سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :7

 سنڌ جي علمي فضيلت متعلق مشهور عربب محققن اعتراف ڪندي گهڻو ڪجهه چيو آهيِ ابن ابي صبعيه لکي ٿو: ”قان ابن عدي ان الهند (سنڌ) لهم علوم جليتہ من العلوم الفلسفتہ واتہ وقع اليہ ان العلم من بشم وصل اليو نانيين.“ (ابن عدي چوي ٿو ته سنڌ وارن وٽ علم ۽ حڪمت تي وڏو ذخيرو موجود آهي، مون کي معلوم آهي ته يونان ۾ اهو سارو ذرخيرو سنڌ مان ويو.)

ان طرح ابومعشر ”ڪتاب الالوف“ ۾ لکي ٿو: ”فد اعترف لهابا الحڪمتہ و اقر باالتبريز في الفنون المعرفت ڪل الملل سابقتہ“. (سنڌ جي علم ۽ فن، حڪمت ۽ فلسفي ۽ ان کان علاوه ساري دنيا جي قومن کان وڌيڪ سنڌين جي علم ڏانهن اڳ وڌڻ جو اعتراف دنيا جي سڀني قومن ڪيو آهي).

”اخبارالحڪماء“ ۾ آيل آهي ته ”دنيا جي سڀني قومن ۾ سنڌ علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آهي. دنيا جي سڀني قومن ۾ سنڌ عدل ۽ سياست جو پهريون مرڪز آهي. اسان جي ملڪ کان پري هئڻ ڪري، سنڌ جا ڪتاب اسان جي عالمن تائين گهٽ پهتا آهن، تاهم اسان وٽ جو ڪجهه به پهتو آهي، اهو تمام گهٽ آهي.“

عربن جي تصنيفات ۾ ان قسم جا ڪيئي حوالا موجود آهن، جن ۾ تسليم ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي سرزمين علم ۽ حڪمت جي کاڻ رهندي آئي آهي.

معزز حاضرين! ’هند‘ ۽ ’سنڌ‘ متعلق لفظي تصرف جي تاريخ به عجيب آهي.

سڀ کان اول چين وارن سنڌو درياهه کي ’شِن – تو،‘ ۽ ان کان پوءِ ’سِن- تو‘ ۽ اُن کان پوٰ ’سَن-دو‘ سڏيو ، ايرانين ’س‘ بدران ’هه‘ اُچاري ’هندو‘ بنايو. يوناني عالمن ۽ سياحن ’هه‘ ۽ ’د‘ جي اچارن بدران ’ان- ڊو‘ آندو، ۽ ملڪ کي ’انديڪا‘ ۽ درياهه کي ’انڊس‘ سڏيائون. اڳتي هلي اهو لفظ ’انڊيا‘ بنيو، جو اصل ۾ ’سنڌ‘ آهي. ”سنڌ“ کان علاوه ٻي ڪابه ’انڊيا‘ ڪانه هئي- سڪندر اعظم سان آيل محقق توڙي پوءِ آيل يوناني سياح، ايران جي غلطيءَ کان پيدا ٿيل لفظ ’هندو‘ ۽ زند اوستا ۾ آيل ’هپت هندو‘ کي اڳيان رکي، سنڌ ۽ سنڌو لفظ وساري، انڊو، انڊس ۽ انڊيا استعمال ڪندا رهيا. اها ساڳي غلطي عربن به دهرائي. انهن به ايراني لکيتن موجب هند ۽ هندو لفظ استعمال ڪيا. اهو مغالطو نيٺ عربن ئي ختم ڪيو. محمد بن قاسم کان پوءِ جي آيل مورخن ۽ جاگرافي دانن اچي ڏٺو ته ’سنڌ‘ جدا آهي ۽ ’هند‘ جدا آهي. ان کان پوءِ ئي ’سنڌ‘  جي بدران ’هند‘ جدا جدا ڪرڻ لکڻ شروع ڪيائون، پر کانئن اڳ وارن عرب عالمن وٽ ’سنڌ‘ جي بدران ’هند‘ ئي لکيل آهي، جو درست نه آهي. ان خيال کان اهو تمام ضروري آهي ته عربن جي ڪتابن ۾ جتي جتي ’هند‘ لفظ آيل آهي، اُهو ’سنڌ‘ سمجهڻ گهرجي. اڳتي هلي، هن مسئلي کي مولانا روميءَ واضح ڪري ڇڏيو آهي. فرمائي ٿو:

هنديان را اصلاطح ِ هند مدح،
سنديان را اصطلاح ِ سنڌ مدح.
 

(هندو وارن  لاءِ هندي زبان ۽ سنڌ وارن لاءِ سنڌي زبان نيبهه هجي).

دوستو ۽ بزرگو! مون عرض ڪيو آهي ته سنڌ ۾ سڀني مذهبن ۽ اصولن جي حقيقتن جو قدر مشترڪ موجود آهي. پري نه وڃو، رڳو اهو ڏسو ته اسلام کان اڳ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم موجود هو. سنڌ جو حڪمران راءِ گهراڻو خود ٻڌ مذهب جو پيروڪار هو، جنهن کي هندو برهمڻن ’شودر‘ ڪري لکيو آهي. ٻڌ ڌرم، برهمنزم جي رد عمل ۾ هڪ عرفان پسند فلسفو ۽ تصوف جي باطني تحريڪ وانگر هڪ حڪمت آفرين تعبير هو، جنهن ۾ ’نفي‘ جي زيادتي هئي. ٻڌ ڌرم ۾، هندو ڌرم جي  هر بُت ۽ عقيدي، هر جبر ۽ هر استبداد جي نفي ڪئي ويئي. ان جي ساري نفيءَ واري فلسفي ۾ اڃا اثبات جي گنجائش هئي. جڏهن اسلام آيو، تڏهن سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي نفيءَ کي اثباب جي عقيدي سان روشناسي ٿي ۽ سڀني ٻڌ ڌرم وارن اسلام کي دل ۽ جان سان قبول ڪري ورتو. اهو ئي سبب آهي جو هڪ صديءَ کان پوءِ، سنڌ ۾ تصوف جي جا لهر آئي، سان خالص سنڌي هئي. سنڌ جو تصوف ايران، عراق ۽ وچ ايشيا واري تصوف کان قديم به هو ۽ جدا گانه انفراديت جو حامل به هو.

سنڌ جي تصوف هتي جي هندن کي به بدلائي ڇڏيو. لطيف ، سچل ۽ شاهه شهيد جي هندو مريدن ۾ اهڙا به مريد هئا، جي نماز ۽ روزي جا پابند، ذڪر ۽ فڪر جا پابند، تلاوت قرآن ڪريم ۽ دلائل الخيرات جا پابند هئا، جن کي وفات کان پوءِ قبرن ۾ پوريو ويو. ان انفراديت متعلق نامور جرمن مستشرق ڊاڪٽر انيمري شمل پڻ تعجب جو اظهار ڪيو ته ساري اسلامي دنيا ۾ اهو فقط سنڌ ۾ دستور نظر آيو آهي ته غير مسلم مريد سنڌ جي بزرگن ۽ مرشدن جي پيرانديءَ ۾ پوريل آهن؛ ايران ۽ ٻين هنڌن تي ائين ناهي. ان ڪري ئي عرض ڪيو اٿم ته سنڌ جو تصوف ايران، عراق ۽ وچ ايشيا جي تصوف کان زيادهه وسيع المشرب آهي. سنڌ جو تصوف اَدميت ۽ محبت جو پيغامبر آهي ۽ اُن ۾ همه گيري ۽ عالمگيري آهي. دراصل تصوف جو وسيع نظريو ۽ مقصد اهو ئي آهي، جنهن جي موجودگيءَ ۾ ٻيا سڀ نظريا ۽ عقيدا محدود آهن.

حضرات! آءُ ته ائين به چئي سگهان ٿو ته تصوف سنڌ ۾ نه فقط ارتقا حاصل ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ عروج واري آخري منزل به ماڻي آهي، جا کيس ٻئي ڪنهن به هنڌ حاصل نه ٿي. سنڌ ۾ تصوف جو مطمح نظر فقط للهيت ۽ انسان جي خدمت آهي.  انسانذات جي خير خواهي ۽ ڀلائي، انساني حيات کي دوام ۽ قيام بخشڻ، انسان جي روح کي روشني ڏيڻ، انساني ضمير ۾ تازگي پيدا ڪرڻ، سنڌ جي تصوف جا مکيه مقصد رهندا آيا آهن.

سنڌ ۾ تصوف جي خصوصي ڪيفيت اها پڻ آهي جو عرب ۽ عجم جا سمورا مڪتبه  فڪر  سنڌ ۾ جمع ٿي هم آهنگ ٿي چڪا آهن. هت چئن مشهور طريقن جي تعليمات موجود آهي. ته غزاليءَ ۽ مجدد الف ثانيءَ، روميءَ ۽ عطار جو فلسفو پڻ  موجود آهي. اسان وٽ شاهه لطيف ۽ سچل بادشاهه ايران جي ساري تصوف جي ساري تصوف کي لباس پهرائي ان ۾ اضافا ڪري مڪمل بنائي چڪا آهن سنڌ ۾ تصوف جي ڪيترن مختلف ۽ متضاد عقيدن ۽ نظرين ۾ به تطبيق پيدا ڪئي ويئي آهي. حضرت مجدد وحدت الشهود جو قائل آهي ته حضرت سلطان الاولياء وحدت الوجود جو شارح آهي. جيئن برصغير جي ٻين هنڌن تي نقشبندي، قادري، چشتي ۽ سهروردي بزرگن جا اختلاف پيدا ٿيا، اُن جهڙو مثال سنڌ ۾ موجود نه  ملندو، سنڌ جي سڀاڳي سرزمين تي اهي سمورا سلسلا پنهنجا فروعي اختلاف مِٽائي هڪ ٿي  ويا. گويا سنڌ ۾ سڀني سلسلن جي عمل ۽ عقيدن جي تڪميل ٿي، ان ڪري هاڻي سنڌ ۾ ڪنهن ٻئي نئين ۽ ٻاهرئين مڪتبه فڪر جي ڪابه ضرورت نه رهي آهي.

حضرات! مون کي اجازت ڏيو ته سنڌ جي تصوف جي هڪ نمائنده شاعر، صوفي صادق فقير—جو هڪ بيت پيش ڪريان. جو پنهنجي مفهوم ۽ مضمرات جي حيثيت سان نهايت اهم آهي. فرمائي ٿو:

الله ڇڏيائون اورتي، پرانهون پنڌ پيا،
بنا نالي سپرين، اڃا ڪي ٻيا،
واڪيندا ويا، صادق ٻڌيون سندرا.
 

ان هڪ بيت تان الاهيات ۽ تصوف جا سڀ عجمي ڪتاب قربان!”الله ڇڏيائون اوتي“ جو مفهوم آهي اسم، رسم بيروح ۽ بيرنگ مقصدن کي ڇڏيڻ، مُردگيءَ ۽ افسردگيءَ کي ڇڏڻ، رسم ۽ اسم جي جهان مان نڪري معنوي جهان جي حقيقت کي ماڻڻ. ان بيت ۾ اصل ۽ معنوي جهان کي ”بنا نالي سپرين“ چيو ويو آهي. صادق فقير جو چوڻ آهي ته جڏهن ته هراسم جو مسميٰ موجود آهي ته پوءِ الله جي اسم جو مسميٰ ڪهڙو آهي؟ ڇو ته اسم ۽ مسميٰ  پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن. مصري هڪ نالو آهي. پر خود مصريءَ جو وجود آهي، مسميٰ آهي، جو اسم کان بلڪل جدا گانه وجود رکي ٿو.هت الهه جو اسم موجود آهي، پر مسميٰ جي ڄاڻ ڪانه آهي. جيڪڏهن مسميٰ جو ڪو وجود ڪو نه آهي ته پوءِ اُن جو اسم ٿي نٿو سگهي، ڇو ته اسم مسميٰ جي تعريف آهي. ان  جي تعريف بي مثال آهي. جڏهن ته مسميٰ جو وجود به بي مثال آهي ته پوءِ ان جو اسم به بي مثال هئڻ گهرجي، ۽ ان جي تعريف به بي مثال هئڻ گهرجي جا زبان ۽ بيان کان اعليٰ ۽ بالا هئڻ گهرجي، تنهنڪري صادق فقير چيو آهي: ”الله ڇڏيائون اورتي.........“

دوستو! زبان سان مصري چوڻ سندس ملفوظي شڪل آهي؛ قلم سان مصري لکڻ سندس مڪتوبي شڪل آهي؛ برش سان تصوير ڪڍڻ سندس مصورانه تصوير آهي- پر اصل ۾ اهي ٽيئي مصري نه آهن؛ مصري اڃا جدا چيز آهي، جنهن کي نه زبان ۽ بيان، قلم ۾ برش جي حاجت آهي ۽ نه ڪو اُچار ۽ تلفظ جي ضرورت آهي. ان ڪري بنا نالي سپرين اڃا ڪي ٻيا آهن. ان هڪ بيت جي شرح ۾ تصوف جا ڪيئي دقيق مسئلا اچي وڃن ٿا. اسم ۽ مسميٰ، حقيقت ۽ مجاز، تاريخ اضافي ۽ تاريخ حقيقي، وجود اضافي ۽ وجود حقيقي، وجود بياني ۽ وجود لازماني ۽ لامڪاني، اهڙا ڪيئي مسئلا حل ٿين ٿا.

بزرگو! مون هن کان اڳ به چيو آهي ۽ وري به عرض ڪريان ٿو ته سنڌ جي سرزمين عرفان ۽ گيان، علم ۽ حڪمت، فلسفي ۽ تصوف، انسانيت ۽ اخوت جي سرزمين آهي؛ سنڌ امن ۽ امان، دعا ۽ شفا جي سرزمين آهي؛ سنڌ عقل ۽ شعور، ادب ۽ شاعريءَ جي اعليٰ قدرن جي سرزيمن آهي، سنڌ لطيف ۽ سچل، سلطان الاولياء ۽ عبدالرحيم گرهوڙي، خليفي نبي بخش ۽ صادق فقير جي ڪلام ۽ پيغام جي امين سر زمين آهي، ان ڪري اسان تي فرض آهي ته سنڌ جي علم ۽ ادب، تهذيب ۽ ثقافت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون، جا هر خيال کان انفراديت جي حاصل آهي.

حضرات! هن سرزمين لاءِ بزرگن ۽ عارفن گهڻو ڪجهه فرمايو آهي. حضرت مجدد هن سرزمين ۾ انبياء ڪرام جي نور جي خبر ڏني آهي. سرهند شريف ۾ هڪ ڏينهن نماز عصر کان پوءِ فرمايائون ته هت انبياء ڪرام جا مدفن آهن، ان مان ثاب ٿيو هيءَ سرزمين ڀلاري ۽ برڪت واري آهي. (ياد رهي ته پراڻي دور ۾ سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير تائين وسيع هئي.)

حضرات! هت پهچي، آءُ سائين غلام مصطفيَ شاهه کان پڇندس ته شاهه صاحب!ڇا ”سنڌ صدين کان“ چوڻ درست آهي؟ هت ته هزارن سالن جون ڳالهيون ڪيون ويون آهن، ان ڪري ”سنڌ جُڳن کان “ چوڻ صحيح ٿيندو.

 اِها به سنڌ جي ڀلاري ڀونءِ آهي، جنهن ۾ خواجه اجميري رحه پنهنجي مرشد عثمان هارونيءَ سان گڏجي آيو هو ۽ اچي شاهه صدر لڪياريءَ جي زيارت ڪئي هئائين. ان طرح بايزيدن بسطامي، جنهن’ما اعظم شامي‘ چيو هو، تنهن لاءِ مولانا جامي لکي ٿو ته ٺٽي جي هڪ نومسلم ابوعليءَ کان وحدت الوجود جي حڪمت سکيو ۽ کيس ان جي بدران نماز پڙهڻ لاءِ سوره فاتحہ سيکاريندو هو. ان طرح سرمد به ٺٽي جي فيض مان فيضيات ٿيو، جنهن چيو:

”سرمد! غم، عشق ابوالهوس را نه دهند!“

 حضرات! صدر مجلس سان مير محمد بخش خان ٽالپر پيو ڪنن جون ڳالهيون ڪري ان ڪري تقرير بند ٿو ڪريان. الله شال اوهان کي خوش رکي. ولسلام.

 (”اٺا مينهن  ملير“ تان)
 

پرت ڇڏ پرڏيهه جي.....

(19- ڊسمبر 1974ع تي لواري شريف ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيل صدارتي تقرير مان ڪجهه سٽون).

دوستو ۽ بزرگو: مان نهايت پر اميد آهيان، ۽ اهو محسوس ڪري رهيو آهيان، ته اهو ڏينهن ضرور ايندو، جو هيءَ سر زمين سنڌ، حضرت سلطان الاولياء جو پيغام پوريءَ انسانذات تائين پهچائيندي. انشاءُ الله ان قسم جو انتظام ٿيندو، بزگان ڪرام جو توجهه ۽ روحاني تصرف حرڪت ۾ اچي چڪو آهي.

 بزرگو: حضرت سلطان الاولياء ان سلسلي ۾ سنڌ کي به دعا ڪئي آهي. فرمائين ٿا:

پرت ڇڏ پر ڏيهه جي، ساڻيهه ڪر سنڀالَ،
لکن سندي لالَ، مڇڻ مفت وڃائيين.


 حضرات: هڪ دوست کان مٿئين بيت جي شرح لاءِ چٺي پهتي آهي. معاف ڪندا ان دوست کي جواب ڏيندي، گذارش ٿو ڪريان ته منهنجا بزرگو، تصوف جي نقطه نظر سان مٿئيين بيت جا ڪيئي روحاني ۽ فڪري مقامات بيان ڪري سگهجن ٿا. سوال جي نوعيت کي اڳيان رکي عرض ڪندس ته توهان ٿوري وقت لاءِ تصوف جي دنيا مان ٻاهر نڪري،  هن بين الاقوامي ڪشمڪش واري دور۾، هن سادي دنيا ۾ اچو، ۽ قومن جي زوال ۽ ڪمال جي سموري مادي اسبابن کي مطالعو ڪيو. استبداد ۽ استحصال جي چڪيءَ ۾ پيڙيل ڪمزور ۽ هيڻين قومن جي آپدا ۽ غلاميءَ کي ملاحظه ڪريو ۽ پوءِ سلطان الاولياء جي دعا جي لفظن تي غور ڪيو، لکن جي لال اها سنڌ آهي. سلطان الاولياء ان جي مقابلي ۾ ٻاهرئين پرڏيهه کي پسند نٿو ڪري ۽ تنبيهه ٿو فرمائي ته ”پرت ڇڏ پرڏيهه جي“، ان ڪري بيوقوف نه ٿي، احمق نه ٿي، موجوده دور جي غلط ۽ فريب ڏيندڙ نظريات ۾ نه ڦاس. غلط ڪارن جي اجائي سجائي پروپيگنڊا ۾ نه اچ. پنهنجي اصليت کي نه وسار، پنهنجي حقيقت کي فراموش نه ڪر. پنهنجي مٽيءَ کي نه مٽاءِ، جنهن ۾ تنهنجن ابن ڏاڍن، استادن ۽ وڏڙن جون هڏيون پوريل آهن جا سرزمين تاريخ کان اڳ واري زماني کان وٺي، علم ۽ ڪمال جو سرچشمو رهندي آئي آهي، جا ’سنڌ‘ انسانذات جو پهريون تهذيبي ۽ تمدني گهر رهندي آئي آهي. جنهن جو شاندار ماضي تاريخ جي هزارن سالن تي حاوي آهي. جنهن جا آثار انسانذات جي مثالي ڪردار جي علامت بنجي چڪا آهن. اها سنڌ جا ايامن کان انسانيت، اخوت، محبت، رواداري، مساوات، انسان دوستيءَ، حب الوطنيءَ، تهذيب ۽ بلند اخلاق جو مرڪز رهندي آئي آهي. جنهن ۾ سڀ کان اول اسلام آيو ۽ کيس باب الاسلام سڏيو ويو. جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روحانيت ۽ اخلاق جا پيغام پهچائيندڙ ستا پيا آهن. جنهن ۾ صحابه ڪرام جي آمد ثابت آهي، جنهن ۾ ٻه صحابه ڪرام مد فون آهن—ان کي نه وسار! ان جي مقابلي ۾ پرڏيهه جي پرت ڇڏي ڏي.

دوستو: سلطان الاولياء جو اهو بيت علامتي رنگ ۾ آهي، جنهن جو روح، تاريخ جي هر دور سان وابسته آهي، سلطان الاولياء جو اهو زندگي بخش پيغام آهي، جنهن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي اڄڪلهه سخت ضروت آهي. سندس اٺاسي بيتن مان اهو هڪ بيت لک ٿو لهي. ان جو ڪو مثال يا مٽ ثاني آهي ئي ڪونه! ان سنڌ کي انسانذات لاءِ عظيم پيغام رسائڻو آهي. حق ۽ صداقت جي نياپو رسائڻو آهي. پوري عالم لاءِ، امن ۽ ايمان جو نظام قائم ڪرڻو آهي. ان ڪري اوهان تي فرض آهي ته اوهان پاڻ ان پيغام تي عمل ڪيو ۽ ان کان پوءِ دنيا جي ڏورانهن ڏيهن تائين رسايو.

مخدوم ضيا الدين ٺٽوي

حضرت مخدوم ضياء الدين ٺٽوي رحه، سنڌ ادب جي اوائلي ۽ پهرين معمارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. سندن تاليف ڪيل ديني ڪتاب کي ”مخدوم ضياء الدين جي سنڌي“ سڏيو ويو آهي. اهو ڪتاب پراڻي نموني ۾ ليٿوءَ ۾ شايع ٿيندو آيو آهي ۽ اڄ تائين پڙهيو وڃي ٿو.

 تاريخي طور تي ان قسم جي ’سنڌي‘ لکڻ جو رواج 1250ع کان پوءِ، نواب حفظ الله جي حڪومت ڌاري ٿو، ان دور تائين جيڪا به تصنيفات ٿيندي هئي، اها عربيءَ فارسيءَ ۾ هوندي هئي، جنهنڪري سنڌ جا عام ماڻهو، اهڙن ڪتابن مان مستفيد ٿي نه سگهندا هئا، جنهنڪري دين جي مسئلن ۽ تعليم کان غير واقف رهجي ويندا هئا.

ان سلسلي ۾، ٺٽي ننگر جي عالمن ۽ فقيهن، بزرگن ۾ صوفي فاضلن ۽ ان قسم جي سوچ پيدا ٿي ته ڪو اهڙو انتظام ڪيو وڃي، جيئن دين جي تعليم هتي جي مقامي ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ ڏئي سگهجي، ان سوچ ۽ ويچار کان پوءِ مجبور ٿي، سنڌي عالمن پارسي ۽ عربي زبانن جي بدران خالص سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکڻ شروع ڪيا، جن ۾ فقہ جا مسئلا آسان نموني ۾ آندا ويا.

اهو ئي تاريخي دور هو، جنهن ۾ سنڌ ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ بزرگن، عالمن ۽ صوفين وعظ ۽ نصيحت جو انتظام ڪيو. اهڙن بزرگن جي تبليغ سان، لکها ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيندا رهيا.

 ان زماني ۾ حضرت غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جهڙي جليل القدر بزرگ جي اولاد مان ڪيئي بزگ سنڌ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ تائين پهچي چڪا هئا. سنڌ ۾ شيخ يوسف الدين بغدادي آيو، جو اچي ٺٽي ۾ رهيو، سندن بزرگانه شخصيت، سندن بلند ڪردار ۽ سندن اثرائتي تبليغ، وعظ ۽ نصيحت سان هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ غير مسلمان، اسلام جي دائري ۾ آيا، خاص طرح سان سنڌ ۽ ڪڇ جا ميمڻ سندن ئي تبليغ سان مسلمان ٿيا، جن کي اول ’مومن‘ سڏيو ويو، اهو لفظ اڳتي هلي ’ميمڻ‘ ٿيو.

 ان دور ۾ اها تحريڪ پيدا ٿي ته اهڙن نو مسلمانن کي دين جي مسئلن کان واقف ڪرڻ لاءِ ڪو ذريعو پيدا ڪيو وڃي، ڇو ته زباني وعظ ۽ نصيحت سان ڪو دائمي اثر نه ٿو قائم ٿئي.

ان سلسلي ۾ سڀ کان اول ان دور جي وڏي عالم ۽ فقيہ مولوي ابوالحسن ٺٽويءَ عملي ڪم ڪيو، مولوي ابوالحسن ٺٽويءَ جو خيال هو ته هزارن جي تعداد ۾ نو مسلم عمر رسيده ماڻهن کي نه ڪو عربي ۽ فارسي ڪتاب پڙهائي ٿا سگهجن ۽ نه ڪو زباني وعظ ۽ نصيحت سان کين اسلامي تعليم ۽ فقہ جي مسئلن کان واقف ڪري ٿو سگهجي. ان ڪري مولوي ابوالحسن ٺٽوي رحه، سنڌي زبان ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي.

 ان سلسلي ۾ حضرت ابوالحسن ٺٽويءَ سڀ کان اول سنڌي ٻوليءَ جي الف –بي ٺاهڻ ڏانهن توجهه ڏنو ۽ عربي، فارسي ۽ سنڌي حرفن ۾ ڦير ڦار ڪري، سنڌي الف، بي ٺاهي، جا اڄ تائين سڌريل نموني ۾ رواج پذير ٿي چڪي آهي. اوائلي دور جا فقهي ۽ اسلامي ڪتاب، ابوالحسن جي ٺاهيل الف –بي  ۾ ئي شايع ٿيندا آيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com