سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :16

ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ

 

 

 

           گيت

قرب هر ڪنهن کي ملي،

هر جڳهه ٿئي بلي بلي،

دل هندورو ٿي پوي.

چوطرف مهڪار ٿئي،

پيار ئي بس پيار ٿئي،

ڏڻ سڳورو ٿي پوي.

چاهه پڻ ملندو رهي،

جڳ جهان ڏسندو رهي،

سڪ اجورو ٿي پوي.

گلبدن همدم هجي،

همقدم هردم هجي،

نينهن پورو ٿي پوي.

خواب ۾ يا جاڳ ۾،

پر ملي هر ماڳ ۾،

سچ نسورو ٿي پوي.

قرب جي رم جهم هجي،

سونهن جي ڇم ڇم هجي،

دل دنبورو ٿي پوي.

رُت ملهاري ۾ ملون،

خوب خوش ٿي پيا کلون،

ڏينهن سدورو ٿي پوي.

محبتي من کان سوا،

عشق ۾ ”عادل“ صفا،

پڪ اڌورو ٿي پوي.

 

غزل

لبِ مهراڻ تي ڏس جيءَ جيارا منتظر آهن،

محبّت ۾ سنڌوءَ جا پڻ ڪنارا منتظر آهن.

ڏسڻ جي آس ۾ سارا، گذارن ڏينهن ٿا پيارا،

پرين تنهنجي اهي دل جا، دُلارا منتظر آهن.

پتنگ وانگر پڇن ٿا سڀ، نه پٺتي تر هٽن ٿا سڀ،

ڏسو اڄ باغ چاهت ۾، پيارا منتظر آهن.

ڪيو سچ قرب  اڄ ڪامل، ملي جيئن پيار ۾ ساحل،

سدائين تنهنجي لئه ڀورل، ڀلارا منتظر آهن.

اچو هڪوار در دلبر، پرين قسمت ٿئي بهتر،

وڄڻ لئه نينهن جا نرمل، نغارا منتظر آهن.

اچڻ جي مهرباني ٿئي، نه ڪا دير جاني ٿئي،

هي رستا روڊ، گهٽيون، گس ۽ چارا منتظر آهن.

اسانجون واٽ ۾ ديدون، ڪڏهن ٿينديون سڄڻ عيدون،

هميشه سڪ ۾ ”عادل“ يار پارا منتظر آهن.

 

غزل

هي منهنجو جيون ٽماڙ وانگر،

لڳي ٿو بلڪل، پهاڙ وانگر.

نه ڳالهه جنهن ۾ هجي صداقت،

اها ٿي ڊاڙي جي ڊاڙ وانگر.

اڏول پنهنجا سدا ارادا،

عمارتن جي مهاڙ وانگر.

اسان جي وحدت، اٿو سڃاڻپ،

سري وچولي ۽ لاڙ وانگر.

پکي پسون کي ڏسون ٿا جايون،

اسان جي دل ڍنڍ ڪراڙ وانگر.

اندر مان اُڌما ٿا روز نڪرن،

هي ٿر ۾ مورن جي راڙ وانگر.

مختيار ملاح

 

 

 

 

 گيت

تنهنجي بي رُخي ڙي جاني،

دل ۾ چڻنگ دُکي ڙي جاني.

 

پَل ۾ پيار وڇوڙو بڻيو،

لڙڪن ۾ مون توکي ڳڻيو،

موهيو تُنهنجي سڳي ڙي جاني،

دل ۾ چڻنگ دُکي ڙي جاني.

 

تنهائيءَ کي ريجهائڻ لئه،

پيار پنهنجي کي پائڻ جي لئه،

ناهي اک لڳي ڙي جاني،

دل ۾ چڻنگ دُکي ڙي جاني.

 

توريءَ منهنجي دلڙي وياڪل،

هيڪل هيڪل تڳي ڙي جاني،

تنهنجي ڪيئن تڳي ڙي جاني،

دل ۾ چڻنگ دُکي ڙي جاني.

 

ڄاڻي ڪو ”مختيار“ اسان کي،

ڪين ڪري پوءِ ڌار اسان کي،

ٺاهي ڪين ٺڳي ڙي جاني،

دل ۾ چڻنگ دُکي ڙي جاني.
 

غزل

 

وڄي ٿي وري بانسري سانت ۾،

ٿڌا ساهه ڀري ڪا وري رات ۾.

رُني ڪيترو هوءَ پيرن کي پُوڄي،

پرين کان پري آ مُٺي مات ۾.

اَناالحق نعرو سهارو وڏو آ،

اها وائي هر ڪنهن هُجي وات ۾.

سڀئي لفظ منهنجا امرتا بڻيا،

اسان کي اوهان جي ڏنل ڏات ۾.

اي ”مختيار“ مجبور ٿيندا وڃون،

اوهان جي پرين بس رڳو تات ۾.

 

وائي

 

دل جي هڪڙي ننڍڙي آس،

توسان ملڻ جي توسان کِلڻ جي.

 

سر نسريو ۽ آئي بهار تنهنجي لاءِ باسي باس،

توسان ملڻ جي توسان کِلڻ جي.

 

اکڙيون ديدن لاءِ تڙپيون ۽ تڙپي آهي تاس،

توسان ملڻ جي توسان کِلڻ جي.

 

محبت منهنجي من ۾ آهي ۽ چاهت ناهي راس،

توسان ملڻ جي توسان کِلڻ جي.

 

نيڻن ۾ ”مختيار“ سان مليو، آءُ اُجهايون پياس،

توسان ملڻ جي توسان کِلڻ جي.

ياسين ڪنڀر

 

 

 

 

 

  غزل

مون کان منهڙو مٽي وئي آهي،

مون کي سُڃ ۾ سٽي وئي آهي

مون کي ڏکڙا ڏئي وئي آهي،

سک پاڙؤن پٽي وئي آهي.

هن جو نالو چپن تي آهي پل پل،

مون تي خود کي رٽي وئي آهي.

هوءَ دل جي چمن ۾ آئي هئي،

خوشبو خوشبو چٽي وئي آهي.

اوچتو اوچتو صنم منهنجي،

رابطو ڇو ڪٽي وئي آهي.

منهن ٿو ياسين منهنجو مهڪي جو،

اڄ چميون ڏئي ٻه ٽي وئي آهي.

 

غزل

نيڻ هن جا شڪاري شڪاري هئا،

گولي، خنجر هئا، تيز آري هئا.

مون کي ڏسندي ئي ڏسندي ڪهي هن ڇڏيو،

هن جي نظرن جا ڌڪ ڀي ڪاپاري هئا.

ڇا ته ننڍڙي وهي ڇا ته شوقي ادا،

هن جا انداز نخرا قهاري هئا.

دل گهريو هن کي ڀاڪر ڀري مان چُمان!

پر ڪيان ڇا جو ماڻهو چوڌاري هئا.

رخ گلابي گلابي شرابي هئو......!

نيڻ ٻُوٽيل ڇَپر تن تي ڀاري هئا.

هڪ نظر ۾ ئي لحظي ۾ هن جو ٿيس،

نيڻ ياسين خنجر ڪٽاري هئا.

 

ڪافي

قسم واعدا سڀ ڀلائي ڇڏيا تو،

اسان جا پرين وڻ وڄائي ڇڏيا تو!

وساري ڇڏيو تو ته هڪ ڏينهن ۾ ئي،

ها ماري ڇڏيو تو ته هڪ ڏينهن ۾ ئي،

ڪي ٻيا ماڻهو دل ۾ رهائي ڇڏيا تو.

هاڻي زندگي ڀر مان روئندو ئي رهندس،

اوهان جا پيو خط مان پڙهندو ئي رهندس،

الائي ڪهڙا ويڙها وسائي ڇڏيا تو.

عاشق تو تي ياسين ڪنڀر آ پيارا،

سدائين کپن جنهن کي تنهنجا سهارا،

مگر سپنا ٻين جا سجائي ڇڏيا تو.

 

ذوالفقار ڪورائي

 

 

 

 

            غزل

تنهنجا نيڻ نظارا آهن،

اُڀ تي روشن تارا آهن.

جيون ڏاڍو پيارو آ پر،

جيون کان ڪي پيارا آهن.

تنهنجا طعنا منهنجي من تي،

ڄڻ ته اَڪن تي پارا آهن.

ٻيهر سير ۾ ٻيڙيءَ پنهنجي،

ٻيهر دور ڪنارا آهن.

درد، مُحبت کي مون اوتيو،

ٿي پيا گيت سگهارا آهن.

توبن ”ذلفي“ تڙپي گهاريا،

سانوڻ توڙي سيارا آهن.

نياز خالدي

غزل

اچو ڪنهن جي ڪم اچڻ سکون،

پيار محبت سان گڏ رهڻ سکون.

ادبي پروگرامن ۾ شريڪ ٿي دوستو،

گهڻو ڪجهه ٻڌون ٿورو لکڻ سکون.

چڱن جي صحبت ۾ آهي فائدو،

وقت ۽ ماحول سان هلڻ سکون.

ڪجهه حاصل ڪرڻ لئه قرباني گهرجي،

مستقل مزاجي ۽ صبر ڪرڻ سکون.

عزم ۽ اعتماد سان قدمَ کڻون،

مقصد ۽ منزل تي پهچڻ سکون.

جڳاڙي ۽ شارٽ ڪٽ نه وٺون رستو،

همت ۽ حوصلي سان وڌڻ سکون.

اخلاق سان جيئون ايمان سان مرون،

اهڙي خاص اصول تي هُجڻ سکون.

مٿيون هٿ بهتر هيٺئين هٿ کان،

ڪافي وٺڻ بدران ڪجهه ڏيڻ سکون.

شريڪ ٿيون نياز غم ۽ خوشي ۾،

عزت ڏئي ڪنهن کي عزت وٺڻ سکون.

 

غزل

سُورَن مان سَگهَه حاصل ڪريو،

صبر ۾ همت شامل ڪريو.

ڪوڙ، خوشامد، منافقي ڇڏي،

پنهنجي صبر کي عادل ڪريو.

دل دماغ جا دروازا کولي،

وڏن جي نصيحت داخل ڪريو.

ڇڏي اجايا ڪم، ٻاراڻي راند،

فڪر عمل کي عاقل ڪريو.

حدون نه لتاڙيو انسانيت جون،

مظلوم جيئڻ جي قابل ڪريو.

ڪريو نه انتظار ڪناري جو،

خوف خطرن کي ساحل ڪريو.

قرآن ۽ سنت جي وسيلي نياز،

حياتي کي سنواري ڪامل ڪريو.

 

غزل

رشتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان،

ريتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان.

ادب جي سمجهه آهي گهٽ،

صنفن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان.

ماڻهن کان مرڪڻ ويو وسري،

تحفن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان.

فڪرن ڇڏيو ننڊ کي ڦٽائي،

سپنن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان.

احساس اڄ آهي ڪنهن وت،

جذبن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان.

پريشان هرڪو پنهنجي مُنهن،

گيتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان.

ظلم روز وڃي ٿو وڌندو،

صدمن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان.

ڪڏهن شڪست ۾ به آهي مزو،

اُتمن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان.

گهڻن جي ڳالهائڻ ۾ زهر نياز،

لفطن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان.

 

وائي

جهريل روح سان،

کِلي زندگي گهارڻ،

ايڏو سولو ناهي.

پٿر جي دل ۾،

پيار جو ديپ ٻارڻ،

ايڏو سولو ناهي.

ڪنهن جي خيال کي،

ذهن مان ڌڪارڻ،

ايڏو سولو ناهي.

خدا جي خوف کان،

جوان جذبا وارڻ،

ايڏو سولو ناهي.

عشق ۾ ناڪام ٿي،

پاڻ کي خود مارڻ،

ايڏو سولو ناهي.

دنيا جي چوڻ تي،

نياز کي وسارڻ،

ايڏو سولو ناهي.

ممتاز کوکر

 

غزل

 

توريءَ منهنجا دلبر پيارا، جذبا سارا رئندا رهندا،

ڳوٺ ڳليون ۽ دَرَ، ديوارون، رستا سارا رئندا رهندا.

پنهنجي دل جي تمنائن لاءِ دوريءَ واري راهه نه وٺجانءِ،

خواب خوشيءَ جا خاموشيءَ ۾، الڪا سارا رئندا رهندا.

تون به نه هوندين مان به نه هوندس، دنيا ۾ مَنَ چرچو هوندو،

جيءَ جا جنهن سان بندن جوڙيا، سرتا سارا رئندا رهندا.

ڪير به ڪنهن سان ساڻ نه هلندو، دنيا آهي ڄڻ خواب مثل،

هِتِ مال، متاعُ، محل، ٻنيون، ٻارا سارا رئندا رهندا.

اڳ پُٺِ سوچي پاڻ مرادو، هر ڪنهن سان ٿي نيڪ نيت،

محبت سان جي ملندين، ٻانهون، ڳارا سارا رئندا رهندا.

ڪوري ڪاگرتي مان اڌما، اوتي اڄ ”ممتاز“ رهان ٿو،

الفت واري ناتن وارا، رشتا سارا رئندا رهندا.

 

غزل

 

منهنجي من ۾ تون ئي تون،

دل ڌڙڪن ۾ تون ئي تون.

روپ پسائين، روز نوان،

سونهن گگن ۾ تون ئي تون.

تو- مان نفرت پئي نه پلئه،

چاهه چمن ۾ تون ئي تون.

تنهنجي صورت پوڄيان ٿو،

سِرُ، سجدن ۾ تون ئي تون.

دنيا کان مُنهن موڙيل آ،

منهنجي ڌُن ۾ تون ئي تون.

مون کان جي ”ممتاز“ پُڇين،

ساهَه رَڳُنِ ۾ تون ئي تون.

 

ملهار سنڌي

 

 

 

 

         غزل

 

ڏنم توکي دلڙي نشاني ڪري!

ڇڏيم تنهنجي نالي جواني ڪري.

مٺي دِل جي دنيا مَٿان هر گهڙي،

سندء يادِ ٿي حڪمراني ڪري!

تڏهن اک ڪنهن تي ٻُڏي ئي نه پئي،

جڏهن سَڏُ ڪَيئي مون کي جواني ڪري!

سندء ناز حسن و ادا ڇا چوان،

ڇڏيئي ساري دنيا ديواني ڪري!

وَيا ميٽجي درد ”ملهار“ جا،

ڏنئي پيار جو مهرباني ڪري!

 

غزل

دل ۾ دردن جو ڪارخانو آ!

زندگيءَ جو عجب فسانو آ!

توکي چاهيو گهڻو گهڻو آهي!

جنهن جو شاهد سڄو زمانو آ!

هر قدم يارَ سنڀالي رکجان،

هي سڄو جڳ سرابخانو آ!

سارون، سپنا ۽ شعر تصويرون،

منهنجي جيون سندو خزانو آ!

هڪ گهڙي ڀي نه ٻيو ٽڪي سگهندو،

دِل ته تنهنجو ئي آشيانو آ!

سُکُ ”ملهار“ کي مِلي نه سگهيو،

درد جو ٿيو سدا نشانو آ.

ساحر راهو

 

 

 

               غزل

                    مونکي ٻانهن جا وجهي هار هلي ٿي مون سان،

شهرِ قاتل ۾ تنهنجي سار هلي ٿي مون سان.

 

آءٌ منصُور جي مسند جو هان قائل تڏهين،

هڪڙي فتويٰ ۽ ٻي تلوار هلي ٿي مون سان.

 

پير ڪڙيون ٿيون وڄن منهنجو سري مقتل يا،

تنهنجي پازيب جي جهنڪار هلي ٿي مون سان.

 

منهنجا محبوب وطن آجپي جي منزل ۾،

خاڪ تنهنجيءَ سندي هُٻڪار هلي ٿي مون سان.

 

هڪڙي گهاڻي ۾ منهنجي خون جي آ کستوري،

ٻي تنهنجي پيار جي ٿڌڪار هلي ٿي مون سان.

 

ڪير مهٽي ٿو کِلي لُوڻ منهنجي زخمن تي،

ڪير مرهم جيان هر دُوار هلي ٿي مون سان.

 

تاج حيران ۽ لرزان آ قلم قاضيءَ جو،

سر جي ناهي ته ڇو دستار هلي ٿي مون سان.

 

آءٌ منصُور نه سرمد نه مسيحا ساحر،

ڀيڙ ڇو هيڏي سرِدار هلي ٿي مون سان.

 

غزل

سُونهن جو اڻ کُٽ خزانو، ڄام شوري ۾ پرين،

هِڪ انوکو آ زمانو، ڄام شوري ۾ پرين.

 

سؤ شمعون سؤ پتنگا، کوڙ مُکڙيون کوڙ ڀنؤنر،

ڪيڏو سهڻُو آ فسانو، ڄام شوري ۾ پرين.

 

ٿيڙ کائن ٿيون جوانيون، سُونهن جون سُرڪون ڀري،

هر نظر آ مڌُ خانو، ڄام شوري ۾ پرين.

 

شام جي چپڙن تي سُرخي، ڪنهن جي مُرڪن جو ڪمال،

نيڻ سپنن آستانو، ڄام شوري ۾ پرين.

 

ڪنهن جي ٽهڪن جو ترنم، ڪنهن جي قدمن جي پشم،

روح آ رم جهم روزانو، ڄام شوري ۾ پرين.

 

نينهن جا نيئر وجهي تو، رول پايون روڪيون،

مون اڏيو آ آشيانو، ڄام شوري ۾ پرين.

 

ڪير ڪنهن جي جستجوءَ ۾، پاڻ کي ڀُلجي وئي،

ڪيرُ ڪنهن جو آ ديوانو، ڄام شوري ۾ پرين.

 

چؤڏسان ڊيلُن جون ٽوليون، رقص ’ساحر‘ مور جا،

زندگي چنچل ترانو، ڄام شوري ۾ پرين.

عبدالجبار ”عاجز“ منگي

 

غزل

زندگي ٿي سُڪل پن جيان،

هر خوشيءَ جي شڪل پن جيان.

ٿي تمنا نه پُوري سگهي،

آس منهنجي ڇڻيل پن جيان.

روز احساس مقتل چڙهيا،

خواب منهنجا رتل پن جيان.

ماڻهپي ڏي رهي سوچ ٿي،

بارشن ۾ ڀنل پن جيان.

ٿي حياتي پئي آ ائين،

ٽاري کان ڪنهن ٽٽل پن جيان.

 

غزل

 

احساس رُئن ڪيئن ٿا ڄاتو نه ڪڏهن تو آ،

وشواس ٽُٽن ڪيئن ٿا ڄاتو نه ڪڏهن تو آ.

خاموش ٽهڪ مُنهنجا پکڙيل ته فضا ۾ هن،

اڌ ماهي لُڇن ڪيئن ٿا ڄاتو نه ڪڏهن تو آ.

اڌ رات اُٿاري ٿي سڪ تنهنجي سَنڀارن جي،

جذبات اٿن ڪيئن ٿا ڄاتو نه ڪڏهن تو آ.

بس درد جي دريا ۾ ٿيون خوشيون لُڙِهن ساريون،

۽ نيڻ ڇُلن ڪيئن ٿا ڄاتو نه ڪڏهن تو آ.

تون دُور ٿي وئي آهين ڪاوڙ به اٿئي ڏاڍي،

هِت خوابُ رلن ڪيئن ٿا ڄاتو نه ڪڏهن تو آ.

يادن کي ته چوواٽن تي اي يار کڻڻ خاطر،

هي پير هَلَن ڪيئن ٿا ڄاتو نه ڪڏهن تو آ.

پنهنجن ئي رکيو جڳ ۾ ڏِس وير وڏو آهي،

اڄ درد ڏِيَنِ ڪيئن ٿا ڄاتو نه ڪڏهن تو آ.

”عاجز“ جي خيالن کي ڏئي مات نه سگهندين تون،

هي خيال ڦُٽن ڪيئن ٿا ڄاتو نه ڪڏهن تو آ.

 

غزل

مٺا تون جي پيو مرڪين ته هيءَ ڪائنات مُرڪي ٿي،

بلاشڪ دلربا تنهنجي اچڻ سان رات مُرڪي ٿي.

وَسي برسات سانوڻ جي اسان جا پاڪ جذبا ها،

ڏسي نرمل نظارا هي سڄڻ برسات مُرڪي ٿي.

ڏئين ٿو دلربا ٽهڪن مٿان تون ٽهڪ خوشين جا،

زماني ۾ محبّت سان ڀريل جذبات مُرڪي ٿي.

اچي ويهين تو ڀرسان تون جڏهن مون وٽ سڄڻ سائين،

ڦِٽل پنهنجي نئين سر ساري ساجن حيات مُرڪي ٿي.

گلن کي رات جو دلبر ڇُهيو هو پيار ۾ مٺڙا،

هي پوئين پهر جي ساري صنم پرڀات مُرڪي ٿي.

غزل جي واندڪائيءَ ۾ ٿا پڙهجن جابجا مُنهنجا،

چوان سچ ٿو پرين ان وقت منهنجي ڏات مُرڪي ٿي.

اچين ٿو جنهن مهل مون ڏي پرت جو پير پائي تون،

خوشيءَ ۾ دلربا ”عاجز“ منگيءَ جي ذات مُرڪي ٿي.

گلاب خان سولنگي

 

 

 

 

غزل

تنهنجون مُرڪون تنهنجون ڳالهيون،

اڄ تائين مون آهن سانڍيون.

وقت گهڻو ويو گذري ليڪن،

اکڙيون منهنجون آهن آتيون.

تنهنجا قول قرار ۽ واعدا،

ساريون ڳالهيون ڪوڙيون نڪتيون.

پنهنجي حصي جي محبت ساري،

تنهنجون به رنيون هونديون اکڙيون.

مون وانگي تنهنجون به آسون،

سوليءَ تي ڄڻ هونديون لڙڪيون.

مان نه وساري ويٺس اڄ ڀي،

دل ۾ سانڍيل تنهنجون ياديون.

آخر ڪيسين رسمن جي وَر،

سنڌي نياڻيون چڙهنديون رهنديون.

پيار نه هو جي گلاب پوءِ،

اکڙيون ڇا لاءِ رنيون مُرڪيون.

خالد احمداڻي

غزل

وِصل کان پوءِ هجر ستائي ٿو،

ڌار سانجهيءَ پهر ستائي ٿو!

ڦوهه جوڀن بيان ڪندو جانان!

ٿر کي ڪيڏو ڪڪر ستائي ٿو!

آئيني جو وجود آهيان مان،

مون کي پَٿر شهر ستائي ٿو.

ڪيئن ٻڌايان مان ڪيترو تنهنجي،

خط جو هڪ هڪ اکر ستائي ٿو!

مون کي ڏسندي اُڀو نه ڪر جانان،

بيرخي جو خنجر ستائي ٿو.

تن اگهاڙو ٿريءَ ٻڌائيندو،

کيس ڪيڏو اُتر ستائي ٿو!

 

غزل

 

جي آ سارڻ ڏکيو ڀلائي ڇڏ،

خواهشن کي پرين جلائي ڇڏ!

عمر ساري تون ساٿ ڏيئي سگهندين،

مُنڍ ۾ ئي مونکي ٻڌائي ڇڏ!!!

مون کي اونداهه سان مُحبت آ،

ديپ ٻرندو ڏسين، اجهائي ڇڏ!

سينڌ تنهنجي ۾ ٿو سونهي ليڪن،

گل کي گلدان ۾ سجائي ڇڏ!

ڪر عطا زندگي وڏي هُن کي،

عمر منهنجي ڀلي گهٽائي ڇڏ!

 
غزل

هاڻ تعلق نئون رکيون ڇا لئه؟!

غم جو ٻيهر مزو چکيون ڇا لئه؟!

جاڳ سوچيو ”اڳي ستو ناهي“!

نيڻ هُن جا وري ٻکيون ڇا لئه؟!

الوداعي مهل نه ڄاتو تو،

هُن جون آليون هيون اکيون ڇا لئه؟!

ننڊ جيڪر رُٺي نه آ هُن کان،

رات ساري بتيون بکيون ڇا لئه؟!

گهاءُ ناسور ٿي ويو ”خالد“،

هاڻ اُن تي مرهم رکيون ڇا لئه؟!

 

غزل

سنيها سهاني رتن جا گلابي،

ٻريا ٽهڪ تنهنجي چپن جا گلابي!

جيئڻ جو ويا حوصلو ڏيئي وري،

حنائي نياپا هٿن جا گلابي!

اهو درد من ۾ چُپي ٿو خنجر جيئن،

بدن روز روڙيئي، وچن جا گلابي!

اڃا ياد آهن ٻرن پيا ذهن ۾،

قصا جيڪي آهن جڳن جا گلابي.

شڪاريءَ کڻي روز بندوق، ڪنوارا،

تو احساس ماريا پکين جا گلابي!

سجايون چپن تي اسان کوڙ مُرڪون،

جڏهن موهه مهڪيا بدن جا گلابي!

ڇڏيا جيڪي سورج، اهي رات ’خالد‘،

مٽائي ڇڏيا رنگ گگن جا گلابي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com