سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :14

پوءِ جڏهن گڏجاڻي ختم ٿي ۽اسين ٻاهر نڪري موڪلائڻ لڳاسون ته سائين گرامي هڪل ڪندي چيو ”شاهه، هاڻي اڳتي تون به لکڻي کڻي اچجانءَ. هاڻي ته ادبي سنگت جي صدارت به ڪئي اٿئي!“ اهو هو پهريون جملو، جو مون ڪنهن مهان ليکڪ کان پنهنجي لاءِ پهريون ڀيرو ٻڌو، جنهن ۾ مون کي لکڻ لاءِ ترغيب ڏني ويئي هئي. مون کي لکڻ تي مائل ڪرڻ لاءِ ، جتي آئون سڄو ’الزام‘ طارق اشرف تي هڻندو آهيان، جنهن مون کان زوريءَ ڪهاڻي لکرائي، اتي آئون سائين گراميءَ کي به ان ’الزام‘ کان آجو قرار نٿو ڏيئي سگهان، جنهن مون کي پهريون جملو چيو هو ”اڳتي تون به ڪجهه لکي کڻي اچجانءَ!“ ۽ ان جملي جي پڙاڏي ۾ آئون لکندو رهيس ۽ ڪاغذ ڦاڙيندو رهيس؛ جيتوڻيڪ آئون سائين گراميءَ جي چوڻ جي باوجود ڪجهه به لکي نه کڻي ويس، پر پوءِ جڏهن به ملندو هوته پڇندو هو ”شاهه، ڪجهه لکيئي؟“ آئون سوچيان ٿو ته جي سائين گراميءَ جا اهي مسلسل ياد ڏياريندڙ لفظ نه هجن ها ته آئون ادب ۾ چاهه رکي نه سگهان ها ۽ سائين گرامي جي انهن لفظن جي پس منظر کان سواءِ ادبي دنيا کان سوير ٻين وانگر پرڀرو ٿي وڃان ها.

سائين گراميءَ جا اهي همٿائيندڙ لفظ، رڳو منهنجي لاءِ نه هئا، پر هر اُن نوجوان کي، جنهن ۾ لکڻ پڙهڻ جو شوق هو، جي ساڻس گڏبا هئا، ان لاءِ انهن ئي خيالن جو اظهار ڪندو هو. ’مهراڻ‘ رسالي جا فائيل ان ڳالهه جا شاهد آهن ته گهڻن نوجوان لکندڙن کي سائين گراميءَ ادبي کيتر ۾ آندو ۽ادب کان سواءِ به علم جي ڪنهن به صنف سان ڪو تعلق رکندڙ ڇو نه هجي، سائين گرامي ان کي به ايترو همٿائيندو هو، جيترو اديبن کي. منهنجي هڪ دوست، سنڌ يونيورسٽي ۾ فزڪس جي ليڪچرر، اڄڪلهه لنڊن ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، غلام علي عارباڻيءَ کي سائنسي مضمون لکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو ۽ ان جا مضمون جڏهن سائين گراميءَ اخبار ۾ پڙهيا ته ڏاڍو متاثر ٿيو ۽کيس پاڻ ڳولي نينڍ ڏني ته هو ’مهراڻ‘ لاءِ به ڪو سائنسي مضمون لکي. مون کي ان موقعي تي سائين گراميءَ صاحب، ’مهراڻ‘ ته ادبي هڪ جملو ڏاڍو ياد ٿو اچي. غلام علي عارباڻيءَ چيو هوس ”گرامي صاحب ، ’مهراڻ‘ ته ادبي رسالو آهي ۽ آئون ته سائنس تي مضمون ٿو لکان.“ ته گرامي صاحب ٺهه پهه وراڻيو هو”ابا، مهراڻ ادبي، سائنسي، سماجي، تاريخي، فلمي ۽ هر قسم جو رسالو آهي! جيسين سنڌيءَ ۾ جدا جدا رسالا نڪرن، تيسين مهراڻ تي سڀڪجهه آهي.“ مون وچ ۾ ڳالهائيندي کائنس پڇيو هو ”سائين فلمي به!“ جواب ڏنائين ”ها، ڇونه. جي فلم جي فن، تاريخ ۽ ٽيڪنڪ تي سٺا مضمون ايندا ته اهي به شايع ڪبا، پر روزانا اخبارن ۾ ايندڙ اڻ معياري فلمي ليک نه!“ ڪهڙو نه صحيح هو سائين گراميءَ جو ’مهراڻ‘ جي باري ۾ تجزيو، جو اڄڪلهه به اوترو صحيح آهي، جيترو اڄ کان ڏهه سال اڳ ۾ هو.

هڪڙي ڀيري سنڌي ادب جي ان تباهه ڪن صورتحال متعلق سائين گراميءَ سان ڳالهه ٻولهه ٿي. چيومانس ”سائين، ياد اٿوَ، اوهان چيو هو ته ’مهراڻ‘ ئي اسان جو سڀڪجهه آهي، ادبي رسالو به اهو، تاريخي به اهو، ته سائنسي به اهو. جيتوڻيڪ اها سئو فيصدي حقيقت ته ڪو نه هئي جو ڪجهه ٻيا به رسالا ان وقت نڪري رهيا هئا، پر هاڻي توهان جي چوڻ پٽاندر واقعي ’مهراڻ‘ هاڻي سنڌيءَ جو واحد رسالو بچيو آهي!“

پنهنجي ان ئي مخصوص مرڪندڙ انداز ۾ چيو ”اڃا ٿا چئو ته سنڌي اديبن جي ڪانه ٿي ٻڌي وڃي! ڏس، منهنجي ڳالهه جو سرڪار ڪيترو نه مان ڪيو ۽ سڀ رسالا بند ڪري واقعي ’مهراڻ‘ کي سنڌيءَ جو واحد رسالو بڻائي ڇڏيو!“ اهو سائين گراميءَ جو خاص انداز هو. ڪهڙي به توهان ان کي دکدائڪ سياسي يا ادبي خبر ٻڌايو، ته هو مـُرڪي ان کي درگذر ڪرڻ وارو انداز ڏيئي ڇڏيندو هو. طارق اشرف جي گرفتاري هجي يا ابراهيم منشيءَ جي، رسالي يا ڪتاب جي ضبط ٿيڻ جي خبر هجي يا پريس سـيِل ٿيڻ جي، پاڻ کِلي ان ڳالهه کي ٽاري ڇڏڻ جي لکا ڏيندو هو. هڪ ڀيري سنڌي پريسن سان گڏ منهنجي ڀاءُ سيد مظفر حسين جي پريس پرفيڪٽ پرنٽرز به سيِل ڪئي ويئي. مون کي واٽ ويندي سائين گرامي ملي ويو. کـِلي چيائين ”ڪرايوَ نه پريسون سيِل، چڱو ٿيو، توهان نڀاڳا جوان هونئن ڪٿي ٿا مڃو، ٻيلي ڏاڍا حرفتي آهيو.“

مون کي الائي ان وقت ڇو سائينءَ جي ڳالهه نه وڻي ۽ ڪجهه ڪاوڙ ضبط ڪندي چيو مانس ”اسان جي سنڌي ادب تي مڪمل بندش پئي آهي ۽ اوهان پيا کـِلو. گرامي صاحب، معاف ڪجو، ان کان پهرين به اوهان طارق اشرف تي پئي کليوء. اوهان اسان مان ڪَـڪ آهيو يا سنڌي ٻوليءَ مان!“

منهنجي گنڀير لهجي کي نظرانداز ڪندي چيائين ”اوهان مان حڪومت ڪَـڪ آهي ته آئون ڪهڙي باغ جي مُوري آهيان.“ آئون به ان  ڏينهن ڀريو بيٺو هوس، سو چيومانس ”اوهان صاف صاف ٻڌايو ته آخر اوهان کي اهو سڀ ڀوڳ چرچو ٿو لڳي ڇا؟“

وراڻيائين ”شاهه، ڪاوڙ جي پئين. اڙي بابا! منهنجو ايمان آهي ته دنيا جي ڪا طاقت سنڌي ٻوليءَ کي ختم نه ٿي ڪري سگهي  ۽ اهو ايمان نه جذباتي آهي ۽ نه اسان پوڙهن جي ڪري آهي، پر اوهان نوجوانن جي لکڻين ۽ جذبي کي ڏسي آيو آهي. اوهان نوجوان نه هجو ها ته آءُ ائين کـِلان ها؟ اهڙيون خبرون ٻڌي سوير نه مري وڃان ها!“ مون پهريون دفعو سائين گراميءَ کي ائين گنڀير ڳالهائيندو ٻڌو هو.

جتي عام ڪچهرين ۾ سائين گراميءَ جو اهو طنزيا يا مرڪائيندڙ رخ هو، اتي هو ڪنهن عملي بحث يا تقرير  ڪرڻ مهل اوترو ئي وڌيڪ گنڀير نظر ايندو هو ۽ جنهن به سائينءَ کي ٻڌو هوندو اهو بلاشڪ ائين چوندو ته سائين علم جو ڀنڊار هو. هو جڏهن به ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندو ته ان تي مڪمل اختياريءَ سان ڳالهائيندو هو ۽ ٻڌندڙ سندس تقرير ٻڌڻ ۾ محو ٿي ويندا هئا. مون کي جڏهن به سائينءَ کي ٻڌڻ جو موقعو مليو، اتي آءُ هن شخص جي علم تي حيرت ڪندو هوس. سندس تقرير يا تحرير جي هڪ خوبي هوندي هئي ته ڪنهن به موضوع تي ڳالهائيندي يا لکندي پهرين ان جي شروعات ۽ پوءِ ارتقا پيش ڪندوهو ۽ اهڙيءَ طرح موضوع جي موجودهه صورت تي پهچندو هو. سندس علم ۾ مون کي هڪ انسائيڪلو پيڊيائي رخ نظر ايندو هو ۽ مون هڪ ڀيري پڇيو هومانس، ته اوهان ايترو موضوع کي پٺتي وٺي ٿا وڃو، جو وڃيو پهرين ته بڻ بنياد کي پهچو. اسان لاءِ بيشڪ معلوماتي لڳي ٿو، پر اوهان جو ائين ڪرڻ سان ڪو خاص مطلب آهي. پاڻ وراڻيو هئائين ”اڄڪلهه جي دور ۾ هر علم ايترو ته وڌي ويو آهي، جو ماڻهو مختلف علمن جي گهڻي ڄاڻ نٿو رکي سگهي، ان ڪري هو جنهن به علم يا موضوع ۾ دلچسپي رکي ٿو‏، ان ۾ هن کي مڪمل تاريخي ارتقائي معلومات هئڻ گهرجي ۽ ٻين علمن جي مٿاڇري ڄاڻ به اوتري ئي ضروري آهي. تڏهن هو ان علم جي موجودهه حالت کي سمجهي سگهندو ۽ ان علم مان آئيندي جي رخ جو اندازو لڳائي سگهندو. رڳو هاڻوڪي حالت سمجهڻ سان هو بيشڪ ڄاڻو ته ٿي سگهندو، پر آئيندي جي رخ جو ڪڏهن به تعين نه ڪري سگهندو. اهو ئي سبب آهي آءُ  جڏهن به جنهن موضوع تي ڳالهائيندو آهيان ان جي پوري اُپٽار ڪندو آهيان ۽ جي نه ڪري سگهندو آهيان ته پوءِ ڳالهائيندو ئي ڪو نه آهيان.“ پوءِ ٿورو پنهنجي مخصوص انداز ۾ مـُرڪي چوڻ لڳو ”بس اوهان نوجوانن سان هڪڙي شڪايت اٿم ته توهان ايترو پڙهو ڪو نه ٿا، جيترو پڙهڻ کپي. اوهان کي ته اڃا به وڌيڪ سولائي آهي جو انگريزي ڄاڻو ٿا ۽ دنيا جو هر ڪتاب انگريزيءَ ۾ موجود آهي_ توهان انگريزيءَ مان ڪو به فائدو ناهي ورتو ۽پڙهڻ جي عادت نه وجهڻ ڪري مرڳو ئي سنڌي به ڪو نه ٿا پڙهو.“ ڪيتريون نه سچيون ڳالهيون هيون سائين گراميءَ جون! آءُ پاڻ سوچيندو آهيان ته واقعي ڪيترو نه گهٽ ٿا پڙهون. اهو ئي سبب آهي جو اسان مان گهڻا ليکڪ وقتي جوش هيٺ لکيو وري ادبي دنيا مان گم ٿيو وڃن، ۽ باقاعدي لکندڙن مان گهڻا صحيح معني ۾ وڌي نه سگهيا آهن.

نيٺ مون ڪهاڻي لکي ۽”سهڻيءَ“ ۾ شايع ٿي. آءُ به پنهنجي نڪور لکڻيءَ تي ايترو خوش هوس ، جيترو ڪنهن به ليکڪ کي پهرين لکڻي شايع ٿيڻ تي کپي، پر شايد آءَ به رتيون ڪسر هوس. دوستن ۽ واقفڪارن کي جهلي زوريءَ ڪهاڻي جو ٻڌائيندو هوس ۽ جڏهن سائينءَ کي ڏٺم، ته هو پريان وڃي رهيو هو ته هاسيڪار ڊوڙي وڃي مليوسانس، نه ته هونئن آئون ٻئي پاسي پئي ويس. کيڪاريندي چيومانس ”سائين پڙهيو َ منهنجي ڪهاڻي، ’سهڻيءَ‘ جي تازي پرچي ۾ شايع ٿي اٿو.“

سائين مرڪي چوڻ لڳو ”شاهه، ڏاڍو چالاڪ آهين. اڳ ٿو وٺين ته آئون تو کان پڇي نه ويهان ته ڪجهه لکيئي يا نه. ۽ تون سمجهين ٿو آئون سنڌي رسالا نه پڙهندو هوندس. آئون هڪ هڪ ڇپيل سنڌي لفظ پڙهندو آهيان. ’سهڻي‘ به پڙهي اٿم، پر ڪٿي آهي تنهجي ڪهاڻي. شاهن هاڻي ڪوڙ ڳالهائڻ به شروع ڪيو.“

مون پڪ ڏيندي چيومانس ”نه سائين اعتبار ڪريو، توهان شايد پڙهي نه هوندي منهنجي ڪهاڻي.“وراڻيائين ”اڙي بابا! تنهنجي ته ڇا پر ’سهڻيءَ‘ ۾ ڪنهن ٻئي سيد جي ڪهاڻي ته ڇا پر ڪا لکڻي ڪانهي.“

مون ڳالهه کي پروڙي ورتو ۽چيومانس ”سائين، منهنجي نالي سان سيد يا شاهه لڳل ڪونهي.“ منهنجي جملي پوري ٿيڻ کان پهرين رڙ ڪري چيائين ”وري تون ٻيو سيد نڪتين جو ذات پيو لِڪائين۔ هوڏانهن طارق به شاهه ڪو نه لکي“ ۽ وري کلندي چيائين ”چئبو هاڻي شاهن جي ذات لِڪائڻ جو زمانو به اچي ويو آهي!“

انهيءَ وچ ۾ آئون لکندو رهيس ۽ خاص طرح ڪتابن تي تنقيد ۽ تبصرا به ڪندو رهيس. انهن ڏينهن ۾ هڪ اهڙي ڳالهه ٿي، جنهن جي ڪري سائين گراميءَ ۽ منهنجي وچ ۾ اختلاف ٿي پيا. مهراڻ جو ’شاعر نمبر‘ شايع ٿيو ۽ مون ان تي ’سهڻي‘ ۾ ٻارهن تيرهن صفحن ۾ نهايت سخت تبصرو لکيو ۽ سائين گراميءَ تي ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيم. دراصل ’شاعر نمبر‘ ڏسي مون تي شديد رد عمل ٿيو، جو اهو ’شاعر نمبر‘ نه پر ’خوشامد نمبر‘ ٿي پيو هو ۽ سائين گراميءَ جنهن نموني ۾ ’شاعر نمبر‘ ۾ شاعري ڇاپي، ان مان سستي خوشامد صاف بکي رهي هئي. آئون ’مهراڻ‘ کي ادبي بورڊ يعني سرڪاري يا قومي رسالو سمجهندي، ان جي ايڊيٽر جو اهو حق مڃڻ لاءِ تيار نه هوس، ته ايڊيٽر ان کي وڏن ماڻهن جي  خوشامد جو وسيلو بڻائي. اها تنقيد شايع ٿي ۽ انصاف پسند حلقن ۾ ته پسند ڪئي ويئي، پر سائين گراميءَ جي مخالف حلقن  به ان مان خوب فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي (اها مون کي پوءِ خبر پئي).

انهيءَ تبصري جو سڄي سنڌ ۾ ۽ هند ۾ به ڪافي چوٻول رهيو ۽ پوءِ منهنجي ڪَنن تي اها ڳالهه پئي، ته سائين گراميءَ جو اهو چوڻ آهي ته مون اها تنقيد سندس مخالف گروهه جي چوڻ تي لکي ۽ مرڳوئي انهن ويهي مون کي لکائي آهي. مون کي وري ان تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ وري ’سهڻيءَ‘ ۾ خط لکيو ته ’ايڊيٽر مهراڻ‘ پنهنجي خوشامد تي پڙدي وجهڻ لاءِ بهانا ڳولي رهيو آهي، جيڪڏهن منهنجي تنقيد صحيح آهي ته جواب ڏي.ڪجهاهڙي قسم جو خط هو ڪافي ڏينهن گذري ويا، ان وچ ۾ سائين گراميءَ سان ڪٿي به واٽ ويندي ملاقات نه ٿي. هڪ ڀيري گاڏي کاتي ۾ ملي ويو، کيڪاريومانس ۽ مون کي ڪڏهن به سائينءَ جو اهو گنڀير ۽ پيڙا ڀريل چهرو نه وسرندو. کيڪارڻ جو جواب ڏنائين ۽ ائين ئي پهرين وانگر مرڪي؛ پر هن دفعي سندس مرڪ ۾ سندس مخصوص خوشي نه، پر ڏک سمايل هو؛ پر ان وقت سندس ان لکا جو مون تي ڪو اثر نه ٿيو. آءُ پاڻ کي حق تي به سمجهي رهيو هوس ۽ منهنجي نيت به صاف هئي، ته مون تنقيد وسيع قومي مفاد وٽان ڪئي هئي. انهيءَ کان پوءِ آءُ ٻه ٽي ڀيرا ادبي بورڊ جي آفيس ويس ۽ اتي سائين گرامي صاحب سان ملاقات به ٿي سائين مليو پر انهي پيڙايل مرڪ سان، پر مون کي ڪڏهن به ائين نه محسوس ٿيو ته هو مون سان زوريءَ، مجبورن يا  رسمي طرح ملي رهيو آهي. بس هڪ طرح جو ڏک هو، جو سندس چهري تي صاف بکي رهيو هو. ڄڻ ائين چوندو هجي ”شاهه، توسان اها اميد نه هئي.“

ان دوران ’تحريڪ‘ ۾ هڪ اخباري ڪالمي انداز جو منهنجو هڪ مضمون شايع ٿيو، جنهن ۾ مون ان وقت جي ٻن خبرن تي ٽيڪاٽپڻي ڪئي هئي. خبرون هيون ته ”لاهور جي وڪيلن هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو آهي ته پاڪستاني سنگيت مان هندستاني سنگيت جو عنصر ڪڍيو وڃي ۽ اردو ٻوليءَ مان هندي ۽ سنسڪرت لفظ ڪڍيا وڃن.“ مون انهن خبرن جي اها اپٽار ڪئي ته پاڪستان جو سڄو اردو سنگيت، هندستاني ڪلاسيڪي سنگيت  جي آڌار تي ڳايو وڃي ٿو، سو جي پاڪستاني سنگيت مان هندستاني سنگيت ڪڍيو وڃي ته سڄو اردو سنگيت ختم ٿي ويندو ۽ باقي بچندو سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچ لوڪ سنگيت. ڇو جو لوڪ سنگيت ڪلاسيڪي سنگيت تي ٻڌل نه هوندو آهي، پر خود ڪلاسيڪي سنگيت، لوڪ سنگيت جي آڌار تي ٺاهيو ويو آهي، جو لوڪ سنگيت، سنگيت جي سڀ کان پهرين شروعاتي شڪل آهي، ۽ پوءِ اردو ٻوليءَ جي باري ۾ لکيم ته اردوءَ جي سڄي بناوت هنديءَ جي آهي، جو اردو هنديءَ مان نڪتل ٻولي آهي، ۽ هنديءَ کي عربي لپيءَ ۾ لکي ان ۾ عربي فارسي صفتون، ظرف ۽ اسم وڌا ويا آهن، باقي اردوءَ جا گهڻا فعل ۽ ضمير، حرف جر سڀ هندي آهن، جيئن  ته کانا، ڀاگنا، آنا، جانا، ۽ مين، تم، آپ وغيره سڀ هندي آهن؛ سو جي اردوءَ مان هندي لفظ ڪڍيا ويا ته سڄي اردو ختم ٿي ويندي.“ ڪجهه اهڙي قسم جو مضمون هو، انهيءَ مضمون شايع ٿيڻ کان پوءِ سائين گراميءَ مون ڏانهن منهنجي تعريف ۾ ڏاڍو تفصيلي خط لکيو ۽ منهنجي ڄاڻ  جي واکاڻ ڪيائين ۽ ’مهراڻ‘ ۾ لکڻ جي نينڍ ڏنائين. آءُ خط پڙهي ڏاڍو حيران ٿيس، جو مون کي اميد ڪانه هئي ته سائين گرامي مون ڏانهن ڪڏهن خط به لکندو ۽ اهو به رسمي نه پر واکاڻي_ مون کي پڪ هئي ته سائين مون کي ان ڪري خط نه لکيو، جو هو مون کي خوش ڪرڻ چاهيندو هوندو، ڇو جو ’مهراڻ‘ واري تبصري کي ڪافي عرصو گذري چڪو هو ۽ مون انهيءَ تبصري کان پوءِ باقاعدي ڪا ’مهراڻ‘ يا ايڊيٽر جي خلاف ڪابه مهم نه هلائي. جيتوڻيڪ سندس مخالفن مان مون کي چيو ويو ته آءُ وري مهراڻ تي تنقيد ڪريان، پر آءُ ان وقت سمجهي ويو هوس ته مون کي هو سائين گراميءَ جي خلاف استعمال ڪرڻ ٿا چاهين. هنن سمجهيو ته آءُ سائين گرامي جي خلاف آهيان، ان ڪري خوب سائينءَ جي خلاف لکندس ۽ سائين گراميءَ کي تنگ ڪري نوڪريءَ مان ڪڍائڻ جو سندن منصوبو پورو ٿي سگهندو. مون کي انهيءَ وچ ۾ انهن جي ذهني منافقي جي چڱي  ڄاڻ پئجي چڪي هئي. ان ڪري جڏهن سائينءَ جو خط مليو ته مون کي يقين هو ته سائين گرامي پنهنجي عادت کان مجبور ٿي، هڪ سٺي لکڻيءَ جي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ هن جو مون کي وري به همٿائڻ کان سواءِ ڪو ٻيو ملطب نه هو، ڇو جو هو جيڪا سنڌي ٻوليءَ سان بي پناهه پريت رکندو هو سان دوستي ۽ دشمني کان مٿي هئي. اها خوبي اسان سنڌي اديبن مان ورلي ملندي، آئون ته ائين چوندس اڻلڀ آهي. سائين گراميءَ جي رڳو اها خوبي کيس ايترو ته اتاهون مقام ڏئي ٿي، جنهن تي اڃا تائين شايد ڪو پاڪستاني سنڌي اديب نه پهتو آهي.

هڪ ڀيري منهنجي ۽ سائين گرامي صاحب جي عجيب ملاقات ٿي، ۽ ان ملاقات ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو هن دل جو حال مون سان اوريو چوڻ لڳو ”شاهه، تنهنجي ’مهراڻ‘ تي تنقيد گهڻي قدر صحيح هئي!“ آئون سندس جملو ٻڌي کيس حيرت سان تڪڻ لڳس. سائينءَ جي پايي جو ماڻهو منهنجي آڏو  اعتراف ڪري رهيو هو، پر پوءِ هوريان هوريان ڳالهه کوليندو ويو، چوڻ لڳو، ” مون کي تنهن جي صلاحيت جي باري ۾ شڪ هو مون کي پهريائين اها ئي پڪ هئي ته اها تنقيد توکان لکرائي ويئي آهي. ڀلا تون ٻڌاءَ، سنڌي ۾ ايمانداري جي تنقيد ڪنهن ڪئي آهي. هتي گروپن منجهه گروپ آهن، دوستي ۽ دشمنيءَ جي آڌار تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي. دراصل آئون ان وقت کان پوءِ توکي جاچيندو رهيس ۽ تنهنجين لکڻين، ڳالهين ۽ ڪجهه اهڙن ماڻهن کان تنهنجي باري ۾ خبر پيئي ته تون سنڌ ۽ سنڌي جو  وسيع تر مفاد ٿو ڏسين، اهو ئي سبب آهي جو تون بيباڪ آهين، ۽ ڪافي جهونا جن جو خيال آهي ته هر اسرندڙ اديب کي انهن کان آشيرواد وٺڻ کپي،  اهي توهان جي خلاف نظر ٿا اچن“

پڇيومانس ”سائين، ڀلا ڪهڙا گروپن منجهه گروپ آهن ۽ اهي ادبي ٺيڪيدار ڪير آهن؟“ سائين گراميءَ وري پنهنجي مخصوص انداز ۾ کلي ڏنو، ”شاهه، ڏاڍو چالاڪ آهين_ تو کي ته هاڻي مون کان به وڌيڪ خبر آهي، وري مون کان ٿو چوارائين. آئون ڪو نه ٻڌائيندوسانءِ“ مون به کلي ڏنو، پر منهنجي کل نظر انداز ڪندي، سائين هڪ ٻه منٽ ماٺ رهيو، ۽ ڪجهه سوچيندو رهيو، ۽ ائين پئي لڳو ته هو اهو پيو سوچي ته هو وڌيڪ ڳالهه ڪري  يا نه، خاموشي ٽوڙيندي هن چيو، ”جن ماڻهن جي هٿ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي رزق جو وسيلو هجي ۽ انهن جا گهڻا ويجها ماڻهو ان هڪ ماڻهوءَ جي پويان پئجي وڃن ۽ ان اڪيلي ماڻهوءَ کي سڀ چئوطرف گهيرو ڪيو ويٺا هجن، ۽ هو گهيرو تنگ ڪندا وڃن، ته نوڪري ته ٺهيو پر هو نيٺ نابود ٿي وڃي، ڇو جو هو انهن مطلب پرست خوشامدين کي پنهنجو آَقا ڪري نٿو تسليم ڪري، ته ڀلا هو اڪيلو ماڻهو ڇا ڪري؟“

آئون سائينءَ جي ڳالهين ۾ محو ٿيندو ويس _ هن سنڌي قوم جي مفاد پرست ٽولي جي ڪيتري نه گهري ۽ ڪڙي حقيقت بيان ڪئي هئي، پر ڪهڙي نه ڪماليت سان هو چاهي ته سڀ نالا وٺي سگهي ها، گهٽ ۾ گهث منهنجي اڳيان، پر ڪيترو نه محتاط هو، شايد ان ڪري ته هو انهن کان ايترو ته ڊيڄاريو ويو هو، جو هن ۾ هڪ به نالي وٺڻ جي همت ڪا نه هئي!

”پر سائين، اوهان ڇو ٿا ايترو هيٺ لهو؟ اوهان جو ته هر هنڌ وڏو قدر ٿيندو.“

مون چيو.

وري مرڪي ڏنائين ”مون کي هن عمر ۾ انهن پنج ڇهه سو روپين ملڻ جي ڪٿان به اميد ڪانهي. آئون ٻارن ٻچن وارو آهيان. نوڪرين جو جوکم کڻڻ ته اڄڪلهه تو جهڙو نوجوانن به ڇڏي ڏنوآهي، شاهه!“

سچ ته مون کي سندس اهو ’نوجوانن‘ وارو اشارو پنهنجيءَ دل سان لڳو. جڏهن آئون موڪلائڻ لڳس ته ويندي ويندي چوڻ لڳو ”مون رڳو شاعرن جي شاعريءَ جي خوشامد ڪئي آهي نه! جتي ماڻهو غدارن جي هر فعل جي خوشامد ڪري رهيا آهن، اتي مون واري خوشامد ته ليکي ۾ ڪانهي. اهو فيصلو تاريخ ڪندي ته ڪنهن، ڪنهن جي، ڪهڙي عمل جي، ڪهڙي وقت ۾ خوشامد ڪئي. انهن ماڻهن کي سزا به تاريخ ئي ڏيندي!“

آئون سوچيندو رهيس. ههڙو عالم، ههڙو فاضل، پر ايترو مجبور، ايترو گهٻرايل! اهڙو ماڻهو ڪنهن هٿ ٺوڪي اسلامي پارٽيءَ ۾ هجي ها، ته وڏو ليڊر هجي ها ۽ الائي ڪيترن ٻين ماڻهن کي پنج ڇهه سو روپين تي پاڻ وٽ نوڪر رکي ها، پر سائين گراميءَ پنهنجي نظريئي جو غلام هو. هن سڀ ڏک، ذهني پيڙا برداشت ڪئي، جو  هو سنڌ جو سچو خادم هو. هن جو نظريو سڌو سنئون هو، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حق جي ڳالهه ڪرڻ اسلام جي خلاف عمل ڪونهي، پر اسلام جي اصول ‘عدل‘ جي تشريح آهي_ جيڪي ماڻهو اسلام جو نالو وٺن ٿا، پر عدل ۽ انصاف کان عاري آهن، اهي در حقيقت اسلام جا دشمن آهن. ڇو جو هو اسلام جي آڏ وٺي، پنهنجا مڪروهه مفاد بچائڻ گهرن ٿا ۽ سنڌي سٻاجهڙن جي سادگيءَ  جو فائدو وٺي، انهن کي رسمي اسلام سان متاثر ڪري، انهن کي پنهنجن سنڌين جي پويان لڳايو ڇڏين، جيتوڻيڪ هو خود اڙدو ۽ هندستاني ڪلچر جي محبت ۾ سڀ ليڪا لنگهيو وڃن. سائين گراميءَ جي اها ملاقات واقعي عجيب هئي. ظاهري طرح ته ڏاڍي مختصر، ڏاڍي مٿاڇري ۽ ڏاڍي اڌ گابري، پر حقيقت ۾ ڏاڍي طويل، ڏاڍي گهري ۽ مڪمل.

شايد قدرت کي منهنجو سائين گراميءَ جي وچ ۾ جيڪو اختلاف پيدا ٿيو هو، ان جو حساب برابر ڪرڻو هو، پر انهيءَ نموني ۾ نه، جو پوءِ سائينءَ ڪو منهنجي خلاف ڪٿي لکيو، پر ان نموني جو ٻن نيت جي صاف ماڻهن جي وچ ۾ ٿيڻ کپي، ڏاڍي آدرشي نموني. اهو هيئن جو ريڊيو پاڪستان وارن، پنهجي دائمي لائيبريريءَ لاءِ مختلف ليڪچرن جو سلسلو شروع ڪيو ۽ انهن کي حسن علي آفندي، مرزاقليچ بيگ، ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ علاما قاضي ليڪچرن ۾ ورهايو، جنهن هيٺ سنڌ جي برک عالمن، دانشورن، ليکڪن سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي پنهنجا مقالا پيش ڪيا. هر ليڪچر ڏيندڙ کي وري ڪنهن ٻئي ليکڪ کان واقفيت ڪرائي ويئي علاما آءِ آءِ قاضي ليڪچرن جي سلسلي ۾ سائين گراميءَ کي ’شاهه جي شاعريءَ جا  اهم موضوع‘ تي ليڪچر ڏياريو ويو ۽ سندس واقفيت لاءِ وري مون کي چيو ويو، اهو پنهنجيءَ جڳهه تي عجيب اتفاق هو، ته جنهن ماڻهوءَ سائين تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ان کي ئي چيو ويو، ته هو سائين گراميءَ جي واقفيت ڪرائي_ ۽ ائين شايد حساب برابر ٿيڻو هو ۽  مون ليڪچر کان پهرين سائينءَ سان ملي، سندس حياتي جا تفصيل ورتا، پر جنهن نموني ۾ سائينءَ جي مون واقفيت ڪرائي، ان ۾ سائين جي علم ۽ سوچ جي باري ۾ اها حقيقت  پيش ڪئي، جنهن جو هو حقدار هو_ ان سلسلي ۾ هڪ عجيب تجربو ٿيو، آئون جڏهن واقفيت لکڻ ويٺس ته هڪ طرح جي لکيم، پر جڏهن ان کي پڙهڻ ويٺس ته متن پڙهندي پڙهندي ان کان الڳ سائينءَ جي علم ۽ ڄاڻ جي تعريف لاءِ جيڪي لفظ نڪتا، ان تي آئون پاڻ حيران رهجي ويس، ڇو جو اهي منهنجي ذهن مان ائين زبان  ذريعي ظاهر ٿي رهيا هئا، جيئن آئون ڪو الڳ ماڻهو هجان ۽ دماغ پنهنجي ذريعي ڳالهائي رهيو هجي،اِها شايد سائينءَ جي عالم ۽ مفڪر جي حيثيت هئي، جا منهنجي حواسن تي  سڌو سنئون اثر ڪري رهي هئي. آئون اهڙي نفسياتي ڪيفيت کان پهرين ڪڏهن نه گذريو هوس. البت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سان ملندي، منهجي دل هڪ بي قابو ڪيفيت ۾ ضرور مبتلا ٿيندي هئي. اهڙي ڪيفيت، جا ڪنهن پٽ کي پنهنجي شفيق پيءُ لاءِ سالن جي وڇوڙي کان پوءِ ٿيندي هجي سائين گرامي صاحب لاءِ به شايد منهنجي دل جي اهڙي ئي بي قابو ڪيفيت ٿي هئي.

انهيءَ ليڪچر کان پوءِ منهنجي وهم ۾ گمان ۾ به ڪو نه هو ته ڪا اهڙي صورتحال به ٿيندي، جتي مون کي سائين گراميءَ سان گڏ ڪم ڪرڻ جوموقعو ملندو. 1976ع ۾ جڏهن منهنجو سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان مقري ٿيڻ جو معاملو شروع ٿيو، ته آءُ ان ڳالهه ۾ ته بيشڪ نهايت ڀاڳ وارو هئس، جو بورڊ جهڙي قومي اداري ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعوملندو، پر ان ڳالهه جي ويتر خوشي هئي، ته سائين گراميءَ سان ايتري ويجهي رهڻ جو موقعو ملندو. آئون هونئن سيڪريٽري ٿيڻ کان پهرين ذهن ۾ ڪئين رٿائون ٺاهيندو هئس ته بورڊ ۾ هيئن ڪندس، هونئن ڪندس، پر هڪڙو معاملو اهڙو هو، جنهن لاءِ آئون ڪجهه ڪرڻ لاءِ وڌيڪ آتو هئس. سائين گرامي ايڊيٽر مهراڻ جي حيثيت ۾16 گريڊ ۾ ڪم ڪري رهيو هو ۽ سندس پگهار رڳو اٺ نو سئو رپيا هو.مون سوچيو هو ته سائينءَ جو گريڊ وڌائڻ منهنجو پهريون فرض هوندو. سائين جهڙي شخصيت کان 16 گريڊ م ڪم ڪرائڻ ظلم آهي. ٻي ڳالهه جا منهنجي ذهن ۾ هئي، ته سنڌي ادبي بورڊ جهڙي شاندار بلڊنگ ۾، جن ٻن ڪمرن ۾ ’مهراڻ‘  جي آفيس هئي ۽ جتي سائين گرامي ويهندو هو، اها جن به ڏٺي آهي،اهي پاڻ سمجهي سگهن ٿا، باقي جن نه ڏني آهي، انهن کي ائين سمجهائي سگهجي ٿو، ته اهي ٻه ڪمرا ايترا ته ننڍا آهن، جو انهن ٻن کي هڪ ڪمرو سمجهجي ته به جيترو ماڻهو ننڍي ۾ ننڍي ڪمري جو تصور ٿي سگهي ٿو ان کان به اهو ڪمرو ننڍو ٿيندو! ٻي خاص ڳالهه ’مهراڻ‘ جي آفيس جي باري ۾ اها آهي، ته اها سڄي عمارت کان ٻاهرين پاسي تي آهي ۽ دراصل اهي ٻه ڪمرا چوڪيدار جي رهڻ يا اسٽور جي ڪم لاءِ ٺاهيا ويا هوندا يا وڌ ۾ وڌ ان ۾ چانهه وغيره ٺاهڻ جو بندوبست ڪري سگهجي ٿو. اها هئي سائين گراميءَ  جي آفيس، جتي سائينءَ کي ڪم ڪندو ڏسي عبرت حاصل ٿيندي هئي. مون سوچيو ته سائين گراميءَ جي شان يا جيڪڏهن شخصيتن پٽاندر نه، ته به ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽر جي شان وٽان آفيس کي ان پٽاندر ضرور بڻائيندس. اهو ايڊيٽر ’مهراڻ‘ جو حق هو ۽ سائين گراميءَ کي اهوحق ضرور ملڻ کپي_ پر افسوس آئون سيڪريٽري ته ٿيس، پر سائين گرامي هن دنيا مان وڃي چڪو هو، ۽ جڏهن سيڪريٽري جي حيثيت سان هڪ ڏينهن  ’مهراڻ‘ جي انهيءَ آفيس ۾ امداد حسينيءَ سان ويٺو هوس، ته پويان ڀت تي ٽنگيل سائين گراميءَ جي تصوير تي نظر پيئي: اُهائي سندس چپن تي ابدي مرڪ ۽ مون کي ائين لڳو، ڄڻ چئي رهيو هجي ”شاهه، تون مون کي نئين آفيس ڏيئي مون تي مهرباني ڪرين ها ڇا!“ ان وقت اکيون ڀرجي آيون.

سندس لاڏاڻي کان پندرهن _ ويهه ڏينهن اڳ ۾ آئون نسيم احمد کرل ساڻس ملاقات ڪرڻ وياسون، ڳالهين ڪندي چيومانس ”سائين، مهراڻ ڪڍڻ ۾ اوهان جون ديريون ته هاڻي مشهور ٿي ويون آهن.“

وراڻائين، انهيءَ ساڳي مرڪ سان ”شاهه، اچين پيو نه هتي، پاڻيهي خبر پونديئي!“

مون ڪو جواب نه ڏنو. هڪڙو ته ان وقت فيصلو نه ٿيو هو ته ڪير سيڪريٽري ٿيندو؛ پر مون دل ۾ چيو هو ”سائين، توهان جيڪي گهرندا اهو آئون اوهان لاءِ ڪندس ۽ آئون توهان اهو ڪجهه ڪندس جو توهان کي حيرت زدهه ڪري ڇڏيندس. توهان کي ڪهڙي خبر ته توهان لاءِ منهنجي دل ۾ ڪيڏي عزت آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com