سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:25

رپورٽ: فتح علي حيدري

 

 

 

       سنڌ جي نامياري ليکڪ، ڪالم نويس ۽ شاعر

       هدايت بلوچ جي ڪتاب: ”يادگيرين جا البم“ جي مهورت

سنڌ جي خوبصورت ڌرتي، مئي مهيني جو گرم ۽ انبن جي انتظار وارو مهينو، پر هڪ انتظار ڪافي عرصي کان سنڌ واسين کي اهو هئو ته خوبصورت شاعر اديب ۽ ڪالم نويس هدايت بلوچ جي ڪتاب جو اچڻ ۽ اهو انتظار تڏهن ختم ٿيو جڏهن سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران سائين هدايت بلوچ جي ڪتاب ”يادگيرين جا البم“ جو مهورت رکيو ويو. 17- مئي 2014ع تي ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ڪافي عرصي کان پوءِ سائين هدايت بلوچ کي پنهنجي جوڀن تي ڏسي تمام خوشي ٿي، سنڌ واسين کي ڄاڻ آهي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ هدايت بلوچ جي ويجهن ساٿين شمشيرالحيدري، تاجل بيوس ۽ ويجهڙائيءَ ۾ سندس نوجوان پٽ فياض بلوچ جو وڇوڙو به سندس قلم جي رفتار نه روڪي سگهيو.

تقريب جي صدارت سائين ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب ڪئي.

اسٽيج تي ڊاڪٽر فهميده حسين، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ رفيق جعفري، عنايت بلوچ ويٺل هئا.

هدايت بلوچ تي ڳالهائڻ لاءِ مهمانن ۾ سائين تاج جويو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، گل حسن ڪلمتي، سليمان وساڻ، شفقت کوسو، ميڊم سلطانه وقاصي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

تاج جويو جو چوڻ هئو ته هدايت بلوچ تمام گهڻو لکيو آهي، اسان کي جيترو ادب استاد بخاريءَ ڏنو ايترو شايد هدايت بلوچ ڏنو آهي.

سليمان وساڻ چيو ته هدايت بلوچ يارن جو يار آهي، مان عمر ۽ تجربي ۾ تمام ننڍو آهيان، پر هدايت بلوچ يارن وانگي پيار ڏيندو آهي، اڪثر سوشل ميڊيا تي به ڪچهري ڪندا آهيون.

ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته سال ۾ 500 سنڌي ڪتاب ڇپجن ٿا، اندازاً 50000 هزار ڪاپيون سال ۾. هدايت بلوچ کي کپي ته وڌيڪ بولڊ تي لکي ۽ جنهن ماڻهو جا ايترا يار هجڻ ان جا دشمن ڪونه هوندا!

عنايت بلوچ چيو ته جيئن ميڊم فهميده چيو ته هدايت بلوچ اسان جو ڀائرن جهڙو ڀاءُ آهي جيترو وڏو ليکڪ ايترو وڏو انسان ۽ واقعي هو وڏو ليکڪ آهي.

عبدالغفار تبسم چيو هدايت بلوچ کرو ماڻهو آهي، اسان زندگي جا ڪافي سفر گڏ ڪيا آهن، ايترو جو مان هدايت تي ڪتاب لکي سگهان ٿو، افسوس جو هيءُ ڪتاب شمشيرالحيدري، تاجل بيوس جي مستقل آرامي ٿيڻ کانپوءِ آيو آهي، اسان کي اميد آهي ته هدايت بلوچ جي شاعريءَ جو ڪتاب پڻ اسان جي هٿن ۾ هوندو.

سائين سميع بلوچ چيو ته مون کي ۽ هدايت بلوچ کي جوان اولاد جي وڇوڙي جهوري ڇڏيو، وقت جي تقاضا آهي ته اسان سنڌي صحيح پڙهون ۽ لکون ۽ ڳالهايون.

رفيق جعفري چيو ته هدايت بلوچ سنڌي ادب جي گهڻي خدمت ڪئي آهي.

ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ ڪتاب جي مختلف پهلوئن تي ڳالهايو ۽ چيو ته هدايت سنڌ هجي يا سنڌ کان ٻاهر هدايت سڀني تي تمام سهڻي نموني لکيو آهي.

پروگرام جي صدارت ڪندي ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته مان سوچيان پيو ته جتي 50 هزار ڪاپيون ڇپجن ٿيون، پر اسان وٽ پڙهڻ وارا گهٽ آهن. اسانجا ٻار سنڌي ڪونه ٿا پڙهن، خاص طور تي شهرن ۾ رهندي اڄ اسان جا ٻار سنڌي پروگرامن ۾ ڪونه ٿا اچن، اسان وٽ هن دور ۾ ڪجهه اديب بچيا آهن، جن تي اسان کي ڏاڍو ناز آهي پر ان کان پوءِ اسان اچن وارن ويهه سالن تي نظر وجهون ته ڇا ڪو شمشير، تاجل، شيخ اياز جهڙا شاعر نظر ڪونه ٿا اچن انهيءَ جو سبب اسان سڀ پاڻ آهيون، اسان 5 هزار سال پراڻي تهذيب تي فخر ته ڪريون ٿا پر پنهنجن ٻارن جي شاديءَ ۾ سنڌي سهرا، گيت ۽ لاڏا هلائڻ ۾ عيب ٿا سمجهون.

 رپورٽ: سارنگ لطيف پنهور

 

 

          سماج سڌارڪ صحافي، اديب

          ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي 15هين ورسيءَ جي رپورٽ

 

ناليواري استاد، سماج سڌارڪ صحافي ۽ اديب ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي 15هين ورسي ڊاڪٽر خان محمد پنهور ٽرسٽ پاران سنڌي لينگئيج اٿارٽي هال ۾ 27- مئي 2014ع تي ملهائي ويئي. ورسي جي تقريب ۾ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ، عبدالمجيد پنهور، سهڻي پارس، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، رسول بخش گچيرائي، سريش ماکيجاڻي، عابد چنا ۽ ٽرسٽ جي چيئرمن سڪندر ميمڻ تقريب کي خطاب ڪيو. جڏهن ته خاص مهمان پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽر عاجز ڌامراهه شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٽرسٽ جي چيئرمن سڪندر ميمڻ خطاب ۾ چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۾ ڪا برقي طاقت هئي جو هو پنهنجي سماج سان گڏجي پوندو هو، خان محمد پنهور جي شاگردن مان هن وقت ڪوبه بيروزگار نه آهي. ڊاڪٽر خان محمد پنهور پنهنجي مادرِ وطن کي هميشه خوشحال ڌرتي جو خواب ڏسندو هو، عابد چنا تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۾ لکڻ پڙهڻ واري ڳالهه هوندي هئي. اهڙي دلعزيز ماڻهو جي لاءِ هيترا اين.جي.اوز ثقافت کاتو يا سماجي تنظيمون ڇو نٿيون ياد ڪن، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچيءَ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهور صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ پارس هو، ڳوٺ سڌار ويچار ڪالم ذريعي ماڻهن جا مسئلا ٻڌاءِ حل ڪرايا، نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ سڀ کان اڳتي قدم وڌايو. ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ چيو ته ڊاڪٽر پنهور صاحب جي پروگرامن کي اڳتي وڌايون ۽ نوجوانن تائين پهچايون. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي نياڻيءَ سهڻي پارس چيو ته بابا جي نقشِ قدم تي هلندي خان محمد پنهور جهڙي ته نه پر ان جو عڪس ضرور ٿيندس، بابا جون يادون مون لاءِ رهنمائي آهن، محمد علي ڏيپلائي چيو ته پنهور صاحب ٻارڙن جي ٻاري، ون يونٽ تحريڪ کان سنڌ سڌارڪ تنظيم جون سڄي سنڌ اندر چار هزار شاخون کوليون ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو. عبدالمجيد پنهور ۽ ڊاڪٽر خان محمد جي گهرواري نسيم خان پنهور، ڊاڪٽر  خان محمد پنهور جون کوڙ ساريون ساروڻيون ٻُڌايون، آخر ۾ تقريب جي خاص مهمان پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر عاجز ڌامراهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شخصيتن لاءِ پروگرام ڪرڻ هڪ بهترين عمل آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور لاءِ چيئر قائم ڪرڻ لاءِ جيڪو تعاون گهرجي مان قائم ٿيل ٽرسٽ سان ضرور ڪندس.

 رپورٽ: حافظ احمد الدين انڍڙ

 

 

علامه ميان غلام محمد مهيسر- علمي ادبي ڪانفرنس

 

سنڌ جي بلند پايہ عالم، فقيہ ۽ اهل دل عارف حضرت علامه غلام محمد مهيسررحه جي 78هين سالياني عرس جي موقعي تي دستور موجب ادبي ڪانفرنس جو انعقاد، 8 جون 2014/9 شعبان 1435هه تي سندن خانقاهه ڪمالديرو، خيرپورميرس ۾ ٿي گذريو.

عـُرس جو افتتاح سنڌ جي وزير اعلى جناب سيد قائم علي شاهه ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير، علامہ غلام محمد مهيسر جي مزار تي چادر چاڙهي فاتحه پڙهي ۽ خانقاهه تي قائم لائبريريءَ جو دورو ڪري مخطوطات، قلمي نسخن ۽ تبرڪات جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي جناب وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ميان غلام محمد مهيسررحه ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، پر سموري عمر علم جي حاصلات ۽ درس و تدريس ۾ گذاري وڏو مرتبو ماڻيو. هن درگاهه تي اچي مون کي سڪون مليو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بزرگ جي قلمي ڪتابن ۽ ناياب مواد کي سنڌ حڪومت طرفان شايع ڪرايو ويندو. خانقاهه جي سجاده نشين ۽ سول سرونٽ ميان شفيق احمد مهيسر کي وزيراعلى ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ ۽ علامہ جي ورثي ۽ ناياب ڪتابن جي حفاظت ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.

علمي ۽ ادبي ڪانفرنس جي پهرين نشست ۾ سگهڙ ڪچهري ٿي، جنهن جي ڪاروائي سنڌ جي مشهور سگهڙ خليل الرحمان مهيسر هلائي ۽ آخري نشست ۾ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪندي نامياري اسڪالر ڊاڪٽر نواز علي شوق، بزرگ جي علمي ۽ عملي زندگيءَ تي روشني وڌي. هن چيو ته علامه مهيسررحه جهڙا عالم باعمل، سورة عصر جي تفسير جو نمونو آهن، جن سڄي زندگي صبر ۽ نيڪ عملن ۾ گذاري. نواز علي شوق چيو ته ميان صاحب جي ملفوظات گڏ ڪري شايع ڪرائڻ گهرجي. ان موقعي تي ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ تقرير ڪندي چيو ته ڪمالديري ۾ تحقيقي مرڪز قائم ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر يعقوب مغل خطاب ڪندي چيو ته ميان صاحب همه گير عالم ۽ پرهيزگار انسان هو، سندن طرز زندگي اسان لاءِ مثال آهي. اديب، شاعر ۽ پاڪستان پيپلز ڪلچرل ونگ جي صدر سرفراز راڄڙ تقرير ڪندي چيو ته هن درگاهه تي اچي علامہ مهيسر جي ڪردار ۽ عظمت کان واقف ٿيو آهيان. مونکي خوشي آهي جو هتي ميان صاحبرحه جي مخطوطات کي به محفوظ ڪيو ويو آهي. علمي مجلسن جو هيءُ سلسلو جاري رهڻ کپي. نامياري اديب تاج جويي پنهنجي تقرير ۾ علامه مهيسررحه جي عظمت، سادگيءَ ۽ سندن فلسفه زندگيءَ تي روشني وڌي. هن چيو ته علامه صاحب جي فڪر کي عام ڪري دهشتگرديءَ کي مات ڏيئي سگهجي ٿي. جڏهن ته نفيس احمد ناشاد، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ادريس جتوئي، اسد چاچڙ، منظور اُڄڻ، پير غلام رسول جيلاني، ڊاڪٽر شاهه محمد مهيسر ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي علامه صاحب کي خراجتحسين پيش ڪيو.  ان موقعي تي نامياري اديب ۽ ٽه ماهي مهراڻ جي اڳوڻي ايڊيٽر نفيس احمد ناشاد ميان غلام محمد مهيسررحه جي تعريف ۾ نظرانهء عقيدت طور نظم پيش ڪيو. پروگرام جي ڪمپيئرنگ نامياري شاعر ۽ انائونسر بخشڻ مهراڻوي ڪئي.

سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر محترم نظر محمد ڳاهي صاحب بورڊ پاران هن سيمينار ۾ شرڪت ڪئي ۽ خانقاهه جي سجاده نشين ۽ سول سرونٽ ميان شفيق احمد مهيسر کي ٽماهي مهراڻ رسالي جا خاص نمبر ”مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ“ ۽ ”محمد عثمان ڏيپلائي“ تحفي طور پيش ڪيا.

 ڪانفرنس جي موقعي تي شوڪت چاچڙ ۽ محمد عمير مهيسر پاران مرتب ڪيل سوونيئر جي رونمائي پڻ ڪئي وئي. تقريب جي آخر ۾ مقررن ۽ شريڪ مهمانن کي علامه غلام محمد مهيسرؒ اڪيڊميءَ طرفان تعريفي سَندون پڻ ڏنيون ويون. سيمينار جي اختتام تي دعا پڻ گهري وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org