سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :18

يوسف سنڌي

 

 

 

 

مون کي به جيئڻ ڏيو....!

 

گهڻي ڪوشش جي باوجود به هُو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو. هڪ ته ماڻهن جي پيهه ايڏي ته گهڻي هئي، جو هُو ٽرڪ جي ويجهو وڃي نه سگهيو، پر جي ٻه چار قدم اڳيان وڌيو به ٿي ته ماڻهن کيس اهڙا ته ڌڪا ٿي ڏنا، جو هو صفا پوئتي ڌڪجي ٿي ويو ۽ ماڻهن جو رويو ايترو ته بي حسي ۽ بي حيائيءَ وارو هو، جو هن کي حيرت وٺيو ٿي ويئي. ان پيهه ۾ ڪيترائي ڏسڻا واسڻا ۽ سگها ڀلا ماڻهو به شامل هئا، پر ڪنهن به ڏانهنس ڌيان نه ڏنو ۽ سڀ ڪو ٽرڪ مان امدادي سامان کي ايئن لٽڻ لڳو، ڄڻ اهو پهريون ۽ آخري ڀيرو هو، جو اهو سامان آيو هو، ۽ پوءِ وري داڻو به نه ملندن... کين ڪو روڪڻ وارو به ته نه هو.

هيءُ جڏهن ڌڪجي پويان ٿيو ته همت هاري ڇڏيائين ۽ بيهي رهيو. ٽرڪ آهستي آهستي هلندي ويئي، ماڻهو ٽرڪ جي پويان هوڪا ڏيندا، رڙيون ڪندا، نعرا هڻندا، ڊوڙندا ويا ۽ ٽرڪ جي مٿان بيٺل ٻه همراهه سامان جون ٿيلهيون انهن ڏانهن ايئن اڇليندا ويا، جيئن ڀونڪندڙ ۽ رومڙ ڪري ايندڙ ڪتي کي اڳيان وڌڻ کان روڪڻ لاءِ، ڪو مانيءَ ڀورا اڇلي ڏبو آهي. جيئن هو ان ۾ لڳو رهي ۽ ماني اڇليندڙ همراهه اڳتي نڪري وڃي، پر هتي اها ترڪيب به نه هلي، ماڻهو ٽرڪ کي ماڪوڙين وانگر ورائي ويا... ماڻهن جي حملي جي سٽ نه سهي ٽرڪ تي بيٺل همراهن ڀڄي جند ڇڏائي ۽ ٽرڪ منٽن ۾ سامان کان ايئن خالي ٿي ويئي، جيئن ماڪڙ جي حملي کان پوءِ وڻ پنن کان خالي ٿي ويندا آهن.

هي، اهو سڀ ڪجهه ڏسندو رهيو.

ٽي ڏينهن اڳ جڏهن هُو ڳوٺان نڪري اچي مڪلي تي پهتا هئا ته درياءَ شاهه دادلي کان فقط بُت تي پاتل ڪپڙا ۽ ٻه چار ڪپڙن جا ٻيا پُچ ۽ پنهنجون زندگيون بچائي سگهيا هئا. اسر ويل هو اڃا روزو رکي مسجد ۾ نماز لاءِ وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو، جو مسجد مان اعلان ٿيو ته ”ڳوٺ وارؤ! درياءَ جو بند ٽٽي پيو آهي... پاڻي تيزيءَ سان ڳوٺ ڏانهن پيو وڌي، جيترو جلد ٿي سگهي، ڳوٺ خالي ڪري محفوظ هنڌن تي پهچو...“

اعلان ڇا ٿيو، ڄڻ ڳوٺ ۾ قيامت برپا ٿي ويئي.

هيءُ به پنهنجي زال، ننهن ۽ ڏهن سالن جي پوٽيءَ کي وٺي نڪتو. پٽهنس مزدوريءَ جي سلسلي ۾ وڏي شهر ويل هو. ماڻهن جون قطارون هيون، جيڪي بدحواسيءَ ۾ ڳوٺ خالي ڪري رهيا هئا، زائفائون هيون، جن مان ڪن جي مٿن تي هڙون هيون ته ڪن جي هٿن ۾ ٻارڙن جون آڱريون... ۽ ٻارڙا هئا، جيڪي اسر ويل اوچتو ايئن ننڊ ڦٽڻ کان پوءِ مائٽڻ جي بدحواسي ۽ ڀڄ ڀڄان ڏسي زور زور سان رڙيون ڪندا ويا، پر کين ڪوبه پرچائي ماٺ نه ڪرائي رهيو هو. هن ڏٺو ته ڪيترائي ٻار مائٽن کان وڇڙي ويا هئا ۽ ڪن مائٽن وري چرين وانگر پنهنجن ٻارڙن کي پي ڳولهيو.

عجيب بدحواسي هئي چوڌاري!

”هيءَ ته ڪاري قيام آهي.“ هن هلندي سوچيو. مسيت ۾ مُلو واعظ ڪندي اڪثر چوندو آهي ته ”قيامت جي ڏينهن نفسا نفسي جي حالت هوندي... نه پُٽ پيءَ جو، نه زال مڙس جي، نه ماءُ ٻار جي واهرو هوندي... هرڪو پنهنجي اعمالن جو چٺو کڻندو ڀڄندو وتندو.“

وڏي شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪارين، سوزوڪين، موٽر سائيڪلن، سئيڪلن، بيل گاڏين ۽ گڏهه گاڏين جي ڊگهي قطار روان دوان هئي، ۽ انهن ۾ ويٺل ڇا سٿيل هئا ماڻهو، سامان، ٻڪريون... ماڻهو پاڻ بچائڻ ۽ محفوظ هنڌ تي پهچڻ لاءِ سڀ رشتا، ناتا، قدر ۽ انسانيت وساري چڪا هئا... ڪارن وارن ڪارون ايڏيون ته زور سان ٿي هلايون، جو ماڻهن کي رستي تان هٽڻ جو موقعو به نٿي ڏنائون. ايئن ڪيترائي ماڻهو پاڻ بچائي ڪارن سان ٽڪرجي زخمجي به پيا.

وڏي شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي هلندي هن جي نظر سائين دادن شاهه ميلا مار تي پيئي، جيڪو به ڇوهه مان وڃي رهيو هو. پٽهنس قادن شاهه بلا ٽار به لٺ هٿ ۾ کڻيو، ان ۾ ٻڌل گهنگهرن کي زور سان پٽ تي هڻندو وڃي رهيو هو. اڄ کيس ”حيدر حيدر“ جا نعرا هڻڻ به وسري ويا هئا، هنن جي پويان حويليءَ جون بيبيون به هيون، جن مان ڪن جي هٿن ۾ ننڍڙيون هڙون ته ڪن جي ڪڇن تي ٻارڙا هئا... کين صحيح پردو به ڪيل ڪونه هو... ”اڃا ٻي ڪهڙي ڪاري قيام چئبي، جو سادات ويچارا به ٽلڪي ويا... انهن ساداتن جي حويليءَ مٿان نر پکيءَ جي اڏرڻ تي به پابندي هئي...“ هيءُ سوچي ٿو ”اي رب سائين! تون اسان مشڪين ٻچڙيوالن تي ڪو قياس ڪر.. هي ٻوڏ واري بلا اسان تان ٽار...“ اهو چئي هو توبهه توبهه ڪري اکيون ٻي پاسي ڪري ٿو ڇڏي... هي بي خياليءَ ۾ ساداتن جي حرم تي پنهنجي پيل نظر تي پڇتائڻ ٿو لڳي، ”الله مون کي معاف ڪر...“ هُو دل ئي دل ۾ چوي ٿو.

وڏي شهر ڏانهن ويندي پنڌ ئي پنڌ، سخت اُس، مٿان وري روزو، هن ايئن محسوس ڪيو هو، ڄڻ هو پنهنجو لاش گهليندو پيو وڃي ڪنهن قبر ۾ ڦٽو ڪرڻ جي لاءِ... هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن جي رش ۾ هن ڇا ڇا نه ڏٺو... کيس سٺ سال اڳ وارو منظر ياد اچي ويو، جڏهن واڻيا ڀڳا هئا... تڏهن هو اڃا ٻار هو ۽ پڻهنس پنهنجي ننڍپڻ جي سنگتي ڪرمونءَ کي الوداع چوڻ جي لاءِ ڪراچيءَ ويو هو ۽ هن کي به پاڻ سان وٺي ويو هو ۽ پڻهنس ڪراچيءَ ۾ تيستائين ڪرمون ۽ سندس گهروارن سان ڪئمپ ۾ گڏ رهيو، جيستائين هو پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي روانا نه ٿيا... ان وقت به هن ماڻهن کي ايئن ئي ٽولين جي صورت ۾ بدحواس، ويڳاڻو ۽ ويچارو ٿي ڊپ ۾ سفر ڪندي ڏٺو هو... هن جي تصور ۾ به ڪونه هو ته ڪو هُو هڪ ڀيرو نه رڳو اهڙا نظارا ڏسندو، پر خود به انهن ۾ شامل هوندو.

ڳچ پنڌ هلڻ کان پوءِ جڏهن زالهنس دانهن ڪئي، ”ادلوءَ جا پيءَ! ٿورو ڍرو هل... اسين ٿڪي پيا آهيون.“ ته هن کي هوش آيو هو ۽ هُو رستي جي پاسي ۾ هڪ ڪَنڊ جي وڻ هيٺان ٿي ويٺا... هاڻ سندس پوٽيءَ اُڃ سبب رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ هيءُ پريشان ٿي ويو ته ننڍڙيءَ لاءِ ڪيئن پاڻي هٿ ڪري. ماڻهو قطارن ۾، زل ڪاڙهي ۾ پگهر ڳاڙهيندا وڃي رهيا هئا. هن انهن کي ڏسڻ شروع ڪيو ته ڪنهن وٽ پاڻي هجي ته پوٽيهنس لاءِ گهري .

.ادلو پيءَ! ادلوءَ جي ڪا خبر ورتي ٿئي...!؟“ زالهنس پنهنجي پُٽ جي اُلڪي ۾ ڀڻڪي.

”ڪٿان خبر وٺان... جيئن اُٿيا آهيون، تئن کڙين تي زور اٿئون... ڪنهن کان پڇان؟“

”پوءِ... به...“

”ڪنهن ڪنڌيءَ ڀيڙاءَ ٿيون ته ڪٿان خبر ڪڍندوس ادلوءَ جي.“

تيسين هن جي نظر هڪ جوان مڙس تي پيئي، جنهن جي هٿ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل ڪولر هو ۽ هن تڪڙو وڌي ان کي ٻانهن مان جهليو ”ابا پاڻي ڍڪ ڏي... ننڍڙيءَ جو اصل ساهه ٿو وڃي.“

”حاضر چاچا...“ جوان مڙس بيهندي وراڻيو ۽ هي کيس پاڻ سان وٺي آيو ۽ جوان مڙس ڪولر جو ڍڪ کولي ان ۾ پاڻي ڀري ننڍڙيءَ کي ڏنو، جيڪا ايئن پيئڻ لڳي، ڄڻ ٻيهر پاڻي نه ملندس.

”ڏي خبر چاچا... ڪهڙي ڳوٺ جو آهين؟“ جوان مڙس پڇيس.

”ارباب سانول خان جي ڳوٺ جو...“ هن وراڻيو.

”سانول خان ته وڏو ماڻهو آهي. تعلقي جو ناظم به رهيو آهي، هن اوهان کي سواري ڪانه ڏني ڇا...؟“ جوان پڇيس.

”ابا! اسين ته ايئن ئي رات جي اونداهيءَ ۾ گهر ڇڏي نڪتا آهيون.“

”اوهين ڪنهن جا ماڻهو آهيو.“ جوان وري پڇيس.

”ارباب سانول جا... ابا اسين سدائين کيس ئي وونٽ ڏيندا آهيون.“

”بَلي بَلي... ارباب سانول خان... اڳوڻو تعلقي ناظم بَلي...“ جوان مڙس طنز ڪندي چيو ۽ پوءِ پڇيو: ”ارباب سانول خان جي گهر ڀاتين به لڏيو يا هو اتي ڳوٺ ۾ رهيا پيا آهن.“

”ابا ڪلهه شام ٻڌوسين ته پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڪراچي هليا ويا...“

”واهه! ته چئبو کين ملائڪن اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته رات جو بند ٽٽندو.“

 هيءُ ماٺ ۾ رهيو.

”۽ اهو اوهان وارو اربابڙو سانول؟“

”نه، اهو تبليڪ تي ويو آهي.“

هن جواب تي جوان مڙس هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، جنهن سبب ويندڙ ماڻهن گهُور ڪري جوان مڙس ڏانهن ڏٺو، ڄڻ چئي رهيا هجن: ”صفا ڪو بلا کاڌو آهين. ماڻهو پنهنجي ساهه بچائڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ تون نڀاڳا پيو ٽهڪ ڏينءَ.“

”ته چئبو چاچا... پاڻ وارو ارباب تبليغ تي ويو آهي، جيئن سندس لاءِ جنت ۾ جايون ٺهن، حورون ۽ غلمان بُوڪ ٿين.“

جوان مڙس جي ان ڳالهه جو هن کان ڪوبه جواب نه ٺهيو ۽ هي ماٺ ۾ رهيو.

”ڏسين ڪونه پيو چاچا... اهي وڏا ماڻهو ۽ آفيسر... ڪيڏين نه وڏين گاڏين ۾... هڪ هڪ ٻه ٻه چڙهيو پيا وڃن... دل ۾ ڪو قياس هجين ته ڪر اوهان جهڙن جهونن کي پاڻ سان گڏ کڻي اڳڀرو ڪن... ڪنهن ڪنڌيءَ تي ته پهچائين...

هي خاموش رهيو. جوان مڙس ننڍڙي کان ڪولر جو ڍَڪ ورتو ۽ ڀري اڳيان وڌايو، جيڪو نهڻس وٺي پيتو.

”چڱو چاچا... ڪجهه اڳڀرا ٿيون.“ جوان مڙس ڪولر جو ڍڪ بند ڪندي چيو ۽ ڪولر کڻي روانو ٿي ويو.

ماڻهن جي رش، جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويئي، ڳوٺن جا ڳوٺ لڏي آيا هئا، هي انهن ويندڙن کي ڏسڻ لڳو، جيڪي هن جيان ئي غريب هئا، بي وس هئا، ويڳاڻا هئا... ۽ کين خبر ڪونه هئي ته هاڻ سندس آئيندو ڇا آهي؟

ان مهل اتان سندس اڳيان هڪ ڊبل ڪئبن گاڏي ”پان پان“ ڪندي، لنگهي ويئي، جنهن جا شيشا بند هئا، ان ۾ فقط ٻه ڄڻا ويٺل هئا، هن گاڏيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ دل ۾ خواهش ڪر کنيس ته ”ڪاش! هُو کين پويان ويهاري کڻي هلن... جيئن هي پنڌ کان ڇٽي پون.“

پر ٻي گهڙي ڪجهه دير اڳ جوان مڙس جا چيل جملا ذهن ۾ تري آيس. ۽ هي سڄو هَڄي ويو ۽ دل ۾ اُڀريل خواهش ٻي گهڙيءَ دم ٽوڙي ويس... ۽ ذهن ۾ اچيس ٿو ”غريبن جو ڪير به ڪونهي ادا... هنن کي ته ڄمڻ ئي نه کپي ها...“

هنن ٻيهر هلڻ شروع ڪيو، ڄڻ محشر جي ميدان ڏانهن وڌي رهيا هجن! رستي ۾ ماڻهن جي ڀُڻ ڀڻ ۽ وڏي سڏ ڳالهائڻ، زائفائن پاران ولين ۽ بادشاهه پير کي سڏڻ ۽ ٻارن جي رڙين ۽ ڪيڪن... سخت اُس، اُڃ، مٽيندڙ گاڏين جي ڌوڙ... هُو ڪيئن مڪلي پهتا، هُو سوچي ٿو. ”اسان مردن جو ته خير آهي، پر زالن ۽ ٻارن جا ته لاهه ئي نڪري ويا آهن. مٿان وري راتوڪي گرهه تي...“ روزو به پاڻيءَ لپ ۽ ڪنهن کان مليل مانيءَ ڳڀي تي کوليائين.

هُو جڏهن مڪلي پهتا ته سج ڪڏهوڪو لهي چڪو هو. مڪليءَ تي ماڻهن جا هشام اچي گڏ ٿيا هئا. ماڻهن جي ايڏي ته رش هئي، جو هن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ اڄ محشر جو ڏينهن آهي ۽ صدين کان مڪليءَ جي قبرستان ۾ سُتل سڀ مردا، حساب ڪتاب ڏيڻ جي لاءِ جاڳي پيا هجن.

هن مڪلي پهچي هڪ وڻ جي هيٺان پوتارو وڇائي ٻارن کي ويهاريو. اها رات هنن بُک تي گذاري. هي هِتان هوتان ڀڄ ڊڪ ڪري رڳو ايترو ڀت مس هٿ ڪري سگهيو، جنهن مان رڳو ننڍڙي پوٽيهنس جي ڪُک ڀرجي سگهي. هُو ٻهراڙيءَ جو ماڻهو هو، بک، ڏک، مسئلا هن جي گهر جا ڀاتي هئا، پر هن اهڙي عذابن ڀري، ڏکي ۽ کليل آسمان جي هيٺان، مڇرن سان وڙهندي، پيٽ ۾ بُک جا چڪ سَهندي ڪڏهن به رات نه گذاري هئي. هُو غريب ماڻهو هو،  سندس گهر ۾ دنياوي سکن ڪڏهن ڀلجي به پير نه پاتو هو، ڪجهه هارپي ۽ ڪجهه هِتي هُتي مزدوري ڪرڻ کان پوءِ ڇڪي تاڻي رکا سکا ٽي ويلا مانيءَ جا مس کائي سگهندا هئا. هاڻ ڪجهه ادلوءَ جي مزدوري ڪرڻ جي ڪري، جيڪو هن ئي شهر ۾ ڪٿي مزدوري ڪندو هو، ۽ هر جمع جي رات ڳوٺ ايندو هو، ۽ کيس مزدوري مان بچايل ايترا پئسا ڏيئي ويندو هو، جو گهر جو چرخو ڇڪي تاڻي هلڻ لڳو هو.

جڏهن هي وٺ پڪڙ ۾ ڳوٺان نڪتا هئا ته هن جي کيسي ۾ پيل رومال ۾ ويڙهيل ويهين روپين جو نوٽ ئي هن جو ڪُل اثاثو هو. ”ويهن روپين مان ڇا ٿيندو؟“ هن سوچيو ۽ سڀاڻي شهر ۾ ادلوءَ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندس... پوءِ خيال آيس ته ادلو پاڻ هنن لاءِ پريشان هوندو ته ڪٿي آهين، کيس هنن جي لاءِ اُلڪي ته سمهڻ ئي نه ڏنو هوندو... ڇو ته کيس خبر پئجي ويئي هوندي ته سندس ڳوٺ ٻُڏي چڪو آهي... جنهن هنڌ تي اڳ سندن گهر هو. سايون ٻنيون هيون... اُتي هاڻ رڳو پاڻيءَ جي اڇ ئي اَڇ آهي.

هن سڄي رات پنهنجي پُٽ جي اُلڪي ۾ گذاري ۽ ٻي ڏينهن هو چاهيندي به ادلوءَ جي خبر چار وٺڻ جي لاءِ ڪيڏانهن وڃي نه سگهيو، جو کيس ڊپ هو ته ڪٿي ماڻهن جي وڌندڙ انبوهه ۾ سندس ننڍڙو ڪٽنب گم ٿي نه وڃي. اُهو سڄو ڏينهن هن وڻ جي هيٺان ويهي آسپاس ويٺل ٻين ٻوڏ ستايلن سان خبرون چارون ڪندي گذاريو. سندن ڪوبه حال ڀائي نه هو، سڀني جي ڪٿا ساڳئي هئي، سڀني کي پيٽ ۽ پٺتي جي ڳڻتي ۽ نظر سامهون روڊ تي هئي، جتي ڪنهن ڪنهن مهل وڏيون گاڏيون بيهي ماڻهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان ورهائڻ ٿي لڳيون، پر هن جي اوستائين پهچڻ کان اڳ، سڀ ختم ٿي ويو ٿي... شام ڌاري ڪٿان ڪو ڀت جي ديڳ کڻي اچي هنن ۾ ورهائي ويو ۽ هنن جي پيٽ ۾ پوندڙ بک جي چڪن کان جند آجي ٿي.

ايئن ٻيو ڏينهن به گذري ويو... ڪوبه سندن اوهي واهي نه ٿيو... بس منجهند ڌاري ڪجهه وڏين گاڏين وارا آيا ۽ هنن کي ڪجهه بسڪوٽن جا پاڪيٽ ۽ پاڻيءَ جون بوتلون ڏيئي، فوٽو ڪڍي... سندن مووي ڀريندا روانا ٿي ويا.

هاڻ بک هنن جي سهپ کان ٻاهر ٿي ويئي هئي. پنهنجي پوڙهي زال ۽ ننهن جي لٿل ۽ مايوس چهرن، هن جي اندر ۾ وڍ وجهڻ شروع ڪيا هئا. سندس پوٽي، جيڪا گهر ۾ سڄو ڏينهن ٺينگ ٽپا پيئي ڏيندي هئي، ايئن خاموش ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي گُهوري ڏسي رهي هئي، ڄڻ ڪنهن ٻي دنيا جي مخلوق هجي.

هن کان اهو سڀ ڪجهه ڏٺو نه ٿيو ۽ هي اُٿي روڊ تي آيو ۽ ماڻهن جي ان انبوهه ۾ شامل ٿي ويو، جيڪو سامان کڻي ايندڙ هر گاڏي تي رومڙ ڪري، ان کي چُهٽي ٿي ويو، پر پنهنجي هيڻن هڏن سبب ڪجهه حاصل ڪري نه سگهيو هو ۽ هاڻ هُو ٿڪي اچي رستي جي ڀر ۾ ويٺو هو ته هاڻ ڇا ڪري ۽ خالي هٿين ڪيئن وڃي؟

هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن ۾ چرپر پيدا ٿي ۽ هوليرو مچي ويو. سامان سان ڀريل ٽرڪ کي سڀ ماڻهو ايئن ورائي ويا هئا، جيئن ڍونڍ کي ڳجهون حملو ڪنديون آهن. هن هڪ ٻن لمحن لاءِ انهن کي ڏٺو ۽ پوءِ منجهس ڪا ازغيبي سگهه اچي ويئي ۽ هو ”متان ويا آهيو“ چئي ڊوڙندو وڃي ٽرڪ کي پهتو ۽ سامهون ايندڙ ٻن همراهن کي ايئن ڌڪا ڏيئي پري ڪيائين، جيئن جوانيءَ ۾ ڪوڏي ڪوڏي کيڏندي، سامهون واري کي کانچائڻ لاءِ اوچتو ڌڪ هڻبو آهي. ٻي گهڙيءَ سامان سان ڀريل ٿيلهي هُو پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳو...

بهادر ٽالپر

 

 

 

 

        

نه سِرو مليو نه ئي ڇيڙهو!

 

”وقت ڪيئن ٿو گذري…؟! ڪنهن چهري تان پردو کڄي اُمالڪ هيٺ ڪري… يا اکين جا ڇپر کڄي وري هيٺ ٿين…! مينهن، سمي، شام مهل آڪاس ۾ ڀانت ڀانت رنگي ڪا وَسا ورني ڪَر موڙي… ۽ ڪو بادل برهه جا بانورا ڳيت ڳائي… ۽ ڪنهن جي چپن تي مينهن مند جو ڪو گيت چڻنگ وانگي چمڪي اجهامي وڃي…!“

هُن پنهنجي گهر واري گهٽيءَ ۾ بس ائين ئي پَٽ تي ويهي اُبتا سُبتا ليڪا ڪڍي پئي دل وندرائي… دل پئي وندرائي يا واقعي هن اُبتا سُبتا ليڪا ڪڍي انهن ۾ پنهنجي قسمت يا گذريل وقت جي ڏسائن جي نشاندهي ٿي ڪئي…!! جيڪڏهن هُن گذريل وقت (جنهن کي هُو واپس ورائي نه ٿي سگهيو) جي ڏسائن جي نشاندهي ڪرڻ ٿي چاهي… ته ڇا سندس لاءِ اهو طريقو جوڳو ۽ مناسب هو… ته هُو وڏو سارو پٽ تي ويهي اُبتا سُبتا ليڪا ڪڍي… يا ان کان علاوه سندس لاءِ اهو صحيح نه هو ته هُو پنهنجي گهر جي پنهنجي مقدر جيان ڇِنل ٽُٽل ڪنهن کٽ تي ويهي پنهنجن هٿن جون ريکائون ڏسي ها… ۽ پوءِ فيصلو ڪري ها ته انهن ۾ ڀلا ڪهڙي گهٽ وڌائي هئي… جو ”وقت“ هُن سان ڪي ڀالَ ڀلائي ويو… يا ڪجهه اهڙو ڪري گذريو… جو ”اڄ“ سوڌو هُو ان کي وساري يا ڀُلائي نه ٿي سگهيو…!!

هُن هڪ ليڪ اوڀر کان اولهه طرف ڪڍي… جتان اولهه ۾ سج وڻن ٽڻن پويان پنهنجي لالائيءَ واري لباس ۾ تازو لهي پويان شفق جي شوخي ڇڏي ويو هو…! ٻي ليڪ هُن اُتر کان ڏکڻ طرف ڪڍي… هُن جي ذهن ۾ هڪدم ان طرف سڏ پنڌ تي ڳوٺ وارو اهو تاريخي کوهه اچي ويو، جتان ڪنهن زماني ۾ وينگسون وندر ۽ ورونهن ڪندي پاڻي ڀرينديون هيون…!! پاڻيءَ لاءِ گهران نڪرندي سندن هانوَ ۾: ”منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مان پاڻيءَ تي ٿي وڃان.“ جهڙو ڪو سندر ۽ سريلو لوڪ گيت ضرور هُريو هوندو… ۽ پوءِ احساسن جي شدت سبب ان لوڪ گيت سندن چپن جي چانئٺ کي ضرور چميو هوندو…!! هُن پنهنجي اُن اُتر کان ڏکڻ ليڪ ڏانهن ٻيهر وڌي انهماڪ سان ڏٺو… کيس محسوس ٿيو ته هُو ان ڏسا ۾ اُن ليڪ سان گڏ اُن کوهه ڏانهن بي اختيار ڇڪبو ٿو وڃي… جتان سندءِ بلوغت واري بهار واري زماني ۾ وينگسي حُسن وڄ وراڪا ڏيندو هو…!! هُن اهو وقت ياد ڪري پنهنجن احساسن جي تلاءَ مان ڄڻ پاڻيءَ جو ٻُڪ ڀري پنهنجي مُنهن تي وڌو… ۽ شديد روئڻهارڪو ٿي ويو…!

هُن پنهنجو پاڻ کي ان کوهه جو ڏول ئي سمجهيو ٿي… جنهن کي ڪن حسين هٿن ماضيءَ ۾ ان کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ هيٺ لاٿو ٿي… ۽ پوءِ وري خالي ڪري اونداهين اجگر کوهه ۾…!!

هُو ان کوهه ۾ وهنجندو رهيو… اهڙيءَ ريت! اهو تاريخي کوهه جنهن مان سندس وڏن اوجل ۽ شفاف پاڻي پيتو هو… جنهن مان مئه ۽ خمار وارا نشا ڪيترن تي چڙهيا هوندا… ۽ اهي سستيءَ مان ازخود مئه خوار بڻجي ويا هوندا…!!

سوچيندي سوچيندي اوچتو سندس وات مان بي اختيار لفظن جو وهڪرو ڦٽندو ويو: ”وقت ڄڻ حَسين ٻانهن جي چوڙين جو چمڪو…! چهري تي جوانيءَ جو جولان به ڄڻ وقت! وقت شين جي نسبت ۾ ڪيڏو نه معنيٰ ۽ مفهوم جو حامل! ۽ وقت جي گهرائي ڄڻ اُن کوهه جي گهرائي… جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ آءٌ ڪن هٿن مان ڏول بڻجي هيٺ ٿي لٿس…!! وقت جي گهرائيءَ کي ڪير ڪيئن به ڪري… پر ماپي نه سگهندو…!!“

هُن انهن ئي ڪيفيتن ۾ پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل پاڻ جيان پراڻي واچ ڏانهن ڏٺو… ۽ اُن جي سيڪنڊي ڪانٽي جي چُڀن ڄڻ پنهنجي سرير ۾ محسوس ڪئي…!!

هُن پَٽ تي ڌيان ڌريو ته ڏٺائين ته هو بيخبريءَ وچان ٻيا به ڪيترائي ليڪا زمين تي ٻار جي ڪنهن راند جيان ڪڍي چڪو هو… انهن گڏ وچڙ ليڪن مان وري سندس سوچ ماضيءَ جي اُفق تي ڪَر موڙڻ لڳي… ”چون ٿا ته گهڻو پراڻي زماني ۾ اُن تاريخي کوهه جي آسپاس ”چندن“ واڻئي جو خوبصورت باغ هو، جنهن ۾ هر سال هر قسم جا ميوا لڳندا هئا…! چندن واڻيون، واقعي به ”چندن“ هو… ڪڏهن به ڪنهن کي ميوو کائڻ کان نه پَليائين… ۽ گيت ڳائيندا هئا… چندن واڻيون ته موسيقيءَ ۽ فنونِ لطيفه جي ٻين شعبن جو زبردست چاهڪ هو… هُو اهڙن متوالن کان ڳيت ڳانا ٻڌي وجد م اچي ويندو هو… هو هر ٽئين چوٿين مهيني ڀڄنن ۽ صوفياڻن گيتن جي بزم سجارائيندو هو…!!“

هُن پنهنجي سوچ واري ڪتاب تان ڌيان هٽائي وري پنهنجن ئي ڪڍيل بي ترتيب ۽ سُٽ جهڙن منجهيل ليڪن ڏانهن ڏٺو ۽ انهن جي مٿان ڏکڻ کان اُتر طرف هڪ ڊگهي ليڪ ڪڍي ڇڏي… ۽ ان تي پنهنجي سوچ کي سوار ڪري اڳتي وڌڻ لڳو: ”آءٌ پنهنجي اُن جوانيءَ واري زماني ۾ جيتوڻيڪ بستري تي شروعات ۾ هن لڪير وانگر ئي سڌو سمهندو هوس… پر الائجي ته ڇو بعد ۾ پاسا ورائيندي ورائيندي ائين ئي رات گذري ويندي هئي…! ۽ ائين هر رات ڄڻ مون لاءِ هماليه جبل جهڙي رات هوندي هئي… اها آسانيءَ سان ڪانه گذرندي هئي… مون سان وڏا ويل وهائي گذرندي هئي… ڄڻ ڪا ڏانئڻ مون سان منهنجي بستري تي گڏ سمهي مون کي گهُٽا ڏيندي رهندي هئي… ۽ آءٌ مرڻ جي خواهش جي باوجود به مري نه سگهندو هوس…!! انهن جوانيءَ وارين راتين ۾ ڪنهن جي اُلفت جي انڌ سان اُلجهندي مون کي بخوبي سُڌ پئي هئي ته وقت ڪيئن ٿو گذري…! وقت جي جبر کي اُمالڪ اکين مان نير وهائي به ظاهر پئي ڪري سگهيس… پر امان جي حساس طبيعت جو شديد اونو هئم… امان جي اڪيلي ۽ سِڪي پني ڄاول پٽ هئڻ جي ناتي منهنجو دُک ڄڻ مادر جو دک بڻجي وڃي ها… هونئن به هوءَ اِن کان اڳ ڪيترين ئي ڳالهين ۽ ردعمل مان پنهنجي منهنجي حوالي سان حساسيت پوشيده نه رکي سگهي هئي… مثلاً هُن مون کي کوهه ڏانهن وري وري وڃڻ کان جهليو هو… ۽ پڻ منهنجي بي خوابيءَ مان به کيس محسوس ٿيو هو ته ”دال ۾ ضرور ڪجهه ڪارو آهي.

ان کان علاوه سندم پڦيءَ ٻڌايو هئم ته جڏهن آءٌ شڪمِ مادر ۾ هئس تڏهن به امان منهنجي حوالي سان فڪرمند ئي رهندي هئي… ۽ کيس منهنجي صحيح سلامت ڄمڻ جون ڳڻتيون دامن گير هيون…!! منهنجي ڄمڻ وارا ڏينهن جيئن جيئن ويجهو پوندا ٿي ويا… تيئن تيئن گهر اڱڻ اڳيان بيٺم نِم جو سائو چهچ وڻ غير محسوس طور تي سوڪهڙي ڏانهن مائل پئي ٿيندو ويو…! امان کي جڏهن ان جي سوڪهڙي ڏانهن مائل هئڻ جو احساس ٿيو ته هوءَ پيرن کان چوٽيءَ تائين سڄي ڪنبي وئي… هُن پاڙي پتيءَ وارين پوڙهين پڪين (جن جو تجربو کانئس وڌيڪ هو) سان اها ڳالهه اوري… جن کيس ٻڌايس ته وڻ جو سُڪڻ ادي ڪو سٺو سنئوڻ ڪونهي… وڃ ڪو تائيٿ ٻائيٿ (تعويذ ٻاويذ) ڪرائي پاڻ به ٻڌ… ۽ ان وڻ کي به… ائي ادي الله پٽڙو ڏيندئي… ان ڪم ۾ دير ڪرڻ نه جڳائي…!!

منهنجي قسمت بس اِهائي هئي ته آءٌ شڪمِ مادر ۾ هجان… ۽ گهر اڱڻ وارو وڻ سوڪهڙي جو شڪار ٿيندو وڃي… يا منهنجي قسمت اِهائي هئي ته آءٌ هر هر اُن کوهه ڏانهن وڃان… ۽ اتي ڪن هٿن جو (پنهنجي ليکي) ڏول بڻجي هر هر هيٺ وڃان… ۽ مٿي چڙهان… يا منهنجي قسمت رڳو اهائي هئي ته آءٌ بستري تي سمهي ننڊ جي نُور مان پنهنجون اکيون روشن ڪري سگهان… پر ناڪام رهان…! پوءِ آخر منهنجي قسمت ڇا هئي…؟! بستري تي سمهان… ۽ بي آراميءَ واري ڏانئڻ اچي مون کي گهوگها ڏيڻ لڳي… ۽ مرڻ چاهيندي به آءٌ مري نه سگهان… انهن نيڻن جي قسمت ڀلا ڇا هئي…؟! جن کوهه تي مون ڏانهن پهرينءَ نظر ۾ ڏٺو هو… ۽ منهنجا طاق لڳي ويا هئا… آءٌ به آخر اُن ماءُ جو پٽ هئس… جنهن شايد پويان ماضيءَ ڏانهن (جڏهن آءٌ اڇا ٿڃ پياڪ هئس) ليئو نه پاتو هو… هُن مون کي ڪهڙيون سُتيون وڌيون؟ ۽ ڪهڙا تعويذ پارايا…؟ هُن ڪهڙي قسم جو سُرمو ۽ ڪَجل منهنجي اکين منجهه اوتيا… جو جڏهن جوان ٿيس… ته صفا شريف بڻجي پيون…!! ۽ امان جي قسمت ڇا هئي…؟! ۽ امان جي امان (يعني منهنجي ناني) کيس ڪهڙيون سُتيون وڌيون…؟! جو اهڙي ٻار کي نپائي وڏو ڪري… ته به سندس لاءِ اهو ننڍوئي هجي… ۽ هوءَ کيس هيڏانهن يا هوڏانهن وڃڻ کان روڪيندي رهي… ۽ اهو سدورو لڄ مان کيس پنهنجي دردن جو داستان به نه ٻڌائي سگهي…!! ۽ اُن کوهه جي قسمت ڇا هئي…؟! ڀريو ڀڪليو آهستي آهستي سُڪندو ويو… ڪنوارا پير، نهٺا نيڻ، سڀ جا سڀ اُتان ڪنهن خواب جيان گُم ٿيندا ويا…! اهو کوهه جيڪو پنهنجي بي نور اکين سان رُنو هوندو… پر اُن جو روئڻ ڪنهن ڏٺو هوندو… اي ڪاش! ڪي اهڙا بانُور نيڻ هجن ها… جيڪي اُن جو روئڻ ڏسي سگهن ٿا…!! اي فطرت! تون اُن مهل ڪٿي هئينءَ؟ جڏهن اهو کوهه پنهنجي سوڪهڙي جي سوڳ وارو داستان توکي ٻڌائي رهيو هو…!! اي فطرت! تون ڪيڏي نه بي رحم هئينءَ جو اُن کوهه جي وجود کي پوءِ آهستي آهستي دينُ، لينُ، ڪِرڙين ۽ ڪانڊيرن جي وجود سان ڍڪيندي وئين…! اڄ آءٌ ڪيترين ئي قسمتن (کوهه جي قسمت سميت) کي پٽ تي ليڪا ڪڍي تلاشي تلاشي ٿڪي پيس… پر نه ڪنهن جو سِرو ۽ نه ئي ڇيڙو ملي سگهيو… اِنڪري تون کِلندي رهه اي فطرت! ته مون جهڙو دکي ۽ بدنصيب انسان نه اڳ ڄمي سگهيو هو… ۽ نه ئي بعد ۾ ڄمي سگهندو.“

ليکڪ: دامودرمائوزو                                                       (هندستاني ادب مان)

سنڌيڪار: غلام مصطفيٰ سولنگي

 

 

 

 

 

موت جي اوسيئڙي ۾

 

منجهند جو پَهر، نِٽهڻ اُس ۽ ساڙيندڙ جهولو، لڳو ٿي ته ڄڻ ڪو ڪاپاٽيو دشمن جسم مان گوشت کي ڇڪي ۽ پَٽي رهيو هجي. ماڻهن سوڌو هر ساهدار ائين پَچي رهيو هو، جيئن تندور ۾ ماني پچندي آهي.

هيل ته اونهاري اصل حد ڪري ڇڏي آهي، ڌرتيءَ تي دوزخ لَهي آيو آهي، ايڏي گرمي؟ پر بارش جو ڪوبه نانءُ نشان ڪونهي. ڌرتي ويچاري ٽامڻي هڻي وئي آهي. ڏاڍيءَ اُڃ وگهي، پاڻيءَ جي اميد ته وات ڦاڙيو اُداسيءَ وچان آسمان کي تَڪي رهي آهي، پر پَري پَري تائين ڪو اڇو ڪڪر به ڪونه ٿو ڏسجي، ماڻهن ۽ جانورن جون سڪل اکيون هڪ ڳوڙهو ڳاڙڻ کان به لاچار آهن. سندن جسم ۽ اکين جو پاڻي به سُڪي ويو آهي.

انب، ٽالهي، ڪچنار، بَڙ، پِپر ۽ بيد مشڪ، سڀئي وڻ ويچارا سُڪي ڪاٺ ٿي ويا آهن. سڀني جا پَن وڻن مان ڇَڻي چڪا آهن. ڪنهن هيڪڙ ٻيڪڙ ٽاريءَ تي ڪو پَن چنبڙيل نظر ٿو اچي ته اهو به ڄڻ ڇڻڻ تي آهي، سڀني وڻن کي ڄڻ ته موت جو اوسيئڙو هجي. جڏهن هيڏن سارن وڻن جو اهو حال آهي ته پوءِ ويچارن ٻوٽن ٻوڙن، وَلين، ڊڀن ۽ گاهه جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڌرتيءَ تي هڪ به سائو تيلو ڪونهي، هر پاسي واري ئي واري ٿي نظر اچي، وڻن جون ٽاريون سڪين ڪاٺين ۾ بدلجي چڪيون آهن، ڍنڍن، ڍورن، تلائن ۽ کوهن ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڦُڙو به ڪونهي، سدائين آلي رهندڙ ڌرتي هاڻي ته پٿر بڻجي وئي آهي، آسپاس جا ڳوٺاڻا پري پري لڏي هليا ويا آهن. پکي پکڻ به ڏورانهن ماڳن ڏانهن هجرت ڪري ويا آهن، ڪيترائي ڍور ڍڳا به مري کپي ويا آهن. باقي جيڪي بچيا آهن، سي به ڏينهن ٻن جا مهمان آهن، ويچارا اهي به موت جي اوسيئڙي ۾ آهن.

غضب جي گرمي آهي، اُڀ مان باهه جا اُلا ٿا وسن، هڪ نانگڻ ويچاري پنهنجي ننڍڙي ٻچي کي ساڻ وٺيو ڪيڏانهن وڃي رهي آهي، تتل ڌرتيءَ تي رڙهڻ ويچاريءَ لاءِ ڪيڏو نه ڏکيو هوندو، پر هوءَ رڳو رڙهڻ کانسواءِ ڪري به ڇا ٿي سگهي. هن کي پَر ٿوروئي آهن جو هڪدم اُڏامي وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ پهچي. ظاهر آهي ته ويچاريءَ جو سڄو بدن سڙي رهيو هوندو. هوءَ اکيون ٽمڪائيندي، پنهنجي ٻچڙي سان کُهري کُهري اڳتي رڙهي رهي هئي.

هوءَ سڪل ميدانن مان نڪري اچي درياءَ جي بند تي پهتي، درياءَ ۾ به ڌوڙ اُڏامي رهي هئي،  لاڳيتي پنڌ کيس سهڪائي وڌو هو، هوءَ بند تان هيٺ لهي آئي ۽ ٻني تي رڙهڻ لڳي، هن پنهنجي آسپاس ڏٺو ۽ سوچيو، ”جيڪڏهن ڪو ساهدار هتان لنگهي ها ته پوءِ همدرديءَ وچان مون کي چئي ها ته مُئي نانگڻ! هيڏي گرميءَ ۾ موت کنيو ٿئي جو سفر تي نڪتي آهين!؟ رستي ۾ ڪٿي وڃين نه مري…!“ هن وري ٻيهر سوچيو، ”مان ان جي نصيحت ڪونه مڃان ها ۽ کيس چوان ها ته ڀلي موت اچي، پر اڳتي وڌڻ کان ڪونه مُڙندس.“

زمين جا ٻَنا ڊهي چڪا هئا ۽ هر پاسي واري اُڏامي رهي هئي. نانگڻ کي ڪجهه ياد آيو، هڪ ڏينهن هوءَ گوتوءَ ڀوڳڙائيءَ جي گهر هڪ ننڍڙو ڪوئو ڦاسائڻ وئي، هن اُتي باهه تي رکيل ٺڪر جي هڪ وڏي تَئي به ڏٺي هئي، جيڪا اڌ تائين واريءَ ۾ ڀريل هئي ۽ گوتو ان ۾ ڀڳڙا ڀُڃي رهيو هو. ان منظر کي ياد ڪري سندس ڏيل ڏڪڻ لڳو، هن محسوس ڪيو ته ڄڻ سندس حالت ڀڳڙن جهڙي هجي.

هن ٿڌو شوڪارو ڀريو، پري بند تي کيس ڪو وڻ نظر آيو. هوءَ ان تائين پهچڻ جو پڪوپهه ڪري ٿي، مٿانهين بند تي چڙهڻ لاءِ هن پنهنجي رفتار وڌائي وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ هوءَ بند تي چڙهي آئي. هوءَ سَهڪي سَهڪي ساڻي ٿي چڪي هئي. اوچتو کانئس رڙ نڪري وئي: ”هئه! منهنجو ٻچڙو ڪاڏي ويو؟“ هوءَ گهٻرائجي وئي، پر پوءِ ٿورڙو ئي پرڀرو پنهنجي ٻچڙي کي ڌُوڙ ۾ ليٽيل ڏسي کيس دلجاءِ ٿي. هُو شايد ماءُ وانگر ڪونه ٿي رڙهي سگهيو. هوءَ مٿس پهچي وئي، کيس ڇُهي ڏٺائين: ”هئه ڀڳوان! تون منهنجي ٻچڙي کي به ماري ڇڏيو؟! ظالم آن تون ڀڳوان…!“

هوءَ سڪل اکين مان ڳوڙها وهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، کيس پنهنجي ٻچي کي کڻڻ جي به سگهه ڪونه هئي. هوءَ پنهنجي ٻچڙي کي پوئتي ڇڏي دل ئي دل ۾ دانهون ڪندي اچي وڻ هيٺان ويٺي. کيس پنهنجو مڙس ياد اچي ويو. جيستائين هُو جيئرو هيو ته وٽن ڪنهن به شيءِ جي ڪا کوٽ ڪانه هئي. سندن هر خواهش پوري ٿيندي هئي، پر ڀڳوان جي منشا ڪجهه ٻي هئي، هڪ ڀيري سندس مڙس کاڌي جي ڳولا ۾ ڪنهن گهر ۾ هليو ويو. هڪ ڪمري ۾ وڏي چاڏي پئي هئي، هن اُن چاڏيءَ ۾ ٻُوٿ وڌوئي مَس ته پويان ڪنهن بدبخت ڪنڊي تي لَٺ وهائي ڪڍيس، ويچارو نانگ رڙهندو ۽ ڦٿڪندو گهر آيو، سندس ڪرنگهو ڀَڄي چڪو هو. ٻه- ٽي ڏينهن عذاب ۾ ڪاٽي اهو به مري ويو.

مڙس جي موت کان پوءِ هن به مرڻ ٿي چاهيو. سندس زندگي بيڪار ۽ بي مقصد ٿي چڪي هئي، پر پوءِ کيس ياد آيو ته هن پنهنجي مرندڙ مڙس سان واعدو ڪيو هو ته هوءَ هر حال ۾ پنهنجي ٻچڙي کي پالي وڏو ڪندي، پر قسمت ۾ ڪجهه ٻيو ئي لکيل هيو.

اونهارو شروع ٿي ويو. جهولا لڳا، کوهه سڪي ويا، ڍنڍن ۽ تلائن ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڦُڙو به نه رهيو هو. اهڙي حال ۾ هوءَ ويچاري پنهنجي ٻچڙي کي پاليندي رهي. هن ڏاڍا ڏک ڏاکڙا ڏٺا، پاڻ بکيو رهي به ٻچڙي کي کارايائين. هاڻي ته ڌرتي ويچاري پاڻ اُڃاري ٿي وئي هئي. هوءَ پنهنجي ٻچڙي لاءِ ڪٿان پاڻي آڻي ها؟ سڄو ڳوٺ اُجڙي چڪو هو. سڀ نانگ مري چڪا هئا، رڳو هوءَ ۽ سندس ٻچڙو وڃي بچيا هئا، کين اميد هئي ته اجهو ٿو مينهن وسي، پر مينهن به ڪونه وسيو، مجبوريءَ جي حالت ۾ هن پنهنجي ٻچڙي سوڌو ڳوٺ ڇڏيو ۽ هاڻي ته سندس ٻچڙو به ڪونه بچيو هو، سندس اڪيلو ساٿي به کانئس وڇڙي چڪو هو.

گذريل ڏينهن کي ياد ڪري هوءَ سڏڪا ڀڙڻ لڳي. ”ڇو پئي روئين مائي نانگڻ؟!“ اوچتو هن ڪو آواز ٻڌو، مڙس ۽ پُٽ کيس ڏاڍو ياد اچڻ لڳا، سندس دل مان دانهون نڪرڻ لڳيون.

”نه روءُ مائي نانگڻ…! نه روءُ“ وري اهوئي آواز آيو.

هن چئني پاسي حيرت وچان ڏٺو. هڪ پوڙهي وڻ کانسواءِ هتي ٻيو ڪير به ڪونه هو. وڻ ئي ساڻس ڳالهائي رهيو هو.

”ڇو پئي روئين مائي نانگڻ…؟“ پوڙهي وڻ کانئس پڇيو.

نانگڻ پوڙهي وڻ ڏانهن روئيندي ۽ سڏڪندي ڏٺو. وڻ جي همدرديءَ کيس ڏاڍو متاثر ڪيو. پوءِ هن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ وڻ کي ڏک جو داستان ٻڌايائين. ويچارو وڻ ڏاڍو ڏکارو ٿي ويو، پر هُو ڪري به ڇا ٿي سگهيو. نانگڻ کانئس پڇيو، ”توهان هتي اڪيلا ڇا ڪري رهيا آهيو…؟ توهان کي بيزاري ڪونه پئي ٿئي…؟“

پوڙهي وڻ وراڻيو، ”ڇا ڪريان…؟ مان ته چُري پُري به ڪونه ٿو سگهان، مان اڪيلو ڪونه هيس، ڪجهه ڏينهن پهرين تائين منهنجي چوڌاري ڪجهه وڻ ٻوٽا ۽ وليون بيٺل هيون. انهن مان ڪوبه ڪونه بچي سگهيو. اهي سڀ اُس ساڙي ڇڏيا. مون کي ڏاڍو ڏک آهي جو منهنجا ساٿي مون کان وڇڙي ويا.“

”منهنجي ڳالهه جو دل ۾ نه ڪجو. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر اوهان جيئرا ڪيئن آهيو…؟“ نانگڻ رحم ڀرين جذبن سان وڻ کان پڇيو.

پوڙهو وڻ ڪجهه دير خاموش رهيو ۽ پوءِ چيائين، ”سچ پچ ته هاڻي منهنجو جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي. منهنجي زندگي بيڪار ٿي وئي آهي. مان ڄاڻان ٿو ته مان جلد ختم ٿي ويندس. رڳو انڪري جيئرو آهيان جو موت ته اڃا اچي ڪونه ٿو.“

”پوڙهي وڻ وانگر مان به لاچار آهيان، مان انڪري جيئري آهيان جو مري ڪونه ٿي سگهان.“ نانگڻ سوچيو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ پوڙهي وڻ ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”مائي نانگڻ! مان تنهنجي جذبن کي سمجهان ٿو، منهنجي هڪ ڳالهه ٻُڌ! هن دنيا ۾ هر قسم جا ماڻهو رهن ٿا، پر انهن مان ڪيترائي بيزاريءَ جو شڪار آهن. سندن زندگيءَ جو ڪوبه مقصد ڪونهي. انهن مان گهڻن ئي اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي، جنهن جي کين خواهش هئي، موت جي باري ۾ ته اهي سوچين به ڪونه ٿا، موت جي اوسيئڙي ۾ بس جيئندا ٿا رهن. پر توکي نه مرڻ کپي. منهنجي ڳالهه ڪَن ڏئي ٻُڌ! هتان کان ٿورو پَرڀرو هڪ ننڍو تلاءُ آهي. ڪوشش ڪري اوسيتائين پهچي وڃ ۽ پوءِ اتي ئي رهي پئه! ڏس! موت جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ توکي جيئرو رهڻ گهرجي.“

پوڙهي وڻ جي اها نصيحت ٻڌي هوءَ اتان رواني ٿي، آلين اکين سان هن هڪ ڀيرو وڻ کي ڏٺو.

”مائي نانگڻ! تون منهنجو هڪ ننڍڙو ڪم ڪندينءَ…؟“ پوڙهي وڻ پڇيو.

”ضرور… جيڪو چوڻو اٿو، سو چئو… چئو ته مان ويهان… چئو ته مان وڃان…!“

”نه… نه! تون هتان ضرور وڃ… تون هتي ويهي رهينءَ ته پوءِ هڪدم مري ويندينءَ… پر وڃڻ کان اڳ منهنجو هڪ ننڍڙو ڪم ڪيون وڃ…“ پوڙهو وڻ روئڻهارڪو ٿي ويو ته مهينو ڏيڍ ٿي چڪو آهي، پر ڪوبه ساهدار مون وٽ ڪونه آيو آهي. ڪو پکي پَکڻ به مون تي جهَٽ پَلڪ لاءِ اچي ڪونه ويٺو آهي. اڄ تون آئي آهين ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. ڀڳوان کي مڃ! ڪجهه دير منهنجي سڪل بدن تي گهُم ڦِر ته مون کي ڪو قرار اچي.“

نانگڻ رڙهندي رڙهندي مٿي وڻ تي چڙهي وئي، هوءَ ٽارين ۽ سُڪل ٿُڙ تي گهمڻ لڳي، ڪجهه دير کان پوءِ هوءَ هيٺ لهي آئي، وڻ کي ڏاڍو سڪون اچي ويو هو. نانگڻ وڻ کان موڪلايو. پنهنجي مئل ٻچڙي کي آخري ڀيرو ڏٺائين ۽ پوءِ دل تي پٿر رکي اڳتي وڌي وئي.

وري اهوئي ٻرندڙ سج… اُهائي ڪوسي واري… اُهائي تتل ڌرتي. شام ٿيڻ واري آهي، پر ڌرتي اڃا ٿڌي ڪونه پئي ٿئي. سج لهڻ تي آهي. سج جا هيڏا سارا تِرورا ۽ هيڊا ڳاڙها ڪرڻا آسمان تي پکڙجي رهيا آهن. عام حالتن ۾ ڌرتيءَ کي ڪنهن ڪنوار وانگر هجڻ کپندو هو، پر هن وقت ڌرتي ويچاري ڪنهن بيمار وانگر بستري تي پيل نظر ٿي آئي.

نانگڻ ان منظر کي وڏي اشتياق سان ڏٺو ۽ اکيون ٽمڪائيندي اڳتي وڌڻ لڳي. رات ٿي چڪي آهي. رات کان پوءِ نيٺ صبح به ٿيندي، نانگڻ تي ننڊ جا کيپ چڙهڻ لڳا، پر هن آرام ڪرڻ نه ٿي چاهيو، کيس جلد کان جلد پاڻيءَ جي تلاءَ تي پهچڻو هو.

ٻيو ڏينهن… ۽ منجهند جو پَهر… نانگڻ تِکي تِکي رڙهندي ٿي رهي. منجهند مان شام ٿي چڪي آهي. ”اي ڀڳوان! هنن وڻن تي به توکي ڪا ڪَهل نه ٿي اچي؟ ويچارا سُڪي ڪاٺ ٿي ويا آهن…“ نانگڻ ڀڳوان سان شڪايت ڪئي ۽ اڳتي وڌندي رهي.

پنڌ کُٽو ۽ نانگڻ ويچاري پنهنجي منزل تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. تلاءُ پاڻيءَ سان ڀريل هو. اهوئي پاڻي ڪيترو ته صاف سُٿرو هو. هوءَ هوريان هوريان پاڻيءَ جي ويجهو وڃي ٿي، کيس پنهنجو مڙس ۽ ٻچڙو ڏاڍو ياد ٿا اچن. هوءَ رات جو ڍءُ ڪري پاڻي پيئي ٿي، پاڻيءَ جي مٿاڇري تي نچي ڪُڏي ٿي ۽ اڌ رات کان پوءِ ڪنهن ڪُنڊ ۾ وڃي سمهي پئي ٿي.

صبح جو کيس ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. هوءَ ڊڄي وڃي ٿي ۽ پنهنجي مُنڍي لڪائي ٿي ڇڏي، ڪجهه دير کان پوءِ هن پنهنجي مُنڍي پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍي، ڇا ڏٺائين ته پاڻيءَ ۾ هڪ پائيپ پيل آهي، جنهن وسيلي پاڻي ٽينڪر ۾ ڀريو ٿي ويو. نانگڻ هڪ ڀيري اهڙو پائيپ ڪنهن جي پوک ۾ ڏٺو هو. پائيپ سان پوک ڀَرائي ٿي وئي، نانگڻ سوچڻ لڳي، ”ڀڳوان جي مارَ پئي انهن انسانن تي… الائي جي ڪيئن ٿي خبر پئين پاڻيءَ جي…؟!“ هاڻي سمورو پاڻي هتان کڻي ويندا ۽ تلاءَ ۾ هڪ ڦُڙو به نه بچندو.“

پاڻيءَ جي سطح ۾ تيزيءَ سان گهٽتائي ٿيڻ لڳي ٿي، ڪجهه دير ۾ پاڻي باقي وڃي بچي ٿو.

”هي ڏسو نانگ… نانگ…!“ ڪنهن ماڻهوءَ رڙ ڪئي: ”وارو ڪر… لَٺ کڻي آءُ…!“

نانگڻ پنهنجون اکيون ٻُوٽي ڇڏيون، کيس پنهنجو مڙس ۽ پُٽ ياد اچڻ لڳا. هن سوچيو: ”شڪر آ ڀڳوان جو، اهي سڀ مون کان اڳ مري ويا، بند تي سڪل وڻ به ويچارو اڪيلوئي بيٺو هوندو، موت جي اوسيئڙي ۾.“

”شاباس! هڪ ئي ڌَڪ ۾ ڪنڊو ڀڃي ڇڏيس… واهه! هاڻي ان کي پاڻيءَ مان ڪڍي ٻاهر اُڇلائي ڇڏ…“ هڪ ماڻهوءَ ٻئي ماڻهوءَ کي داد ڏيندي چيو.

 

ليکڪا: عميره احمد

ترجمو: سدرة المنتهيٰ جيلاني

دوزخ

 

منهنجا پيارا الله.

توڏانهن ڏانهن هيءُ منهنجو پهريون ۽ آخري خط آهي… ياد اٿم ننڍي هوندي جي هڪ ڪهاڻي. ڪهاڻي ڪنهن يتيم ٻار جي هئي، اهو يتيم ٻار جنهن کي پنهنجي ضرورتن لاءِ ڪجهه پئسن جي گهُرج هجي ٿي.

۽ اهو ٻار توڏانهن خط لکندو آهي، چٺي پوسٽ وارا کولي پڙهن ٿا، هڪڙو عجيب خط ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪو ٻار خط لکي پنهنجون ضرورتون ٿو بيان ڪري.

هُو سڀ پاڻ ۾ صلاح ڪري ڪجهه پئسا گڏ ڪري، ٻار لاءِ موڪلين ٿا.

ڪيڏو رشڪ اچي ٿو ان ٻار تي… جنهن تي پوري دنيا ترس کائي ٿي ۽ مون کي ان تي ايڏو ئي فخر محسوس ٿئي ٿو اڄ به…

تڏهن مون ائين نه سوچيو، ڪڏهن مون کي به توڏانهن ڪو اهڙو خط لکي موڪلڻو پوندو. ۽ اهو به نه ته اهو خط پڙهندي به ڪير به اهڙو نه هوندو جيڪو مون تي ترس کائيندو…

يا ماڻهو اهو خط پڙهي نه سگهندا ڇو ته هُو پڙهڻ ئي نه چاهيندا…

يا ائين چوڻ وڌيڪ مناسب هوندو ته اهو خط انهن تائين پهچي ئي نه سگهندو ڪاغذ تي ته لکيل شيون پڙهي سگهجن ٿيون.

پر سوچن جي لهرن تي لکيل هڪ الله، پڙهي ٿو ٻيو لکڻ وارو. منهنجي به اها خواهش هئي… مون به توڏانهن ڪاغذ پني تي مَس سان خط لکڻ چاهيو پئي، ۽ پوسٽ وارا منهنجو به خط ضرور پڙهن هان…

پر توکي خبر آهي… آءٌ ته خط لکڻ جي به قابل ناهيان. لکڻ لاءِ هٿ ۾ ڪاغذ ۽ قلم هجڻ ضروري آهي.

۽ آءٌ اهي ٻئي شيون هٿ ۾ نٿي کڻي سگهان، آءٌ ته پنهنجو هٿ به نٿي کڻي سگهان، تون ته منهنجي بيوسي ڏسين پيو نه…

هٿ کڻڻ جي ڪوشش به ڪريان ته منهنجا زخم ڇڻي پوندا… قلم جهلڻ جي صورت ۾ ماس قلم سان ويڙهجي ويندو… آڱريون چوريندس ته ماس ڇڻي پوندو رت وهڻ شروع ٿي ويندو.

منهنجي لاءِ اکيون کولي رکڻ به مشڪل ٿي پيو آهي، سُور گهٽائڻ وارين دوائن هوش ۾ رهڻ ناهي ڏنو ۽ سور ايڏو آهي جو هوش وڃائڻ به نٿو ڏئي. درد وڌندو ويو آهي، درد جي ڪابه حد ناهي ٻڌائي به ڪنهن کان خط نٿي لکرائي سگهان، لفظ گڏ ڪرڻ جي قابل ناهيان.

ذهن درد جي اذيت م وڪوڙجي وڃي ٿو. سواءِ رڙين دانهن جي ٻيو ڪجهه به نه نڪرندو، پر تڪليف جي شدت ايڏي آهي جو دانهن به نٿي نڪري سگهي.

وات کولي ڳالهائڻ جي ڪوشش ۾ منهنجي سڙيل چهري جو ماس گهنجڻ جي صورت ۾ ريشو، ۽ رت وهڻ لڳندو.

پيارا الله! ڏس ته لفظ به مون تي روئن ٿا ۽ آءٌ پاڻ تي، توکي ته خبر آهي نه ته مان هاسپٽل جي برن يونٽ جي هڪ بستري تي زندگيءَ جا آخري پل گذاري رهي آهيان،  پوين چويهه ڪلاڪن کان جنهن زندهه لاش کي ڊاڪٽر لاعلاج قرار ڏئي ڇڏيو آ ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ٿي سگهي سڙيل وجود رک ۾ بدلجي وڃي.

پنهنجي ڀر ۾ بيٺل ماڻهن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌي سگهان ٿي، ٻڌان پئي سڀڪجهه اهو به جيڪو ڊاڪٽر چئي رهيو آهي، ٻن ڪلاڪن اندر اندر ختم ٿي ويندس، خبر نه اٿم اها خبر مون کي ٻيو ٻڌائي، امان، بابا کي، مهوش کي سجاد کي يا لئيق کي. بس مون اهو جملو پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي پنهنجي رک ٿيڻ جي خبر ڪيئن لڳندي. توکي ڇا ٻڌايان توکي ته سڀ خبر آهي.

خبر ناهي منهنجا ڪن اصلي صورت ۾ آهن به يا نه… چوويهه ڪلاڪن کان جن سوالن جا جواب ڳوليا اٿم، ان ۾ هيءُ سوال به آهي… ته ڪنهن سڙيل عورت کي عام طور تي ڇا چئبو… نڪ ۾ لڳل نالي دنيا ۾ آخري ساهه کڻڻ ۾ مدد ڏئي پئي، جنهن کي نرس هر هر ڏسي ٺاهي ٿي، هيءُ ڇو ڀلا منهنجي وجود کي هن اذيت ۾ مان آزاد ٿيڻ نٿا ڏين.

ڳچيءَ کان پيرن تائين سراخ ٿيل پڃري ۾ قيد آهيان، جنهن کي اڇي چادر سان ڍڪيو ويو آهي، ته جيئن چادر منهنجي سڙيل جسم کي ڇهي نه سگهي.

تون ته مون کي ڏسين پيو نه ڏس ته آءٌ پنهنجي چهري تي هٿ لڳائي محسوس به نٿي ڪري سگهان… پر خبر اٿم منهنجا سڀ نقش مٽجي ويا هوندا.

بس اکيون الائي ڇو رهجي ويون آهن سڀ ڪجهه ڏسڻ لاءِ…

چوويهه ڪلاڪن کان پنهنجي آڏو بيٺل ماڻهن جي اکين ۾ پنهنجو عڪس ڳولڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهيان.

فقط چوويهه ڪلاڪ پهرين پنهنجي هر نقش کي ڇهي محسوس ڪري سگهيس ٿي، نڪ جي هڏي… چپن جو کپ، سمنڊ جهڙيون اکيون، ڀِرن جا وار، گهاٽيون پلڪون، ڳل ۾ پوندڙ ڊمپل، ڪنن ۾ لٽڪندڙ واليون چيلهه تائين ايندڙ گهاٽا ڪارا وار، ڪير نه چاهيندو هئو جن کي.

هاڻ انهن سڀني جي جڳهه تي ڇا رهيو آهي… خبر اٿم… توکي به خبر آهي.

بس توکي خط ته نٿي لکي سگهان، پر ڪجهه پڇي ته سگهان ٿي…

سامهون بيٺل ماڻهو منهنجا آخري ساهه ڳڻي رهيا آهن.

ان کان پهرين بس هڪڙو سوال، بس هڪ سوال، جنهن کي پڇڻ کان پهرين مرڻ نٿي چاهيان… سوال ياد ڪريان ٿي… ياد اچي ويندو.

هي ڪنهن جو آواز آهي سڃاڻان ٿي… هيءُ روئڻ جو آواز منهنجي ماءُ جو آهي.

جيڪا ڪنهن مهل بستري جي ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي چڪر ڪاٽي روئي رهي آهي، هٿ ۾ پنج سوري پڪڙي پڙهي ٿي، مون کي سڪون ڏيڻ لاءِ ڇا نٿي ڪري، هُوءَ مون کي هٿ سان ڇهي نٿي سگهي… هُو ڪجهه چئي نٿي سگهي… اها اُهائي عورت آهي، جنهن نو مهينا مون کي پيٽ ۾ سانڍيو، آءٌ ان جي وجود جو حصو رهي چڪي آهيان. ويهه سال پهرين جنهن مون کي جنم ڏنو هئو… اها ويهه سال کان پوءِ منهنجي سڙيل وجود کي ڏسي ڇا محسوس ڪندي هوندي. توکي ته خبر هوندي.

جنهن منهنجي ٿوري به لاپرواهي برداشت نه ڪئي، وارن ۾ باقاعدگي سان تيل لڳائيندي، جنهن جي هٿن جو ٺهيل اُبٽن منهنجو رنگ مٽي ڇڏيندو هو.

چپن تي ملائي لڳاءِ ڪيڏا خشڪ ٿي ويا اٿئي…؟ هاڻ ڳوليندي چپن جو کپ نظرئي نه ايندس، هاڻ هن جو ورتل لباس به مون کي خوبصورت نٿو بڻائي سگهي… ويهه سال جنهن شاهڪار کي سنڀالڻ واري هيئن برباد ٿيندي ڏسندي ڇا محسوس ڪندي هوندي… ڪنهن ڪنهن کان پڇڻ وڙهڻ چاهيندي هوندي… جيڪا چرين وانگر ڦيريون پائي هيڏانهن هوڏانهن بيوسي ۾ ڏسندي ڪيئن نه روئي پئي…

تون ته سڀ ڏسين پيو…

جنهن کي تو ٺاهيو، ان کي ماڻهن ڪيئن بگاڙي ڇڏيو…

منهنجي ماءُ وانگر تون به انهن ماڻهن کان پڇڻ ۽ بدلو وٺڻ چاهيندين؟ منهنجا الله… ڪڏهن…؟

منهنجو پيءُ مون کي ڏسڻ آيو آهي، هن جي چهري تي اڃا بي يقيني بيوسي آهي، هن کي يقين نٿو اچي هيءُ سڀ ان جي ڌيءَ سان ٿيو آهي…

بي يقيني… هاڻ ماٺ… ۽ شڪست ۾ مٽجي وئي. هاڻ ڪوبه پيءُ ڌيءَ کي پرڻائڻ جو حوصلو ڪٿان آڻيندو، منهنجي ڀائرن کي پهرين دفعو احساس ٿيو، سجاد منهنجو سڙيل جسم ڏسي چيو هو، اسان جهڙن ڀائرن کي ٻڏي مرڻ کپي جيڪي ڀيڻن کي ٽرڪ ڀري ڏيج نه ڏئي سگهن، ان کان پوءِ الائي ڪيڏانهن ويو. ڇا هن ڪڏهن سوچيو هوندو ته هن جي ڀيڻ ڪڏهن اخبار جي ليک جو حصو ٿي ويندي، اهو ته مون به ڪڏهن نه سوچيو هو.

ڏيج نه آڻڻ جي سزا تي ڇوڪريءَ کي زندهه ساڙيو ويو.

ڏيج هڪ ڇوڪري کي برن يونٽ پهچائي ڇڏيو.

ساهرن جي هٿان قتل ٿيل ڇوڪريءَ جو ڏوهه فقط ڏيج گهٽ آڻڻ آهي.

هڪ ٻار جي ماءُ رڌڻي ۾ ڪم ڪندي سڙي وئي…

منهنجي هڪ سال جو پٽ عثمان، چويهه ڪلاڪن کان نه ڏٺو اٿم…

ڪالهه هن کي بخار به هو… اڄ هن کي ڪير ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويندو… ماني ڪير کارائيندو هن کي ڪير سنڀاليندو… بس هڪ ڀيرو هن کي ڏسڻ چاهيان ٿي، اکيون نٿي کولي سگهان، پر دماغ اڃا به جاڳيل اٿم.

ياد اٿم، ننڍي هوندي چوڙيون گهرائي زنجير ٺاهيندي هئس، خبر نه هئم ڪڏهن اهي ئي چوڙيون منهنجي ٻانهن ۾ وگهري وينديون.

اهو سُوٽ جنهنڪري منهنجو جسم گهڻو سڙي ويو…

اهو هاڻ ناهي رهيو… منهنجي جسم جي کَلَ ٿي ويو، پر اهو لباس ته مون مجاهد لاءِ پاتو هو، ان جي چوڻ تي.

هن ته چيو هو تيار ٿي هيءُ سُوٽ پائي شام امان ڏانهن هلنداسين…

مجاهد اهوئي جنهن منهنجي حفاظت جو ذمو کنيو هو، جنهن پورا ٻه سال مون سان گڏ گذاريا هئا، ان ئي شخص هڪ ڪلاڪ اندر منهنجي وجود کي مٽائي ڇڏيو، هيءُ اهوئي مجاهد آهي، اهوئي مجاهد جنهن جي معمولي بخار تي به آءٌ بي چين رهندي هيس… اهو مجاهد ڪيئن ٿو مون سان ائين ڪري سگهي… يقين ته ڪنهن تي به نٿو اچي.

زندگي فقط ايستائين سٺي هئي جيستائين آءٌ پنهنجي امان بابا جي گهر هئس… ارڙهن سال بغير ڪنهن فڪر جي گذريا… ايف.اي کان پوءِ مجاهد سان شادي ڪري ڪئين خواب کڻين ان سان گڏ آئي هئس…

خواب ته هر ڇوڪري ڏسي ٿي مون به ڏٺا… ماڻهو چوندا هئا تون خوش رهنديئن… تو ۾ خوبصورتيءَ سان گڏ خوب سيرتي، خوش اخلاقي برداشت، تحمل، سليقو، سمجهه سڀ هئي. هنن کي اهي سڀ شيون نظر ڇونه آيون.

۽ ڳڻپ ڪٿان شروع ٿي… ٽي.وي، فرج، زيور، موٽر سائيڪل.

مون وٽ انهن مان ڪابه شيءِ نه هئي… تڏهن به اميد هئي ته خلوص سان خدمت سان به دليون کٽي سگهجن ٿيون… پر منهنجو اندازو غلط هئو…

سس، سهرو، نڻانون، ڏير، سڀني جي زبان تي لفظ نه تير هوندا هئا.

ڏک ان جو نه هئو، ڏک ان جو هو ته مجاهد به انهن ۾ ئي شامل رهيو. عثمان جي ڄمڻ کان پوءِ به ڪا تبديلي نه آئي… ڇو نه آئي؟ سڀ ڪجهه هٿ کان نڪرندو ويو، مون بس سوچيو منهنجو گهر آباد هجي، مجاهد جي مارڻ، سس جي گارين، سڀني جي طعنن کان پوءِ به اميد هيم هڪ ڏينهن ايندو… جڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. ايڏي ظلم کان پوءِ به گهر مان نه نڪتس ته معاشرو اڪيلي عورت کي ڳهي وڃي ٿو. مائٽن جي بوجهه ۾ واڌارو نه ڪريان، مون وٽ ته ڪوبه رستو نه هئو…

ڪالهه جي ڳالهه آهي. نئين ڳالهه ناهي، مجاهد مون کان معافي ورتي، روين ۾ واضح فرق هئو… مون سوچيو سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو…

منهنجا مائٽ به خوش ٿي ويا ته منهنجي محنت ڪم آئي… ڪجهه به خبر نه هيم ۽ اڄ صبح.

اڄ صبح جي ڳالهه آهي… جڏهن مجاهد جي فرمائش تي مون اڇي سلڪ جو سوٽ پاتو، اسڪارٽ ڪلر جي لپ اسٽڪ هنيم، وار کوليم، اکين ۾ ڪجل پاتم… چوڙيون به پاتم، جيڪي مجاهد ڏنيون هيون.

جلدي جلدي عثمان کي تيار ڪري فيڊر تيار ڪيم، ٻاهر نڪتس ته زور سان ڊيڪ هلڻ جو آواز آيو، ڪچن مان گيس ليڪ ٿيڻ جي بوءِ اچي رهي هئي، چلهه بند ڪرڻ لاءِ رڌڻي ڏانهن ويس ٻئي برنر کليل هئا… جيئن ئي بند ڪرڻ لاءِ وڌيس ته ڪنهن دروازو زور سان بند ڪيو هو، ڪيترو ٺڙڪايم نه کليو… خبر نه هئم دروازو بند ٿيڻ کان پوءِ ناهن کوليا ويندا.

دريءَ جي اڌ کليل تاڪ مان ٻرندڙ تيلي اندر آئي، دريءَ جي اڌ کليل تاڪ ۾ مون مجاهد کي ڏٺو هئو، ان ڏينهن سڀ گهر جا ڀاتي گهمڻ جي بهاني سان ڪيڏانهن ويل هئا، گهر ۾ منهنجي سس هئي، مڙس هئو… منهنجو پٽ به ته هئو… دروازو نه کوليو ويو، مون کي باهه وڪوڙي وئي، نل ۾ پاڻي به نه هئو. سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪيو ويو هئو… توکي ته خبر هئي نه ياالله ان وقت تون ياد آئين ڏاڍو.

گهڻا ماڻهو ڳالهائيندا رهيا دروازن جي ٻاهر، دروازا تڏهن کليا جڏهن دير ٿي وئي هئي.

منهنجا مائٽ آيا، سجاد مون کي سهارو ڏنو هئو، پوءِ اک هن بستري تي کُليم، ڪيتري دير منهنجي گهر وارا روئيندا رهيا، ساهرا غائب رهيا… پوءِ مجاهد آيو، پوليس ٻاهر بيٺل هئي. ڊاڪٽر پريشان هئا… اهو حادثو هئو، توکي احتياط ڪرڻ کپندو هو، ٻڌ مهرباني ڪري، ڪير به پڇا ڪري ته ٻڌائجانءِ سڀ حادثو هو، هيءُ اهوئي مجاهد هئو…

ٻه سال ته ڪنهن جانور کي به گڏ رکڻ سان محبت ٿي ويندي آهي، هن کي مون سان همدردي به نه ٿي هئي… هڪ زندهه انسان کي باهه ۾ وجهڻ کان پهرين هڪ ڀيرو به هن نه سوچيو… هُو ڪهڙو انسان هو…

منهنجون نڻانون، جن کي رسالن جي ڪهاڻين تي روئيندو ڏٺم، انهن کي زندهه انسان تي ڪو رحم نه هئو…

منهنجي سس جنهن جي چهري تي ماءُ واري شفقت ۽ رحم ڳوليندي ٻه سال گذاريم… اها سدائين سس رهي، جنهن جي زبان تي ڪنڊا هئا، پر ياالله جنهن سان ٻه سال چرين وانگر محبت ڪيم، ان مون کي ٽي.وي، وي.سي.آر، موٽر سائيڪل، زيورن تان باهه ڏئي ڇڏي… ۽ هاڻ هو ان کي حادثو ٿو چئي…

حادثو نه هئو مجاهد… منهنجي زبان جو آخري جملو هو…

اهو ٻڌائيندينءَ ته پوءِ مون کي ته پوليس ٻڌي ويندي، عثمان جو ڇا ٿيندو، ان جو سوچ، هن کي ڊاڪٽر ڏانهن ڪير وٺي ويندو… ڪير هن جو خيال رکندو، منهنجو آخري احتجاج به ٽُٽي پيو… لفظ کٽي پيا …

منهنجي ماءُ روئيندي رهي… ۽ مون وٽ روئڻ لاءِ لڙڪ نه بچيا…

پوليس انسپيڪٽر بيان وٺڻ آيو… ڊاڪٽر منهنجي نازڪ حالت ڏسي ٽاري ڇڏيو، سوال ساڳيا ئي هئا.

ساهرن جو سلوڪ ڇا هئو.

ڇو ساڙيو ويو، ڪنهن بچايو ڇو نه… سوال اڃان به هئا…

تڪليف وڌندي وڃي… آخري سوال ته مون کي به ڪرڻو آهي توهان کان… اوهه منهنجا الله…

منهنجو درد، سور، ساهه، مونجهه، زخم، رت…

آخري بس هڪڙو سوال… ياد آيم سوال…

منهنجو عثمان… ڪٿي آهي، آخري ڀيرو… ياالله ڇا هيءُ موت آهي… ايڏو تڪليف وارو… آخري سوال… ياد آيم… ياالله تو جي چيو هو ته باهه جو عذاب صرف توهان ڏئي سگهو ٿا…

مون کي ته باهه جو عذاب ماڻهن ڏنو آهي… آءٌ ته هن دنيا جي دوزخ جي عذاب کان گذري آن…

فرق بس اهو آهي ته اهو دوزخ تنهنجو نه، ماڻهن جو دکايل آهي…

هاڻ جڏهن آءٌ مرڻ کي ويجهو آهيان، تڏهن توکان پڇان ٿي… ته مري وڃان ته ڇا تون به منهنجي لاءِ اهوئي دوزخ دکائيندين…؟

تون به ماڻهن وانگر مون کي دوزخ ڏيندين، ٻيو دوزخ نه پيارا الله ٻڌائي ڇا هاڻ تون به ائين ڪندين… تون پيارا الله تون؟ مونجهه، ساهه گهٽجڻ، اونداهي، رک…

اصغر لاکو

 

 

 

 

 

صدقو  وڃان

اڌڙوٽ عمر جي عورت، رنگ سانورو، جسم ماسيرو، ڇاتي گهڻي اڳتي نڪتل، مٿو اگهاڙو ۽ وار سڻيءَ جي سڳن جيان چَڳون چَڳون، ڏندن تي زور ڏئي، زوم ڪندي در جو تاڪ پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ هٿ ۾ جهليل ڏنڊي اُڀي ڪري لوڏيندي، ”هيڏي آءُ ته ٺينڍي ڪيانءِ مُئا!“ عورت ڏند ڪرٽيندي چيو، ”تون چڱو رت ڪيو آ ماکي ڳريل ڳاٽي ڀڳل!“

ٻار پنهنجي ننڍي چيچ نڪ ۾، سانچي ۾ پينسل جيان ڦيرائيندي ۽ دَرَ جي سامهون واري ديوار سان پٺي گسائيندو آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيو هو. هُو هيسيل هرڻيءَ جيان ڊنل ۽ خوف ۾ ورتل هو. سندس اکيون ڏاند جي اکين جيان وڏيون ۽ ڦاٽل هيون. سو ماءُ ڏانهن  نهاري رهيو هو، ڄڻ ته کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سامهون بيٺل عورت ماءُ آهي يا ڪا ٻي عورت! مون کي ايندو ڏسي عورت تڪڙ ۾ در ٻيڪڙائي ڇڏيو ۽ پاڻ در جي اندران بيهي، منهنجي وڃڻ جو انتظار ڪندي رهي. در بند ٿي وڃڻ سان ٻارڙو روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ چپ هيٺ لڙڪي پيس. ان وقت سندس چهرو بيوسي ۽ لاچاريءَ جي علامت بڻجي ويو ۽ منهن مان معصوميت جو عرق ڳڙي رهيو هو. سندس معصوم  چهري مون کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو ۽ ڇڪي وٽس آندو. سندس مٽيءَ ڀريل مٿي تي شفقت جو هٿ رکندي پڇيم:

”ماءُ ڇو ٿي مارئي؟“

ڪنڌ هيٺ ڪري پير جي آڱرين سان زمين کوٽيندو رهيو ۽ مون کي ڪو جواب نه ڏنائين. گهر ۾ ڪو ٿانوَ ٺڪر ڀڳو اٿئي!؟

اکيون ڦاڙي حيرانگي مان مون ڏانهن نهارڻ لڳو.

”ڀلا…! ڀيڻ سان وڙهيو آهين!؟“

وات ۾ اشهد آڱر وجهندي، ڪنڌ کي هلڪو ڌوڻو ڏنائين، ان وقت سندس نرڙ تي پگهر جا ننڍا ڦڙا نڪري آيا ۽ هر عضوو مٿس گواهه بڻجي بيٺو. پڇتاءُ ۽ پشيماني جي باهه سندس جسم کي ساڙي ڪوئلا ڪري رهي هئي. سندس پتڪڙي جسم کي ڇڪي، پنهنجي جسم سان ملايم ته ڀَرم جي ڀُتي ديوار ڊهي اچي پَٽ پئي ۽ سڏڪن ۾ پئجي ويو.

ڀيڻ سان وڙهڻ واري ڳالهه ٻڌندي، مون کي پنهنجو ٻالڪپڻ ياد اچي ويو ۽ ماضيءَ جو هڪ واقعو ذهن جي تختيءَ تي تري آيو.

منهنجي ڀيڻ جندل مون کان عمر ۾ سال وڏي آهي، اسان ٻئي گڏجي گهر جي اڱڻ ۾ ٺپ راند کيڏندا هئاسون، هڪ دفعي ڪنهن ڳالهه تان اسان ٻنهي ۾ اختلاف ٿي پيو ۽ ٻئي پنهنجي ڳالهه تي بضد بيٺا هئاسون، پاڻ ۾ ٺهڻ ۽ اتفاق جو ڪو نالو ئي نه پئي ورتو، خار ۾ ايندي، جندل کي چوٽ کان وٺندي سَٽ ڏنم ته هيٺ وڃي ڪِري ۽ مٽيءَ ۾ منهن مٿو ڀڀوت بڻجي ويو. پوءِ ته رڙين رانڀاٽن ۾ اچي پئي ۽ نير نار ڪري وهي رهيا هيس، روئندي رڙندي ۽ ان بُري حال سان، وار وکريل ۽ منهن مٿو مٽيءَ ۾ ڀڀوت بڻيل، امان وٽ دانهين اچي پهتي، جندل کي اهڙي حال ۾ ڏسي، امان غصي ۾ ڀرجي ڳاڙهي لال ٿي وئي ۽ ڏند ڪرٽيندي، ”ڳريل ڳاٽي ڀڳل رت ڪري ڇڏيو آ صفا! باهه لڳل جو ڀيڻ سان مَلخ ته ريجهي ئي نه ٿو!“

جندل جا مٽيءَ ۾ ڀڀوت بڻيل وار ڇنڊيندي امان ڏندن تي زور ڏيندي چيو، ”بس ڪر منهنجي راڻي بس ڪر! مُئو گهر اچي رڳو ڏس ته ڪيئن ٿي ٺينڍي ڪيانس!“

جندل پوءِ به روئڻ ۽ مسڪارن کان بس نه ڪئي، جو کيس عدل ۽ انصاف جو اڪيلو اهوئي رستو پئي سُجهيو، ڪنهن مهل هن روئڻ جَهڪو ڪري، مٿي ۾ چرندڙ جوئائون چَپٽيءَ ۾ پڪڙي، آڱوٺي جي ننهن تي پئي ماريو ته ٻي مهل وري روئڻ کي وارو پئي ڏنائين… ائين پورا ٽي ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود هن روئڻ تان اصل هٿ نه کنيو، ڄڻ ته دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو هئائين ته مون کي سيکت ڏيارڻ کان پوءِ ئي هوءَ روئڻ تان هٿ کڻندي!

امان جي ڪاوڙ غصي کي ذهن ۾ رکندي، ڄاڻي ٻجهي ليٽ سان گهر آيس، گهر ۾ داخل ٿيندي وقت پنهنجي اندر جي هورا کورا بناوٽي چادر سان ڍڪڻ ۽ لڪائڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ چهري جي ڳنڀيرتا کي مصنوعي طريقي سان مٽائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر جندل کي اڃا تائين روئيندو ڏسي، پيرن هيٺان زمين نڪري ويم ۽ مٿي کي ڀوانٽي وٺي وئي.

گهر جي اڱڻ ۾ رکيل مٽيءَ واري گُنديءَ ڀرسان سوچ ۾ بيهي رهيس ۽ ذهن ۾ هڪ تجويز سُجهيم، ”امان جيڪر جندل هٿان مون کي پٺيءَ ۾ ٻه ٽي ٿڦون هڻائي ۽ اسان ٻنهي جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪرائي… اڃا ان سوچ ويچار ۾ بيٺوئي هيس ته اوچتو لوندڙيءَ ۾ لپاٽ ٺاءَ ٿي وئي، مٿي کي ڀوانٽي وٺي ويم ۽ اکين آڏو ڌنڌ اچي ويو.

مٽيءَ واري گُنديءَ ڀرسان رکيل جنڊ جي ڪير مٿان سيني ڀر وڃي ڪِريس، سيني مان رت ٺيندي ڪري وهي رهيو هو ۽ اکين مان نير نار ڪري وهي رهيا هئا، تيز وهندڙ رت ڏسي، رڙيون ڪري اڃا وڌيڪ روئي رهيو هئس، پوءِ ته امان ڏک افسوس ڪندي ۽ منهن مٿو پٽيندي، کڻي کٽ تي ويهاريو ۽ رت صاف ڪندي، ”اڙي ڪا باهه لڳيم! ڪهڙو ته قهر ڪيو ٿم ٻچڙي سان!“

منهن مٿي تي چنبا وهائيندي ۽ لعنت ملامت ڪندي امان چيو، ”ماءُ آهيان يا ڏانئڻ!؟ ٻچڙو سڄو رت ۾ وهنجاري ڇڏيوٿم!“

ڪجهه دير کان پوءِ سرت سنڀاليندي، امان ڏانهن ڏٺم، سندس چهرو ڏاڍو ڳنڀير لڳو پيو هو، هوءَ مون کان وڌيڪ روئي رهي هئي ۽ سندس اکين مان وهندڙ نير مون کان گهڻو جالا وهي رهيا هئا، کيس پهتل پيڙا ۽ اذيت منهنجي زخم کان گهڻو گهري هئي ۽ سندس سڙندڙ رت جو مقدار مون کان وهندڙ رت جي مقدار کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هو.

”ڇا ٻار جي ماءُ، جيئن غصي مان ڏند ڪرٽيندي ۽ ڏنڊي کنيو پٺيان پئي، ٻار کي واقعي رت ۾ ٺينڍي ڪري ها، يا ممتا واري مضبوط ڍال ائين ڪرڻ کان هن کي روڪي وجهي ها… ذهن ۾ آيل اهڙي خيال ۾ اڃا غلطان ئي هيس ته سامهون وارو دروازو ٺڙاڪ ڪندي کليو، اهائي عورت ٻاهر آئي ۽ ٻارڙي ڏانهن خوف جا پاڇا سرڻ جيان، لامارا ڏيڻ لڳا، ٻارڙي کي ڇڏي اڳتي هليو ويس ۽ پوءِ پوئتي مُڙي نهاريم، ڏٺو ته ٻارڙو ماءُ جي ڪڇ تي هو، ماءُ سندس عضوي عضوي کي چُمي رهي هئي، ميرن ۽ مٽي ڀريل ڳلن تي چمي، پگهر ۾ ڇل نِرڙ تي چُمي، ڳڙڪون ۽ ڳنڍيون ڳنڍيون بڻيل وارن ۾ چُمي، گجين گوبن ۾ ٿڦيل هٿن تي چُمي، مٽيءَ ۾ مَرُ پيرن تي چُمي… هاڻي ٻار ڏاڍو خوش خوش ۽ سرهو. سندس چهري تان غم جا پاڇا هٽي ختم ٿي ويا هئا ۽ ڳوڙهن ۾ تر اکيون خشڪ بڻجي ويون هيون. پر… ٻار جي ماءُ جون اکيون آليون بڻيل هيون ۽ پٽ کي چُميون ڏيندي چئي رهي هئي، ”صدقو وڃان پنهنجي ٻچڙي تان! ڪير ماري منهنجي مٺڙي کي دل جي ٽڪڙي کي……!!“

سنڌيا شاهه

بَکيا

سنجها وقت، سج اداسيءَ جا پاڇا ڇٽي الاءِ ڪهڙي پار روانو ٿي ويو هئو ۽ پويان هئي سرمئي سرمئي شام جي اداسي جنهن ۾ سنجها ڪرسيءَ تي مٿي پير ڪيو، ٻانهينءَ تي ٽيڪ ڏيو، هٿ جي پيالي ۾ سنجها شام جو منهن رکيو گهري سوچ ۾ ويٺي هئي.

پوڙهو چاچا محمد اکين تي عينڪ صحيح ڪندو وٽس آيو ۽ ڀرواري ڪرسيءَ تي ويهي منهن ڏانهن غور سان نهاريندي پڇيائينس.

”صبح جو گلاب سنجها ويل ڪومائجي ويو آهي ڪو؟......“

چاچي جي جملي تي مرڪي ته پئي، پر اکين مان ٻه کڙکٻيتا اڏري ويس.

چاچا محمد پريشان ٿيندي پڇيس:

”ڇو؟.... ڇو منهنجي ڪونج ڪوڪاري پئي!.... ڇا ٿيو؟......“

سنجها ڳوڙها اگهندي چيو: ”اڄ وري ٻه ڏيئا اجهامي ويا چاچا.“

چاچا محمد ويجهو ٿيندي پڇيس:

”ٿيو ڇا منهنجي چانڊوڪي، ڪنهن ڏيئا وسايا؟....“

”سنجها سامهون پيل خالي ڪرسين ڏانهن نهاريندي چيو:

”عينا وارين کي سؤٽ ٽيوشن کان جهلي ڇڏيو آهي.“

چاچا محمد عينڪ اکين تي صحيح ڪندي پڇيس:

”ڇو جهلي ڇڏيائين؟....“

سنجها اونهو ساهه کنيو ۽ چيو:

”چوين ٿو گهر ۾ قرآن شريف پڙهو. ٽيوشن ۾ ڇا ٿيون پڙهو مون کي خبر آهي“.

چاچا محمد منهن پاسي ڪري هلڪي آواز ۾ چيو: ”لعنت“.

سنجها منهن ۾ گهنڊ وجهندي چيس:
”چاچا!....“

چاچا محمد ڪنڌ لوڏيو (جو هو ڪاوڙ ۽ سوچ مان لوڏيندو هئو) ۽ چوڻ لڳو: ”مون کي خبر آهي ان ڏاڙهيل نئين مُلي جي. پاڻ جوان هئو ته وتندو هو پراوا لوڙها لتاڙيندو. منهنجي تڏهوڪي ڪهاڻي لکي پئي اٿئي رسالن ۾ کڻي پڙهي ڏسجان.“

چاچا محمد، کيسي مان گولڊ ليف جو پاڪيٽ ڪڍيو ۽ سگريٽ ڪڍندي سنجها جي گُهور ڏسي سگريٽ واپس پاڪيٽ ۾ رکندي ڀڻڪيو: ”مڙيئي ياد لهيو وڃي نه ماسترياڻي........“

سنجها مرڪي ته خوش ٿيندي چوڻ لڳس:

”تون اداس نه ٿيندي ڪر. اوندهه اڳ ئي گهڻي آهي جي تون منهنجي ميڻ بتي اداس ٿينءَ ته روشني ڪير ڪندو؟....“

سنجها جي مٿي تي ٿڦڪي هڻندي چوڻ لڳس: ”اهي جيڪي نه جوانيءَ ۾ ٻين جا لوڙها لتاڙيندا آهن، تن جي اندر ۾ ڊڄ کين ڀاڙيو ڪري ڇڏيندو آهي. ڏاڙهي رکي ٺڪ ٺڪ تسبي سوري دل کي ته سڪون ڏيندا آهن، پر اندر ۾ جيڪو ڊڄ آهي نه اهو وهمي به ڪري ڇڏيندو آهي ۽ تو وارو ماستر ۽ ملان سؤٽ به ان ڀاڙيائيءَ جي ڊڄ جو شڪار آهن. تڏهن نياڻين کي پڙهڻ کان جهليو اٿائين. تون فڪر نه ڪر، اها مُلان واري پٽڪي ڌوڙ ڪري ڇڏيندومانس جي نياڻيون ٽيوشن لاءِ نه موڪليون اٿائين ته:

سنجها چاچي ڏانهن ٿورائتين نظرن سان نهاريندي کانئس پڇيو:

”ڪيڏو فرق آهي نه اسان جي هڪ ويڙهي هڪ پاڙي ۾ سوچڻ جو سمجهڻ جو. هڪڙا آهن جي چنڊ تي پلاننگ ڪرڻ جي تيارين ۾ آهن. ٻيا آهن اسان پارا جي چنڊ جي روشني، سهائي لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ٽيان آهن جي، چنڊ کي چادرن سان ڍڪڻ ٿا چاهين!......“

چاچا محمد کليو ۽ چيائين: ”پوءِ روشني ڍڪجڻ سان لڪجڻ واري آهي ڇا؟ مون لائيٽ!....“

سنجها اُتساهه جو ساهه کڻندي چيو: چاچا!.... جي توهان نه هجو ها ته شايد بابا مون کي به پڙهڻ نه ڏيئي ها.“

چاچا محمد جو کلندي هٿ بي اختياري کيسي ڏانهن وڌي ويو ۽ پاڪيٽ ڪڍي ان مان سگريٽ ڪڍڻ لڳو ته سنجها دڙڪو ڏنس: ”چاچا!....“

چاچا محمد ننڍڙي ڀائٽي دانيال جي آهل ڪندي آڱر اڀي ڪندي چيس: ”هِڪو رُڏو هِڪو شگيٽ آپو.“

سنجها سگريٽ کي ٻيڻو ڪري اُڇليندي چيس:

”دل جو مرض وڌي ويو اٿو پوءِ به چاچا!....“

کليو ۽ کلندي چوڻ لڳو ”اهو به ته قسمت وارن کي ٿيندو آهي.“

سنجها نه سمجهندي پڇيس: ”مطلب؟.....“

”مطلب..... مطلب..... مطلب..... مطلب ته جن کي دل هوندي آهي مرض به انهن کي ٿيندو آهي.“

چاچا محمد جملو پورو ڪرڻ کان اڳ سگريٽ دکائي ورتو.

سنجها دونهين جي پويان چاچي جي پوڙهين اکين ۾ پاڻي چٽو ڏٺو.

هن کانئس سگريٽ کسڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ پڇيائنس:

”چاچا!، آنٽي ياد پئي اچيو نه؟... دونهين ۾ نهاريندي ڦڪو مُرڪيو وسري ڪڏهن آهي!....“

سنجها اونهو ساهه کنيو ۽ رات جا پرَ پري تائين آسمان تي ڪنهن چادر جيان وڇائيندي ڏٺا ۽ پڇيو.

”چاچا!..... جڏهن آنٽي کي سهولت ملي هئي ته هوءَ توهان کي به پاڻ سان آمريڪا وٺي وڃي سگهي پئي......“

وچ ۾ ڀڻڪيو: ”ها، سرڪاري ڪامورو جو ٿي وئي هئي وٺي وڃي سگهي پئي.“

”پوءِ؟......“ سنجها پڇيس: ”ڇو نه ويا هيئو هن سان؟.....“

چاچا محمد گهري مرڪ مرڪيو ۽ ڪرسيءَ جي ٻنهي ٻانهين تي هٿ رکي هٿن جو زور ڏيئي اُٿندي چوڻ لڳو:

”جي هن سان وڃان ها ته توکي پڙهائي ڪير ها؟......“

در تائين وڃي ڏانهس نهاريندي چوڻ لڳو:

”ڳوٺ ۾، پاڙي ۾ ٽيوب لائيٽ ته کپي پئي نه، مان وڃان ها ته اها ڪير هڻي ها!.....“

سنجها دڙڪو ڏنس: ”چاچا!.... نٽايو پيا مون کان.“

مرڪي پيو ۽ ڏاڪڻ واري در ڏانهن وڃي اتان چيائينس: ”تون ماستري ڇڏي وڪالت شروع ڪر.“

سنجها مرڪي پئي چيائينس: ”پوءِ ماستر ۽ سؤٽ پارن کي سڌو ڪريان ته؟“

”ها ٻيا به ڪم کوڙ آهن.“ چاچا محمد ڏاڪڻ جو هڪ ڏاڪو لهندي چيو.

سنجها پويان پڇيس: ”۽ جي بکيا اُڊيڙڻ شروع ڪريان ته؟......“

چاچا محمد ٻئي ڏاڪي تي بيٺي ڏانهس نهاري پيڙا وچان ڀڻڪيو:

”سي ته مان به اڄ تائين اُڊيڙي ڪونه سگهيس!.....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com