سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :4

آزاد قاضي

 

مهراڻ: اوائلي دور (1946ع) مختصر جائزو

 

سنڌ جي علم و ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ اشاعت جا 67 سال پورا ڪندڙ، معياري تحقيقي رسالو ٽه ماهي مهراڻ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ ناغي پوڻ جي، لڳاتار نڪرڻ جو رڪارڊ رکي ٿو. جنهن جي اشاعت تخليق، ترجمي توڙي تحقيق واري رجحان کي نه رڳو هٿي ڏني، پر ان کي وڌائڻ ويجهائڻ واري عمل ۾ اڳ کان اڳرو پئي رهيو آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته سنڌي ادب ۾ جديد فڪشن يعني ڪهاڻيءَ جي فن ۽ فڪر توڙي شعري صنفن جي ڏانءُ کي ترويج ڏياري، پڪو ۽ پختو ڪرڻ، مضمون ۽ مقالن لاءِ ميدان هموار ڪرڻ، نئين سنڌ جي تاريخ تي جديد انداز سان تحقيق ڪرڻ ۽ ان جي اوائلي ماخذن کي سوڌي سنواري پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو ڪم صرف ۽ صرف ٽه ماهي مهراڻ سرانجام ڏنو آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو.

چوندا آهن ته وڏن وڏن شاهڪار ڪمن جي شروعات بنهه مختصر ڪارڪردگيءَ سان ٿيندي آهي. دنيا، پاڪستان ۽ سنڌ اندر اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن، اهڙوئي هڪڙو مثال سنڌي ادبي بورڊ پاران ستهٺ سالن کان اعليٰ معيار ۽ مقدار طور دنيا اندر مڃتا ماڻيندڙ ٽه ماهي مهراڻ جو آهي. ٽه ماهي مهراڻ شروعاتي دور ۾ ماهوار رسالي طور نڪرڻو هو، پر جڏهن اهو هڪ سالن جي وقفي کان پوءِ نڪرڻ شروع ٿيو ته، هڪ پرچي (جنوري 1946ع) کان پوءِ، ٻيو پرچو اپريل 1946ع ۾ نڪتو، انڪري چئي سگهجي ته مهراڻ ابتدا کان ئي ٻه ماهي ڪيو ويو، پر پوءِ تجربي بعد معلوم ٿيو ته اهڙي معياري پرچي جو هر ٻئي مهيني لاڳيتو نڪرڻ به مشڪل آهي، انڪري مهراڻ جو ٽيون پرچو 5،4،3 جهڙوڪر ٽن مهينن جو ڪري ڪڍيو ويو.

ان دور وارين بحراني حالتن سبب مهراڻ جي اوائلي دور جو آخري پرچو جلد ٻيو، جنوري کان جون 1948ع يعني 7 کان 12 نمبر پرچو، ڇهن مهينن تي مشتمل هيو، تنهن بعد 1949ع ۽ 1950ع ۾ موراڳو هڪ، هڪ پرچو نڪري سگهيو، اهڙي ريت مهراڻ جي اشاعت جو، اهو اوائلي دور مڪمل ٿيو، تنهن بعد مهراڻ جو ٻيو دور 1955ع کان، محترم محمد ابراهيم جويي جي ادارت هيٺ شروع ٿيو.

مهراڻ جي اشاعت جو پس منظر ۽ ضرورت:

جي.ايم.سيد

’مهراڻ‘ رسالو، جنهن جي سڃاڻپ سنڌي ادبي بورڊ آهي، سنڌي ادبي بورڊ، جنهن جو اوائلي نالو، سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ (Central Advisory Board of Control for Sindhi Literature ) رکيو ويو هو. اهو ادارو سنڌ سرڪار جي 14 آگسٽ 1940ع واري ٺهراءُ نمبر 666- (ب) 40 پٽاندر وجود ۾ آندو ويو. ان خير جي ڪم جي سرواڻي، ان وقت جي وزير تعليم سائين غلام مرتضيٰ شاهه عرف جي.ايم.سيد جي سِرِ سونهين، جنهن ذاتي دلچسپي وٺي، سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ، اهڙي اداري جو بنياد وڌو.

چوڻي آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي،
ان ڪري مهراڻ جي مٿي ذڪر ڪيل مقصد واري
پس منظر کي سمجهڻ لاءِ، ان ڳالهه جو اندازو ڪرڻ ضروري آهي ته اهي ڪهڙيون حالتون هيون، يا اهي ڪهڙا ڪارڻ هيا، جن جي ڪري سنڌ جي هڏ ڏوکين ۽ همدردن کي مٿي ذڪر ڪيل اداري ٺاهڻ ۽ ان جي حوالي سان، اهڙي رسالي جاري ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي.

سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي واري تحريڪ، سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن وچ ۾  مختلف حوالن سان نفاق ۽ نفرت جا بنياد وجهي ڇڏيا هئا، جيڪي ڪن بنيادي ۽ جائز نُڪتن جي بجاءِ فروعي ڳالهين تي مبني نظر اچن ٿا.

اهڙن نُڪتن منجهان هڪڙو اختلافي نُڪتو ٻوليءَ جو بگاڙ به هيو، ان حوالي سان هندو مسلم اختلاف ايتريقدر ته زور ورتو، جو انهيءَ جي اثر هيٺ ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي مخصوص خواهش ۽ سوچ تحت غير ضروري عربي لفظن (مسلم اثر هيٺ) ۽ سنسڪرت/ هندي لفظن (هندي اثر هيٺ) جي ڀرمار ڪري سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ شروع ڪري ڏنو هو، اهڙي ئي نوعيت جي ٻين ڪيترن ئي معاملن تي ٻنهي ڌرين ۾ جن اختلافن جنم ورتو، انهن اختلافن گهڻ رخي حوالي سان سنڌ جي پر امن ماحول کي مجموعي طور خراب ڪري وڌو. جنهن جو احساس ٻنهي ڌرين جي ڪيترن ئي باشعور عالمن اديبن کي پڻ هو. ان جي سڌاري لاءِ، پنهنجي پنهنجي طور تي مخير ماڻهن وقت بوقت ڪوششون به ورتيون پئي، پر مجموعي طور تي، اها صورت حال هئي جو علمي ادبي جلسن ۾ هندو مسلم گڏبا به هئا، ڪي گڏيل فيصلا به ڪندا هئا، پر ٻنهي ڌرين جو هڪ ٻئي ڏانهن رويو شڪ گمان وارو هوندو هو، جنهن جو هڪ مثال مارچ 1934ع  ۾ سنڌي ساهت واري جلسي جو آهي، ان جلسي ۾ گڏ ٿيل ٻنهي ڌرين جي نمائندن سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ وڏا ويچار ونڊيا ۽ پروگرام رٿيا. پر ماهوار سنڌوءَ جي رپورٽ موجب:

”پهرين ڏينهن جي ڪارروائي مان ائين ئي ٿي ڏسڻ ۾ آيو، ته جيڪي به هندو ۽ مسلمان ڪٺا ٿيا آهن تن کي ساهت جو بلڪل اونو آهي ۽ ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪري اٿندا.  جيڪي به هندن ۽ مسلمانن جون ڪاميٽيءَ ۾ تقريرون ٿيون تن ۾ سنڌي ساهت جي اوڻاين ۽ ان جي واڌاري تي روشني وڌل هئي. ٻي ڏينهن تي هندڪو / مسلمانڪو سوال اچي پيدا ٿيو، جيئن هميشه اهڙن موقعن تي ٿيندو آهي. هن ڳالهه ڪي قدر غلط فهمي پيدا ڪئي، نيٺ جيئن جو تيئن جوڙجڪي پروگرام ٺهراءُ پاس ٿيو.“

 ان ئي حوالي سان رپورٽ ۾ اڳتي هلي ڄاڻايو ويو آهي ته:

”هت سنڌ ۾ هندو مسلم سوال ٽپي ٽپي تي سامهون اچي ٿو، مسلمان هندن کي شڪي نظر سان ڏسن ٿا، جنهنڪري هو اهڙن جلسن ۾ شامل نه ٿا ٿين.” (بوچند،  1935ع، ص 235)

اها صورتحال وقت گذرڻ سان گهٽي ڪا نه، پر روزبروز وڌندي پئي رهي، جنهن تي 1936ع ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هن ريت افسوس جو اظهار ڪري ٿو:

”افسوس جو هندڪيءَ ۽ مسلمانڪيءَ هندن مسلمانن کي ته ڦٽائي چٽ ڪري وڌو آهي، پر غريب سنڌي ٻوليءَ کي به ڦوڙي ڦاڪون ڦاڪون ڪري ڇڏيو آهي، ڳالهائڻ مهل ته قدرت هندن توڙي مسلمانن کي لاچار ڪري ٿي ته هو هڪ ٻئي سان اُها ٻولي ڳالهائين، جا ٻئي ڌريون ٻڌڻ مهل سمجهي سگهن، پر لکڻ مهل هندو ’هندو‘ بنايو ڇڏيندس، مسلمان ’مسلمان‘، نه هي هِنَنِ جي. سَمِجهن، نه هو هُنَنِ جي! جنهن کي ساهت يا لٽريچر يا ادب يا ٻولي چئجي، سا اتي اچي ٿي ويچاري وچ ۾ ڦاسي ۽ ڦاسيءَ چڙهي، هوڏانهن مسلمان تاڻينس پاڻ ڏي، نتيجو اهو ٿو نڪري، جو سنڌي ٻولي واڌارو ئي نه ٿي ڪري سگهي، انهيءَ ڪري ساهت جي پريمين ۽ ادب جي گهڻ گهرن کي منهنجو عرض آهي ته اوهين هونءُ ڀلي هندو مسلمان هجو، پر لکڻ مهل فقط سنڌي (سنڌ جا رهاڪو) ٿي سنڌي لکو، ته اوهان جو علمي ۽ قلمي پورهيو سڀني لاءِ هڪجهڙو فيض ٿئي.“ (سيوهاڻي، 1936ع، ص 137)

اڳتي هلي ٻوليءَ جي بگاڙ واري حوالي سان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مثال ڏيندي واضح نموني لکي ٿو:

”مسلمان سخت ڏکيا عربي لفظ وجهي غريب سنڌي ماڻهن لاءِ هتي هڪ گورک ڌنڌو بنائي وجهندا اٿس ۽ هندو سنسڪرت جا اڻ ڄاڻو شبد گڏي اسان غريب سنڌين لاءِ هڻي ڀوتن جي ٻولي بنائي وجهندا آهن.“ (سيوهاڻي، 1936ع، ص 138)

اهڙي صورتحال ۾ 1940ع ۾ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ وجود ۾ آيو جنهن جي ڪمن مان هڪڙو اهم معياري ڪم ادبي رسالو جاري ڪرڻ هو، جنهن جو بورڊ جي هڪ معزز ميمبر ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ”مهراڻ“ نالو تجويز ڪيو هو. ان سلسلي ۾ 1945ع ۾ ”ادبي سنگت“ نالي لکيل هڪڙي ليک ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته:

”ڌڻيءَ جا لک شڪرانا جو اٽڪل ويهن ورهين جي دراز عرصي بعد هن ضعيف جي ”مهراڻ“ نالي رٿيل مخزن آخر وجود ۾ آئي آهي. ويهه ورهيه هڪ قوم جي ذهني انقلاب ۾ ڪا وڏي مدت ناهي، بشرطيڪه اهو انقلاب هڪ تنظيمي صورت اختيار ڪري ملڪ جي ادبي ماحول ۾ موافق اصلاح آڻي.“ (دائود پوٽو، 1946ع، ص 3)

ڊاڪٽر دائودپوٽو، جيڪو ان وقت موافق اصلاح جو داعي نظر پئي آيو. هڪ وقت ۾ عربي اثر هيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي لفظن جي استعمال تي زور ڏيئي رهيو هو. جيئن پاڻ 1939ع ۾ ڪتاب ’ابيات سنڌي‘ جي شايع ٿيڻ وقت سنڌيءَ جي بجاءِ ’السندي‘ عنوان لکي عملن ڪري به ڏيکاريو هيائين، (عربي ۾ ’ڌ‘ ڪونهي انڪري سندي لکن) لڳي ائين ٿو ته ڊاڪٽر دائودپوٽي 1945ع تائين ٻوليءَ جي بگاڙ واري صورتحال کي سمجهي ورتو هو، انڪري 1945ع ۾ ادبي سنگت نالي لکيل مضمون ۾ سندس خيال مختلف نظر اچن ٿا. جيڪي وڌيڪ حقيقت پسندانه آهن ۽ سندس اهڙن ئي خيالن مان رسالي مهراڻ جي وسيع مقصدن ۽ مرادن جو پڻ اندازو ٿئي ٿو. مهراڻ سنڌ جي سنڌودرياءَ جو ٻيو نالو آهي. ان هڪجهڙائيءَ واري حوالي سان ڊاڪٽر صاحب رسالي مهراڻ جي اجراءَ واري اهميت کي سنڌونديءَ جي اعليٰ صفتن سان مشابهت ڏيندي لکي ٿو:

”مهراڻ، سنڌونديءَ جو قديم نالو آهي، اها پياري ندي جنهن جو لڙاٽيل پوتر پاڻي سنڌوديش جا سڀ رهواسي هندو خواهه مسلمان پي پنهنجي اڃ لاهي اندر ٿا ٺارين، جنهن جي آبياريءَ تي ملڪ جي ماڻهن ۽ ٻين جيون جو جياپو آهي، جنهن جي ڪري سنڌ هڪ زرخيز زراعتي ملڪ ٿي پيو آهي. ڪهڙي نه عجب جي ڳالهه آهي جو ساڳي هوا نَڪئُون ڳهِجي، ساڳي خوراڪ ۽ ساڳيو پاڻي نڙي اندر نجي، ته به فقط هڪ بيروني عامل يعني مذهب جي اثر ڪري ذهني پيداوار ۽ تخيل جي طريقن ۾ ايڏو تفرقو! بيشڪ مذهب هڪ حيرت انگيز ڪرشمو آهي، جو انسان جي تخيل ۽ فڪر، زبان ۽ گفتي ۾ هيڏو فرق آڻي ٿو!

اهو مذهب جو، وصل ۽ ڳانڍاپي بدران فصل ۽ وڇوڙو وچ ۾ وجهي، اهو حقيقي مذهب ناهي. اهو هڪ سياسي منصوبو آهي، جو هڪ قوم کي ٻي قوم سان ويڙهائي ٿو. مذهب اصل ۾ هڪ آهي، پر پوءِ زماني ۽ ماحول جي تقاضا آهر انکي جدا جدا صورتون ڏنيون ويون آهن. جيئن پاڻي حقيقت ۾ هڪڙو آهي، پر جدا جدا رنگين ٿانون ۾ الڳ صورت اختيار ڪئي اٿس.، پوءِ ڇو نه اهڙن بيروني ۽ عارضي سببن کي ڇڏي وحدت جي واٽ وٺون، ۽ گهٽ ۾ گهٽ اهي خيال ۽ افڪار جيڪي سنڌي قوم جو مشترڪه ورثو آهن، تن ۾ يگانگي ۽ يڪ جهتي پيدا ڪريون.“ (دائود پوٽو، 1946ع، ص 3)

اهڙي ريت رسالي مهراڻ کي مسلم ۽
غير مسلم واري تفرقي بازيءَ کان پري رکي سنڌ ۾ رهندڙ مڙني ماڻهن لاءِ بغير رنگ، نسل  ۽ مذهبي فرقي جي گڏيل معياري علمي و ادبي ۽ تحقيقي پرچي طور هلائڻ طرف اشارو ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکيو:

”’مهراڻ‘ جو ميدان ۾ اچڻ انهيءَ سڳوري سوڻ جو سنيهو آهي، اچو يارو، هندو مسلم ڀائرو ته هڪ ٻئي سان ملي، مهراڻ جي وسيلي هڪ اهڙي ادبي سنگت، ادبي ياري يا جمعيت ٺاهيون، جنهن کي ملڪ جي ادبي انتيءَ جو اونو هجي، جا مذهب ۽ ملت جو ملمع لاهي، ديسي ادب کي هڪ اهڙي قالب ۾ پلٽائي ۽ سانچي ۾ سميٽي، جو منجهائنس غيريت جو رنگ نڪري وڃي، هيڪڙائيءَ جي هيئت پڪڙي. ۽ باوجود انهيءَ هيڪڙائيءَ جي انجو شاندار وڻ اهڙا گوناگون ٽار ۽ شگوفا ڪڍي، جو سڀني جون اکيون اهو منظر ڏسي ٺرن ۽ گد گد ٿين.

اسان جو ملڪ سو ننڍڙو آهي، پر ماڻهن جون زبانون تمام وڏيون آهن، هرڪو آپي خان آهي. هر ڪو پنهنجي تند تاڻي ۽ تنواري رهيو آهي. سڀ ڪنهن جو نوع پنهنجو، طرز عبارت پنهنجي. ڪو نهايت عربي آميز عبارت لکندو ته ڪو وري سنسڪرت ۽ هنديءَ جا سنگين لفظ پيو پنهنجي لکڻيءَ ۾ ٽنبيندو، پر جملي جي نغمي ۽ راڳ ڏي نه ڏسندو. وري عبث هن ڳالهه جو ته سڀ ڪو ائين سمجهندو ته مان ئي بي نظير ۽ لاثاني، ٻيا سڀ عيبائتا ۽ ناقص. ڪنهن کي پنهنجي لفظن جي فراوانيءَ ۽ رعنائيءَ تي ناز، ته ڪو وري ٻاراڻي ٻولي لکي چوندو ته سنديس ئي عبارت جو نمونو معياري ۽ آدرشي آهي. سڀڪو پنهنجي خيال ۽ گهمنڊ ۾ خوش. وري ڪي نوان ليکاري حباب وار ادبي مهراڻ مٿان اتپن ٿي آکين ته آهيون ئي اسين. ڏسو اسان جي مدورائي ۽ چال! پر آهن رڳو ڦوڪ وهيڻا. ڪن کي ته وري دماغ ۾ اهڙو اُٺ ويٺل آهي، جو کڻي انيڪ عقلي ۽ علمي دليل پيش ڪجن ته به ’ڪبي نه مانون‘ نه ڇڏيندا. مطلب ته هائي لڳي پئي آهي، وڃجي سو ڪهڙي وهه وڃجي؟“ (دائودپوٽو، 1946ع، ص 4)

اهڙي قسم جي غيرسنجيده ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ مهراڻ رسالو ئي اهو واحد پرچو هو، جنهن کي اميد جو ڪرڻو تصور ڪيو پئي ويو. ان ڳالهه جو اظهار ڊاڪٽر دائودپوٽو به هن طرح ڪري ٿو:

”اهڙي وايو منڊل کي مٽائڻ لاءِ مهراڻ جهڙو ئي مخزن مفيد ٿيندو. مهراڻ جا باني مباني، مرڪزي ادبي بورڊ جا عضوا ۽ سنڌ جا ٻيا اديب- هندو توڙي مسلمان-گڏجي هڪ ادبي منڊلي بنائين، جنهن جي فردن ۾ ٻيائيءَ جي بوءِ نه هجي، جي وصال جا ورق واري ۽ وڇوڙي جا وڍ وڃائي، سنڌي ساهت کي معياري صورت ڏين، پختگي ۽ پايندگي بخشين. (دائودپوٽو، 1946 ع ص 4 )

اسان جي عالمن جون اهي ابتدائي ڪوششون هيون، پر نفرت وارو ٻج ڏينهون ڏينهن وڌندو پئي رهيو، جنهن جو اندازو نماڻو نالي هڪ ليکڪ پاران ’سنڌ جا مسلمان‘ عنوان سان لکيل ان ليک مان ملي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ مخاطب ته سنڌ جي مسلمان سان آهي، پر هو پنهنجو پاڻ کي به هڪ اهڙي سنڌي قوم جو فرد تصور ڪري ٿو، جيڪا رنگ نسل توڙي مذهبي تفرقي بازيءَ کان پري آهي، تڏهن ته هو کُليل لفظن ۾ لکي ٿو:

”اسين اول سنڌي آهيون ۽ پوءِ مسلمان، ملڪي معاملن ۾ هندڪي، مسلمانڪي ڏيکاريئي ته پوءِ ڍاڪئون ئي پڪو، تنهنڪري اي سنڌ جا مسلمان! تعصب جو تڏو ڇڏ ۽ رئيءَ کي دور ڪر، سازي آهي سونهن ۽ ناسازي آهي بربادي... سنڌ جا صوفي ۽ سنت اها ئي تلقين ڪندا آيا آهن ته ٻيائيءَ کي ٻن ڏيو ۽ پنهنجا ويڇا وساري ڇڏيو، اي سنڌ جا مسلمان! اهو ورثو نه وسار، جيڪو سازيءَ جي ڪم سنڌ جي صوفين ۽ سنتن شروع ڪري ڇڏيو آهي، تنهن کي پريم پاڻيءَ سان تازو ۽ توانو رکندو اچ.“ (نماڻو،  1940ع، ص 53)

اهي هُيون ان وقت واريون سماجي حالتون ۽ علمي ادبي ماحول، جنهن ۾ بلآخر 1946ع ڌاري رسالي مهراڻ جو اجراءُ ٿيو. ابتدائي رٿا موجب، مهراڻ ماهوار طور نڪرڻو هو ۽ ان جي اهڙي شروعات پڻ ڪئي ويئي. پر صرف هڪ مهيني بعد اهو اندازو ٿي ويو ته هي پرچو مستقل طور ماهوار شڪل ۾ هلي ڪو نه سگهندو. ان ڳالهه جي اندازي ٿي وڃڻ ۽ ماهيانه طور مهراڻ جي نه ڪڍي سگهڻ تي، مهراڻ جي ان وقت واري ايڊيٽوريل بورڊ جيڪو هيٺين چئن اديبن  1. مسٽر عثمان علي انصاري، 2. مولوي دين محمد وفائي 3. پروفيسر هرومل سدانگاڻي 4. مسٽر لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي تي مشتمل هو. ان بورڊ مٿي ذڪر ڪيل ڳالهه جي مهراڻ جي ٽئين پرچي ۾ هن طرح وضاحت ڪئي:

دين محمد وفائي

عثمان علي انصاري

 

 

لالچند امرڏنومل جڳتياڻي

ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ”خادم“

”اسين نهايت شرمسار آهيون جو مهيني سر مهيني اسين مخزن جو پرچو ڪڍي نه سگهيا آهيون. ائين نه آهي ته اسان وٽ مخزن لاءِ مواد ڪونهي. پر حقيقت هيءَ آهي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڇپائيءَ جو ڏاڍو اهنج آهي.“ (مهراڻ، جلد 1–  نمبر 3، 4  ۽5 )

ڪراچي، سنڌ جو مرڪزي شهر، ان ۾ سنڌي ڇپائي اهڙي بحران واري شڪل اختيار ڪري ويئي، جو 40-50 صفحن جو سنڌي پرچو وقت سِر شايع ٿي نه سگهي، ان جو بنيادي ڪارڻ ان وقت واريون سياسي ۽ سماجي حالتون هُيون، ان ڳالهه جي مهراڻ جي پهرين پرچي ۾ وضاحت ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته:

”جنگ جي ڪري هند سرڪار جي پاران جو بندش پئي ته جنگ هلندي ڪا به نئين اخبار يا نئون مخزن چالو نه ٿئي، انهي ڪارڻ هي مخزن به بروقت چالو نه ٿي سگهيو. آخر هڻندي هڻندي، نومبر 1944ع ۾، هند سرڪار وٽان اجازت ملي ته بورڊ، مخزن بيشڪ ڇپائي، پر مخزن لاءِ پنو پنهنجي پرڳڻي جي سرڪار کان وٺي!

سنڌ سرڪار وٽان پني وٺڻ ۾ به ڪجهه مدت لڳي ويئي، پروڪي سال وري ڇپائيءَ لاءِ پريسن جا در کڙڪائڻا پيا، نيٺ ’الوحيد‘ وارن سان خاطر خواهه بندوبست ٿيو، جو مخزن کي ڇپائي پڌرو ٿو ڪجي.“ (مهراڻ، جلد 1، نمبر 1)

مهراڻ جو پهريون پرچو جنوري 1946ع  ۾ نڪتو. مٿئين سال 1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو پئي ٿيو، جنهن جا نمايان آثار اڳ ئي نظر اچڻ لڳا هئا ۽ امڪاني طور نئين ماحول تحت ڪجهه پريسون بند ڪيون ويون هُيون، ته ڪن پريس وارن متعصب رويي سبب تعاون ڪو نه پئي ڪيو. لٿي پٿي الوحيد پريس هئي، جنهن جي پنهنجي اخبار به هئي ۽ اُن وقت واري سنڌ جي ماحول جي نمائندگي ڪرڻ ۽ مسلمانن جي معاملن بابت معلومات ڏيڻ وارو ڪم پڻ ان جي ئي ذمي هيو. اهڙي صورتحال سبب وقت سِر رسالي جو اچڻ ممڪن ڪو نه پئي ٿي سگهيو. جنهن ڪري پهرين پرچي کان پوءِ، مهراڻ جي ٻئي پرچي کي ٻه ماهي ڪري هلايو ويو. پر هڪ ئي پرچي کان پوءِ مئي کان جولاءِ 1946ع وارو پرچو نمبر 4،3 ۽ 5 ٽه ماهي ٿي نڪتو. جيڪو پوءِ بدليل وقت ۽ حالتن جي روشنيءَ ۾ ڪڏهن مهيني سر، ڪڏهن ٻه ماهي، ته ڪڏهن ٽه ماهي ٿي پئي نڪتو، انڪري رسالي مهراڻ جي ترتيب کي سمجهڻ لاءِ، مهينن جي نالن ڏسڻ بجاءِ، پرچن جي نمبرن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. سال 1946ع کان شروع ٿيل هن رسالي جا، سال نمبر 1- طور جون 1947ع تائين ڇهه پرچا نڪتا ۽ سال ٻئي طور جولاءِ 1947ع کان جون 1948ع تائين پنج پرچا نڪتا، ان جو آخري پرچو جنوري کان جون 1948ع تائين ڇهه ماهي نڪتو هو.

حقيقت اها آهي ته مهراڻ رسالي جا سيپٽمبر 1947ع کان جون 1948ع وارا آخري ٽي پرچا ڌڪي ڌوڻي ڪڍيا ويا هئا. ڇاڪاڻ جو 1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿي چڪو هو، جنهن ۾ سنڌ کي هر لحاظ کان وڏو نقصان پهتو هو. خاص طور تي ان حوالي سان ته نئين رياست وجود  ۾ اچڻ ڪري، سنڌ مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي ويئي، جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ عالم، اديب ۽ اڪابر وطن جي وڻن کي الوداع ڪري هتان هليا ويا، انهن الوداع ڪندڙن ۾ مهراڻ جو مينيجنگ ايڊيٽر شري لالچند امر ڏنو مل پڻ شامل هو. اهڙي تبديل ٿيل صورتحال جنهن سنڌ جي سموري سماج کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو، انڪري سنڌي ادبي بورڊ ۽ ان جي ابتدائي ڪمن مان هن بنيادي ڪم يعنيٰ رسالي مهراڻ جي نڪرڻ واري عمل ۾ به رڪاوٽ پئجي وئي. ان کان پوءِ سال 1949ع ۽ 1950ع وارن ٻن سالن ۾ صرف هڪ هڪ پرچو نڪتو. اهي ٻئي پرچا سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ پاران ملهايل شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ساليانه سالگره پروگرامن ۾ پڙهيل مضمونن ۽ شاعريءَ واري مواد تي مشتمل آهن. ان کان پوءِ ته موراڳو رسالو نڪرڻ ئي بند ٿي ويو ۽ پوءِ وري 1955ع ۾ ٻيهر نڪرڻ شروع ٿيو. جنهن کي ٽه ماهي مهراڻ جي ٻئي دورطور ياد ڪيو وڃي ٿو.

مهراڻ جو مقصد:

سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ کي وجود ۾ آڻي، بورڊ لاءِ جيڪي مکيه ڪم طئه ڪيا ويا، تن مان هڪڙو هي به هو ته بورڊ هڪ ادبي رسالو ڪڍي جنهن ۾:

1.      چيدا چيدا مضمون ڇپجن.

2.     سائنس جا نوان نوان لفظ ۽ محاورا گهڙي چالو ڪجن.

3.                 ڪتابن جي تنقيد يعني سمالوچنا ڪجي، جنهن ۾ نون لکندڙن جي همت افزائيءَ ۽ فائدي لاٰءِ سندن تصنيف ڪيل ڪتابن جون خوبيون ۽ خاميون نروار ڪيون وڃن“.  (مهراڻ جلد 1، نمبر 1)

مٿي ذڪر ڪيل خيالن جي روشنيءَ ۾ پهرئين ئي پرچي ۾ ”مهراڻ جو مقصد“ عنوان هيٺ اداره ۾ ڄاڻايو ويو ته:

 ”سنڌ ۽ هند جي ٻين مخزنن وانگر ’مهراڻ‘
کي هيءَ دعويٰ نه آهي ته هي روحاني، طبي، تمدني، معاشرتي، سياسي، صنعتي، اخلاقي يا ادبي وغيره وغيره سڀ ڪجهه آهي. اسان جو مهراڻ فقط هڪ ئي مقصد سان ڪڍيو ويو آهي ته جي ورق ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪيا وڃن سي ٿورڙا هجن، اهم هجن ۽ اهڙا هجن جن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪو صاحب ائين نه چئي ته ”اجايو وقت وڃايم“. (اداره، جلد 1، نمبر 1، ص 2)

ان سلسلي ۾ اهو پڻ اظهار ڪيو ويو ته:

”نازن جي پليل سنڌيءَ جي اهڙي ته نازڪ حالت ٿي وئي، جو ظاهر ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته  جيڪڏهن مٿس اڃا به ڪجهه وقت انهن ڌارين زبانن جي ظلم جي بارش ٿي ته شايد اهو ٿورو گهڻو ساهه جو باقي فقط ٻارن جي طوطي زبان مان معلوم ٿي رهيو هو سو به ختم ٿي ويندو، ۽ سنڌ ۾ باقي ڪو انسان شاهه، سوامي (سامي) يا سچل جي پڙهڻ وارو به ڪونه لڀندو. اتي قدرت جي مالڪ جي انصاف پسندي جوش ۾ آئي ۽ سنڌ جي ستلن ۾ هڪ ٽولو سجاڳ ٿيو، سندن درد مند دلين ۾ فقط هي سوال پيدا ٿيو: ”دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ جي زبان به  اهڙي طرح پنهنجن جي هٿان ذليل ٿيندي ٿي رهي، يا هيءَ خاص نوازش اسين پنهنجي مادري زبان تي ڪري رهيا آهيون؟ اهڙو ڪو ٻيو به ملڪ آهي جتي ٻارن جي معصوم دماغن کي مادري زبان کانسواءَ ڪنهن ٻي زبان ۾ ضروري تعليم ڏني ٿي وڃي؟ جواب بلڪل صاف هو، تنهنڪري ڪوشش ڪرڻ لڳا ته ڪيئن به ڪري اسين پنهنجي زبان کي وري سهڻو بڻايون، وري اهڙو بڻايون جهڙي اجلي اڳ هئي، ڇو ته اسانجي آهي، پرائي محلات کي ڏسي  پنهنجي ڇنل ڇپر کي باهه ڏيڻ عقلمندي نه آهي.“ (اداره، جلد 1، نمبر 1، ص 2) )

ڊگهي عرصي تائين عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي اثرن سبب تعليم تدريس ۽ علم و ادب واري حوالي سان اها صورت حال وڃي بيٺي هئي، جنهن کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هڏ ڏوکي هندن توڙي مسلمانن شدت سان محسوس ڪيو پئي. جن ان وقت (1940ع) جي وزير تعليم، تعليم کاتي جي هٿ هيٺ سنڌ ادب جي واڌاري لاءِ نه رڳو بورڊ قائم ڪرايو پر ان جي هڪ اهم ڪم طور رسالي مهراڻ جو اجراء پڻ ڪرايو.

مهراڻ جي پهرين پرچي نڪرڻ تي ان دور جي مشهور رسالي ماهوار سنڌو لکيو:

”اسين تعليم کاتي وارن کي مبارڪون ٿا ڏيون ته مسين مسين مهراڻ جي ڪڍڻ سان سنڌ جي هڪ گهرج پوري ڪئي ويئي آهي. اسان کي اميد هئي ته مهراڻ، سنڌي ٻولي جي ويراني ۾ سرسبزي لڳائي ڇڏيندي، پر مهراڻ جي پهرين پرچي ئي اسان جون اميدون گهڻي قدر ڍريون ڪري ڇڏيون آهن. ائين برابر آهي ته هڪ پرچي مان ڪو به انومان ڪڍڻ ٺيڪ نه آهي، اسين اميد ٿا ڪريون ته مهراڻ جا ايندڙ پرچا سنڌي ٻولي جي رڻ پٽ ۾ اها گلزاري ۽ سرسبزي لڳائيندا جو سنڌ واسي ڏسي دنگ رهجي ويندا.“ (اداره، 1946ع، ص 84)

ماهوار سنڌو سالن کان نڪرندڙ وڏو معياري رسالو هو، ان جي مهتمم طرفان مٿي ذڪر ڪيل راءِ پنهنجي جاءِ تي، پر پوءِ به ان وقت ۾ جا مهراڻ جي اڀري سڀري حال سان ابتدا ڪئي ويئي. اڄ جڏهن 67 سال گذرڻ بعد پوئتي نظر ڊوڙايون ٿا، تڏهن سنڌ جي سموري علم و ادب جي سڌاري ۽ واڌاري ۾ صرف مهراڻ جو ئي مستقل ۽ نمايان ڪردار نظر اچي ٿو.

مهراڻ جا مضمون:

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جنهن ليک ۾ ادبي سنگت جو تصور پيش ڪري، ان جي هڪ اهم ڪم طور رسالي مهراڻ جي اجرا جو تصور پيش ڪيو هو، ڊاڪٽر صاحب ان جي آخر ۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو هو ته:

”انهيءَ ادبي سنگت جا هيٺيان مکيه وظيفا هئڻ گهرجن.

1.               قديم سنڌي ادبي ذخيرو  ڪٺو ڪري، سنڌي لغت کي سهڻن سنڌي لفظن سان مالا مال ڪرڻ.

2.              سنڌي ادب، نثر توڙي نظم، کي مهراڻ جي وسيلي ڪمال جي اوج تي پهچائڻ.

3.              سنڌي صورت خطيءَ کي صحيح بيهڪ ڏيارڻ.

4.              سنڌي ڪتاب ۽ طباعت جي صحت لاءِ جوڳا اُپاءُ وٺڻ.

5.              سنڌي صرف ۽ نحو، جو هاڻ نهايت ناقص آهي، تنهن کي علمي اصولن موجب ترتيب ڏيڻ.“               (دائود پوٽه، 1946ع، ص 4)

مٿي ذڪر ڪيل خيال ۽ خواهشون ڊاڪٽر دائودپوٽي جون هُيون پر اهڙي صورت حال، جنهن ۾ هر شيءَ ڊانواڊول ٿيندي پئي رهي. لکڻ وارا هڪڙا لڏڻ ۾ پورا هئا، ٻيا هيسيل ۽ هراسيل ڪجهه ڪرڻ واري حالت ۾ ڪو نه هئا، پريسون برباد ٿي رهيون هُيون. اهڙي افراتفريءَ واري عالم ۾ ڪو وڏو اهم ڪم ته، ڪنهن معمولي کان معمولي ڪم جو به باقائديءَ سان ٿيڻ مشڪل هو، اهڙي وقت ۾ صرف ۽ صرف چند صفحن وارو رسالو مهراڻ ئي هو، جيڪو اپڙڻ واري جهد ۾ هو. ان جو ايڊيٽوريل بورڊ به هو، جنهن کي لٿي پٿي مڙني خواهشن، اميدن ۽ آرزوئن جي سلسلي ۾ اڳتي وک وڌائڻي هئي، ۽ ڪي پڪا پختا بنياد رکڻا هئا.

ان سلسلي ۾ مهراڻ جي اوائلي پرچن جي ورق گرداني ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته مهراڻ پنهنجي اشاعت واري پهرئين سال يعني جنوري 1946ع کان فيبروري 1947ع تائين هيٺين موضوعن بابت مواد شايع ڪري، سنڌ جي علم و ادب جا بهترين بنياد رکيا، جن تي اڳتي هلي معياري عمارتون تعمير ٿيون.

مهراڻ جو پهريون پرچو کولڻ سان پهرين نظر ”سنڌيءَ جي پيار وارن جي خدمت سڳوريءَ ۾ عرض “عنوان سان پوري صفحي جي اشتهار تي پئي ٿي، جنهن ۾ ڏنل مواد مان ظاهر ٿئي ٿو ته نئين قائم ٿيل مرڪزي صلاحڪار بورڊ سنڌ جي قلمي نسخن ۽ دست ڪاريءَ کي نمودار ڪرڻ سان گڏوگڏ شاعرن جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ محفل مشاعرن جو پڻ انتظام ڪيو هو، ان ڪم جي اهميت کي سمجهڻ ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ، ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته:

”ادبي ميڙ، مشاعرن ۽ نمايش کي ڪامياب بنائڻ ۾، اميد ٿي ڪجي ته بورڊ کي هر سنڌيءَ جي پيار واري وٽان جوڳي واهر ملندي.

زماني جي زوردار تقاضا آهي ته اسين سنڌي پنهنجي مادري زبان خواه سنڌ جي دستڪاريءَ کي اها ڪا اوڄ ڏياريون، جو سنڌيت جو ڌاڪو هنڌ پٽ پيو وڄي“.  (مهراڻ، جلد 1، نمبر 1)

اسان جي بزرگن جا اهي ارادا ۽ ازم هئا، جن کي نظر ۾ رکي رسالي مهراڻ جي چند صفحن رستي سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ ادب جي سلسلي ۾ مختلف حوالن سان واڌاري بابت ڪوششن جي شروعات ڪئي وئي.

جامع لغات سنڌي جنهن جي ضرورت سالن کان محسوس ڪئي پئي وئي، جنهن لاءِ اڳ لغات ڪميٽي پڻ جوڙيل هئي جنهن ڪجهه قدر ڪم به ڪيو هو، پر افراتفريءَ واري عالم ان ۾ رولهڙو وجھي ڇڏيو هو. مهراڻ جي پهرين پرچي کان ئي ان سلسلي بابت نون بنيادن، نون ويچارن ۽ سائنسي طريقن سان ڪم جي ابتدا ڪرڻ وارا اهڃاڻ ”لکپڙه“ عنوان هيٺ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاران لکيل طويل علمي خط واري مواد مان ملي ٿو. جنهن تحت ڊاڪٽر صاحب، لغات بابت ڪم ڪندڙ ٽيم اڳيان، پنهنجي مطالعي جي روشنيءَ ۾ لغات جي دائري، طريقي ڪار، اصولِ انتخاب، سنڌي لغت جا سرچشما، انتخاب ڪندڙن لاءِ سنڌ ۽ سنڌي لغت جون خصوصيات بيان ڪري ان جي اهميت کي اجاڳر ڪيو، جنهنڪري لغات جي حوالي سان هلندڙ ڪم کي سنوارڻ ۽ سهڻي نموني اڳتي وڌائڻ واري عمل لاءِ راهون هموار ٿيون.

سنڌ شناسي واري حوالي سان پهرين پرچي کان سنڌ جا عجيب نظارا عنوان هيٺ کير ٿر جي نظارن جو سير سفر جي روشنيءَ ۾ اکين ڏٺو احوال بيان ڪيو ويو.

سنڌي ادب جي واڌاري واري حوالي سان شروعات کان وٺي ترجمن جي وڏي اهميت پئي رهي آهي ان مقصد کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ رسالي مهراڻ کي پڻ پهرين ڏينهن کان ڪارگر ذريعي طور استعمال ڪيو ويو.  ان سلسلي ۾ مهراڻ جي پهرين پرچي ۾ ”خاص مترجمن جي ڌيان طلب“ عنوان سان عالمي سطح جي ڇهن ڪتابن جا نالا ڏيئي، ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته اهي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائجن، ان ئي اشتهار ۾ ان ڳالهه جو پڻ اظهار ڪيو ويو ته ”ٻين ٻولين جا معياري ڪتاب، جيڪي سنڌيءَ ۾ آڻڻ جوڳا آهن،  تن جي به هڪ يادداشت بورڊ پاران تيار پئي ٿئي.“

ان سلسلي ۾ معياري ترجمن ڪرڻ واري حوالي سان پڻ مهراڻ جي ذريعي صحتمند بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جنهن موجب اهو ڪم ڪندڙن کي صلاح ڏني ويئي ته:

”جيڪو به صاحب هن ڏس ۾ طبع آزمائي ڪرڻ چاهي سو اول اول ڪي ٿورڙا پرت ڪهڙي يا ڪن به ڪتابن جا ترجمو ڪري، نموني طور بورڊ ڏانهن پسنديءَ لاءِ ڏياري موڪلي، وڌيڪ پورهيو ڪنهن به ڪتاب  يا ڪتابن جي ترجمي تي بورڊ جي فيصلي بعد ڪري.“

سنڌ جي صوفياڻي فڪر کان واقف ڪرائڻ واري مقصد سان مختلف صوفي شاعرن جون ايڪڙ ٻيڪڙ ڪافيون پڻ شايع ڪرڻ جو رواج وڌو ويو هو. ڪنهن به قوم جي سنوار ۽ سڌار واري عمل ۾ ان قوم ۾ اتفاق ۽ اتحاد هئڻ ضروري آهي ۽ جنهن ماحول ۾ رسالي مهراڻ جي ابتدا ڪئي ويئي ان ۾ اهڙين ڳالهين کي وڌيڪ اهميت حاصل هئي، ان ڪري مهراڻ جي پهرين پرچي ۾ ئي باهمي اتحاد جهڙا مضمون شايع ڪري، اتحاد ۽ اتفاق جي سلسلي ۾ قلمي ڪاوش کي جاري رکيو ويو.

صحتمند تنقيد واري مقصد سان پهرين پرچي کان مارڪيٽ ۾ آيل نون ڪتابن ۾ ڪم آيل ٻولي، مواد ۽ ان جي ادائگي توڙي مقصديت واري حوالي سان ”تنقيد“ عنوان هيٺ تعميري تنقيد جي شروعات ڪئي ويئي. جنهن تحت ذڪر ڪيل ڪتابن جو گھرو مطالعو ڪري، اصلاحي واٽ ڏسڻ جي ابتدا ڪيل نظر اچي ٿي. ان ڳالهه جو اندازو تبصرانگار جي هيٺين جملن مان بخوبي ٿئي ٿو. ڪهاڻين جي مجموعي ريگستاني ڦول پڙهڻ بعد لکي ٿو:

”ڪهاڻين جا سڀ لکندڙ اڃا ڳڀرو جوان آهن، ۽ منجھن اسري ڪنهن ڪماليت کي رسڻ جا آثار چٽا پيا ڏسجن. ڪٿي ڪٿي رٿا جو ڪو ٿورو نقص، يا ميلو ڊراما جو انگ، يا پرچار جي مقصد ڪري مبالغو نظر اچي ٿو. پر اوائلي تصنيفات ۾ اهڙا نقص عام طرح ٿيندا ئي آهن. سمي پئي، استعمال ۽ فن جي بهتر ڄاڻ سان، اهي سقم پاڻهي الوپ ٿي ويندا.“ (ص 32)

سنڌي ادب جي مقصديت ۽ معيار واري لحاظ کان، ان وقت جا ڪمزور صورتحال هئي ان ۾ فڪر ۽ خيال واري حوالي سان جنهن نوعيت جو سڌارو محسوس ڪيو پئي ويو، ان جو اندازومولوي عبدالڪريم چشتي پاران لکيل ”سنڌي ٻولي“ عنوان واري مضمون مان بخوبي ٿئي ٿو. مولوي صاحب سنڌ جي ماضي وارن صوفي بزرگن جي ڪلام جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو:

”سنڌ جي رهندڙن جي خيال ۽ جذبن کي، محاورن ۽ اصطلاحن کي، ريتن ۽ رسمن کي، اوهان شاهه جي ڪلام ۾ ڏسو. شاهه کان پوءِ سچل، روحل، دلپت، سامي ۽ ٻيا گھڻا ئي صاحبِ سخن ۽ اهلِ ڪمال سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن، جي پنهنجي ڪلام ۾ اسان کي سنڌ جي ماضيءَ جو نقشو ۽ ڪيفيت ڏيکاري رهيا آهن. نه رڳو هنن ۽ اهڙن ٻين نظم گو بزرگن تي اسان ناز ڪري سگھون ٿا، پر سنڌ جي ماضيءَ ۾ اسان کي اهلِ قلم ۽ اهلِ سخن نثر نويس به ججھا ٿا ڏسڻ ۾ اچن“

سنڌ جي صوفي شاعرن جو اهڙي ريت حوالو ڏيڻ کان پوءِ مولوي صاحب بعد وارن شاعرن جي اندازِ بيان ۽ لفظي رنگينين ۾ گرفتار ٿي وصل، وصال ۽ صنم لاءِ فرضي تشبيهن ۽ اشتهارن استعمال ڪرڻ واري انداز تي تنقيد ڪندي آخر ۾ لکندڙن کي مخاطب ٿيندي لکي ٿو:

”اڄ ضرورت آهي ته  نظم خواهه، نثر، قلم خواهه ڪلام، تحرير خواهه تقرير، علم خواه عقل قوم جي زندگي سنوارڻ ۽ بهتر بنائڻ ۾ صرف ڪيا وڃن. سڀ سعيا ۽ جهد قوم جي جوڙ جڪ ۽ سڌاري جي لاءِ وقف ڪيا وڃن. ٻوليءَ کي بهترين اوج تي رسايو وڃي. ساهتيه ۽ ادب جي عملي ۽ نتيجا خيز شيوا ۽ خدمت ڪئي وڃي. انقلاب پيدا ڪندڙ شعر ۽ انقلاب آڻيندڙ لٽريچر لکيو وڃي ته جيئن قوم جي مستقبل تي سٺو اثر پوي.“ (چشتي، 1946ع، ص 18)

مهراڻ جيڪو سڳوري سنڌوءَ جو ٻيو نالو آهي، ان جي اجراءَ کان اڳ ”سنڌوءَ“ جي سري سان هڪ معياري رسالو اڳ ئي ميدان ۾ موجود هو، جيڪو معيار توڙي مقدار واري حوالي سان اعليٰ درجي جو معياري رسالو شمار ٿيندو هو. انڪري مهراڻ جي شروع ڪرڻ وقت مواد جي چونڊ بابت ساڳيو ئي سنڌوءَ وارو انداز اختيار ڪيو ويو. سنڌوءَ وار ي طريقيڪار موجب مکيه صفحا مضمونن لاءِ وقف هوندا هئا، البت نموني طور هڪ ٻه ڪهاڻي پڻ ڏني ويندي هئي شاعريءَ لاءِ ڪي ڌار صفحا وقف ڪيل ڪو نه هئا، البت سنڌو رسالي واري نموني تي قديم توڙي جديد شاعرن جو ڪلام وچوواڙي (اڪثر بچيل اڌ صفحن تي) ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ گھڻو تعداد ڪافي واريءَ صنف جو نظر اچي ٿو. خبرن جي عنوان سان، هڪ صفحو ملڪي ۽ بين الاقوامي خاص خبرن لاءِ وقف ٿيل نظر اچي ٿو. همت ۽ استقلال واري انداز ۾ سنڌ جي شهه رڳ سنڌوءَ جي ٻئي نالي مٺي مهراڻ جي عنوان سان شروع ڪيل هن رسالي جي اها شروعات هئي.

مهراڻ جو پهريون پرچو منجھيل ۽ منتشر ماحول ۾ نموني طور ڪڍيو ويو هو، پهرين پرچي ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو هو ته ”ٻيو پرچو، اول خير اپريل ڌاري ڇپائي پڌرو ڪبو اهو سلسلو مهيني سر مهيني چالو رهندو“ پر ٻئي پرچي جي اشاعت مان خبر پوي ٿي ته، ٻيو پرچو ٻن مهينن جي وقفي کان پوءِ اپريل 1946ع ۾ نڪتو. 32 صفحن واري هن ٻئي پرچي ۾ اڳ وارن هلندڙ سلسلن کي جاري رکندي، ڪجهه ٻين وڌيڪ سلسلن کي متعارف ڪرايو ويو. مثال طور: هن پرچي ۾ اداري پاران ”قلمي نسخن جي ڳولا ۾“ عنوان هيٺ ٺٽي جي قديم خانداني ڪتب خانن ۾ موجود قلمي نسخن ۽ ٻئي مواد جي ڳولا لاءِ سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ طرفان ورتل ڪوششن بابت هڪ سروي رپورٽ شايع ڪئي وئي آهي جنهن منجھان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ جي سڄڻن، پاران سنڌ جي تاريخ واري حوالي سان، اهي ئي بنيادي ڪوششون هيون جن تي اڳتي هلي پير
حسام الدين راشدي ۽ ٻين عالمن سنڌ جي تاريخ بابت جديد انداز ۾ حقيقت پسنديءَ وارو قلم کنيو.

ان ئي پرچي ۾ تعليم طرف توجهه ڇڪائڻ خاطر اداري پاران ساڳئي عنوان وارو نئون سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن ۾ تعليم جي اهميت کي اجاڳر ڪندي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته:

”هن وقت اسان جا تعليم يافته، جن کي حقيقتن تعليم زده چوڻ گھرجي، قوم ۽ ملڪ لاءِ رهبر ٿيڻ بدران قوم ۽ ملڪ مٿان هڪ عذاب آهن، جي ملڪ جي حالت سڌارڻ بدران  ملڪ جي خوشحاليءَ تي هڪ تمام ڳرو بار آهن. ڇو ته منجھائن هرهڪ هيءَ اميد رکيون ويٺو آهي ته ملڪ سان ڪهڙو به ويل وهي، پر اسان کي نوڪري ضرور ملڻ گھرجي.“ (اداره، 1946ع، ص 9)

مٿي ذڪر ڪيل حوالي مان ان ڳالهه جو بخوبي اندازو ٿئي  ٿو ته سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ  رسالي مهراڻ معرفت ان دور کان وٺي سنڌ جي تعليمي ترقي واري حوالي سان ڪهڙا رجحان متعارف ڪرائڻ پئي گھريا. ان ئي پرچي ۾ ڪجهه هيٺيان وڌيڪ شروع ڪرايل سلسلا نظر اچن ٿا. جنهن جي حوالي سان اڳتي هلي سنڌ جي لوڪ ادب جي عمارت جڙي. مثلاً (ڊاڪٽر) نبي بخش بلوچ جو مضمون گمنام دهقاني شاعر يا ”سهجا جي سڪ يا پنهون جي پرکا“ لوڪ ڪهاڻي ڏني وئي آهي اهڙيءَ ريت اداري پاران لباس جي موضوع تي ڏنل ليک ۾ حُسن ۽ قباحت واري حوالي سان نصيحت آميز نڪتا بيان ڪيا ويا آهن. ڪافي سنڌ جي هڪ خالص ۽ نج سريلي صنف آهي ان کي وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ ۽ پڙهندڙن کي ان صنف بابت ڄاڻ ڏيڻ واري مقصد سان ”سنڌي ڪافي“ عنوان هيٺ مرڪزي صلاحڪار بورڊ طرفان ان حوالي سان 1944ع ۾ نومبر مهيني جي 4 تاريخ تي ميرپورخاص ۾ سڏايل خالص علمي ميڙاڪي جو سربستو احوال پيش ڪيو ويو آهي.

ان وقت واري بگڙيل ماحول ۾ پنهنجو پاڻ ۾ گڏجڻ ۽ تفرقي بازي کان باز رهڻ واري مقصد سان مولوي عبدالڪريم چشتي جهڙي ڪهنه مشق عالم ۽ صحافي جو ’اتحاد جا طريقا‘ عنوان سان اتحاد جي اهميت کي اجاڳر ڪري پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ واري  مقصد سان هڪ 10 نُڪاتي پريس بيان پڻ پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي آخر ۾  ليکڪ لکي ٿو ته:

”آءُ اميد ٿو ڪريان ته منهنجن هنن چند وينتين ۽ استدعائن تي هندو ۽ مسلم ڀائر ڪافي توجهه ڪندا، جنهن مان ملڪ ۽ خلق جو ججھو ۽ گھڻي ۾ گھڻو فائدو ٿيندو. (ص 26)

هن پرچي کان رسالي ۾ ڪهاڻي ۽  جديد شاعري پڻ نموني طور ڏيڻ شروع ڪئي وئي.

مهراڻ جو ٽيون پرچو ٽن مهينن بعد مئي، جون، جولاءِ 1946ع جي نمبر 3- 4، 5 طور نڪتو. جيڪو ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 80 صفحن تي مشتمل هو. هن پرچي ۾ اڳ وارن هلندڙ سلسلن جهڙوڪ: تاريخ، سير سفر، صوفياڻي ۽ جديد شاعري ( چند شعر) جهڙن سلسلن کانسواءِ، شاهه صاحب ۽ صوفي ڪبير جي شاعري ۽ فڪر بابت مواد ڏنو ويو. ان کان علاوه صلاحڪار بورڊ پاران نثر ڪهڙو هئڻ گھرجي عنوان هيٺ 28 سيپٽمبر 1944 تي ٽرينگ ڪاليج حيدرآباد ۾ سڏايل ميڙاڪي جي تفصيلي رپورٽ پڻ پيش ٿيل آهي، جيڪا دراصل سنڌ نثر کي سمجھڻ ۽ بهتر انداز ۾ لکڻ جي سلسلي ۾ رهنمائي ڪندڙ مواد پيش ڪري ٿي. ان ۾ سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ جي سيڪريٽري پاران چيل هيٺيون ڳالهيون قابل ستائش آهن.

”سنڌي زبان جي نثر تي ڪا به چوڪسي نه ٿي رکي وڃي جنهن لئي مان لٺ ڀڳي سو ڪنهن نه ڪنهن ٻهر جو مصنف ٿيو ويٺو آهي. ادب جو وڏو حصو ڇاڪاڻ ته نثر جو آهي، تنهن ڪري ڪنهن به زبان جي ادب جو ٺهڻ يا ڊهڻ گھڻي ڀاڱي نثر جي پاڪيزگي يا آلودگي تي منحصر آهي. جيڪڏهن قوم جو تخيل پاڪ نه آهي ته ٻي ڪا به وصف اهڙي قوم کي بلند نه ٿي ڪري سگھي. ڇاڪاڻ ته خيال جو ظاهر ڪرڻ نثر جي وسيلي ٿئي ٿو، تنهنڪري هن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته قوم جي ترقي يا تنزل سندس نثر مان معلوم ٿي سگھي ٿو“ (اداره، 19، ص 20)

اهي هيا اسان جي بزرگن جا ارادا جن جي حاصلات لاءِ مهراڻ جهڙي رسالي جو معياري طور نڪرڻ  ضروري ڄاتو پئي ويو انڪري محترم عثمان علي انصاري صاحب اڳتي هلي لکيو:

”زبان کي پاڪ رکڻ لاءِ، ادب کي دلچسپ بنائڻ لاءِ، ضروري آهي جو ادبي بورڊ طرفان هڪ ماهوار رسالو نڪرندو رهي، جنهن ۾ ڪتابي، اخباري نثر تي گرفت ٿيندي رهي، ۽ نوجوان مصنفن کي وقت بوقت رهبري ملندي رهي، جيئن هو پنهنجي لکڻ جي طرز کي نه فقط صحي ڪندا رهن، بلڪ دلچسپ به بنائيندا رهن.“ (اداره، 1946ع، ص 21)

اهي هيون ابتدائي ڪوششون ۽ انهن جي پورائي لاءِ، مهراڻ جهڙي معياري رسالي جي ضرورت لاءِ پر اميد خواهشون، جنهن جو ورهاڱو ٿيڻ سان بنياد وڌو ويو هو. قلم جو علم ۽ معلم سان نه رڳو سڌي طرح واسطو آهي، پر انهن جي اعليٰ محنت ۽ مشقت سان متعلم جي روپ ۾ جا حاصلات ٿئي ٿي ان جي اهميت جي مدنظر شيخ ڪريم بخش جو ’علم، معلم، متعلم‘ عنوان سان پُر مغز مضمون ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ’علم، معلم ۽ متعلم‘ جي اهميت ۽ انهن جي هڪ ٻئي سان تعلق کي اعليٰ انداز ۾ اجاڳر ڪيو ويو آهي.

اهي جيئن ته نئين حڪمرانيءَ جا شروعاتي ڏينهن هيا، نئين جوڙجڪ پئي ٿي، اهڙي ماحول ۾ مهراڻ ايڊيٽوريل بورڊ وارن پنهنجو موقف پيش ڪرڻ ۽ عام توڙي خاص کي حاڪم ۽ حڪمرانيءَ وارن حقيقتن کان واقف ڪرڻ لاءِ ”حڪومت ڇا کي ٿو چئجي؟“ عنوان هيٺ اداري پاران ليک پيش ڪيو، جنهن ۾ حڪومت جي بنيادي مقصد طرف اشارو ڪندي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته؛ ”ملڪ جا سياسي رهبر ملڪ جا قانون اهڙا تيار ڪن جيئن؛

(1) عام کي سلامتي نصيب ٿئي.

(2) عام جي حياتي ۾ رنگيني پيدا ٿئي.

(3) عام مان احساس ڪمتري Inferiority Complex نڪري وڃي.“ (اداره 1946ع، ص 72)

هن پرچي ۾ به فڪشن واري حوالي سان ساڳيو انداز اختيار ڪيو ويو. يعنيٰ قديم ۽ جديد شاعريءَ سان گڏ ڪي نصيحت ڀريا ٽڪرا ۽ هڪ ٻه افسانو نموني طور ڏنا ويا.

مهراڻ جو چوٿون پرچو، پڻ ٽه ماهي ٿي نڪتو، جيڪو نمبر 6، 7، 8 يعنيٰ آگسٽ کان آڪٽوبر تائين هو. هن پرچي کي معيار توڙي مقدار جي لحاظ کان وڌيڪ بهتر ڪيو ويو هو. هي پرچو 60 صفحن تي مشتمل هو، جنهن ۾ اڳين پرچن ۾ شروع ڪيل سلسلن جهڙوڪ لغت بابت مواد، دهقاني شاعريءَ وارو مواد، ننڍا ننڍا اخلاقي ۽ اصلاحي قصا، سير سفر بابت مواد کانسواءِ نواڻ طور سنڌ جي خالص شعري صنف ڪافيءَ بابت تحقيقي ليک پڻ ڏنو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري نثر کي عام ڪرڻ مهراڻ رسالي جي بنيادي مقصدن مان هڪ هو، ان بابت ابتدائي پرچن ۾ ليک ڏنا ويا هئا. هن پرچي ۾ به ان بابت خوبچند ايسرداس جڳتاڻيءَ جو معياري مضمون ڏنو ويو. هن پرچي کان ڪاڪي ڀيرو مل پاران اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائجندڙ ڪتابن ۾ اختيار ڪيل غلط ٻوليءَ بابت تحقيقي ليک لکڻ جي شروعات ڪئي ويئي. هن پرچي ۾ روچيرام گنگارام جو مختصر ليک ”مهراڻ جو منهنجي من مٿي اثر“ ۽ احمد خان سنائي جو ”مهراڻ جو مهورت“ سري هيٺ لکيل ليک، رسالي مهراڻ جي اهميت ۽ اعليٰ مقام ۽ معاشري کي ان جي ضرورت کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ پڙهندڙن جو توجهه ڇڪائين ٿا.

ان وقت واري تفرقي بازي پکيڙيندڙ ماحول ۾ سنڌي سماج کي ايڪتا ۽ اتحاد جي وڏي ضرورت هئي، ان ڳالهه جي اهميت کي نظر ۾رکندي شري سڏاڻي لکيو؛

”مان مهراڻ جي ليکڪن کي سِپُن سان انهيءَ ڪري ٿو ڀيٽيان، جو لکندڙن جي لياقت ڪري، هر هڪ ليک ساريءَ سنڌ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح فيض رسائي  سگھي ٿو. پر تڏهين به انهن موتين جي ماڳ ۾ ٻن ڳالهين کي، ٻين ڳالهين کان جان تان وڌيڪ وزن ڏنل آهي؛ (1) هندو مسلم ايڪتا، (2) سنڌيءَ ٻوليءَ جو سڌارو واڌارو.“ (سڏاڻي، 1946ع، ص 38)

 ٻوليءَ جي بگاڙ تي ڪنٽرول ڪري، ان کي جوڳو مقام ڏيارڻ ۽ تفرقيبازيءَ کان پاسو ڪندي اتحاد ۽ اتفاق  ڪيئن پيدا ٿئي، ان سلسلي ۾ اڳ ڪيل ڪوششن طرف اشارو ڪندي وڌيڪ لکيو ويو:

”اميد ته جيئن انهن پرچن (مهراڻ جا اڳ وارا پرچا) ۾ آيل آهي، تيئن جي تتي تي لکندڙن جو ڌڪ مٿان ڌڪ لڳندو ايندو ته هندو مسلم ايڪتا وارو سخت لوهه ضرور ٺپجي آبدار رڪ ٿي پوندو، ۽ سنڌيءَ جو ادب به اوڄ پائيندو رهندو.“ (سڏاڻي، 1946ع، ص 38)

احمد خان سنائي، رسالي مهراڻ وارن اڳ شايع ٿيل پرچن جي مطالعي بعد، رسالي جي اهميت ۽ ضرورت بابت هن ريت رقم طراز آهي ”سنڌي علم ادب کي اجارڻ  مهراڻ جو مهورت نيڪ فال آهي. قديم سنڌي جو گم گشته ذخيرو جو اسان جي سستيءَ سبب سڙي ويو هو، ۽ سنڌيءَ سلاست، سادگي ۽ سونهن لاءِ جو سڪي رهيا آهيون، سا خوشي مهراڻ جي مدد سان ماڻينداسين.“ (سنائي، 1946ع، ص 39)

رسالي مهراڻ  جو پنجون پرچو 8 ۽ 9- آڪٽوبر- نومبر 1946ع ۾ شايع ٿيو. 60 صفحن تي مشتمل هي پرچو ٻه ماهي هو. هي پهريون پرچو آهي، جنهن ۾ مهراڻ ۾ آيل مواد جي فهرست ڏني ويئي. ان کان اڳ ڪنهن به پرچي ۾ شامل مواد جي فهرست ئي آيل ڪونهي. مواد جي لحاظ کان ساڳيو طريقي ڪار روا رکيو ويو. ان کانسواءِ هن پرچي ۾ ٻه نوان سلسلا شروع ڪيا ويا. پهريون حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت، ٻيو سنڌي ادب جو سرموڙ عالم مرزا قليچ بيگ جي سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ طرفان ترتيب وار جنوري 46 ۽ فيبروري 1946ع تي ٿياسافيڪل هال ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملهايل پروگرامن جو اکين ڏٺو احوال ۽ ان ۾ پڙهيل مواد تي مشتمل رپورٽون شامل ڪيون ويون آهن.

اهڙي ريت ”سنڌيءَ  ۾ لکندڙن  ۽ مترجمن جي رهنمائي لاءِ“ عنوان هيٺ پڻ ڪيترائي مفيد مشورا پيش ڪيا ويا، جن تي عمل پيرا ٿيڻ سان نه رڳو ان دور ۾ پر اڄ به سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو شاندار نموني سڌارو ٿي سگھي ٿو. اداري پاران لکندڙن ۽ ترجمو ڪندڙن لاءِ اهي مکيه نڪتا هن ريت بيان ٿيل آهن.

1: هي ڳالهه ڌيان ۾ رکڻي آهي ته هر ڪنهن تصنيف ۾ جيتري قدر ٿي سگھي اوتري قدر پنهنجي صوبي جي برتري ۽ بُلندي جو پهلو نمايان رهي.

2: ڪنهن به مضمون تي ڪتاب لکيو وڃي ته ان کان اول ضروري آهي ته ان مضمون سان لاڳاپو رکندڙ جيڪا به معلومات، يا مواد يا ڪتاب ميسر ٿي سگھي، تنهن سڀ جو بخوبي مطالعو ڪيو وڃي، جيئن انهيءَ ڪتاب ۾ ڪي به اهڙيون خاميون نه رهجي وڃن، جن ڪارڻ ان ڪتاب جي معياري بنجڻ ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ٿئي.

ان باري ۾، جيڪڏهن، ڪنهن به مصنف يا مولف کي ڪا به صلاح يا مشورو وٺڻو هجي ته بورڊ جي سيڪريٽريءَ سان لکپڙه ڪري سگھي ٿو. بورڊ جو سيڪريٽري هر وقت هر قسم جي رهنمائي ڪرڻ ۽ مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

3: ڪتاب ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه لکڻ مناسب نه آهي، جنهن جو اثر هي نڪري ته ڪنهن به خاص قوم، فرقي يا سوسائٽيءَ جي ڪا دل آزاري ٿئي. انهيءَ جي معنيٰ اها نه آهي ته ادبي تنقيد نه ٿئي، مگر اها تنقيد هجي نه تذليل، اها تعميري يعني ٺاه جوڙ واري هجي، ۽ نه تخريبي يعني ڀڃ ڊاهه واري.

4: سنڌ جو ملڪ روحانيت ۽ تصوف جو گھر آهي. اهڙي ملڪ  جي زبان ۾ فحش نگاري بلڪل نه ٿي ٺهي، ڇو ته اها نه اسان جي ملڪ، ۽ نه اسان جي زبان جي شان جي مطابق  آهي“ (ص 60)

ٽه ماهي مهراڻ جو ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پهرين دور جو ڇهون ۽ آخري پرچو نمبر 10، 11، 12، ڊسمبر 1946ع ۽ جنوري، فيبروري 1947 وارن ٽن مهينن تي مشتمل آهي. اهڙيءَ طرح ان مرحلي تي هڪ ڀيرو وري مهراڻ ٽه ماهي ٿي نڪتو. 80 صفحن تي مشتمل هي پرچو ڊبل ڪالم ۽ سنگل ڪالم طور ٻنهي نمونن واري مواد تي مشتمل آهي. هن پرچي ۾ به اڳ وارن پرچن واري جيان مواد جي چونڊ ۾ ساڳيو طريقو، يعنيٰ ادب جي سڌاري، ٻوليءَ جي واڌاري، لوڪ ادب بابت مواد، سير سفر ۽ فڪشن کي مناسب حصي طور پيش ڪرڻ، وارن سلسلن کي اڳتي وڌائڻ سان گڏو گڏ هڪ وڌيڪ سلسلو ترجمو ٿيل ڪتاب کي شايع ڪرڻ وارو شروع ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ديوانو نالي مترجم پاران Henrikibsen جي ڪتاب Gengangare جي انگريزي ترجمي Ghosts جو ويهن صفحن تي مشتمل مواد پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

هن پرچي ۾ سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ طرفان مختلف ليکڪن جي ڪتابن تي ڏنل انعامي رقم جو اعلان ڪندي ان ڳالهه جو پڻ اظهار ڪيو ويو آهي ته؛

”قلمي نسخا (انعام حاصل ڪيل ڪتابن کانسواءِ) ٻيا به آيل هئا، پر انهن مان ڪي انهن صاحبن پيش ڪيا هئا، جن کي اڳئين ڀيري قلمي نسخن تي بورڊ وٽان انعام عطا ٿيو هو، پر بورڊ جي شرطن پٽاندر انهن اهي قلمي نسخا ڇپائي پڌرا نه ڪيا هئا. ڪو به صاحب جيڪڏهن اها اميد رکي ٿو ته بورڊ وٽان کيس ڪو انعام جڙي، ته ايترو ته بورڊ به لهڻو، جو ان ڏس ۾ بورڊ جي وڌل شرطن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي.“ (ص 5)

1946ع کان ڊبل ڪرائون  سائيز ۾ شايع ٿيندڙ رسالي  ٽه ماهي مهراڻ جو هي آخري پرچو هو. جنهن کي هتي اسين ”ٽِماهي مهراڻ: اوائلي دور (1946ع)“ طور ياد ڪيون ٿا. ان دور جي جنوري 1946ع کان فيبروري 1947 تائين شايع ٿيل ڇهن پرچن واري مواد تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان ابتدائي دور ۾ مجموعي طور هيٺ  ذڪر ڪيل نڪتن طرف ڌيان ڏنو ويو.

1: نفرت ۽ نفاق ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ ڪوشش.

2: سنڌ جي تاريخي مواد کي اجاگر ڪري، ان جي ميڙ ۽ سهيڙ لاءِ ڪوشش.

3: سنڌي شاعري، خاص طور تي شاعريءَ جي نج ۽ خالص سنڌي صنف ڪافيءَ کي جيارڻ جا جتن.

4: سنڌ اندر گم ٿيڻ جي قريب فارسي شاعريءَ واري ٽڙيل پکڙيل مواد هٿ ڪرڻ واري مهم جُويانه ڪوشش کي هٿي ڏيڻ.رسالي جو اڪثر مواد ”اداري“ پاران شايع ٿيل آهي جنهن جو اهو مطلب آهي ته، اهو مواد ايڊيٽوريل بورڊ جي گڏيل مشاورت ۽ محنت سان تيار ٿيندو هوندو. ان وقت واري ايڊيٽوريل بورڊ ۾ هيٺيان نامور عالم شامل هئا.

1 مسٽرعثمان علي انصاري، 2 مولوي دين محمد وفائي، 3 ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، 4 مسٽر لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي

ان پايي وارن عالمن تي مشتمل ايڊيٽوريل بورڊ جو هڪ  ميمبر مسٽر عثمان علي انصاري، سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ جو سيڪريٽري پڻ هو.

مهراڻ جي مڙني پرچن تي ٽائيٽل سادو پر ڏاڍي جازبيت وارو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ سڄي
سر ورق تي سنڌ جي نقشي جو اسڪيچ ڏنل آهي ۽ ان ۾ خاص ماڳ مڪان جهڙوڪ: سکر بئراج، موهن جو دڙو، حيدرآباد، ڪراچي، ميرپورخاص ۽ عمر ڪوٽ جا آثار قديمه نمايان ٿيل آهن ۽ آخر ۾ هيٺان شاهه صاحب جو هي پرازم شعر ڏنل آهي.

گھڙياسي چڙهيا ايئن اٿيئي،

مئي متي مهراڻ ۾ پئه ٽپو ڏيئي.

(شاهه)

ان مايدار شعر جي آخري سٽ آهي:

ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاه سين.

(شاهه)

شاهه صاحب جو مٿيون شعر همت، حوصلي، مستقل مزاجي ۽ مسلسل محنت جو سبق آموز درس ڏيندڙ آهي. اڄ اسين جڏهن 67 سالن کان پوءِ ٽِماهي مهراڻ جي اوائلي اشاعت ۽ ان جي ارتقا لاءِ ڪيل ڪوششن جي ڪٿا ڪريون ٿا، تڏهن ان وقت وارن سنڌي ادب جي هڏڏوکي عالمن، اديبن، وينجهارن جي مستقل مزاجيءَ سان ڪيل هن پورهيي کي داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. جن ڪشالا ڪري، موج ڀري مهراڻ واري تسلسل کي برقرار رکڻ ۽ معيار توڙي مقدار واري حوالي سان سنڌي ادب جي جهولي ڀرڻ جي سلسلي ۾ همت ڪري هڙان وڙان سنڌي ادب جي ٻيڙي پار اُڪاري ورتي.

مددي مواد

(1)        مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 1، جنوري 1946ع

(2)       مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 2، اپريل 1946ع

(3)       مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 3، 4، 5، مئي- جولاءِ 1946ع

(4)       مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 6، 7، 8، آگسٽ- آڪٽوبر 1946ع

(5)        مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 8، 9، آڪٽوبر ۽ نومبر 1946ع

(6)       مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 10، 11، 12، ڊسمبر 1946ع، جنوري ۽ فيبروري 1947ع

(7)       بولچند وسومل راجپال، مهتممي نوٽ، ماهوار سنڌو، شڪارپور فيبروري 1935ع

(8)       سيوهاڻي، فتح محمد حڪيم، سنڌيءَ ۾ نظم ۽ نثر، ماهوار سنڌو شڪارپور جنوري 1936ع

(9)       نماڻو، اي سنڌ جا مسلمان! (۾) نئين سنڌ ۽ ٻيا مضمون، گڏ ڪندڙ: بولچند وسومل راجپال 1940ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com