سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

مضمون

صفحو :5

ڊاڪٽر غلام علي الانا

 

سنڌ ۾ مصوريءَ/ چترڪاريءَ جي فن جي اوسر

 

1 ـــ سنڌ جي سرزمين جيئن ڪتابت، خطاطيءَ خوشخطيءَ جي فن ۾ پاڻ موکيو آهي. تيئن مصوريءَ/ چترڪاريءَ جي لطيف فن ۾ به هن پاڻ ملهايو آهي. چتڪاريءَ/ مصوريءَ جي فن ۾ سنڌ جو پنهنجو ”مڪتب فڪر“ (Sindian School of painting and Designing) يعني ”هڪ خاص نمونو“ آهي.

اسان جا ڪي ڏاها ماڻهو، سنڌ جي مصوريءَ ۽ چترڪاريءَ جي فن جي تاريخ ڪندي چون ٿا ته سنڌ جو هي فن، مغليه فن مصوريءَ يا راجسٿاني فن مصوريءَ جي اثر جي ڪري پيدا ٿيو. اُنهن اثرن کان اڳ، سنڌ ۾ مصوريءَ جي فن جو ڪو نام و نشان به نٿو ملي. اهڙن دوستن کي آءٌ چوندو آهيان ته مصوريءَ يا چترڪاريءَ جي فن ۾ سنڌ جو پنهنجو الڳ ”مڪتب فڪر“ آهي، جنهن جي تاريخ تمام قديم آهي، ۽ جنهن جا اوائلي اُهڃاڻ، سنڌو ـــ ماٿر جي قديم آثارن جي کوٽائيءَ مان هٿ آيا آهن. اُنهن جو تفصيل سان ذڪر، من پنهنجي ڪتاب ”Art of Sindh“ ۾ ڪيو آهي.

واديءَ سنڌ جي قديم آثار ـــ ”آمري“، ”ڪوٽ ڏجي“، ”موهن جي دڙي“، ”هڙپا“ ۽ ”ڀنڀور“ ــــ جي کوٽائيءَ مان هٿ آيل رنگين ۽ مٽيءَ جي سادن برتنن جي نڪتل چِٽن ۽ تصويرن جي غور سان اڀياس ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماهرن جو خيال اهي ته مصوريءَ جو فن ۽ فن مجسمه سازي، هنرن ۽ فنن ۾ پهريان فن هئا، جيڪي سنڌو ـــ ماٿر ۾ رهندڙ قديم دور جي انسان ايجاد ڪيا، ڇاڪاڻ ته سڀني فنن جو مدار چترڪاريءَ جي فن تي رهيو آهي. انسان ذات کي چِٽن ڪڍڻ يعني چترڪارءَ جي فن جي ڄاڻ، راڳداريءَ ۽ ”نرتيه“ يعني ”نٽ“ يا ”ناچ“ جي فن ذريعي حاصل ٿي، ۽ گهري سوچ يا ساڀيا طبيعت واري ڪنهن مصور ۾ اهڙي قسم جي فن جو اُتساهه، ”ڳايل راڳ“ (Vocal music) تي سوچيندي جاڳيو.

2 ـــ اوائلي انسان، چترڪاريءَ جا اوائلي نقش يا چِٽ اُنهن غارن اندر، اُنهن جي ڀتين ۽ ڇتين تي ٺاهيا، جنهن جا نمونا، سنڌ جي قديم انسان جي رهائشي غارن ۾ ته ڏسڻ ۾ نٿا اچن، پر بلوچستان ۾ تازو اهڙيون غارون لڌيو ويون آهن، جن جي ڀتين ۽ ڇتين تي ٿيل چترڪاريءَ جا نمونا اڄ به موجود آهن. سنڌ ۾ ممڪن آهي ته قديم زماني ۾ لڪيءَ جي ڌارا تيرٿ چشمن واريءَ غار، سيوهڻ ۾ يڪٿنڀيءَ واريءَ غار، ڪالڪان ديويءَ جي مند واريءَ غار، دادو ضلعي ۾ ڪائيءَ جي ويجهو ”سَتَ گهرين“ وارين غارن ۽ جهرڪن ۽ جهمپير جي ويجهو موجود غارن ۾، اهڙيون تصويرون هجن، جيڪي پوءِ ڊهي ويون هجن. پاڪستان ۾ ”شاهراهه ريشم“ (قارقورم هاءِ وي) تي مانسهره شهر کان اڳتي، ”بٽگرام“ بستيءَ جي ويجهو، ”ڪٽ ـــ گلئيءَ“ وٽ، اهڙيءَ هڪ غار ۾ مون نقش نگاريءَ ۽ چٽن جا ڪي نشان موجود ڏٺا هئا. اُنهن نشانن ۽ غار جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ”ثقافتي ورثو“ جي ٻئي باب ۾، صفحي 34 تي ڪيو آهي.

3 ــــ (الف) سنڌو ـــ ماٿر ۾، چترڪاريءَ جي فن جا اوائلي اُهڃاڻ، مٽيءَ جي برتنن تي نظر اچن ٿا، جن جا چٽا نشان ۽ نمونا، ”آمريءَ جي دڙي“، ”ڪوٽ ڏجيءَ“، ”موهن جي دڙي“، ”هڙپا جي آثارن“ ۽ ”ڀنڀور“ ۽ ”برهمڻ آباد جي آثارن جي کوٽاين مان هٿ آيل برتنن تي صاف ۽ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مون جي دڙي ۽ هڙپا مان هٿ آيل برتنن تي انسان، جانورن، پکين ۽ گُلن ٻوٽن جون شڪيلون ۽ چٽ چٽيل آهن.

(ب) سر مارٽم وهيلر پنهنجي ڪتاب ”The Indus Civilization“ (ٽئين ايڊيشن 1968) ۾، صفحي 94 ۽ 95 تي، هن موضوع جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏني آهي. هن جي راءِ موجب:

”موهن جي دڙي جي آثارن مان هٿ آيل برتنن تي گهڻو ڪري، ٽن رنگن ۾ نقش نگاري/ چٽسالي ٿيل آهي. اهي ٽي رنگ هي آهن: ڦڪو (buff)، گلابي (pink). ڳاڙهو يا ڪارو، پر ڪڏهن ڪڏهن اڇو ۽ سائو رنگ به استعمال ڪيو ويو آهي. برتنن تي عام طور ”اُفقي طرز جون“ (Horizontal) ليڪون ڪڍيل آهن. برتنن تي گهڻو ڪري شڪليون، چٽ، نقش، گل، پن ۽ ٻوٽا پڻ ٺهيل آهن. جاميٽريءَ جي شڪلين ۾ گهڻو ڪري هڪٻئي کي ڪپيندڙ گول، ماپ ڪرڻ جي شڪيلن، شطرنج ۽ چوپڙ راندين جي نموني وارين شڪلين جهڙا ٺاهيل چورس ۽ مستطيل خانا، وڻن جا پن، چؤنرن (دال) جهڙيون بُڪين نما شڪليون، ڦڻيءَ جون شڪليون، لهريدار ليڪون، کجيءَ جي ڦڙهن، پپر جي پنن ۽ گلابي رنگ جي ٻوٽن جا چٽ ۽ نقش ٺهيل آهن. ڪٿي ڪٿي وري مور جي تصوير ۽ اُن جي مٿان ٺاهيل (مسلط ڪيل) ٻيا چٽ ۽ گُل، مڇيءَ ۽ ماڻهوءَ جي شڪليون به ڪن ڪن برتنن تي ٺاهيل آهن.“

(ت) ساڳئي موضوع تي آميريڪي ماهر ڊاڪٽر ڪنائر به پنهنجي ڪتاب “The Ancient cities of the 2ndus Valley Civilization” (1998ع) ۾، صفحي 14 تي پنهنجي راءِ ڏني آهي. ڊاڪٽر ڪنائر جو خيال آهي ته:

”مٽيءَ جو ٺهيل ’مرتبان‘ (Jar)، جنهن جي مٿان بنيادي رنگ جو تهه (background) چڙهيل آهي، اُن ”تهه“ تي وري ڪاري رنگ جي چٽسالي ڪيل آهي. ان چٽساليءَ ۾ ’مورئي‘ سائي رنگ جي گلڪاري ۽ ’هڪ ٻئي کي ڪپيندڙ گول شڪليون‘ ٺهيل آهن. اهو ’مرتبان (Jar)، چانهوءِ جي دڙي مان لڌو ويو هو.“

(ث) ڀنڀور جي کوٽائيءَ، سنڌ جي چترڪاريءَ جي فن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي. هنن آثارن (ڀنڀور) جي کوٽائيءَ مان جيڪو مواد هٿ آيو هو، تنهن جي اڀياس مان معلوم ٿيو آهي ته هن شهر (ڀنڀور)، تاريخ جا به دؤر ڏٺا: هڪڙو برصغير ۾ اسلام ۾ اچڻ کان اڳ وارو دؤر ۽ ٻيو اسلامي دؤر، آثار قديمه کاتي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ايف. اي. خان جو رايو آهي ته: ”مسلمان ڀنڀور ۾، اٺين صديءَ عيسويءَ کان وٺي رهڻ شروع ڪيو هو.“

(ج) اسلامي دؤر کان اڳ واري دؤر جي هٿ آيل برتنن ۾ ڪي برتن ڏاڍا اهم آهن. اُنهن برتنن تي ٿيل چٽساليءَ مان اهو ثبوت ٿو ملي ته سنڌو ـــ ماٿر ۾ چترڪاريءَ جو فن گهڻو آڳاٽو آهي. هڪ برتن تي ’هڪ نچندڙ جوڙي‘ ۽ ’سورج مُکي‘ جا گل چٽيل آهن، ۽ ٻئي برتن تي ’هاٿيءَ جي شڪل‘ ۽ ’سورج مُکيءَ‘ جا گل ٺاهيا آهن. اهي سڀ برتن، هن شهر جي اسلامي دؤر کان اڳ آباد هجڻ ۽ مصوريءَ جي فن جي، اُن دؤر ۾ به موجود هجڻ جي شاهدي ڏين ٿا. اهڙيءَ طرح ”رني ڪوٽ“ ۾ ’ميري ڪوٽ‘ جي ديوارن تي سورج مکي ۽ ڍڳي (؟) جا نشان پڻ مليا آهن. اهڙيءَ طرح ٿرپارڪر ۾ ’گوڙيءَ جي مندرن‘ ۽ ’ڀوڏيسر جي مسجد‘ جي گنبذن جي اندرئين پاسي چٽ ۽ تصويرون ملن ٿيون.

4 ـــ (الف) سنڌ ۾ اسلام جي اثر کان پوءِ، مجسمه سازيءَ ۽ چترڪاريءَ جي فن تي وڏو اثر ٿيو. انهيءَ جي باوجود ڪيترن ئي مسلمان حاڪمن، اميرن ۽ نوابن، مصوريءَ ۽ چترڪاريءَ کي پنهنجي زماني ۾ ترقي وٺرائي. سنڌ جا حاڪم ۽ اعليٰ طبقي وارا ماڻهو، هر قسم جي فن ۽ خاص ڪري لطيف فنن جي ترقيءَ ۾ حصو وٺندا هئا. تاريخ جي هر دؤر ۾، هر گهراڻي جي حاڪمن ۽ اميرن، فنڪارن جي همت افزائي ڪئي؛ اُنهن کي انعام ڏنائون ۽ کين وظيفن سان نوازيو ويو. تاريخ جي ورق گردانيءَ مان اهو پتو نٿو پوي ته سومرن ۽ سمن جي دؤر ۾، سنڌ ۾ ڪهڙا ڪهڙا مصور ۽ ڪهڙا ڪهڙا چترڪار هئا، پر ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت (1521ع کان 1555ع) واري زماني ۾، ٻين علمن جي عالمن ۽ فاضلن وانگر، مصوريءَ جي فن جا به ڪيترائي فنڪار ۽ چترڪار آذربائيجان، اُزبڪستان، تاجڪستان، ايران ۽ ٻين اسلامي ملڪن مان لڏي سنڌ ۾ اچي ٿيا.سنڌ جي مقامي هنرمندن ۽ فن جي ڄاڻو ماڻهن، ٻاهران آيل اهڙن قابل هنرمندن ۽ فنڪارن جي صحبت ۾ رهي.اُنهن کان گهڻو ئي ڪجهه وڌيڪ حاصل ڪيو. هونئن ته هُو پاڻ به هنرن ۽ فنن جي ڌار ڌار شاخن ۾ اڳي ئي ماهر هئا، پر ٻاهران آيل هنرمندن ۽ فنڪارن جي صحبت ۾ رهي، هنن ”سنڌي مصوريءَ“ جي فن ۾ نواڻ ۽ جدت آندي.

(ب) ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾، خاص طرح مرزا جاني بيگ ترخان ۽ اُن جي فرزند، مرزا غازي بيگ ترخان جي زماني ۾، سنڌ جي درٻار جا دهليءَ جي مغليه شاهي درٻار جي حاڪمن، خاص ڪري شهنشاهه اڪبر اعظم ۽ شهنشاهه جهانگير جي درٻار سان گهاٽا رشتا رهيا، انهيءَ ڪري ”مغل فنِ مصوريءَ“ جو به سنڌ جي فن مصوريءَ تي گهڻو اثر ٿيو. دهليءَ، آگري، لکنو ۽ دکن جي فنڪارن کان سواءِ ڪن ٻين شهرن جا فنڪار به لڏي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. اِهي فنڪار ٺٽي، بکر، روهڙي، نصرپور، خدا آباد ۽ سيوهڻ ۾ اچي ويٺا.

اُن کان سواءِ سنڌ جي ترخان حاڪم، مرزا جاني بيگ جي شهزاديءَ جي شادي، مغل شهزادي خسروءَ سان ڪرائي وئي هئي، ۽ مرزا محمد باقي بيگ ترخان ۽ اُن جي فرزند مظفر بيگ جون شاديون، راجپوت شهزادين سان ٿيون هيون، انهيءَ ڪري ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته سنڌي چترڪاريءَ جي فن تي مغليه فن چترڪاريءَ جو تمام گهڻو اثر ٿيو هوندو، ۽ ائين به ممڪن آهي ته مغليه فن مصوريءَ جي همعصر، راجپوت فن مصوريءَ جو به، سنڌي مصوريءَ تي اثر ٿيو هوندو؛ ۽ ائين به ممڪن آهي ته سنڌي چترڪارن، اُنهن فنڪارن کان اُتساهه ورتو هوندو. يقيناً سنڌي چترڪارن، مغليه چترڪاري ۽ راجسٿاني چترڪاريءَ جي خاص خاص نمونن کي، پنهنجي سنڌي چترڪاريءَ جي فن سان ملائي، سنڌي چترڪاريءَ جي فن ۾ نوان تجربا ڪيا هوندا، ۽ سنڌي چترڪاريءَ جي روايت ۾ تبديلي آڻي، اُن کي پنهنجي خاص ”سنڌي طرز“ (Sindhian Style) ۾ پيش ڪيو هوندو. پاڪستان جي آرڪيالاجي کاتي جو هڪ وڏو ماهر شيخ خورشيد حسن، پنهنجي هڪ مقالي ”Paintings in Muslim Sindh“ ۾ لکيو آهي ته:

”راجپوت ۽ مغل چترڪاريءَ جي روايت، سنڌ جي چترڪارن ۽ فنڪارن تي به نه فقط پنهنجا اثر ڇڏيا، انهن (سنڌي چترڪارن) ۾ اُتساهه پڻ پيدا ڪيو، ۽ منجهن جيڪو فنڪارانه جذبو هو، اُن جذبي کي وڌيڪ جاڳايو. اُن جو نتيجو هيءُ نڪتو جو سنڌي مصورن ۽ چترڪارن، پنهنجيءَ چتڪاريءَ جي فن جا خاص خاص نمونا (Styles) ايجاد ڪيا، جنهن جا ثبوت، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ سنڌي چترڪارن طرفان ٺاهيل تصويرن ۽ چتڪاريءَ جي نموني ۾ نمايان طور نظر اچن ٿا.“

شيخ خورشيد حسن، پنهنجي ساڳئي مقالي ۾، اڳتي لکي ٿو ته:

”تاريخن ۾ ڄاڻايل آهي ته مرزا غازي بيگ ترخان، ٺٽي ۾ ٻه محلات ٺهرايا، جن جي ڀتين کي چترڪاريءَ جي چؤکٽ يعني panel سان سينگاريو ويو هو. اِهي ديوارون يقيناً چترڪاريءَ جي چؤکٽن سان، اهڙيءَ طرح ئي آراسته ڪيون ويون هونديون، جيئن آگري ۽ لاهور ۾ مغليه دؤر جي عمارتن جي ديوارن کي، چتڪاريءَ جي مختلف نمونن سان آراسته ڪيو ويو هو.

جيتوڻيڪ مرزا غازي بيگ جا تعمير ڪرايل اُهي ٻئي محلات هن وقت موجود ته نه آهن، پر اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُنهن محلاتن جي چؤکٽن تي ڪيل مصوريءَ تي، مغليه فن مصوريءَ يا راجپوت فن مصوريءَ جي اثر نمايان هوندو. اِن ڪري جو مغلن ۽ ترخان حاڪمن جا هڪ ٻئي سان شاديءَ مراديءَ وارا رشتا ۽ ناتا هئا، ۽ راجپوت نوابن سان به شاديون مراديون ڪيون هئائون.“

شيخ خورشيد حسن اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:

”اِها تعجب جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾، خاص ڪري ٺٽو شهر جيڪو 1520ع کان 1739ع تائين، يعني چار سؤ سال، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو، ۽ جيڪو اسلامي تعليمات، هنرن جو مرڪز رهيو هو، اُن شهر ۾ هاڻي فن مصوريءَ جي باري ۾ ڪو گهڻو مواد ڪونه ٿو ملي.

هيٺ مصوريءَ جي جنهن مواد تي گفتگو ڪئي ويندي، اُن مواد جي مطالعي مان اهو پڪيءَ طرح معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ ۾، فن مصوريءَ جو ’پنهنجو مڪتب فڪر‘ هو، جيڪو مغليه فن مصوريءَ کان گهڻو آڳاٽو، راجپوت، فن مصوري ۽ دکني فن مصوريءَ جو هم عصر هو.“

شيخ خورشيد حسن لکي ٿو ته:

”اسان کي تحفة الڪرام ۾ ڇپيل ڪاري ۽ اڇي رنگ ۾، چترڪاريءَ جا نمونا نظر آيا، جيڪا ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي. تحفت الڪرام کي، سيد حسام الدين راشديءَ ايڊٽ ڪيو آهي. تحفة الڪرام ۾ ڏنل اُنهيءَ چترڪاريءَ جا تفصيل هن ريت آهن:

(1) مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ (وفات 1062هه/1644ع) ترخان جي ”مغليه لباس، ۾ تصوير ڏنل آهي. هن تصوير ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته مرزا غازي بيگ جو شهنشاهه جهانگير جي درٻار جي آڌرڀاءُ ڪيو پيو وڃي. هيءَ تصوير يقيناً مغليه فن مصوريءَ جي مڪتب فڪر جو نمونو آهي ۽ مغليه فن مصوريءَ کي نمايان ڪري ٿوي.

(2) ساڳئي ڪتاب (تحفة الڪرام) ۾ مرزا غازي بيگ جي جسم جي اڌ حصي جي، اَڇي ۽ ڪاري رنگ ۾ تصوير ڏني ويئي آهي. هيءَ تصوير ’منوهر‘ نالي مصور جي ٺاهيل آهي. هن تصوير ۾ به مرزا بيگ ’مغل ويس‘ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. سندس (مرزا غازي بيگ جي) کاٻي هٿ ۾ گل جهليل آهي. مرزا صاحب کي مٿي تي مغليه طرز جي پڳڙي پهريل آهي، انهيءَ ڪري اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هيءَ تصوير اُن مصور جي ٺاهيل آهي، جيڪو مغليه مصوريءَ جي نموني جو چڱيءَ طرح ڄاڻو هو.

(3) ساڳئي ڪتاب (تحفة الڪرام) ۾، مرزا غازي بيگ ترخان جي پوري جسم جي، سفيد ۽ ڪاري رنگ ۾ تصوير ڏني وئي آهي. هن تصوير جو نمو، بلڪل اُهوئي ساڳيو آهي. جهڙو تصوير نمبر ٻئي ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

(4) مذڪوره ڪتاب ۾، مير ابوالبقا امير خان، جيڪو ٺٽي جو سن 1039هه کان 1601هه تائين ۽ وري 1052هه کان سن 1057هه تائين گورنر رهيو هو، اُن جي اڌ جسم جي تصوير، اڇي ۽ ڪاري رنگ ۾ ڏنل آهي. اها تصوير به مغل فن مصوريءَ جي نمائندگي ڪري ٿي. امير کي مغليه طرز جو لباس پهريل ڏيکاريو ويو آهي.

(5) هڪ ٻي رنگين تصوير جيڪا شهزادي ميان عطر خان ڪلهوڙي جي آهي. هن تصوير جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي چترڪار، چترڪاريءَ جي فن ۾ وڏا ماهر هوندا هئا.

ميان محمد عطر خان جي اِها تصوير عالي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اڳواڻيءَ بهاولپور رياست جي شهر صادق آباد جي ويجهو رهندڙ، ڪنهن عباسي ڪٽنب وٽان، هڪ ڳوٺ مان هٿ ڪئي هئي. بقول ڊاڪٽر صاحب جن جي، اهو عباسي ڪٽنب پاڻ کي ”ڪلهوڙا خاندان“ جي شاهي گهراڻي جي پونيرن مان هجڻ جي دعويٰ ٿو ڪري. مذڪوره تصوير، سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ ”بليٽن“ (“Bulletion” vol II, No: 1, 1972) ۾ شايع ڪئي وئي هئي، ۽ بعد ۾ ”ڪلهوڙا انٽرنئشنل ڪانگريس“ (ڪراچي، 1996ع) جي موقعي تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي نگرانيءَ ۾ شايع ٿيل ڪتابن مان ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب ”باقيات از احوال کلهوره“ ۾ به درج ٿيل آهي. اِهي ڪتاب ڪانفرنس جي روح روان انجنيئر يعقوب علي زرداريءَ وڏي اهتمام سان شايع ڪيا هئا.

هن تصوير ۾ ميان محمد خان کي سنڌي پهراڻ (چولو) ۽ شلوار پاتل ڏيکاريو ويو آهي. ميان صاحب جي ”پهراڻ“ (چولي) تي شڪارپوري نموني جو ڀرت ڀريل آهي. شهزادي کي ڪلهي تي وڏو رومال (scraf) رکيل آهي، جنهن تي به سنڌي ڀرت ڀريل آهي ۽ اُن جي ڇيڙن تي ڦندڻ ٺهيل آهن.

شهزادي محمد عطر خان جي چهري جي آرکاڻا، اُتر ـــ سنڌ ۾ آباد بروهي قبيلي جي آرکاڻن جهڙا آهن. ميان محمد عطر خان جي ڏاڙهيءَ جو خط به سنڌي نموني جو آهي. تصوير ۾، جنهن وهاڻي تي شهزادو ٽيڪ ڏيئي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي، اُهو وهاڻو ڇُريل سنڌي ڪپڙي مان ٺهيل آهي. وهاڻي جي ڇَوَ واري ڪپڙي تي وري سنڌي ڇُرَ جي هنر جا چٽ ۽ نقش چٽيل آهن.

شهزادو، ”اڱڻ“ (Court Yard) ۾ ويٺل ڏيکاريو ويو آهي. اُن اڱڻ جي چؤطرف وارو ”ڪٽهڙو“ (بالڪني)، اُڪريل پٿر جي بلاڪن جو ٺهيل آهي. انهيءَ ڪٽهڙي تي لڳل پٿرن تي ٿيل اُڪر جو ڪم ۽ جاميٽريءَ جون شڪليون بلڪل اهڙي نموني جون ئي آهن، جهڙي نموني جون خدا آباد ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي (وفات: 1131هه/1718ع) جي مقبري جي چوڌاري ٺهيل اڱڻ ۾ لڳل پٿرن تي ٿيل اُڪر جي ڪم جون آهن.

ميان عطر خان جي تصوير جي پس منظر ۾ لاڙ واري خطي جي نظاري جي عڪاسي ڪيل آهي. انهيءَ نظاري ۾، شهر جي گهرن جا مَنگهه ڏيکاريل آهن. گهرن ۾ مَنگهن جو هجڻ، سنڌ جي پنهنجي مقامي فن تعيمرات جي هڪ خاص خصوصيت آهي، جيڪا خصوصيت، ٺٽي ۽ حيدرآباد کان سواءِ لاڙ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جي گهرن ۾ به خاص طور نظر ايندي آهي. مَنگهن جو منهن ڏکڻ ـــ اولهه طرف هوندو آهي. مصوريءَ جي انهيءَ خصوصيت جي اڀياس مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته ميان محمد عطر خان جي اِها تصوير حيدرآباد (سنڌ) جي ڪنهن مصور جي ٺاهيل آهي.

هن تصوير ۾ رنگ به خاص ڪري ’سنڌي رنگ‘ استعمال ڪيا ويا آهن، اُهي رنگ هي آهن: سفيد، نيرو، ڦڪو (پيلو) ۽ هلڪو قومزي يعني maroon.

ان طرح ”ڪلهوڙا انٽرنئشنل ڪانگريس“ جي موقعي تي شايع ٿيل مذڪوره ڪتاب سان گڏ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب (SINDH) ۽ پڻ ”سووينيئر“ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي تصوير غالباً ”پهريون دفعو“ شايع ٿي آهي، جنهن ۾ ميان صاحب جي اڳيان ٻه ڳائڻيون ۽ هڪ سازندو موجود آهي، هن تصوير جي حاصلات لاءِ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي پونيرن مان ميان بهادر علي عباسيءَ جو حوالو ڏنل آهي.

)6) مون کي محترمه پروفيسر ڊاڪٽر قمر جهان مرزا جي معرفت، حيدرآباد جي ٽالپر شاهي خاندان جي (ٽنڊي غلام حسين ۾ رهندڙ) خانداني ڪتبخاني ۾ موجود اردو زبان ۾ لکيل هڪ باتصوير ”ديوان“ ڏسڻ جو موقعو مليو. هن قلمي نسخي ۾ ”تمام ننڍڙين تصويرن (MINIATURE PAINTINGS) ان کان سواءِ ڪيترن ئي بادشاهن ۽ مشاهيرن جي تصويرن جي مصوري ڪيل هئي. اُنهن تصويرن ۾ ايران جي قاچار خاندان جي شهنشاهه فتح علي شاهه قاچار، شهنشاهه همايون، شهنشاهه اورنگزيب، مغل راڻي نورجهان، سنڌ جي بادشاه مير فتح علي خان ٽالپر، خيرپور ميرس جي حاڪم مير رستم خان، حيدرآباد جي حاڪمن مير صوبدار، مير محمد نصير خان، مير شهداد خان، مير حسين علي خان ۽ مير عباس علي خان جون تصويرون خاص طور ذڪر ڪرڻ جي لائق آهن. اهي تصويرون جنهن مصور جون ٺاهيل آهن، اُهو ڪو ايراني مصور هو، ۽ اُن جو نالو ”عبدالمذنب خدم بردواني“ هو. هن جي وفات جو سن 1272هه/ لکيل آهي. ميرن جي دؤر جي مصورن جا نالا، مرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائيءَ ”ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما“ عنوان واري مقالي ۾ ڏنا هئا، جيڪو ”مهراڻ جون موجون“ ۾ شامل آهي. ’خادم بردواني‘ مصور لاءِ سيد حسام الدين شاهه راشدي پنهنجي ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ صفحي 417 تي لکيو آهي ته ”هُو مير نور محمد بن مير مراد علي خان، سنڌ جي حڪام جي درٻار جو مصور ۽ خطاط هو.“

(ب) تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته ترخان، مغلن ۽ ڪلهوڙا حاڪمن جي زماني ۾ به شاهي حاڪمن جي محلن ۽ محلاتن جي ديوارن تي چترڪاري ۽نقش نگاريءَ جو گهڻو رواج هوندو هو. سنڌي فنڪارن جي فن جو اهو شوق پوءِ ٽالپر حاڪمن ۽ اُن کان پوءِ انگريزن جي حڪومت واري زماني ۾ به، سنڌ ۾ جاري رهيو. مسجدن ۽ ڪن درويشن جي درگاهن ۽ مقبرن ۽ حاڪمن جي محلن جون ديوارون، چٽساليءَ ۽ نقش نگاريءَ جي ڪري اڄ به مشهور آهن.

5 ـــ اندرون سنڌ ۾ تلهار ۽ ٽنڊي باگي جي ويجهو ”شاهه طريل اسماعيلي درويش“ (وفات 1467ع) جي درگاهه جون اندريون ديوارون، گجراتي فن مصوريءَ جي ڪري مشهور هيون. ٿرپارڪر ۾، ڀالوا کان پرتي، ’گوڙيءَ جي مندر‘ جون اندريون ديوارون ۽ ڇت به گجراتي فن مصوريءَ جي شاهڪار جي ڪري مشهور آهن. لطيف سائينءَ جي درگاهه جي ڀر واريءَ مسجد ۾ به ديوارن تي گلڪاريءَ جو ڪم ٿيل آهي. اهڙيءَ طرح ڪڙيي گهنور ۾ خليفي محمود نظاماڻيءَ جي مقبري جي ڀر واريءَ مسجد جي ڀتين، شاهه بندر تعلقي ۾ ڇڇ جهان خان جي ويجهو تعمير ٿيل ”گرا قبا“ (ڪاري رنگ تي مائل قبا) ۽ خيرپور ميرس جي ويجهو ”قادر بخش جا قبا، ۽ اهڙيءَ طرح ٻين تاريخي مقبرن، مسجدن، درگاهن توڙي مندرن جي ديوارن تي گلڪاريءَ ۽ چٽساليءَ جا ڪيترائي نمونا نظر اچن ٿا.

6 ـــ (الف) پڙهندڙن کي معلوم آهي ته مير عظيم ٺٽوي، ٽالپر دؤر جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. ٺٽي ۾ مير عظيم ٺٽويءَ جو بنگلو، ديوان تي گلڪاري ڪري مشهور هوندو هو. هي بنگلو، 1206 هه ۾ ٺهيو. هن بنگلي جي درن، درين ۽ ديوارن توڙي ڇت تي گلڪاري ۽ نقس نگاري ٿيل هوندي هئي (سيد حسام الدين شاهه راشدي، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ص 110). سيد حسام الدين شاهه راشدي جي چوڻ موجب: ”هن بنگلي تي، انهيءَ چٽساليءَ ايترو ته بهار لاتو هو، جو اندر اچن کان پوءِ ڏسندڙ حيرت ۾ اچي ويندو هو!“

هن بنگلي ۾ ٿيل چٽسالي مختلف پڪن رنگن ۾ هوندي هئي، جنهن ۾ سفيد، هلڪي گلابيءَ ۽ سائي رنگ جي زياده آميزش هوندي هئي. گهرو آسماني رنگ ۾ ڪم آندو ويو هو.

(ب) دادو ضلعي ۾ ”ٺُل“ نالي قبرستان ۾، ٺهيل قبن اندر، ديوارن تي چٽسالي ٿيل آهي، انهيءَ چٽساليءَ ۾ قبيلن جا سردار ويٺل ڏيکاريا ويا آهن. اُنهن قبن ۾ ڌار ڌر نموني جي مصوري ڪيل آهي. هڪ تصوير ۾، گهوڙي تي ويٺل هڪ سوار ۽ هاٿيءَ تي ويٺل ٻئي سوار کي، لڙائيءَ واريءَ حالت ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

(ت) ٺُل قبرستان جي هڪ ٻيءَ تصوير ۾، هڪ واهه ۾ ٻه واڳو ڏيکاريا ويا آهن. اُنهن مان هڪ واڳو، هڪ ٻار کي جهلڻ جي ڪوشش ڪندي چٽيو ويو آهي. ساڳيءَ تصوير ۾، هڪ مرد ماڻهو، اُن ٻار کي، واڳوءُ جي چنبن کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي.

ڪن چٽسالين ۾ مختلف قسمن جا جانور ۽ پکي چٽيل آهن. ڪي پکي اُڏامڻ واري انداز (posture) ۾ چٽيا ويا آهن، ۽ اُنهن جا کنڀ به اهڙي نموني چٽيا ويا آهن ته جيئن محسوس ڪري سگهجي ته اُهي پکي اُڏامي رهيا آهن. اُنهن پکين مان ڪي هي آهن: طوطا، مور، ڪبوتر، بدڪون، ۽ ٻگهه پکي (cranes). اهڙيءَ طرح جانورن مان ڪي هي آهن: اُٺ، گهوڙا، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون. هڪ مصوريءَ ۾ مقامي مڇي ’راهُوءَ‘ جي تصوير نڪتل آهي. راهومڇي، پنهنجي خاص سواد جي ڪري مشهور آهي.

(ث) اِهي سڀ تصويرون، مقامي فن مصوريءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون. اها مصوري مقامي رنگن ۾ ڪيل آهي، ۽ پاڻيءَ جا منظر به مقامي علائقي جا محسوس ٿين ٿا. اها مصوري، جيتوڻيڪ composition ۾ سادي ٿي لڳي، پر اُن ۾ ڀرپور زندگيءَ جي عڪاسي ڪيل آهي. انهيءَ مصوريءَ ۾ پنهنجي انفرادي خصوصيت نظر اچي ٿي، ۽ اها مصوري ”سنڌي فن مصوريءَ“ جي نمائدنگي ڪري ٿي. مصوريءَ جي اِنهن نمونن جي دراصل ”تفصيلي مطالعي“ جي ضرورت آهي.

(ت) ساڳيءَ طرح، خيرپور، ميرس جي ويجهو ”قادر بخش جا قبا“ به ڌيان ڇڪائين ٿا. اُنهن قبن اندر، ديوارن تي ٿيل چٽسالي، ماتليءَ جي ويجهو، ”فتح باغ“ نالي قديم شهر ۾ ٽنڊي محمد خان وارن ٽالپرن جي قبرستان ۽ اسماعيلي سيدن (آرادين ۽ جوهرالدين) جي روضي اندر ديوارن تي ٿيل نقش نگاري، بدين ضلعي ۾ ميرپورخاص جي ماڻڪاڻي ميرن جي قبرستان ”ڪيپٽن جا قبا“ ۾ ۽ حيدرآباد شهر ۾ شهداداني ميرن جي قبن اندر ديوارن تي ڪيل نقش نگاري، فنون لطيف سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن، خاص ڪري مصوريءَ جي فن سان دلچسپي رکندڙن جو ڌيان ڇڪائي ٿي.

7 ـــ (الف) سنڌي مصورن، ’سخت ڪپڙي‘ (canvas) تي به مصوري ڪئي آهي. ”ڪئنواس“ تي سنڌي مصورن طرفان ڪيل رنگين مصوريءَ جا بهترين نمونا ’مير شهداد خان‘ (وفات 1875ع)، حيدرآباد جي هڪ ٽالپر حاڪم، جي تصويرن جا مثال طور ڏسي سگهجن ٿا. هن تصوير ۾، مير شهداد خان کي گهوڙي تي سوار ٿيل ڏيکاريو ويو آهي. مير صاحب ’ڀور‘ (grey) رنگ جي گهوڙي تي، ٽالپر شهزادي جي خاص لباس ۾ ملبوس ڏيکاريل آهي. هيءَ مصوري، انساني قد يعني life-size ۾ آهي. مير صاحب جي چوڌاري سنڌي ماڻهن جو ميڙ ڏيکاريل آهي. هر ماڻهوءَ جي مٿي تي ڍال سان گڏ کجيءَ جي ڦڙهن جو دلبو رکيل آهي. مير صاحب جي ساڄي طرف، سندس چيلهه تي جواهرن سان جڙيل تلوار لٽڪيل آهي. گهوڙي جي ٽنگن جي بيهڪ ۽ گهوڙي جي باقي جسم جي بيهڪ ۾ هم آهنگي آهي. گهوڙي تي سنجن مٿان، مير شهداد خان ويٺل آهي. اهي سنج سون جي ڌاڳي سان ڀريل، سنڌي ڀرت سان سينگاريل آهن. هن مصوريءَ جي ماپ X33.4’”39 آهي. هن مصوريءَ جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته اها مصوري اُوڻيهين صديءَ عيسويءَ ۾، حيدرآباد ۾ ٺاهي وئي هئي.

(ب) اهڙيءَ طرح سيد آغا اسماعيل شاهه اصفهاني، جيڪو مير ڪرم علي خان ٽالپر جي حڪومت واري زماني ۾ وزير خارجه هو، اُن جي پورٽريٽ جي ڪيل مصوري به ٽالپر دؤر جي مصوريءَجي فن جو هڪ بهترين نمونو آهي. اُنهيءَ تصوير ۾، سيد آغا اسماعيل شاهه کي گلم تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي. اُنهيءَ تصوير ۾، سيد آغا اسماعيل شاهه کي گلم تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي. ان گلم جا ڪنارا به اُڻيل آهن، ۽ آغا صاحب جي هٿ ۾ گلاب جو گل آهي. کيس خاص نموني جي سنڌي ٽوپي پاتل آهي، جنهن جو رنگ ”هلڪو قرمزي“ (maroon) آهي. کيس ڦڪي رنگ جي شال اوڍيل آهي. هن پورٽريٽ جي ماپ 10.6 “x7.2” آهي، اهو پورٽريٽ به اُوڻيهين صديءَ عيسويءَ ۾ ٺهيل ٿو لڳي.

(ت) حيدرآباد ۽ خيرپور جي ٽالپر حاڪمن جي پونيرن وٽ باتصوير قلمي نسخن جو به وڏو تعداد موجود آهي. اهي قلمي نسخا پڻ مصوريءَ جي فن جي تاريخ بيان ڪن ٿا. اُنهن قلمي نسخن جي ڏسڻ سان سنڌ ۾ فن مصوريءَ جي ارتقا جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ملي ٿي. انهن نسخن جي اڀياس کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر کان وٺي ڪيترائي مصور موجود هئا، جيڪي مصوريءَ جي فن ۾ هميشه رڌل رهيا.

(ث) سنڌ ۾ قديم زماني کان وٺي جيڪي مصور ٿي گذريا آهن، اُنهن مان ڪن جا نالي ملي سگهيا آهن. مثال طور ترخانن جي دور ۾، جيڪو مصور گهڻي قدر مشهور هو اُن جو نالو ”منوهر“ هو. هن مصور جي سوانح حيات بابت گهڻي خبر پئجي نه سگهي آهي. اهڙيءَ طرح مغل نوابن ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت واري زماني جي مصورن جي نالن جي خبر نٿي پوي، البت ٽالپرن جي دؤر ۾ جيڪي مشهور مصور هئا، اُنهن مان ڪن جا نالا هي آهن:

(1) مرزا علي اڪبر غازي: مصور، مير محمد نصير خان جو ’واٽر ڪلر‘ ۾ پورٽريءُ ٺاهيو هو، اُنهيءَ پورٽريٽ ۾، مير صاحب پنهنجي شاهي لباس ۾ ويٺل ڏيکاريل آهي. هُو پنهنجي ٽنگ، ٻيءَ ٽنگ جي مٿان (cross-legged) رکي، هڪ وڏي وهاڻي تي، ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي. سندس تلوار، سندس کاٻي گوڏي تي رکيل آهي، ۽ سندس ساٿي هٿ ۾ تسبيح (rosary) جهليل آهي. هن پورٽريٽ جي ماپ 103/4 “x1.7” آهي. هيءُ پورٽريٽ، قائداعظم جي نواردات ۾ شامل آهي. هن وقت اهو پورٽريٽ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالاجي، حڪومت پاڪستان جي ملڪيت آهي.

(2) ٻيو مصور هو عبادالمذهنب خادم بردواني (وفات 1272هه).

هن مصور جا ٺاهيل پورٽريٽ، مٿي بيان ڪيل اردو ديوان ۾ موجود آهن، جيڪي ٽالپرن جي دؤر جي بهترين مصوريءَ ۾ شمار ٿين ٿا.

(2) ڪيترائي مصور، سنڌ جي وچ مشرق وارن ملڪن کان اُن زماني ۾ آيا، جنهن زماني ۾ ترڪن اُهي ملڪ فتح ڪيا، جيڪي هن وقت ايران، افغانستان ۽ پاڪستان ۾ شامل آهن.

8 ـــ (الف) انگريزن جي زماني ۾ اُن کان پوءِ ورهاڱي جي ڪري پاڪستان ۾ ڪيترائي مشهور مصور ٿي گذريا آهن. منهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ مون ڪيترائي نالي وارا مصور ڏٺا، جن مان ڪيترن سان ته منهنجا واسطا به رهيا. اُنهن مان ڪن سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ ڪتابن جي سرورقن لاءِ مدد ڪئي؛ ڪن کان سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان شايع ٿيندڙ ڪتابن جا سرورق ٺهرايا ويا. ڪن سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اشاعتي سلسلي جا سرورق ٺاهيا ته ڪن وري خانگي اشاعتي ادارن لاءِ ڪم ڪيو. ڪن چتڪارن، ’مهراڻ’، ’نئين زندگي‘، ’روح رهاڻ‘، ’سهڻي‘ ۽ ٻين رسالن لاءِ خاڪا ۽ رسالن جا سرورق ٺاهيا.

(ب) اُنهن مصورن مان ڪن سنڌ جي روزانه زندگيءَ جي منظرن جا چٽ چٽي، برش ذريعي فن جي شائقين جو توجهه ڇڪايو. اُنهن مان ڪن مصورن جا ٺاهيل زندگيءَ جا اهڙا منظر، سنڌالاجيءَ ۾ قائم ڪيل ’انڊس آرٽ گئلري‘، شهباز بلڊنگ، حيدرآباد ۾ شهباز هال، سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان هندو جمخانه ۾ قائم ڪيل آرٽ گئلري، ايليمينٽري ڪاليج (مردانه) حيدرآباد جي ڊرائنگ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي گئلري، سنڌ جي ڪن هاءِ اسڪولن ۾ ڊرائنگ هالن کان سواءِ،  سنڌ ۾ فن جي شوقين زميندارن، وڏيرن جي اوطاقن ۽ مهمان خانن ۾ اهڙن فنڪارن جي ٺاهيل شهپارن جي قدردانيءَ جا دليل ڏين ٿا. سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي اداري ”مهراڻ آرٽس ڪائونسل“ ۾ به مختلف چترڪارن جي فن جا نمونا موجود آهن. انهيءَ هوندي به آءٌ ته ائين چوندس ته سنڌي مصورن جي صحيح معنيٰ ۾ همت افزائي ڪانه ٿي آهي.

(ت) منهنجي ذاتي راءِ موجب سنڌ جا ڪي مثالي چترڪار ڪن ادارن مان تربيت حاصل ڪري پيدا ٿيا، ته ڪي مصور وري ڄمندي ئي ڄام هئا. مون کي خبر نه آهي ته محترم ع. ق. شيخ، محترم ظفر ڪاظمي، محترم گل محمد کتري ۽ محترم محرم راز انهيءَ فن جي تربيت ڪٿان حاصل ڪئي يا سندن اُستاد ڪير هئا؟ اهڙيءَ طرح اُستاد نور محمد پٺاڻ ۽ محترم لال محمد پٺاڻ (ميرپورخاص وارو) يا ٽنڊي محمد خان جي AV اسڪول جي ڊرائنگ ماسٽر قاضي محمد بن قاسم، مصوريءَ جو فن ڪٿان سکيا؟ حيدرآباد ۾ ايليمينٽري ڪاليج (مردانه) ۽ نولراءِ هيرانند اڪيڊميءَ کان سواءِ نور محمد هاءِ اسڪول، ڪُندنمل گرلس هاءِ اسڪول، ميران گرلس هاءِ اسڪول، نؤ ودياليه هاءِ اسڪول، اهڙيءَ طرح هالا، ڪنڊياري، نوشهروفيروز، نواب شاهه، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻي، دادو، ٽنڊي باگي ۽ ڪراچيءَ ۾ اين. جي. وي. هاءِ اسڪول، سنڌ مدرسي ۽ ٻين ڪيترن ئي هاءِ اسڪولن ۽ AV اسڪولن ۾، هڪ ”مضمون“ طور ڊرائنگ جي باقاعده سکيا ڏني ويندي هئي، ۽ انهيءَ مضمون لاءِ ”ڊرائنگ ماسٽر“ جي آسامي هوندي هئي، جنهن تي قابل ۽ مشهور اُستاد مقرر ٿيل هوندا هئا.

مون به ٽنڊي محمد خان جي تڏهوڪي AV اسڪول ۾، مشهور اُستاد قاضي محمد بن قاسم وٽ، ڊرائنگ جي تربيت ورتي ۽ انٽر جي امتحان جي تياري پڻ ڪئي.

9 ـــ (الف) سنڌ جي مشهور مصورن ۾ محترم ع. ق. شيخ جو پنهنجو نمونو (style) آهي، ته وري محترم گل محمد کتريءَ ۽ ظفر ڪاظميءَ جو بنهه پنهنجو ”انداز“ (style) آهي. انهن ٽنهي چترڪارن جي رنگن جي پسندگي به پنهنجي پنهنجي آهي. مون کي خبر آهي ته انهن مصورن جي مصوريءَ جي باري ۾ ڪنهن چترڪار، ناقدانه نظر سان تبصرو ڪيو آهي يا نه؟ مصوريءَ جي فن ۾، خاص ڪري منظر ڪشيءَ ۾ محترمه مسرت مرزا، محترم عبدالرحيم ناگوري، محترم لال محمد پٺاڻ ۽ محمد عظيم چانڊيو به انفراديت رکن ٿا. اينهن سڀني مصورن جو به فقط ”انداز“ پنهنجو آهي، پر رنگن جي ستعمال ۾ به هر هڪ جو نمونو پنهنجو پنهنجو آهي.

(ب) پورٽريٽ (portrait) واري مصوريءَ ۾ محترم ظفر ڪاظميءَ، ع. ق. شيخ، ڊاڪٽر محمد علي ڀٽيءَ، قاضي خضر حيات، فتاح هاليپوٽي، فتاح دائود پوٽي ۽ رضوان عمراڻيءَ جي برش جو انداز پنهنجو آهي ته وري رنگن جي پسندگي به هر هڪ جي پنهنجي آهي.

(ت) مصوريءَ واريءَ خطاطيءَ ۾ خدا بخش ابڙو هڪ وڏو نالو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان ٽيليوزن جي مختلف پروگرامن ۾ مهترم راز ناٿن شاهيءَ به سٺو نالو ڪڍيو آهي. محترم خدا بخش ابڙي، راز ناٿن شاهيءَ، علي اڪبر سومري ۽ لطيف آباد ۾ رهندڙ نوجوان (نالو وسري ويو اٿم) لطيف سائينءَ جي بيتن جي خطاطيءَ واري فن ۾ مصوري ڪئي آهي، جا تحسين لائق آهي.

(ث) گرافڪ ڊزائننگ ۾ محترم ع. ق. شيخ، ظفر ڪاظمي ۽ خدا بخش ابڙو وڏو مقام رکن ٿا، پر هن ميدان ۾ فتاح هاليپوٽي به خوب پاڻ مڃايو آهي. اهڙيءَ طرح ڪنهن زماني ۾ عاشق عارباڻيءَ به ڪن ڪتابن جي لاءِ ڪور ڊزائينون ٺاهيون هيون ۽ عظيم چانڊئي به سنڌالاجيءَ جي اشاعتي سلسلي لاءِ ڪور ڊزائينو ٺاهيون هيون. فتاح هاليپوٽي جي شاگردن مان ساجد قريشي، احمد علي مڱڻهار (ٽنڊو الهيار) ۽ محمد هارون چنا (چڪ) سٺا مصور آهن. حفيظ قريشي جونيئر به سٺا پورٽريٽ ٺاهيندو آهي.

10 ـــ (الف) سال 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ”فائين آرٽس“ جو شعبو قائم ڪيو ويو. هن شعبي جي شروعات ۾ محترم علي نواز ڦلپوٽو اُستاد جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو، يعني هن شعبي جو باني پروفيسر علي نواز ڦلپوٽو آهي. اهو شعبو وائيس چانسيلر پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه قائم ڪيو هو. پوءِ هن شعبي ۾ محترم عبدالرحيم ناگوري ۽ محترمه مسرت مرزا، اُستاد طور مقرر ٿيا. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾، تربيت وٺندڙ اُستادن کي هن مضمون جي سکيا لاءِ محترم ظفر ڪاظميءَ کي مقر ڪيو ويو. جلدي سنڌي يونيورسٽيءَ جي فائين آرٽس ڊپارٽمينٽ، سنڌ ۾ هن فن جي باقاعده سکيا لاءِ مرڪز سمجهيو ويو، جتي اُن وقت جا سٺا اُستاد ۽ ماهر مقرر ڪيا ويا. اِهي ٽيئي اُستاد ـــ ڦلپوٽو صاحب، ناگوري صاحب ۽ مسرت مرزا صاحبه ــــ لاهور جي نئشنل ڪاليج آف آرٽس مان پوسٽ گرئجوئيٽ ڊپلوما ڪيل هئا، ۽ پنهنجي فن ۾ مڃيل مصور آهن.

(ب) ساڳيءَ طرح حيدرآباد جي مردانه ۽ زنانه ٽريننگ ڪاليجن ۾، تربيت وٺندڙ اُستادن کي به هن فن ۾ باقاعده تربيت ڏني ويندي هئي. جنهن زماني ۾ آءٌ مردانه ٽريننگ ڪاليج ۾ اُستاد طور پڙهائيندو هوس، تنهن زماني ۾ ڊرائنگ واري مضمون جو اُستاد محترم ع. ق. شيخ هوندو هو.

(ت) پوءِ ته سنڌ سرڪار، مردانه ٽريننگ ڪاليج واري ڊرائنگ جي شعبي کي ترقي ڏيئي (upgrade) ڪري سڄيءَ سنڌ ۾، هاءِ اسڪولن جي مقرر ٿيل ڊرائنگ ماسٽرن جي وڌيڪ سکيا لاءِ ”ڊرائنگ ٽيچرس ٽريننگ سينٽر“ هي نالي سان هڪ نئون ادارو شروع ڪيو، ۽ محترم ع. ق. شيخ کي اُن جو پهريون پرنسپال مقرر ڪيو ويو. جڏهن پيار علي الانا صاحب سنڌ جا وزير تعليم هئا، تڏهن اسان گڏجي سينٽر کي ڏٺو. شيخ صاحب، پيار علي الانا صاحب کي اُهي سڀ پراڻا نوادرات ڏيکاريا، جيڪي ٽريننگ ڪاليج ۾ تربيت واري دؤر ۾ ورهاڱي کان اڳ هندو اُستادن گڏ ڪيا هئا. اُنهن ۾ تمام اهم ۽ پراڻو قيمتي مواد موجود هو. اُهي سڀ شيون محترم فتاح هاليوپٽي واري دؤر تائين ته اُتي محفوظ هيون، ڇو ته فتاح صاحب جي زماني ۾ آءٌ ٻه ٽي دفعا انهيءَ مرڪز ۾ ويو هوس.

11 ـــ (الف) مطلب ته سنڌ ۾ پراڻي زماني کان وٺي مصوري ۽ ڊرائنگ جي سکيا ۽ تربيت لاءِ ۽ نون فنڪارن جي پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪي سرچشما هئا، اُهي هي هئا:

(1) سنڌ جا هاءِ اسڪول ــــ مون اڳ ۾ هاءِ اسڪولن جو ذڪر ڪيو آهي. (2) مردانه ۽ زنانه ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ـــ انهن جو به ذڪر ڪري آيو آهيان. (3) ڊرائنگ ٽيچرس ٽريننگ سينٽر ـــ هن اداري جو به مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. (4) سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ـــ هن ادري ۾، هن مضمون ۾ اُستادن خاص ڪري ”آرٽ ٽيچرن“جي سکيا لاءِ مرڪز قائم ڪيو ويو هو. هن مرڪز جو پهريون سربراهه محترم ظفر ڪاظمي هو. ظفر ڪاظمي صاحب کي، هِت ڪراچيءَ جي اين. جي. وي هاءِ اسڪول مان آندو ويو هو. ڪاظمي صاحب جي، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ تاج محمد صحرائيءَ کان پوءِ، ڊائريڪٽر طور مقرر ٿي وڃڻ کان پوءِ سندس ساٿي اُستاد، محترم دارا ابڙي کي هن شعبي جو انچارج مقرر ڪيو ويو. دارا صاحب کي آمريڪا مان اعليٰ فني تربيت پڻ ڏياري وئي. اهو ياد رهي ته هن شعبي جو روح روان، دراصل، انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر جناب ڊاڪٽر نبي  بخش خان بلوچ هو. جنهن سڄيءَ سنڌ مان آرٽس ۽ ڪرافٽس جا بيشمار نوادرات گڏ ڪري هن مرڪز ۾ رکيا هئا. اهي نوادرات پوءِ، جڏهن ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسيلر ٿيا، تڏهن سندن ئي حڪم سان، سنڌالاجيءَ جي ميوزيم ۾ منتقل ڪيا ويا.

(5) چوٿون سرچشمو سنڌ يونيورسٽيءَ جو ماڊل اسڪول هو، جنهن ۾ شروع شروع ۾ ته خبر نه آهي ته آرٽ جو اُستاد ڪير هو (غالباً ظفر ڪاظمي صاحب هو)، پر مون کي 1954ع ۾، علي اڪبر سومرو، ”ڊرائنگ جي مضمون“ جي اُستاد طور تمام گهڻو سرگرم نظر ايندو هو. علي اڪبر سومرو مرحوم، پنهنجي ڪلاس کي منظر ڪشيءَ واري چتڪاريءَ جي سکيا لاءِ، حيدرآباد جي ڪئنٽونمينٽ واري موجوده ”قاسم چوڪ“ وٽ (هاڻي قائم ڪيل پيٽرول پمپ جي سامهون، ٽڪريءَ جي ڪنڊ تي)، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن شاگردن کي ويهاري اُنهن کي لئنڊس اسڪيپ ٺاهڻ جي تربيت ڏيندو هو. منهنجي وڏي نياڻي، ڪنيزة الزهره، جنهن کي ڊرائنگ ۽ مصوريءَ جو گهڻو شوق هوندو هو، اُن وقت ماڊل اسڪول ۾ پرائمري ۾ پڙهندي هئي. اُن جي مصوريءَ جي شوق ۾، محترم علي اڪبر سومري جي پنهنجي ذاتي ڪوشش به هئي. منهنجي ڌيءَ فائين آرٽس ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي. ڪئي. پوءِ منهنجي نياڻيءَ سميت ڪن شاگردياڻين، سنڌ يونيورسٽيءَ  جي فائين آرٽس شعبي مان ايم. اي. ڪانه ڪئي. ۽ وڃي لائبرري سائنس شعبي ۾ داخلا ورتائون. اُن لاءِ به ڪي اهڙا سبب هئا، جن جو هينئر تفصيل ۾ وڃڻ مناسب نه آهي!

(ب) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فائين آرٽس شعبي جي قائم ڪرڻ ۾، تڏهوڪي وائيس چانسيلر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو اهم ڪردار هو. هن شعبي جي لاءِ ٽن ڄڻن گڏجي اسڪيم ٺاهي. اُهي ٽي ماڻهو، مرحوم خليل الرحمان مغل، ڊائريڪٽر پلاننگ سنڌ يونيورسٽي، ٻيو محترم علي نواز ڦلپوٽو ۽ ٽيون ”آءٌ“ هوس. اها اسڪيم پهرين بي. اي. جي سکيا تائين، پوءِ اسان وري انهيءَ شعبي ۾ ايم. اي. جي سکيا لاءِ به اسڪيم ٺاهي.

(ت) علي نواز ڦلپوٽو صاحب هن شعبي جو باني چيئرمين ٿي رهيو. پوءِ محترمه مسرت مرزا ۽ محترم عبدالرحيم ناگوري به اُستاد طور مقرر ٿيا. ڪجهه عرصي کان پوءِ محمد علي ڀٽي صاحب لاهور مان غالباً پنجاب يونيورسٽيءَ جي فائين آرٽس شعبي مان ايم. اي. ڪرڻ کان پوءِ، هن شبعي ۾ اُستاد مقرر ٿيو.

(ث) شعبي لاءِ اُستاد ته مقرر ٿيندا ويا، پر هن شعبي لاءِ جڳهه اُهائي ساڳي هئي، يعني جاگرافي شعبي لاءِ ٺهرايل عمارت جو هيٺيون اڌ. اها عمارت به کين سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي حڪم موجب ڏني وئي هئي.

(ج) هن شعبي جي گهرجن ۽ پروگرامن جي لحاظ کان، اُها جاءِ گهڻي اڻپوري هئي. 1994ع مون، شعبي جي چيئرپرسن محترمه مسرت مرزا ۽ اُستاد سان گڏجاڻي ڪري، شعبي جي لائبرريءَ لاءِ گهربل ڪتابن، شاگردن جي پرئڪٽيڪل ڪم لاءِ ورڪشاپ، اُستادن لاءِ آفيس ۽ ٻين ضرورتن تي سوچيو، ۽ فيصلو ڪيو ته هن شعبي لاءِ، نئين عمارت جي گهڻي ضرورت آهي. منهنجي چوڻ تي، يونيورسٽيءَ جي پلاننگ ڊويزن هن اسڪيم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

(د) شعبي جا اڳواڻ اُستاد ناگوري صاحب، مسرت مرزا صاحبه، علي نواز ڦلپوٽو صاحب پنهنجي پنهنجي فن ۾ مڃيل آرٽسٽ هئا. اُنهن مان ناگوري صاحب جو هن وقت به وڏو مقام آهي. مسرت مرزا جي مقبول هجڻ جو ثبوت هيءُ آهي جو هن آرٽسٽ جي مصوريءَ جا ڪي نادر نمونا ”پاڪستان ڪائونسل آف آرٽس، جي گئلريءَ ۾ به نمائش لاءِ رکيل آهن. مسرت مرزا جي چونڊ مصوريءَ جي نمائش، 1987ع، راولپنڊيءَ جي آرٽ گئلريءَ ۾ ٿي هئي، جنهن جو افتتاح، اُن وقت جي وزير تعليم سيد فخر امام ڪيو هو. اُن نمائش ۾ سيده عابده حسين پڻ شريڪ ٿي. پنهنجي فن ۾ علي نواز ڦلپوٽي صاحب به چڱي عزت ۽ مڃتا ماڻي آهي.

(هه) محمد علي ڀٽي صاحب (هاڻي ڊاڪٽر محمد علي ڀٽي)، آمريڪا مان 1998ع ۾ هن فن ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري موٽيو آهي. اهڙيءَ طرح هن شعبي جي محنتي اُستادن ۾ انجم پيرزاده صاحبه، منصور عالم ابڙو، عاشق عارباڻي، مستقبل جا فنڪار ٺاهڻ ۾ ڪوشش ڪري رهيا آهن. ٽن چئن سالن کان ٻيا به ڪي نوجوان اُستاد طور مقرر ٿيا آهن، اُنهن ۾ نعمت خلجي صاحب جو ڪم مون ڏٺو آهي. خلجي صاحب جو هونءَ به نالو ٻڌجي پيو. مطلب ته انهن سرچشمن کان سواءِ ٻيا به ڪي مرڪز هوندا، جن مان به اُميد آهي ته سنڌ ۾ سٺا سٺا آرٽسٽ پيدا ٿيندا.

(س) 1990ع کان وٺي فائين آرٽس شعبي طرفان هر سال، علامه آءِ. آءِ. قاضي لائبرريءَ جي هڪ هال ۾، فائين آرٽس جي ايم. اي. فائينل جي شاگردن جي ٿيسزن جي نمائش ٿيندي آهي، جتي سٺن ۽ هوشيار شاگردن جي وائيس چانسيلر ۽ حاضرين طرفان همت افزائي ڪئي ويندي آهي.

12 ـــ (الف) مون 1986ع ۾ جپان جي علمي اڀياس واري دوري دوران، ٽوڪيو يونيورسٽي ۽ فائين آرٽس ۾ ايم. اي. جي ڊگري ڏيندڙ ٻين ادارن ۾، شاگردن جي ڪيل مصوريءَ ۽ آرٽس جي ٻين ڪمن جي نمائش ڏٺي هئي. انهيءَ قسم جي ٻيءَ نمائش ۾، 1987ع ۾، مون پنجاب يونيورسٽيءَ جي فائين آرٽس جي شاگردن جا چتر ۽ فن جا ٻيا نمونا ڏٺا هئا. جپان واري سفر کان واپس اچڻ کان پوءِ، ”پارس“ رسالي ۾ ڏنل پنهنجي مضمون مون اهڙو اظهار ڪيو هو ۽ لکيو هئم ته ڪاش! سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائين آرٽس شعبي جي ايم. اي (فائينل) جي شاگردن جي اهڙين ٿيسزن جي هر سال نمائش ڪئي وڃي.

(ب) سال 1990ع ۾، ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه صاحب جي وقت ۾، اهڙيءَ نمائش جي شروعات ڪئي وئي. 1993ع ۽ 1994ع ۾، منهنجي ٻن سالن واري دور ۾. اهڙي قسم جون هڪ ٻئي پٺيان ٻه نمائشون ٿيون. هاڻ ته اُنهن نمائشن جو سلسلو هر سال جاري رهندو اچي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي هن شعبي مان به ڪي سٺا آرٽسٽ تيار ٿي نڪتا آهن، اُنهن مان ڪي هي آهن:

(1) نعمت خلجي ــــ هيءُ لئنڊس اسڪيپ جو سٺو فنڪار آهي. (2) فتاح دائود پوٽو ـــ پورٽريٽ ۽ ٻين شعبن ۾ سٺو آرٽسٽ مڃيو ويو آهي. (3) لُطف انصاري ـــ سٺو چترڪار آهي. ماڊل ميڪنگ ۾ به سٺي ڄاڻ اٿس. آرٽ جي تاريخ تي تحقيق جو شوق اٿس. (4) سعيد منگي ـــ گرافڪ ڊزائننگ ۾ سٺو آرٽسٽ ثابت ٿيو آهي. (5) علي عباس ـــ اسڪيچ ڊائننگ ۾ مڃتا ماڻي اٿس. (6) ريکا شهاڻي ـــ عام چترڪاريءَ ۾ دلچسپي هيس. هاڻي آميريڪا هلي وئي آهي. (7) غلام قاسم خاصخيلي ـــ ”اِمپريشنزم“ ۾ مهارت رکي ٿو. (8) رفيق سومرو ـــ لئنڊس ـــ اسڪيپ ۾ سٺي مڃتا رکي ٿو.

اهڙيءَ طرح سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻه ٻيا به شاگرد هئا: نصرت منگي ۽ رياض منگي.نصرت ته ”اسڪلپچر“ ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. ان طرح ظفر ڪاظميءَ جي نياڻي عظميٰ ڪاظمي، آبي رنگن ۾ ”شاهه جي سورمين“ تي تحسين جوڳو ڪم ڪيو آهي.

13 ـــ (الف) اڳي هاءِ اسڪولن مان، هر سال، ڊرائنگ ۾ انٽر جي امتحان لاءِ شاگرد تيار ڪيا ويندا هئا، جن جو تعليم کاتي جي ڊرائنگ انسپيڪٽر طرفان امتحان ورتو ويندو هو. جيڪي شاگرد انٽر ڊرائنگ جو امتحان پاس ڪندا هئا، انهن کي پوءِ اسڪولن ۾ ڊرائنگ ٽيچر طور مقرر ڪيو ويندو هو. هاڻي خبر نه آهي ته اُهي امتحان ٿين ٿا يا نه.

(ب) اڳي ته هر اسڪول جي ٽائيم ٽيبل ۾، ڊرائنگ جي مضمون جي سکيا لاءِ پيريئڊ به مقرر ڪيو ويندو هو، پر هاڻي شايد اسڪولن ۾ عام طور ڊرائنگ جي سکيا لاءِ ڪوبه بندوبست ڪونهي، البت پرائيويٽ اسڪولن ۾ ابتدائي ڪلاسن جي ٻارن لاءِ اسڪولن ۾، شڪليون سڃاڻڻ ۽ رنگ ڀرڻ جهڙو ڪم ٻارن کي سيکاريو ويندو آهي.

14 ـــ (الف) ڊرائنگ ۽ مصوريءَ جي شاخن ۾، ٻارن جي ڪتابن يا ٻئي اهڙي مواد لاءِ اسڪيچ ٺاهڻ مصوريءَ جو هڪ الڳ فن مڃيو ويو آهي. جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو اٿو ته آرٽ جي هن شاخ ۾ مهارت رکندڙ فنڪارن جي سنڌ ۾ گهڻي کوٽ آهي. اهو فن يا ته شاگردن کي سيکاريو ئي نٿو وڃي ۽ يا ته خود آرٽسٽن ۾ اهڙي فن جي دلچسپي ڪانهي. سنڌ ۾ آرٽ جي هن قسم ۾ جيڪي فنڪار مهارت رکندا هئا يا مهارت رکن ٿا، اُنهن ۾ محترم ع. ق. شيخ، محترم گل محمد کتري، محترم ظفر ڪاظمي، محترم علي اڪبر سومري، محترم ڊاڪٽر محمد علي ڀٽي، منصور عالم ابڙي ۽ علي عباس جا نالا وٺي سگهجن ٿا.

(ب) اِنهن آرٽسٽن کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي سٺا آرٽسٽ موجود آهن، جيڪي وڏيءَ شهرت جا مالڪ آهن. مثال طور:

(1) بيگم غلام علي مرزا (ڊاڪٽر قمرالهان مرزا جي والده) ــــ هيءُ خاتون آرٽسيٽ وهاڻن جي ڇَون، بسترن جي چادرن ۽ سوفا سيٽ جي گادين جي ڪورن تي، گلڪاريءَ ۾ سٺي آرٽسٽ رهي آهي. هاڻ پيريءَ سبب ڪم ڪري ڇڏي ڏنو اٿس.

(2) قاضي خضر حيات ــــ سيرامڪ آرٽ، خطاطيءَ جي فن ۽ ڪوليج ڊزائننگ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو. پنهنجي والد قاضي عبدالحئي (قائل) کان تربيت ورتائين. قاضي عبدالحئي صاحب جو اُستاد ڪير هو، تنهن لاءِ قاضي خضر حيات کي لکڻ کپي. سندس ”سڪندر آرٽ گئلري“ نوابشاهه ۾ مشهور آهي.

(3) نور محمد پٺاڻ ـــ ڊرائنگ امتحانن جو انسپيڪٽر ۽ پنهنجي وقت جو سٺو آرٽسٽ هو.

(4) رشيده بلوچ ـــ محترم ع. ق. شيخ جي نياڻي آهي. پنهنجي والد صاحب کان اهو فن سکيائين. هن وقت خاموش آهي. پهرين زنانه ٽريننگ ڪاليج ۾ آرٽ جي اُستاد هئي، پوءِ حيدرآباد جي زبيري ڪاليج آف هوم ايڪانامڪس ۾ ليڪچرر مقرر ٿي.

(5) شگفته شاهه ــــ عام چترڪاريءَ، گلڪاريءَ ۽ اسڪيچ ڊرائنگ ۾ سٺي آرٽسٽ آهي. پبلڪ اسڪول (گرلز سيڪشن) ۾ اُستاد آهي.

(6) وحيده قاضي ـــ قاضي خضر حيات جي نياڻي آهي. هن اهو فن پنهنجي والد صاحب کان سکيو آهي. اسڪيچ ڊرائنگ ۾ سٺي ڄاڻ اٿس. سنڌ سرڪار جي بلڊنگ کاتي ۾ آرڪيٽيڪٽ انجينئر آهي.

(7) رضوان عمراڻي ـــ لاڙڪاڻي جو مشهور مصور آهي. هن ”مڌر گئلري“ قائم ڪئي آهي. ڪيترن ڪتابن جا ٽائيٽل پڻ ٺاهيا اٿس. ”مارڊردن مِنيئچرس“ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو.

اهڙيءَ طرح راز ناٿنشاهي، ٽيليويزن تي خطاطيءَ ۽ خوشنويسيءَ ۾ نالو ڪڍيو آهي. انور ميمڻ به سٺو آرٽسٽ آهي. لطيف آباد ۾ ڪي نوان سنڌي نوجوان خطاطيءَ واري فن ۾ لطيف سائينءَ جا بيت لکن ٿا. محمد عيسيٰ ملاح به سٺو آرٽسٽ هو، جنهن ڪجهه عرصي لاءِ سنڌالاجيءَ ۾ به آرٽسٽ طور ڪم ڪيو هو.

ميرپورخاص ۾ اُستاد لال محمد پٺاڻ به سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ خاص ڪري ”صحراءِ ٿر“جي مختلف منظر ٺاهڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ وڏي عزت ۽ مڃتا ماڻي اٿس. ”آئل نائيف پينٽنگ“ سندس پسنديده ميڊيم آهي.

هڪ وڏي عرصي کان وٺي آمريڪا ۾ مقيم زاهد دارا ”تجريدي آرٽ“ ۾ هڪ خاص مهارت رکي ٿو. پبلڪ اسڪول ۾ شاگردي دوران، محترم ع. ق. شيخ کان رهبري حاصل ڪيائين. 1987ع ڌاري سندس فنپارن جي نماءُ جي افتتاح به شيخ صاحب ڪيو. شيخ اياز جي شاعريءَ تي سندس ڪيل ڪم مثالي حيثيت رکي ٿو. سندس ٺاهيل ’ڪور ٽائيٽل’ مڃتا ماڻي چڪا آهن، جن ۾ بيبي نورالهديٰ شاهه جا ڪتاب ”رڻ ۽ رُڃ جو اتهاس“ ۽ ”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ“ ۽ ٻيا شامل آهن.

تاريخ 23 مئي 2002ع کان سنڌالاجيءَ ۾ هفتي لاءِ سنڌ جي ناميارن مصورن جي مصوريءَ جي نمائش ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ هيٺين فنڪارن حصو ورتو هو. طارق عالم ابڙو، جعفر حسين، پرويز، رضوان، عبدالله، آغا نادر، سعيد منگي، شوڪت کوکر، عاشق ٻٻر، شهه ديو، سلطان چانڊيو، منظور منگي ۽ فياض هڪڙو. هن نمائش جي افتتاح واري تقرير ۾ ڊاڪٽر محمد علي ڀٽيءَ چيو ته: ”هر آرٽسٽ جو پنهنجو منفرد انداز آهي، جيڪو هر ڏسندڙ تي گهرو اثر ڇڏي ٿو.“

(ت) سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ جڏهن ”سنڌي لنگئافون“ پروجيڪٽ جي ”ورڪ بڪ“ ۾ اسڪيچن جي شامل ڪرڻ جي سلسلي ۾ گهربل آرٽسٽ جي ڳولها شروع ڪئي وئي، تڏهن فقط ”علي اڪبر سومرو“ ئي هڪ اهڙو آرٽسٽ نظر آيو، جيڪو ”ورڪ بڪ“ لاءِ گهربل اسڪيچ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. علي اڪبر، ورڪ بڪ لاءِ 1998ع تائين سڀ اسڪيچ تيار ڪري ورتا ۽ 1999ع ڌاري هي جهان ڇڏي ويو، اُن وقت جڏهن”اينسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ لاءِ اسڪيچن ۽ ٻئي مواد ٺاهڻ جي، اسان کي سندس ضرورت هئي.

(ث) اٿارٽيءَ جڏهن (سال 1999ع ۾) ٻارن جي ادب جو شعبو شروع ڪيو ۽ ٻارن لاءِ ڪتاب تيار ٿيڻ لڳا تڏهن وري به اسان کي اهڙي آرٽسٽ جي ڳولا هئي، جيڪو ٻارن جي ڪتابن لاءِ اسڪيچ ٺاهي سگهي. ڪافي ڳولا کان پوءِ ”علوي حسين، نالي اهڙو آرٽسٽ هٿ آيو، جيڪو ٻارن جي ڪتابن لاءِ معياري ”خاڪا“ ٺاهي ٿي سگهيو، جيتوڻيڪ هو لاچاري حالت ۾ سنيمائن جا بورڊ ٺاهيندو هو. علي حسين اٿارٽيءَ کي ٻارن جي پنجن ڪتابن ۽ ”اينسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ جي پهرئين جلد لاءِ خاڪا ۽ تصويرون ٺاهي ڏنيون.

(ج) مون کي ان سلسلي ۾ اوپن يونيورسٽيءَ ۾ اسڪيچن جي ٺهرائڻ جو وڏو تجربو رهيو آهي. اوپن يونيورسٽيءَ ۾ نه فقط درسي ڪتابن لاءِ ”اسڪيچ آرٽسٽ“ جي هر وقت ضرورت ٿيندي هئي پر خواندگيءَ لاءِ مواد تيار ڪرڻ ۽ ٽيلويزن تي سکيا واري مواد جي تياريءَ لاءِ پڻ اسڪيچن جي ضرورت ٿيندي هئي. اوپن يونيورسٽيءَ ۾، هن سلسلي جو هڪ مڪمل شعبو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جا سٺا ۽ چونڊ اسڪيچ آرٽسٽ، چترڪار، خطاط ۽ خوش نويس ڳولهي مقرر ڪيا ويا هئا. اوپن يونيورسٽيءَ جي هن شبعي ۾ جدا جدا شاخون آهن، جن ۾ خوشنويسيءَ، خطاطيءَ ۽ ڪتابت کان سواءِ مصوري، اسڪيچ ڊرائنگ، ماڊل ميڪنگ، فوٽو گرافي ۽ گرافڪ ڊزائننگ جا ڀاڱا به آهن. هر ڀاڱي جو ڌار سربراهه آهي. سڄي شعبي جو سربراهه هارون شيخ آهي. ان جي هٿ هيٺ مختلف ماهر ڪم ڪن ٿا، جن ۾ بخاري صاحب، عاشق، ماريا، شهناز، جاويد شيخ، سڪندر، ذاڪر ۽ ٻيا به آرٽسٽ آهن، جن جا نالا هينئر ذهن تي نٿا اچن. اوپن يونيورسٽيءَ جي پبليڪيشن شعبي ۾ پاڪستان جو هڪ مشهور خوش نويس ۽ خطاط، جنهن جو نالو غالباً يوسفي آهي. هن صاحب کان سواءِ هڪ ٻي ماهر چترڪار، اسڪيچ آرٽسٽ ۽ مصور به هوندي هئي. جنهن جو نالو ”گيتي آرا“ هو، جيڪا شادي ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجي مڙس سان گڏ آمريڪا هلي وئي.

(ر) منهنجي خيال ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي به فائين آرٽس جي بي. اي. ۽ ايم. اي ڪورسن لاءِ، پنهنجي نصاب ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي. هاڻ ته ڪمپيوٽر تي گرافڪ ڊزائنگ ۽ ٽيڪسٽائيل ڊزائننگ جهڙا ڪم ٿين ٿا. انهيءَ ڪري نئشنل ڪاليج آف آرٽس مان ڪنهن ماهر اُستاد کي گهرائي، اُن جي مدد سان نصاب ۾ مناسب تبديلي آڻڻ گهرجي. هاڻ صرف مصوريءَ جي سکيا سان بيروزگار آرٽسٽ پيدا ٿيندا!

15 ـــ (الف) محترمه بينظير ڀٽو جي پهرئين دور ۾، تڏهوڪي وفاقي وزير تعليم، سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب جي دلچسپيءَ سان، سنڌ لاءِ ”فيڊرل ڪاليج آف آرٽس ۽ ڊزائننگ“ جي اسڪيم منظور ڪئي وئي، ۽ فيصلو ڪيو ويو ته اهو ڪاليج ڄام شوري ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سهڪار سان ڪم ڪري، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ سان ملحق هجي.

(ب) 1992ع ۾ تڏهوڪي وائيس چانسيلر محترم ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه جي سفارش تي مون کي انهيءَ اسڪيم جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. پيپلس پارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿيندي ئي، وفاقي وزارت تعليم فيصلو ڪيو ته اِهو ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ پنهنجي بجيٽ مان پاڻ سنڀالي ۽ اُن لاءِ وفاقي حڪومت ڪابه الڳ گرانٽ ڪانه ڏيندي. وزارت تعليم جي پلاننگ ونگ جي ايجوڪيشنل ائڊوائيزر، محترم محمد منير، جنهن سان منهنجا تمام سٺا ۽ دوستاڻا ناتا هئا، تنهن هن کي اسلام آباد سڏايو ۽ هن ڪاليج هجي مستقبل جي سلسلي ۾ مون سان مشورو ڪيو. نيٺ اهو فيصلو ٿيو ته اهو ڪاليج، وفاقي وزارت تعليم جي هڪ ڌار پروجيڪٽ جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي حصي طور ڪم ڪندو.

(ت) 21 جون ــــ 1993ع کان 27 ـــ جولاءِ 1995ع تائين آءٌ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ٿي رهيس. انهيءَ عرصي دوران، مون مذڪوره ڪاليج جي PC-1 ۾ مناسب ترميمن ۽ اضافن سان اُن ڪاليج جو جامع ۽ مڪمل ڊرافٽ تيار ڪرايو. منهنجي تحرڪ تي تدريسي گهرجن تي محترمه مسرت مرزا نظر وڌي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس ڪنسلٽنٽ، ڪاليج جي ڪئمپس جون ڊرائنگون تيار ڪيون. ڪاليج لاءِ گهربل زمين جي سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي وچ ۾ جيڪو تڪرار هو، اُن تڪرار کي، ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه، گورنر صاحب جي ائڊوائيزر محترم جي. ڊي. ميمڻ جي مدد سان حل ڪرائي.اُن وقت جي گورنر سنڌ عاليجناب محمود هارون جي هٿان ڪئمپس جو سنگ بنياد رکرايو. ڪئمپس جو اهو بنياد، ڄامشوري واري ٽول پلازا جي سامهون، ڏکڻ ـــ اوڀر واريءَ ٽڪريءَ جي پيرانديءَ ۾، ٽول پلازا جي سامهون رکرايو ويو.

(ث) منهنجي دؤر ۾، يونيورسٽيءَ جي ڪنسلٽنٽ، ميشرس ظهير الدين ائنڊ ڪمپنيءَ، هن ڪئمپس جي عمارتن لاءِ جيڪي نقشا ٺاهيا هئا. اُنهن ۾ ڪاليج ڪئمپس جون اهي عمارتون حيدرآباد جي ”پُراڻي مَنگهن واري شهر“ جو ڄڻ ته نئون جنم ٿي نظر آيون. ظهير الدين ائنڊ ڪمپنيءَ جي مالڪ احمد پٺاڻ هڪ ڪئمپس کي ‘Revival of the city of wind catchers’ نالو ڏنو، ته وري سندس ساٿي انجينئرن هن ڪئمپس کي ‘Re-incarnation of the city of wind catchers’ نالو ڏنو هو.

(ج) جڏهن ڪاليج جي بورڊ آف گورنرس جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت تڏهوڪي وزير تعليم سيد خورشيد احمد شاهه ڪئي، تڏهن شاهه صاحب، ڪئمپس جي نقشن جون ڊرائنگون ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هو. هن مون کي ۽ احمد پٺاڻ کي مبارڪون ڏنيون. اُن ميٽنگ ۾ نقشا ۽ PC-1 منظور ڪيا ويا.

(ر) 28 ـــ جولاءِ 1995ع تي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان منهنجي وڃڻ کان پوءِ، نئين وائيس چانسيلر ۽ ڪنسلٽنٽ جي وچ ۾ ڪن فني ڳالهين تان نااتفاقيءَ سبب هن ڪاليج ڪئمپس لاءِ ڪنسلٽنٽ بدلايو ويو. نين ڪنسلٽنٽ اڳوڻين منطور ڪيل ڊرائنگن کي بدلائي، نيون ڊرائنگون ٺاهيون. عمارتن جي تعيمر لاءِ ٽينڊر طلب ڪيا ويا، ۽ ٺيڪيدار کي ڪم ڏنو ويو. انهيءَ فيصلي کي به ست ـــ اٺ سال گذري چڪا آهن. آءٌ، ڪراچيءَ ويندي يا ڪراچيءَ کان موٽندي جڏهن انهيءَ ڪئمپس (جنهن جو اڃا يعني 2002ع تائين پهريون مرحلو به مڪمل نه ٿيو آهي)، جي سامهون لنگهندو آهيان، تڏهن محسوس ڪندو آهيان ته اسين (سنڌ جا ماڻهو) سُٺن ۽ نون خيالن جي مخالفت ۾ هميشه ماهر آهيون، نه ته فقط اهو ڪئمپس احمد پٺاڻ جي ٺاهيل مثالي نقش موجب ڪڏهوڪو تعميرٿي وڃي ها، پر هن ايندڙ ويندڙ ۽ ڏسندڙ ڪئمپس جي اڏاوت تي اچرج ۾ پئجي وڃي ها. هاڻ هن ڪئمپس جي موجوده عمارتن ۾ ڪابه نواڻ ۽ ڪابه جاذبيت نظر نٿي اچي.

16 ـــ (الف) ڊاڪٽر نظير احمد مغل صاحب جي پوين ڏينهن ۾، حيدرآباد شهر جي سنڌ يونيورسٽيءَ واريءَ عمارت ”ميٺارام هاسٽل“ ۾، ”فيڊرل ڪاليج آف آرٽس“ پنهنجو تدريسي ڪم شروع ڪيو، ۽ پروفيسر علي نواز ڦلپوٽي صاحب کي اُن ڪاليج جي پرنسپال مقرر ڪيو ويو. پهرئين سال ۾ ته ڪافي شاگرد داخل به ٿيا. ڦلپوٽي صاحب ڏاڍي گرمجوشيءَ سان تدرسي ڪم جي شروعات ڪئي.

(ب) ڊاڪٽر نظير احمد صاحب به پنهنجو وارو وڄائي ويو، ۽ ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه وري ٻيو دفعو جولاءِ 1999ع ۾ وائيس چانسيلر مقرر ٿي آيو. هن دفعي شاهه صاحب پنهنجا چار سال پورا ڪري نه سگهيو ۽ غالباً ٻه سال رهيو ۽ پوءِ موڪل تي هليو ويو. شاهه صاحب سندس عهدي جي ٻئي سال، يعني سال 2000ع ۾، انهيءَ ڪاليج جو انتظام مهراڻ يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو. اُهو فيصلو ڪنهن ڪيو، پر جنهن به ڪيو تنهن سٺو فيصلو نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته مهراڻ يونيورسٽيءَ جو هن ڪاليج جي تدريسي پروگرام سان ڪوبه واسطو ڪونهي. ڪاليج جي ڪئمپس جو ڪم اڃا هلندڙ آهي. ڪڏهن ختم ٿيندو، اُهو منتظمين ئي ٻڌائي سگهندا. جنهن شوق ۽ جذبي سان محترمه بينظير ڀٽو ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب، هن ڪاليج جي قيام لاءِ اِها اسڪيم منظور ڪئي هئي، اُن لاءِ ڇا بيان ڪجي؟ اهو جوش ۽ جذبو ڪئمپس تي اڃا تائين نظر نٿو اچي.

(ت) فيڊرل ڪاليج آف آرٽس ائنڊ ڊزائننگ ۾ مستقبل ۾ سنڌ لاءِ سٺن آرٽسٽن جي پيدا ٿيڻ جون وڏيون اُميدون آهن. هن ڪاليج ۾ نه فقط سنڌ پر پاڪستان جي ٻين صوبن جي شاگردن جي داخلائن لاءِ به گنجائش رکيل آهي. ڪراچيءَ ۾ ته آرٽ جي سکيا لاءِ وڏا وڏا ادارا قائم ڪيا ويا آهن، پر اسان جون اُميدون ته فقط سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائين آرٽس ڊپارٽمينٽ ۽ مذڪوره فيڊرل ڪاليج آف آرٽس ائنڊ ڊزائننگ ۾ کتل آهن. اُميد آهي ته اُنهن ادارن مان ع. ق. شيخ، ظفر ڪاظميءَ، مسرت مرزا، عبدالرحيم ناگوري، گل محمد کتري، لال محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر محمد علي ڀٽيءَ ۽ خدا بخش ابڙي جي معيار جا آرٽسٽ پيدا ٿي نڪرندا، جنهن لاءِ سيد غلام مصطفيٰ شاهه هڪ خواب ڏٺو هو.

 

حوالا

1. Allana, G. A. Dr. Art of Sind, Islamabad, National Institute of Folk Heritage, 1987.

2. Ahmend Hassan Dani, Dr. Human Recordings on Karakorum Highway, Islamabad, 1983.

3. Mortimer Wheeler,Sir, the Indus Civilizaion, third editon, Cambridge, University Press, 1968, pp-94, & 95.

4. Jonathan Mark Kanoyer, Dr.,the Ancient Cities of Indus Valley Civilization, American Instutute of Pakistan Studies, Oxford 1998, p-14.

5. Khan, F. A., Dr. Excavations of Bhambore.

6. Ibid.

7. Shaikh Khurshid Hassan, Paintings in Muslim Sind.

8. مير علي شير قانع: تحفة الڪرام، بتصحيح و حواشي، سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد ، سنڌ ادبي بورد.

9. مرزا گل حسن ڪربلائي: مقالو، ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما، مهراڻ جون موجون.

10. پير حسام الدين شاهه راشدي: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 417.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com