سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :14

امداد حسيني

 

 

 

 

رمتو جوڳي

(اشفاق قاضيءَ جي ياد ۾)

 

خبر آهه اخبار ۾

”هاڻ اشفاق قاضي

اسان منجهه ناهي رهيو!“

خبر جنءَ پڙهيم

هانوَ ۾ مُٺ پيم

 

اَلاڙي

”اِشو!“

کيس اِشوئي سڏيندا هئاسين

حميد ۽ خواجا سليم(1)

۽ ناصر ۽ مان(2)

۽ سندس هڪ سَکي

سڀئي کيس ”اِشو“ ئي سڏيندا هئاسين

اُهو هاڻ اسان ۾ نه آهي رهيو!

 

ملاقات اِشوءَ سان ڪڏهن ٿي هئي پهِريان؟

جڏهن روح خلقيا وِيا هئا

تڏهن ٿي هئي!

 

اُهو رمتو جوڳي (3) رمي ويو

مِٽيءَ ۾ ملي

مِٽي ٿي وِيو!

پُٽَ سَپُٽ سنڌ جو

 

جيڪم آباد چاچي گدائيءَ (4) جو شهر

جيڪم آباد جي بار ۾

اُهي ٽهڪ پنهنجا ۽ ناصر جا لڙڪ

لڙڪ ساغر ۾ ڪرندا رهيا

ٽهڪ پنهنجا به ڪئبن ۾ ٻُرندا رهيا

 

اُها جيڪم آباد ناهي

نه چاچو گدائي

اُها بار ناهي

اُهو تون به ناهين

نه ساغر

نه ناصر

 

مگر پوءِ به اِن ٿو لڳي

لڙڪ ڪِرندا رهن ٿا

ٽهڪ ٻُرندا رهن ٿا

 

اَلا

اُهي ڏينهن جي گڏ گذاريا هئاسين

اُهي ڏينهن ڪيڏا نه روشن هئا!

(1) حميد سنڌي، خواجا سليم (هاڻي سليم نورحسين، (2) ناصر مورائي، (3) اشفاق قاضيءَ جو ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپجندڙ ڪالم ”جوڳي“، (4) عبدالڪريم گدائي، (5) ”اوطاق“- اسان جي کوکر پاڙي واري جاءِ، جنهن کي اڄ به اوطاق سڏجي ٿو، (6) اشفاق قاضيءَ جو گدوءَ ۾ مينهنِ جو وٿاڻ، (7) ”19- روپ محل“ هيراآباد، حميد سنڌيءَ جو فليٽ، هڪ ادبي مرڪز ۽ دوستن لاءِ ٺڪاڻو،
(8) سُندري اُتمچنداڻي ناليواري ڪهاڻيڪار، (9) اُتم، ناليوارو ساهتڪار.

 

 

 

 

 

اُهي عشق جي مُشڪ ٿي ويا

اُهي بحث جي ڪونه کُٽندا هئا

سي به دانا هئا، جي به دشمن هئا

تڏهن حيدرآباد جا

رول رستا به گلشن هئا

 

۽ اوطاق (5) جون

اُهي ڪوٺڙيون

جتي صبح کي شام

۽ شام کي رات اسان ٿي ڪيو!

کوکرن واري پاڙي ۾

اشفاق جو گهر

پُراڻو اُهو گهر

جتي شام جو روز ڪافي پيڻ

ايئَن لڳندو هُئو، ڄڻ

نئين سِر جيڻ!

 

گِدوءَ جو وٿاڻ (6)

جتي رات مان ڏينهن اِنءَ ٿي ڦُٽو

مينهِن جي ٿڻ منجهان

جيئَن گُوهو ڦُٽي!

 

اُهو ”روپ محل“ (7) آهه پنهنجي جڳهه تي

جتي سندريءَ (8) ۽ اُتم (9) سان رچائي وئي هُئي رهاڻ!

 

مگر هاڻ پاڻ

مخالف ڏِسن ڏانهن راهي

اوهان جو به الله واهي

اسان جو به الله واهي!

 

(1) حميد سنڌي، خواجا سليم (هاڻي سليم نورحسين، (2) ناصر مورائي، (3) اشفاق قاضيءَ جو ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپجندڙ ڪالم ”جوڳي“، (4) عبدالڪريم گدائي، (5) ”اوطاق“- اسان جي کوکر پاڙي واري جاءِ، جنهن کي اڄ به اوطاق سڏجي ٿو، (6) اشفاق قاضيءَ جو گدوءَ ۾ مينهنِ جو وٿاڻ، (7) ”19- روپ

عبدالقيوم صائب

 

 

 

 

 

غزل

سچ سوريءَ تي چڙهڻ،

اڄ رواجي ڳالهه آهه،

لوڪ لئه آهي ڏچو،

ملڪ لئه هو انتباهه.

سرمد و منصور جي،

اڄ ڳڻپ ۾ ناهه ڳالهه،

وقت هو سقراط جو،

زهر سان جنهن ڪيو نباهه.

تخت هو چنگيز،

ليڪ عيسيٰ لئه صليب،

هر هلاڪو هيج مان،

پاڻ بڻيو آهه شاهه.

ڪو بڻيو غوري اچي،

ڪنهن سڏايو غزنوي،

ڪنهن جلالِ اڪبري،

جي ورتي آهه راهه.

ڪو ٿيو نادر اچي،

ڪنهن سڏايو ٿي مدد،

هاءِ گهوڙا جي اسان

۾ ته ٻرندي آهه باهه.

ڪنهن فرنگي ويس ۾،

ملڪ کي ماندو ڪيو،

ڪنهن مقاصد جو ڏنو،

آهه يارو اشتباهه.

ڪنهن هن ملڪ کي،

هو ڪيو يونٽ قبول،

پر چڙهي ڦاهي ويو،

نام جو هو سربراهه.

ڪنهن نوابي هٿ ڪئي،

ڪو ٿيو جاگيردار،

ڪنهن کي سڻڀي ٿي ملي،

ڪنهن کي پاروٿو گراهه.

هوش هوشوءَ کي هيو،

مڙس ٿي بيهي رهيو،

ڪاغذي شينهن جي ٿي،

ليڪ ويئي واهه واهه.

ڪي بڻيا تاريخ ۽،

ڊوهه جو ٿيا ڪي مثال،

پنهنجو پنهنجو فڪر ۽،

پنهنجو پنهنجو آهه چاهه.

زندگي ”صائب“ ائين،

ڏاڍ ڏاهپ جي رهي،

ڪي شهادت کي رسيا،

ڪي بڻيا ها بادشاهه.

ج.ع.مُنگهاڻي

غزل

تمام وقت گذاري ٿي بي سبب موکي،

رهي ٿي شهر تمنا ۾ بي سبب موکي.

 

زبان سلب اٿس مند ماٺ واريءَ ۾،

مگر صدا ٿي ڏي صدين کي زير لب موکي.

 

رهي ٿو زعم سدائين سڀن کي هستيءَ جو،

لڪائي ٿي وري پنهنجو حسب نسب موکي.

 

بغير ڪوٺ جي دلين ۾ ڀي رهي نه سگهي،

عجيب آهي عجيبن کان ڀي عجب موکي.

 

عتاب ڪيڏا سهيو ٿي وڃي محبت ۾،.

ڪٿي به ڪين پرينءَ سان ٿي بي ادب موکي.

 

رسي پياڪ ويا ٿيا اجاڙ مئخانه،

ڏَسي سگهي نه اڃا تائين ڪو سبب موکي.

 

اڃا ته ڪاٽڻا آهن صدين جا اوجاڳا،

اُجهڻ ڏني نه متارن جي آهي شب موکي.

 

سڀيئي چاڳ چڙهي ٽياس تي ويا هڪدم،

وڌيڪ هاڻ قبوليندي ڇا غضب موکي.

 

وساري واٽ ڇڏي مئڪدي جي مئنوشن،

هلائي ڪيئن اڳوڻو وري ڪصب موکي.

 

سَنڌي ٿي سَنڌ بَٺيءَ ۾ اُلاري مُڌو وانگيان،

ڏکيو گذاري مُنگهاڻي ٿي ٻيو جنب موکي.

وائي

 

ڇو روح پيا سُڏِڪَن،

سَڀُ تشنه تشنه تَن،

سوچين ته سٺو آهي.

 

تڙپي ٿي چانڊوڪي،

درماندي آهي پَون،

سوچين ته سٺو آهي.

 

سَڀُ خالي مانارا،

ٽڙڪاٽ ڪري ٿو بدن،

سوچين ته سٺو آهي.

 

سجدن ۾ آهن ڇو؟

سڀ گل سڄو ئي چمن،

سوچين ته سٺو آهي.

 

زنجيرون زنجيرون،

جڪڙيو پيو آهي وطن،

سوچين ته سٺو آهي

 

در در تي معنيٰ خيز،

کڙڪا ٿو ڪري ڇو وَچن،

سوچين ته سٺو آهي.

 

لکندي لکندي سانئڻ،

هٿ ڇا لئه ٿا لرزن،

سوچين ته سٺو آهي.

 

ڪجهه ٿي ته منگهاڻي پيو،

هي ڪوٽ پيا اڏجن،

سوچين ته سٺو آهي.

هدايت بلوچ

 

غزل

نينهن جا ناتا پراڻا ٿي ويا،

سڀ اهي کاتا، پراڻا ٿي ويا.

موهه مان منهنجي اڱڻ تي تو ڪڏهن،

پير ها پاتا، پراڻا ٿي ويا.

پيار منهنجي ڳٽن تي تو پرين،

هٿ هئا لاٿا، پراڻا ٿي ويا.

ٻارڙن جيئن لاڏ مان تنهنجا اهي،

ٻول سي ٻاتا، پراڻا ٿي ويا.

ساڙ مان جيڪي رقيبن ها ڏنا،

سڀ سي پاراتا، پراڻا ٿي ويا.

مينهن جي موسم، سمنڊ تي، تون ۽ مان،

گيت ها ڳاتا، پراڻا ٿي ويا.

ڄاڻ جا گفتا، هدايت جي ڪيا،

ڪنهن نه سي ڄاتا، پراڻا ٿي ويا.

 

غزل

اڄ نه تون پرچاءِ، اڄ ڪجهه روئبو،

اڄ نه تون سرچاءِ، اڄ ڪجهه روئبو.

منهنجي منهن مان ڏک ڏسي سگهندين نه تون،

جيءَ ۾ جهاتي پاءِ، اڄ ڪجهه روئبو.

مون کي روئيندو ڏسي تون غم نه ڪر،

تون نه ير! گهٻراءِ، اڄ ڪجهه روئبو.

دل دلاسن سان نه ٿي ڌتري صفا،

اڄ نه تون سمجهاءِ، اڄ ڪجهه روئبو.

دل ۾ دردن جا وري ديرا لڳا،

دل ۾ ناهي جاءِ، اڄ ڪجهه روئبو.

مرڪندڙ چهرن جي آ توکي تلاش،

وڃ ڪٿي واجهاءِ، اڄ ڪجهه روئبو.

تون کلائڻ جي نه ڪر ڪوشش پرين،

ٻيو ڪوئي ڦاساءِ، اڄ ڪجهه روئبو.

سنڌ جا سودا ٿين، مان چپ رهان،

بس هدايت هاءِ، اڄ ڪجهه روئبو.

غزل

پنا ڏاڍا رُليل آهن، اسان کان ڪجهه نه ٿي سگهندو،

گهڻا واقعا ڀُليل آهن، اسان کان ڪجهه نه ٿي سگهندو.

 

اسان جي چاهه جي چرچن سندو چوٻول ڏاڍو آ،

گهڻيون ڳالهيون هُليل آهن، اسان کان ڪجهه نه ٿي سگهندو.

 

هو جاڳن ها ته گيتن جي گهڻي گونجار ٻڌجي ها،

مگر ساٿي سُمهيل آهن، اسان کان ڪجهه نه ٿي سگهندو.

 

اسان کي ڪجهه نه حاصل ٿيو، تڏهن ماڻهو چون ٿا پيا،

اهي رولو رُليل آهن، اسان کان ڪجهه نه ٿي سگهندو.

 

اسان جون سڀ مڏيون محبوب ميڙي ويا، اسان خالي،

سڀني عاشق ڦُريل آهن، اسان کان ڪجهه نه ٿي سگهندو.

 

جواني جون اُهي موجون اُهي مستيون هينئر ڪاٿي؟

هينئر جيئڙا جهُريل آهن، اسان کان ڪجهه نه ٿي سگهندو.

 

پلئو ۾ پيار ڀي ڪونهي، نه ڪي کيسي ۾ ڏوڪڙ آ،

سڀئي کاتا کُٽل آهن، اسان کان ڪجهه نه ٿي سگهندو.

 

”هدايت“ ماٺ ڪر هاڻي، شڪايت مان به ڇا حاصل؟

هتي منصف مُئل آهن، اسان کان ڪجهه نه ٿي سگهندو.

 

ذوالفقار سيال

 

غزل

نيٽ تي ويٺي جا آهي، ڄڻ پري آ ڇوڪري،

سونهن کي پئي ٿي سنواري، هيءَ چري آ ڇوڪري.

هوءَ ته هيرن کاڻ آهي، چاهه جي چانڊاڻ آهي،

مُٺ گلڙن جي وزن واري وري آ ڇوڪري.

ايتري نازڪ آ جو، دل ۾ سمائي آ وئي،

پيار سان ڀاڪر ۾ مون جيڪا ڀري آ ڇوڪري.

منهنجي سامهون جي ٿي ويهي، مان ٿو ڀُلجي سڀ وڃان،

آ سڄي دنيا حسين، هڪ دل گهري آ ڇوڪري.

ڏينهن جو مُنهن ۾ وجهي گُهنج، کيچلي، چنچل گهڻي،

رات جي سياري جي واريءَ جيان ٺري آ ڇوڪري.

هوءَ ته خود آ روشني ۽ آ سُهائيءَ جو مثال،

اهڙي ڪوجهي دور ۾ به، چنڊ ذري آ ڇوڪري.

ايڏي آ ڪوڙاڻ لهجن ۾، زهر هرڪو لڳي،

پوءِ به هڪڙي ئي ته مصريءَ جي ڳڙي آ ڇوڪري.

ذلف هن جي ئي کلڻ سان، سونهن دنيا کي ملي،

هونئن ته خوشبو ۽ هڳائن ۾ تري آ ڇوڪري.

غزل

نانوَ تنهنجي ٿو ڪريان، مان هڪ چُمي،

تنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريان، مان هڪ چُمي.

ساري دنيا جي محبت کان اُتم،

ٻار کي جيڪي ڏيان، مان هڪ چُمي.

تو ۾ ڌرتيءَ جو سڄو ميٺاج آ،

ڪنهن سان ڪنهن سان ڀيٽيا، مان هڪ چُمي.

دشمنو، خجر ۽ نيزا ڀل هڻو،

پيار مان بس ٿو ڏيان، مان هڪ چُمي.

تون ته ساهن جي به ويجهو ٿي رهين،

پر وٺان توکان پَريان- مان هڪ چُمي.

ذلف هي نفرت ڀري دنيا ڏسو،

سڀ کڻو- توکان وٺان- مان هڪ چُمي.

غزل

ان ۾ ڪوئي هير نه ڦير،

سهڻن جي سربخت جو خير.

ايڏو توسان ڀاڪر پايان،

جيڏو ڪنهن کي نه پائي ڪير.

ماءُ جو ڪوئي مٽ نه آهي،

آءٌ چمان ٿو جنهن جا پير.

تنهنجن لفظن ۾ بدبوءِ آ،

رکون پاڻ نه مَنَ ۾ مير.

لوڪ ڇو نفرت ذلف ڪري ٿو،

جي ڇمڪايان سچ جي ڇير.

 

گيت

يا ته سڏي گڏجي،

يا ته گڏي سڏجي.

هي وقت اهوئي آ.

ڪڻي ڪڻي کي ميڙي،

کائجي ان کي ڇيڙي،

هي وقت اهوئي آ.

سچ کان ڪجي پرهيز،

ڪوڙ جي وجهي هير،

هي وقت اهوئي آ.

ڪونه رهيو آ پيار،

هر جاءِ آ واپار،

هي وقت اهوئي آ.

ٻئي کي ڏئي ڌڪو،

پاڻ کي ڪجي پڪو،

هي وقت اهوئي آ.

محبوب ڀٽي

غزل

رُلان پيو نگر نگر، نه مون کي ڪو سِڪون مليو،

شهر شهر ۽ گهر به گهر، نه مون کي ڪو سڪون مليو.

 

نه مُنهنجي واٽ ڪو ڏِسي، نه منهنجي تات ڪو ڪري،

نه ڪوبه منهنجو مُنتظر، نه مون کي ڪو سڪون مليو.

 

نه ڪنهن جي ياد ۾ رهان، نه ڪنهن جي دل ۾ گهر ڪيم،

اُگهي نه ڪوبه چشم تر، نه مون کي ڪو سڪون مليو.

 

گهڙي گهڙي لڳي ٿو مون کي آهي ڪنهن جي جستجُو،

مان بيقرار عمر ڀر، نه مون کي ڪو سڪون مليو.

 

نه غمگسار ڪو رهيو، نه چاره ساز ئي مِليو،

دوا نه ٿي ڪا ڪارگر، نه مون کي ڪو سڪون مليو.

 

چراغ ويو وِسامجي، کٽو نه رات جو پهر،

نه شب ڪٽي نه ٿيو سحر، نه مون کي ڪو سڪون مليو.

 

هي جهنگلن جو سلسلو ۽ دشت بي اَمان ۾،

مليو نه مون کي ڪو بشر، نه مون کي ڪو سڪون مليو.

 

مان گُم شده زمين تي نه مون کي ڪِٿ به ڳولجو،

مان خود کان آهيان بيخبر، نه مون کي ڪو سڪون مليو.

 

غزل

تنهنجو هر ظلم سهڻ، منهنجي ته عادت آهي،

خوش رهي زهر پيڻ، منهنجي ته عادت آهي.

 

تو ته سمجهو ته مان هر حال تي راضي آهيان،

غمِ دوران تي کِلڻ، منهنجي ته عادت آهي.

 

فرقتِ يار جو غم، مون کي نهوڙي نه سگهيو،

ها، اڪيلوئي رهڻ، منهنجي ته عادت آهي.

 

شوق ناهي جو رهان آءٌ گلستانن ۾،

خار رازن ۾ جيئڻ، منهنجي ته عادت آهي.

 

توکي هن گام سهارو ٿو کپي ٻئي ڪنهن جو،

پنهنجي همت سان هلڻ، منهنجي ته عادت آهي.

 

نور بنجي مان انڌيرن ۾ منور آهيان،

شمع ٿي پاڻ جلڻ، منهنجي ته عادت آهي.

 

خار ٿي دل ۾ چڀڻ تنهنجون ادائون آهن،

گل ۾ خوشبوء ٿي لڪڻ، منهنجي ته عادت آهي.

 

رات کي صبح لِکڻ سان نه انڌيرو لڪندو،

زهر کي زهر چوڻ، منهنجي ته عادت آهي.

 

توکي گلپوش فضائن ۾ سڪون ڪونه مليو،

دار تي ننڊ ڪرڻ، منهنجي ته عادت آهي.

 

دوستن منهنجي ڪليجي کي جلايو اهڙو،

پنهنجي پاڇي کان ڊڄڻ، منهنجي ته عادت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com