سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :2

تخليق، تنقيد ۽ تحقيق

تخليق، تنقيد ۽ تحقيق علم و ادب جا اهم موضوع آهن، الڳ الڳ صنفن هجڻ جي باوجود سندن هڪٻئي سان گهرو تعلق آهي. تخليق ڪندڙ تنقيد ذريعي ئي سٺا نتيجا اخذ ڪري سگهندو. تنقيد لاءِ وري تحقيق ضروري عمل آهي. تحقيق ۾ تخليق ۽ تنقيد شامل هجڻ ڪري تخليقڪار ۽ نقاد ئي سٺو تحقيقڪار ٿي سگهي ٿو. انڪري انهن ٽنهي صنفن جو پاڻ ۾ ايترو ته گهرو تعلق آهي، جو انهن مان ڪنهن هڪ جي نه هجڻ سان، اها تحرير ٻُسي لڳندي ۽ خاطرخواهه نتيجا به اخذ نه ٿي سگهندا.

تخليق:

انسان جي اُڌمن ۽ جذبن جي اظهار جو نالو تخليق آهي. تخليقي ادب انساني زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو. (روز بروز) بدلجندڙ معاشري جي ضرورتن کي محسوس ڪندي اديب، شاعر ۽ صحافي انسان جي اهنجن ۽ آرامن، ڏکن ۽ سکن جي عڪاسي ڪن ٿا، جنهن کي تخليق چئجي ٿو، ڪنهن خاص اتساهه ۽ الهامي اثرن وارو ئي تخليقڪار هوندو آهي. انهيءَ ڪري علم و ادب ۾ تخليق کي اصل يا طبعزاد Original حيثيت حاصل آهي.

تنقيد:

ادب ۾ کوٽي ۽ کري جي ڇنڊڇاڻ کي تنقيد چيو ويندو آهي، ڪن حالتن ۾ تنقيد ڪڏهن ذاتي تنقيد يعني نڪته چيني ۽ ڪڏهن صرف ساراهه يعني تعريف جو رنگ اختيار ڪري ويندي آهي. ان عمل سان تنقيد غيرجانبدار نه رهي سگهندي آهي. ڊاڪٽر عبادت بريلوي لکي ٿو ته: ”تنقيد جي لغوي معنيٰ آهي ”پرکڻ“ يا چڱي ۽ مٺي ۾ سنڌ وسيڙهو ڪرڻ ۽ اصطلاح ۾ خوبين ۽ خامين جو صحيح اندازو ڪري ڪو رايو قائم ڪرڻ کي تنقيد چئجي ٿو.“ نقاد لاءِ ضروري آهي ته کيس نه صرف ديسي صنفن بابت ڄاڻ هجي پر کيس ٻين ٻولين جي مختلف صنفن بابت پڻ خاصي معلومات هجڻ لازمي آهي.

تحقيق:

تحقيق سچائيءَ سان ڪنهن ڪم جو خبرداريءَ سان ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ شهادتن جي آڌار تي تصديق ڪري انجام تي پهچڻ جو نالو تحقيق آهي. محقق جو دائرو گهڻو وسيع ٿئي ٿو کيس بحر مان موتي ميڙي، انهن جي پرک ڪري ڪي نتيجا ڪڍڻا پون ٿا جنهن کي تحقيق سڏجي ٿو.

تحقيق علم جي واڌاري، ان جي روزافزون نشونما ۽ بهتري، پنهنجي ماحول سان مؤثر نموني لاڳاپيل رهڻ، مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ جو نهايت اهم وسيلو آهي.

تحقيق، هن حقيقت کان پوريءَ ريت باخبر آهي ته جنهن دنيا ۾ اسان رهون ٿا تنهن جي مظاهر ۾ اٽوٽ لاڳاپا موجود آهن، تحقيق انهن حالتن کي ڳولي لهڻ واسطي ڄڻ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو آهي، جن تحت ڪابه تحقيق ڪري ڪانه ٿي سگهجي، پر ظاهر ۾ اُهي حالتون ائين نظر اينديون آهن جو ڀانئبو آهي ته منجهن تحقيق ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي.

ڪتاب ]شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو[  تان ورتل

ناسف علي شيراز

 

              (قسط -1)

 

 

 

 

سنڌي گرامر، پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جو تاريخي اڀياس

 

گرامر، پهاڪا، چوڻيون، اصطلاح ۽ محاورا اسان جي روزمره زندگيءَ جو هڪ حصو آهن. جن کي اسين هر روز ڳالهائڻ ۾ استعمال ڪريون ٿا. انهن جو صحيح استعمال ٻوليءَ کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائي ٿو. هڪ ماهر ٻولي دان ئي آهي جيڪو اسان کي ويا ڪرڻ يا اصطلاحن جي صحيح استعمال ڪرڻ جو طريقو ۽ انجا اصول سمجهائي ٿو ته، جيئن اسين ٻوليءَ کي وڌيڪ اثرائتي ۽ مانائتي طور پيش ڪري سگهون. ان کان علاوه ٻولي دان انهن شين کي سمجهائڻ لاءِ ڪتاب پڻ لکي ٿو ته جيئن شاگردن کانسواءِ هڪ عام ماڻهو به انهن کي بهتر طور ۽ آسانيءَ سان سمجهي سگهي. سنڌ اندر وياڪرڻ، پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جا ڪتاب ڪڏهن کان لکيا ويا، انهن جي اوسر متعلق هن مقالي ۾ ڪجهه ويچار پيش ڪجن ٿا.

(الف) سنڌي گرامر يا ويا ڪرڻ (Sindhi Grammar):

لسانيات جو علم هڪ سائنسي علم آهي، جنهن ۾ لسانيات جي وياڪرڻي اصولن کي مد نظر رکي ان ٻولي جو جائزو سائنسي بنيادن تي ڪيو وڃي ٿو. سنڌي وياڪرڻي اصولن بابت سڀ کان پهريائين انگريز عالمن ڪم ڪيو. جنهن کان پوءِ، سنڌي عالمن شروعات ڪئي، جن اڳتي هلي سنڌي لسانيات جي علم ۾ چڱو واڌارو آندو. اوڻويهين، ويهين ۽ ايڪويهين صدي عيسوي ۾، سنڌي گرامر يا ويا ڪرڻ جي اوسر، سنڌي عالمن جي لکيل عربي فارسي صرف و نحو جي ڪتابن ۽ انگريز عالمن جي لکيل تقابلي گرامر جي ڪتابن جو تفصيلي ذڪر هيٺ پيش ڪجي ٿو.

- اوڻويهين صدي عيسويُ ۾ سنڌي گرامر جي اوسر (1800- 1899ع):

اوڻويهن صديءَ ۾ سنڌ جي فتح کان اڳ، سنڌي گرامر بابت هڪ ڪتاب مسٽر واٿن جو لکيل آهي، جيڪو سنه 1836ع ۾ شايع ٿيو. اهو گرامر گهڻو ڪري واپارين جي سهولت خاطر لکيو ويو. جنهن کان پوءِ، ان تي مسٽر پرنسيپ جو تبصرو سنه 1837ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ جي فتح کان پوءِ، انگريز آفيسر، ڪيئپٽن اسٽيئڪ جو سنڌي گرامر 1849ع ۾ بمبئي مان شايع ٿيو. جنهن کان پوءِ، سنڌي عالمن جا به ڪجهه سنڌي گرامر جا ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ اڌارام ٿانورداس جو نالو اڳڀرو آهي. اوڻويهن صدي عيسوي ۾ سنڌي گرامر جي ڇپيل ڪتابن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا، جن ۾ سنڌي ۽ انگريز عالمن چڱو بهرو ورتو آهي.

  1. - مسٽر واٿن جو گرامر:

سنڌي ٻوليءَ جو پهريون گرامر، مشهور مستشرقين، ڊبليو- ايڇ واٿن (William Henry Wathen, d. june 28,1866) جو لکيل آهي. مسٽر واٿن کي مشرقي ٻولين تي خاصو عبور حاصل هو. کيس سال 1822ع ۾ بمبئي حڪومت جو پرشن ٽرانسليٽر مقرر ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ کيس 1835ع ۾ بمبئي حڪومت جي جنرل ڊپارٽمينٽ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو (1). هُن سال 1836ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون گرامر لکيو، جيڪو ايف- ڊي راموس، گورنمينٽ گزيٽ پريس بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن گرامر جو انتساب هن بمبئي حڪومت جي گورنر سررابرٽ گرانٽ (1779- 1838ع) ڏانهن ڪيو آهي (2). آخر ۾ هن سنڌي- انگريزي ۽ انگريزي- سنڌي لفظن جي واڪيبلري ڏني آهي، جنهن ۾ سنڌي اکر رومن- سنڌيءَ ۾ لکيل آهن. واٿن جي گرامر مان ان جي لکيل مهاڳ جو ڪجهه حصو هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ هن سنڌي گرامر لکڻ جو مقصد بيان ڪيو آهي:

The great object in view, has been to afford in the smallest compass possible, the materials for acquiring with facility a practical knowledge of the language. The Sindhi language is spoken through the whole province of sindh, and is said to be understand as far North as the Territories of Bhaval Khan, the Derajat and Multan; Eastward in Cutch, it is spoken with some slight variations, in, formation and accent. This language appears to be derived from the Sanskrit, some of its form may be traced to the pali; and it possessed considerable similarity to many of the dialects of india, which are derived from the same sources. (introductory preface: grammar of the Sindhi Language, 1836.)

واٿن، گرامر جي مهاڳ ۾ واضح لکيو آهي  ته، سنڌي زبان سنسڪرت مان نڪتل ٻولي آهي ۽ هندوستان جي گهڻين ٻولين سان سهمت رکي ٿي. جيتوڻيڪ هي تفصيلي گرامر ناهي، پر ان جي باوجود سنڌي ٻولي جو پهريون گرامر  آهي.

2. پرنسيپ ۽ راموس جا گرامر:

سنڌي ٻوليءَ جي ٻن مشهور ڀارتي محققن، ڊاڪٽر لڇمڻ مولچند خوبچنداڻيءَ ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ، سنڌي لغتن ۽ سنڌي گرامر متعلق لکيل مقالن ۾ اهو لکيو آهي ته، سنڌي ٻوليءَ جا آڳاٽا گرامر، پرنسيپ (1835ع)، راموس (1836ع) ۽ واٿن (1836ع) جا لکيل آهن (3). اصل ۾ ٻنهي صاحبن اهي داخلائون شايد، بلموريا جي ببليوگرافيءَ تان ورتيون آهن. مون ڪافي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪافي پراڻن ڪيٽلاگن ۽ ببليوگرافين ۾ جانچ ڪئي آهي، پر ڪٿي به مون کي پرنسيپ ۽ راموس جا لکيل گرامر جا ڪتاب نظر نه آيا آهن. حقيقت اها آهي ته پرنسيپ ۽ راموس جو ڪو به سنڌي گرامر لکيل ناهي.

راموس جي جنهن گرامر جو ذڪر ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ ڪيو آهي سو اصل ۾ واٿن (W.H. Wathen, d. 1866) جو لکيل گرامر آهي، جنهن کي ايف ڊي راموس، (F.D.Ramos) بمبئي مان گورنمينٽ گزيٽ پريس جي طرفان سنه 1836ع ۾ شايع ڪيو. ايف- ڊي راموس ان گرامر جو ڇپائيندڙ آهي نه ڪي لکندڙ. باقي رهيو جيمس پرنسيپ جو گرامر، ته ان متعلق پرنسيپ پنهنجي لکيل هڪ مقالي ۾ واضع لکيو آهي ته:

"I must acknowledge some asistance from Mr. Wathen's Sindhi grammer, from which i found that there was an absence of vowel- marks in the modern alphabets of the country, and hence I was not unprepared to find the same omission in the more ancient one." (4)

جيمس پرنسيپ ((James prinsep, 1799- 1840 جي مٿين بيان مان صاف لڳي ٿو ته هن سنڌي گرامر نه لکيو آهي. اگر هن جو سنڌي گرامر لکيل هجي ها ته هو ڪڏهن به ايئن نه لکي ها ته هن واٿن جي گرامر مان ڪجهه مدد ورتي آهي. اميد ته سنڌي ٻوليءَ جا يندڙ محقق ۽ لسانيات جا ماهر، پرنسيپ ۽ راموس ڏانهن سنڌي گرامر منسوب نه ڪندا.

3.پرنسيپ جو واٿن جي گرامر  تي لکيل تبصرو:

واٿن جي گرامر جي شايع ٿيڻ کان پوءِ، جيمس پرنسيپ ان تي تفصيلي ۽ تنقيدي تبصرو لکيو. اهو تبصرو، ”دي جنرل آف دي ايشئٽڪه سوسائٽي آف بنگال“ مئي- 1837ع واري پرچي ۾ A Grammar of the Sindhi Language, dedicated to the Right Honorable Sir, Robert Grant Governor of Bombay) جي نالي سان صفحي 347- 354 تي شايع ٿيو. پرنسيپ جيتوڻيڪ سنڌي گرامر جو ڪتاب ناهي لکيو، پر جنهن انداز سان واٿن جي گرامر تي اڀياس لکيو اٿس سو قابل ديد آهي. هيءُ پهريون تنقيدي مقالو آهي جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ان جي گرامر بابت لکيل آهي. گهڻن محققن هي مقالو واٿن ڏانهن منسوب ڪيو آهي، پر اصل ۾ اهو پرنسيپ جو واٿن جي گرامر تي لکيل تبصرو  آهي. واٿن جي گرامر تي هڪ ٻيو تبصرو ايشيئٽڪ جنرل ۽ منٿلي رجسٽر (1837ع) جي صفحي 299- 300 تي پڻ شايع ٿيو. جنهن جو متن هيٺ ڏجي ٿو.

A Grammar of the Sindhi Language. by W.h. Wathen, Esq, Chief Secretary to the Bombay Government. Bombay, 183.

The very exetensive command over the dialects of Western india, and their primitive stocks, possessed by Mr. Secretary Wathen, has been applied to a purpose strictly utilitarian, in the work under notice, the Sindhi Language being spoken through the whole province of Sindh, and surd to be understood as far north as the territories of bhaval khan, the derajat, and multan; it prevails westward, in cutch ciumlava, shal, mastung, and pishin; eastward, in cutch, it is spoken, with some slight variation, in formation and accent; and is used by the natives of shekarpore and multan, who are spread in colonies throughout the whole of the extensive provinces of central asia, and are the chief medium for commercial transaction in those countries; and they are to be found in russia, at astrakan, througout baluchistan and Sistan, as well as at Herat and Bokhara, where they possess considerable political influence, occasionally, with the chiefs of those countries, from their command of capital, and their frequently taking farms of the revenues.

Mr. Wathen says, that this Language appears to be derived from the sanscrit; some of its forms may be traced to the pali; and it possesses considerable similarity to many of the dialects of india, which are derived from the same sources. he observes in consequence of the opening of the river indus, by the  treaties concluded with the several powers through whose dominions that stream and its tributaries flow, tlic compiler of this work was induced to take advantages of the materials in his possession, to frame a grammar of the Sindhi, a Language which is generally spoken in the countries through which the navigation of this river must lead travellers to pass, in the hope that, as they are now laid open to the enterprize of Europeans, much advantage may be derived from a work like the present, calculated to facilitate their intercourse with the inhabitants of Sindh, and the adventurous merchants of Shekarpore and Multan. The great object in view has been to afford, in the smallest compass possible, the materials for acquiring with facility a practical knowledge of the language." (5)

4:ڪيئپٽن اسٽيئڪه جو گرامر:

سنڌي ٻوليءَ جو لکيل ٻيو تفصيلي ۽ مستند گرامر، سنڌ جي انوقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪئپٽن جارج اسٽيئڪه (وفات: ڊسمبر، 1853ع) جي ڪوشش جو نتيجو آهي. هن ڪوشش ڪئي ته سنڌي سيکارڻ لاءِ کيس ڪو سٺو استاد ملي وڃي، پر هن کي ڪو اهڙو استاد ملي نه سگهيو، جيڪو هن کي سنڌي سيکاري يا پڙهائي سگهي. هن پنهنجي سر سنڌي ٻولي جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کان هُو جيڪو ڪجهه ٻڌندو هو سو نوٽ ڪندو ويندو هو. اهڙي طرح هن سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي قائدن متعلق پنهنجو ڪتاب، 1847ع ۾ لکي پورو ڪيو. اهو گرامر پوءِ سنه 1849ع ۾ بمبئي مان شايع ٿيو. هن گرامر جو هڪ ڇاپو 2001ع ۾ نئين دهلي مان ڀاري پبليڪيشنس شايع ڪيو آهي. گرامر جي آخر ۾ پنج لوڪ آکاڻيون ۽ سورٺ راءِ ڏياچ جو قصو ڏنل آهي، جنهن ۾ ان قصي سان لاڳو 31 بيت پڻ شامل ڪيل آهن. گرامر جي مهاڳ ۾ هو لکي ٿو ته:

”مون پنهنجي ويا ڪرڻ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءُ بابت جيڪي قائدا ڏنا آهن، اهي سموري سنڌ جي ٻولي سان لاڳو ٿين ٿا. جتي جتي سنڌي اپڀاشائن جا ڪجهه تفاوت آهن، اتي انهن طرف فوٽ نوٽس ۾ ڌيان ڇڪايو اٿم. مون کي ڏيهي سنڌي عالمن جون اهڙيون ڪي به تصنيفون هٿ نه اچي سگهيون آهن، جن تان ٿوري گهڻي ڄاڻ حاصل ٿئيم. انڪري سنڌي ٻولي جي ويا ڪرڻي بيهڪه بابت جيڪي مون قاعدا ڏنا آهن‘ اهي سڀ مون پاڻ سنڌين جي گفتگو ٻڌي جوڙيا آهن. مون کي هڪ به اهڙو سنڌي نه مليو آهي، جنهن کي پنهنجي مادري زبان جي ويا ڪرڻ جي نيمن جي ذري به ڄاڻ هجي. مون ئي سنڌين جو سندن مادري زبان سنڌي جي خاصيتن طرف ڌيان پئي ڇڪايو آهي. تعليم حاصل ڪيل سنڌي پڻ پنهنجي ٻولي جي اڀياس طرف ڌيان نٿا ڏين. مسلمان عربي ۽ فارسي جي تعليم ٿا وٺن. ٻئي طرف سنڌي هندو وري فارسي يا پنجابي ۽ هندي جو اڀياس ٿا ڪن. اها ٻولي جيڪا هو پنهنجي ماءُ جي ٿج پيئندي سکيا هئا، انهي مادري زبان کي هو فقط مسخرن جي لائق ٿا سمجهن. انهي هوندي پڻ مون کي پوري خاطري آهي ته ٻولي جي ماهرن لاءِ ئي هندستان جي ٻين گهڻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس وڌيڪه دلچسپ ثابت ٿيندو.“ (6)

اسٽيئڪه پنهنجي گرامر ۾ سنڌي ٻولي متعلق جيڪي نظريا ۽ قائدا پيش ڪيا آهن سي اڄ به ايترا ئي اهم ۽ قيمتي آهن، جيترا اڳ هئا. پوءِ جي عالمن انهن ئي قائدن کي پيش نظر رکي آئينده لاءِ سنڌي گرامر جا ڪتاب جوڙيا.

5:- رچرڊ برٽن جو لکيل جتڪي ٻولي جو گرامر:

ساڳئي وقت سنڌ سروي ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ سر رچرڊ برٽن، سنڌي ٻولي جي محاوري، جتڪي ٻولي جو گرامر لکيو. جيڪو ”اي گرامر آف دي جتڪي اور بلوچڪي ڊائيليڪٽ“ جي نالي سان رسالي جنرل آف دي بامبي برانچ آف دي رائل ايشيئٽڪه سوسائٽي جي جنوري 1849ع جي پرچي ۾ صفحي 84 کان 125 تي شايع ٿيو. رچرڊ برٽن نهايت تفصيل سان مثالن ذريعي جتڪي ٻولي جو گرامر سمجهايو آهي. ان کان علاوه، جتڪي ٻولي جي اوسر ۽ ان جي علم و ادب بابت پڻ معلومات ڏني آهي.

6:منشي اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي (1833- 1883ع):

اوائلي سنڌي نثر جي اوثر ۾ جن سنڌي اديبن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، تن ۾ منشي  اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي (1833- 1883ع) جو نالو نهايت اهميت وارو آهي. هي صاحب حيدرآباد سنڌ جو رهواسي هو. سنڌيءَ سان گڏ انگريزي جو پڻ چڱو اڀياس ڪيو هئائين. جنهنڪري کيس جلد ئي ڪمشنر جي آفيس ۾ سنڌي ترجمان Sindhi Translator جي نوڪري ملي ويئي. اوائلي دور جا ڪيترائي درسي ڪتاب سندس لکيل آهن، جن جي ٻولي صاف سلوڻي ۽ نج گهُرو لفظن سان سينگاريل آهي. هن صاحب اوائلي قصن (دودو چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ، سسئي پنهون، ڪامسين ڪامروپ وغيره) کي شايع ڪرڻ ۾ پڻ موثر ڪردار ادا ڪيو (7). منشي اڌارام ٿانورداس، پهريون سنڌي عالم آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر لکيو. هي ڪتاب، هن ڪمشنر سنڌ، مسٽر فريئر جي خواهش تي لکيو، جيڪو ”سنڌي گرامر: يعني سنڌي زبان جي صرف و  نحو جا قائدا“ جي نالي سان ڪوٽڙي سنڌ مان سنه 1857ع ۾ شايع ٿيو (8) ڪتاب ۾ منشي اڌارام ٿانورداس سنڌي زبان جي صرف نحو جي قاعدن جو تفصيل سان بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ عربي ۽ فارسي صرف و نحو ۾ ڪم ايندڙ اصطلاح ڪم آندل آهن. هن گرامر جو قاعدن جو تفصيل سان بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ عربي ۽ فارسي صرف و نحو ۾ ڪم ايندڙ اصطلاح ڪم آندل آهن. هن گرامر جو ٽيون ڇاپو وڌايل ۽ سڌاريل صورت ۾ 1868ع ۾ شايع ٿيو (9). هڪ ٻيو وڌايل ڇاپو 1877ع ۾ شايع ٿيو (10). چوٿون ڇاپو 1870ع ۾ ۽ پنجون ڇاپو 1886ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو (11) هن ڪتاب جو ڇهون ڇاپو، ”سنڌي ويا ڪرڻ“ جي نالي سان 1889ع ۾ سنڌ گزيٽ ۽ ڪمرشل پريس ڪراچيءَ مان شايع ٿيو (12) منشي اڌارام ٿانورداس، ”هندو- سنڌي ويا ڪرڻ“ جي نالي سان پڻ ڪتاب لکيو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ڪراچيءَ مان سنه 1889ع ۾ کوجا- سنڌي لپيءَ ۾ شايع ٿيو (13).

7:ميون محمد حيدرآبادي ۽ منشي پرڀاداس آنندرام رامچنداڻي:

منشي اڌارام ٿانورداس جي گرامر کان پوءِ، منشي پرڀاداس آنندرام رامچنداڻي ۽ ميون محمد حيدرآباديءَ جو جوڙيل گرامر، ”سنڌي صرف ۽ نحو“، گورنمنٽ آف انڊيا، سنه. 1860ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. ڪتاب جو مولف، ميون محمد حيدرآبادي، فقير جي پڙ واري سنڌي اسڪول جو هيڊماستر هو. هو فارسي ۽ عربيءَ جو چڱو ڄاڻو هو. سربارٽل فريئر جي خواهش تي هن سنڌي صرف و نحو جو مٿيون ڪتاب جوڙيو، جنهن جي تياريءَ ۾ هن جي مدد انگريزي اسڪول جي اسسٽنٽ ماستر ديوان پرڀاداس آنندرام ڪئي. هي ڪتاب وڏن اسڪول شاگردن ۽ استادن لاءِ لکيو ويو، ته جيئن هو سنڌي گرامر آسانيءَ سان سمجهي سگهن. مولف ڪتاب نهايت ئي سليس انداز ۾ لکيو آهي جنهن ۾ سنڌي گرامر جا اصول گهڻي وضاحت سان بيان ڪيل آهن. ڪتاب جي ٻولي صاف ۽ سليس انداز ۾ لکيل آهي، گهڻا نج سنڌي اکر ڪم آيل آهن. هر لفظ تي اعرابون پوري طرح ڏنل آهن ۽ صورتخطي پڻ صاف چٽي لکيل آهي. ڪتاب عربي ۽ فارسي صرف ونحو جي اصولن هيٺ ٺهيل آهي (14).

ڪتاب جي تيار ٿيڻ بعد، انوقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر ميجر گولڊ سمڊ، جيڪو سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر به هو، تنهن يورپي شاگردن جي مطالع ۽ سهولت لاءِ، هن جو اختصار انگريزيءَ ۾ لکيو، جيڪو گرامر جي آخر ۾ ڏنل آهي. ان کان علاوه، ڪتاب جو مهاڳ (preface) به انگريزيءَ ۾ ايف جي گولڊسمڊ (1908- 1818، (Frederick John), Sir. (Goldsmid,F.J جو لکيل آهي (15). ڪن ڪتابن ۾ هي ڪتاب گولڊ سمڊ ڏانهن منسوب ٿيل آهي، جيڪا صحيح حقيقت ناهي.

8.ايل- ڊبليو سيمور (L.W.Seymour):

ميون محمد حيدرآبادي جي سنڌي گرامر کان پوءِ، هڪ ٻئي انگريز عالم، (Lionel William Seymour) پڻ سنڌي گرامر جو ڪتاب (A Grammar of the Sindhi language) جي نالي سان لکيو. هي ڪتاب، مصنف ڪمشنر پريس ڪراچيءَ مان سال  1884ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو (16). هن ڪتاب متعلق وڌيڪ معلومات ملي نه سگهي.

9:جهمٽمل نارومل واسڻاڻي:

هڪ ٻئي سنڌي عالم، جهمٽمل نارومل واسڻاڻي جو ويئتپتي ڪوش کانسواءِ، گرامر جو ڪتاب پڻ لکيل آهي. هي ڪتاب، ”سنڌي ٻوليءَ جو نئون وياڪرڻ“ جي نالي سان ڪراچيءَ مان سال 1892ع ۾ شايع ٿيو (17). حڪومت هن ڪتاب کي حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن ۽ هاءِ اسڪول جي وڏن ڪلاسن لاءِ منظور ڪيو. هن ۾ سنڌي گرامر جا اصول وضاحت سان بيان ڪيل آهن. جهمٽمل نارومل واسڻاڻي، سرڪاري هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ فرسٽ اسسٽنٽ ماستر جي عهدي تي مقرر هو. جتان پوءِ، سرڪاري بڪه ڊپو جو ڪوريٽر مقرر ٿيو ۽ اتائين ئي سنه 1902ع ۾ پينشن تي لٿو (18). هن کي سنڌي، پارسي ۽ سنسڪرت ٻولين جي ويا ڪرڻ ۽ لفظن جي ڌاتن جي خاصي ڄاڻ حاصل هئي. اهوئي سبب آهي جو هن سنڌي گرامر ۾ انهن اصولن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، ۽ انهن متعلق وضاحت ڪندي لکيو اٿس ته:

”هندوستاني لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته، سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ۽ صرف و نحو جا قائدا سنسڪرت سان گهڻي حد تائين ميل کائن ٿا. انهن قاعدن کي ڄاڻڻ سان نه صرف ٻوليءَ جي اصل ماخذات  جي خبر پوي ٿي، پر ان سان گڏ انهن جي صوتي اثرات، صرفي ۽ نحوي بناوٽ، اعرابن  جي مٽ سٽ، ۽ اچارن ۽ ورجيسين جي صحيح ۽ غلط استعمال جي خبر پئجي سگهي ٿي.“ (19)

هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ ۾ مصنف کي پنجن سالن جو عرصو لڳو، جنهن ۾ هن کي مختلف سنسڪرت جي گرامر جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻو پيو. هن ڪتاب بابت، پروفيسر علي نواز جتوئي ( 1914- 1996ع) لکي ٿو ته:

”هن گرامر جي هڪ خوبي هيءَ آهي ته سنڌيءَ ۾ لکيل هن گرامر ۾ سنسڪرت گرامر جا مخصوص اصطلاح عربي گرامر جي اصطلاحن سان گڏ ڪم آندا ويا آهن. جا ڳالهه سنڌي ٻوليءَ تي کوجنا ڪندڙن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندي. هن ڪتاب ۾ مصنف سنڌي ٻوليءَ جي ويا ڪرڻ، لفظن جي ڌاتن، انهن جي تاريخ ۽ انوقت استعمال ٿيندڙ سنڌيءَ ٻوليءَ تي تفصيلي معلومات ڏني آهي.“ (20)

گرامر جو هي ڪتاب جيتوڻيڪ سنسڪرت ٻولي جي وياڪرڻي اصولن مطابق ٺاهيو ويو آهي، پر ان سان گڏ عربي اصطلاح پڻ ڏنل آهن. هن کي سنڌي ٻولي جو پهريون مڪمل گرامر چئي سگهجي ٿو

10. سنڌي مينيول:

دور ۾ گرامر کان علاوه، سنڌي عالمن، سنڌي انگريزي ۽ انگريزي- سنڌيءَ ۾ ڪجهه مينيول پڻ لکيا ته جيئن يورپي آفيسر ۽ مشينري جلدي کان جلدي سنڌي ٻولي سکي سگهن ۽ سنڌي وري انگريزي ٻوليءَ جي ڄاڻ حاصل ڪن. ان ڏس ۾ پهريون اينگلو ورنيڪيولر ڪتاب منشي اڌارام ٿانورداس لکيو. هي ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي شاگردن لاءِ ”مفيدالطالبين“، جي نالي سان ڪراچيءَ مان 1861ع ۾ شايع ٿيو (21). منشي اڌارام هي ڪتاب مسٽر گولڊ سمڊ جي حڪم تي ٺاهيو، جنهن ۾ تصويرن ذريعي گرامر جا قائدا، آسان سنڌي ڪهاڻيون ۽ دوسا ڀائي جي جملن کي سڌاري لکيو آهي. منشي اڌارام ٿانورداس جي ڪتاب کان پوءِ، چٽرڀڄ لالچند اوجها ۽ اڌنمل سترامداس سداڻيءَ گڏجي انگريزي- سنڌي مشق جو ڪتابTranslation Exercises Anglo- Sindhi))ڪراچيءَ مان 1883ع ۾ ڇپايو (22). هن ڪتاب جو ڀاڱو- 2، سکر سنڌ مان سال 1906ع ۾ شايع ٿيو. (23). هن ڪتاب جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا شايع ٿيا. سال 1883ع ۾ اميد علي ڪريم محمد ۽ علي قلي فريدون بيگ مرزا (و: 1904ع) جو تيار ڪيل مينيول.

(A Manual of Anglo- Vernacular for Sindhi Students, with

ڪمرشل پريس ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو (24). هن ۾ مشقن کان علاوه، گرامر پڻ ڏنل آهي. سنه 1901ع ۾ يورپين جنرل لائبرري حيدرآباد سنڌ جي لائبررين، مسٽر بولچند ڊولامل انگريز آفيسرن ۽ مشنيرين کي سنڌي سيکارڻ لاءِ سنڌيءَ ۾A Manual of Sindhi for the European Officers, Missionaries and Others, Studying the Sindhi language.

نالي سان مينيول لکيو. هن مينيول جو پهريون پارٽ حيدرآباد سنڌ مان سنڌ جووينيل سوسائٽي ڇپائي پڌرو ڪيو (25). مهاڳ ۾ مولف انگريز آفيسرن جا ٿورا مڃيا آهن جن کيس مينيول لکڻ ۾ مدد ڪئي. هن مينيول کي محمد ابراهيم جويي صاحب ٻيهر سڌاري لکيو آهي، جيڪو سنڌي لينگئيج اٿارٽي سال 2003ع ۾ ڇاپايو آهي.

11.ويهين صدي عيسويءَ جي پهرين اڌ ۾ لکيل گرامر جا ڪتاب (1900- 1947ع):

ويهين صدي جي شروعاتي اڌ ۾ سنڌي وياڪرڻ بابت چڱا ڪتاب لکيا ويا آهن، جن ۾ سنڌ جي هندو عالمن جو وڏو هٿ آهي. انهن ۾ ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي، ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي ۽ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جا نالا اهميت جوڳا آهن. هن ئي دور ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ نيوزيلينڊ جي مشنري چارلس هيسڪل پڻ سنڌي گرامر جا ڪتاب لکيا. انهن عالمن جي لکيل سنڌي گرامر جي ڪتاب جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:

1.ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي ۽ ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي جو سنڌي گرامر:

سنڌ جي هندو عالمن، سنڌي ٻولي جي گهڻي سار سنڀال ڪئي آهي ۽ علم و ادب جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ موکيو آهي. ويهين صدي جي شروعاتي ڪوارٽر ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد سنڌ جي استاد ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي ۽ تعليمي کاتي جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر، ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي جا لکيل گرامر گهڻي اهميت رکن ٿا. ڏيارام وسڻ مل سنه 1904ع ۾ ”سنڌي گرامر“ جي نالي سان ڪتاب لکيو، جيڪو حيدرآباد سنڌ مان شايع ٿيو (26). ان کان پوءِ، سنه 1914ع ۾ ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻيءَ ۽ ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻيءَ گڏجي اسڪول شاگردن لاءِ، ”سنڌي وياڪرڻ ڀاڱو پهريون“ لکيو. جڏهن ته ڀاڱو- 2 حيدرآباد سنڌ مان سال 1915ع ۾ شايع ڪيو. ڀاڱي پهرين جو هڪ ٻيو ڇاپو، مصنفن ڪراچيءَ مان 1919ع ۾ ڇپايو، جڏهن ته ٻيو ڀاڱو ڇاپو ٽيون ڪراچيءَ مان 1920ع ۾ شايع ٿيو. ٻنهي صاحبن ”سليس سنڌي گرامر“ جي نالي سان هڪ ڇاپو 1928ع ۾ حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو (27). هن گرامر جو هڪ ڇاپو (ڀاڱو پهريون، 1943ع ۾ ۽ ڀاڱو ٻيو، 1945ع) ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو (28). خوبچنداڻيءَ جي لکت موجب اهي گرامر سنڌي ٻوليءَ جا مستند گرامر آهن. هن ڪتاب ۾ گرامر جي قاعدن ۽ قانونن کي عام فهم ٻولي ۾ سمجهايو ويو آهي. محترمه شازيه پتافي لکي ٿي ته، ”ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻيءَ ۽ ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي پهريون دفعو سنڌي گرامر ۾ بيهڪ جي نشانين (Punctuation Marks) تي هڪ باب لکي انهن جي اهميت کي بيان ڪيو آهي“ (سنڌي ٻولي ۾ گرامر نويسي جي ارتقا، ص/ 78- 79). اسڪولي شاگردن لاءِ لکيل هي سنڌي گرامر به اڳين عالمن جي لکيل گرامر جي بنيادي اصولن مطابق لکيل آهي.

2.مرزا قليچ بيگ جو سنڌي ويا ڪرڻ:

ويهين صدي جي ٻي چوٿائي جي شروعات ۾ جن عالمن سنڌي گرامر وغيره بابت ڪتاب لکيا، تن ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ مرزا قليچ بيگ جو نالو سڀني کان مٿائون آهي. انهن ٻنهي صاحبن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي سا وسارڻ جوڳي ناهي. مرزا قليچ بيگ سنڌ جي انهن اوائلي عالمن مان هو، جن کي مختلف علمن بابت بنيادي ڄاڻ حاصل هئي. هن سنڌي ٻوليءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جن ۾ ترجمن کانسواءِ، طبع زاد ڪتابن جو وڏو تعداد شامل آهي. سندس لکيل سنڌي ويا ڪرڻ اڄ تائين لسانيات جي صنف ۾ سنڌ اندر اهم ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. مرزا صاحب هي ڪتاب، حيدرآباد سنڌ مان چئن جلدن (1916- 1921ع) جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو (29). مرزا صاحب پهريون جلد چوٿين درجي لاءِ لکيو جيڪو، سنڌي گرامر ۽ زبان متعلق آهي. ٻيو جلد علم صرف و نحو بابت آهي. ٽين جلد ۾ علم املا، اشتقاق ۽ سنڌي گرامر متعلق وضاحت ڪيل آهي ۽ چوٿون جلد علم بديع ۽ علم عروض بابت آهي. سنڌي ادبي بورڊ هن گرامر جو ٻيو ڇاپو (60- 1961ع) ۾ ۽ ٽيون ڇاپو (71- 1980ع) ۾ ۽ هڪ ڇاپو 2006ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان شايع ڪيو آهي. مرزا صاحب جي هن گرامر بابت ڊاڪٽر هدايت پريم لکي ٿو ته:

”مرزا صاحب ارنسٽ ٽرمپ جو اڳ ڏنل نظريو ته (سنڌي ٻولي سنسڪرت ۽ پراڪرت مان نڪتل آهي) کي جيئن جو تيئن قبول ڪيو آهي ۽ سنڌي گرامر کي عربي گرامر جي سانچي ۾ ئي پيش ڪيو آهي. مرزا قليچ بيگ کي لسانيات جي علم جي بنيادي ڄاڻ هئي، سندس ڏنل رايا اڄ به گهڻي اهميت رکن ٿا.“ (سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق/ ڊاڪٽر هدايت پريم. ص- 4، انٽرنيٽ ايڊيشن)

مرزا صاحب هن گرامر کانسواءِ، ملن جي مڪتبن لاءِ به هڪ گرامر ترتيب ڏنو، جيڪو ”سليس صرف و نحو: ملن جي مڪتبن لاءِ“ جي نالي سان مرزا صاحب خود حيدرآباد شهر مان سنه 1920ع ۾ ڇپايو. (30) مرزا صاحب جو علم نحو بابت ڪتاب، ”سنڌي صرف نحو“ جي نالي سان بگومل تُلسيداس حيدرآباد شهر مان 1922ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. (31

3.ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو وڏو سنڌي وياڪرڻ:

مرزا صاحب کان علاوه، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي به سنڌ جي انهن چند اوائلي نثر نگارن مان آهي، جن جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن سنڌي ٻوليءَ جي نثر ۽ انجي اوسر ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جو جنم 1875ع ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد جي مشهور اسڪول يونين اڪيڊمي مان حاصل ڪئي  ۽ سندس دهيانت سنه 1950ع ۾ پونا ۾ ٿيو. (32) ڀيرومل سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ کانسواءِ، سنڌي گرامر به لکيو آهي. هن گرامر جو ڀاڱو پهريون مصنف، ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ جي نالي سان حيدرآباد سنڌ مان 1925ع ۾ ڇپايو، ان جو ڀاڱو ٻيو ڪراچيءَ مان 1926ع ۾ شايع ٿيو آهي (33). ڀيرومل جي هن گرامر جو ڇاپو ٽيون سال 1977ع ۾ ”سنڌي وياڪرڻ: صرف نحو“ جي نالي سان شايع ٿيو آهي (34). ڀيرومل جي هن گرامر جي ٻنهي حصن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1985ع ۾ گڏي ڇپايو آهي (35). ڀيرومل جو لکيل هي گرامر سنڌ ۾ انوقت گهڻو مشهور ٿيو ۽ اڄ تائين مستند سمجهيو وڃي ٿو.

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ مرزا قليچ بيگ جو گڏيل گرامر پڻ ڇپيل آهي. هيءُ گرامر ”ننڍڙو سنڌي وياڪرڻ جلد پهريون“ جي نالي سان ٻنهي ليکڪن ڪراچيءَ مان 1926ع ۾ شايع ڪيو. هن گرامر جو ڇاپو ٽيون حيدرآباد سنڌ مان 1928ع ۾ منظر عام تي آيو. هن گرامر جو جلد ٻيو پڻ ڇپيل آهي. ڀاڱي ٻئي جو ڇاپو ٻيون، ڪراچيءَ مان 1929ع ۾ شايع ٿيو.

4:چارلس وليم هيسڪل (Charles William Haskell, 1905- 1990) جو سنڌي گرامر:

مشنري چارلس وليم هيسڪل انگلينڊ جي شهر يارڪشائير ۾ سنه 1905ع ۾ ڄائو. شروعاتي ننڍپڻ هن ڪرائس چرچ نيوزيلينڊ ۾ گذاريو. ڪجهه وقت کان پوءِ، هن کي آل سينٽ چرچ طرفان پڙهڻ لاءِ وظيفو مليو. سکيا ختم ڪرڻ کان پوءِ، کيس ايشبرٽن جي پيرش چرچ ۾ پادري ڪري رکيو ويو. سنه 1932ع ۾ هو سنڌ جي شهر ڪراچي پهتو، جتي سندس ڪلاس فيلو ڊڪه ڪارسن به اچي مليو. جنوري 1933ع ۾ هن ايڊنا فليٽ سان شادي ڪئي. جيئن ته چرچ مشنري سوسائٽي هائي اسڪول ڪراچي جو پرنسپل مسٽر آلٽ موڪل تان واپس اچي نه سگهيو ته کيس ان جي جاءِ تي وائيس پرنسپل ۽ پوءِ پرنسپل ڪري رکيو ويو. هن عهدي تي هن نو سال ڪم ڪيو. سنه 1940ع ۾ کيس ڪراچي گرامر اسڪول جو پرنسپل ڪري رکيو ويو، جتي هن 14 سال نهايت محنت سان ڪم ڪيو ۽ گهڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. هن گرامر اسڪول ۾ رهندي ڪرڪيٽ جي راند کي به گهڻي ترقي ڏياري. آلٽ جي وڃڻ کان پوءِ، کيس سنڌ مشنري سوسائٽي جو سربراه مقرر ڪيو ويو. سنه 1955ع ۾ هيسڪل واپس نيوزيلينڊ ويو، جتي هن انڊين پادري جي جڳهه تي 14 سال پادري جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. ان کان پوءِ، هن نو سال اينجليڪن مشن بورڊ جي سيڪريٽري طور فرائض انجام ڏنا. ريٽائرمينٽ کان پوءِ به هو مختلف چرچن ۾ پادري طور ڪم ڪندو رهيو ۽ آخرڪار 85 ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1990ع ۾ پنهنجي حقيقي خالق سان وڃي مليو. (هي بايو گرافي ڪتاب: Every Tribe; NZCMS Missionaries and the Tribal Church in Lower Sindh, Pakistan, 1921- 1997. Written by Stewart Entwistle 2012. تان ورتل آهي، جيڪو سال 2012ع ۾ شايع ٿيو)

سنڌ ۾ رهڻ دوران هو سنڌي ۽ اردو ٻوليون رواني سان ڳالهائي سگهندو هو. اهوئي سبب آهي جو هن سنڌي گرامر متعلق ڪتاب لکيو، جيڪو
(
A grammar of Sindhi Language) جي نالي سان ڪراچيءَ مان سال 1942ع ۾ شايع ٿيو (36). گرامر جي لکڻ ۾ هن جرمن مشنري اسڪالر ارنسٽ ٽرمپ ۽ پادري جارج شرٽ جا ٿورا مڃيا آهن، جن جي ڪتابن مان هن سنڌي گرامر لکڻ ۾ مدد حاصل ڪئي. هن جو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب (Sinner Sind) نيوزيلينڊ مان سنه 1957ع ۾ شايع ٿيو.

مٿين عالمن جي ڪتابن کان علاوه، ويهين صدي عيسوي جي پهرين اڌ ۾ سنڌي گرامر بابت ٻين عالمن پڻ ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ماستر ڪرمچند چوهڙمل کلناڻيءَ جو ”علم عروض“ بابت مختصر ڪتاب شڪارپور سنڌ مان 1909ع ۾ شايع ٿيو. پي ايل واسواڻيءَ جو لکيل، ”علم عروض و علم بديع“ جو مجموعو، 1910ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان شايع ٿيو. ”سنڌي گرامر، صرف نحو: سوالن جوابن ۾“ شڪارپور سنڌ مان، شولداس ٿانورداس سال 1912ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ساڳئي طرز ۾ سهنجرام ٽهلرام پڻ ڪوشش ورتي ۽ سوالن جوابن سميت گرامر جو ڪتاب ساڳئي سال لکيو. اهو ڪتاب ليلارام واڌومل حيدرآباد مان ڇپايو. ڏيئونمل ڏيپچند وري سکر سنڌ مان ”وي ٽو گرامر“ نالي سان سنه 1913ع ۾ شايع ڪيو (37).

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻئي نثر نويس ۽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي روح روان، محمد صديق ميمڻ جو مضمون نويسيءَ متعلق ڪتاب ڇپيل آهي، اها تصنيف، محمد صديق ميمڻ ۽ جڳتراءِ ايسرداس شوداساڻي جي گڏيل ڪوشش آهي. هي ڪتاب ”مضمون نويسي“ جي نالي سان، هريسنگ سنز سال 1927ع ۾ سکر مان شايع ڪيو. ساڳئي سال يعني 1927ع ۾ محمد ابراهيم محمد قاسم، ”سليس سنڌي گرامر“ جو ڪتاب مرتب ڪيو، جنهن کي پوڪرداس ٿانورداس، شڪارپور سنڌ مان ڇپائي پڌرو ڪيو (38). فتحچند ڪوڏومل واسواڻيءَ ورنيڪيولر فائنل جي امتحان لاءِ، ”ورنيڪيولر فائنل ۽ انگريزي ٽئين درجي جي سنڌي لاءِ رهبر“ حيدرآباد مان 1928ع ۾ شايع ڪيو (39). نرملداس ۽ رنگواڻيءَ جي گڏيل ڪوشش، ”سليس سنڌي وياڪرڻ“ 1929ع ۾ شايع ٿيو. نواب شاهه سنڌ مان 1930ع ۾ چوهڙمل موهنداس ۽ تولا رام پارومل گڏجي، ”سولو سنڌي گرامر“ ڇپايو (40).

سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي نثر نويس، محمد صديق مسافر جو پڻ سنڌي گرامر لکيل آهي. هن گرامر جو ڀاڱو ٻيو، حيدرآباد سنڌ مان، محمد صديق مسافر ۽ لڇمڻ ايم سکراڻيءَ سنه 1937ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو (41). هن گرامر جو پهريون ڀاڱو به ڇپيل آهي، پر ان متعلق ڄاڻ ملي نه سگهي. پاڪستان قائم ٿيڻ واري سال، يعني 1947ع ۾ سکر سنڌ مان، ڪي. ايس ناگپال ۽ ڊي پرسواڻيءَ جي گڏيل ڪوشش سان ”سنڌي گرامر“ ڇپيو (42). آغا تاج محمد جو لکيل گرامر، ”نئون سنڌي گرامر“ ٽن جلدن ۾ ڪراچيءَ مان سنه 1947ع ۾ شايع ٿيو (43).

حوالا

  1. دي ڪورٽ جرنل: گزيٽ آف دي فيشن ايبل ورلڊ (جنوري- ڊسمبر، 1835ع). لنڊن: پرنٽيڊ فار هينري ڪولبرن. (ڇنڇر نومبر، 14، 1835ع، ص- 727

  2. ورلڊ ڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (OCLC: 20216811)

  3. لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي/ گراميٽيڪل لٽريچر: سنڌي. انسائڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر، واليوم- 2، (1988ع)، ص- 1493، ڪالم- 1

  4. جيمس پرنسيپ/ (The Lagends of the Saurashtra Group of Coins deciphered) دي جنرل آف دي ايشيئٽڪ سوسائٽي آف بنگال، واليوم- 6، پارٽ- 1، (جنوري- جون، 1837ع)، ص- 379.

  5. دي ايشيئٽڪ جنرل اينڊ منٿلي رجسٽر فاربرٽش اينڊ فارن انڊيا چائنا اينڊ آسٽريليا. واليوم- 23، نيو سيريز، مئي- آگسٽ، 1837ع، ص:299- 300

  6.  ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي/ سنڌي لغت نويسي جي تاريخ. مهراڻ 4/ 2000، ۾ ڇپيل مقالي جي ص- 55 تان ورتل آهي

  7. محمد صديق ميمڻ/ سنڌ جي ادبي تاريخ. ڇاپو- چوٿون. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو، (2000ع)، انٽرنيٽ ايڊيشن: سنڌي ادبي بورڊ جي آن لائين لائبرري، ص- 18.

  8. جي- ايف بلمهارڊٿ/ ڪيٽلاگس آف دي هندي، پنجابي، سنڌي، اينڊ پشتو پرنٽيڊ بڪس ان دي لائبرري آف دي برٽش ميوزم. لنڊن: لانگمئن گرين اينڊ ڪمپني، (1893ع)، ڪالم- 15

  9. ساڳيو، ڪتاب نمبر (14164. C.2

  10. برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو، سيلف مارڪ: (4) (VT. 1672

  11. برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (چوٿون ڇاپو، شيلف مارڪه: (2) (VT. 1671، (پنجون ڇاپو، شيلف مارڪ: (5) (VT. 1675

  12. برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (ڇاپو ڇهون، شيلف مارڪه: (2) (VT. 1675

  13. آن لائين  ڪيٽلاگ، شڪاگو يونيورسٽي: برٽش لائبرري اوريئنٽل انڊيا آفيس ڪليڪشن، هولڊنگ آف نائينٽينٽ سينچري انڊين پبليڪشنس. (رڪارڊ نمبر: 49363)

  14. (منشي اڌارام ٿانورداس ۽ ميون محمد حيدرآباديءَ جو احوال، محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب، سنڌي ادب جي تاريخ تان ورتل آهي، ص- 18)

  15. جي- ايرف بلمهارڊٿ/ ڪيٽلاگس آف دي هندي، پنجابي،  سنڌي، اينڊ پشتو پرنٽيڊ بڪس ان دي لائبرري آف دي برٽش ميوزم. لنڊن: لانگمئن گرين اينڊ ڪمپني، (1893ع)، ڪالم 9 ۽ 10 (شيلف مارڪ: 7. 14164. C)

  16. برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪه: (V 4078

  17. برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪه: (14164.c.21

  18. ڊاڪٽر هدايت پريم/ سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق. ڇاپو- 1. سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، (2007ع)، انٽرنيٽ ا:ڊيشن: سنڌي ادبي بورڊ جي آن لائين لائبرري، ص- 4

  19. ساڳيو

  20. ساڳيو

  21. جي- ايف بلمهارڊٽ/ ڪيٽلاگس آف دي هندي، پنجابي، سنڌي، اينڊ پشتو پرنٽيڊبڪس ان دي لائبرري آف دي برٽش ميوزم. لنڊن: لانگمئن گرين اينڊ ڪمپني، (1893ع)، ڪالم- 15

  22. ساڳيو، ڪالم- 5

  23. ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ/ 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو (قسط- 10) ٽه ماهي مهراڻ: (سرءُ 2005ع، جولاءِ- سيپٽمبر)، سنڌي ادبي بورڊ. (ڪتاب نمبر- 21، ص- 62)

  24. برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ: (14164.c.5

  25. برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ: (Oriental Collections 14164.c. 43

  26. ڊي- پي- پٽنائڪ/ انڊين لينگويجيز ببليوگرافي آف گرامرس، ڊڪشنريز اينڊ ٽيچنگ مٽيريل. نيو دهلي: ايڊيوڪيشنل ريسورس سينٽر، (1973ع)، ص- 88، ڪالم-1

  27. ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ/ 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو (قسط- 10). ٽه ماهي مهراڻ: (سرءُ 2005ع، جولاءِ- سيپٽمبر)، سنڌي ادبي بورڊ. (ڪتاب نمبر- 123، ص- 68)، (ڪتاب نمبر- 133، ص- 69) (ڪتاب نمبر- 178، ص- 72)، (ڪتاب نمبر- 193، ص- 73)، (ڪتاب نمبر- 383، ص- 85).

  28. لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي/ گراميٽيڪل لٽريچر: سنڌي. انسائڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر، واليوم- 2، (1988ع)، ص- 1493، ڪالم- 2

  29. ساڳيو. ص- 1493، ڪالم- 2

  30. ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ/ 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو (قسط- 10). ٽه ماهي مهراڻ: (سرءُ 2005ع، جولاءِ- سيپٽمبر). (ڪتاب نمبر- 191، ص- 72).

  31. ساڳيو، (ڪتاب نمبر- 226، ص- 74).

  32. ڊاڪٽر هدايت پريم/ سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق. ڇاپو- 1. سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، (2007ع)، انٽرنيٽ ايڊيشن: سنڌي ادبي بورڊ جي آن لائين لائبرري، ص- 5

  33. ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ/ 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو (قسطه- 10). ٽه ماهي مهراڻ: (سرءُ 2005ع، جولاءِ- سيپٽمبر)، سنڌي ادبي بورڊ. (ڪتاب نمبر- 287، ص- 79)، ڪتاب نمبر- 288، ص- 79)

  34. برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ: (SAC. 1996. a. 5259

  35. ورلڊڪيٽ آن لائين ڪيٽلاگ (Accession No: OCLC: 22275206)

  36. لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي/ گراميٽيڪل لٽريچر: سنڌي. انسائڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر، واليوم- 2، (1988ع)، ص- 1493

  37. ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ/ 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو (قسط- 10). ٽه ماهي مهراڻ: (سرءُ 2005ع، جولاءِ- سيپٽمبر)، سنڌي ادبي بورڊ. (ڪتاب نمبر- 41، ص- 63)، (ڪتاب نمبر- 56، ص- 64)، (ڪتاب نمبر- 78،ص - 66)، (ڪتاب نمبر- 80، ص- 66)، (ڪتاب نمبر- 114، ص- 68)

  38. ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ/ 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتاب جو جائزو (قسط- 10). ٽه ماهي مهراڻ: (سرءُ 2005ع، جولاءِ- سيپٽمبر)، سنڌي ادبي بورڊ. (ڪتاب نمبر- 323، ص- 81)، (ڪتاب نمبر- 385، ص- 85)، (ڪتاب نمبر- 408، ص- 87)، (ڪتاب نمبر- 351، ص- 83)، (ڪتاب نمبر- 345، ص- 83).

  39. برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ: (Sind. B. 1070

  40. ڊي- پي - پٽنائڪ/ اندين لينگويجيز ببليوگرافي آف گرامرس، ڊڪشنريز اينڊ ٽيچنگ مٽيريل. نيودهلي: ايڊيوڪيشنل ريسورس سينٽر، (1973ع)، ص- 87، ڪالم- 1

  41. برٽش لائبرري انٽيگريٽيڊ آن لائين ڪيٽلاگ، (شيلف مارڪ: (Sind. B. 1416

  42. پٽنائڪ، ڊي- پي/ انڊين لينگويجيز ببليوگرافي آف گرامرس، ڊڪشنريز اينڊ ٽيچنگ مٽيريل. نيو دهلي: ايڊيوڪيشنل ريسورس سينٽر، (1973ع)، ص- 88، ڪالم- 1

  43. خوبچنداڻي، لڇمڻ مولچند/ سنڌي، ببليوگرافي. ڪتاب: ڪرنٽ ٽرينڊس ان لنگئسٽڪ: لنگئسٽڪ ان سائوٿ ايشيا واليو- 05 مصنف. ٿامس ايلبرٽ سيبڪه. مولٽن، 1976ع، ص- 221

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com