سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :9

ڊاڪٽر مخمور بخاري

 

حضرت سيد علي سرمست شاهه بخاري

قلندر سائين جو وزير

تاريخ علم آهي ڪالهه کي ڄاڻڻ جو، اسان جيڪو وقت گذاري ٿا اچون ان کي جيڪڏهن رقم نه ڪجي ته تاريخ جو وڏو خلاءَ پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ وقت جي ڊوڙندڙ رفتار سان گهڻو ڪجهه ميسارجي وڃي ٿو، پر جيڪڏهن ان وقت کي جهٽي وٺجي، لفظن ۾ قيد ڪجي ته تاريخ جا ڪيترائي باب پاڻمرادو رقم ٿي وڃن ٿا. ڪيترائي سماجي، سياسي، ثقافتي، تهذيبي، تمدني، علمي واقعا پنهنجي تسلسل سان اسان تائين پهچي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن تاريخ جي صفحن ۾ ڪن اهم بابن جي کوٽ به پنهنجي جاءِ تي محسوس ٿيندي آهي. سنڌ جي شاندار علمي ۽ روحاني اتهاس ۾ حضرت قلندر شهباز جو مان مرتبو اعليٰ آهي، پر ان جي سوانح ۽ علمي مرتبي تائين گهڻو احوال تضادن جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو. (انهن تضادن کي راقم پنهنجي هڪ مقالي ”قلندر شهباز تي نئين سر تحقيق جي ضرورت“ ۾ بحث هيٺ آندو آهي.)

حضرت قلندر شهباز جي چٽي/ اڻ چٽي احوال ۾ سندس خليفن جو ذڪر پڻ شامل آهي. لال سائين جي خليفن ۾ مخدوم علي سيوستاني، مير ڪلان، مير سيد صلاح الدين، پير پٺو، مخدوم سڪندر بودلو ۽ سيد علي سرمست شامل آهن. ڪن تذڪرن ۾ سيد علي سرمست کي سيد علي بغدادي ڪري پڻ لکيو ويو آهي. اڄ هن محفل ۾ سيد علي سرمست بابت گفتگو ڪئي ويندي ڇاڪاڻ جو هن بزرگ بابت ڪوبه مفصل احوال قلندر سائين بابت تذڪرن ۾ موجود ناهي.

سيد علي سرمست بابت تذڪرن ۾ جيڪي ڪجهه درج آهي، اهو ايترو ته مختصر ۽ اڻ چٽو آهي جو ان مان شاهه صاحب جي سوانح توڙي علمي مرتبي بابت ڪا خاطر خواهه ڄاڻ نه ٿي ملي، تنهن ڪري ضروري آهي هٿ آيل مواد جي آڌار تي اسان هن بزرگ بابت ڪا ڳالهه ٻولهه ڪيون.

سيد علي سرمست، حضرت سيد جلال الدين حيدر سرخپوش، جو فرزند ارجمند هو (1) ۽ قلندر شهباز جو وزير ليکجي ٿو. سيد جلال الدين حيدر، قلندر شهباز جي چئن يارن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ پنهنجي وقت جو عارف ڪامل ۽ اهل الله هو. سندن ولادت 595هه ۾ بخارا ۾ سيد علي ابو المويد بخارا جي گهر ٿي، سندن والد نقوي سادات هجڻ باوجود بخاري سڏرائيندو هو. سيد علي پنهنجي وقت جو اهلِ علم ۽ اهل فضيلت شخص هو، تنهنڪري سيد جلال الدين جي تعليم ۽ تربيت پاڻ ئي ڪرڻ فرمايائون. سن بلوغت کي پهچڻ کان اڳ ئي سيد جلال جون ڪرامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿيون. سندن والد کين اهڙن عملن کان روڪي ڇڏيو ۽ اڃا به وڌيڪ اندر جي صفائي تي سوچ کي مرڪوز رکڻ جي تلقين ڪندا رهيا. جواني جي ڏاڪي تي قدم رکڻ کان پوءِ سندن والد بخارا جي هڪ نيڪ مرد سيد قاسم بخاري جي دختر سان سندن شادي ڪرايائون، جنهن مان کين ٻه فرزند سيد جعفر ۽ سيد علي سرمست پيدا ٿيا. ڪجهه عرصي بعد بيبي صاحبه وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ سيد جلال الدين حيدر پنهنجي ٻنهي فرزندن سيد جعفر ۽ سيد علي سرمست سان گڏ پنهنجن بزرگن جي زيارت ۽ حصولِ علم جي لاءِ ڪربلا ۽ نجف اشرف پهتا جتان باطني فيض حاصل ڪرڻ بعد شام روانا ٿيا، جتي ڪجهه عرصو حضرت سليمانؑ جي روضي تي حاضري ڀريندا رهيا ۽ پنهنجي اندر ۾ حق جي حقيقت کي ڳوليندا رهيا، ان کان پوءِ مدينة منوره پهتا ۽ رسول اڪرمﷺ جن جي روضي تي حاضري ڀريائون ۽ اتي به ڪجهه عرصو تعليم جي حصول ۽ روحاني منزلن جي اعليٰ ٿيڻ جي لاءِ ترسي پيا، نيٺ ايران جي رستي سنه 630هه ۾ سکر/ بکر پهتا.(2)

سيد جلال الدين جي هن سفر جو عرصو ڪنهن به نه ڄاڻايو آهي. هڪ اندازي موجب اهو سفر لڳ ڀڳ ڏهن ورهين تي مشتمل هوندو، يعني 35 ورهين جي ڄمار ۾ سيد جلال الدين سنڌ پهتو، ساڻن سندن ٻئي فرزند حضرت سيد جعفر ۽ حضرت سيد علي سرمست گڏ رهيا. اهڙي تصديق بخاري خاندان جي شجري ۽ تحفة الڪرام ۽ ڪن ٻين تذڪرن مان ٿئي ٿي(3). سنڌ پهچڻ کان پوءِ سيد جلال الدين حيدر بکر جي سادات سيد بدر الدين وٽ قيام ڪيو(4). سيد بدرالدين اهل الله ۽ درويش ۽ الله وارن سان انسيت رکندڙ هو.
تحفة الڪرام ۾ کين سيد صدرالدين جو پٽ ڄاڻايو ويو آهي(5) جڏهن ته سيد حسام الدين راشدي ”حديقة الاولياء“ جي مقدمي ۾ کيس سيد محمد مڪي جو وڏو پٽ ۽ سيد صدرالدين جو ڀاءُ سڏيو آهي(6). سيد صدرالدين جي احوال ۾ ڪٿي به سيد بدرالدين سندس پٽ ڄاڻايل ناهي. سيد محمد مڪي بکري ستين صدي هجري ۾ اچي بکر ۾ رهيو، کين شيخ شهاب الدين سهروردي (539هه/ 632هه) جي نياڻي مان چار پٽ ۽ ٻي بيبي مان سيد شمس ۽ سيد ماهه ٻه پٽ ڄاوا. پهرئين چئن مان سيد صدر الدين ۽ سيد بدرالدين بکر ۾ ڄاوا. سيد محمد مڪي 644هه ۾ وصال فرمايو.

سيد بدرالدين جي شادي نصرت خان (غالباً سلطان سيد علاوالدين خلجي جي ڀاءُ) جي نياڻي سان ٿي جنهن مان کين ٻن پٽن سيد مرتضيٰ ۽ سيد سعد الدين ۽ غالباً ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. سيد مرتضيٰ ۽ سيد سعدالدين ملتان جي لانگاهه سلطانن مان سڱ ورتا(7).

 سيد حسام الدين راشدي ڪتاب ”حديقة الاولياء“
جي مقدمي ۾ سيد بدرالدين جي پڙهيل هڪ سنڌي بيت به ڏنو آهي:

کٽئين تان هارئين، مرين ته وڃين واءَ

ٻنهي منجهئون هڪڙي، چڱي نه ٿئي ڪاءِ(8).

ان ئي سيد بدرالدين پنهنجي نياڻي ڪنيز زهريٰ، سيد جلال الدين حيدر جي نڪاح ۾ ڏني، جنهن مان سيد محمد غوث پيدا ٿيو ۽ بيبي صاحبه وفات فرمائي، جنهن کان پوءِ شاهه صاحب وري پنهنجي ٻي نياڻي ڪنيز اطمه، سيد حيدر جي نڪاح ۾ ڏني جنهن مان کين سيد احمد ڪبير پيدا ٿيو(9). جنهن جي شادي وري پنهنجي مامي سيد مرتضيٰ جي نياڻي سان ٿي، جنهن مان سيد جلال جهانيان جهان گشت ۽ راڄو قتال پيدا ٿيا(10).

سيد جلال الدين حيدر بکر کان وري ملتان پهتو ۽ غوث بهاوالدين جو مريد بڻيو ان عرصي ۾ سندن فرزند سيد جعفر بخارا واپس هليو ويو البته سندن ٻيو نمبر فرزند ۽ قلندر شهباز جو وزير سيد علي سرمست ساڻن گڏرهيو. اهڙي تصديق مون کي مختلف تذڪرن کان علاوه پنهنجي خانداني شجري مان ملي ٿي جنهن مطابق:

”سن 641 هه ۾ (ملتان کان) بکر واپس آيا، پر اُتي سندن طبيعت کي قرار نه آيو ۽ پنهنجي اهل عيال سميت ملتان ڏانهن وريا، پر ملتان بدران اچ شريف ۾ رهائش اختيار ڪيائون جيڪو ان وقت اوچائي تي هڪ ڳوٺ هو. انهي هجرت دوران سندن وڏو فرزند سيد جعفر واپس بخارا هليو ويو، سيد علي گڏ رهيو جيڪو اڳتي هلي سيد علي سرمست جي نالي سان مشهور ٿيو(11).“

سيد جلال الدين حيدر سرخ بخاري جو حضرت غوث بهاءالدين زڪريا، حضرت فريد شڪر گنج ۽ حضرت قلندر شهباز سان گڏ سنڌ ۽ هند جي سير ۽ سياحت مشهور آهي ۽ ان ئي سياحت دوران سيد علي سرمست پنهنجي والد سان گڏ رهيو هوندو ڇاڪاڻ جو هڪ ته سيد جعفر جي بخارا واپس هليو وڃڻ بعد هوئي سنڌ ۾ والد جو وڏو پٽ هو. سندس ٻه ٻيا ڀائر سيد محمد غوث ۽ سيد احمد ڪبير ننڍا هئا، ٻيو ته شروعات کان هو والد سان گڏ رهيو. سندس تعليم ۽ تربيت حضرت سيد جلال الدين حيدر خود ڪئي هوندي. گمان غالب آهي ته ان ئي سير ۽ سياحت دوران سيد جلال الدين پنهنجي مرشد غوث بهاءالدين زڪريا جي حڪم تي يا پنهنجي مرضي موجب پنهنجي فرزند سيد علي سرمست، حضرت قلندر شهباز جي خدمت ۾ پيش ڪيو هوندو، هڪ اندازو اهو به آهي ته حضرت جلال الدين اهو فيصلو قلندر شهباز جي وڏي ڄمار کي ڏسندي به ڪيو هجي.

سيد علي سرمست، سيد جلال الدين حيدر جو ٻيو نمبر فرزند هو. هو سنڌ ۾ ئي رهيو. سندس نسب هن ريت آهي:

سيد علي سرمست بن سيد جلال الدين حيدر سرخ پوش بن سيد علي ابو المويد بن سيد جعفر ابو تراب بن محمد ابو الفتح بن محمود بن احمد ابو يوسف بن عبدالله (جد سادات بخاري) بن علي الاشقر يا علي اصغر بن جعفر الزڪي بن امام علي نقي بن امام محمد تقي بن امام علي رضا بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام باقر بن امام زين العابدين بن سيد الشهداءِ امام حسين عليہ السلام بن حضرت علي عليہ السلام بن ابو طالب(12).

 سيد علي سرمست جو اولاد سنڌ ۽ هند ۾ پکڙيو. اسان جي خانداني معلومات ۽ شجري موجب سيد علي سرمست جي اولاد جو سلسلو هن ريت آهي.

سيد علي سرمست ان جو پٽ سيد بهاوالدين ان جو پٽ مبارڪ ان جو پٽ محمود ان جو پٽ حامد ان جو پٽ احمد ان جو پٽ محمد ان جو پٽ بهاوالدين ان جو پٽ رحمت ان جو پٽ شاهه حسين ان جو پٽ اجمل هاشم (لقب: ڪمال) ان جو پٽ احمد علي ان جو پٽ عارف ان جو پٽ فيروز ان جو پٽ عابد ان جو پٽ عباس ان جو پٽ محمد ان جو پٽ مسعود ان جو پٽ مير مست ان جو پٽ شمس الدين ان جو پٽ الهداد ان جو پٽ نذر محمد ان جو پٽ پير محمد ان جو پٽ مصطفيٰ ان جو پٽ نذر محمد ان جو پٽ پير محمد ان جو پٽ مصطفيٰ ان جو پٽ درويش شاهه ان جو پٽ پير محمد ان جو پٽ ابراهيم ان جو پٽ علي محمد ان جو پٽ واحد بخش ان جو پٽ ممتاز علي شاهه المعروف ڊاڪٽر ممتاز بخاري(13).

ڊاڪٽر ممتاز بخاري جن کي ٽي فرزند هر هڪ ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه بخاري، شهيد سيف بخاري ”تنها“ ۽ ڊاڪٽر رشد الله شاهه عرف مخمور بخاري ٿيا.

حضرت سيد علي سرمست، قلندر سائين جي محبوب نظر خليفن مان هو، تنهنڪري ئي کين لال سائين جو وزير ڪري سڏيو ويندو هو. شاهه صاحب جي ان چٽي احوال مان اها ڳالهه نٿي خبر پوي ته ڪهڙي سن ۾ سيد علي، قلندر سائين جو مريد ٿيو پر واقعن جي ترتيب مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته جڏهن چئن يارن گڏجي سنڌ ۽ هند جو سير ٿي ڪيو ته اهو زمانو اندازاً 641هه کان 649هه/ 1451ع جي وچ جو آهي. ڇاڪاڻ ته سن 641هه کان پوءِ ئي حضرت جلال الدين حيدر سرخ ٻيهر بکر کان اچ آيو. جڏهن ته شاهه صاحب 630هه ۾ بکر سيد بدر الدين وٽ آيو جنهن کان پوءِ 641هه تائين هڪ يا ٻه ڀيرا ملتان ويو ۽ نه رڳو غوث جو مريد ٿيو، پر کانئس روحاني حاصلات جي سلسلي ۾ رهنمائي به حاصل ڪئي. هوڏانهن ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جي لکت موجب: ”اندازاً قلندر شهباز 649هه/1451ع ۾ سير سياحت کان پوءِ سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪئي.“(14) هنن واقعن جي ترتيب مان اندازاً سيد علي سرمست، قلندر شهباز جو خليفو سن 641هه کان 649هه/1451ع جي وچ ڌاري ٿيو. جڏهن ته هنن واقعن مان اسان هڪ ٻيو اندازو به لڳايون ٿا ته سيد جلال الدين بخارا کان ڪربلا، نجف اشرف، شام، مدينة منوره کان ٿيندا ايران رستي 630هه ۾ بکر پهتا. سندن ٻه فرزند سيد جعفر ۽ سيد علي ساڻن گڏ رهيا. سيد جلال الدين جيڪڏهن اهو سفر 620هه يا 622هه ۾ شروع ڪيو هوندو ته ان وقت سندن عمر 25 يا 27 ورهيه هوندي، ڇاڪاڻ ته سندن ولادت 595هه ۾ ٿي. ان خيال موجب سيد علي سرمست ان وقت پنجن کان اٺن سالن جو هوندو يعني سندن ولادت 612هه کان 6-615هه جي وچ ڌاري ٿي هوندي ۽ جواني جي دور ۾ قلندر سائين جو خليفو بڻيو. هنن واقعن جي ترتيب مان ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي جي اها راءِ ته هو (سيد علي سرمست) والد جي حياتي ۾ واپس بخارا ويو(15) ۽ حبيب الله ڀُٽي جي راءِ ته قلندر جي سياحت دوران هو کيس بغداد ۾ گڏيو ۽ اتان ساڻس گڏ سنڌ آيو(16) درست نه ٿي لڳي.

سيد علي سرمست، قلندر شهباز جو سڀ کان اهم خليفو ڏسجي ٿو، ڇاڪاڻ ته تذڪرن موجب
قلندر شهباز پنهنجي آخري وقت سيد علي سرمست کي قلندري سلسلي بابت هدايتون ڏنيون ۽ پنهنجي تدفين واري جاءِ بابت پڻ کين حڪم فرمايو. جنهن کان پوءِ مراقبي ۾ ويهي عبادت ۾ مشغول ٿي ويا(17) ۽ پوءِ جڏهن قلندر شهباز هن جهان مان وصال فرمايو ته سندن غسل جا فرائض شيخ عالي ادا ڪيا ۽ تڪفين ۽ تدفين سيد علي سرمست ۽ سندن ٻين فقراه ڏسيل آخري آرام گاهه واري جاءِ تي بجا آندا(18). وفات وقت سيد علي سرمست، سيد عبدالوهاب، عبدالله شاهه ابدال علوي، بابا ابراهيم ولي جو نورچشم سيد مير ڪلا شاهه سبزواري موجود هئا(19).

قلندر سائين جي رحلت کان پوءِ سندن طريقت جو سلسلو سندن طالبن حضرت سڪندر بودلو بهار، حضرت عبدالله شاهه ابدال ۽ سيد علي سرمست جاري رکيو(20). جليل سيوهاڻي وڌيڪ لکي ٿو:

”قلندر سائين جي فقيرن جو فرمودو هي آهي ته مرشد قلندر شهباز جي فيض جو درياءَ سندن حياتي ۾ محدود هو، مگر سندن وصال کان بعد اهو لامحدود ٿي ساري ملڪ کي پنهنجي فيض جي رحمت وارين ڇولين سان سيراب ڪيو جو ڪيترائي سنڌ ۽ هند جا درويش سندن دراقدس تان سندن طريقت جي نوراني شمع مان پنهنجون شمعون جلائي عوام الناس کي روشن ڪندا هئا(21).“

 قلندر شهباز جي انهن ٽن خليفن جي جاري سلسلي مان ڪيترائي عام ماڻهو بهرور ٿيا ۽ ڏينهن به ڏينهن مريدن جو تعداد وڌڻ لڳو. خاص طور
سيد علي سرمست وٽ ماڻهن جو هجوم جهجهو ٿيڻ لڳو تنهن کان پوءِ ٽنهي خليفن عام کي سنئين واٽ ڏسڻ لاءِ جدا جدا تڪيا قائم ڪيا.

سيد علي سرمست جي ابتدائي تربيت ۽ تعليم پنهنجي والد ڪامل ۽ اهل الله حضرت جلال الدين حيدر سرخ بخاري وٽ ٿي، ان کان پوءِ هن يقيناً حضرت غوث بهاء الدين زڪريا ۽ فريد الدين گنج شڪر وٽان به فيض حاصل ڪيو هوندو، پر مستقل روحاني تربيت حضرت قلندر شهباز وٽان ئي حاصل ڪري روحاني ڪمال ماڻيو هوندو، تنهن ڪري ئي قلندر شهباز پنهنجن ڪن عزيزن خليفن جي هوندي به قلندري سلسلي بابت هدايتون فقط سيد علي سرمست کي ڏنيون ۽ هن عارف شخص ان سلسلي کي پنهنجي روحاني ڪماليت سان سنڌ ۽ هند ۾ وڌيڪ عام ڪيو. عام جي اخلاقي ۽ روحاني اصلاح ڪئي ۽ منجهن پاڻ سڃاڻڻ جي ادراڪ جي سگهه کي اجاگر ڪيو، اهڙي ريت فرد پنهنجي پاڻ ۾ موجود خدائي صفتن کي ڳولي لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري منزل ڏانهن وڌي ٿو.

سيد علي جي وفات بابت پڻ اسان کي ڪابه ڄاڻ نه ٿي ملي. کين رحلت بعد قلندر شهباز جي روضي ٻاهران صحن ۾ دفنايو ويو. 7 رجب 757هه تي فيروز شاهه بادشاهه جي طرفان سيوهڻ جي حاڪم ناظم ملڪ اختيار الدين، قلندر شهباز جو روضو جوڙايو جنهن جي ستن مهينن بعد 7 صفر 758هه تي سيد علي سرمست جو روضو (چبوترو) جوڙايو، جنهن جي تياري جي تاريخ هنن بيتن مان ملي ٿي:

شد بناي گنبذ عالي بع عهد شهريار

شاهه فيروز آنگه بگرفت است گيتي زو ترار

 

في سود مر بنده درگاه شاه شهر را

گر ڪند در سرفرازي، برسلاطين افتخار

 

برسر قبر ولي الله، علاءُ الحق علي

جود از بغداد واندر صف پاڪان شهسوار

 

اين بزرگ و يا ڪارمت هر ڪرا باشد عزيز

هر زمان بادا به قبرش رحمت ايزد نثار

 

هفتم از ماه صفر مبني شد اين مرقد به سال

هفصد و پنجاه وهشت از هجرت احمد شمار

 

ڪرد بنيادش ملڪ سيرت ملڪ ارشد که او

هست اندر عدل و بذل و خلق واحسان نامدار

 

چونکه ذات او در اين شهر سيوستان آمده

تازه از سر گشت اَن بمقصد بسان نو بهار

 

... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...

... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...

(هي بيت تذڪري جي صاحب کي پڙهڻ ۾ نه آيو)

ترجمو:

جهان پناهه بادشاهه فيروز شاهه جي دور ۾

جنهن جي درگاهه جي غلامن کي

بادشاهن کي فوقيت حاصل آهي

بغداد کان آيل پاڪن جي صف شهسوار

سيد علي جو مقبرو

تاريخ 7 صفر 758هه ۾ تيار ٿيو

هر ڪو هن بزرگ جي عزت ڪري ٿو

هر گهڙي خدا جون مٿس رحمتون هجن

ملڪ (اختيار الدين)

جيڪو عدل ۽ خلق کان مشهور آهي

جڏهن سيوهڻ ۾ آيو

ته هي مقبرو تيار ڪرايائين(22).

*

سيد علي سرمست جو پٽ سيد بهاءالدين پنهنجي اهل و عيال سميت اچ شريف ۾ ئي رهيو ان جي ستين پيڙهي مان سيد رحمت الله بخاري اچ ڇڏي بکر ۾ اچي رهيو (شايد بکر جي ساداتن سان سندن تعلقات قائم هئا). جنهن کان پوءِ سندس اولاد سڄي سنڌ ۾ پکڙجي دين جي تبليغ جو اعليٰ ڪم سرانجام ڏيڻ لڳو ۽ اڄ به سنڌ ۾ سيد علي سرمست جو اولاد موجود آهي.

قلندري سلسلو انسان جي باطن جي صفائي جي هڪ علحده واٽ ڏسي ٿو. ملامتي انداز خود جي نفي ڪرڻ جو سڀ کان ڏکيو عمل آهي ۽ جيڪو فرد ان واٽ تي هلي وڃي ٿو اهو پنهنجي اندر جي شرڪ کي ٽوڙي خود ٻاهر نڪري اچي ٿو ۽ پوءِ ڀلي دنيا ان کي ڇا به چئي پر هن جي نگاهه ۾ نور جي جلوي جو چمڪو روشن رهي ٿو.

حوالا/ حاشيا

(1) جليل سيوهاڻي، الشهباز (سوانح حيات حضرت قلندر شهباز) ص 75، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2012ع ٻيو ڇاپو

      جليل سيوهاڻي حضرت سيد جلال الدين حيدر جو نالو
سيد شير شاهه جلال سرخپوش بخاري لکيو آهي جيڪو ڪٿان به ثابت ناهي.

(2) شجره خاندان بخاري (قلمي) ملڪيت: پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري ص 23، هالا نوان

      سيد مقصود نقوي (مرتب و مولف)، رياض الانساب المعروف گلزار نقي، ص 285 (اردو)، اظهار سنز لاهور، 1979ع

(3) شجره خاندان بخاري (قلمي)، ص 23، مير علي شير قانع،
تحفة الڪرام ص 297، (سنڌي ترجمو)، مخدوم امير احمد، ايڊٽ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو

(4) شجره خاندان بخاري (قلمي)، ص 23، رياض الانساب المعروف گلزار نقي، ص 286 (حوالو اڳ آيل آهي)

(5) تحفة الڪرام، ص 297 (حوالو اڳ آيل آهي)

(6) سيد عبدالقادر بن سيد محمد هاشم ٺٽوي، حديقة الاوليا، ص 42 (مقدمو) (فارسي) بتصحيح: سيد حسام الدين راشدي،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1967ع.

(7) حديقة الاوليا، ص 42، 37، 36 (مقدمو) حوالو اڳ آيل آهي)

(8) حديقة الاوليا، ص 42 (مقدمو) (حوالو اڳ آيل آهي)

(9) شجره خاندان بخاري، ص 24، رياض الانساب المعروف
گلزار نقي، ص 286 (حوالو اڳ آيل آهي)

(10) حديقة الاوليا، ص 42 (حوالو اڳ آيل آهي)

(11) شجره خاندان بخاري، ص 24 (حوالو اڳ آيل آهي)

(12) شجره خاندان بخاري، ص 3، 2، 1 (حوالو اڳ آيل آهي)

(13) شجره خاندان بخاري، ص 8، 7، 6، 5، 4 (حوالوا ڳ آيل آهي)

(14) ڊاکڻر ميمن عبدالمجيد سندهي، پاکستان مين صوفيانه تحريکين، ص 320 سنگ ميل پبلييکشنز، لاهور 1994ع

(15) پاکستان مين صوفيانه تحريکين، ص 411 (حوالو اڳ آيل آهي)

(16) حبيب الله ڀٽو، سنڌڙي دا شهباز قلندر (مقالو)، ص 108، شامل: تذڪره قلندر لعل شهبازؒ، مرتب: انور ساگر ڪانڌڙو، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي 2011ع

(17) الشهباز (سوانح حيات حضرت قلندر شهباز) ص 93، تذڪره قلندر شهباز، ص 84 (حوالا اڳ آيل آهن)

(18) الشهباز (سوانح حيات حضرت قلندر لعل شهباز) ص 95 (حوالو اڳ آيل آهي)

(19) تذڪره قلندر شهباز، ص 134 (حوالو اڳ آيل آهي)

(20) الشهباز (سوانح حيات حضرت قلندر لعل شهباز) ص 95

(21) الشهباز (سوانح حيات حضرت قلندر لعل شهباز)،ص 95

(22) عبدالغفور بن حيدر تذڪره مشائخ سيوستان، ص 321، سنڌي ترجمو: نياز همايوني، ايڊٽ: سيد حسام الدين شاهه راشدي، شامل ڪتاب ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون، سيد حسام الدين شاهه راشدي، مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 1992ع

(23) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، قلندر نامه، ص 61، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي 2012ع (ڇاپو ٽيون).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com