سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :3

آزاد قاضي

غزل

 

لکين هن اسان جون، اُميدون اوهان ۾،

اسان جا ته آهيو، اوهان ئي جهان ۾.

 

نه آرام مليو نه ڪو، سُک ڪو سنبرُون،

رڳو وٺ وٺان ۾، رڳو ڀڄ ڀڄان ۾.

 

سبق زندگيءَ جو، نه ٿي پاس سگهيو،

سدائين رهياسين، رڳو امتحان ۾.

 

سڀئي خواهشون ڪين، پوريون ٿين ٿيون،

رهن ڪيتريون ٿيون، زمين ۽ زمان ۾.

 

نه ڪنهن جا ٿياسين، نه ڪوئي ٻيو ٿيو،

حياتي هلي وئي، آ پنهنجي اَنا ۾.

 

سڄي هيءَ حياتي، ائين ويئي گذري،

نه ويڇو گهٽيو ڪو، اسان ۽ توهان ۾.

 

توهان ۽ اسان ۾، فرق ايترو آ،

ڏسو جيترو ٿا، زمين آسمان ۾.

 

ڏکن ڏوجهرن سان، مهاڏي جي خاطر،

هي ’آزاد‘ هِڪڙو، رڳو آ جهان ۾.

 

غزل

 

ٿيل يار سان هِن، ازل جا ڪي ٻول،

اسان جي اندر کي، نه تون يار کول.

 

پرينءَ جون ادائون، ڳڻي ڪين سگهبيون،

سندس هر ادا تان، وڃان اول گهول.

 

اچانڪ پرينءَ جي، اچڻ جو ٻڌي،

گلن جا کنياسين، ڀري يار جهول.

 

سواءِ تنهنجي محفل، ۾ ڪهڙو مزو،

ڇڏي سڀ وياسين، اهي رنگ رتول.

 

ڏکن جي دنيا جو، هي ڇڪڙو ڇڪيندي،

ڪڏهن ڪين ٿڪجي، ڪيوسين ابول.

 

نه ڪو سنگتي ساٿي، نه ڪو حال ڀائي،

هي ’آزاد قاضي‘، ازل کان آ رول.

حسن درس کي ڀيٽا

سردار شاهه

وڏا وڻ ڳوٺ تنهنجي جا، ڊگها پاڇا، مٽي چيڪي

وڏي ڪنهن وڻ جي پاڇي ۾، وڃي تون آن ستو سرڪي

اها جيڪا مٽي توتي، وڃي واري وريا جيڪي

الائي پوءِ، ڪيئن ٺرندا سي، انهيءَ ٻارڻ ٻريا جيڪي

اسان سمجهيو وصل تنهنجو جوانيءَ کي جڙيندو پيو

سدائين ڪي ڇتيون ڇوريون، ڇنڊي ڦوڪي ڇڙيندو پيو

اسان ائين ڪونه سمجهيو هو، وڇوڙو واٽ تنهنجي آ

سمورا سج تنهنجا هِن، سموري ٻاٽ تنهنجي آ

محبت کي مشائخ ۾، دفن ٿيندي دليون ڏسنديون

ڪبوتر جي پرن کي ڪو، ڪفن ٿيندي دليون ڏسنديون

رکيا تو سنج ساهن جا، گهٽائن جي ته گهوڙي تي

پرانهين پار اُڪري وئين، هوائن جي ته هوڙي تي

شهر ۾ شينهن وانگي هو، شڪاري شوق تنهنجو هِي

ڳچيءَ کان ڪيئن کڄي سگهندو، غمن جو طوق تنهنجو هي

پنهنجي ڏس ٺوٺ دلڙيءَ کان، کنوڻ وانگي کِلڻ تنهنجو

هٺيلي ٻار وانگي هو، اويلو سو ملڻ تنهنجو

فقيريءَ ۾ فراقن جو، الائي ڪيڏو فقر ميڙيو

ٻوهارو ڏئي تو ٻاهر کان، اسان جو پئي اندر ميڙيو

سموري سنڌ پاڇي جيان، سمائي پنهنجي نيڻن ۾

وطن کي به وجهي ويو آن، وڇوڙي جي تون ويڻن ۾

جلي ”جامي“ ڪٿي جيئندو، اهو ”مسرور“ ڪيئن رهندو

”مجو“ جي من ۾ تنهنجو پروڪو پُورُ ڪيئن رهندو

رڳن ۾ رت ڪيئن ايندو، ڪٺل تنهنجي قبيلي ۾

ڇڏي وئين تون سنگت ساٿي، دلين جي پور ٻيلي ۾

مڃون ٿا پنهنجي ڌرتيءَ جي، گهرن ۾ ٻار پيا لڏندا

جنهين پينگهن ۾ لڏندو هئين، ڪري اوسار پيا لڏندا

اجل جي تيز گهوڙي تي، الائي ڪنهن پار نڪري وئين

اڃا مون هٿ وڌايو پئي، الهه توهار نڪري وئين

کڻي ڪا ديد نڪتو هُئين، ڪرڻ ديدار نڪري وئين

حياتيءَ جي فقط هڪڙي، ڪري هڻڪار نڪري وئين.

 

مظفر چانڊيو

وڏا وڻ ڳوٺ تنهنجي جا

ٿا پار ڪڍن ۽ وار پٽين

گهٽيون اڄ ڳوٺ تنهنجي جون

ٿيون گلڙن کي گهايل ڪن

ڏٺوسين ڳوٺ تنهنجي کي

قبرن جي ڪنارن کان

ستل آن ننڊ ۾ سهڻا

سنڌ جي سلامن سان

ڳوٺ جي شهسوارن سان

تڪن ٿيون تاڙيون کجيون

جهمپير جون توڏي

نوريءَ جي نگاهن سان

نه ڪر تون ننڊ او سائين

نيڻن جي گلاسن سان

پيئڻ ڏي پيار پنهنجي کي

شاعريءَ جي ادائن سان

ڪيڏو اڄ ٿو مارين

موکيءَ ۽ متارن کي

ڪينجهر جي ڪنارن کي

هرهڪ هٿ ٿو تڙپي

هرهڪ دل ٿي ڌڙڪي

تنهنجي ڀريل جام لئه

۽ اجڙي ويل هر شام لئه

سنڌ جون سموريون گهَٽيون

۽ حيدرآباد جون هزارين مٺيون

ٿيون تڪن توڏي اڃا

هوءَ سمنڊ جي سار جهڙي ڇوڪري

سنهڙي تار جهڙي ڇوڪري

پرانهين پار جهڙي ڇوڪري

پکين جي پار جهڙي ڇوڪري

هر فون ڪال تي ٿي تڙپي پوي

ڇا اڄ نه تو ان کي مس ڪال ڪرين؟

ڪا فلائنگ ڪِس ڪرين

۽ هڪ ننڍڙو ايس.ايم.ايس ڪرين

ناز لطيفي

طرحي غزل

داستانِ دردِ دل سمجهو نه ٿا، آهي ته خير،

عشق مان ڪٽي ڇَڏيوَ لفظِ وفا، آهي ته خير.

 

مون کي ڏسندي مُنهن ٿا مَٽيو ڇو ڀلا، آهي ته خير،

قرب ۾ ڪيڏا وِڌا ٿوَ فاصلا، آهي ته خير.

 

دانهن هيءَ ڪنهن کي ڏيان ڪنهن وٽ وڃي، فرياد ڪيان،

درد جا بي درد ڪيا ٿوَ رهنما، آهي ته خير.

 

ڪوئي جانان ۾ ته تنهنجو، ڪونه ٿو پتو پوي،

ڇو لڪائين پيو پنهنجا اَتا پتا، آهي ته خير.

 

ڪلهه ته ميرِ ڪاروان جي، نام کان نفرت هُيئي،

اڄ وري ڳولهين پيو هُن جو نقش پا، آهي ته خير.

 

رند تنهنجا ويا مري، يا تو پَري آهن ڪيا،

جام پِين ڪم ظرف سان پيو ساقيا، آهي ته خير.

 

واسڻائي مهراڻ جي، جنهن کي نه آهي ڄاڻ ڪا،

سو ٿو ٻيڙي جو بنائين ناخدا، آهي ته خير.

 

جا سزا ڏيڻي اٿوَ جيئري، ڏيو عالي جناب،

مُئي پڄاڻي پيا ڪڍو اڇا چٺا، آهي ته خير.

 

آسَ ڪيڏي مان پرين ڏانهن، توکي نياپو مون ڏنو،

پر نه پهچائي سگهينءَ بادِ صبا، آهي ته خير.

 

حسب کي نسب کي، ڇو ٿو لڪائين لوڪ کان،

راز ۾ ڇو ٿو رکين ماتا پتا، آهي ته خير.

 

عمر ڀر گڏجي رهڻ جا، واعدا واري سڄڻ،

ٻن وکن تي ڪِئن ڪَيئي رستا جدا، آهي ته خير.

 

غير ۽ پنهنجي ۾، ناهي فرق سهڻا تو رکيو،

آشنا پنهنجو ڪيئي نا آشنا، آهي ته خير.

 

من وعن تسليم ڪيا مون، هر حڪم ليڪن اوهان،

آستين جا نانگ بنجي ڏنگ هنيا، آهي ته خير.

 

هونءَ ته هڪ پل ڀي پري، تون ڪين ٿيندو هُئين هينئر،

يار ڏاڍا ڏينهن لاتئي چؤ ڀلا، آهي ته خير.

 

مان ته حيلا پيو هلايان، دوستي جي ڳنڍڻ جا،

تون پيو سانڀاها ڪرين ڇو ڇنڻ جا، آهي ته خير.

 

منهنجي ليکي ۾ ته تون، منهنجو سڄو سارو آهين،

غير ڇو تو ۾ رکن پيا آسرا، آهي ته خير.

 

ماضيءَ مان تو ڪينَ سمڌو، هوش ڪري اي ناز تون،

وري پيو ڏاڍن سان اٽڪين سر ڦريا، آهي ته خير.

 

تون لطيفي آٿون دنيا کي، ڏيندو هُئين مگر،

توکي ڪئن روئاري وڌو رنج و بلا، آهي ته خير.

 

ناز تنهنجو ساقيء ڪوثر، جي دامن ۾ آ هٿ،

خوف ڇو روزِ جزا جو توکي ڀلا!؟، آهي ته خير.


* يار ڏاڍا ڏينهن لاتئي ڇو ڀلا، آهي ته خير.

(مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com