مان ڪي ٿورا لکيت ۾ موجود آهن ۽ ٻيا زباني روايتن ذريعي مشهور آهن؛ انهن زباني روايتن جي وڌيڪ تصديق راقم پاڻ انهن ماڳن تي وڃي اتان جي سڄاڻن ۽ خاص طرح انهن اڳين بزرگن جي اولاد کان ڪئي، جن جو شاهه صاحب جي سلسلي ۾ ذڪر ٿيل هو.

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com