سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:20

مدد علي سنڌي

 

 

 

سڀ وڃنم جنم وسري

 

هاڻ ته ياد نٿو اچي ته طارق عالم سان ڪڏهن ملاقات ٿي هئي؟ ذهن جي ڪئنواس تي هن جي يادگيرين جا ڪيترا رنگ آهن اڃا باقي. رات جي راڻيءَ جهڙي خوشبو، يادگيرين جي رنگن سان.، جڏهن ڪنهن واچوڙي وانگر اٿندي آهي وڙاڪا ڏيئي، ته پوءِ من کي هڪ عجيب آٿت اچي ويندي آهي. انهن يادگيرين کي سچ پچ ته ڪاغذن تي اتارڻ آهي ڏاڍو ڏکيو.

ڪڏهن ڪڏهن سچ پچ يقين ئي نه ايندو آهي، ته هُو اڄ اسان ۾ موجود ڪونهي. ڪجهه وقت اڳ اهو صبح خالي نه هوندو هو جو سندس ايس.ايم.ايس نه پهچندو هو. اصل ۾ هُو بنيادي طور تي هڪ فنڪار هو. باشعور فنڪار، هڪ ڪلاڪار وانگر هن جا ڪيترائي خواب هئا. اڙدوءَ جي مشهور شاعرن ۾ راشد ڪنهن نظم ۾ چيو هو ته:

منهنجا آهن خواب!

هن دور کان هن دور جي سڪل  درياهن کان،

پکڙيل صحرائن کان ۽ شهر جي ويرانن کان،

ڏکويل ۽ اداس

منهنجا آهن ڪي خواب.

ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته طارق وٽ اهي سمورا خواب هئا. انيڪ خواب! پر اهي اڌورا رهجي ويا هئا. زندگي ماضيءَ جي ماٿرين ۾ جهاتي پائڻ لاءِ به تيار نه هئي. اها سندس پڇاڙي هئي. اسپتال مان روز موڪليل سندس پيغام مان لڳندو هو، هُو مرڻ  لاءِ قطعي تيار نه هو، مون کي ذاتي طور تي ان ڳالهه جو احساس آهي، پر موت کيس مهلت نه ڏني. ۽ هو هليو ويو.

ڪو وقت هُو جو اسين ڏينهن رات گڏ هوندا هئاسين. نصير مرزا ۽ پاڻ مون وٽ گڏجي ايندا هئا. ۽ پوءِ دنيا جهان جون ڳالهيون ڪندا هئاسين. حيدرآباد شهر جي گهٽين ۾ گهمندا هئاسين. منهنجو گهر. نثار حسيني جي آگم واري آفيس. تلڪ چاڙهيءَ تي ادبيات بوڪ اسٽال. خيرالنساء جعفري جو ٽنڊي ولي محمد وارو گهر..... ان وقت اسان جي ذهنن جي آسمان تي، خبر ناهي ته ڪيترا چنڊ ۽ تارا اڀري ايندا هئا. اهي ڪڏهن به نه لهندا هئا. اڀ جي نيري ڪنڊ تي لهندڙ شام، ۽ اڀرندڙ سج اسان جي دلين تي هڪ  عجيب اثر وجهندا هئا.

هُو ڄمار ۾ ته مون کان گهڻو ننڍو هو، پر اهو فرق ڪڏهن محسوس نه ٿيندو هو. ڪائي ازلي تند اسان جي وچ ۾ ضرور هئي پاڻ ۾ ڳنڍيل. ان جي ڪا به وصف ۽ معنيٰ نٿي ٿي سگهي. آئون نه سنڀران ته هُو مون وٽ هلي آيو هجي. ۽ مون کان ڪو  انڪار ٿيو هجي. طارق اصل ۾ اياز عالم ابڙو جو ننڍو ڀاءُ هو. اياز مون سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو هو. سندس ڀاءُ قيس، ۽ منصور عالم به منهنجي ويجها هئا، پر من جي ڪائي سمجهه ۾ نه ايندڙ تند هن سان ئي هئي ڳنڍيل. مولانا آزاد ڪٿي لکيو آهي. ”ڪو ماڻهو پنهنجي جهولي گلن سان ڀرڻ چاهيندو آهي، ڪوئي ڪنڊن سان، پر ٻنهي مان ڪنهن کي اهو نه وڻندو ته هُو خالي جهولي کڻي وڃي. جڏهن ماڻهو گل کڻي رهيا هئا ته اسان جي ڀاڱي ۾  خواهشن جا ڪنڊا آيا. هنن گل کڻي رکيا ته ڪنڊا ڇڏي ڏنا. اسان ڪنڊا کڻي ورتا ۽ گل ڇڏي ڏنا!!!!!“ شايد حساس اديبن سان به ائين ٿيندو آهي. اهوئي سبب آهي جو اهي سک جي راهه بدران ڏک جي رستن تي آهن وتندا ڀٽڪندا.

آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسين ڇا ٿا محسوس ڪريون ۽ ڪهڙي ريت ٿا محسوس ڪريون؟ ڇا ان ڳالهه کان وڌيڪ اها ڳالهه مٿانهين ڪونهي ته اسين ڇا ٿا سوچيون؟ ۽ ڪهڙي ريت ٿا سوچيون! بنيادي طور تي جذبو اها ئي شئي آهي. ان سان انسان جو شعور ٿو وڌي. هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ ڪهڙي ڳالهه مٿانهين آهي ڪا خبر ڪونهي. هن جون ڪهاڻيون، ناول، هن جا پنهنجا جذبا هئا. سندس مشهور ناول (رهجي ويل منظر) هن جي پنهنجي عشق جو داستان هو، پر ڇا هُو انهن سمورين ڳالهين کان مطمئن هو؟ اهو ڏاڍو اهم سوال آهي.

هڪ ڀيري پاڻ، نصير مرزا ۽ آئون، نئين ڪوٽ جي تاريخي قلعي جي عالم پناهه ٿي ويٺا هئاسين. شام جي مهل هئي. سامهون، ٿر جون ڀٽون پئي نظر  آيون. سج لهي ويو هو، پر اڃا رات جي اونداهه نه پکڙي هئي. پريان ٿر واهه تان اڏامندڙ پکي، سائين راضي شاهه جي درگاهه کان آسمان تي اڀرندڙ هڪ تارو ۽ زندگي جي حسناڪيءَ سان چمڪندڙ رات! اهو اسان جو زمانو هو. ان کي ڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئيسين، پر شايد زندگيءَ کي سمجهڻ ايترو ضروري ڪونهي. فقط جيئرو رهڻ ئي ڪافي گهڻو ڪجهه آهي. اوچتو هن چيو هو. ڪالهه ماٺيڻو اوٺي جي ڳوٺ ۾ رات رهندي، مون کي محسوس ٿيو، زندگي جو انت ڇا سچ پچ آپگهات آهي؟ (اسين ماٺيڻي جي وڏي ڀاءَ عبدالهادي اوٺي، ۽ شاعر بلاول اوٺي سان، تعزيت ڪندي اتي سندن ڳوٺ رهيا هئاسين)

مون کي ان مهل کيس ڪو به جواب نه ڏنو هو. نه وري ان ڳالهه جو جواب هو مون وٽ. ٿي سگهي ٿو هار کاڌل روح جي آخري پناهه گاهه آپگهات هجي. ڪهڙي خبر؟ پر هن کي ته زندگيءَ سان بيحد پيار هو. سندس هڪڙو ايس.ايم.ايس مون کي ياد آهي. اهو هن مون کي مرڻ کان ٻه چار ڏينهن اڳ ڪيو هو:

”مان مرڻ نٿو چاهيان“

ان مهل مان ڏاڍو ڪنفيوز ٿي ويو هوس. اهڙي ڳالهه ته هن ڪڏهن به نه ڪئي هئي. ان وقت به ته جڏهن سندس ٻئي ڪڊنيون ختم ٿي ويون هيون. ڇا هُو مري رهيو آهي؟ ان مهل مون کي اها ڳالهه سوچيندي ڏاڍو ڊپ لڳو هو. منهنجي ذهن جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ وکريل پُرسرار ۽ ڀيانڪ وهم ۽ وسوسا وري جاڳي پيا هئا. مون کي نئين ڪوٽ جي قلعي ۾ پکڙندڙ اونداهيءَ آسمان تي کڙيل اڪيلو تارو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ چنڊ ياد اچي ويو هو. هيٺ قلعي ۾ اونداها پاڇا آڏو اچي بيٺا هئا.

هڪ ڀيري ڪراچي ۾ مون وٽ باٿ آئزلينڊز ۾ رهيل هو. سمنڊ اسان کان گهڻو پري نه هو. ان رات شيخ اياز وٽ ويا هئاسين. ساڻس ڊگهي ڪچهري ڪري اچي گهر ويٺا هئاسين. هن چيو هو، ”ادا“ منهنجي ناول تي ڪيترا اديب تنقيد ٿا ڪن. ته ان ۾ سيڪس گهڻو آهي ؟“

ته پوءِ ان ۾ ڇا ٿي پيو؟“ مون چيو هو.

”اوهان ان کي خراب نٿا سمجهيو؟“ طارق چيو هو.

”نه هرگز نه، لٽريچر ۾ ان قسم جون ڳالهيون اينديون رهنديون آهن. انگلش لٽريچر ۾ اهڙا انيڪ مثال آهن.“

”پر ادا، اسان وٽ ته رواج ڪونهي!“

”اها اجائي ڳالهه آهي. اسان وٽ هن جي قديم اتهاسڪ ادب ۾ اهڙا تمام گهڻا مثال پيا آهن. تو ئي منهنجو ڪتاب ”پنر ملن ڇپرايو هو. ان ۾ ودياپتي“ ۽ ”امارو“ جا گيت وسري ويا اٿئي؟ اهي سڀ قديم شاعر هئا. سنسڪرت ۾ لکيا ويا هئا. تو شڪنتلا ناٽڪ نه پڙهيو آهي؟“

”نه ادا.“

”هڪڙو شعر ٻڌايائين“

”ها ادا“

مون هن کي هيءُ نظم ٻڌايو هو.

”ماڌو مون کان نه رُس!

ڪيئن نڪران ها گهر مان،

تيز هئي سانوڻ جي برکا،

هر هنڌ پاڻي پاڻي هو،

راهه ۾ گپ ايڏي هئي،

ڍاڪ منهنجا ڳرا آهن ڏاڍا،

گس گس تي ڪري ٿي پيس،

ڪجهه به نظر نه آيو ٿي،

ماڌو مون کان نه رُس!

اڄ منهنجو ڪو ڏوهه نه آهي!

”اهو گيت ڪنهن جو آهي؟ هن پڇيو هو،“

”شايد ودياپتي جو.“

هو سمجهي ويو هو ته مون کي کيپ چڙهي ويا آهن. هن چيو هو، ”ادا توهان شڪنتلا ناٽڪ جو ذڪر ڪيو، ان مان ڪي جملا ياد اٿو؟“

مون ٽهڪ ڏنو هو. ”طارق تون منهنجو جُهٽ آهين ڪٿي تون منهنجو امتحان ته نه پيو وٺين؟“

”نه ادا اهڙي ڳالهه ڪونهي. مون ته ائين ئي چيو هو.“

”چڱو ٻڌ. ڪڏهن موڊ ٿيو ته تنهنجي ناول تي تنقيد ڪندڙن تي جواب ڏيندس. قديم لٽريچر ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. اهو هڪ جدا بحث آهي ته ڇا لکڻ گهرجي. ڇا نه لکڻ گهرجي. شڪنتلا پنجين صدي عيسويءَ جي ليکڪ ڪاليداس گهڻا جڳ اڳ لکيو هو. ان جي هڪ سٽ مون کي ياد بيٺي آهي:

”اي گلن جا تير وسائيندڙ ڪام ديو. تنهنجي تيرن ۾ ايڏي تکائي ڇو؟ تنهنجا تير گک وسائيندڙ آهن ۽ چنڊ جي چانڊوڪي ٿڌ ڏيندي آهي، پر اهي ڳالهيون عاشقن لاءِ غلط ثابت ٿيون. چندرما جي ٿڌي چانڊاڻ، انهن تي باهه وسائيندي آهي ۽ ڪام ديو جي گلن جا تير سر ڦٿڪندڙ دلين کي پروڻ ڪري ڇڏين. اي ڪام ديو! تون جيڪڏهن مڌ ڀريل نيڻن واري شڪنتلا کي منهنجي ڪري گهائل ٿو ڪري ڇڏين. ته مون کي پوءِ اها ڏک خوشي سان قبول آهي!“

”واهه ادا. اڄ ته مزو اچي ويو! هن واکاڻ ڪندي چيو هو، ”توهان منهنجي ناولن تي سچ پچ ته لکو.!“

طارق هي مضمون لکندي، پراڻا ڪاغذ اٿلائيندي، سندس ناول تي لکيل اڻ ڇپيل مضمون جو هڪ پيج هٿ ۾ اچي ويو. خبر ناهي ته مضمون جا ٻيا پنا، ڪيئن گم ٿي ويا.

”طارق جي ناول پڙهڻ کان پوءِ احساس ٿئي ٿو ته پنهنجي ناول ۾ ڪيئن انڪاري عناصرنNegative Elements جن کي زندگيءَ جي ڪا به سگهه ڪونهي، عدم ۽ فنا طرف ويندي ڏيکاريو آهي. هاڪاري عناصرن Positive Elements کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. انهن سان ئي زندگيءَ جي تجديد ٿيندي آهي ۽ زندگي اڳيان وڌندي آهي. اصل ۾ انهيءَ حقيقت کان انڪار ممڪن ڪونهي. حسناڪي هڪ هاڪري عنصر آهي. طارق هڪ فطري ڪلاڪار آهي. انڪري هو حُسن ۽ مشق کان بيحد متاثر آهي.

اسين جڏهن به هن قسم جي لکڻين تي تنقيد ٿا ڪريون، ته گهڻو ڪري زمان ۽ ڪمان، Time Space جي جدول کي ٿا وساري ويهي رهون. هن جي ناول کي پڙهندي ڪيترا تنقيد ڪندڙ هڪڙي اهم ڳالهه تي ڌيان نٿا ڏين. اها ڳالهه آهي، ته ناول جو مکيه ڪردار، جيڪا هڪ خاص ڇوڪري آهي ۽ هڪڙي خاص نينگر سان نينهن جو ناتو اٿس. انهن جو ميلاپ وجود جي تڪميل آهي. سندس ناول ۾ هڪ جمالياتي Aesthetis احساس آهي. ۽ هڪ جمالياتي ورتاءَAeshetic- Approch آهي اڙدوءَ جي مشهور ليکڪ سعادت حسن منٽو ڪنهن هنڌ (شايد پنهنجي ناٽڪ هن ڪن ۾!) لکيو هو، ”هن ڪائنات ۾ هڪ آتما کي ڪڏهن ڪڏهن گهايل ڇو ڇڏيو ويندو آهي؟“

طارق جي ناول پنهنجي هيروئن جي ذهني ڪيفيت ۽ احساس کي بيان ڪيو آهي. ڇوڪريءَ جي ڪريڪٽر ۽ سندس ڊسٽرب ڪيفيت جي جذباتي هلچل Disturbed Emotions ذريعي ظاهر ڪيو آهي. جڏهن هوءَ انهن ڪيفيتن ۾ پنهنجي ڦٿڪندڙ روح کي هيرو جي حوالي ٿي ڪري. تڏهن هوءَ محسوس ڪري ٿي ته ٻه آتمائون گڏجي هڪ ٿي ويون آهن.......!

پر اهو سڀ ڪجهه ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ آهي ويڙهيل. اڌ انداهو آهي اهو سڀ ڪجهه وقت سدائين تيز ڊڪون پائيندو ٿو هليو وڃي. سڃ ٿي ڀاسي ڪڏهن ڪڏهن زندگي. سچ پچ ته زندگي به وڃايل محبوبا وانگر آهي. ۽ پوءِ سوچيندا آهيون ته هوءَ هجي ها ته هيئن ڪريون ها، چانڊوڪين ۾ هٿ هٿ ۾ ڏيئي گهمون ها. لان ۾ املتاس ۽ چمپا جي وڻ هيٺان ويهون ها، پر وقت وڃائي ٿا ويهي رهون. سموراپل، پل پل ۾ پکيئڙا بڻجي ٿا اڏامي وڃن. هن سنسار ۾ سک ايڏي سولائي سا ته نٿا هٿ چڙهن. ۽ هاڻ ته هن ڏکويل ۽ غمزدهه دل کي اهي ئي ٿيون ڳالهيون وڻن. (جڏهن هر شئي ٿي هلي وڃي. ماضي ٿيو وڃي سڀ ڪجهه ته پوءِ وڃڻ کان پوءِ سک ۽ ڏک هڪجهڙا ٿيو وڃن!)

پر ڇا سڀ ڪجهه سدا بهار گلن وانگر ٿي سگهي ٿو؟ رابيل جا گل سدائين رات جو ٽڙندا آهن. کير جهڙو سوجهرو ڪلياڻ چاهيندڙ.......

۽ پوءِ اوچتو ياد ٿو اچي، هي اڄ آهي. مان ڪالهه کي پيو ساريان. ڪالهه، جيڪو ويل وقت هوندو آهي. ماضي جيڪو سدائين من کي ڀاسندڙ آهي. ان ماضيءِ ۾ گهڻو ڪجهه پنهان هوندو آهي. ساروڻين جو عجب ڌنڌ ۽ ان ڌنڌ مان نظر اچي ٿو ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه، وسندڙ مينهن،کجندڙ کئنوڻ ۽ گجندڙ گوڙ (قادر مطلق ۽ ازلي خدا. مون کي هن زندگي ۽ ويندڙ وقت جي چڪر مان ڪڍي ڇڏ!!)

مون هڪ ڀيري طارق کان پڇيو هو. ”عشق هڪڙيءَ ماڊل اسڪول حيدرآباد جي ڪلاس فيلوءَ سان، ٻيو عشق يونيورسٽي جي ڇوڪريءَ سان، شادي ٽئين سان. وري عشق اسلام آباد جي اپسرا سان ۽ وري شادي،؟“

هن کلي ڏنو هو، اسين ان مهل حيدرآباد جي جيمخاني ۾ ويٺا هئاسين (مون کي ڪراچيءَ مان فون ڪري سڏايو هئائين، ته مراد علي ميرزا بيمار آهي ۽ حيدرآباد جي ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال ۾ داخل آهي. اوهين ضرور اچو. پوءِ مان حيدرآباد آيو هوس. منجهند جو وقت هو. پاڻ ۽ سيد زوار حسين شاهه نقوي، ڄام شوري مان آيا هئا، گڏجي مراد صاحب کي ڏسڻ لاءِ ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال ويا هئاسين. وڻن سان گهريل هڪ عام وارڊ ۾ بيڊ تي سنڌ جو هيءُ مهان ڪهاڻيڪار ليٽيل هو. سندس اکيون سامهون کليل دريءَ مان نظر ايندڙ وڻن ۽ روشن آسمان ڏي هيون . هو اسان کي ڏسي خوش ته ٿيو هو، پر مون کي ڏاڍو منجهيل لڳو هو. ڇا هو هو موت تي سوچي رهيو هو؟ يا وري مرڻ کان پوءِ حياتي جي آئيڊيالاجي کان انڪار ڪندڙ اهو اديب! سدائين ويل ڊريسڊ رهندڙ شخص حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ اڪيلي عاليشان پڪسري جاءِ ۾ رهندڙ امير شخص ميرزا مهرعليءَ جو فرزند. هڪ وڏو ڪهاڻيڪار، زندگيءَ جا آخري پساهه کڻي رهيو هو. طارق، آئون ۽ زوار ڪيتري دير تائين سندس ڀر ۾ بيٺا هئاسين. مون ان مهل طارق کي ٻڌايو هو. ”سنڌي ٻوليءَ  ۾ پهريون ڊائلاگ طرز تي لکيل رومانٽڪ ڪهاڻي به مراد صاحب لکي هئي. اهو وقت ٽيلي فون جو هوندو هو ڪڏهن ڪڏهن رانگ نمبرز سان به عشق ٿي ويندو هو. مراد صاحب جي اها ڪهاڻي 60 جي ڏهاڪي ۾ نئين زندگيءَ رسالي ۾ چپجي هئي. اها مون کي ياد بيٺي آهي. ۽ مراد صاحب ڪڏهن اهو نه ٻڌايو ته هن اها ڪهاڻي ڪنهن تي لکي آهي؟“

۽ پوءِ منجهيل مراد صاحب کلي ڏنو هو. ٻاهر سوجهرو هو. آسمان تي سج چمڪي رهيو هو. هوا ۾ سامهون وڻن جون ٽاريون جهومي رهيون هيون، ان مهل مراد صاحب جي اٽينڊنٽ دري بند ٿي ڪرڻ چاهي، پر مراد صاحب جهلي ڇڏيو هوس. شايد هن زندگيءَ جي سوجهري کي انت ۾ ڏسڻ پئي چاهيو. (۽ پوءِ مراد صاحب چند ڏينهن اندر 1 مارچ 2011ع تي، اڱاري جي ڏينهن گذاري ويو هو)

اسين کائنس وساڻل من سان موڪلائي واپس وريا هئاسين. ڏاڍا منجهيل هئاسين. اتان ٿي اچي حيدرآباد جيمخاني ۾ ويٺاسين. سينڊوچز ڪافي چاءِ جا ڪيترا دور هليا ويا. سج لٿي تائين پئي ڪچهري ڪئي سين. مون هن کان عشق بابت سوال ڪيو هو. هن چيو هو. ”ادا ڪهڙا ٿا سوال پڇو. بس ائين ئي، پر عشق ڪڏهن وسرندو آهي ڇا؟“ هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو هو.

مون ان مهل سوچيو هو ڪنٽراڊڪشن گهڻا آهن. زندگيءَ جي بي انت بحر ۾ ڪائل ڪل نه آهي. روشن ۽ اجهامُل آهي زندگي.

اماوس راتين جهڙي زندگي.

”پل پل م پليانس، پل نه رهي پرينءَ ري،

جيئن جهوريءَ کان جهليانس،

جهجيو تيئن جهوري پئي!

 

طارق عالم، ٽماهي مهراڻ جو ڪارنر رباني صاحب جي ياد ۾ ڪڍيو. مون کي مضمون لکڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو. آخرڪار هن مهراڻ جو پرچو ڪڍيو. مان ان مهل تائين مضمون مڪمل نه ڪري سگهيو هوس. پاڻ مون سان فون  تي رابطو ڪندو رهيو. آخرڪار هڪ ڊگهو مضمون مون کان لکرايائين. اهو ٽماهي مهراڻ ۾ ڇاپيائين. کيس مضمون وڻيو. چوڻ لڳو. ”ڪجهه ڳالهين لکڻ کان پاسو ڪري ويا آهيو؟“ مان چپ ٿي ويس. پوءِ چيائين ته ادا مان دارا شڪوه جي حياتي وارو پڇاڙڪو داستان پڙهي اچرج ۾ اچي ويس. رات جو مون کي ننڊ نه آئي. ڇا سڳو ڀاءُ، اورنگزيب پنهنجي وڏي ڀاءُ سان اهڙو ويل به وهائي سگهي ٿو؟“

هُو بيحد حساس هو. تڏهن ته هن اها ڳالهه چئي هئي. آئون داراشڪوه جي قبر تي، گذريل سيپٽمبر 2012ع ۾ ويس، دهليءَ ۾ مغل بادشاهه همايون جي مقبري ٻاهران ٿلهي تي چند گمنام قبرون آهن. انهن مان هڪ گمنام قبر، شاهجهان بادشاهه جي ولي عهد پٽ داراشڪوه جي آهي. سندس قبر وٽ ويٺو هوس. شام جي مهل هئي. آسمان تي اونداهي ڇائنجي رهي هئي. پريان شاعر عبدالرحيم خان خانخانان جو اجاڙ جو مقبرو پئي نظر آيو. پويان ڪنهن گردواري ۾ جهانجهه وڄي رهي هئي. اتي ڪوئي ڪلاڪار ڳائي رهيو هو. دارا جي گمنام قبر تي نهار وجهندي مون کي طارق عالم جي ڳالهه ياد اچي وئي هئي. تاريخ جي مظلوم شخص دارا شڪوه سان اورنگزيب اهڙو ويل به وهائي سگهيو پئي؟

سچ پچ ته غم زندگيءَ جي هڪ بنيادي حقيقت آهي. ان کان فرار ڪنهن به ريت ممڪن ڪونهي، زندگي غم جو مجسمو آهي. ان ۾ خوشيءَ جو تصور بي معنيٰ ۽ اسان کي جيڪي خوشيون نظر اچن ٿيون اهي غمن جون بدلجندڙ شڪليون آهن.

مشهور فلسفي شوپنهار، ڏک کي حياتيءَ جي مستقل ڪيفيت ڪري مڃيو آهي، هن جي خيال ۾ خوشي ۽ سک، ڏکن جي عارضي وقت جو نالو آهي. طارق جي زندگيءَ ۾ ڪاوڙ خوشي ۽ ڏک گڏ رهيا. پڇاڙي حياتيءَ ۾ هو عام طور تي ڏک ڪاوڙ الميو تڪليف سان دوچار رهيو. ٿي سگهي ٿو ته غم کي پنهنجي تقدير سمجهي ويهي رهيو، پر هو بنيادي طور تي هڪ ڪلاڪار هو. اهي ڏک غم ۽ تڪليفون من جي براهه ۾ ڪي رنڊڪون وجهي نه سگهيون. هن کي ان ڳالهه جو احساس هو ته سندس لکڻين سبب کيس سنڌي ساهت ۾ ياد رکيو ويندو. سندس دور ۾ هن جون ڳالهيون گهڻي وقت تائين وساري نٿيون سگهجن، بقول مير تقي مير:

پهرهتي پهرين گي گليون مين ريختيون ڪي لوگ،

مدت رهين گي ياد يه باتين هماريان.

مون کي ياد آهي. ياد آهن هن جا ڪيترائي ٽهڪ. تڏهن هُو اڃا بيمار نه ٿيو هو. وڻ ويڙهيءَ وانگر هن کي ان بيماري نه وڪوڙيو هو. رات اماوس ۾ نه بدلي هئي. وڻن تي کڙيل چمپا ۽ گل مهر جا اَڇا ۽ ڳاڙها گل. حيدرآباد جي ڪجهه رستن تي اڃا بيٺل هئا. املتاس جا وڻ ۽ انهن جا گل سيشن ڪورٽ وٽ نودياليه اسڪول جي ٽاور ڪلاڪ ۾ لڳل روشن بتي ۽ رات جي سانت ۾ وڄندڙ گهنڊ جو آواز. اسين ٿڌي سڙڪ تي آهستي آهستي وڃي رهيا هئاسين علي بابا هوٽل ڏانهن. ماڊل اسڪول (نودياليه اسڪول) وٽان لنگهندي هن ٻڌايو هو، ”اسڪول ۾ پڙهندي مون کي پهريون عشق پنهنجي ڪلاس فيلوءَ سان ٿيو هو. تڏهن سمجهندو هوس، هن کان سواءِ جيئرو نه رهي سگهندس اهو ٽين ايج جو دور هو. سڀ ڪجهه سٺو لڳندو هو. هن اسڪول جي پارڪ سامهون بيٺل وڻ جي هيٺان بيهي کيس ڏسندو هوس. عشق ماڻهوءَ کي گهڻو ڪجهه ٿو سيکاري ڇڏي!“

(۽ پوءِ جي ڳالهه ياد ڪونهي)

سال 1982ع حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾، ريشم گهٽيءَ جي چاڙهيءَ وٽ روزاني سنڌ نيوز جو دفتر هو. روزانو مون وٽ ايندو هو. شوڪت حسين شورو، علي بابا، نصير ميرزا، اخلاق انصاري، عبيد راشدي، زيب سنڌي، حسن مجتبيٰ، اڪبر سومرو، حسن درس، اعجاز پلي، معصوم سانگهڙائي، نثار حسيني، منير احمد ماڻڪ، عزيز گوپانگ، مشتاق ڪاملاڻي، مولوي محمد صالح عاجز، قربان علي بگٽي، مشتاق باگاڻي، زوار نقوي، ڪيترا دوست ايندا هئا. اتي اخبار ۾ ان وقت هڪ اڙدو اسپيڪنگ ليڊي رپورٽر به ڪم ڪندي هئي. ان کي ڏسي هڪ ڀيري طارق مون کي ٻڌايو ”مان هن کي چڱيءَ ريت سڃاڻان. هي لطيف آباد يونٽ 6 وٽ نرسري ويجهو هڪ بنگلي ۾ رهندا آهن.“

”پر هيءَ ته پرڻيل آهي ڪنهن سنڌيءَ سان“ مون ايڊيٽوريل لکندي هن کي وراڻي ڏني هئي.

ايتري ۾ هوءَ منهنجي ڪمري جو در کولي اندر آئي هئي. طارق کي ڏسندي سلام ڪندي، پنهنجي خبر مون کي ڏني هئي. مون خبر وٺندي طارق ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو، ”هن کي سڃاڻين ٿي؟“

هن مرڪي چيو هو. ”جي سر. طارق کي آئون سڃاڻان ٿي؟“

پوءِ هلي وئي هئي. نيوزروم ڏانهن. مون طارق کي چيو هو ادا واقعي تو سچ چيو هو.“

طارق ٻڌايو، ”هن ڇوڪريءَ جي فيملي ڏاڍي ڏکويل اٿو. هن جي ٻي ڀيڻ به آهي. هڪ ڀاءُ اٿس. سندن ماءُ هنن کي ڇڏي وڃي ٻي شادي ڪئي آهي. انڪري هنن ٽنهي ڄڻن جي طبعيت ۾ محرومي موجود آهي. ڏسجو، ڪنهن ڏينهن هيءَ به پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏيندي“!.....

مون کلي چيو، ”يار تون  به ڏاڍي ٿو ڪرين هن جي شاديءَ کي اڃا 6 مهينا مس ٿيا آهن. مڙس سٺي پوسٽنگ تي اٿس.“

”ادا ويٺا ڏسجو!“ هن چيو هو. منهنجو هن جي ڀيڻ سان ڪنهن وقت عشق هلندو هو.“

مون هن ڏانهن تعجب مان ڏٺو هو، ۽ واقعي ٽن سالن کان پوءِ هن پي ٽي ويءَ تي ڪراچيءَ ۾ وڃي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. گهڻي وقت کان پوءِ سندس ننڍي ڀيڻ ڪراچي ايئر پورٽ تي پي آئي اي جي ڊيسڪ تي مون کي ويٺل نظر آئي. مان اسلام آباد وڃي رهيو هوس. مون کي بورڊنگ ڪارڊ ڏيندي چوڻ لڳي،“ سر توهان اڃا حيدرآباد ۾ آهيو؟“

”نه ها مان ڪراچيءَ ۾ هلال پاڪستان اخبار ۾ آهيان.“ مون کيس ٻڌايو هو.

”سسٽر به اڄ ڪلهه ڪراچي ۾ ٽي وي تي ڪم ڪري ٿي.“ هن مون کي ٻڌايو هو.

”سندس هسبينڊ جي پوسٽنگ ڪراچي ۾ آهي ڇا؟“ مون سوال ڪيو هو.

نه هن جي سيپريشن ٿي چڪي آهي. ”هن ٺهه پهه جواب ڏنو. هوءَ به طارق عالم وانگر بولڊ هئي. سندس گهاٽي ساهيڙي هئي. اها ساڳي بولڊنيس هن ۾ به موجود هئي.

1987ع جي ڳالهه آهي. دوست سميع بلوچ مون کي پي ٽي وي جي سنڌي پروگرام مخرن ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ سڏايو. ڪهاڻي پڙهي آيس. حيدرآباد ۾ حسب معمولي طارق مون وٽ آيو. چوڻ لڳو.“ ادا توهان جي فيس تي ڪرختگي ڏاڍي اچي وئي آهي، ايڏي سختي ڏسي نئون ماڻهو ته ڊڄي ويندو.“

مان ڪجهه ڪاوڙ مان هن کي چيو، ”يار ٻئي ته ڪنهن مون کي ڪونه چيو! توالائي ڪيئن محسوس ڪيو؟“

هن چيو هو. ”اصل ۾ ماڻهو جي منهن تي ماضيءَ جي سمورين مشڪلاتن، ڪاوڙ ۽ ڏک جا اولڙا بيهي رهندا آهن، جيڪڏهن اوهان پنهنجي اندر ۾ اهي سڀ وارتائون ٿا رکو، ته پوءِ ماڻهوءَ جي مک تي به اها شئي اچي ويندي آهي. ماڻهوءَ کي لکڻ به گهرجي. عشق به ڪرڻ گهرجي. خوشي جو جذبو به ماڻهوءَ جي شڪل مان نظر اچڻ گهرجي!“

۽ پوءِ مان هن کي ويهاري، باٿ روم ۾ وڃي آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏٺو هو. آئينو جيڪو ماڻهوءَ کي سدائين ريجهائيندو آهي، پر ڳالهه هن جي صحيح هئي.

ماضيءَ جا سمورا ورق، هڪ هڪ ٿي اڏامي ويا. اهي سمورا ڏينهن ماضيءَ جي ڪوهيڙي ۾ کوئجي ويا. جنهن جو ڏک آهي، اهو ئي سڀ محسوس ڪندو ٻيو ته سڀ ڪجهه فقط هڪ آٿت آهي.

حرف تسلي تواڪ تکلف هي محسن،

جس ڪا درد، اسي ڪا درد، باقي سب تو تماشائي!

تماشو ڏسندڙن جو هڪ وڏو هجوم آهي. هن تماشو ڏسندڙن جي هجوم ۾ وڃي عشق ۾ پناهه ورتي هئي. هر عشق جو نصير ميرزا سان، اخلاق انصاري سان، ۽ مون سان تفصيلي ذڪر ضرور ڪندو هو. هڪ حساس ليکڪ جا، هڪ ڪلاڪار جا داستان ڏاڍا وڏا آهن. سندس حساس طبعيت جي هڪڙي ڳالهه ٿي ياد اچي. اها مون کي هن پاڻ نيوائير نائيٽ تي ٻڌائي هئي. چوڻ لڳو ”ادا مون زندگيءَ کي ان مهل ڏاڍو اذيت ناڪ محسوس ڪيو هو، جڏهن توهان جي وڏي ڀاءُ جي تدفين ٿي رهي هئي. اسان جي سامهون آڪٽوبر جو سج اولهه ۾ لهي رهيو هو. اوچتو ان پرسرار قبرستان ۾، شام جي ماٺ ۾ توهان جي بي اختيار روئڻ جو آواز گونجيو هو. اهو سڀ وساري نه سگهيو آهيان.“

مون ڇرڪي هن ڏانهن ڏٺو هو. اها ڳالهه 1995ع جي آهي. آئون ان وقت سول لائينس حيدرآباد ۾ رهندو هوس. رات نئين سال جي هئي. هو پنهنجي ڀائٽي جاني ابڙي وٽان موڪليل سوکڙي ڊمپل منهنجي لاءِ کڻي آيو هو. ۽ هو 27 آڪٽوبر 1980 جي ڳالهه ڪري رهيو هو. مون هن کي ڪوئي جواب نه ڏهو هو. ان مهل مون الائي ڇو هڪ اتهاسڪ پراچين گيت ياد اچي ويو هو.

هن وچن ڪيو هو، سڀاڻي ورندو،

۽ مون ڌرتيءَ تي هرهنڌ لکي ڇڏيو هو سڀاڻي!

سڀاڻي جو جڏهن انت ٿيو ۽ صبح ٿيو ته سڀني مون کان پڇيو،

هاڻي ٻڌاءِ، تنهنجو سڀاڻي ڪڏهن ايندو؟

سڀاڻي، سڀاڻي ڪٿي آهين تون؟

مان روئندي رهيس، مان روئندي رهيس،

پر منهنجو سڀاڻي ڪڏهن به نه آيو!

ودياپتي چوي ٿو او منهنجا پرين ٻڌ!

تنهنجو سڀاڻي اڄ اچڻو آهي!!

پر سڀاڻي نه اچڻو آهي!

ماضي ڏک ڏيئي ٿو. عشق سڀ ڦري وٺي ٿو. ائين ڄڻ بتي ٻرندي هوندي به وانداهي ڀاسندي آهي. من جي اندر ٽڙندڙ سمورين ٽارين تي ڪي به گل نه کڙندا آهن. چنڊ جا ڪرڻا من کي نه وڻندا آهن. نه ڏينهن، نه سمو، نه تاريخ، هيڏي شهر ۾ نه ڪوئي ساٿي نه همدرد. لنڊن شهر ۾ رات جو بيلسائيز پارڪ کان ارلس ڪورٽ ويندي طارق مون کي ڏاڍو ياد هو. جولاءِ 1988 جي ڳالهه آهي. ٽيوب ۾ آئون اڪيلو هوس. اڳتي مون کي ٻه ٽرينون چينج ڪرڻيون هيون. ارلس ڪوٽ تي جڏهن آئون وڃي پهتو هوس، ته سامهون ڪراموپل اسپتال تي وڃي نظر پئي هئي. ان ئي اسپتال مان طارق جي ڪڊني جي ٽرانسپلائيٽشن ٿي هئي.

ان مهل اسپتال کي ڏسندي پنهنجي هوٽل هينلي هائوس ويندي مون کي سندس بيماري جو دور ياد اچي ويو هو. اها ڳالهه سال 1986ع جي شروعات جي آهي. نوجوان لکندڙ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ خوبصورت نوجوان طارق، مون کي ٻڌايو هو ته کيس گهڻن ڏينهن کان بخار نٿو ڇڏي. مون چيو هو، ”تون ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکار متان ڪوئي انفڪيشن نه هجي.“ ۽ پوءِ هو منهنجي آفيس (عبرت پريس) مان آگم پبلشنگ جي دفتر ۾ هليو ويو هو شايد. ان وقعي کان 2 ڏينهن پوءِ جي ڳالهه آهي. نصير ميرزا مون وٽ آيو، طارق به ساڻس گڏ هو. نصير ٻڌايو ته طارق کي ڪيترن ڏينهن کان الٽي نٿي بند ٿئي. توهان ڊاڪٽر عالماڻي وٽ هلو. ان وقت به صدر حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر ايم اي عالماڻي تمام گهڻو مصروف رهندو هو. منهنجي ننڍپڻ جي دوست امتياز قاضي سان ويجهي مائٽي هئڻ سبب هو سدائين مون کي عزت ڏيندو هو. شام جو وقت هو اسان سندس پرائيويٽ ڪلينڪ تي پهتا هئاسين. اندر تمام گهڻي رش هئي. چٽ اندر موڪلڻ تي هن اسان کي سڏرائي ورتو. مون کيس طارق جو احوال ٻڌايو هو. هن طارق جو چيڪ اپ ڪري، کيس اسپتال داخل ڪرايو هو. ان مهل ته نه پر پوءِ هن ٻڌايو هئائين ته طارق جون ٻئي ڪڍنيون ڪم ڪن نه ٿيون ڪن. ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ به ڪئي هئي. پوءِ طارق ڪراچي ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڏي علاج هيٺ هليو ويو.

ان مهل ملڪ تي جنرل ضياءَ الحق جي حڪمراني هئي، پر محمد خان جوڻيجو 1985 وارن چونڊن جي نتيجي ۾ وزير اعظم ٿي چڪو هو. آئون عبرت گروپ ۾ ڪم ڪندو هوس. عبرت جو مئنيجنگ ايڊيٽ قاضي عبدالحميد عابد وفاقي وزير ٿي چڪو هو.

طارق جي حالت ڏسڻ بعد ۾ ڪراچي جي ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي فيصلو ڪيو هو ته طارق کي علاج لاءِ لنڊن وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ڪونهي. ان وقت لنڊن علاج لاءِ وڃڻ هڪ وڏو مسئلو هو. سڀ ڏاڍا منجهيل هئاسين. علاج تي لکين رپيا خرچ اچڻو هو. اهي پئسا اچن ڪٿان؟ تڏهن حيدرآباد جي سنڌي اديبن ۾ گهڻي ٻڌي هوندي هئي. سنڌي ٻولي جي برک ليکڪا نوالهدي شاهه، آگم پبلشنگ جي مڙس مٿير نثار حسيني، نصير ميرزا ۽ مون تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي. ان جو نالو رکيو ويو هو: ”طارق عالم بچايو ڪميٽي.“ مقامي بينڪ ۾ هڪڙو اڪائونٽ کوليو ويو. ان تي نورالهدي شاهه. نثار حسيني ۽ منهنجي صحيح سان پئسا ڪڍڻا هئا. عبرت اخبار ۾ اپيلون شايع ٿيون. ان وقت حيدرآباد سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪيمپس ۾ ديوان پر ڀداس آڏواڻيءَ جي سماڌيءَ وٽ هڪ وڏو فنڪشن هو، اتي طارق جي امداد لاءِ اعلان ٿيو، نصير ميرزا جهولي ڦهلائي پنڊال گهميو. ڪيترن ماڻهن چندو ڏنو. آخرڪار بينڪ کي ڏٺو ويو ته ان مهل فقط 35 هزار گڏ ٿيا هئا. اها رقم اڻ ڪافي هئي.

ان وچ ۾ سانگهڙ جي صحافي شهيد آفتاب نظاماڻي هڪ رٿ ڏني. ان موجب وزيراعظم محمد خان جوڻيجي سان عيد جي ڏينهن سندس ڳوٺ سنڌڙي وڃي ملاقات ڪرڻي هئي. نورالهديٰشاهه ان رٿ جي منظوري ڏني، ۽ پوءِ عيد جي صبح جو ويگن ۾ عبدالقادر جوڻيجو، نثار حسيني، آئون، نصير ميرزا، دارا ابڙو، شهيد آفتاب نظاماڻي، ڪاشف نظاماڻي، وڃي سنڌڙي پهتاسين. سنڌڙيءَ ۾ وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي بنگلي تي سخت سيڪيورٽي لڳل هئي. اسان مان ڪنهن وٽ پاس نه هئي. بنگلي جي در تي اسپيشل برانچ جي ڊي ايس پي محمد عثمان جي ڊيوٽي هئي. مرحوم محمد عثمان حيدرآباد جي ٽنڊي آغا، ۾ ڦليليءَ جي ڪناري تي رهندو هو. مون سان واقفيت هيس. مون کيس ڳالهه ٻڌائي، شريف ماڻهوءَ چيو، ”توهان مان ڪنهن وٽ به پاس ته ڪونهي، پر مان فقط ٽن ماڻهن کي وڃڻ ڏيندس. ۽ پوءِ عبدالقادر جوڻيجو، مان نصير ميرزا، دارا ابڙو اندر بنگلي ۾ وڃي پهتاسين. اندر ايم اين ايز، ايم پي ايز، جي رش هئي، محمد خان جوڻيجو ڪنهن هڪ هنڌ نه پيئي ويٺو. اوچتو هو ورانڊي ۾ آيو. مون وڌي وڃي کيس عيد مبارڪ ڏني. پريس ميٽنگس ۾ وڃڻ ۽ ان وقت جي وزيراعليٰ سائين غوث علي شاهه جي ڪري سڃاڻندو هو. چوڻ لڳو، ”بابا توهان ڇو زحمت ڪئي؟“

مون کيس ٻڌايو، ”سائين ٻه ٽي منٽ اسان کي ڏيو، هيءُ دوست مون سان حيدرآباد کان گڏجي آيا آهن!“

هو اسان وٽ ويهي رهيو. مون کيس طارق جو قصو ٻڌايو چيائين،“ ڊونر آهي توهان وٽ“؟ ”کيس ٻڌايم، ”ڊونر پروفيسر نثاراحمد نوراني پنهنجي ڪڍني ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“ يڪدم چيائين، چڱو ٺيڪ آهي. مان طارق جو علاج سرڪاري طور تي ڪرائيندس ۽ ڊونر کي به خرچي ڏيندم،!“ ائين چئي هن پنهنجي ايم ايس کي پنهنجو حڪم لکرائي ڇڏيو. موڪلائڻ مهل چيائين، بابا هاڻي ٿورو پرسو ضرور ڪجو“!

ان مهل پي ٽي وي جو پروڊيوسر ۽ مشهور سنڌي شاعر پير محمد ڪيلاش اتي بيٺو هو. مون کيس خبر لکي ڏني، هن ويچاري اها خبر فوري طور تي پي ٽي ويءَ تان نشر ڪرائي ڇڏي.

اسين موٽي آياسين. پوءِ طارق عالم جي وڏي ڀاءَ، دارا وڏي جفاڪشيءَ سان اسلام آباد ۾ وڃي پوئواري ڪئي. طارق ۽ سندس ڊونر نوراني صاحب جي لنڊن وڃڻ جو سرڪاري بندوبست ٿي ويو. طارق سان دارا به وڃڻو هو. ۽ سندس گهر واري ڀاڄائي رضيه به وڃڻي هئي. طارق مون کي چيو، ”ادا توهان هڪ ٻي ٽڪيٽ لنڊن جي وٺي ڏيو ڪنهن کي به چئو پر اهو ڪم ٿيڻ گهرجي. ٽڪيٽ ترڪش ايئر لائين جي هئڻ گهرجي جو مان به ان ۾ وڃي رهيو آهيان.“

اسان وٽ بينڪ ۾ فقط 35 هزار رپيا هئا. اها نثار حسينيءَ طارق جي گهر واريءَ جي حوالي ڪيا بعد ۾ اسان طارق عالم بچايو ڪميٽي جو سڄو ريڪارڊ سنڌالاجيءَ ۾ رکرائي ڇڏيو!

هاڻ سوال اهو ته لنڊن جو ٽڪيٽ ڪٿان اچي.؟ ڏاڍو منجهي پيس. اڳي ته جيئرو هو ادا وڏو ممتاز، جيڪو سدائين پيو قومي ڪارڪنن ۽ اديبن جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪندو هو. اوچتو مون کي خيال آيو ته حمزي خان پليجي کي چئي ڏسان. کيس سندس آفيس ۾ فون ڪيم. تڏهن پاڻ مختلف ضلعن ۾ ضلعا ٽيڪس جا ٺيڪا کڻندو هو. منهنجي ان ۾ ڪا وڏي اميد ته نه هئي، پر ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جا ماڻهو ڪيڏانهن وڃن. بهرحال فون تي کيس حقيقت ٻڌائيندي چيم،“ توهان اسان کي ٽرڪش ايئر لائين جو هڪ ٽڪيٽ وٺي ڏيو.“

پاڻ هڪ وڌيڪ ڪنهن به بحث ۾ نه ويندي. فقط ايترو چيو، ”توهان هينئر گهر آهيو يا ٻاهر.“ ٻڌايم، ته گهر ۾ آهيان. چيائين،. ”چڱو ٺيڪ آهي. توهان جو گهر ته اهو ساڳيو گاڏي کاتي وارو آهي نه؟“ مون چيو. ”ها“

هن فون بند ڪري ڇڏيو، پر مان گهڙي کن لاءِ مايوس ٿي ويس. سمجهيم ته اهو ڪم به نه ٿيو. حمزي خان سان پراڻي دوستي هئي، پر ان گهڻي وقت تائين هو مون سان نه گڏيو هو. ڪلاڪ کن مس گذريو ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. ٻاهر ويس ته هڪ اڻڄاڻ شخص بيٺو هو. مون کي ڏسي چيائين، ”حمزي خان پليجي موڪليو آهي. توهان مدد علي آهيو؟“ مون ها ڪئي. ته هڪ لفافو منهنجي حوالي ڪيائين، ۽ هليو ويو، لفافو کڻي اندر آيس. ته ان ۾ ترڪش ايئرلائينز جي ٽڪيٽ جا 11 هزار رپيا پيل هئا. يڪدم فون ڪري طارق کي ٻڌايم هو ڏاڍو خوش ٿيو. مون وڃي ٽڪيٽ جا پيسا وٺي طارق جي حوالي ڪيا.

ستت مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ طارق عالم کي الوداعي پارٽي جي سلسلي ۾ ادبي تقريب رکيل هئي. مکيه مهمان نورالهدي شاهه  ۽ صدارت مون کي ڪرڻي هئي. اتي تقريرون ٿيون. هر مقرر پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو. پر مون کي ڏاڍو عجب ٿيو. ڪنهن به ماڻهوءَ طارق عالم کيعلاج لاءِ لنڊن، موڪليندڙ وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جو ذڪر نه ڪيو. نه وري حمزي خان پليجي جو نالو کنيو. جڏهن منهنجي تقرير جو وارو آيو ته مون ٻين ڳالهين سان گڏ اهو چيو، ”ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جو جيڪو شخص طارق کي علاج لاءِ سرڪاري خرچ تي لنڊن پيو اماڻي، اهو شخص آهي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو. ٻيو شخص آهي، حمزو خان پليجو، جنهن هڪڙي ٽڪيٽ لنڊن جو وٺي ڏني آهي. باقي سنڌ مان گڏ ٿيل 35 هزار آهن. جنهن مان لنڊن 2 ماڻهو نٿا وڃي سگهن. نه وري لنڊن جي ڪرامويل اسپتال ۾ ڪڊني ٽرانپسلانٽ ٿي سگهندي!؟“

بهرحال اهو پهريون ڀيرو هو، جو سنڌي اديب، پنهنجي هڪ سڃاڻ اديب لاءِ ڪجهه ڪري سگهيا هئا. 1987ع ۾ طارق عالم، دارا ۽ ڀاڄائي رضيه لنڊن هليا ويا. اتي طارق جو علاج ٿيو. لنڊن جي ٽوٽنگ براڊوي جي علائقي ۾ وڃي ترسيا، هن اهو سڄو احوال هن پنهنجي لنڊن جي سفرنامي ۾ ڏنو آهي. 25 ورهيه هو ان علاج کان پوءِ زنده رهيو. پر اهو وقت هن ڪيئن گذاريو. ان جو جواب اهو آهي ته طارق بهادريءَ سان زندگيءَ جي مشڪلاتن سان مقابلو ڪيو. ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو پنهنجي ڪمزوري ظاهر نه ڪئي. طارق جي دوستي ڪيترن وڏن ۽ ننڍن ماڻهن سان هئي. لنڊن ويو ته ڄام صادق علي سندس دوست ٿي ويو. لنڊن جي پاڪستان قونصل خاني ۾ اتاشي قلي بخش رند سندس خيال ڪندو هو. مخدوم جميل الزمان ته شروع کان وٺي کيس ڀائيندو هو. اديبن ۾ نورالهدي شاهه، جي نه فقط پاڻ عزت ڪندو هو، پر هوءَ به کيس ڀائرن وانگر ڀائيندي هئي. انعام شيخ سان به کيس محبت هوندي هئي. اسحاق سميجو سندس ڏاڍو گهرو دوست هوندو هو، نصير ميرزا ۽ اخلاق انصاري جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان محمود مغل، اياز گل، خدا بخش ابڙو، ادل سومرو، نياز پنهور، تاج جويو، حسن درس، ميجر غلام محمد ميمڻ، شوڪت شورو، مشتاق شورو، مظهر لغاري، احمد سولنگي، عبيد راشدي، بخشڻ مهراڻوي، حبدار سولنگي، روبينا سولنگي، نالا تمام گهڻا آهن. ڪنهن جا وٺي ڪنهن، جا وٺجن.

بهرحال حساس ماڻهو پرهه جو پيئاڪ آهي. هن جي اندر جو اڱڻ وشال آهي. هن جي زندگي جي ميخاني تي ماڪ پئي پوندي آهي. مشهور صوفي منصوربن حلاج ڪنهن هنڌ لکيو آهي:

”ٻه ماڻهو ڳولا جي باوجود نٿا ملن. پهريون اهو جيڪو پاڻ کي سڃاڻي وٺي، ۽ ٻيو اهو جيڪو پاڻ کي وڃائي ڇڏي!!“

منهنجي نظر ۾ حساس ليکڪ ٻي ڪيٽيگري جا ماڻهو آهن. اهي پنهنجي پاڻ کي وڃائي ٿا ويهي رهن، ۽ پوءِ هروڀرو يا ڄاڻي واڻي خبر ناهي ڪنهن جي ٿا ڳولا ڪن. ڪنهن جي لاءِ ٿا وتن بن بن ڀٽڪندا. ڪن آبنوسي مُکڙن جي ڳولا ڪندا. صبح جي سوجهري بدران اماوس راتين ۾ اُڀ کي ڏسندا. ڳلي ڳلي، وڻ وڻ ٿي وتن ٿا ڀٽڪندا، حافظ شيرازيءَ جي هن شعر وانگر:

وفا کنيم و ملامت کشيتم و خوش باشيم،

که در طريقت ما ڪافر سيت رنجدن!!

(وفائون ڪندا آهيون ۽ وفائن جي عيوض طعنا ۽ مهڻا سهندا آهيون، پر پوءِ به خوش رهندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي دين ۾ وفائن جي عيوض مليل مهڻن تي ڪاوڙجڻ ڪفر آهي!!)

ويل وقت خوبصورت رنگن وارو، شفق جي رنگن جهڙو آئون هاڻ ڪنهن به دوست کي هن جي اوڻاين جي روشني ۽ ورتاءُ ۾ نه ڏسندو آهيان. مون کي سدائين سچل سرمست جي فارسي شاعريءَ جي هي ڳالهه آڏو بيهي رهندي آهي. ”سج کي سج جي روشني ۾ ڏسبو آهي، ان کي ڏيئي جي روشني ۾ نه ڏسبو آهي!“

اسان دوستن کي دوستيءَ وسيلي سڃاتو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جي هن فرمان وانگر: عرفت به ربي به ربي! يعني رب کي سڃاتم رب وسيلي، هونئن به ڪنهن ماڻهوءَ کي چڱيءَ ريت سمجهڻ آهي تمام ڏکيو. ۽ زندگي سڄي آهي ڪنهن سنڊريلا اسٽوريءَ وانگر.

جنهن ڏينهن طارق هليو ويو. ان جي ٻئي ڏينهن ڌرتتيءَ جو ڏينهن هو. سج آسمان تان ٽانڊا پئي اڇلايا، ڄامشوري جو جابلو پٽ ٽامي وانگر تپي رهيو هو. سامهون سنڌو درياهه جو پاڻي ماٺو هو. پريان سنسان اسٽيشن، ۽ ڦاٽڪ تي ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي. جابلو مقام ۾ ٻه ٽي بيٺل وڻ. هر پاسي کان ٻپهريءَ جي سانت ۽ ماٺ. فقط نصير ميرزا جون ڪنهن ڪنهن مهل ايندڙ اوڇنگارون، پريان سنڌي ادبي بورڊ. طارق جي آفيس جي بند دري. سڀ ڄڻ کيس الوداع چئي رهيا هئا. ۽ پوءِ ڌرتتيءَ جي مهل، شام ۾ بدلجي وئي هئي. پر طارق موجود ڪونه هو. اها شام اها رات ڏاڍي ڏکي گذري هئي. اونهاري جي جون مهيني جو اداس آڪاس. ٽم ٽم ڪندڙ تارا تيز گهلندڙ هوا ۽ 10 رجب جي چنڊ جي ان سموري وايومنڊل ۾ مون ڪجهه دوستن جي وچ ۾ هوندي به پاڻ کي ڏاڍو اڪيلو محسوس ڪيو:

تنهائي ڪي غربت ڪي، پريشاني ڪي شب هي،

يه خانه شبير ڪي ويراني ڪي شب هي.

(فيض احمد فيض)

اڄ طارق عالم هن جهان ۾ ڪونهي. هو هي جهان ڇڏي ويو آهي. ڄامشوري اسٽيشن جي ڀر ۾ جابلو مقام ۾ آرامي آهي. صبح ٿي ته ڇا. رات ٿئي ته ڇا؟ چنڊ چوڏهينءَ جو هجي، يا رات اماوس جي، اڀ ۾ ڪڪر مڙي اچن يا وسڪارو نه ٿئي ته ڇا؟ هو زماني جي سمورين بيرحمين کان پري آهي.

پر طارق عالم ابڙو پنهنجي ڪتابن وسيلي زندهه آهي. سچ پڇو ته هر ساهواري کي حياتي هوندي آهي. ان ريت ڪتابن کي به پنهنجي ڄمار ضرور هوندي آهي، اها ڄمار ڊگهي هوندي آهي. شاهه لطيف جي رسالي جي ڄمار اڍائي سو ورهين کان مٿي آهي. فارسيءَ ۾ فردوسي جي شاهنامي کي 900 ورهيه لنگهي ويا آهن. سڪندر بودنامي کي 700 سال، گلستان بوستان کي 600 سال، رگويد کي هزارين ورهيه ٿي ويا آهن. ٻيا ڪتاب به گهڻا آهن، پر اهي سمورا جوان آهن. ڪجهه ڪتاب  سداحيات رهن ٿا. ڪجهه گمنامي جي اونداهه ۾ گم ٿيو وڃن، طارق عالم جا ڪتاب زندهه رهندا. ڇاڪاڻ ته هن جيڪي ڪجهه لکيو دل سان لکيو. ماڻهو پاڻ هليو وڃي ٿو، پر هن جا خيال ۽ ڪتاب ايندڙ جڳن تائين زندهه رهندا آهن. پر ڪهڙي خبر؟ ماڻهو جيئرو آهي ته سڀ ڪجهه آهي هليو ٿو وڃي ٿو پوءِ فقط دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڳالهيون گهڻيون آهن. ڳالهه ڪيئن به هجي، پر حقيقت اها آهي ته طارق ڏاڍو ياد ايندو آهي. امير خسرو جي هن شعر وانگر: نه نيند نينان، نه انگ چنيان، نه آپ اوين، نه بهيجين پتيان.

سکهي پيا ڪو جو مين نه ديکهون، توڪيسي کاٽون اندهيري رتيان!

رات اونداهي آهي. پر منهنجي دريءَ جي ٻاهران 17 هين رجب جو چنڊ کڙيل آهي ۽ زندگي؟ نه شروعات نه وچ ۽ نه وري پڇاڙي. تيز هوا لڳي رهي آهي. سامهون نم جي وڻ تي ڪائي ڪوئل ڪوڪي رهي آهي. هيءَ ڪوئل جي ڪوڪ آهي، يا وري ڪنهن رولاڪ آتما، جي پڪار، ڪا خبر ڪونهي؟ پريان سمنڊ مان ڪوئي باربردار پاڻي جي جهاز جو سائيرن وڄائيندو ڪنهن اڻڄاتل منزل ڏانهن وڃي رهيو آهي. زندگي به ڪنهن اڻڄاتل منزل ڏانهن وڌي رهي آهي. زندگي به ڪنهن اڻڄاتل سفر تي اڻانگهي پنڌ جو ٻيو نالو آهي. من تنها ۽ منزل دور. زندگي ۽ پرين. ڪڏهن ڪڏهن گلن وانگر آهن لڳندا. ماکيءَ وانگر لڳندي آهي، ان جي خوشبو. هر ماڻهو گهڻو ڪجهه چاهيندو آهي. طارق به هن حياتيءَ جي خوشبو جو واس چاهيو هو، پر زماني جي بيرحمي جو شڪار ٿي ويو. هيءَ حياتي هلندڙ آهي. وهندڙ درياهه جو وهڪرو آهي. اهو سفر اڳتي هلندو رهندو. سنڌي ٻوليءَ جا پڙهندڙ هن کي پڙهي ياد ڪندا رهندا. هن مهل جڏهن آئون هيءُ مضمون لکي رهيو آهيان، ته مون کي طارق جي دوست اخلاق انصاريءَ جو هي ايس ايم ايس اچي پهتو آهي. اهو ئي ٿي سگهي ٿو. منهنجي يادگيرين جو ڪلائمڪس آهي شايد.! لطيف جي هن بيت وانگر:

چيتاري چوندياس،

ڳالهيون سڀوئي سڄيڻن،

جو مقابلو ٿياس ته سڀ جنم وڃنم وسري!!.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org