سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :17

رحمت سومرو

 

 

 

 

           سنڌ منهنجي امان

تون عنايت ۽ دودي جي همت به آن

تون ڀٽائي جي نيڻن جو ڄڻ نور آن

تون ئي هوشو ۽ هيمون جي للڪار آن

تون ئي سچل جي ڄڻ من جو منشور آن

ڳاٽ تنهنجو فخر ساڻ اوچو رهي

پنهنجي وحدت سان قائم سدائين ڏسان

سنڌ منهنجي امان،

سنڌ منهنجي امان.

تو ۾ هولين جا شل رنگ پيا لائجن

تو ۾ عيدن جا ڀاڪر پيا پائجن

تو ۾ ڏيارين جا مُرڪي ڏيئا ٻارجن

جهومندي هو جمالا پيا ڳائجن

موسمون تو ۾ شل مرڪنديون سڀ رهن

شل نه توکي لڳي واءُ ڪوسو ڪٿان

سنڌ منهنجي امان،

سنڌ منهنجي امان.

ڏينهن تنهنجو نه شل ڪو ڏکن ۾ هجي

رات تنهنجي نه شل ڪا هجي رنج ۾

تو ۾ تحفظ جو احساس اهڙو هجي

جيئن هجي ٻار ڪو ماءُ جي هنج ۾

پنهنجي سنڌوء سان گڏ پنهنجي اولاد تي

تون هميشه رهين شل ائين مهربان

سنڌ منهنجي امان،

سنڌ منهنجي امان.

ڪنهن نه ڪنهن سوچ مان، ڪنهن نه ڪنهن لوچ سان

روشني، روشني ٿي وئي رات ۾

هيءَ لهو ساڻ شل لاٽ ٻرندي رهي

پنڌ ناهي گهڻو هاڻ پرڀات ۾

ڏس ته آڪاش مرڪي چوي ٿو پيو

ٻاٽ رهڻي نه آهي سدا تو مٿان

سنڌ منهنجي امان،

سنڌ منهنجي امان.

 

غزل

تنهنجي نيڻن سان آشنائي هئي،

خوبصورت سڄي خدائي هئي.

 

تو بنا زندگي ته ڇا هر شيءِ،

ها اجائي هئي، اجائي هئي.

 

درد ڪنهن سان سليان ڀلا آخر،

اُڀ تائين اڪيلڙائي هئي.

 

توکان وڇڙي وجود پنهنجي جي،

روز ورسي اسان ملهائي هئي.

 

ماڻهو، ماڻهوءَ جي رت جو پياسو،

اُڃ اهڙي ڪٿان کان آئي هئي!

 

جنهن کي تنهنجو مليو هو نقش پا،

عرش تائين سندس رسائي هئي.

 

بس رڳو درد ئي هيو پنهنجو،

ٻي ته هر شيءِ قسم پرائي هئي

جاويد ملاح

غزل

هن چاهه جو سُک چکي سهڻا،

ڪئي واڳ وري ٿي ويا سهڻا.

 

هي ازل جا واپاري مارو،

ويساک جو ملهه سو ماري ويا.

 

اي باک پرهه جي ڳالهه نه پُڇ،

ڪئي ساحل سير ڪري ٿي ويا.

 

ٿي منهنجي ٻولي ٻيجل اڄ،

هن ڪوڪ ڪو ڪايل ڪويل جي.

 

ڪئي واٽ تي واڳن وار ڪيا،

هن ساحل جو مان سانگيئڙو.

 

تون مون کان منهنجي ڳالهه نه پُڇ،

مان ڪارونجهر جي ڪار آهيان.

 

ٿي سڏ ڪري پڙلاءَ ڪري،

مان جيجل تنهنجي جهول آهيان.

 

هي سر جو سانگو ساهه ته ڄڻ،

هن ديس جو قرضي ٻار آ ڄڻ.

 

هي پوک ته آهي ساري جي،

هن نرمل يوگي ياري جي.

 

ٿي مون کان منهنجي ذات پڇي،

تو ساحل ساحل سر جوڳي.

 

مان دوست ته هاڻ وڻجارن جو،

مان پيٽ بکايل ٻارن جو.

 

هي جوڀن منهنجو جاڙ ٿيو،

سر سنڌڙي تي نثار ٿيو.

 

بيت

دوهيڙا ناهن ذات لکيل مون کان ڪير پُڇي،

ان ۾ آ ڪا بات لڪيل سهڻا سُجهه لهي.

چنڊ کي چئو ته ڇو ٿو چمڪي پرين بنا رات،

اهڙي ڪهڙي تات توکي هرکايو ميان.

مون ۾ آهي ذات پرين جي اول کان گهري،

ان جو آ جڳ مڙئي سنسار جو.

لهي ڏٺوسين هڪ ٻئي کي اڄ سر کان سر ويهي،

اهڙي آ جنهن کان جڳ ايڏو ڊڄي.

ويٺي ويٺي مون ڪيا سهسين سوال ٿئي،

مون کي هن ڪهي ڏيکاريو ماڳ جهان جو.

مون کي تنهنجي ذات کان شڪوا هن سوين،

پرين ڏنو تو رات جو ويو دور ڇڏي.

مون کي آ اوساٽ اڃان به گهري،

پل ۾ ٻپهري اُس جيان آ گهاٽي.

سنڌڙي ۾ سوري سهسين چڙهيا ڪيترا،

مون کي آ لوري اڃان تنهن گهاٽ جي.

مون کي تنهنجو پيار آ پهريان کان گهرو،

ڪوهيڙو جهڙو ڇانيل آهي واٽ تي.

تنهنجا پيرا مون سهسين کنيا هر ڏسا،

مون ٿي ڀايان مون ڏاڍا پهرا پار جا.

اوسٽ هئي اڃان تنهنجي چهري جي پرين،

چنڊ کي چئين متان ڇو ٿو چمڪي ايترو.

تحفو آ چانڊاڻ کي چڪوري جي ذات،

مون کي آ پرڀات جاڳ جڳايو تنهنجي.

متان چئي مان ڇو رنس ويٺي ويل جو،

مون کي تو اونو رهيو آهي سانوري.

خالد احمداڻي

غزل

وِصل کان پوءِ هجر ستائي ٿو،

ڌار سانجهيءَ پهر ستائي ٿو!

ڦوهه جوڀن بيان ڪندو جانان!

ٿر کي ڪيڏو ڪڪر ستائي ٿو!

آئيني جو وجود آهيان مان،

مون کي پَٿر شهر ستائي ٿو.

ڪيئن ٻڌايان مان ڪيترو تنهنجي،

خط جو هڪ هڪ اکر ستائي ٿو!

مون کي ڏسندي اُڀو نه ڪر جانان،

بيرخي جو خنجر ستائي ٿو.

تن اگهاڙو ٿريءَ ٻڌائيندو،

کيس ڪيڏو اُتر ستائي ٿو!

 

غزل

جي آ سارڻ ڏکيو ڀلائي ڇڏ،

خواهشن کي پرين جلائي ڇڏ!

عمر ساري تون ساٿ ڏيئي سگهندين،

مُنڍ ۾ ئي مونکي ٻڌائي ڇڏ!!!

مون کي اونداهه سان مُحبت آ،

ديپ ٻرندو ڏسين، اجهائي ڇڏ!

سينڌ تنهنجي ۾ ٿو سونهي ليڪن،

گل کي گلدان ۾ سجائي ڇڏ!

ڪر عطا زندگي وڏي هُن کي،

عمر منهنجي ڀلي گهٽائي ڇڏ!

 

غزل

هاڻ تعلق نئون رکيون ڇا لئه؟!

غم جو ٻيهر مزو چکيون ڇا لئه؟!

جاڳ سوچيو ”اڳي ستو ناهي“!

نيڻ هُن جا وري ٻکيون ڇا لئه؟!

الوداعي مهل نه ڄاتو تو،

هُن جون آليون هيون اکيون ڇا لئه؟!

ننڊ جيڪر رُٺي نه آ هُن کان،

رات ساري بتيون بکيون ڇا لئه؟!

گهاءُ ناسور ٿي ويو ”خالد“،

هاڻ اُن تي مرهم رکيون ڇا لئه؟!

 

غزل

سنيها سهاني رتن جا گلابي،

ٻريا ٽهڪ تنهنجي چپن جا گلابي!

جيئڻ جو ويا حوصلو ڏيئي وري،

حنائي نياپا هٿن جا گلابي!

اهو درد من ۾ چُپي ٿو خنجر جيئن،

بدن روز روڙيئي، وچن جا گلابي!

اڃا ياد آهن ٻرن پيا ذهن ۾،

قصا جيڪي آهن جڳن جا گلابي.

شڪاريءَ کڻي روز بندوق، ڪنوارا،

تو احساس ماريا پکين جا گلابي!

سجايون چپن تي اسان کوڙ مُرڪون،

جڏهن موهه مهڪيا بدن جا گلابي!

ڇڏيا جيڪي سورج، اهي رات ’خالد‘،

مٽائي ڇڏيا رنگ گگن جا گلابي!

اُداسي جکراڻي

غزل

تنهنجي يادن جو هي معجزو آ اڃان،

ڏات جو ساٿ آ، حوصلو آ اڃان.

آءُ مرڪن سان مهڪائي ماحول وڃ،

بيرخين جو هي ڇو سلسلو آ اڃان.

هن کي چئجو ته بس ڀروسو هو رکي،

ڪوبه هن جيان نه دل ۾ لٿو آ اڃان.

جهول ۾ چنڊ ويساهه گهاتيون وڌئي،

ياد دل کي اهو حادثو آ اڃان.

نيڻ رستن جي دز ۾ ئي لٽجي ويا،

پر تون ايندينءَ مٺي، آسرو آ اڃان.

مند آئي لابارن جي، ڪونجون وريون،

ڪو سنيهو نه تنهنجو پڳو آ اڃان.

مُرڪ کسجي وئي ٽهڪ مغوي بڻيا،

ڇا اُداسي وٽ تو بن بچيو آ اڃان.

 

غزل

ديد جنهن لاءِ منتظر آهن،

سو اڃان تائين بيخبر آهي.

واءُ ۾ ٽهڪ ڪو وکيري ڇڏ،

سوڳ اوڍيو سڄي شهر آهي.

پنهنجي خانه بدوش خوابن جو،

ڪو ٺڪاڻو نه ڪوئي گهر آهي.

ماتمي مند مهڪ بڻجي وئي،

تنهنجي مُرڪن جو ئي اثر آهي.

تنهنجي چاهت جي ڇانو آ جنهن تي،

سوئي دنيا ۾ معتبر آهي.

اُڪري وڃبو ڏکيو سفر جانان،

سار تنهنجي جو همسفر آهي.

تو اکين مان ٿڏيو ”اداسي“ کي،

رول اڄ تائين دربدر آهي.

علي محمد سولنگي

غزل

سَدائين تاتِ نيڻن ۾،

آهي برسات نيڻن ۾.

ڏٺئي جنهن کي ويو وٺجي،

اٿئي ڪا باتِ نيڻن ۾.

سُتل سالن صدين کان آ،

ڪا، ڪاري رات نيڻن ۾.

وسيل آهي ته ورهين کان،

سندءِ ئي ذاتِ نيڻن ۾.

لڳل هُئي ساهه کي اڳ پرَ،

هاڻي سڪراتِ نيڻن ۾.

لُڇي تڙپي پئي ڦٿڪي،

ڏکاري ڏاتِ نيڻن ۾.

 

غزل

سوچون سيرون سيرون آهن،

جذبا جِهيرون جهيرون آهن.

بي ڪفنا، ارمان لاشا،

ڪهڙيون هي تقديرون آهن.

دل، دماغ وڪوڙيل تن ۾،

يادون ڄڻ زنجيرون آهن.

هٿ ڪشڪول جيان ئي خالي،

جنهن ۾ چنڊُ لڪيرون آهن.

هاءِ! اسان جي عشق تي آيون،

روز نيون تعزيرون آهن.

تڙپي ٿي پئي تانگهه ملڻ لئه،

تو وٽ سڀ تدبيرون آهن.

منهنجو سارو سرمايو هي،

تحريرون، تصويرون آهن.

روشن علي ”روشن“ سومرو

غزل

پنهنجي دردِ دل جي دوا کي ٿو ڳوليان،

محبت ملي پئي شفا کي ٿو ڳوليان.

مون جاچي ڏٺو آ زماني ۾ يارو،

وفا ڪاٿي ڪانهي وفا کي ٿو ڳوليان.

هي ظلمت جي نگري هتي آهي دهشت،

مان انصاف لاءِ خدا  کي ٿو ڳوليان.

ڪيئي معصوم ٻچڙا ٿا جيجل کان کسجن،

امڙ جي ڏکويل دعا کي ٿو ڳوليان.

هي ظلم و ستم ڀي آخر ڪيسين تائين،

سدا امن واري فضا کي ٿو ڳوليان.

آهُن ۽ دانهن جو اثر نيٺ ٿيندو،

خدا تنهنجي رحمت رضا کي ٿو ڳوليان.

اونداهي ۾ روشن ڏيئو ڪو جلايو،

ڪاري رات ۾ ان صدا کي ٿو ڳوليان.

 

گيت

سنڌ تان دل جان ڀي قربان آ،

قوم تي سنڌ جو احسان آ.

هت سچل- سامي- ڀٽائي گهوٽ آ،

سنڌ جو اونچو هميشه شان آ.

هن امڙ جا سڀ آهيون سنڌي ٻچا،

سنڌ جو هر فرد بيشڪ جوان آ.

سور سختيون پيو سهين سنڌي اڃان،

ننڊ ۾ آهين اڃان ارمان آ.

سنڌ تي اک غير جي ميري ڏسو،

غير ڏي ڪرڻو ضروري ڌيان آ.

سنڌ جي خدمت ڪندي ”روشن“ چيو،

سومرو جيجل جي در دربان آ.

سيمع سجاد ميراڻي

غزل

چنڊ سان گڏ ستاري وانگي،

آءٌ به ڪنهن وڻجاري وانگي.

ڳولهي ڳولهي ٿڪبو آهيان،

پيارُ به اڻ لَڀ پياري وانگي.

توبن جڳ ۾ ڪونه ٺهون ٿا،

پنهنجو گهر آ ڌاري وانگي.

تولئه آتو آهيان جاني،

الفت جي اوتاري وانگي.

مشڪل آ نامڪمل ناهي،

دردُ لُڻڻ لاباري وانگي.

 

غزل

ڪنهن کي ياد به ناهيون هاڻي،

ڪهڙو پاڻ کي ٺاهيون هاڻي.

ڪجهه به ته هاڻي ڪونه بچو آ،

توبن پاڻ به ناهيون هاڻي.

راتيون جاڳون ڪنهن جي لئه ۽،

ڪنهن لئه نيرَ وهايون هاڻي.

ماڻهو سارا سُکَ جا ساٿي،

ڪاڏي ڏک هي ڪاهيون هاڻي.

لکيل خَطَ ڪجهه، يادون سپنا،

ويٺا ٿا دُهرايون هاڻي.

پيارُ به ننڍڙي نينگر وانگر،

تنهن کي ڪيئن ريجهايون هاڻي.

فراخ جانوري

وائي

منهنجي سوچن ۾،

سندر سپنن ۾،

تنهنجي چاهت آ مِٺا.

لونءَ لونءَ ۾ تون ٿو وسين،

دل جي ڌڙڪن ۾،

تنهنجي چاهت آ مِٺا.

منهنجي هرهڪ آس ۽،

اندر اُڌمن ۾،

تنهنجي چاهت آ مِٺا.

تولئه روئن هجر ۾،

منهنجي نيڻن ۾،

تنهنجي چاهت آ مِٺا.

تو آئي مهڪي پيا،

گلشن گلڙن ۾،

تنهنجي چاهت آ مِٺا.

توبن رهن بي چين ٿا،

منهنجن گيتن ۾،

تنهنجي چاهت آ مِٺا.

غزل

جا گُهري سي، سا خوشي ناهي ملي،

زندگي کي زندگي ناهي ملي.

ساهه صدمن ۾ رهيو آهي سدا،

درد کان دل کي وِٿي ناهي ملي.

حق کسيل ۽ بندشون آهن پَيَل،

ها! اڃان آزادگي ناهي ملي.

هي غضب آ سنڌ وارن کي اڃان،

سنڌڙيءَ جي وارثي ناهي ملي.

ڏک مسلسل جانوري ڀوڳيون پيا،

سک جي سهڻي ڪا گهڙي ناهي ملي.

 

غزل

ڪٿي ڀي سک نه پائي ٿو، اسانجو جيءُ جوڳيئڙو،

پيو پلپل رلائي ٿو، اسانجو جيءُ جوڳيئڙو.

جڏهن ڀي گيت ڳائي ٿو، اسانجو جيءُ جوڳيئڙو،

زماني کي نچائي ٿو، اسانجو جيءُ جوڳيئڙو.

نٿو دولت سندا سپنا ڏسي ڪڏهين، سدا سيني،

مٽيءَ مهڪار لائي ٿو، اسانجو جيءُ جوڳيئڙو.

خوشيءَ کان جهول خالي آ تڏهن ڀي اک نه آلي آ،

غمن سان ڀي نڀائي ٿو، اسانجو جيءُ جوڳيئڙو.

سدا بي رنگ بستين ۾ ٿِيل ويران وستين ۾،

پيو هي رنگ رچائي ٿو، اسانجو جيءُ جوڳيئڙو.

ڏسي ٿو سونهن سڪ سرهاڻ ۽ انسانيت جا ٿي،

سدا اُت سِرُ جهڪائي ٿو، اسانجو جيءُ جوڳيئڙو.

انڌيرن ساڻ اٽڪڻ جو ازل کان شوق آ هِن کي،

پيو خود کي جلائي ٿو، اسانجو جيءُ جوڳيئڙو.

زماني کان پَلَوَ ۾ ڏک پون ٿا جانوريءَ پوءِ ڀي،

وفائون پيو لٽائي ٿو، اسان جو جيءُ جوڳيئڙو.

غزل

ڪنهن سهاني سار ۾ جيئون پيا،

زندگي جي پيار ۾ جيئون پيا.

دل جي هر احساس ۾ خوشبوءِ آ،

محبتي مهڪار ۾ جيئون پيا.

پنهنجي پر ۾ جڳ سڄي تي آ نظر،

ڳوٺ جي سنسار ۾ جيئون پيا.

ظلم ناحق ۽ ستم ٿين ٿا پيا،

ڪيتري آزار ۾ جيئون پيا.

حالتن خود کان ڪيو  آ دور پر،

سونهن سان سهڪار ۾ جيئون پيا.

ڇا ته دل ڪش چين ڏيندڙ آ فضا،

واهه تي وڻڪار ۾، جيئون پيا.

سنڌڙي سان نينهن شل نڀجي وڃي،

پاڻ ان ويچار ۾ جيئون پيا.

وقت توکي ڪٿ الائي ويو کڻي،

پاڻ غم جي ڄار ۾ جيئون پيا.

دل جو ڪنهن سان درد اوريون اي فراخ،

بي حسي سنسار ۾ جيئون پيا.

ذوالفقار ڪانڌڙو

نثري نظم

زندگي ۽ موت

 

زندگي

موت کان ڪيڏو نه ڊڄندي آهي

۽

موت زندگيءَ کان ڪڏهن به ناهي ڊڄندو

زندگي

موت کان نفرت ڪندي آهي

موت

زندگيءَ سان محبت ڪندو آهي

۽ پاڳلن جيان زندگيءَ جي پويان ڊوڙندو رهندو آهي

زندگيءَ کي

سدائين موت کان شڪايت رهندي آهي

موت

زندگيءَ جون شڪايتون ٻُڌي مسڪرائيندو آهي

زندگي

بار بار موت جو ذڪر ڪندي آهي

۽ موت

ڪڏهن به زندگيءَ جو ذڪر ناهي ڪندو

فقط زندگيءَ جي چپن کي چُمي

پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري وٺندو آهي.

 

نثري نظم

 

آءٌ فقط

پنهنجي پاڻ  جو هوس

تنهنجو ٿي ويندس

مون اِهو سوچيو به نه هو.

 

دل ۾ ڦُٽي آيل

رابيل جهڙيون ڪلپنائون

مرجهائجي وينديون

مون اِهو سوچيو به نه هو.

 

مون وٽ ڪجهه خواب هئا

انڌي فقير جي ڪستي مان

ڪريل ريزگاريءَ جيان

وکري ويندا

مون اِهو سوچيو به نه هو.

 

منهنجو هڪ روشن مستقبل هو

ڀيانڪ ماضي بنجي ويندو

مون اِهو سوچيو به نه هو.

 

تون منهنجي هئينءَ

اجنبي بنجي ويندينءَ

مون اِهو سوچيو به نه هو.

شيخ فرازي

غزل

بُڪ تي ڀٽ جو گهوٽ لکان ٿو،

سونهن مٿان ڄڻ نوٽ لکان ٿو.

جابر آڏو ڪنڌ جهڪايو،

جنهن آ تنهن کي ڦوٽ لکان ٿو.

ڪپجن ٿيون هڪ وڻ جون پاڙون،

ٻيلي ۾ ٻرڙوٽ لکان ٿو.

پنهنجي رت جو آهي پورهيو،

شڪر نه ڪنهن جي اوٽ لکان ٿو.

هن جو مُرڪڻ شيخ فرازي،

محبت جي آ موٽ لکان ٿو.

غزل

هن کي ڀاڪر ۾ ڪر او چري ڇوڪري!

ٿو وڃيئي چنڊ گهر او چري ڇوڪري!

پيار ملندو آهي هت گهڻي کان گهڻو،

هل هلئون هن شهر او چري ڇوڪري!

ڪنهن گلا ۾ ڪٿي تون نه اڙجي وڃين،

ساٿ سڀ کان نه گهر او چري ڇوڪري!

هي ڏکيا پيچرا پاڻ ٿيندا ختم،

ٿورڙو صبر ڪر او چري ڇوڪري!

پيار جي پنڌ تي هيج جي هنڌ تي،

ٺهندو ناهي سَتُر او چري ڇوڪري!

سور، صدما سهڻ لئه فرازي جيان،

ڪر وڏو تون جگر او چري ڇوڪري!

 

غزل

 

مون کان ٿي اڄ مُرڪ لڪائي،

جذبن جا ٿي گل وڃائي.

 

ايڏو توسان چاهه ڪيان ٿو،

ڪاٿو سگهبو ڪونه لڳائي.

 

روپ غزل جي ۾ ٿو شاعر،

پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي.

 

گهُنچي، گهٽجي جيئندي آهي،

مون کان پئي ٿي گيت لکائي.

 

عاشق بڻجي شيخ فرازي،

توسان ويٺو اک اڙائي.

 

غزل

پير روڪيان مگر دل وٺي ٿي اچي،

ڇو الائي توڏي سڪ کڻي ٿي اچي.

 

ايترو ويجهڙو ٿي ويا سي اسان،

اڄ نه مون کي نظر ڪا وٿي ٿي اچي.

 

مون به گهر کي سجايو آ دلهن جيان،

منهنجي مونسان ملڻ اڄ خوشي ٿي اچي.

 

هي نظارو ڏسي دل فرازي ٺري،

چاهه سان چاهه ڏي چاندني ٿي اچي.

ثمينه ميمڻ

 

 

 

 

             بينظير کي ڀيٽا

هر سڏڪو هئو نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو

 

جڏهن هئو مون ٻڌو

تون ديس پنهنجي

وَرڻي هُئينءَ

هڪ پل لاءِ ٿيو هئو خوشيءَ جو احساس

پر

اَڄاتي احساس هُئو

ڊِڄاري ڇڏيو

توکي ته مُور نه وَرڻو هئو

تُنهنجي ڪُڙمَ جا ويري

هُئا تُنهنجي ئي تاڪ ۾

پر

مان هئس ڀُليل!

تو ته سڀڪجهه ٿي ڄاتو

جو مون نه ٿي ڄاتو

توکي بي پهچ ديس ماروئڙن لاءِ

هُئو جو ورڻو پيو

۽

پوءِ

گهٽيءَ گهٽيءَ هُئا تاڪائو

تُنهنجيءَ تاڪ ۾ رُڌل

ها

اُها سانجهي ويل به آئي

جڏهن تاڪائن جو نشانو

 

هئينءَ تون بڻيل

شهادت تُنهنجي تي

هر گهٽيءَ ڪربل ڇائي هئي

هر ڪنهن جو سڏڪو هو نڙيءَ ۾ اَٽڪي پيو

ڪن جي ته ساهه جو سڳوئي ٽُٽي پيو

منهنجي اَڄاتي احساس

مون کي ورائي ڏٺو

ڇا؟ مون اِهو سوچيو هئو!!

موت ته برحق آهي

پر

ڳڙهيءَ جي شهيدن جي تاريخ کي جو

اَمر ٿيڻو هئو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com