سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :4

سوال: گرامي صاحب، هيءُ آخري سوال آهي ته توهان جي نظر ۾ سنڌي قوم جي ثقافت جا اثرائتا گڻ ڪهڙا آهن؟

جواب: عرض هيءُ آهي ته سنڌ جي ثقافت جا جيڪي به پهلو آهن، انهن لاءِ ڪا خوش فهمي نٿو ظاهر ڪريان، پر فن جي مطالعي، تجربي ۽ مشاهدي کان پوءِ توهان کي عرض ڪريان ٿو ته سنڌي قوم جي ثقافت جو هر پهلو ڪامل، مڪمل ۽ جامع آهي، سنڌ جي شعر شاعري، سنڌ جو لوڪ ادب، سنڌ جا قصا ڪهاڻيون، سنڌ جي اڏاوت، سنڌ جي عمارت سازي، سنڌين جي پوشاڪ، سنڌين جي خوراڪ، سنڌين جو اوڇڻ، سنڌين جو گهر، اهي سموريون شيون دنيا جي ٻين خطن کان بلڪل جدا ۽ انفراديت واريون آهن، سنڌي قوم جي ثقافت جو بنياد ”انسان دوستي“ آهي. سنڌ جي انسان جي دل ۾ هزارن سالن جي رياضت، هزارن سالن جي فڪر جي تسلسل کان پوءِ،  هزارن سالن جي عرصي دوران، بزرگن، نيڪ مردن، بهادرن جي روايتن جي ٻڌڻ کان پوءِ هر سنڌي ماڻهوءَ جي دل ۾ اها شئي ويهي ويئي آهي، ته هر انسان  محبت جي لائق آهي، ان شيءَ سنڌي قوم ۾ وڏو علم به پيدا ڪيو آهي، فراخدلي به پيدا ڪئي آهي، نگاهه جي وسعت به پيدا ڪئي ۽ ساري انسانذات سان محبت ڪرڻ جو هڪڙو عقيدو به پيدا ڪيو. ٻي شيءَ اها ته سنڌ جو انسان ڪن به معمولي مذهبي اختلافن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو، حالانڪ جديد دنيا جا انسان اڄ  به مذهبي اختلافن  ۾ ڦاٿل آهن، پر توهان سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ڏسندو ته ڪو سنڌ جي ماڻهن مذهبي جنون ۾ خونريزيون ڪيون هجن، وقتي سياسي طور تي ڪن چند ماڻهن اهڙي قسم جا فساد ڪرايا آهن، جنهنڪري خونريزي ٿي به آهي، پر اها سنڌي ماڻهوءَ جي  مزاج موجب نه آهي، ٽين خصوصيت آهي ابلاغ_ يعني پنهنجي فڪر کي ظاهر ڪرڻ جو طريقو ، ان سلسلي ۾ توهان ڏسندو ته سنڌ جو پورو علم ۽ فن انسانيت کي خطاب ڪري ٿو. اهو مجموعي حيثيت سان سڄي ڪائنات کي خطاب ڪري ٿو، چوٿين شيءَ اقتصادي خوشحالي، جيڪا اسان جي سنڌ جي ثقافت جي بنيادي شيءَ آهي، اهو دور هو، جيئن انگريزن جي رپورٽ موجب جيڪڏهن هن ننڍي کنڊ ۾ ڏهه سال لاڳيتو ڏڪار پئجي وڃي ته سنڌ جي هڪڙي سال جي پيداوار ان جي ڏهن سالن تائين ڪفالت ڪري سگهي ٿي.

ميرن جي دور توڙي ڪلهوڙن جي دور جون اگهوتريون ان حقيقت جون شاهد آهن ته پائي لپو مکڻ جو کپائيندا هئا ۽ ڪوڏين جي حصن تي شين جو واپار هلندو هو، اها هئي اقتصادي خوشحالي! هاڻي سوال پيدا ٿيندو ته اها شيءُ ڇا جي پيداوار آهي؟ ته ان جو جواب صاف آهي ته سنڌ جي ماڻهوءَ جي مزاج ۾ ذخيري اندوزي ۽ دولت ميڙڻ شامل نه آهي، سنڌ جو ماڻهو سرمايي گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ نه وڌندو ، سنڌ جو ماڻهو ذخيري اندوز نه ٿيندو، موجوده دور جون اهي ذخيري اندوزي، شين ۾ ملاوٽ ۽ بي ايماني جهڙيون خباثتون سنڌيءَ جي مزاج جي بلڪل خلاف آهن، تازو گوشت جي ڪاروبار جي باري ۾ اخبارن ۾ خبرون آيون ته سنڌي ڪاساين گوشت وڪڻن بند ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ جو هو شبهي کان پري ڀڳا. اهو سنڌي قوم جي ثقافت جو جز آهي، ڪهڙو؟ جمال پسندي، ذوق جماليات، لطافت ۽ لطائف لطيف شين سان، محبت، لطيف کي پسند ڪرڻ، توهان اندازو لڳايو، ته مردار شيون اهو واپرائيندو جنهن جو قلب غليظ هوندو. ٻيو ته راڳ سنڌي ثقافت جو مکيه جزو آهي، راڳ هن ننڍي کنڊ جو گڏيل تهذيبي ورثو آهي، پر سنڌ جي ماڻهوءَ جڏهن ان راڳ کي ڳايو ته انهيءَ ۾ هن هڪڙي جيڪا لئين آميزش ڪئي، سا اها ڪئي ته هن راڳ ۾ دل ۽ قلب جو سوز سمايو، ان ڪري سنڌ جو ملوڪ ۽ سنڌ جو ماڻهو راڳ کان گهايل هوندو ۽ جيئن ته راڳ هن جي پوري اخلاقي، ذهني ۽ قلبي ڪيفيتن کي بدلائي ٿو ڇڏي، ان ڪري هو سٻاجهو، ٻاجهارو ۽ انسان دوست بنجي وڃي ٿو، ساڳئي وقت مظلوم رهڻ ڪري هن ۾ برداشت جو به هن تي ظلم جا پهاڙ پيل آهن، جيڪو سنڌ جو هي ملوڪ ماڻهو پنهنجي ڪلهن تي کنيو  بيٺو آهي، ڇاڪاڻ جو هن جي ثقافت کيس برداشت ڪرڻ سيکاريو آهي، ممڪن آهي ته ڪو اهڙو دور ايندو، جو هو انهن ظلمن کان آجو ٿي ويندو.

اهڙيءَ طرح سنڌيءَ جو لباس شرافت وارو آهي، توهان ڏٺو هوندو ته سنڌي ماڻهوءَ جي پوشاڪ تي وڌيڪ ڪپڙو ڪتب ايندو آهي، ان جا ٻه سبب آهن، هڪڙو ته سردي گرمي کان بچاءَ ۽ ٻيو هٿيار جي ڌڪ کان بچاءَ، مثال طور پٽڪو، هي هڪ طرف عزت جي نشاني آهي ته ٻئي طرف ڪنهن هٿيار جي ڌڪ کان مٿي کي بچائي ٿو، پڳ جو تصور سنڌ ۾ عظمت جي هڪ علامت آهي. تنهن کان پوءِ اجرڪ  سنڌ ثقافت جو گڻائتو اهڃاڻ آهي. ان تي مون هڪ الڳ مقالو لکيو آهي، جيڪو تصويرن سان ”برسات“ ۾ شايع ڪرڻ جي خواهش رکان ٿو، اجرڪ جي جمالياتي خوبي هيءَ آهي، ته اجرڪ ۾ سڀ رنگ ملايا ويا آهن ۽ رنگن جو جيڪو نفسياتي اثر ۽ رنگن جو جيڪو صحت تي اثر ٿئي ٿو، ان تي جديد دور ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آهن.

خوراڪ تي اچو، جيڪو سنڌي ثقافت جو گڻ آهي، ليرن ججهي، منجهند ۾ چڱي ، پر رات جو سادو کاڌو ، اها آهي سنڌي ماڻهو جي خوراڪ، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل مذاڪري ۾ هڪ روسي عالم پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ چيو هو ته سنڌي ماڻهو جي اها خوراڪ، وڏي ڄمار ۽ سگهي جسم جي ضمانت آهي.

ٻي جيڪا سنڌي ثقافت جي بهترين خصوصيت آهي، جنهن کي موجوده دور ۾ نظرانداز ڪيو پيو وڃي، اهو آهي ٺڪرجي ٿانون جو استعمال، سنڌي ماڻهو موهن جي دڙي کان  ويندي اڄ ڏينهن تائين ٺڪر جي ٿانون کي ڪتب آڻيندو رهيو آهي، ٺڪر جون ناديون، ٺڪر جا ڪنا، ٺڪ جا دلا، ٺڪر جون پاٽيون، ٺڪ جا ٽڀا، ٺڪر جي دانگي، سنڌي ماڻهوءَ جي ڪراڪري آهي. ان کي سهڻي ڪرڻ لاءِ ان تي ڪا شيءَ جي گلڪاري ڪئي ويئي انهن ٿانون کي ڪتب آڻڻ مان وڏا فائدا آهن، مون سنڌ جي وڏي ۾ وڏي حڪيم ۽ فلسفي مخدوم بصرالدين جي زيارت ڪئي آهي ۽ ڏٺو آهي ته هو جست جي برتنن کان سخت نفرت ڪندو هو، ڪنهن جي گهر ۾ ويو ۽ جي ڪنهن جست جي برتن تي مخدوم بصرالدين جي نظر پئجي ويئي، ته مالڪ جي پڇڻ بنا اهو جست جو برتن لتاڙي،  چٻو ڪري ٻاهر اڇلائي ڇڏيندو هو، فرمائيندو هو، ”اُن مان سرطان تائين بيماريون پيدا ٿين ٿيون.“ مراد آبادي ٽامي جا ٿانوءَ به ماڻهو کي بيماري ڏين ٿا، پر ٺڪر جي ٿانون ۾ رڌو پڪو ڪرڻ توڙي کائڻ سان نه فقط ڪابه بيماري پيدا نٿي ٿئي، پر رڌڻ بچائڻ ڪري خوراڪ جون قوتون برقرار رهن ٿيون، جنهنڪري ماڻهو سگهو رهي ٿو، اها شيءَ به اسان جي ثقافت جو هڪ اعليٰ درجي جو گڻ آهي. اهڙي ريت سنڌي ماڻهوءَ جي جُتي به سندس صحت جي ضامن آهي، مطلب ته سنڌي ثقافت دنيا جي سمورن ملڪن جي ثقافت کان اعليٰ ثقافت آهي ۽ سمورين ثقافتن  جي ”امانت“ ڪندڙ آهي.

(”برسات“ تان ورتل)

تقريرون

غلام محمد گرامي

ايءَ نه مارن ريت..............

(مارئيءَ جي ميلي 1967ع تي ڪيل صدارتي تقرير)

سڪر ۽ سڪار جي مائي جا هم وطنو، جناب مير صاحب محترم، ۽ مارئي جي ملير جا مارو، عزيزو!

سڀ کان اول، مان پنهنجي هم سفر پيارن دوستن، اديبن، شاعرن ۽ سگهڙن جي طرفان اوهان سڀني جو ٿورائتو آهيان، جن ههڙي اوکي پنڌ تي اسان کي پهچايو آهي، ۽ مارئي ملير، ان جي مِٺي مٽيءَ ۽ ٿر جي ٿڌي واري جي زيارت ڪرائي آهي، خدا ڪري ته هي ڪشالا ساب پون ۽ سڪار ۽ سک جي مارئي، ڪوٽن ڪڙولن مان نڪري، وري پيرون چونڊي، پائر ۾ پير گهمائي، کيت سان کِلي، ڊٻن تي ڇيلڙا چاري، هن کوهه تان ٻوڪا ڇڪي، ڦرڙن کي پاڻي پياري، هن ڪونڊيءَ کي سنواري، هن پائر جو پنير واپرائي، کٿيرين سان کاڄ کائي کائر جو کير ۽ پلر جو پاڻي پئي، گولاڙن کي پٽي ، سرتين ۽ جيڏين سان رهاڻيون ڪري، سڱر ۽ ٻوُر روڙي، کٿيءَ ۾ ڀُرت ۽ ڏُٿ گڏ ڪري، لُلر ۽ لاڻا آڻي، سڳن سيڻن سان سهج ڪري، پنهنوارن سان پرچي ۽ سنگهارن سان سرچي، ۽ ڦٽل ڦوڳ جو ائين ئي نصيب ڦٽي، جيئن صديون اڳ ٿي چڪو آهي!

ملير جي سرزمين جا اسان لاءِ هڪ عظيم ۽ قديم تهذيبي ۽ تاريخي ورثو ٿي چڪي آهي، ان جي ڊٻِن ۾، ان جي گسن ۾، ان جي پيچرن ۾، ان جي واٽن ۾، مارئي ۽ ان جي ڇيلڙن جا نقش موجود آهن، هن غير ذي زرع ۽ لق و دق صحرا جي ذري ذري تي، انسان جي عظمت ۽ عصمت جا ڪيئي روح پرور ۽ وحد انگيز داستان موجود آهن، هن اٿاهه ۽ اڻ کٽ واري جي بيابان ۾، مارئي جي سڪ ۽ پوتر تائي، سادگي ۽ غيرت، عصمت، شناسيءَ ۽ پريتڻي جا هر هنڌ نشان کُتا پيا آهن، هن کائر ۽ ڀالوا جي راهه ۾ اوچيون ۽ اتاهيون ڀٽون، اڄ به اوچي ڳاٽ بيٺيون آهن، ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي ٻڌائي رهيون آهن، ته هن کائر جي مٽيءَ مان مارئيءَ جو خمير ٺاهيو ويو، هتي جي پاڪ پلر سان کيس ڳوهي، ڇنڊي ڦوڪي تيار ڪيو ويو، هتي جي غيرت ۾ حميت ، هتي جي پريتڻي ۽ عصمت جو روح منجهس ڦوڪيو ويو، هتي جي لڄ جي لوئي کيس اوڍي ويئي، هتي پُسين ۽ گولاڙن جا  گل کيس پارايا ويا، هتي جي لَيُن ۽ لاڻن، لُلُر  ڏُٿ جي کيس پهرين سُتي چکائي ويئي، هتي جي کائر جو خوشبودار کير کيس پياريو ويو، هتي ئي کيس لڄ ۽ پاڪبازي جون لوليون ڏنيون ويون، هتي ئي کيس سيل ۽ ست جا زيور پهرايا ويا، هتي ئي مارئي ، وڌي وڏي ٿي، هتي جي کٻڙن ۽ ڄارين ۾ مارئي ڇيلڙا چاريندي هئي، هتي ئي ڏٿ چونڊيندي هئي، هتي ئي لُلر ۽ لاڻا ميڙيندي هئي، هتي ئي سانئون ۽ لنب سڪائيندي هئي، هتي جي سامهون واري کوهه تان پاڻي ڇڪيندي هئي،  ان سامهون واري ڪونڊيءَ مان کين پاڻي پياريندي هئي، هتي ئي کائر تي کوئڻ جي چمڪاٽ تي خوشي، کان نچندي ۽ ٽپندي هئي، هتي ئي پلر جي پاڻي ۾ پيرڙا گهمائي، ڇپڪ ڇپڪ ڪندي هئي، هتي ئي، بند ٻڌي ، پلر جي پاڻي کي روڪيندي هئي، هتي ئي جهانگين جي ڪکاون جهوپن ۽ چونرن ۾ چلولايون ڪندي هئي، هتي ئي ٻڪريون ۽ ڇيلا ٽپندا  ۽ ڪڏندا هئا، هتي ئي ٻڪرين کي ڏسندي هئي، هتي ئي کير ڄمائيندي هئي، ۽ هتي ئي کير ولوڙيندي هئي، هتي ئي مکڻ جا چاڻا ڪڍي منگهه  سينگاريندي هئي. هتي ئي ڏٿ، لنب ۽ سانئي کي سڪائي، پينهي ۽ پچائي کائيندي هئي!

هتي ئي کيس کيت سان مڱايو ويو، هتي ئي کيس لڄ واري لال ۽ لاکيڻي لوئي ڍڪائي ويئي، هتي ئي کيس سُڃ ڳڻائي، ڏيج ڏنو ويو!

بيشڪ هيءَ زمين اسان لاءِ زيارتگاهه آهي، هتي جي اوچاين اڳيان سر جهڪايون ٿا، پنهنجي علم ۽ فن جا جهنڊا سرنگون ڪريون ٿا، پنهنجي شعر ۽ ڪلام سان ورکا ڪريون ٿا، پنهنجي روح ۽ وجدانگيز ڪيفيتن کي محسوس ڪريون ٿا، پنهنجي دل ۾ عجيب خوشي ۽ مستي  موجزن ڏسون ٿا، اسان جي مشام جان تائين، اڄ به اها هير پئي اچي، جنهن هير مارئي جي دل سڌير ٿي ڪئي، جذبات ۽ ڪيفيات جو آمجگاهه، بنجي ويا آهن، اسان جا ارواح! اسان جا دماغ ۽ اسان جا پساهه! هڪ عجيب ۽ اڻمٽ سڳنڌ ۽ ساءَ سان اسان جون دليون واسجي ويون آهن!

مارئي، اها تاريخي علامت آهي، اهو شاعرانو ڪنايو آهي، اهو صوفياڻو استعارو آهي، جنهن کي اسان جي صوفي شاعرن، عالمن، بزرگن ۽ سگهڙن ڳايو وڄايو آهي.

 ان مارئي سان ڪنهن کي ريس آهي، جنهن کي ميين شاهه عنات، لطيف سائين ، سچل سرمست، خليفي نبي بخش لغاري، صديق فقير صوفي، مخدوم عبدالرحيم گروهڙوي، مخدوم محمد زمان لواريءَ واري، جهڙن شهره اَفاق بزرگن بيان ڪيو آهي! جنهن جي صورت ۽ سيرت، خوراڪ ۽ پوشاڪ غيرت ۽ حميت، حب الوطنيءَ ۽ پريتڻي جا داستان ، سنڌي ادب جو روح بنجي چڪا آهن، جنهن جي سيلَ ۽ سَتَ کي مقدس روايت جي حيثيت ملي چڪي آهي، جنهن جي ڪردار جي انگ انگ کي، صوفيانه اصطلاحات ۽ انساني شعور جي ترجماني، لاءِ انتخاب ڪيو ويو آهي ڀلا مارئي جو ڪردار ڪو وسرڻ جو آهي! اڄ به عمر آهي، ڪلهه به هو ۽ اڳتي به ايندو؛ عمر جا ڪوٽ ۽ ڪنگرا، نئين نيئن دور ۾، نئين نئين لباس ۾ پيا اچن وڃن، ظلم ۽ استبداد جا زنجير ۽  طوق، نيئن سج نوان پيا گهڙجن، ۽ انهن جي فنڊ ۽ فريب کي نئين سج نئين مارئي پئي للڪاري ۽ لتاڙي، نيئن سج نوان”ڦوڳ“ پيا اچن وڃن، ۽ پيا فساد مچائن!

قرآن، ان ڦوڳ شيطان سڏيو آهي، ان جي فتنه پروريءَ ۽ منافقت تي لعنت وسائي آهي. ان ڦوڳ ئي آدم کي حق کان دور ۽ مهجور ڪيو، اهو ئي ڦوڳ آهي، جو اڄ به لڄ لاهي، پيو مارئي کي هيسائي ۽ عمر کي برغلائي، اڄ به ان ڦوڳ جي فساد ۽ چُرچ، تي عمر بادشاهه، آب حيات جي چشمي تان، آزادي جي مارئي پيو کڻي!

اڄ مارئي هڪ اڌ نه رهي آهي، اڄ ملڪ مڙيئي ”مارئي“ ٿي چڪو آهي، سک ۽ سڪار جي مارئي، سيل ۽ سَت جي مارئي، عمرڪوٽ جي ڪڙولن ۾ قابو آهي، اڄ مارئي، پئي ماروئڙن ڏي واجهائي، ڪانگ ڏسي، محلن تي چڙهي، بيابانن ڏانهن ڪرَ کڻي، پونهار پئي پڇائي، قاصد پئي ڳڻي، ۽ ڳائي، خواب پئي لهي، للر ۽ لاڻا ، لنب ۽ ڏٿ پئي طلبي، اڄ به عمر پيو زوريون  ۽ زاريون ڪري، پٽ پٽيهر باسي، کاڄ پيو کائي، محلن ۽ ماڙين جي آرام جا ڏٽا پيو ڏئي، کٿيري کي ريشم ۽ پٽ اڇي پونهار کي پيو ريجهائي، ۽ برغلائي. اهي ڇيلا حيران آهن، کوهه ويران آهي، ڪونڊي چپ آهي مارو مونجهه ۾ آهن، ملير اٻاڻڪو آهي، ٿريليون ڏک ۾ آهن، سانگيڙا ۽ جهانگيڙا، ڏاڍ ۽ ڏمر کان ڏڪي رهيا آهن، ڦوڳ پيو اِٽون اڇلائي، ڇپر الله ڪندو، اهي ڪوٽ ۽ ڪڙول، ڪنگرا ۽ ماڙيون، مارئي جي سيل ۽ ست اڳيان ڪنبي اٿندا! اهي زنجير جهُري پوندا، اهي بند کلي پوندا، اهي ڪشٽ ڪٽُجي ويندا، نه رهندو عمر ۽ نه سندس ڪوٽ، مارئي ماڳ ايندي ۽ ڦوڳ جو منهن   ڪارو ٿيندو! مارئي کيت سان خوش ٿيندي، ٿر ۾ عيدون ٿينديون، ٿر تي گهنگهور گهٽائون  ڄاڻ ته آيون، ترايون پلر جي پالوٽ سان تار ٿينديون، چَڙن جي چونگار ٿيندي، ۽ ”هو هو“ جي هونگار ٿيندي، ماروئڙا خوش ٿيندا، وڄڙيون وسڻ جو ويس ڪنديون، ۽ پونهار ڌڻ ڪاهي پهريا کائر ۾ کير ٿيندو، ۽ اناج سهانگو ٿيندو!

اچو ته الله توهار ڪريون، لطيف جا آخر ۾ ٻه بيت پيش ڪندس، جي منهنجي روح جي گهراين ۾ رچي ويا،

ڏينهان ڏورن ڏُٿَ سين، راتيون ڪر رهاڻ،
عمرِ تنين ڪاڻ،منهنجو روح رڙيون ڪري!
 

مارئي جي لفظن ۾:

پهرين وڃان ٺوءِ، پوءِ مِرُ پڄنم ڏينهڙا!
جا عمر تومل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا،
ويچارن وسري وئي، خوشي ۽ خريد!
 

۽ ”ڪريم“ جي ڪلام ۾:

ڪاڻياريون ڪيئن ڪن، عمر اڇا ڪپڙا!!
 

اها اسان جي طلب ۽ تمنا هجڻ گهرجي، بلڪ اسان جي حال ۽ قال جي علامت:

ايءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون سين،
اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانَ ڪُريت،
پکن جي پريت، ماڙين سان نه مٽيان. لطيف

 

 الله ڪندو هت منڊل ٿيندا، علمي مرڪز کلندا، سٿ ۽ سيل جو چشمو، ساري ملڪ کي سيراب ڪندو شال!

(مهراڻ: 1، 1967ع)

هڪ نئون فڪر، هڪ نئين سوچ

محترم حاضرين!

سنڌي شام جي هن مبارڪ ۽ وجدآور تقريب ۾ جي ولوله انگيز ۽ فڪر آفرين تقريرون ٿيون آهن، اهي اسان ۽ توهان جي جذبات ۽ خيالات جون ترجمان آهن. سکر جي سنڌي شام جو خمار آفرين ماحول اڄ دو آتشه نظر اچي رهيو آهي.

 دوستو! اوهان بار بار ظلم ۽ استبداد جا لفظ ٻڌا آهن، پر انهن لفظن جي فني ۽ لغوي، اصطلاحي ۽ روزمره جي استعمال کان گهٽ واقفيت آهي، چنانچه ان کي سمجهڻ ضروري آهي.  ان سلسلي ۾ ”داستان فرعون وڪليم“ پيش ڪري رهيو آهيان.

 عزيزو! اسان جنهن انقلاب آفرين نظام سان وابسته آهيون، اهو ”دين“ آهي، ۽ نه مذهب، ان دين جو پيغام قرآن  آهي، قرآن حق ۽ باطل جي ڪشمڪش لاءِ جي ڪردار پيش ڪيا آهن، انهن مان ڪي هي آهي: فرعون، قارون، هامان ۽ موسيٰ عليه السلام، قرآن قومن جي آزاديءِ ۽ غلامي جي ڪشمڪش کي جنهن بصيرت افروز انداز ۾ بيان ڪيو آهي، افسوس جو ان کي اسان جي ساده لوح عالمن ۽ عام ماڻهن مطالع نه ڪيو آهي.

 فرعون استبداد ۽ ظلم ، مطلق حاڪميت، غير عادلانه جبريت، شخصي ۽ ذاتي قوت، قاهرانه ۽ جبرانہ تسلط جو نمائندو آهي، جو پاڻ کي الله پڻ سڏائي چڪو آهي!

ان طرح قارون سرمايه دارانه نظام جو محافظ نمائندو آهي، جنهن مصر جي اسباب رزق، پيداواري، ذرائع، مال ۽ دولت، اناج ۽ لٽو ڪپڙو، گهر ۽ جايون سڀ قبضي ۾ رکيا هئا، ان طرح پوري رعايا کي رزق ۽ اسباب کان محروم ڪري ڇڏيو هو، ان سرمايدارانه تسلط ۽ غلبي فرعون کي مطلق العان حاڪم ۽ آمر بنائي ڇڏيو هو، قارون پنهنجي خزاني جي ڪري بدنام آهي، ڇا لاءِ ته سندس خزانو رعايا جي رَت  ۽ سَت مان پيدا ٿيو هو، سندس خزاني جي انبارن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان جون ڪنجون به گڏهن تي لڏيندا هئا، ملڪ جو پيسو پيسو سندس خزاني ۾ جمع هو، جنهن کي فرعون ۽ سندس خوشامدي، امير ۽ وزير پنهنجي عيش ۽ عشرت لاءِ بي دريغ صرف ڪندا هئا، ڪروڙين رپيا پنهنجي محلاتن جي آرائش تي صرف ڪيا ويندا هئا، اربين رپيا پنهنجن مقبرن تي خرچ ڪيا ويندا هئا، پر فرعون کي ٻڌائيندا هئا ته ”مصر م کير ۽ ماکيءِ جون نهرون پيون وهن!“

ان کان پوءِ هامان جو ڪردار آهي، جو مذهبي ٿيا ڪريسي، تقدس مابي ۽ مذهبي بزرگيءَ جو نمائندو آهي. مذهب جي ساري نظام پوڄا پاٺ، عبادت ۽ رسومات، عقيدي ۽ عمل جو محافظ ۽ مطاع هامان رهيو آهي، ان جي عملي ۾ ننڍا ننڍا مذهبي پيشوا هئا، جي پوري رعايا کي هامان جي ٺاهيل دستور العمل ۽ نصب العين موجب، فرعون جي خدائي اڳيان جهڪائيندا هئا. هامان پوري رعايا کي فرعون کي ”رب الارباب“ سڏارائي، ان جي شخصيت اڳيان سرنگون ۽ سربسجود رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

هامان جي هڪ حيثيت مفتيءَ جي پڻ هئي، هامان هميشه آزادي پسند ۽ حق پسند گروه ۽ ان جي سربراهن جي خلاف ڪفر ۽ بغاوت ، ارتداد ۽ دهريت جون فتوائون ڏيندو رهيو. هامان مظلومن ۽ آزادي پسند رهبرن جي خلاف قتل جون فتوائون لکي، فرعون جي تلوار آبدار جو چوٽيءَ تي ٻڌندو هو ۽ فرعون انهن فتوائن جي آڙ ۾ آزادي پسند گروهه کي قتل ڪرائيندو رهيو. ان حيثيت سان پورو مصر جو ملڪ مفلوڪ الحال ۽ ڪنگال رهيو، رعايا ۾ زندگيءَ جو ڪو به نشان نه رهيو، رعايا جي دانشمند طبقي کي واجب القتل ٺهرايو ويو ۽ لکين مظلوم قتل ڪرايا ويا، ان طرح فرعون جي وحشت ۽ دهشت جي ڪري عوام هميشه لرزه براندام رهيو. رعايا جي منهن تي مهرون هنيون ويون ڪي ٻه چار ماڻهو سرگوشي ڪري نٿي سگهيا، ۽ ڪي ٻه ماڻهو فرعون جي خلاف احتجاج ڪري نٿي سگهيا، انڪري  اڄ تائين ”فرعون ۽ فرعونيت“ کي ظلم ۽ استبداد، آمريت ۽ مطلق  العنان جابريت جي علامت قرار ڏنو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com