سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

مضمون

صفحو :13

 

حزب الله ميمڻ                                          (خبرنامو)

پي. آر. او ڪلچر کاتو

ثقافت، سياحت، رانديون، نوجوانن جا معاملا، سماجي ڀلائي ۽ عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي ڪارڪردگي

حڪومت پنهنجي ناموس کي هر ممڪن طريقي سان عوام جي خدمت سان مشروط ڪندي آهي. اُها وقت بوقت ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ مثبت پروگرام جوڙي سندن بنيادي ضرورتون پوريون ڪري، اُنهن جي خواهشن مطابق سندن بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندي رهندي آهي. موجوده حڪومت، جيڪا 12 ـــ آڪٽوبر 1999ع ڌاري اقتدار جي مسند تي آئي تَنهنجِي پهرين ئي ڏينهن کان اِها ترجيح رهي ته عوام جي دلين ۾ گهر ڪيئن ڪجي؟ اڳوڻين حڪومتن طرفان عوام جي پروگرامن ۾ ڪيل ڪوتاهين کي ڪيئن دور ڪيو وڃي؟ اهڙا ڪي پروگرام، منصوبا ۽ اسڪيمون جوڙيون وڃن ته جيئن سندن رهڻي ڪهڻي ۾ واضح تبديلي نظر اچي ۽ هي حڪومت ٻين اڳوڻين حڪومتن کان الڳ ٿلڳ نظر اچي ۽ عوام کي ڪا واضح تبديلي ۽ فرق محسوس ٿئي. انهيءَ ڪري موجوده حڪومت کوکلن نعرن جي بجاءِعملي ڪم تي نظر رکي ترجيحي پروگرام جوڙي عوام کي بنيادي سهوليتون سندن دروازن تائين پهچائڻ لاءِ عملي قدم کنيا. حڪومت جتي هرهڪ شعبي ۾ انقلابي قدم کڻي اُنهن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي اُتي ثقافت، سياحت، رانديون، نوجوانن جي مامرن، سماجي ڀلائي ۽ عورتن جي ترقي واري صوبائي کاتي ـــ جنهن جي سرواڻي گورنر سنڌ جناب محمد ميان سومري جي هٿن ۾ آهي، محڪمي جو سيڪريٽري جناب عاشق حسين ميمڻ هڪ وطُن دوست ۽ نهايت جفاڪش محنتي آفيسر آهي ـــ پڻ ڪا ڪَسَرَ ڪانه ڇڏي آهي.

ثقافت کاتي جو مقصد ادب کي گڏ ڪرڻ، لوڪ سٿ، مخطوطن ۽ لوڪ روايتن کي محفوظ بنائڻ ۽ زور وٺائڻ آهي. اهو پهرين هڪ ثقافتي سيل جي شڪل ۾ 1976ع ڌاري تعليم کاتي ۾ قائم ڪيو ويو هو، جيڪو بعد ۾ آگسٽ 1988ع ڌاري هڪ مڪمل صوبائي کاتي جي صورت ۾وجود ۾ آيو. انهيءَ کاتي تحت، چار خودمختيار شبعا جهڙوڪ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ ٽوئرزم ترقياتي ڪارپوريشن، ڪراچي ۽ سنڌ اسپورٽس بورڊ، ڪراچي، پنهنجا فرائض نباهي رهيا آهن. هرهڪ شعبي جي پنهنجي ڪارڪردگي آهي. سال 2001ع-02  دوران کاتي جي مجموعي ڪارڪردگيءَ جو تفصيل هن ريت آهي.

23 ـــ مارچ 2001ع تي اسلام آباد ۾ يوم پاڪستان پئريڊ ۾ شرڪت ۽ اپريل 2001ع ڌاري گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ موسيقيءَ جي هڪ محفل رچائي، ماڻهن سان لهه وچڙ ڪئي ويئي. مئي 2001ع ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو ۽ ادبي ڪانفرنس جو انعقاد، آگسٽ 2001ع ڌاري هندو جيمخانه ڪراچي ۾ سنڌ لوڪ فيسٽيول، پاڪستان جي ”خاتونِ اول“ جي سيوهڻ واري دوري دوران ثقافتي ۽ هينڊي ڪرافٽس نمائش جو انعقاد، ممتاز مرزا اسٽوڊيو ۾ شام غزل، سيپٽمبر ڌاري ڪراچيءَ جي ايڪسپوسينٽر ۾ سنڌ فيسٽيول، سنڌ پراونشل ميوزيم حيدرآباد ۾ مينا بازار ۽ ڪتابن جي نمائش، ڊسمبر ڌاري گورنر هائوس ڪراچي ۾ جناح سوسائٽي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي سهڪار سان سيمينار جي انعقاد، فلئگ اسٽاف هائوس ڪراچي ۾ جناح سوسائٽي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي سهڪار سان نمائش ۽ سيمينار جو انعقاد، ضلعي حڪومت خيرپور جي سهڪار سان خيرپور ۾ سچل اڪيڊمي جي اڱڻ تي ڊسمبر 2001ع ڌاري ”صوفي ميوزڪ ايوننگ“، 22 کان 27 سيپٽمبر 2001ع ڌاري ”سنڌ فيسٽيول 2001ع“ جو کاتي پاران انعقاد، حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزيم ۾ سوشيو ـــ ڪلچرل سرگرميون، رمضان جي سڳوري مهيني ۾ قرات/ نعت جا مقابلا، قرآني خطاطي جي نمائش، ڪتابن جو ميلو، عيد بچت بازار ۽ عورتن لاءِ مينا بازار، پروفيسر اسٽينلي والپرٽ سان گڏجاڻي، باني پاڪستان جي حوالي سان جناح سوسائٽي ۽ آڪسفورڊ يوينورسٽي پريس جي سهڪار سان 27 ڊسمبر 2001ع تي سنڌ گورنر هائوس ۾ هڪ پروگرام، فلئگ اسٽاف هائوس ڪراچي ۾ قائد جي تصويرن جي نمائش منعقد ڪري سال 2001ع کي مڪمل طرح سان ثقافتي لحاظ سان ڀرپور انداز سان ملهائي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو.

سال 2002ع ۾ اڳئين سال وانگر ڪوششن کي جاري رکندي اڃا به وڌيڪ محنت ڪري تسلسل برقرار رکندي فيبروري ڌاري لاهور ۾ ”جشن بهاران“ (بهار جي موسم) ۾ شرڪت ڪئي ويئي. پشاور۾ اپريل ڌاري سرحد صوبي جي صد ساله تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت، اپريل ۾ ئي اسلام آباد جي لوڪ ورثي ۾ به شرڪت، وري سال 2002ع ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو 258هون عرس مبارڪ ۽ ميلو ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل ادبي ڪانفرنس جو اهم فريضو سرانجام ڏنو ويو. هتي اِها ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اڳ ”ڀٽائي ادبي ڪانفرنس“ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندي هئي پر هن سال صوبائي سيڪريٽري عاشق حسين ميمڻ صاحب جي ڪوششن سان اها ڪانفرنس ڀٽ شاهه ۾ بحال ڪئي ويئي ۽ انهيءَ ۾ ايران جي اسلام آباد مان آيل ڪلچرل قانصلر آغا مصطفوي سبزواري ۽ ثقافتي وفد پڻ شرڪت ڪئي ۽ ڀٽ شاهه تي حاضري پڻ ڀري ۽ شاهه سائينءَ ۽ ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام کي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرائي پيش ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. جناب عاشق حسين ميمڻ معزز ايراني مهمانن کي شاهه جي رسالي ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا.

اهڙيءَ طرح ثقافت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن پاران ڪافي حد تائين پنهنجون ڪارڪردگيون ڪاوشون سڄو سال جاري رکيون. ڪجهه خاص تقريبن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.

سڀ کان پهرين سال 2002ع جي شروعات واري هفتي ۽ جنوري 2002ع ڌاري ٺٽي ۾ ڪينجهر ڪناري ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران منعقد ڪيل ”سياحت سيمينار“ ۾ گورنر سنڌ خطاب ڪندي چيو ته ”ڪينجهر ڍنڍ جي ريماڊلنگ ڪئي ويندي، حڪومت پاران تاريخي ورثي کي بچائڻ واري جدوجهد ۾ تيزي آندي ويندي ۽ انهيءَ لاءِ سُڄاڻ ڌرين کي اڳيان اچڻ گهرجي. سنڌ ۾ سياحت جا تمام گهڻا مرڪز آهن، انهن کي ترقي وٺرائڻ سان ملڪ ۾ معيشت سڌرڻ سان گڏ نوجوانن لاءِ روزگار جا وسيلا پڻ پيدا ٿيندا.

گورنر سنڌ چيو ته حڪومت تاريخي ماڳن ۽ ثقافتي ورثي کي بچائڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي پر ان ۾ رڳو ڳالهين جي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪري سگهيا آهيون. انهيءَ لاءِ عملي ڪم ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي. هن چيو ته محدود وسيلن سبب اسان کي نجي شعبي کي پاڻ سان گڏ کڻڻ کپي. جنهن ۾ ٽريول انجنٽن، هوٽلن ۽ ٽرانسپورٽ وارن سان سهڪار ۽ رابطو ڪرڻ گهرجي .هن چيو ته غير ملڪي سياحن جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ سياحتي مرڪزن کي خوبصورت بڻائي سهوليتون مهيا ڪيون وڃن. اسان کي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ انهن جي نوجوان اولاد کي دعوت ڏيئي گهرائڻ گهرجي ته هو اچي پنهنجي اکين سان سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي ڏسن. هن چيو ته ماضي جي ناڪامين تي افسوس ڪرڻ بدران وقت جي تقاضا آهي ته حقيقتن تي مبني رٿابندي ڪئي وڃي. گورنر سنڌ اُتي سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن پاران لڳايل نمائش جو به افتتاح ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ ثقافت کاتي جي ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳل هئا. انهيءَ موقعي تي صوبائي سيڪريٽري عاشق حسين ميمڻ، ايم. ڊي. محمد اسحاق لاشاري، ضلعي ٺٽي جي ناظم سيد شفقت حسين شاهه شيراز، ڊاڪٽر ڪليم لاشاري، ايم. ايڇ. قريشي، مُنير احمد اعواڻ، گل محمد ميمڻ ۽ ٻين ثقافتي ۽ سياحتي ماهرن پڻ خطاب ڪيو.

ساڳئي مهيني ۾ 3 جنوري 2002ع ڌاري لاڙڪاڻي جي دوري دوران صوبائي سيڪريٽري مسٽر عاشق حسين ميمڻ، سر شاهنواز ڀٽو لائبرري لاڙڪاڻي ۾ هڪ سادي مگر پروقار تقريب ۾ خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته لاڙڪاڻي جي ”سِمبارا ـــ اِن“ هوٽل کي جلد نئين سرسَجائي ۽ سينگاري ٻاهريان ايندڙ سياحن لاءِ توجهه جو مرڪز بڻائي ترقي وٺرائي ويندي ۽ لاڙڪاڻي واسين کي هڪ تفريحي مقام فراهم ڪيو ويندو ۽ لاڙڪاڻي جون صد ساله تقريبون پڻ روايتي شان ۽ شوڪت سان ملهايون وينديون. انهيءَ موقعي تي پاڻ هڪ سماجي تنظيم کي ڏهه هزار روپيا امداد جو اعلان پڻ ڪيو ۽ 55 غريب بيواهن ۾ گفٽ پئڪس پڻ ورهايا.

هندوجيمخانه ۾ ثقافتي سرگرمين کي وڌائڻ ۽ تاريخي عمارت جي اهميت کي نظر ۾ رکندي هڪ ميوزيم جو پڻ افتتاح ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ مختلف وقتن تي جيمخاني ۾ مختلف پروگرام جوڙيا ويا. خزاني وارو صوبائي وزير، ڊاڪٽر عبدالحفيط شيخ، جيڪو سنڌ جي ڪابينه جي اعليٰ صلاحيتن واري مڃيل شخصيت آهي، ثقافت کاتي جي سرپرستي ڪندو رهيو آهي.

15 ـــ جنوري 2002ع ڌاري نئشنل اسپورٽس ڪوچنگ سينٽر ڪراچي ۾ بين الصوبائي انڊر ـــ 16 ايٿليٽڪس ٽورنامينٽ 2-2001ع جي انعقاد ڪيو ويو، جيئن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺرايو وڃي ته هو صحتمند بڻجڻ سان گڏ معاشري جا ڪارآمد فرد بڻجي سگهن. سندن زندگي ۾ نظم و ضبط پيدا ٿئي ۽ اهي هڪ ڊسپلين تحت زندگي گذارين، جيڪو اسان جي ايندڙ نسل لاءِ ڏاڍو ضروري آهي.

انهيءَ سلسلي ۾ راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس ۽ سنڌ اسپورٽس بورڊ وقت بوقت اهڙيون ڪاوشون ڪري رهيا آهن ته سنڌ اندر صحتمند معاشرو قائم ٿي سگهي. هن تقريب جو افتتاح پڻ صوبائي سيڪريٽري جناب عاشق حسين ميمڻ ڪيو. پاڻ خطاب ڪندي چيو ته صوبي ۾ راندين جي سرگرمين کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اهڙيون سرگرميون محلي، تعلقي ۽ ضلعي سطح تائين منعقد ڪيون وينديون ۽ انهيءَ ۾ ڀرپور سهڪار فراهم ڪيو ويندو ۽ اسڪول گيمز ۽ سنڌ گيمز جا مقابلا منعقد ڪري نوجوان رانديگرن کي صوبائي ۽ ملڪي سطح تي متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن هو ملڪ ۽ قوم جونالو عالمي سطح تي روشن ڪن ۽ حڪومت سندن مڪمل سرپرستي پڻ ڪندي.

انهيءَ ٽورنامينٽ ۾ سنڌ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته پنجاب ٻين ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. اها ٽورنامينٽ ٽي ڏينهن جاري رهي ۽ چئني صوبن کان علاوه اسلام آباد ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ٽيمن پڻ شرڪت ڪئي. هن ۾ 11 مختلف راندين جا موقعا فراهم ڪيا ويا. جڏهن ته گورنر سنڌ افتتاحي تقريب جو خاص مهمان هو. ڊائريڪٽر اسپورٽس سنڌ غلام اڪبر شاهه بخاريءَ ڪوآرڊينيٽر اسپورٽس بورڊ الطاف شاهه شيرازي، انهن سرگرمين کي هٿ وٺرائڻ ۾ هر وقت اڳڀرو رهيا آهن.

ٻارن جي حقن بابت عالمي ڪنوينشن جي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ پڻ صوبائي حڪومت ٺوس قدم کڻي رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ حڪومت سنڌ پرائمري تعليم کي لازمي قرار ڏيڻ جو آرڊيننس جاري ڪندي ٻارن جي والدين کي پابند بڻايو آهي ته هو پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلين نه ته سندن خلاف انهيءَ قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. حڪومت انهيءَ پروگرام تي مؤثر طور تي عملدرآمد لاءِ ٻارن جي ڀلائي لاءِ اسڪول ۽ بحاليءَ جا مرڪز پڻ قائم ڪيا آهن ته جيئن ”خصوصي ٻار“ به معاشري جا ڪارآمد فرد بڻجي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هڪ صوبائي ٽاسڪ فورس جوڙي ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. انهيءَ سلسلي ۾ بيگم گورنر سنڌ محترمہ خديجه محمد ميان سومرو جي قيادت هيٺ هڪ صوبائي ڪميشن ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي.

ثقافت کاتي جتي پنهنجن لاڳاپيل ڪمن کي ترجيح ڏني آهي اُتي اهم قومي مسئلن خصوصاً ”ڪشمير“ جي معاملي کي به چڱيءَ طرح حڪومتي سطح تي نمائندگي ڏيندي ڪشميري عوام سان يڪجهتي ملهائيندي 5 فيبروري 2002ع تي هندو جيمخانه ۾ قومي پروگرام جوڙيندي هڪ سيمينار جو انعقاد ڪيو، جنهن جي صدارت بيگم گورنر سنڌ محترمہ خديجه محمد ميان سومرو ڪئي.

بيگم گورنر سنڌ محترمہ خديجه محمد ميان سومرو ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو ذڪر ڪندي زور ڀريو ته ڪشمير جي آزادي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ هڪ آواز بڻجي عالمي ادارن جو ڌيان ڇڪائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جون عورتون به ڪشميري عورتن سان سندن جدوجهد ۾ شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به دهشتگردي جي حمايت نه ڪئي آهي ۽ هن مسئلي جو حل دهشتگرديءَ ۾ نه بلڪه ڳالهين ۾ آهي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته اُها گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميري عوام کي حق خوداراديت ڏيڻ لاءِ ڀارتي حڪومت تي دٻاءُ وجهي.

جتي ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ ثقافتي راندين ۽ سياحتي سرگرميون وڌي رهيون آهن، اُتي عورتون به ڪنهن کان پوئتي نه آهن. ثقافت کاتي طرفان سماجي ڀلائي ۽ عورتن جي ترقي واري کاتي پاران به هن شعبي جي ترقي لاءِ مناسب اپاءَ ورتا پيا وڃن. انهيءَ سلسلي ۾ 8 مارچ تي عورتن جو ڏينهن ملهائڻ به شامل آهي. کاتي انهيءَ ڏينهن جي مناسبت سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو، جنهن جي صدارت پڻ بيگم گورنر سنڌ محترمہ خديجه محمد ميان سومرو ڪئي.

ايف. ٽي سي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل هن سيمينار ۾ بيگم گورنر سنڌ، صوبائي سيڪريٽري عاشق حسين ميمڻ، ڊائريڪٽر سماجي ڀلائي مشتاق علي ميمڻ مختلف عورت اڳواڻن ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ پتوڙيندڙ مختلف ساک وارين تنظيمن جي نمائندن سيمينار ۾ ڳالهائيندي عورت جي عظمت، هر سطح تي شموليت ۽ ترقي بابت ڳالهايو ۽ موجوده حڪومت جي کنيل هڪ انتهائي صحيح سمت تي فيصلي 33 سيڪڙو نمائندگي کي يقيني بنائڻ واري قدم جي ساراهه ڪندي چيو ته هر سطح تي عورت جي شموليت ملڪي ترقي لاءِ اهم ثابت ٿيندي ۽ سندس ڪردار اهميت جو باعث آهي ۽ سڀني عالمي معاهدن جي پاسداري آهي. مقررين چيو ته پاڪستاني عورت ۾ بي پناهه صلاحيتون آهن. انهيءَ مقصد لاءِ صوبائي سطح تي عورتن جي ترقي ۽ سندن معيار کي وڌيڪ بلند رکڻ لاءِ ڪميشن جوڙي ويئي آهي، جنهن جي قيادت اڳوڻي جج محترمہ رضوي ڪري رهي آهي ۽ هر سطح کين نمائندگي ڏني پئي وڃي.

انهيءَ موقعي تي هڪ گروپ ”راستي“ پڻ عورت جي مختلف ڪردار جي حوالي سان هڪ ٿيئٽر پيش ڪيو.

ثقافت کاتي پاران جتي قومي معاملن کي اهميت ڏني ڏيئي وڃي، اُتي مذهبي معاملن ۽ اسلامي تعليمات کي به اهيمت ڏيندي 20 مارچ 2002ع ڌاري هندو جيمخاني ۾ محرم الحرام جي مهيني ۾ عورتن لاءِ ”درس ڪربلا“ جو اهتمام ڪري شهيد ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن پاڪ بيبين سڳورين جي شان ۾ عقيدت جا نذرانا پيش ڪندي هڪ پروگرام ترتيب ڏنو ويو، جنهن ۾ بيگم گورنر خصوصي طور تي شرڪت ڪئي ۽ درس ڪربلا ۾ حاضري ڀرڻ جي سعادت حاصل ڪئي.

گڏوگڏ، حڪومت لاڳاپيل شعبن سان واسطيدار اهم شخصيتن، فنڪارن، اديبن، شاعرن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل فردن جي به مالي سهائتا ڪندي رهي ٿي. سال 2-2002ع ۾ هر سال وانگر ڪيترن ئي فردن جي مالي سهائتا جو پروگرام جاري رکيو ويو. هتي اها ڳالهه جو به ضرور ذڪر ڪرڻ گهرجي ته مختلف وقتن تي مختلف ذريعن پاران مختلف مستحق فنڪارن ۽ ليکڪن جي مالي سهائتا لاءِ حڪومت کان مدد جي درخواست ٿيندي رهي ٿي. حڪومت هر هڪ فرد جي ته امداد نٿي ڪري سگهي، جيترو ممڪن ٿي سگهي ٿو، پنهنجي وس آهر مدد ۽ تعاون فراهم ڪري ٿي. امداد جي موزون درخواست تي حڪومت قدم ضرور کڻي ٿي پر ڪجهه مرحلا اهڙا هوندا آهن ۽ سرڪاري سيٽ اپ اهڙو ترتيب ڏنل آهي جو ترت مدد فراهم نٿي ٿي سگهجي. انهيءَ وچ ۾ ڪو مدد جو طلبگار پنهنجي حياتي وڃائي ويهي ٿو ته پوءِ يڪدم الزام حڪومت تي اچي وڃي ٿو. حڪومت انهيءَ مسئلي کي نظر ۾ رکندي فنڪارن جي اهم فردن جي مالي سهائتا جو جامع پروگرام جوڙيندي مستقل طور تي هڪ ادارو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان نه صرف اُنهن جي موثر مالي امداد ٿي سگهندي پر بروقت سندن طبي معاونت به ڪري سگهجي ٿي ۽ سندن علاج و معالج ۾ ڪمي جو امڪان گهٽجي ويندو ۽ بروقت خبر پوڻ سان سندن مسئلي جو حل ممڪن بڻبو.

ثقافت کاتو، صوبائي سطح تي ترقياتي پروگرام جوڙڻ سان گڏوگڏ وفاقي گادي واري هنڌ ۽ ٻين صوبن جي تقريبات ۾ شريڪ ٿيڻ ۾ پڻ اڳڀرو رهيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ گورنر سنڌ جي هدايت هيٺ 13 اپريل 2002ع تي لوڪ ورثي اسلام آباد ۾ ”سنڌ پويلين“ جي نالي سان شرڪت ڪئي ويئي، جنهن ۾ سنڌ جون مختلف شيون، کاڌا ۽ لوڪ ورثي کي اجاگر ڪيو ويو. ”سنڌ پويلين“ جي قيادت ڊائريڪٽر ثقافت عبدالرزاق ميمڻ صاحب ڪئي ۽ صوبائي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت جناب عاشق حسين ميمڻ پڻ پويلين جو دورو ڪري سنڌ جي فنڪارن جي همت افزائي ڪئي ۽ ٻڌايو ته انهيءَ سان مُلڪي يڪجهتيءَ ۾ اضافو ٿيندو ۽ صوبن جي قومي سطح تي نمائندگي ۾ پڻ واڌارو ٿيندو.

29 اپريل 2002ع تي ڀٽشاهه ۾ منعقد ٿيل 258 هين عرس مبارڪ جو افتتاح صوبائي وزير زڪواة ولي رازي صاحب چادر چاڙهي ڪيو ۽ اُتي غريبن ۾ ڪپڙا ورهايا، ۽ بعد ۾ شاهه سائينءَ جو ڪلام پڻ ٻڌو. انهيءَ موقعي تي صوبائي وزير تاثراتي ڪتاب ۾ تاثرات لکندي چيو ته اولياءُ الله تبليغ اسلام ۾ نمايان ڪردارادا ڪيو آهي ۽ انهن پنهنجي ڪلامن ۾ عام انسان کي دين جي طرف راغب ڪرڻ جو زور ڀريو آهي. هن چيو ته ڀٽشاهه ۾ زائرين جي سهوليت لاءِ درگاهه مان ملندڙ رقم درگاهه تي خرچ ڪئي ويندي. صوبائي وزير سان گڏ زڪواة وارو صوبائي سيڪريٽري جناب فصيح الدين احمد خان پڻ موجود هو.

ٻئي ڏينهن تي ”ڀٽائي ادبي ڪانفرنس“ منعقد ڪئي ويئي ۽ روايت کي قائم رکندي، ادبي ڪانفرنس حيدرآباد بجاءِ ڀٽشاهه ۾ بحال ڪري واقعي اهم فيصلو ڪيو ويو. ادبي ڪانفرنس جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جناب مظهر الحق صديقي ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان ضلعي ناظم مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان هو. اُن موقعي تي سڀني يونيورسٽين جا وائيس چانسيلر اعزازي مهمان هئا، جنهن ۾ سنڌي زبان جي نامور اديبن ۽ عالمن لطيف سائينءَ تي پنهنجا مقالا پڙهيا.

ان موقعي تي شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر بابت ٻن انگريزي ڪتابن ”برٿ آڦ گريٽ پوئيٽ“ (رشد ڀٽي)، ”مورننگ ميلوڊيز“ (آغا سليم) سميت ٻه سنڌي ڪتاب ”سُر رپ جو مطالعو“ ۽ شاهه لطيف ـــ هڪ تحرڪ ۽ هڪ تحريڪ“ (مرتب: تاج جويو) پڻ پڌرا ڪيا ويا. جيئن مٿي ذڪر آيو آهي ته ادبي ڪانفرنس ۾ اسلام آباد مان ايران جي ثقافتي قانصلر ڊاڪٽر رضا مصطفوي سبزواري ۽ ڊائريڪٽر جنرل خانه فرهنگ ڪراچي محمد رضا زين کي پڻ شرڪت ڪئي ۽ مزار تي چادر چاڙهي. سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري (هاڻي چيئرمن) محترم غلام رباني آگرو ۽ تعليم کاتي جو سينئر عملدار محترم اعجاز بيگ مرزا معزز مهمانن کي شاهه سائينءَ بابت احوال ڏيندارهيا. ڀٽشاهه ۾ جناب عاشق حسين ميمڻ صاحب، مخدوم رفيق الزمان صاحب، ڊي. سي. او مير حسين علي صاحب ۽ جناب عبدالقادر منگي سندن ميزبان هئا.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان ٻڌايو ويو ته شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڊڪشنري تيار ڪئي پيئي وڃي ۽ سڄو ڪم ڪمپيوٽرائيز ڪيو ويندو ۽ 1999، 2000 ۽ 2001ع دوران تحقيقي مقالن بابت ڪتاب پڻ ترتيب ڏنا ويا آهن.

حسب روايت ٽيئي ڏينهن مختلف تقريبون ٿيون، جن ۾ ملاکڙو، زرعي ۽ صنعتي نمائش ۽ راڳ رنگ جي محفل به منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل نون ۽ پراڻن فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسپورٽس مسٽر شهزاد پڻ پنهنجي ڊوڙ ـــ ڊوڙان سان سڀني سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي مدد ڪندو رهيو ۽ آخري ڏينهن صوبائي وزير خزانه ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ خاص مهمان هو، جنهن فنڪارن جي فلائي لاءِ پنج لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ مهان راڳي شفيع محمد جمن (مرحوم استاد محمد جمن جي فرزند) کي ”لطيف ايوارڊ“ ۽ ڏهه هزار رپيا نقد انعام پڻ ڏنو. انهيءَ موقعي تي سنڌ جي ٻي مهان فنڪاره فوزيا سومرو بيماريءَ جي باوجود پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري لطيف جي پانڌيئڙن کي وندرايو. کيس سيڪريٽري ثقافت محترم عاشق حسين ميمڻ پنجويهه هزار روپيا ڏنا. راڳ جي محفل جي ڪمپيئرنگ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سينيئر پروڊيوسر نصير مرزا ۽ ادي دلشاد مرزا ڪئي.

سال جي پهرين حصي گذرڻ کان پوءِ به ثقافت کاتي پنهنجون سرگرميون جاري رکيون ۽ جولاءِ جي مهيني ۾ 27 تاريخ تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري جناب قلي بخش رند صاحب سڀ کان اول ڀٽ شاهه ۾ شاهه ڀٽائيءَ جي درگاهه ۾ ۽ پوءِ سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي درٻار ۾ حاضري ڏيڻ جو پروگرام ٺاهيو.

 

سيوهڻ ۾ قلندرلعل شهباز جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ کان پوءِ جناب رند صاحب فوڪ ڪرافٽ ميوزيم جو افتتاح ڪيو، جتي صوبائي سيڪريٽري ثقافت جناب عاشق حسين ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل ثقافت جناب گل محمد عمراڻي سندس آجيان ڪئي. مسٽر شهزور طيباڻي چيف سيڪريٽري کي ميوزيم بابت بريفنگ ڏني.

14 آگسٽ جي حوالي سان ثقافت کاتي ”جشن آزاديءَ“ جي پروگرام جو اهتمام ڪندي، هندو جيمخانه ۾ ميوزيم جو افتتاح رٿيو ۽ فنڪارن سان شام ملهائي، جنهن جو خاص مهمان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس جناب جسٽس شيخ رياض احمد ۽ گورنر سنڌ جناب محمد ميان سومرو صاحب هئا. ٻنهي گڏجي هندو جيمخانه ۾ ميوزيم جو افتتاح ڪيو ۽ ميوزيم سان لاڳاپيل تاريخي ۽ ثقافتي شين ۽ ايس. ٽي. ڊي. سي پاران منعقد ڪيل تصويري نمائش ۾ ثقافت کاتي جي ڊئريڪٽوريٽ جي نوجوان آڊيو وزئوئل آفيسر محمد علي قادري جي فني ڪاوشن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ ساراهيو. مهمانن سنڌ جي روايتي ماڊل ٿر جي چؤنري جو پڻ معائنو ڪندي ڪاريگريءَ جي واکاڻ ڪئي ۽ سنڌ جي روايتي ڪپڙي سُوسي ۽ اجرڪ جو ڪم ٿيندي ڏٺو. اُتي صوبائي سيڪريٽري جناب عاشق حسين ميمڻ مهمانن کي ثقافت، تاريخ، تهذيب ۽ فن متعلق هڪ ليڪچر روم بابت پڻ ڄاڻ ڏني.

خاص مهمان جشن آزاديءَ جي پروگرام ۾ شريڪ فنڪارن کي خوب داد ڏنو. گورنر سنڌ، جناب محمد ميان سومري، انهيءَ موقعي تي فنڪارن جي ڀلائي لاءِ ڏهه لک روپيا پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ کين آئينده به مالي مدد جو يقين ڏياريو. سنڌ جي مزاحيه فنڪار قادر بخش مٺو کي موٽر سائيڪل ۽ صوفي راڳي سهراب فقير کي ٻه لک روپيا ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ـــ ـــ اهڙيءَ طرح جشن آزادي جي اِها پروقار پُڄاڻيءَ تي پهتي.

[نوٽ: تازو 25 آڪٽوبر 2002ع تي، جناب محمد ميان سومري، سنڌ جي گورنر، حضرت قلندر لعل شهباز رح جي مزار مبارڪ تي گلن جي چادر چاڙهي. ست سؤ پنجاهين سالانه عُرس جو افتتاح ڪيو. اُن جي ڪاروائي ورندڙ ”مهراڻ“ ۾ پيش ڪئي ويندي.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com