سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :12

 محمد ابراهيم جويو

سڦل زندگي

عزيزو، ساٿيو، بزرگو،! ڪنهن جو ڪير عزيز آهي، ڪير ڪنهن جو ساٿي آهي، ۽ ڪير ڪنهن لاءِ بزرگ آهي، ان ڳالهه جي جيڪڏهن گهڻي اُکيل بيهي ڪبي، ته ڪٿي ڪو شايد بيهڻ به ڪو ڏيندو. اسين پوري اعتماد سان دعوا ڪريون ٿا ته اسين هڪٻئي جا عزيز آهيون، هڪٻئي جا ساٿي آهيون، ۽ بزرگ ته اسان مان هرڪو پاڻ کي سمجهي ئي ٿو، ۽ هن پوئينءَ ڳالهه ۾ يعني بزرگ بنجڻ ۽ بزرگيءَ کي قائم رکڻ ۾، اسين ايترا ته تيز ۽ پختا آهيون،  جو هڪڙن کي ٿيلهو ڏيئي، ٻين تي ڪيرائي، انهن جي مٿان بيهي اوچا بنجون ٿا، ۽ هڪڙن کي روڪي ۽  ٻين کي پوئتي اڇلائي، اڳتي وڌون ٿا، ۽ اُن پنهنجي عمل سان ثابت ڪريون ٿا ته حقيقت ۾ اسين هڪٻئي جا عزيز ناهيون، هڪٻئي جا ساٿي ناهيون، بلڪ هڪٻئي جا مخالف ۽ رقيب آهيون، اهڙيءَ منافقت ۽ اهڙي وٺ وٺان ۽ مخاصمت کي زندگيءَ جي ڪشمڪش ۽ زندگيءَ جي جدوجهد جو نالو ڏيئي، پنهنجي ضمير کي پرڀايون ٿا ۽ ان کي تسڪين ڏيون ، بهرحال، اڄ اسين هتي هڪڙي مقصد تي متفق ٿي ۽ هڪڙيءَ ڳالهه ۾ همخيال بنجي، گڏ ٿيا آهيون، مقصد جو اتفاق ۽ همخيال عزازت، يعني پيار ۽ محبت، جا ۽ پڻ ساٿ جا نشان آهن، ۽ جيڪي ماڻهو مقصد تي اتفاق ڪن ٿا ۽ ڪنهن ڳالهه ۾ همخيال بنجن ٿا، اهي هڪ ٻئي ۾ بزرگي به ڏسن ٿا ۽ اُن سان پاڻ به بزرگ بنجن ٿا

 انهي ڪري منهنجا عزيزو، ساٿيو ۽ بزرگو، اسين اڄ جنهن مقصد تي متفق ٿي ۽ هڪڙي ڳالهه ۾ همخيال بنجي، هتي گڏ ٿيا آهيون، سان پاڻ کي سمجهڻ گهرجي. ۽ اُها هيءُ آهي ته پنهنجي پنهنجي هڪ عزيز، ساٿي ۽ بزرگ، گرامي مرحوم، جي اوچي ۽ بي وقتي موت تي گڏجي افسوس جا هٿ مهٽيون، اسان جي اکين ۾ ڪي ڳوڙها هجن ته اُهي ڳاڙيون ۽ پنهنجي من ۾ جهاتي پائي ڏسون ته گرامي مرحوم جي سلسلي ۾ پاڻ سان انصاف ڪرڻ ۾ اسان کان ڪا ڪوتاهي ٿي ويئي، هجي ، ته ان جو ڪو پڇتاءُ ڪريون ۽ ٿي سگهي ان جو ڪو ازالو ڪريون، اسان جي هن افسوس مان، ڳوڙهن مان ۽ پڇتاءَ مان ڪو گرامي مرحوم کي نفعو ڪو نه ٿيندو، ۽ نه ئي اسين شايد ائين ڪرڻ چاهيون ئي ٿا، ڇو ته هُن جي جيئري ئي هُن کي اسين ڪو خاص نفعو ڏيئي نه سگهياسين، ايتري قدر جو اڄ هن جي مُئي کان پوءِ به ڪيترائي جيئرا ’گرامي‘ ويٺا آهن، جي اسان کي چئي رهيا آهن ته ”جيڪي مُئي ڪندا، سو چالب ڪِجا جيئري!“ پر اڄ اسين انهن لاءِ به ڪجهه نٿا ڪري سگهون، ۽ نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون! پر اڄ افسوس جي هٿن مهٽڻ، ڳوڙهن ڳاڙڻ ۽ ڪجهه پڇتاءَ ڪرڻ لاءِ هتي خاص پنهنجي نفعي خاطر گڏ ٿيا آهيون، ڪجهه لوڪ لڄا، ڪا لوڪ پسند ۽ ڪجهه پنهنجي من جو پرچاءُ ئي اسان کي ملحوظ خاطر آهن. ۽ ان ۾ ڪو اهم به ڪونهي، ڇو ته لوڪ لڇا لوڪ پسند ۽ پنهنجي من جي پرچاءَ خاطر ئي ڪو چڱو ڪم ٿئي،. ته اِها به وڏي ڳالهه آهي؛ بلڪ اڪثر حالتن ۾ چڱا ڪم ٿين ئي انهيءَ لوڪ لڄا، لوڪ پسند ۽ پنهنجي من جي پرچاءَ ڪري ٿا.

پر افسوس، جو اهو جذبو اسين گرامي مرحوم جي جيئري ڏيکاري نه سگهياسين، ۽ پاڻ کي هڪ وڏي نفعي کان محروم رکيوسين. اڄ اسين چئون ٿا ته هو وڏو عالم ۽ اديب هو. پر آءُ چئي سگهان ٿو ته هو وڏو عالم ۽ اديب ڪو نه هو، ڇو ته جيڪڏهن هو، ته ڪٿي آهن هن جا ڪتاب؟ ڪو نئين نسل جو اسان جو ساٿي يا اسان مان ئي ڪو، اسان جي اِها ڳالهه ٻڌي يا اخبار ۾ پڙهي، ڪنهن ڪتب فروش کان وڃي گرامي مرحوم جو ڪو ڪتاب گهري، ته هن کي گرامي جو ڪو ڪتاب سڄي سنڌ ۾ ڪٿان ملندو؟ اسين چئون ٿا ته گرامي مرحوم وڏو شاعر هو. آءُ چئي سگهان ٿو ته هو وڏو شاعر ڪو نه هو. ڪتابن جي ڳالهه ڪري آيس، پر گرامي مرحوم جو ڪو غزل، ڪو گيت، ڪا ڪافي به ڪڏهن ڪٿي ڪنهن ڳائڻي کان يا ڪٿي ڪنهن رڪارڊ تي ڳائجندي يا وڄندي ڪنهن ٻڌي؟ ۽ اسان وٽ سنڌ ۾ ڇاڇا نه ڪتاب پيا ڇپجن، ڇاڇا نه شاعر پيا ڳائجن! اسين چئون ٿا ته هاڻي گرامي مرحوم جا ڪتاب به ڇاپينداسين، گيت به ڳارائينداسين، يادگار نمبر به ڪڍنداسين، ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌ جي بادشاهه غلام شاهه جي مقبري م هن جي قبر کي به پڪو ڪنداسين!قبر کي پڪو ڪرايون يا نه، بلڪ ڪنهن جي قبر ڪٿي ڪجي به يا نه، ان جو مُئي کي ته ٺهيو، پر اسان جيئرن کي به ڪهڙو سود؟ سوال آهي ته گراميءَ ۾ جيڪو جوهر هو ۽ جيڪا صلاحيت هئي، ان کي اسين پورو ڪم آڻي سگهياسين يا نه؟ هُن ۾ جيڪا روشنيءَ جي لاٽ هئي، اها هن جي جيئري ٻري به سگهي يا نه، ۽ پوري جلوي ۽ تاب سان ٻرندي رهي يا نه ۽ هاڻي، جو اسان وٽ هو ڪونهي، ۽ ان سندس صلاحيت کان اسين محروم ٿي وياسين، ۽ اها سندس لاٽ اجهامي ويئي، تڏهن هن جي جيئري جو ڪجهه اسين هن کان بهرحال حاصل ڪري سگهياسين ۽ جا ڪجهه روشنائي هن جي لاٽ مان اسان کي ملي سگهي، اها سڄي ڪجهه املهه امانت چونڊجي چپوٽي ۽ ڳولي ڦولهي گڏ ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ لاءِ اڄ به اسين تيار آهيون يا نه؟ ۽ جي هائو ته ڪيري قدر تيار آهيون؟

عزيزو، ساٿيون، حقيقت هيءَ آهي ته هيءُ معاشرو، جنهن ۾ اسين رهون ٿا، اهو جيئن اڳي تئين اڄ به، هڪ مراعاتي معاشرو آهي، يعني ان ۾ ماڻهن جو هڪ حصو وڏي منصب تي آهي ۽ سُک ۽ سهولت جو صاحب آهي، ۽ ماڻهن جو باقي وڏو حصو محتاج ۽ محروم آهي ۽ اهو ئي اُن پهرئين مختصر ۽ منصبدار حصي لاءِ ڳهي ٿو. ماڻهن جي اُن وڏي ڳهندڙ حصي ۾ جسماني پورهيت به آهن ۽ ذهني پورهيت به آهن، گرامي به انسانن جي اُن ڳهندڙ حصي جو هڪ فرد هو. جيستائين هو جيئرو هو، تيستائين اسان جي معاشري جي منصبدار حصي هن کي فقط پنهنجي فائدي لاءِ، پنهنجي محفل جي رونق طور ۽ پنهنجي منصب جي هڪ ادنيٰ محافظ ۽ خدمتگذار طور ڪتب آندو، ۽ هو جو ڪجهه خود پنهنجي ڳهندڙ ساٿي اڪثريت لاءِ لکي سگهيو ٿي يا سوچي سگهيو ٿي، يا جو ڪجهه واقعي هو ان لاءِ سوچي سگهيو ۽ لکي سگهيو، اُن کي معاشري جو اُهو مختصر منصبدارحصو، نه هن جي جيئري ۽ نه هاڻي هن جي مئي کان پوءِ ئي، منظر عام تي اچڻ جو آسانيءَ سان ڪو موقعو ڏيندو، رسالن ۽ اخبارن ۾ آيل هن جي لکيتن کان سواءِ هُن جون ٻيون لکيتون گڏ به ٿين ۽ شايع به ٿين، پر اُنهن کي انهيءَ نقطي نگاهه کان، مذهب توڙي سياست جي نالي ۾، ضرور ڦولهياريو ويندو ته اُنهن ۾ اهڙي ته ڪا چيز ڪانهي، جنهن ما منصبدار طبقي ۽اُن جي منصب ۽ مراعاتي اڊمبر ۽ ڍانچي کي ڪو ڌڪ لڳي پوي يا ڪو ڇيهو رسي سگهي!

عزيزو، چڱن کي ياد ڪبو آهي ۽ چڱن جي چڱاين کي ياد ڪبو آهي، انسان پنهنجي سک ۽ سلامتي لاءِ، جو معاشرو ايجاد ڪيو، اُن لاءِ هن چڱائي جي هڪ ئي ڪسوٽي ٺاهي ۽اُها آخر تائين قائم رهڻي آهي، ۽ اُها آهي ”گهڻن جو ڀلو.“ ۽ جنهن ۾ گهڻن جو ڀلو، ۽ جنهن ۾ گهڻن کان گهڻن جو ڀلو، سا چڱي شيءَ آهي. جيڪو گهڻن جو ڀلو چاهي ٿو ۽ پنهنجي ڀلي کان به پهرين، بلڪ پنهنجو ڀلو ڇڏي، ڏک سهي به، ٻين جو ڀلو ڪري ٿو. اُهو ئي چڱو آهي. ادب ۽ علم به اهو چڱو آهي، جيڪو ان ڪسوٽيءَ تي پورو ٿو بيهي، يعني جيڪو انسان لاءِ انسان جي انهيءَ چڱائي جي جذبي کي اُڀاري ٿو. گرامي مرحوم، ادب ۽ علم جي دائري ۾ خاص طور ان چڱي ڪم جو اهل هو، ۽ ان چڱي ڪم ۾ هو اسان جو ساٿي هو ۽ اسان جو بزرگ هو. اسان کي گرامي مرحوم جي زندگيءَ ۽ ڪردار ۾ اهائي چڱائي ڳولڻ گهرجي ۽ ڳولي عام ڪرڻ گهرجي، جذبن ۾، خيالن ۾ ۽ پڻ علم ۾، اسين جيڪي گرامي مرحوم کان پوئتي اڃا رهيل آهيون، ڪي هِتي ويٺا آهيون ۽ ڪي سڄي معاشري ۾ هِتي هُتي موجود آهن، تن کي به انهيءَ ئي چڱائيءَ جي ڳولڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ عزازت، يعني پيار ۽ محبت، جا رشتا قائم ڪرڻ گهرجن، هڪٻئي جو ساٿي بنجڻ گهرجي، ۽ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ۽ ان چڱائيءَ جي ڳولا ۽ تعمير ۾ ئي پنهنجي ۽ ٻين جي بزرگيءَ جا اسباب پيدا ڪرڻ گهرجن.

عزيزو، زندگي مختصر آهي. اها پاڻ لاءِ جيِ گذارجي، يا ٻين لاءِ جيِ گذارجي بهرحال گذري ويندي. پر اها جا رڳو پاڻ لاءِ جيئندي گذري ٿي، سا نيٺ به ته ڪهڙي ڪم جي؟ آهي، نه آهي؛ هئي، نه هئي، ڳالهه ساڳي. پر زندگي، چڱي زندگي، اهائي آهي، جا سڦل گذري، جا ٻين لاءِ جيئندي گذري، ڪجهه ته معاشري کي بهتر بنائي وڃجي! اسين اڄ معاشري ۾ جن سهوليتن ۽ چڱاين جا وارث آهيون ۽ جيتريقدر انهن مان اسان کي سک ۽سلامتي ملي رهي آهي، اُهي به اسان جا اڳيان اهڙين سڦل زندگين گذارڻ سان اسان لاءِ موجود ڪري ويا آهن. گرامي مرحوم جي زندگي به اُنهن سڦل زندگين مان هڪ سڦل زندگي هئي. اسين اسان کان وڇڙي ويل پنهنجي هن عزيز، ساٿي ۽ بزرگ کي سلام ڪريون ٿا، چڱائي جي ان ساڳئي انساني شاهراهه تي هلندي رهڻ جو واعدو ڪريون ٿا.

عزيزو، اوهان جي مهرباني، جو اوهان مون کي ڌيان سان ٻڌو، وري به اوهان جي مهرباني.

(سنڌي ادبي بورڊ طرفان گرامي صاحب جي ياد

۾ سڏايل تعزيتي جلسي ۾ پڙهيل مضمون)

*

واڄٽ ويراڳين جا، مون وٽ وڏي وٿ،
سون سڀوئي سڱيون، پسي ڪين مَ ڪٿ،
ويساهي ويل ڪنهين، پورڀ ويندو پٿ،
حل ڪيائون هٿ، آءُ نه جيئندي اُن ري.
صبح سڱڙيون کڻي، ويا وڄائي وير،
 ڏوريان ڏوريان نه لهان، تن بيراڳين بهير،
جن جي آسڻ منجهه عنبير، آءُ نه جيئندي اُن ري.
روهه راماڻا ڪن، اڄ پڻ هَلَڻ هاريوُن،
ڪرڳل ڪُونجِڙين، رائي ۾ رات ڪئو.
سرَها ڏٺم سٻي، جن جي ساڃاءِ سراڻِڻ سين،
تيغ تنِي جي کي، ڪٽُ نه لڳي ڪڏهين

(شاهه)

ڊاڪٽر غلام علي الانا

ڪجهه حقيقتون

جناب مخدوم زاده صاحب، سائين نور احمد صاحب، رباني صاحب، منهنجا دوستو ۽ بزرگو. مون کي حڪم ٿيو آهي ته آءُ به گرامي صاحب جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هن گڏجانيءَ ۾ ڪجهه عرض ڪريان. گرامي صاحب تي ڇا ڳالهائجي؟ سندس فن تي ڳالهائجي، مهراڻ رسالي تي ڳالهائجي، سندس ايڊيٽوريل تي ڳالهائجي. آءُ سمجهان ٿو ته ان زباني تقرير کان بهتر ٿيندو ته ڌار ڌار نقطا کڻي، اهي مختلف ماڻهن کي ڏيئي، گرامي صاحب تي لکرائجي ۽ ائين ڪرڻ سان سندس فن جي ۽گرامي صاحب جي صحيح معنيٰ ۾ خدمت ڪري سگهبي. حضرات! گرامي صاحب جي باري ۾ ۽ سندس دوستيءَ جي باري ۾ ماڻهو گهڻو ڪجهه ڳالهائي سگهي ٿو. ٽريننگ ڪاليج ۾ 1953ع ۾ جڏهن آءُ استاد مقرر ٿيس، تڏهن گرامي صاحب به اتي اڳي ئي موجود هو. سندس نگراني، سندس رهبريءَ ۽ سندس استاديءَ جو مون تي به اثر ٿيو. مطالعي جي لاءِ مون کي ڪافي ڪتاب واري واري سان ڏيندا هئا.

هي سڀ ڳالهيون هڪ پاسي آهن. ايوب خان واري مارشل لا جي زماني ۾، سنڌي زبان سوسائٽي ٺهي. سنڌي زبان سوسائٽيءَ جيڪو ڪم ڪيو، يا سنڌي زبان سوسائٽي جيڪا هلچل هلائي، ان جو جيڪڏهن ذڪر ڪجي ته گهڻو وقت لڳي ويندو. ڪن ٿورن ماڻهن کي اها خبر آهي ته اها هڪ تحريڪ هئي. جڏهن ايوب خان جي زماني ۾ ايڊيو ڪيشن پاليسي ظاهر ٿي، جنهن کي ’شريف ايڊيوڪيشن پاليسي‘ سڏيو ويندو هو. سنڌ ۾ پهريائين ته اخبارن ان جي سارهه ۾ ايڊيٽوريل لکيا. ان جون ساراهون ڪيون. تنهن کان پوءِ ان کي جڏهن وري پڙهيو ويو، تڏهن سنڌ ۾ ان جي خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ سنڌي زبان سوسائٽي ٺاهي ويئي.اسان جا جيڪي داناءُ هئا، تن انهيءَ ميدان ۾ اسان جي پس پرده رهبري ڪئي. انهن مان ڪي بزرگ اڄ حاضر آهن؛ نالا کڻڻ جي ضرورت ڪانهي. انهن کي خبر آهي ته ڪهڙي طريقي سان سنڌي زبان سوسائٽي، شريف تعليمي پاليسيءَ خلاف ڪم ڪيو ۽ تحريڪ هلائي. هن سوسائٽي جي  ٺاهڻ ۽ هم خيال ماڻهن جي گڏجاڻيءَ لاءِ ان وقت ڪو به صاحب ڪا جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. نيٺ مرحوم مخدوم امير احمد صاحب همت ڪري، سنڌ اورينٽل ڪاليج ۾ ميٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏني. ان ميٽنگ ۾ مخدوم صاحب کي صدر ۽ مقبول ڀٽي مرحوم کي سوسائٽي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، ٻي گڏجاڻي مرحوم سيد علي اڪبر شاهه جي دعوت تي جامعه عربيه ۾ ٿي. ترت سوسائٽيءَ جي ميمبرن مقبول ڀٽي جي جاءِ تي مون کي سيڪريٽري مقرر ڪيو. انهيءَ کان پوءَ (جيڪي نوجوان ويٺا آهن، انهن کي شايد اها ذهن ۾ به نه هوندي) جڏهن انهيءَ سوسائٽي جي مدد سان ايوب خان کي تارن ۽ ڪارڊن موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، تڏهن اسان جي همدردن اسان کي مفت ۾ ڪارڊ ڇپي ڏنا. پوِءِ انهن ڪارڊن تي صحيحن وٺڻ جي مهم هلائي ويئي. هن مهم ۾ ڪير ڪير شامل هئا، ڪنهن جون جيپون ڪم آنديون ويون هيون ۽ اونداهين راتين ۾ اهي جيپون ڪٿي ڪٿي هليون، تنهن جي گهڻن کي خبر ئي ڪانهي. هڪڙو دوست هتي حاضر آهي، ان کي ياد هوندو ته ٽنڊي الهيار مان اهو قافلو صحيحن وٺڻ جي سلسلي ۾ اونداهه رات ۾ هڪ سرڪاري جيپ ۾ ٽنڊي آدم پهتو اها جيپ هڪ انجنيئر جي هئي، اهو انجنيئر دوست هن وقت موجود نه آهي منهنجي خيال ۾ وفات ڪري چڪو آهي. هن مهم ۾ اُن رات مرحوم گرامي صاحب جيپ ۾ موجود هو ۽ ڪارڪنن جي حوصلي افزائي ڪري رهيو هو. ڪارڊن جي انهيءَ مهم سنڌ ۾ زبردست انقلاب اندو، مهراڻ رسالي جي 1962ع واري  پرچي جو مطالعو ڪريو ته اوهان کي معلوم ٿئي ته سنڌي زبان سوسائٽي جي انهيءَ تحريڪ ڪافي جاڳرتا آندي، انهيءَ تحريڪ ۽ ٻوليءَ جي مسئلي ٻچي ٻچي کي ڪيتريقدر سجاڳ ڪيو هو. سنڌي زبان سوسائٽي جي انهيءَ تحريڪ ايوب خن کي مجبور ڪيو ۽ نيٺ ايوب خان سيپٽمبر 1962ع ۾، ايڊيوڪيشن پاليسيءَ وارو سنڌي زبان جي سلسلي ۾ پنهنجو فيصلو واپس ورتو انهيءَ پاليسيءَ ۾ اهو فيصلو ٿيل هوته سنڌي ٻولي فقط ڪلاس ٽئين تائين پڙهائي ويندي ۽ چوٿين ڪلاس کان پوءِ اردو سڄي پاڪستان ۾ مادري زبان طور لازمي پڙهائي ويندي.

جڏهن سنڌ مان لکن جي تعداد ۾ ڇپيل ڪارڊ ڏيپلائي صاحب ويٺو آهي، لکن جي تعداد ۾ ڪارڊ اسان کي ڏيپلائي صاحب مفت ۾ ڇپرائي ڏنا، ايوب خان تائين پهتا ۽ ساڳئي وقت کيس هزارن جي تعداد ۾ تارون پڻ پهتيون، تڏهن اُن وقت جي مرڪزي وزير عزت ماب ڀٽي صاحب جن سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ موڪليو.

ڀٽي صاحب جن سان سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن هڪ وڏي ميڙ ۾ هال اندر ڪافي بحث ڪيو. نيٺ سندن حڪم تي پنجن ڄڻن جو وفد ساڻن سندن سئلون ۾ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي مليو. انهيءَ وفد جو اڳواڻ مرحوم گرامي صاحب هو. سنڌي زبان سوسائٽي جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ مون کي پڻ انهيءَ وفد ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو. تنهن کان پوءِ وفد جيڪو ان وقت جي مرڪزي ايڊيوڪيشن منسٽر سان مليو، انهيءَ جو ليڊر مخدوم امير احمد هو ۽ گرامي صاحب ميمبر هو.

1962ع واري مهراڻ رسالي ۾ مرحوم گرامي صاحب سنڌي زبان سوسائٽيءَ جي انهيءَ تحريڪ جو ذڪر ڪيو آهي. ۽ ان وقت جيڪا هلچل هلي هئي، تنهن جو بيان ڪيو اٿن. اهڙي طرح حيدرآباد جي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر هڪ وفد کي سڏايو. ان وفد ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مرحوم گرامي صاحب، مخدوم امير صاحب ۽ چوٿون ميمبر آءُ هوس. ڊپٽي ڪمشنر اسان کي گهرائي خوب ڌمڪايو. گرامي صاحب جنهن انداز ۾ ساڻس گفتگو ڪئي تنهنن کان هو ايتريقدر ته متاثر ٿيو جو ان جو بيان ڪري نٿو سگهجي.

حاضرين! اوهان کي ياد هوندو ته جڏهن ايوب خان صدر ٿيو هو، تڏهن هن هڪڙي جمهوري ٽرين ۾ سڄي پاڪستان جو سفر ڪيو هو، ۽ ان ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي پاڻ سان گڏ سفر ڪرڻ جي دعوت ڏني هئائين. سنڌ مان گرامي صاحب واپس اچڻ کان پوءِ هڪ ملاقات ۾ مون کي ان سفر جي باري ۾ احوال ٻڌايو، ٿي سگهي ٿو ته ٻين دوستن کي به ٻڌايو هجين، ته ايوب خان هر ماڻهوءَ کي انفرادي طور سڏائيندو هو ۽ انهن سان گفتگو ڪندو هو. گرامي صاحب سان جڏهن  سندس (ايوب خان) گفتگو ٿي، تڏهن پڇيائين ته سنڌ جي ماڻهن جو ڇا حال آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو منهنجي (ايوب خان) جي باري ۾ ڇا ٿا چون ۽ ڇا ٿا سوچين. گرامي صاحب چيو ته مون کيس جواب ڏنو: سنڌ جا ماڻهو سادا ۽ سٻاجها آهن، حليم آهن، صابر آهن، پر هو ته هڪ اسپرنگ مثل آهن. هنن کي توهان جيترو به ويهي دٻائيندا هو پيا دٻبا، ڇو ته قربائتا آهن، ۽ مريادا وارا آهن. هٺيلا نه آهن. پر مڄاڻ جو اهي ڪڇن؛ جيئن اسپرنگ کي اڇل ايندي آهي ۽ مٿس ويٺل يا بيٺل ماڻهو اونڌي منهن وڃي ڪرندو آهي، تيئن سنڌ جو ماڻهو انهيءَ اسپرنگ وانگر آهي،  جنهن  کي توهان قرب ۾ پيا دٻايو، محبت ۾ سر وٺي وڃو، هو دٻبا ويندا، پر جيڪڏهن انهن ۾ اها اڇل اچي ويئي، سندن جوش ۽ جذبي کي للڪاريو ويو ته پوءِ ان کي دٻائڻ وارو سامهون سٽ جهلي نه سگهندو. انهيءَ تي ايوب خان جواب ڏنو ته آءُ سنڌين جي فطرت کان واقف آهيان. اهو اهڙو نقطو هو، جنهن اڳتي هلي ايوب خان کي مڃرايو، ۽ ايوب خان سنڌين جي فطرت کي سمجهي، سنڌي زبان کي اها ساڳي حيثيت ڏني، جنهن جي اها لائق هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com