سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :21

مون زندگيءَ ۾ اهڙو ڪو به عالم نه ٻڌو، جنهن جي ٻولي ايتري لذيذ هجي. سندن تلفظ ۽ اُچار نهايت چٽو ۽ فصيح هوندو هو. هن جي گفتار جي شيريني ۽نڪته سنجي سامعين تي سحر طاري ڪري ڇڏيندي هئي. ليڪن منهنجي لکڻ مان ڪو  ائين نه سمجهي، ته ڪو هو شعبده بازيءَ ۽ لفاظيءَ جي کيڏ سان ٻڌندڙن تي ڇائنبو هو. نه ته ائين هر گز نه آهي. سندن تقرير موضوع سان نهايت ٺهڪيل هوندي هئي ۽ هو محض پنهنجي ڀرپور ۽ اثرائتي بيان باعث سامعين کي متاثر ڪندو هو. تقريري فن ۾ اها خاصيت ڪمال ڪري سمجهڻ گهرجي، جنهن ۾ مقرر صرف پنهنجي علميت جي سهاري ويٺلن تي ڌاڪو ڄمائي. اها منهنجي ناچيز راءِ آهي ته هو ”تقرير جو ڌڻي“ ۽ ”شهزور مقرر“ هو ۽ جڏهن به ميدان فصاحت جو ذڪر ڇڙندو، يا سنڌيءَ ۾ تقرير بيانيءَ جي ڪا تاريخ مرتب ٿيندي، ته گذشته اڌ صديءَ ۾، مولانا گرامي جو نالو سر-فهرست هوندو هو. سندن تقريرن کي اولين فرصت ۾ ڇپائڻ جو اهتمام ڪرڻ گهرجي، جي سنڌي قوم لاءِ فڪري سرمايي  جي حيثيت رکن ٿيون.

آءُ جڏهن مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جو طالب علم هوس ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري رهيو هوس، تڏهن 1963ع ۾ محترمي ڊاڪٽر الانا جن برطانيه مان نه رڳو لسانيت جي ڊگري وٺي آيا، بلڪ پاڻ سان گڏ هڪ نئون عزم ۽ ولولو به آندو هئائون. سندن اچڻ سان سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ جا مردگي ڇانيل هئي، تنهن ۾ هڪ وار روح ڦوڪجي ويو ۽ ادبي تحريڪون زور شور سان شروع ٿي ويون، آءُ تن ڏينهن ۾ گهڻو مستعد شاگرد هوس ۽ سڀني ادبي مشغولين ۾ حصو وٺندو هوس. انهن ئي ڏينهن ۾ استاد الانا جن جي سعيي سان هڪ سيمينار منعقد ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌي ادب جا تنقيدي نظريا“ جي عنوان سان مون پيپر پڙهيو. اهو انهن ڏينهن ۾ بلڪل نئين قسم جو موضوع هو، جنهن کي سڀني ويٺل اديبن گهڻي شوق سان ٻڌو ۽ ساراهيو. تقريب ختم ٿيڻ بعد جناب گراميءَ مون کي گهڻي تحسين ڏني ۽ آفرين چيو. اها سائينءَ جن سان مختصر ملاقات هئي، جنهن اڳتي هلي منهنجو ساڻن دوستيءَ ۽ نيازمنديءَ جوگهاٽو تعلق پيدا ڪيو.

اهو ساڳيو ئي عرصو هو، جنهن ۾ مان ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماستر به هوس ۽ خوش نصيباً ان وقت پنهنجي پياري دوست نواب حيدر علي خان لغاريءَ سان،دوستيءَ ۽ محبت جو پيوند پختو ٿي چڪو هو. اسان جا تڏهن به پاڻ ۾ گرما گرم بحث ۽ رهاڻيون ٿينديون هيون. مون کي اڻ لکو معلوم ٿيو، ته محترمي نواب صاحب جا گرامي صاحب جن سان مراسم آهن، ليڪن اهي ڪهڙيءَ حد تائين آهن، سو معلوم نه هوم، تن ڏينهن ۾ مان محترم لغاريءَ جي جاءِ (واقع هيرا آباد) تي روز شام جو حاضري ڀرڻ ويندو هوس. هڪ ڀيري اسان بدستور محو گفتگو هئاسون، جو اتفاقاً گرامي صاحب جن به تشريف فرما ٿيا. نگاهه پوڻ سان ئي پاڻ مون کي سڃاڻي ورتائون. اسان ساڻس گرمجوشيءَ سان ملياسون ۽ پاڻ نهايت شفقت ۽ محبت سان پيش آيا. ٻن ٽن ڪلاڪن تائين گفتگو  ڪندا رهيا ۽ موٽندي مهل به، ٽانگي ۾ گڏ سوار تياسون ۽ واٽ تي لهي، آءُ وري پنهنجي گهر ڏانهن اسهيس، ليڪن پاڻ مون کان، حيدر علي خان سان گڏ وٽن اچڻ ۽ دوباره ملڻ جو واعدو رتائون. مان ان گڏجاڻيءَ ۾ ئي سندن قدردانيءَ ۽ قرب جو اسير بنجي پيس.منهنجو ساڻن ان وقت کان وٺي نياز مندانه تعلق قائم ٿيو. مان سندن محفل ۾ گهڻي سڪ سان هلي وڃي شامل ٿيندو هوس. مان ته سندن نئون مشتاق هوندو هوس، ورنه گرامي صاحب جون اهي محفلون ته ورهين کان قائم هيون. حيدرآباد جون ڪيتريون نشست گاهون ۽ انهن جا درو ديوار، گراميءَ جي ترنم خيز آواز سان گونجندا رهندا هئا. ’ڪراچي هوٽل‘ ته سندن پراڻي بيٺڪ هئي، جا سندن چوڻ مطابق، سندس قيام حيدرآباد، 1943ع کان وٺي، سندن ڪچهريءَ جوآماجگاهه بنيل هئي. مان محترم حيدر علي سان گڏ، اڪيچار رهاڻين ۾ اتي شامل رهيس، رات جو دير تائين ملاقات رهندي هئي. سندن رهائش ”گرامي منزل“ تي به رفته رفته وڃڻ ٿيندو هو. ازانسواءِ بورڊ جي آفيس ۾ به ساڻن ملاقات ڪري، پنهنجي علمي اُساٽ اجهائيندو هوس.

سندن محفل، تخاطب ڪلام ۽ ڪچهريءَ جو نقش و نگار ڪڍان، سا طاقت ته منهنجي قلم ۾ نه آهي. جدا جدا نڪتن ۾ رموز تي، سندن مسلسل تقرير ڪلاڪن تائين جاري رهندي هئي. ڪڏهن سندن انداز ۾ گفتي جي لطافت ۽ ڪلام جي شوخيءَ تي زور هوندو هو، ته ڪڏهن وري سندن لهجو تند و تيز ٿي ويندو هو. گفتگوءَ ۾ مزاح ۽  بذله سنجي به هوندي هئي، ته چپي چپي تي سندن نشتر زني ۽ طنز به لاجواب هوندي هئي. هو شمع بنجي محفل کي گرمائيندو رهندو هو ۽ سندن شعله بيانيءَ ۽ ڪلام جي تپش ۾ ٻڌندڙ، شوق پروانه مثل مست ۽ مسرور رهندا هئا. ايتريقدر جو وقت گذرڻ جي سمڪ ئي ڪانه پوندي هئي؛ ليڪن جڏهن محفل برخواست ٿيندي هئي، ته اسان پنهنجي دل و دماغ کي تروتازه ڀائيندا هئاسون. بعضي بعضي محفل مان اگر سويل اٿڻ جي ڪوشش ڪبي هئي، ته پاڻ زيرلب مسڪرائيندي چوندا هئا، ته ”عرساڻي صاحب زندگيءَ جون ٻيون لطافتون ته وري به ملي سگهنديون، پر ههڙا لمحا وري ڪڏهن به ميسر نه ايندا.“ سندن محفل ۾ سدائين وقار ۽ سنجيدگي ڇانيل رهندي هئي ۽ ٻڌندڙ ائين ڀائيندو هو، ڄڻ ته هو عهد وسطيٰ جي ڪنهن قديم درسگاهه ۾ زالوءِ ادب کوڙي، هم تن  گوش ويٺو آهي ۽ پراڻي وضع قطع جو ڪو به برگزيده عالم ساڻس محو ڪلام آهي. جيتوڻيڪ پاڻ پراڻي وضع جا عالم هئا ۽ مشرقي طريقي جي دارالعلوم مان فارغ التحصيل هئا، تاهم افڪار جديد جو به عميق مطالعو هون. سندن جدت طبع ۽ ذوق حسن جو اهو ڪمال هو، جو پاڻ سدائين نوجوان لکندڙن جا مخلص دوست ۽ صلاحڪار رهيا ۽ سدائين ترقي پسند خيالات ۽ اصلاحي تحريڪن سان منسلڪ رهيا. هڪ دفعي پاڻ مون سان ذڪر ڪيائون ته ”اولين طور سندن طبعي ذوق ۽ رجحان مابعدالطبيعات ۽ تصوف ڏانهن آهي، ليڪن ثانياً پاڻ ’ادب‘ کي به اختيار ڪيو اٿن:“ شايد عقل ۽ روح جي انهيءَ اختلاط باعث ئي پاڻ ههڙي ذهن رسا ۽ لطيف طبع جا مالڪ بنيا هجن!

گرامي صاحب جي طبع ۽ روش ۾ هڪ قسم جي لچڪ هوندي هئي، جيڪو عالمانه حسن ڪردار جو هڪڙو روشن پهلو آهي. جڏهن به ساڻن  ڪنهن ادبي موضوع يا مسئلي تي گفتگو ڪندي پنهنجي طرفان ڪو نُڪتو پيش ڪبو هو، ته افهام تفهيم کان نٽاءُ نه ڪندا هئا، يا ٻئي جي راءِ کي قبول ڪرڻ ۾، گهٽتائي محسوس نه ڪندا هئا. پاڻ سدائين فراخدليءَ سان تبادله خيالات ڪندا هئا. يوناني حڪيمن متعلق ڪتاب پڙهيم، ته مون کي سندن ڪچهريءَ جو رنگ سراسر قديم يوناني حڪيمن جي درس و تدريس جي نظام سان مماثل نظر آيو. ڪن دوستن جي تحريرن ۾، نادانسته طور اهو تاثر آيل آهي، ڄڻ ته گرامي جون محفلون محض وات ٺڪاڻيءَ ۽ خوش گپيءَ لاءِ هيون، جا ڳالهه انتهائي غير مهذبانه ۽  غلط آهي. حقيقت ۾ سندن محفلون خالص علمي ۽ تدريسي هيون؛ جنهن ۾ طالبن ۽ مخاطبن جي ذهن ۽ ذڪا جي تربيت ۽ روحاني ترقي، سندن مطمع نظر هوندو هو؛ پر اها ڳالهه به ظاهر آهي، ته پرائڻ ۽ پرجهڻ جو تعلق لازمي طور ٻڌندڙ، يا شاگرد جي استطاعت تي مدار رکي ٿو. منهنجو اڃا ساڻڻ  گرما گرم ڪچهريءَ جو شروعاتي دور هو. ٽريننگ  ڪاليج ۾ پاڙهڻ دوران مون هڪ ڪتاب ”  The word teacher & their art of teacheing“ جو مطالعو ڪيو هو، جنهن جا چند باب ”عالمي استاد ۽ سندن فن تدريس“ جي نالي سان، مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا هئا ۽ اُهي ”اخبار تعليم“ ۾ سلسليوار شايع ٿيا. انهيءَ ڪتاب ۾ يوناني حڪيمن، سقراط، ارسطو ۽ افلاطون جي سکيا جو احوال نهايت تفصيل سان ڏنل آهي، ته ڪيئن هو شاگردن سان تخاطت ڪندا هئا ۽ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي تعليم اڻ محسوساتي طور تي، سندن ذهن ۾ منتقل ڪندا هئا. سقراط لاءِ چيل هو، ته هن کي نه مڪتب هوندو هو ۽ نه وري وٽس ڪو باقاعدهه مرتب ٿيل نصاب هو؛ ليڪن ان هوندي به، سندس سکيا جو طريقو نهايت موثر هوندو هو. وٽس جيڪي پرستار ايندا هئا، يا پاڻ جن طالبن وٽ هلي وڃي ڪچهري ڪندو هو، تن کان دوران گفتگو صرف سوال پڇندو هو ۽ سندن مسئلا معلوم ڪندو هو، جنهن بعد هو کين سندن فهم ۽ استدراڪ مطابق جواب ڏيندو هو؛ ليڪن اهو سڀڪجهه اهڙي ته دوستانه انداز ۾ ٿيندو هو، جو مخاطبين اها ڳالهه محسوس به نه ڪندا هئا، ته هو ڪو تعليم پيا پرائين. گرامي صاحب جو طرز تڪلم ۽ مجلسي انداز به ڪجهه اهڙي نوعيت رکندو هو. ٻئي ڪنهن به عالم وٽ، مون کي اهو انداز ۽ آداب نظر نه آيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪچهريءَ ۾ گرامي صاحب محو گفتگوهوندو هو ته منهنجو ذهن اچانڪ يوناني حڪيمن متعلق ڪتاب ڏانهن ڇڪجي ويندو هو، جتي هڪ باريش بزرگ پنهنجي شاگردن سان گفتگوءَ ۾ منهمڪ هوندو هو ۽ مون کي ان وقت گراميءَ جو چهرو سقراط جي موهم تصوير ۾ نظر ايندو هو. ساڳيو مهانڊو، ڳلن سان چهٽيل سونهاري، وڏو مٿو بيدار دماغيءَ جو اهڃاڻ ۽اهو ئي مجلس جو نقشو ۽ ساڳيو تخاطب جو انداز!

گرامي صاحب سان ڪيترا عالم به بحث مباحثا ڪندا هئا. ڪڏهن اسلام جي مختلف ديني اعتقاد جا مڃيل عالم، ته ڪڏهن وري مختلف صوفيانه مسلڪ جا داعي، ڪڏهن سياسي حرمت جا پاسبان ۽ آزاديءَ فڪر جا داعي. ڪڏهن انقلابي ۽ وطن دوست نوجوان، ته ڪڏهن ڪميونسٽ ۽ جهاد پسند، ڪڏهن مصلح ۽ معتدل عالم، ڪڏهن جديد تهذيبي ۽ عالمگير تحريڪن ۾ وچڙيل فرد، ته ڪڏهن وري علم و ادب جا حامي ۽ ٻوليءَ جا چاهيندڙ اديب ساڻس ملندا رهندا هئا. ليڪن پاڻ سڀني سان، سندن ئي دلپسند موضوع تي روشني وجهندا ۽ مطلبوب وضاحت ڪندا هئا. ان هوندي به هر مسئلي تي سندن تقرير وسيع معلومات سان لبريز ۽ هر نڪتي تي محيط هوندي هئي، ايتري قدر جو سندن بليغ ڪلام ۾، ڪٿي به سقم نظر نه ايندو هو. مجلس مان اُٿڻ وقت هو طبقه فڪر جو عالم سير ٿي نڪرندو هو ۽ گراميءَ جي تبحر علميءَ تي بي اختيار داد ڏيڻو پوندو هوس. سندن نڪته سنجيءَ ۽ بلاغت آميز بيان جو ڪهڙو ذڪر ڪجي! جيڪڏهن پاڻ ڪنهن جي سيرت جو بيان ڪندا  ته اهو شخص پنهنجي هم اوصاف سميت ٻڌندڙ جي اکين اڳيان اچي حاضر بيهندو هو. جيڪڏهن ڪنهن تاريخ جي ورق، پيش ايندڙ انقلاب يا سياسي جنگ  و جدل جو بيان ڪندا هئا، ته پنهنجي بصيرت سان ٻڌندڙن جا چوڏهن ئي طبق روشن ڪري ڇڏيندا هئا. واقعات جي هر پهلوءَ ۽ امڪان کي ائين ته اٿلائي پٿلائي پيش ڪندا هئا، جو ٻڌندڙ حالات جي سنگينيءَ کي نه رڳو سمجهندو هو، بلڪ پاڻ تي يڪايڪ اهو عالم نازل ٿيندو ڏسي، دهلجي ويندو هو. اهڙي طرح علم و فڪر جي هر پهلو تي سندن ڇنڊ ڀاڻ ۽ گرفت بي مث هوندي هئي. مثلاً جيڪڏهن گرامي صاحب کان ڪو رڳو ايترو پڇي ته ”سائين! تاريخ ڇو پڙهي يا تاريخ مان ڇا پڙهڻ گهرجي؟“ يا وري ڪهڙا ڪتاب سور مند ٿين ٿا ۽ ڪتابن مان ڇا پڙهڻ گهرجي. ته رڳو ايتري سوال تي به گرامي صاحب طويل تقرير ڪري ويندو هو ۽ ان ۾ عجيب –عجيب نڪته طرازيون بيان ڪندو هو ۽ اهو سارو ڪلام پر مغز ۽ معلومات افزا ٿيندو هو.

هن قحطالرجاليءَ جي دور ۾، سنڌ جي علمي ۽ ادبي ماحول اندر مولانا گراميءَ جو وجود باعث تسڪين هو. ورنه هن ويهين صديءَ جي مهذب ۽ سائنٽيفڪ معاشري ۾ به ڏسبو ته وڏين وڏين دعوائن جي باوجود به اسان وٽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد به ڪو نه ملندا، جي عالمانه خصلتون رکندا هجن. جن جو ايڏو وسيع مطالعو به هجي ۽ کين پيشڪش جو اهڙو سهڻو ڏانءُ به ايندو هجي ۽ وري علم و ادب سان پر خلوص وابستگي به رکندا هجن ۽ منجهن  اهڙو درد ۽ تاثير به هجي. البت اهڙا ”نالي ۾ نهال“ عالم ۽ استاد ضرور ڏٺم، جيڪي پاڻ تي وڏيون سَندون چسپان ڪيو گهمن، سڄي زندگيءَ ۾ هڪ سٽ به تحرير نه ڪئي اٿن، تاهم پنهنجي اڊمبر ۽ ڦوڪيا شوڪيا هلندا وتن. ڪي وري ويچارا پنهنجو”بت جهلي“ پيا هلن ۽ پاڻ تي خاموشيءَ جو ليبل چسپان ڪري ڇڏيو اٿن، ته متان ڪٿي ڪو علمي گفتي لاءِ، سندن وات نه کولايو وڃي، يا ڪن ته وري جيڪي ٿورو گهڻو لکيو آهي، سوئي کين کلڻ هاب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. اها ڪهڙي نه عجيب ڳالهه چئبي، ته گرامي صاحب به ساڳئي دور جو عالم هو، تاهم هن نه ته وڏيون پگهارون کنيون ۽ نه وري کيس ايڏيون ڪي اَجرتون حاصل هيون. هن ساري زندگي سادگيءَ سان گذاري ۽ هر حال ۾ قانع رهيو. هو هرڪو ادبي ڪم سِڪ ۽ محبت سان ڪندو هو.

گرامي صاحب جي بذله سنجي ۽ ظرافت لطيف ڏاڍي وڻندڙ هوندي هئي، جيڪا سندن شگفته مزاج جي عڪاسي ڪندي هئي. گفتگو زبان مان اهڙو ڪڍندا هئا، جو نه رڳو معنيٰ خيز هوندو هو، بلڪ ان ۾ سهڻي طنز به سمايل هوندي هئي. مثلاً جڏهن ڪنهن بي مغز تحرير يا کوکلي نقال ڏانهن سندن توجه ڇڪائبو هو، ته پاڻ نهايت متعجب خيز لهجي ۾ وراڻيندا هئا ته ”اڙي ويچارو مسڪين آهي!.“ پاڻ به نام نهاد ۽ ناپخته تحرير لکندڙ لاءِ سدائين ائين فرمائيندا هئا ته ” ويچارو مسڪين آهي.“ ڪنهن اخبار ۾، سندن ذات متعلق تمام اجائي نڪته چيني ۽ بيهودا ليک ڇپيا. هڪ دفعي ڪچهريءَ ۾ انهيءَ اخبار ۽ سندس ايڊيٽر جي ڳالهه نڪتي. پاڻ فرمايو ته ”ايڊيٽر بي سمجهه ۽ بي بضاعت انسان آهي، جنهن جي  اخبار ۾ آهي ته ’سائنس جو صفحو‘ ليڪن ان جو لکندڙ ڪير؟ مولوي الهه اوڀايو‘ اڙي هي ڇا؟ هي ڪهڙو اسرار چئبو! ڀلا ڪٿي سائنس جي ڳالهه ۽ راڪيٽ ۽ ان جي اڏام ۽ ڪٿي وري ان جو لکندڙ! جنهن اخبار جو اهو حال هجي، تنهن جو باقي معيار وري ڪهڙو؟“ ڳالهه ڪجهه اهڙي نوع ۾ ڪيائون جو پاڻ به کليا ۽ اسان  کي به ڏاڍي کِل آئي. هڪ دفعي ڪنهن درسگاهه جي هيڊ معلم جي ڪورذوقيءَ ۽  بي علميءَ جو ذڪر ڇڙيو، پاڻ چيائين ته ”بهتر آهي ته ان جي بدران ڊپارٽمينٽ ۾ اُٺ وٺي بيهاري ڇڏجي. ڪو به فرق ڪو نه پوندو، پاڻ زيردستن تان تڪلفات جو بار به هلڪو ٿي پوندو!“ اڃا به نويڪلائيءَ ۾ جڏهن گرامي صاحب جا ظريفانه گفتا يا پوندا آهن، تڏهن ملول طبيعت به سرور سان ڀرجي ويندي آهي. ان زماني ۾ گرامي صاحب تي تمام تلخ ۽ تيز تنقيدون به ٿينديون رهنديون هيون، پر مون ڪڏهن به سندن واتان ڪنهن به معترض لاءِ بازاري يا گهٽيا قسم جو لفظ نه ٻڌو. مون کين ڪڏهن به ڪنهن به موقعي تي مشتعل، بيچين يا ملال ۾ نه ڏٺو،هو سدائين پُر سڪون ۽ نهايت پر اعتماد رهندا هئا.

گرامي صاحب منهنجي هر لکيل شيءَ کي تحسين جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ نهايت گهڻي تعريف ڪندا هئا. ان معاملي ۾ پاڻ انتهائي فياض ۽ قدردان هئا. ٻين به نوجوان اديبن سان سندن ساڳيو حوصله مندانه سلوڪ هو. جڏهن پاڻ تعريف ڪندا هئا، ته مان شرمائجي ويندو هوس ۽ چوندو هوس ته ”سائين وڏي مهرباني، اها اوهان جي ذرهه نوازي آهي، نه ته منهنجو حال ناهي. ”امن آنم که من دانم.“ تعريف ته هر انسان جي ڪمزوري آهي. هر ڪو انسان پنهنجي ساراهه ٻڌي، ٿورو يا گهڻو پر خوش ضرور ٿيندو آهي. ساڳيو حال منهنجو به هوندو هو. هيڏي ساري سنخندان، عالم ۽ پارکوءَ جي زبان مبارڪ مان پنهنجي لاءِ اهڙا تعريفي سخن ٻڌي، منهنجو حوصلو نهايت بلند ٿي ويندو. منهنجي ڪتاب”سنڌيادب ۾ تنقيد “ شايع ٿيڻ وقت پاڻ انتهائي اشتياق ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيائون. ڪتاب کي پايه تڪميل تي رسائڻ لاءِ، روبرو ۽ خطن ۾ تاڪيد ڪندا رهيا. جڏهن ڪتاب پريس ۾ ويو، ته ڇپجڻ تائين بيقراريءَ سان منتظر رهيا ۽ هر باب کي غور و خوض سان پڙهندا ۽ تحسين ڏيندا هئا. ڪتاب اڃا مڪمل طور شايع نه ٿيو هو ۽ صرف چند بابت ڇپيا هئا، پاڻ اصرار ڪري مون کان انهن بابن جي ڊمي ورتائون. ۽ سکر ڏانهن اُسهيا، ته پاڻ سان گڏ اُها ڊمي حلقه احباب وٽ کڻي ويا ۽ موٽڻ بعد دلچسپ داستان ٻڌائون، ته ڪيئن هر دوست انتهائي شوق سان ان کي پڙهيو. ڪتاب کي شايع ٿئي يارهن سالن جو ڊگهو مدو گذري چڪو آهي. ان دوران چند سالن تائين، منهنجو گهرو حالتون سازگارنه رهيو ۽ آءُ علم و ادب ڏانهن پورو توجهه به ڏئي نه سگهيس. ان ڪري ڪتاب دوبارهه شايع ٿي نه سگهيو. ليڪن گرامي صاحب، ڪتاب جي ٻئي ڇاپي لاءِ گهڻو منتظر هئا ۽ مون کي بار بار تاڪيد ڪندا رهيا. ان معاملي ۾ پنهنجي غفلت ۽ ڪئي سببان سندن اڳيان سدائين نادم رهندو هوس. چوندا هئا ته”توهان جو ڪتاب ميدان ۾ نه هئڻ سببان،چند ناڪارهه شيون به ڪتاب ڪري پيون لکجن.“ افسوس جو سندن زندگيءَ ۾ اها آس پوري ٿي نه سگهي! تقريباً منهنجي هر مضمون لاءِ، سندن ساڳيوئي رايو هوندو هو. مون ماڻڪ پٿاوالا جي انگريزي ڪتاب مان، هڪ باب جو کين ترجمو شايع ٿيڻ لاءِ ڏنو، ته پاڻ پڙهي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ هڪدم ان کي شايع ڪيائون. هڪ دفعي ”اقبال رويو“ جو انگريزي پرچو هٿ ۾ ڏئي، حڪم ڪيائون ته هڪ مضمون جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيو. مون کي ستن اٺن ڏينهن ۾ ترجمو ڪري ڏنو، جڏهن پاڻ پڙهيائون ته بيحد ساراهه ڪيائون. جڏهن مان کين ڪو مضمون ”مهراڻ“۾ شايع ٿيڻ لاءِ ڏيندو هوس،  ته اولين پرچي ۾ ان کي جاءِ ڏيندا هئا. چوندا هئا ته ”مضمون کي هڪدم شايع ڪرڻ مان،  اها ڳالهه سمجهندا ڪريو، ته مون کي اوهان جي تحرير ڪيتريقدر نه پسند اچي ٿي.“

منهنجو ڪنهن به رسالي ۾، جڏهن به مضمون ڇپبو هو، ته ٻيو ڪير پڙهي يا نه پڙهي، ان جي پرواهه نه هوندي هوم، ليڪن دل بي اختيار چاهيندي هئي، ته گرامي صاحب اهو مضمون ضرور پڙهي ۽ داد ڏئي ۽ قدرتي طور ٿيندو به ائين هو! خبر ناهي ته منهنجي ڇپيل ننڍڙي شئي به گرامي جي نظر مان ڪيئن گذرندي هئي ۽ ملاقات ٿيندي ئي پاڻ ان جو ذڪر ڪندا هئا. ٽي چار مهينا اڳ ۾ ماهوار ”گلن جهڙا ٻار“ جي جدا جدا پرچن ۾ منهنجا، ٻارڙن لاءِ ٻه نظم شايع ٿيا، جي انگريزيءَ تان ترجمو هئا. گرامي صاحب ملاقات ٿيندي ئي انهن جو ذڪر ڪيو ۽ ارشاد ڪيائون ته ”اهي ۽ ٻيا لکيل نظم مهراڻ ۾ شايع ڪرڻ لاءِ ڏيو.“ سندن وصال کان چند ڏينهن اڳ ۾، پاڻ ويگن ۾ سوار ٿي، بورڊ جي دفتر وڃي رهيا هئا، ته ساڻن مختصر عليڪ سليڪ ٿي. پاڻ چيائون ته ”مون کي توهان جو مضمون ڏاڍو پسند آيو ۽ آفيس ۾ مِـلو ته وڌيڪ ٻڌائيندو سانوَ“. اهو سڀڪجهه ان ڪري لکيو اٿم، جو اهو ٻڌائڻ مقصد آهي، ته پاڻ مون تي تمام گهڻو مهربان رهيا ۽ منهنجي ادبي ذوق جي ترقيءَ ۾، سندن قدردانيءَ  ۽ حوصلا افزائيءَ جو به وڏو اثر آهي. ساڳيءَ ريت ٻين لکندڙن جي به پاڻ حوصله افزائي ڪندا هئا، جن مان ڪيترائي هاڻي ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر ليکيا وڃن ٿا.

افسوس جو گرامي صاحب ، وقت کان اڳي اسان کان جدا ٿي ويو. هن کان سواءِ هاڻي علمي ادبي محفلون سدائين ٻُسيون رهنديون! اسان جا ڪَــن وري ڪڏهن به سندن تقريرن جون صدائون ٻڌي نه سگهندا. وري ڪٿي به اهڙو مٺڙو ۽ ترنم خيز آواز ٻڌي نه سگهنداسون. هن مڻيادار مرڪڻ جي شگفته صورت پسڻ لاءِ، اکيون هميشه آسائتون رهنديون، جنهن جي چهري تي مرڪ اهڙي ته سونهندي هئي، جو دل چاهيندي هئي، ته  کين ائين ئي مرڪندو پيو ڏسجي! الا، الا! ههڙا درد آشنا ۽ پرخلوص انسان زماني ۾ ڪي قليل پيدا ٿين ٿا، جن کي چوويهه ئي پهر، علم و ادب سان والهانه شغف ۽ ان جي لات ۽ تات هجي. سندن گفتگو نهايت پرتاثير هوندي هئي، جنهن مان خلوص ۽ درد پيو ٽپڪندو هو! اهڙن انسانن جي صحبت مان، نه رڳو معلومات حاصل ٿئي ٿي، بلڪ ذهن ۽ ذوق کي تقويت به پهچي ٿي. طبع کي تسڪين ۽ روحاني سرور به ملي ٿو.

اڄ نه اوطاقن ۾، جوڳيان سندي ذات،
ڏينهان ڏورڻ ڏک سين، روئن سڄائي رات،
تن جنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا!
 

شايد شاهه لطيف به اهڙن قربدارن جي رهاڻن کي ياد ڪندي چيو هو ته!

صحبت جا سنديان، آءُ نه جيئندي اُن ري!

 

محمد حسين ”ڪاشف“

هوندا سي حيات

گرامي صاحب گذاري ويو، گرامي صاحب دوستن کي روئندو ڇڏي ويو، گرامي صاحب ادبي مجلسن کي ويران ڪري ويو وغيره، ڇا گرامي صاحب مرحيات آهي؟ نه، نه، هرگز نه، اهڙا پيارا ۽ پاٻوهه ڀريا پرين مري نٿا سگهن اهي. ته امر آهن، حيات.

گرامي صاحب ڇا هو ۽ ڪيئن هو، ڇا ڪيائين ۽ ڇا ڪرڻ ٿي چاهيائين، ان جو وستار وڏو آهي.

منهنجو عزيز دوست، منهنجو استاد، منهنجو محسن، منهنجو ڀاءُ. ڇا چوان، هن سان ڪهڙي نسبت ڳنڍيان. پاڻ اسان سڀني کي اڪيلو ڇڏي، هڪ اهڙي هنڌ وڃي وسيو آهي، جتان موٽڻ محال آهي:

نه خبر نه خواب، نه ڪو اوٺي آئيو،
هِتان جو هُت ڪنهن، ڏنو ڪو نه جواب،
هميرن حساب، ڪوهه ڄاڻان ڪهڙو ٿيو.
 

گرامي صاحب جي شخصيت، علميت، ادبي ڄاڻ، نڪته سنجي ۽ معامله فهميءَ جو هر ڪنهن کي اعتراف آهي. هو دوستن جو دوست هو، پر هن ڪڏهن پنهنجي ادبي مخالفن سان به ٻاڙو نه ٻوليو، گرامي صاحب جي شخصيت ڪا معمولي شخصيت ڪانه هئي، هو صاحب جامع ڪمالات هو. سندس علمي مرتبو صرف سنڌ واسين لاءِ فخر جو باعث نه هو، پر هو بر صغير جي فڪري دنيا جي اهم شخصيت هو. گرامي صاحب علم ۽ ادب جي تاريخ جو هڪ دور هو، هڪ علامت (Symbol) ۽ سنگم هو، هڪ اڻ مٽ ۽ اڏول نشان هو. گرامي هڪ دور جي علامت جو نالو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي فڪري تاريخ سميٽجي اچي ٿي. سندس علمي ۽ فڪري  بلندي، تقرير ۽ تحرير جي خوبين جي جيڪا تعريف ڪجي، اها ٿوري آهي. پاڻ ڪنهن به مسئلي تي، پوءِ اهو سياسي هجي يا سماجي، علمي هجي يا ادبي، فلسفي جو هجي يا ديني، ان ئي سير حاصل بحث ڪري، ٻڌندڙ کي سمجهائيندا هئا. سندن پياري گفتگو ۽ شخصيت جو تاثير، ٻڌندڙ کي مجبور ڪندو هو، ته هو مطمئن ٿئي.

پاڻ نه صرف صاحب، مطالعہ هو، پر صاحب ِ فڪر پڻ هو. هو نڪته چين نه، پر نڪته نواز هو، صاحب ِ تخليق هو،هڪ فڪر جي ترويج ڪندڙ هو، جنهن تي سنڌ واسي جيترو ناز ڪن، اوترو ٿورو آهي. گرامي صا‎حب جوموت، هڪ علمي ۽ ادبي دور جو موت آهي. علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم کان پوءِ، سندن ئي واحد شخصيت هئي، جيڪا سنڌ جي فڪري تربيت جي شمع هئي. جنهن جي چوڌاري ڪئين پروانا هئا، اڄ هميشہ هميشہ جي لاءِ  اها شمع ويئي. ليڪن آئون سمجهان ٿو، ته سندن جاڳيل جوت، فڪر ۽ فن جي دنيا ۾، ادب ۽ اتهاس جي ميدان ۾ سياسي شعور ۽ قومي لگن جي جذبي کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ جرڪائيندي ۽ چمڪائيندي ۽ سنڌ جي سانگيئڙي جي سرير ۾، جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ گرمائش ۽ حرارت پيدا ڪندي ۽ ان کي پنهنجي منزل جي ويجهو آڻيندي. بظاهر گرامي اسان کان پري، تمام پري، ’جڳن جا جڳ ٿيا، تهان نه موٽيو ڪوءِ‘ جي منزل تي آهي؛ ليڪن جيستائين فن ۽ فڪر، علم ۽ عمل، سوچ ۽ لوچ، تحريڪ ۽ ذهن جي نواڻ جو تعلق آهي، گرامي صاحب زنده آهي، سدا حيات آهي. هن مرد قلندر پنهنجي زندگي، گنجي جي گام تي جنهن انداز سان شروع ڪئي، اهو بيان کان ٻاهر آهي. حيدرآباد جهڙي سنگلاخ شهر ۾، جتي شعر و سخن جو چرچو هجي، علمي ۽ ادبي مجلسن جي گرمي هجي، مختلف مڪتبه فڪر هجن، قديم ۽ جديد  جو بحث هجي، رجعت پسنديءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي پچار هجي، جتي ڪئين گاروڙي گرز کوڙيو ويٺا هجن، اتي هن زبان ۽ قلم جي ڌڻيءَ، پنهن جي فڪري پالوٽ سان ماحول ئي ٻيو بنائي ڇڏيو ۽ فڪري اوسر جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. علمي توڙي عملي طور، تحريڪي توڙي تنظيمي خيال کان، نئين نسل جي رهبري ۽ سکيا ۾ پاڻ موکيو ۽ پاڻ پڻي جي انهن خولن کي ختم ڪري ڇڏيو، جن فن ۽ فڪر جي دنيا تي، پهري جي ديوار کڙي ڪري ڇڏي هئي، ۽ هر ڳالهه لاءِ پاڻ کي وارث ۽ حرف آخر ٿي تصور ڪيو. فڪري اوسر جي ذهني همواريءَ لاءِ، کين ڪافي مشڪلاتون آڏو آيون ۽ ڪيترا دفعا، غلط ادبي مبحث جو پرچار ڪيو ويو؛ پر گرامي صاحب پنهنجي فڪري تدبر ۽ سنڌي سوچ جي اڏاوت کي خيال ۾ رکندي، صحت مند ادبي نظريه ۽ علمي بحث جو بنياد وڌو ۽ مخالفانه انداز نظر جي بجاءِ، تعميري طريقه ڪار ادبي دنيا م اختيار ڪيو. سندن انهيءَ ادبي ۽ فڪري جاکوڙ، عملي ۽ علمي خوشبوءَ کان، حيدرآباد ته ڇا، سڄي سنڌ جي علمي ادبي فضا ڪر موڙي ۽ ڦلارجي اٿي، جنهن سان وڻ واسجي ويا ۽ ملير مهڪي اٿيو هو، پاڻ نه صرف سنڌ جي  علمي ۽ ادبي دنيا ۾، پر سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حلقن ۾ به، نئين سوچ جي هڪ علامت رهيا. سندن، نالي وٺڻ سان، هڪ ماڻهوءَ جو تخيل ذهن ۾ نه ايندو هو، پرهڪ دور، هڪ تاريخ ،هڪ آئيد يالوجي جو خاڪو اڀري ايندو هو. پاڻ 1943ع ۾ جامع عربيه ۾، مرحوم علي اڪبر شاهه جي صحبت ڪري آيا ۽ اتي ئي درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيائون. ان بعد ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد ٿي رهيا. مختلف رسالن، عرفان لطيف، اسان جي دنيا، شاعر، روح ادب، مهراڻ ٽماهي وغيره ۾ ڪم ڪيائون. هفته وار اخبارن هاري حقدار، پاسبان، هلال پاڪستان ۾، شروع توڙي پوئين دور ۾ ڪم ڪيائون. سندن علمي ۽ ادبي ڪارنامن جو ڪهڙو ويهي وستار ڪجي. پاڻ لکڻيءَ ۽ چوڻيءَ جي وسيلي، نئين نسل جي جنهن بهادري ۽ دليريءَ سان رهبري ڪيائون، اها هڪ حيثيت رکي ٿي. ان لاءِ ادبي ثقافتي ۽ قومي ميڙن ۽ گڏجاڻين ۾، سندن صدارتي توڙي ٻيون تقريرون، تاريخي حيثيت رکندڙ آهن، جنهن کي سنڌ  جي فڪري تاريخ جو عظيم سرمايو چوڻ کان رهي نٿو  سگهجي.

جمعيت الشعراءُ هجي، يا سنڌي ادبي سنگت، بزم طالب الموليٰ هجي، يا سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا تحريڪ، ون يونٽ جي ڏاڍ خلاف ڪو ميڙ هجي، يا جيئي سنڌ جي ڪا ڪوٺ، هي مرد قلندر سڀ کان اول صف ۾ هوندو هو. پنهنجي پُـروقار شخصيت، گنڀرتا ۽ شعله بيانيءَ سان بحر پلٽي وجهندو هو. جذبات ۾ گرمي آڻي ڇڏيندوهو. سندن تقرير جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان وڻ واسجي ويندا هئا، ملير مهڪي اٿندو هو، ڦوڳ ڦلارجي پوندا هئا ۽ سنڌوءَ جي سون ورنين لهرين ۾ ارتعاش اچي ويندو هو. سندس سوچ جوان ۽ فڪر جوان هو. شاعريءَ توڙي تنقيد ۾، ادبي تخليق توڙي ادب لطيف ۾، پنهنجي انداز جو مالڪ هو. سندن هر تحريڪ ۽ تقرير فڪري بصيرت، علمي شائستگي، وسيع النظري، دليل ۽  دلائل سان پُر ۽ پڙهندڙ کي هڪ خاص نُڪتو ڏيڻ ۽ ان کي سوچ تي اڀارڻ واري عمل جونمونو هوندي هئي. ان ڪري هر لکڻيءَجي حيثيت، علمي ۽ ادبي شهه پاري جي هئي ۽ علمي دنيا ۾ سنگ ميل جي حيثيت سان ليکي ويندي هئي،  سندن ٽماهي مهراڻ جا ايڊيٽوريل نوٽ ۽ اهي علمي ادبي لکيتون، هڪ تاريخي حيثيت رکن ٿا. انهيءَ ادبي مواد ۾، جيڪو فڪري وکر وهايل ۽ علمي سرمايو سيهڙيل ۽ سموهيل آهي، اهو پئي پراڻو نه ٿيڻو آهي. جڏهن به ان جو ورق ورائبو ته ان ۾ نواڻ پيئي نظر ايندي ۽ سٽ سٽ ۾ هن عظيم شخصيت جي فڪري حسن جو هڳاءُ پنهون جي پرتوي جيان جهڙ ۾ جهالارا ڏيندو نظر ايندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com