سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :13

اخبارن ۾ هر روز ريزوليشن پيا اچن ته گرامي اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي. سنڌي ادبي بورڊ کي هيئن ڪرڻ گهرجي، سنڌ سرڪار کي هيئن ڪرڻ کپي، سوال آهي ته اهي دوست، اهي انجمنون، جيڪي انهيءَ قسم جا ٺهراءَ پاس ڪري رهيا آهن ته گرامي اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي، اهي سوچين ته اڪيڊمي سواءِ پئسي جي قائم ٿي سگهندي؟ ادبي بورڊ وٽ ايترو سرمايو ئي نه آهي، يا ڪنهن ٻئي اداري وٽ ايترو پئسو ئي نه آهي جو ڪا اڪيڊمي ٺاهي سگهي. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪڏهن اسان گورنمينٽ تي ڀاڙي ويهنداسين ته اها گرامي اڪيڊمي ٺاهي ته اهو به ناممڪن آهي جيئن جويي صاحب فرمايو آهي ته اسان وٽ ڪئين گرامي آهن آهن، اسان وٽ ڪئين ضرورتمند آهن، ۽ ڪيترائي ماڻهو هن کان اڳ کان جدا ٿي ويا آهن، پوءِ ڪيتريون اڪيڊميون ٺهنديون ۽ گورنمينٽ ڪيترن کي پئسا ڏيندي. گورنمينٽ  اسان کي ڪيتري مدد ڪندي، گورنمينٽ اوهان کي ڪيتريون اڪيڊميون ٺاهي ڏيندي؟ انهن دوستن، انهن انجمنن، جن اهڙا ٺهراءُ پاس ڪيا، جيڪڏهن اهي ماڻهو ۽ اهي ادارا پنهنجي تر ۾، هر فرد کان هڪ رپيو  گڏ ڪن ته جنهن ڳوٺ يا شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ماڻهو هوندا، اهي ماڻهو يا اها انجمن جيڪڏهن ان ڳوٺ مان پنج هزار رپيا گڏ ڪري ته توهين سمجهو ٿا ته گرامي اڪيڊميءَ لاءِ ڪيترو فنڊ گڏ ٿي سگهندو، جيڪڏهن اهي انجمنون گرامي اڪيڊمي لاءِ لک يا ٻه لک رپيا گڏ ڪري گورنمينٽ کي چون ته هي ٻه لک روپيا اسان  گڏ ڪيا آهن، هاڻي توهان گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک رپيا اسان کي ڏيو، تڏهن گرامي اڪيڊمي ٺاهي سگهبي. اسين پنهنجي اهڙن ڪجهه به نه ڏيون، کيسي مان ڪجهه به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون ۽ فقط ٺهراءُ بحال ڪري هليا وڃون ، ته گرامي اڪيڊمي ٺاهيو ته سائين منهنجا گرامي اڪيڊمي ائين نه ٺهندي، ۽ نه وري ادبي بورڊ وٽ هن وقت ايترو سرمايو آهي جو گرامي اڪيڊمي ٺاهي سگهي.

گرامي صاحب جو تمام ويجهي ۾ ويجهو هڪ دوست ڪاشف گرامي صاحب جي ڪيترن ڪتابن جا نالا وٺي ويو. آءُ نٿو ڀانيان ته جيڪڏهن ادبي بورڊ ڏهن سالن تائين فقط گرامي صاحب جي لکيل ڪتابن ڇپائڻ لاءِ ڪو پروجيڪٽ ٺاهي ته ان کي ٻيا سڀ پروجيڪٽ پاسيرا رکڻا پوندا. تنهنڪري فقط ادبي بورڊ تي ڀاڙي ويهڻ ۽ ٺهراءُ پاس ڪرڻ سان گرامي صاحب لاءِ عزت ۽ احترام جو ثبوت نه ملندو. اچو ته اسين به ڪجهه ڏيون، جيڪڏهن اسان جو هر پرائمري استاد هڪ رپيو ڏئي ته ويهه پنجويهه هزار ته پرائمري استادن جي ائسوسيئيشن ڏئي سگهندي، اهڙي طرح جيڪڏهن يونيورسٽي جو هر پروفيسر ڏهه رپيا ڏي ته ڏهه هزار رپيا يونيورسٽي پروفيسرن مان گڏ ٿي سگهندا، ۽ اهڙيءَ طرح اسين پنهنجن بزرگن، اديبن، عالمن ۽ انهن، جن سنڌ لاءِ  ۽ سنڌي ادب لاءِ محنتون ڪيون آهن، ۽ جن قربانيون ڏنيون آهن، تن جي ڪارنامن جي، فن جي ۽ سندن اولاد جي پرگهور لهي سگهنداسين. جيڪڏهن اهڙي قسم جي اسڪيم تي عمل ڪيو ويو ۽ گرامي اڪيڊميءَ جي لاءِ فنڊ گڏ ڪيو ويو ته آءُ انهي فنڊ ۾ پنهنجي حال سارو پنج سئو رپيا ڏيندس. والسلام

(سنڌي ادبي بورڊ طرفان گرامي صاحب جي ياد ۾

سڏايل تعزيتي جلسي ۾ ڪيل تقرير جو متن.)

 

ساريو سناسين کي، ٿي نيڻ ٽمايان لت،
آيل آديسين لئه، ڏي چاڙهيڪا چت،
تن سامين جي سنگت، ساريو ٿي سُور چران.
 

شاهه

غلام رباني

مولانا غلام محمد گرامي

”هستي اپني حباب ڪي سي هي“

قدرت سنڌ کي هن ڌرتيءَ تي بهشت جو هڪ نمونو ڪري خلقيو آهي. منجهس وهندڙ پاڻي آهي، جنهن جي پاسن کان وڏن وڏن ساون وڻن وارا باغ آهن، ۽ منجهس سرسبز کيت آهن، جن ۾ وسندڙ ڳوٺن ۾، کير ۽ ماکيءَ سان گڏ زندگيءَ جون ٻيون به ڪيتريون ئي نعمتون آهن. بهشت برين وانگر سنڌ ۾ هر قسم جي مُند موجود آهي، ڏکڻ ۾ گهميل آبهوا، وچولي ۾ خشڪ ۽ موافق ته اُتر ۾ سخت سرد ۽ گرم. سنڌ ۾ سمنڊ، درياءَ،  ٿر ۽ بر آهن. ان جي اُڀرندي ۾ ڪارا ڪارا رڻ آهن، جن ۾ رڳي رُڃ ئي رُڃ آهي ته الهندي ۾ هماليه جبل کان به پراڻا پهاڙ آهن، جن جي سخت پٿريلي سيني مان گرم گرم پاڻي جا چشما ڦاٽي نڪرن ٿا. سنڌ ۾ گجگاهه ٻيلا آهن، جن ۾ قسم قسم جا جانور رهن ٿا. ساڳئي وقت سنڌ دنيا جي خوبصورت ترين پَرندن جو مسڪن به آهي. طائران جنت وانگر، سنڌ ۾ چَتُن ِ، چيهن، چانهن، هد هد، هيڙن، من موسڙن، ڪاٺ ڪٺن، ڪبوترن، ڳيرن ۽ پٽ ڳير ِيُن ِ جون لاتيون ۽ باتيون آهن. مينهوڳيءَ جي مند ۾، ٿر جي ڀِٽُن ِ تي جڏهن مور موج ۽ مستيءَ ۾ پنهنجا رنگبرنگري پَرَ پکيڙي ناچ ڪندا آهن، تڏهن جنسي ائين محسوس ٿيندو آهي، ته بهشت آسمان مان کڄي ڌرتيءَ تي آيو آهي. سنڌ نه رڳو انهن پر اهڙن پکين جي به دلپسد وسندي آهي، جن جي من کي آشياني بدرارن آب ۾ قرار اچي. انهن مان ڪي ايامن کان سنڌ ۾ گهر ڪري ويٺا آهن ته ڪي سيلاني آهن ۽ مُند مٽجڻ تي سائيبريا جهڙن دور دراز علائقن مان اُڏامندا، ملڪن پٺيان ملڪ پوئتي ڇڏيندا، سوَن هزارن ميلن جو مفاصلو طئي ڪري، ايڏيءَ اُڪير سان اچي منڇر جي ڪنڌيءَ تي لهندا آهن،  جو ڇڻ ته اصحاب ِ جنت حوض ڪوثر جي ڪناري تي پهتا آهن. سنڌ جي زمين زرخيز ۽ آسمان حسين آهي. ڌُنڌ ۽ ڪوهيري کان سدائين پاڪ ۽ صاف. اڪثر شفاف نيرو، پر ڪڏهن ڪڏهن منجهس ڪڪرن جا ڪارونڀار! ڏينهن جو نيري سمنڊ وانگر اجهاڳ ۽ بي انت؛ پر رات جو اهڙو جنسار، جو پورب توڙي پڇم ۾ هر هنڌ تارن جا ڏيئا پيا ٻرن.

قدرت سنڌ کي اجهو ائين هن ڌرتيءَ تي بهشت جو نمونو ڪري خلقيو آهي. پر سنڌ جي رهاڪن جي زندگيءَ ۾ ايڏو ڏک ۽ ڏنج آهي، جو سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي ائين چوڻو پيو ته ”ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جون دونهون.“ اوڻويهين صديءَ جي هاڪاري انگيز سيلاني سر رچرڊ برٽن به ساڳئي قسم جي راءِ ظاهر ڪئي. هن سنڌ جي ظاهر ۽ باطن جو سير ڪرڻ بعد فتويٰ ڏني ته ”سنڌ هڪ ڏکويل ماٿري آهي.“ سنڌ جي ڏک، درد ۽ پيڙا جا هونئن ته ڪيئي ڪارڻ آهن، پر مکيه ٻه آهن: پهريون ڪارڻ هي آهي ته سنڌ ۾ جاگيرداري يا زمينداري نظام رائج آهي، جنهن موجب پيداوار جو مکيه ذريعو زمين فقط هڪ واحد شخص جي قبضي ۾ آهي ۽ باقي نوانوي سيڪڙو ماڻهن  سندس ٻيلي آهن. اهي جيڪا به محنت ڪن ٿا، ان جو فائدو اهو هڪ شخص کڻي ٿو. سنڌ جي انهن نوانوي سيڪڙو پورهيتن جي حالت غلامن واري آهي. هو جسماني لحاظ کان غلام ته نه آهن، پر سندن ۽ غلامن جي زندگيءَ ۾ ڪو گهڻو فرق به ڪونهي. سندن پستيءَ ۽ بدحاليءَ جو ٻيو مکيه ڪارڻ پيريءَ مريديءَ جو روحاني نظام به آهي. ايران، ترڪي ۽ ٻيا اهي ملڪ، جن وٽان سنڌ ۾ پيري مريديءَ جو طريقو صديون اڳ پهتو هو، سي ڪڏهوڪو انهيءَ ذهني ڪوڙڪيءَ مان پاڻ ڇڏائي ويا. جديد ترڪيءَ جي باني، مصطفيٰ ڪمال جي مقبري تي ڪتبو لڳل آهي ته ”انسان جو حقيقي مرشد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي.“ بدقسمتيءَ سان سنڌ جي مسڪين ماڻهوءَ جو ذهن اڃا تائين پيِرن جي مُٺ ۾ آهي. جنهن معاشري ۾ ماڻهوءَ جو جسم ۽ ذهن ٻئي  غلام هوندا، انهيءَ معاشري ۾ ڪهڙي ترقي ۽ ڪهڙو سڌارو ٿيندو؟ اهوئي سبب آهي جو ويهين صديءَ ۾ جڏهن مهذب انسان، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي رهبريءَ هيٺ، چنڊ تي وڃي قدم رکيو آهي، تڏهن سنڌ هن ڌرتيءَ تي هڪ اونداهي ٻيٽ وانگر بيٺي آهي،  جنهن جا رهاڪو وڃايل واٽ وارن مسافرن وانگر پريشان ۽ سرگردان نظر اچن ٿا.

مولانا غلام محمد گرامي ويهين صديءَ جي اوائل ۾ انهيءَ سنڌي معاشري ۾ اکيون کوليون. هو ميهڙ ۾ هڪ غريب گهر ۾ پيدا ٿيو. مڪتبن ۾ پڙهيو، مُـلن ۽ مولوين کان تربيت ورتائين. جڏهن وڏو ٿيو ته غـِم روزگار جي لذت سان آشنا ٿيو. قدرت کيس روشن دماغ ۽ حساسِ دل جي نعمتن سان نوازيو هو. هن جڏهن پنهنجي ارد گرد ڏٺو ته کيس هڪ انساني جهنگل نظر آيو، جنهن ۾ چيتا، چراخ، بکيا بگهڙ، شڪاري ڪتا، باندر ڀولا، لومڙ ۽ ڪتا ٻلا نوس نوس ڪري رهيا هئا. پري پري جيڪڏهن ڪو ماڻهو نظر آيو  ٿي، ته اهو پنهنجي سر بچاءَ ۾ عاجز هو_ بقول ڀٽائي ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام.“ گرامي صاحب پنهنجي عمر جا 53 سال انهيءَ جهنگل ۾ گذاريا. مهذب انسانن وانگر کيس بقا جي مسلسل جنگ دوران، انهيءَ جهنگل ۾ جتي به ڪو اجهو ۽ اوٽ نصيب ٿيو ۽ پگهر سُڪائڻ جو موقعو مليو ته هن انهيءَ مام کي پروڙڻ ۽ انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ دل جي ڌيان سان ويهي ويچار ڪيو، جنهن لاءِ ڀٽائيءَ چيو آهي: ”ڳجهي اٿم ڳالهڙي، اوري آءُ ته سليان.“ جيڪي شخص مون وانگر گرامي صاحب جي قريب رهي چڪا آهن، تن کي معلوم آهي ته هو صاحبِ فڪر هو. انسان جو هن ڌرتيءَ تي وجود، انسان جو هن ڪائنات ۾ مقام، انسان زندگيءَ جو مقصد_ سندس فڪر جا مکيه موضوع هئا. کيس انهن عنوانن تي ڳالهه ٻڌڻ ۽ ڳالهه ڪرڻ جو شوق هو. منهنجي گرامي صاحب سان واقفيت به هڪ اهڙيءَ ئي مجلس ۾ ٿي. ويهه- پنجويهه ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي، آءُ 51-1952ع ڌارن نوشهري فيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، حيدرآباد جي ڦليليءَ واري گورنمينٽ ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم لاءِ داخل ٿيو هوس. تنوير عباسي منهنجو هم ڪلاسي هو. حيدرآباد جي صدر علائقي ۾ تنوير جو گهر هو، جتي روزانو رات جو اسان ڪاليج جا ڪتاب گڏ پڙهندا هئاسين ۽ جڏهن ٿڪبا هئاسين تڏهن سندس گهر جي ڀرسان ”ڪراچي هوٽل“ تي چانهه پيئڻ ويندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ ڪراچي هوٽل حيدرآباد جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي بيٺڪ هوندي هئي. رات جو دير دير تائين هِتي هُتي چانهه جي ميزن جي چوڌاري ماڻهن جا ٽولا ڪچهريون ڪندا رهندا هئا.

گرامي صاحب ۽ سندس دوستن جو هڪ گروهه به روز ڪراچي هوٽل جي هڪ ڪنڊ ۾ گول پٿر جي ميز چوڌاري روزانو پنهنجو ديرو دمائيندو هو. سندن ڪچهريءَ ۾ گفتگو جا مکيه موضوع هوندا هئا: تصوف، روحانيت، سنڌ جي تاريخ ۽ راڳ. گرامي صاحب، مرحوم سرائي اميد علي. چاچو ايوب، يوسف سرحدي، ڏنل شاهه ۽ شيخ علي محمد انهيءَ گروپ جا مکيه ميمبر هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي هوٽل جو (مرحوم) مالڪ ۽ ڪي ٻيا به ان ڪچهريءَ ۾ اچي شريڪ ٿيندا هئا. اتي هڪ اهڙيءَ ڪچهريءَ ۾ منهنجي ۽ تنوير جي گرامي صاحب سان واقفيت ٿي. انهيءَ زماني ۾ گرامي صاحب غلباً ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد هوندو هو، جتي ڊاڪٽر جعفري پرنسيپال هو ۽ جويو صاحب وائيس پرنسيپال. جويو صاحب بعد ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورد جو سيڪريٽري ٿيو، تڏهن گرامي صاحب کي به پاڻ سان بورڊ ۾ وٺي آيو. 1975ع ۾ آءُ سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيس ته گرامي صاحب سماهي”مهراڻ“ رسالي جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو. اسان جي مهيني ماسي ملاقات ٿيندي هئي. بورڊ جي مکيه آفيس ڪراچيءَ ۾ هئي. 1962ع ۾ جويو صاحب اسان کي ڇڏي، سرڪاري نوڪريءَ ۾ پنهنجي اصلوڪي تعليم کاتي ۾ واپس هليو ويو ۽ بورڊ جي آفيس ڪراچيءَ مان  حيدرآباد کڄي آئي. هاڻي گرامي صاحب ۽ مان رات ڏينهن گڏ هئاسين. بورڊ ۾ تڪڙيون تڪڙيون انتظامي تبديليون ٿيون. نوان سيڪريٽري آيا، اول مرحوم عثمان علي انصاري اعزازي سيڪريٽري ٿي آيو؛ ان کان پوءِ جناب شاهه محمد شاهه آيو؛ تنهن کان پوءِ ڪجهه وقت مرحوم ميران محمد شاهه هو. دوباره جويو صاحب آيو، جنهن کان وري ڊاڪٽر حسيني چارج ورتي. اهو سڄو وقت 1962ع کان وٺي ويندي 1972ع تائين بورڊ سيڪريٽرين جي تبادلي ۽ ٻين سببن ڪري گهڻائي اندروني انقلاب آيا، جن کي مون ۽ گرامي صاحب گڏجي منهن  ڏنو. انهيءَ ئي زماني ۾ سنڌ جي سياسي آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. ون يونٽ قائم ٿي چڪو هو ۽ ملڪ تي ايوب خان قابض هو. سنڌي ڪلچر، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي تهذبي ۽ ثقافت جي نالي سان جيڪا به شيءَ منسوب آهي، سا سرڪار جي نظر ۾ معيوب هئي. هوڏانهن اسان هڪ اهڙي اداري سان وابسته هئاسين، جنهن جو ڪم ئي هو رات ڏينهن سنڌ  ۽ سنڌي ڪلچر جو پرچار ڪرڻ. ان ڪري اسان کي نهايت ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. اهڙو وقت به آيو، جو سرڪار جو هڪ حڪم نڪتو ته جيڪي ماڻهو لفافن ۽ ڪارڊن تي ايڊريس ۾ ”سنڌ“ لفظ لکندا، اهي قانوني طرح ڏوهاري ٿيندا، ۽ سزا جا مستحق ٿيندا. انهي دور ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جا ڪتاب لکائڻ ۽ ڇپائڻ ڏاڍو ڪٺن ڪم هو. چوندا آهن ته مصيبت سدائين ٻارين ٻچين ايندي آهي، سو بدقسمتيءَ سان ان وقت سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ۾ هڪ رجعت پسند گروپ ساماڻو، جنهن اهو ڪم پنهنجي مٿي تي کنيو ته سرڪار جو مخبر ٿي انهن سنڌي اديبن ۽ شاعرن خلاف پڪاري، جيڪي حب الوطنيءَ جون ڳالهيون ڪن، يا سنڌ دوستيءَ جو دم ڀرين. انهن سنڌ دشمن اديبن جلسا جلوس ڪيا ۽ اخبارن ۾ صفحن جا صفحا ٿي انهن سنڌي اديبن  خلاف ڪارا ڪيا ۽ سرڪار کان مطالبا ڪيا ته سنڌي اديبن کي نوڪرين مان ڪڍيو وڃي، انهن جا ڪتاب ضبط ڪيا وڃن، انهن کي شهر نيڪالي ڏني وڃي ۽ جيلن ۾ بند ڪيو وڃي. حق ۽ ناحق جي انهيءَ تصادم ۾ جيڪي ماڻهو مجاهدن جي پهرينءَ صف ۾ هئا، تن ۾ گرامي صاحب پيش پيش هو. ستت حڪومت شيخ اياز جي هڪ ڪتاب ”ڀونر ڀري آڪاس“ تي بندش وڌي. جن ڳالهين ڪري ڪتاب تي اها بندش پيئي، انهن ڳالهين کي علمي نوع ۾ رد ڪد ڏيڻ لاءِ گرامي صاحب، جويي صاحب جي صلاح سان هڪ طويل تحقيقاتي مقالو لکيو، جنهن جو عنوان هو”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر رجحانات“. اهو مقالو مهراڻ رسالي ۾ ڇپيو ته ڄڻ ڀير تي ڏونڪو لڳو. رجعت پسند حلقن مخالفت ۽گارين جو طوفان مچائي ڏنو. گرامي صاحب جي خلاف سڄي سنڌ ۾ مهم شروع ڪئي ويئي، سندس خلاف الحاد ۽ ڪفر جو فتوائون ڏنيون ويون، مٿس سنڌ دشمن اديبن متفقه طور اهو الزام مڙهيو ته گرامي  ڪافر ۽ ملحد آهي. ستت جماعت اسلاميءَ جي ورڪنگ ڪاميٽي ٺهراءُ پاس ڪيو ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ گرامي جهڙن ڪافرن ۽ ملحدن جو گروهه آهي، جيڪو دين اسلام ۽ پاڪستان جو دشمن آهي، تنهن ڪري حڪومت ان جي خلاف قدم کڻي. اڳتي هلي انهيءَ معاملي سنگين نوعيت اختيار ڪئي. ڪورٽن ۾ مقدما داخل ڪيا ويا، ۽ اخبارن ۾ هڪ گروهه ٻئي جي خلاف ڪالم ڪارا ڪرڻ لڳو. ان وقت سنڌ جي هڪ بزرگ سياستدان چيو ته سنڌ جا سياستدان پاڻ ۾ وڙهيا ته ان جي نتيجي ۾ ون يونٽ قائم ٿيو. هينئر سنڌ جا اديب پاڻ ۾ وڙهيا آهن، خدا خير ڪري! بهرحال، اهو دور ايوب خان جي زوال تائين هلندو رهيو، تان جو ون يونٽ ٽٽو ۽ مس مس وڃي گرامي صاحب جي سنڌ دشمنن مان جند ڇٽي. جيڪي دوست ۽ ساٿي مشڪلاتن ۾ هڪٻئي جي سان گڏ رهندا آهن، تن کان هڪٻئي جون ڳالهيون ڪونه وسرنديون آهن. چنانچه ڏک جي انهيءَ زماني جي هر هڪ گهڙي روز روشن وانگر منهنجي سامهون آهي ته اجهو اسان هن مجلس ۾ هيئن گڏ هئاسين، هن جاءِ تي هيئن گڏجي ڪم ڪيوسين، هن معاملي کي هيئن منهن ڏنوسين. جڏهن اهو دور گذري ويو، تڏهن گرامي صاحب ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن ماضيءَ کي ياد ڪري، پراڻيون يادگيريون تازيون ڪندا هئاسين. جڏهن ڊاڪٽر حسيني بورڊ ۾ سيڪريٽري ٿي آيو، تڏهن ته اسان جون ڊگهيون ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون. انهن ڪچهرين دوران ڪو اهڙو موضوع بمشڪل هجي، جنهن تي گرامي صاحب ۽ اسان جي گفتگو نه ٿي هجي. ڊاڪٽر حسيني جي وڃڻ کانپوءِ جڏهن مان سيڪريٽري ٿيس، تڏهن به اهو سلسلو قائم رهيو. اسان پهرن جا پهر روح رهاڻ ڪندا هئاسين؛ انهن ڪچهرين جي ڳالهين مان مون اهو تجزيو ڪيو ته گرامي صاحب بنيادي طرح مذهبي ماڻهو هو_ تصوف ۽ روحانيت سان سندس روح واسيل هو. ان کان علاوه هو صحيح معني ۾ سنڌ جو عاش هو، ۽ سنڌ جي عظمت جو ثناخوان هو. پراڻي جڳ جا مذهبي ماڻهو، جن انگريزن جي خلاف آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو هو، خاص ڪري مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا عبيدالله سنڌي، سي گرامي صاحب جي دل کي ويجها هئا. سنڌيءَ سان ته هن کي بيحد عقيدت ۽ محبت هوندي هئي ۽ هو پاڻ کي روحاني طرح مولانا سنڌيءَ جي مڪتب_ فڪر سان ملحق سمجهندو هو ۽ نشست برخاست ۽ آداب اطوار ۾ مولانا سنڌي ۽ مولانا آزاد جو طور طريقو اختيار ڪندو هو.

گرامي صاحب پنهنجيءَ نجي زندگيءَ ۾ بيحد دلچسپ ماڻهو هو. خوش مزاج، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ مجلس جو مور. جنهن مجلس ۾ هوندو هو، اتي رنگ لايو ويٺو هوندو هو. وڏو زيرڪ ۽ ڏاهو ماڻهو هو. سندس طبيعت جي خلاف ڪا ڳالهه هوندي هئي ته ڪوشش ڪندو هو ته ان کي کل خوشيءَ ۾ در گذر ڪري ڇڏجي. بنيادي طرح سان جيڪا ڳالهه، سندس پوريءَ زندگي ۽ شخصيت تي حاوي رهي، اُها هيءَ هئي ته هو مسڪين ماڻهو هو، ان ڪري هن جون تمنائون، حسرتون ۽ اميدون سڀ مسڪينيءَ ۽ مجبوريءَ جي طابع هونديون هيون. ان ڪري آءُ گرامي صاحب جو اهو وڏي ۾ وڏو ڪمال ٿو سمجهان ته هن بي انتها مسڪينيءَ جي  باوجود پنهنجي سڄي ڄمار هڪ شانائتي نهج ۽ طريقي سان گذاري. هن علم سان محبت ڪئي، ادب سان دل لاتي ۽ جيئن هڪ سچي پچي محقق جي شايان شان هوندو آهي، تيئن انهن ڳالهين ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي. هر ماڻهوءَ کي سٺي لٽي پائڻ ۽ عيش آرام جي تمنا ٿئي ٿي، لازمي طرح سان گرامي صاحب کي پڻ هوندي، مگر مون کي ذاتي طرح معلوم آهي ته گرامي صاحب غريب وٽ ڪڏهن ايترو پئسو ڪونه ٿيو ‏، جو هو سياري ۾ ڪو گرم ڪپڙو وٺي، رڳو هڪ نئون ڪوٽ سبائي سگهي. هر سال جڏهن سيارو ايندو هو ته پاڻ حيدرآباد جي بزار مان ولائتي نيلامي ڪوٽ خريد ڪري  وقت ٽپائيندو هو. گهر ۾ سندس رهڻ جو جدا ڪمرو هوندو هو، ان ۾ هڪ پراڻو مَٽُ رکيو هوندو هو. اهو ايترو پراڻو هو، جيتري گرامي صاحب جي عمر! پاڻ سڄي عمر ان مَٽَ مان پاڻي پيتائين. مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو ته هن سانوڻ جي مند ۾ اهو مَٽَ اُڇلائي، نئون ڪورو مٽ وٺي، ٿڌي پاڻي جي لذت ورتي هجي، جنهن جاءِ  ۾ سندس رهائش هئي، سان کيس طالب الموليٰ صاحب جن جي مهربانيءَ سان ملي هئي. سڄي عمر ۾ کيس ڪڏهن به اها سگهه ڪانه ٿي سگهي، جو پنهنجي ڪمري ۾ ڪتابن رکڻ لاءِ ڪي ڪٻاٽ خريد ڪري سگهي. ڀتين تي ڪوڪا هڻائي، ڪاٺ جا تختا رکي، انهن جي مٿان ڪتاب ۽ رسالا، اخبارون ڍڳ ڪندو ويندو هو. هو صحيح معنيٰ ۾ مسڪين ماڻهو هو ۽ مسڪيني حال ۾ پوري زندگي گذاريائين. ريڊيو تان تقريرن جي معاوضي طور يا ڪڏهن ڪنهن ڪتاب لکڻ مان يا ڪنهن دوست احباب وٽان جيڪڏهن کيس چار پئسا ملندا هئا، ته اُهي ٻچن ٻارن جي ضرورت تي صرف ڪندو هو يا وري ڪتابن ۽ رسالن جي خريداريءَ تي. کيس سٺي راڳ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. مون سان جيڪي سندس ڪچهريون ٿينديون هيون، تن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ راڳ جي  موضوع تي ڳالهائيندو هو. سنڌ جي اڳوڻن گَوين ۽ ڀَڳتن جي ڪيرت ۽ گائڪيءَ جي باري ۾ پـِهرن جا پَـهر ڳالهائيندو هو. کيس راڳ سان گڏ کاڌي جو شوق هوندو هو. انهيءَ باري ۾ سندس يار دوست کيس گهڻو پِٽائيندا  هئا. سندس کاڌي کائڻ جا ڪيئي نقل نظير آهن، پر سڀ کان عمدا يا جناب مخدوم صاحب جن کان ٻـُڌي سگهبا يا نواب نور احمد لغاريءَ کان.

غريب ماڻهوءَ جي زندگي پٽ کوهه ۾ گذري ٿي. پر جيڏي پٽ کوهه سنڌي اديب کي ڪرڻي پوي ٿي، اوتري آءُ ڀانيان ٿو ته مشڪل سان ٻين ٻولين جي اديبن کي ڪرڻي پوندي هوندي. پر انهيءَ ساري پٽ کوهه جي باوجود گرامي صاحب هر ڪنهن سان ياري نڀائي، ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌي علم ۽ ادب سان نڀائي. جنهن ڏينهن پاڻ وفات ڪيائين، ان جي گذريل رات آڌيءَ تائين رسالي”مهراڻ“ جا پروف پڙهيائين، جي ناشاد سان گڏ پنهنجي جاءِ تي ڏٺا هئائين. پوءِ پنهنجي دوستن سان گڏ وڃي هڪ هوٽل تي ويٺو، جتي ڪباب جي چهر ۽ ڪچهري هلندي رهي. رات جو دير دير سان دستور موجب پنهنجي گهر پهتو ۽ڪمري ۾ وڃي سمهي رهيو. صبح جوسنڌي ادبي بورڊ جي اسٽاف جا ماڻهو دستور موجب گاڏي ڪاهي وٽس ويا، جن سان گڏ آفيس هلڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو، پر ارادو بدلائي ساڻن شڪايت ڪيائين ته پيٽ ۾ ٿورو سُور آهي، سو  اوهان هلو، آءُ پٺيان اچان ٿو. پنهنجي پٽيوالي کي البت روڪي ڇڏيائين. اسٽاف جا ماڻهو هليا ويا، پٽيوالي کي پنهنجيءَ ڪنهن تقرير جي چيڪ وٺڻ لاءِ ريڊيو تي موڪليائين. پاڻ سوڍا جي بوتل پي ۽ ننڊ آڻڻ جي دوا کائي ليٽي پيو. ڪجهه دير کان پوءِ پٽيوالو اچي ڏسي ته ڪمري جي اڳيان صحن ۾ گرامي صاحب پٽ تي ڪــِريو پيو آهي!کيس کڻي کٽ تي سمهاريائين ۽ ڊوڙي وڃي پاڙي مان ڊاڪٽر کي وٺي آيو، جنهن چيو ته شيءَ مالڪن کي پهچي ويئي. ان کان ٻه ڏهرا اڳ منهنجي ساڻس بورڊ جي آفيس اڳيان ملاقات ٿي هئي. منهنجي يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانسيلر طور مقرر ٿيڻ بابت پهرن جا پهر مون سان گفتگو ڪندو رهندو: ”تون يونيورسٽيءَ ۾ وڃين ٿو، هتي بورڊ ۾ پٺيان ڪم ڪيئن هلندو، وغيره وغيره.“ يونيورسٽي ۾ گهڻي ڪم سبب آءُ صبح جو سوير آفيس هليو ويندو هوس ٻي اڍائي بجي موٽي ايندو هوس ان ڪري پوين ڏينهن به اسان کي دلجمعيءَ سان ڪچهري ڪرڻ جو موقعو نه مليو. جنهن ڏينهن گرامي صاحب هي جهان ڇڏيو، انهيءَ جي اڳئين ڏهاڙي تي صبح جو آءُ بورڊ جي آفيس ۾ ٿورو ڪم ڪار لاهي، يونيورسٽي وڃڻ وارو هئس ته ايتري ۾ شهر مان بورڊ جي اسٽاف گاڏي آئي ۽ سڀ کان اول گرامي صاحب هيٺ لٿو. ڀاڪر پائي چيائين: ”ادا، ڪاڏي ٿو وڃين؟“ مون چيو ”يونيورسٽي ٿو وڃان.“ ڏک مان چيائين، ”گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن. پاڻ ڪچهري ئي ڪانه ڪئي آ. توکي يونيورسٽيءَ جي پٽ کوهه لڳي پئي آهي. اتي تو وٽ منهنجو اچڻ ڪونه ٿو ٿئي“. مون چيو ” آءُ اڄ يارهين ساڍي يارهين ڌاران ڪم ڪري جلدي موٽي اچان ٿو، پوءَ پاڻ ڪچهري ڪريون ٿا.“ قسمت ۾ اها ڪچهري لکيل ڪانه هئي. ٻئي ڏينهن فون تي مون کي اطلاع مليو ته جوڳي جــُوءِ ڇڏي ويا.

گرامي صاحب جي زندگي منهنجي اڳيان هڪ کــُليل ڪتاب وانگر آهي. آءُ مٿس چڱو وڏو ڪتاب لکي سگهان ٿو. ان ۾ فقط گرامي صاحب جي زندگي نه هوندي، پر سنڌ جو گذريل ويهن پنجويهن ورهين جو احوال هوندو. جيڪڏهن مهل۽ موقعو نصيب ٿيو ته اها آس پوري ڪندس. سڀ ڳالهه قسمت جي اختيار ۾ آهي. مٽيءَ جي رانديڪي جي ڇا مجال آهي، جو ڪنڀر کان پڇي ته ڇا لاءِ ٿو ٺاهين ۽ ڇا لاءِ ٿو ڊاهين؟

تانگردي آشتا زين پرده رمزي نشنوي،
گوش نامحرم نه باشد، جاي پيغام سروش.
 

جوڳي پنهنجيءَ جوُءِ ويا، جُهـڙ جئن نيڻ جِـهمن،
سُخن ساميئڙن جا، هينئڙي منجهه هُرڻ،
سڄو موت مڱن، اَڌ ڪُـٺا آرام لئه.
 

فقير عبدالرحيم گرهوڙي

ظفر حسن

گرامي سائين

مون کي پورو ياد ڪونهي ته سائين گراميءَ سان پهريون ڀيرو ڪڏهن مليس، ايترو ياد اٿم ته ون يونٽ وارو زمانو هو ۽ حيدرآباد ۾ ادبي سنگت جون گڏجاڻيون سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس جي پويان هڪ رهائشي گهر ۾، جتي مختلف ڪمرن ۾ مختلف ماڻهو رهندا هئا، نوڪري ڪندڙ به ته شاگرد به، اتي ٿينديون هيون. انهن ڪمرن کي ڏسي هاسٽل جو گمان ٿيندو هو، جو هو فلئٽ ته ڪنهن به صورت ۾ نه ٿي لڳا. انهن ڏينهن ۾ آئون لکندو ڪونه هوس، جو لکڻ جي همت به نه ٿيندي هئي، پر ادب سان چاهه ۽ اديبن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن سان ملڻ جو سدائين اتساهه رهندو هو. آءُ ايترو ننڍو به ڪونه هوس، ان وقت بي اي ۾ پڙهندو هوس. منهنجي ڄمار جا ۽ مون کان به گهٽ ڄمار جا ان وقت نالي چڙهيا اديب هوندا هئا، جي انهن گڏجاڻين ۾ پنهنجون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪندا هئا. طارق اشرف، غلام نبي مغل ۽ ممتاز مرزا ان وقت مشهور ٿي چڪا هئا. جيستائين مون کي ياد اچي ٿو، اهو سنه 1959ع ۽ 1960ع وارو دور هو. ون يونٽ جي شباب  ۽ايوبي مارشل لا جو دور، جڏهن پاڻ کي سنڌي چوائڻ به ڏوهه هو ۽ سنڌ نالو لکڻ يا کڻڻ غداري هئي، انهن ڏينهن ۾ ڪجهه نوجوان اديب پنهنجن بزرگن سان گڏجي پنهنجي پَـر ۾ انهن گڏجاڻين ذريعي سنڌ ۽ سنڌي زبان کي بچايو بيٺا هئا.

اهي گڏجاڻيون هيون، جڏهن مون کي پهريون ڀيرو سائين گراميءَ جهڙي مهان شخصيت سان ملڻ ۽ ويجهي ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو. ان وقت کان وٺي مون هڪ ڳالهه سائين گرامي ۾ ڏٺي، سان سندس لاڏاڻي تائين ساڳي رهي. اها هئي سندس ٻين سان ۽ ننڍي وڏي سان مُـرڪي پيار سان ، اصل هڪ جهڙو ٿي ملڻ جي طبيعت. آءُ انهن ڏينهن ۾ رڳو هڪ ادب دوست هوس، لکڻ کان پري، پر سائين مون سان به اهڙيءَ طرح پنهنجائپ سان ملندو هو، جيترو ناليري  اديبن سان ملندو هو. سائينءَ سان ملڻ ۾ پاڻ ذهن جا اهي پردا به کلي پوندا هئا، جن جي کيس به ڪا خبر ڪانه پوندي هئي. اهڙين شخصيتن کي همٿائڻ ( (`Inspire`واريون شخصيتون چئبو آهي.

سائين گرامي منهنجو ادب ۾ چاهه ڏسي هڪ گڏجاڻي منهنجي صدارت ۾ ڪرائي. آءُ پهريون ڀيرو پنهنجو نالو اهڙي طرح سان ٻڌي گهٻرائجي ويو هوس ۽ هڪ دم چيو هئم، ”ته سائين آءُ ڪٿي ٿو صدارت ڪري سگهان.“ پر سائينءَ چيو ”شاهه، صدر ٿيڻ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، ( هو مون کي سدائين ’شاهه‘ ڪري مخاطب ٿيندو هو) ايوب پاڪستان جو صدر ٿي سگهي ٿو، پر تون ادبي گڏجاڻيءَ جي صدارت نٿو ڪري سگهين.“ پر مون سندس ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري چيو ”سائين، پر آئون اهل ڪو نه آهيان.“ ”ڇا چيئي، اهل ڪو نه آهين!“ ٿورو گنڀير ٿي، مرڪندي چوڻ لڳو ”پوءِ ته پڪ توکي صدارت ڪرڻ کپي. هن ملڪ جي خوبي اها آهي ته جيڪو نااهل هجي، ان کي ئي اهل سمجهيو وڃي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com