سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 1/ 2015ع

باب:

صفحو:1

 

مهراڻ 1/ 2015ع

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

 

سوچ - لوچ

ادب، زندگيءَ مان ڦٽو آهي ۽ زندگيءَ کي سونهن، معنيٰ ۽ سڦلتا بخشي ٿو. مهذب ۽ سڌريل سماج ۾ اديب جو ڪردار، سرواڻيءَ ۽ رول ماڊل وارو هوندو آهي. هُو زندگيءَ جي تلخين ۽ گهاٽين واڌين کي رندي هڻڻ جو ڪم به ڏيئي ٿو. جيئن اڻ گهڙيل ڪاٺ، جڏهن ڊکڻ جي اڳيان پيش ٿيندو آهي، ته هُو اُن کي ڪارائي، واهولي، رندي ۽ ٻين اوزارن جي مدد سان گهڙي گهتي مرضيءَ مطابق ان مان مختلف شيون ٺاهي سماج کي عيش و آرام جون نت نيون سهوليتون مهيا ڪري ڏيئي ٿو. اديب، پنهنجي خداداد صلاحيتن جي بناء تي سماج کي وڌيڪ خوبصورت ۽ خوشبودار بڻائڻ لاءِ طرح طرح جون تخليقي گل ٻاٽيون تيار ڪري نڇاور ڪري ٿو. هيڏانهن پڙهندڙن ۽ نقاد وري انهن گل ٻاٽين جي حسن ۽ خوبصورتيءَ ۾ نکار آڻڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ان عمل ذريعي ادب جي گلستان ۾ طرح طرح جي گلن جي خوشبوء ۽ هٻڪار، هرهنڌ واسيل رهي ٿي.

”مهراڻ“ 2015ع جو پهريون پرچو ڇپجي، پڙهندڙن جي هٿن تائين رسيو آهي. رسالن ۾ پيش ڪيل مواد جو معيار ۽ ترتيب ڪيئن آهي؟ ان بابت اسان کي ”مهراڻ“ جي لائق پڙهندڙن جي راين مان ئي معلوم ٿي سگهي ٿو، ڇو ته پڙهندڙ ئي وڏا منصف ۽ نقاد آهن، جيڪي ادب جي صحيح ڪارج ۽ اهميت جي ڪَٿَ ۽ تعين ڪري سگهندا آهن. جواهرن ۽ هيرن جي پرک، جواهري ۽ غواص ئي ڪري سگهن ٿا، ۽ اُهي ئي ادب جي اونهي عميق ۽ سمنڊ ۾ اونهيون ٽٻيون هڻي سچا موتي ۽ ماڻڪ هٿ ڪري ڏين ٿا. اسان ته فقط اُهي ناياب ۽ قيمتي چيزون پڙهندڙن جي آڏو تحفو ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.

برک اديب ۽ ناليور شاعر قاضي مقصود گل جو  وڇوڙو:

ادب جي دنيا ۾ وڏو نانءُ ۽ ناموس ڪمائيندڙ، سنڌ جي مردم خيز شهر رتيديري جي رهواسي سائين مقصود گل 15- فيبروري 2015ع تي 65 ورهين جي ڄمار ۾ دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، اِنالله واِنا اليہ راجعون! مرحوم ڪجهه ڏينهن کان دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. قاضي مقصود گل 10- اپريل 1950ع تي سنڌ جي ناليور شاعر ۽ استاد قاضي عبدالحئي قائل جي گهر ۾ جنم ورتو. قاضي مقصود گل جو والد قائل صاحب پاڻ به پنهنجي دور جو قادرالڪلام شاعر هو. قاضي مقصودگل کي به پيدائشي طور شاعري کيس ورثي ۾ ملي هئي. هن تعليم جي ميدان ۾ سنڌي ادب ۽ اقتصاديات ۾ ايم. ايز جون ڊگريون حاصل ڪيون هيون. ڪافي عرصو نئون ديرو شگرمل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر ۽ اسٽور مئنيجر جون ذميداريون سرانجام ڏنيون. 1994ع ۾  نوڪريءَ تان مستعفي ٿيڻ بعد پنهنجي شهر ۾ قاضي ماڊل اسڪول جو بنياد رکي، درس وتدريس جي پيشي سان واڳجي ويو، جو آخري دم تائين لاڳاپيل رهيو. قاضي مقصود گل جي ادبي پورهئي ۾ استاد، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ محمود الحسن شريف صديقي هئا. قاضي مقصود گل ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ڪافي مڃتا ماڻي. وکريل موتي، زندگيءَ ڏي موٽ، رت ڀنا رابيل، اندر روح رهيام، اکڙيون نيل ڪنول ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. مرحوم سوڳوارن ۾ 3 فرزند ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ڇڏيو. مرحوم جي اوچتي وفات جو ٻڌي ادبي حلقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي ويئي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 3 ڏينهن جي سوڳ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. سوڳ ۾ سندس اباڻو شهر رتوديرو به بند ٿي ويو. قاضي مقصود گل سٺو اديب هو. هن جي سڃاڻپ سٺي شاعر طور ته مشهور هئي، پر هُو ان سان گڏوگڏ سٺو نثرنگار به هو. هن تمام سٺا مضمون، ڪالم ۽ ڪهاڻيون به لکيون. مرحوم جو ”مهراڻ“ سان تعلق، گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان مسلسل جڙيل رهيو. قاضي مقصودگل جي وفات کان پوءِ ”مهراڻ“ جي خوبصورت هار مان هڪڙو قيمتي موتي گهٽجي ويو آهي. سنڌ جي هن نامور ليکاري جي وڇوڙي تي ٽماهي ”مهراڻ“ سٿ مرحوم جي پونيئرن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ رب العزت کان مرحوم جي بخشش ۽ جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيڻ جو پڻ دعاگو آهي. آمين

سنڌ جي ٻيجل صادق فقير جو  وڇوڙو:

سنڌ جو نوجوان ۽ سريلو راڳي صادق فقير، سعودي عرب جي شهر مڪي شريف ۾ هڪ روڊ حادثي دوران 48 سالن جي ڄمار ۾ 26- فيبروري تي لاڏاڻو ڪري ويو، اِنالله واِنا اليہ راجعون! صادق فقير پنهنجي فيملي سميت 24- فيبروري 2015ع تي سعودي عرب ڏانهن عمري تي ويل هو. هُو  26- فيبروري تي مڪي شريف ۾ عرفات جي ميدان تان زيارت ڪري واپس موٽي رهيو هو، ته سندس ويگن سان سامهون ايندڙ گاڏيءَ جو زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ صادق فقير ٿڏي تي ئي پنهنجو دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو، ساڻس گڏ شريڪ حيات ۽ سالو به زخمي ٿي پيا، جن کي ٻين زخمين سميت هيليڪاپٽر ايمبولينس ذريعي اسپتال پهچائي، سندن جانيون بچايون ويون.

صادق فقير ڏيپلي ۾ 1967ع ڌاري فقير فيض محمد تپيدار جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڏيپلي ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن وڌيڪ تعليم مٺيءَ مان ورتي. هن پوءِ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس به ڪئي. تعليم کان فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ صادق فقير تعليم کاتي ۾ هڪ استاد طور نوڪري اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ هن پروموشن حاصل ڪري، ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. صادق فقير اسڪول ۾ تعليم وٺڻ دوران راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي، پنهنجو مامو فقير حسين بخش سُرن وکيرڻ ۾ سندس استاد بنيو. صادق فقير عام شاعريءَ بدران شيخ اياز، اياز گل ۽ آڪاش انصاري سميت معياري جديد شاعري ڳائي وڏي مقبوليت ۽ شهرت ماڻي. صادق فقير جڏهن شيخ اياز جي شاعريءَ کي جديد ڌنن ۾ ترتيب ڏيئي ڳاتو، تڏهن اياز چيو ته: ”مون کي جنهن آواز جي تلاش هئي، اهو آواز مون کي صادق فقير جي روپ ۾ ملي ويو آهي. صادق منهنجي شاعريءَ کي جديد انداز ۾ ڳائي، شاعريءَ کي مهانتا ڏني آهي.“ سنڌ جو هيءُ شهزادو ۽ ملوڪ راڳي پنهنجي اندر ۾ هڪ تمام وڏو ماڻهو هو. صادق جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ سنگيت جا سڀئي سُر وکري ويا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ بهترين انسان به سنڌ کان موڪلائي ويو آهي. صادق فقير جي ڏکوئيندڙ وڇوڙي تي سنڌ جو هر فرد سوڳوار آهي. ٽماهي ”مهراڻ“ سٿ به سنڌ جي هن محبوب فرزند ۽ راڳي جي اوچتي لاڏاڻي ڪري وڃڻ تي غمزده آهي ۽ صادق فقير جي ڏکويل 3 فرزندن- نزاڪت، راحت ۽ رضا سميت ٻن ڀائرن- صابر فقير ۽ شهداد فقير سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو ۽ رب پاڪ کان مرحوم جي بخشش ۽ جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيڻ جي دعا ڪري ٿو ، آمين.

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر (انچارج)

مولوي حاجي احمد ملاح

 

(جنم: 11 فيبروري 1877ع - وفات: 19 جولاءِ 1969ع)

ڪلام

دم ڪو آهيون، خواب آهي يا خيال،

هي بزرگيون بادشاهيون خواب آهي يا خيال.

 

خاڪ ٿيندا خاڪ ۾ خاقان توڻي خان سڀ،

هي خوشيون هي خانگاهيون خواب آهي يا خيال.

 

هي حڪم هي حڪمتون هي حرف توڻي حرفتون،

شغل شاديون شوق شاهيون خواب آهي يا خيال.

 

هي سڳا ۽ سڳر ۽ هي صاحبيون ۽ صحبتون،

هي صبوحيون هي صراحيون خواب آهي يا خيال.

 

آهي ”احمد“ چئي، امن جو آسرو الله وٽ،

ٻيا پنارا ۽ پناهيون خواب آهي يا خيال.

ڊاڪٽر اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني

 

(جنم: 12 اپريل 1931ع - وفات: 24- جولاءِ 1981ع)

غزل

رئڻ ۾ رات ٿي گذري، ڏکن ۾ ڏينهن ٿو نبري،

نئين سج نيهن وارن لئه، نئون ڪو سور ٿو نسري.

 

وساريئين آشيان اهڙو، نه پرواهه برق و باران جي،

پکيءَ کي دور پنهنجن کان، ڪيو پيارن سندي پڃري.

 

سڀئي سانڍي نٿيون سگهجن، سيون سِڪ سوز جون ڳالهيون،

ڪڏهن هڪ ڳالهه ياد آئي، ته پو ٻي ڳالهه ٿي وسري.

 

ڀلي پيو ظلم ڪر جاني، ڀلي نيڻن جون هڻ نوڪون،

مجال آهي، اسان جي وات مان ڀلجي به اُف نڪري.

 

انهيءَ تي آسَ تي، واٽن تي پنهنجو گهر بنايو مون،

غبار، راهه مان ”بيخود“، متان قاصد اچي نڪري.

گرميءَ ۾ جبل تپي تندور ٿي پوندو آهي. زمين ٽانڊو ٿي وڃي. ماڻهو ڀائين ته پير نه اکيون رکجن. ڪاڙهو اهڙو جو ڀونگن کي باهيون لڳيو وڃن، سج به سو انيزي تي لهيو اچي ته ماڻهوءَ ويچاري جي ڇا مجال آهي جو سينو ساهي مقابلو ڪري سگهي. سج جو تئُه ۽ اس ۾ اُساٽجڻ جنهن کي شهري ماڻهو سَن اسٽروڪ (sun stioke) چون اُهو ته سندن لاءِ اڌري پڌري کٽي (موت) آهي. لُڪَ، اُسَ، ڪاڙهو ته گهڻي کان گهڻو جنهن لاءِ وري وٽن جَهلو (حفاظتي قدم) ڪوبه نه! پر جيڪو کين جياري ٿو (الله جلھ) اهو کين سُرت ۽ جياپي جا پار به  ڏي ٿو. اهڙيءَ مهل ۾ جبل جا جوان همٿون ڪونه هارين، لُڪاٽيل (لڪ ۽ اس لڳل) کي هڪدم ٿڌي پاڻيءَ ۾ تڙ ڪرائي/ وهنجاري، آمري ۽ کنڊ جو شربت پيارين ته نئون نمرو ٿيو پوي.

سرديءَ جي موسم ۾ جبل ٺريو پارو ٿيو وڃي. ايڏي سِههَ (سردي) جو ڦڦڙ پيا رڦن (ڏڪن). راتين جو ته باقائده جبلن تي برف پوندي آهي. جبل به ايڏا اُچا جن جي اڌ مان ڪڪر لنگهين ته چوٽين کي ڪشڪاءُ (پرواهه/ احساس) ئي نه ٿئي.

لطيف سرڪار ته ڪوهستان ۾ آيو/ رهيو/ ٽڪيو آهي. جنهن اهي سڀيئي لقاءَ ڏٺا، سٺا ۽ پنهنجي روشن ماڻڪين ۾ انهن جا جيئرا عڪس چِٽي ماڳ موٽيو هو. ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لڳهه لڳن پاڻ ۾....! يعني، جبلن ۽ ڪڪرن جو ميلاپ پيو ٿيئي/ جبل ۽ ڪڪر ميلاپ پيا ڪن.

ج.ع منگهاڻي

ڪتاب ”مانجو ڪوهستان“ مقدمو، ص 19-20 تان کنيل

 

 

 

 

 

ڊاڪٽر غلام علي الانا

ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ (اول)

  سنڌ جو  لاثاني مرثيه نگار

 

نوٽ: سنڌ جي معروف مرثيه گو شاعر ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جي 122هين ورسي جي موقعي تي امام بارگاهه علي آباد حيدرآباد ۾ 29 محرم الحرام 1424هه/02 اپريل 2003ع تي محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن جي صدارت هيٺ يادگار مرثيه خواني ۽ مجلس مذاڪري جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جي پڙهيل صدارتي تقرير، نوجوان ليکڪ ۽ شاعر ميرزا دبير جي ٿورن سان مهراڻ جي هن شماري ۾ شايع ڪجي ٿي. - ايڊيٽر

سنڌ جي سماجي، ثقافتي، علمي، ادبي، مذهبي ۽ لطيف فنن جي تاريخ لکندڙ ڪو به ماهر جڏهن انهن موضوعن جون تاريخون لکڻ ويهندو آهي، تڏهن هو ميرزا گهراڻي ۾، قدرت جي طرفان عطا ٿيل، اهڙيءَ ڏات سان نوازيل فردن، مردن توڙي خواتين، پوءِ چاهي اُهي خواتين ۽ حضرات ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزائن سان واسطو رکندا هجن يا ٽنڊي آغا جي خيرپوري ميرزائن مان هجن، اهڙين تاريخن جي لکندڙن کي، حيدرآباد جي انهن ٻنهي بستين ۾، انهن مضمونن مان ڪنهن نه ڪنهن مضمون ۾، مهارت رکندڙ جو نالو ضرور ملندو. بلڪه شايد انهن خاندانن جي ڪن فردن لاءِ ائين به لکڻو پوي ته انهن خاندانن مان ڪي اهڙا ماهر به پيدا ٿيا جن پنهنجن پنهنجن موضوعن مان، ڪن موضوعن تي لکڻ جي شروعات به ڪئي هئي.

سه ماهي مهراڻ رسالي لاءِ، فنون لطيفه جي ٻن صنفن تي، مون تازو تحقيقي مقالا لکيا آهن. اُنهن مان منهنجي پهرئين مقالي جو عنوان هو:”سنڌ ۾ مصوريءَ/ چترڪاريءَ جي فن جي اوسر“ منهنجو اهو مقالو، سه ماهي مهراڻ رسالي جي نمبر 4-3/ 2002ع ۾ شايع ٿيو، ۽ ٻيو مقالو: ”سنڌ ۾ خطاطيءَ جي فن جي ابتدا ۽ اوسر“ اُنهن ٻنهي مقالن لاءِ مون، ڪتابي مواد سميت جڏهن ٺٽي، حيدرآباد، خيرپور، خداآباد، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن جي مسجدن، مقبرن، درويشن جي درگاهن ۽ امام بارگاهن ۾، عمارتن جي ڇتين، ڀتين، درن ۽ ديوارن تي ٿيل نقاشيءَ، مصوريءَ ۽ خطاطيءَ جو مطالعو ڪيو، تڏهن آءٌ ڏاڍو حيران ٿي ويس، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي لطيف فنن ۾ به، حيدرآباد جي ميرزا خاندانن جو، خاص ڪري ٽنڊي آغا ۾ مقيم ميرزا خاندان جي ماهرن جو، وڌ ۾ وڌ حصو رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مرحوم ميرزا گل حسن ڪربلائيءَ کان پوءِ، ٽنڊي آغا ۾ مقيم ميرزا خاندان جي ڪنهن ٻئي اديب، انهن موضوعن تي ڪنهن مقالي جي لکڻ طرف ڪو توجهه نه ڏنو هو، حالانڪه هن خاندان ۾ وڏا وڏا اديب، شاعر، نقاد ۽ تاريخ نويس ٿي گذريا آهن. ميرزا عباس علي بيگ جيڪو سنڌ جي تاريخ تي وڏي دسترس رکندڙ ماهر هو، تنهن شايد هن ڏس ۾ ڪجهه لکيو هجي، پر سندن ڪابه لکڻي، ان سلسلي ۾ منهنجي نظر مان ڪانه گذري آهي، البت پاڻ انهن موضوعن تي وڏي ڄاڻ رکندا هئا. اُن جو هڪ مثال ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان.

ميرزا عباس علي بيگ مرحوم، هڪ دفعي حيدرآباد جي’ناهين واري پڙ‘ ۾ موجود مسجد ۾ ٿيل نقاشيءَ جو مون سان ذڪر ڪيو ۽ پروگرام ٺاهي، اُها مسجد مون کي ڏيکاريائون. مرحوم مقبول ڀٽيءَ کي به سڏايو هئائون، ڇو جو اها مسجد ڀٽي صاحب جي گهر جي ويجهو هئي. مسجد گهمائيندي ميرزا عباس علي بيگ مون کي چيو ته: ”الانا صاحب، آءٌ اوهان کي هڪ اهڙي تصوير به ڏيکاريندس جيڪا هڪ خاتون، پنهنجي سامهون آرسي رکي، پنهنجي تصوير ٺاهي هئي، ۽ وڌيڪ ذڪر تڏهن ڪندس، جڏهن اُهو نسخو توهان وٽ کڻي ايندس.“

آءٌ تڏهن اسلام آباد ۾، علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ ۾ خدمت ڪندو هوس. ميرزا صاحب منهنجي حيدرآباد اچڻ جو پروگرام، منهنجي گهر وارن کان هٿ ڪري، هڪ دفعي اُهو باتصوير قلمي نسخو کڻي آيو جنهن ۾ حيدرآباد جي پشوري پاڙي جي اُن خاتون جي پنهنجي هٿ سان ٺاهيل، اُها تصوير هئي جنهن جو ميرزا صاحب ذڪر ڪيو هو. اُها خاتون حيدرآباد جي هڪ ٽالپر حاڪم جي چاهيندڙ هئي. حاڪم جو نالو مون کان هاڻ وسري ويو آهي. مير صاحب ۽ سندن اُن محبوبا جي وچ ۾ خط و ڪتابت هلندڙ هئي. اُهو نسخو جيڪو عباس علي بيگ وٽ موجود هو، اُن ۾ مير صاحب ۽ سندن اُن محبوبا جا، سندس ڪتابت ۾ لکيل خط هئا، ۽ پوءِ مير صاحب جي خواهش تي اُن مصور خاتون، آرسيءَ جي سامهون ويهي پنهنجي اها تصوير ٺاهي هئي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم(1).

مير صاحبائن جي دور جي مصورن ۽ فنڪارن جا نالا مرحوم ميرزا گل حسن ڪربلائيءَ،
”ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما“ جي عنوان واري
پنهنجي مقالي ۾ ڏنا هئا. ڪربلائيءَ مرحوم جو اهو مقالو ’مهراڻ جون موجون‘ ڪتاب ۾ شامل ٿيل آهي.

اهڙيءَ طرح ٽالپر خاندان جي دور جي فن مصوريءَ جي سلسلي ۾، منهنجي نياڻيءَ، ڊاڪٽر قمرالجهان مرزا، جنهن حيدرآباد جي ٽالپرن جي علمي ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن جي سلسلي ۾، منهنجي نگرانيءَ هيٺ Ph.D  ڊگريءَ لاءِ پنهنجو مقالو لکيو هو، تنهن حيدرآباد ٽالپرن جي شاهي خاندان (ٽنڊي غلام حسين ۾ رهندڙ) جي خانداني ڪتب خاني ۾ موجود، اردو زبان ۾ لکيل هڪ باتصوير ديوان، مون کي ڏيکاريو. اُن قلمي نسخي ۾، تمام ننڍين ننڍين تصويرن، (miniture paintings) ۾ ڪيترن ئي بادشاهن، شهزادن ۽ مشاهيرن جي تصويرن جي مصوري ڪيل هئي. اُنهن تصويرن ۾ ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه قاچار، شهنشاهه همايون، اورنگزيب ۽ راڻي نورجهان، سميت سنڌ جي ٽالپر حاڪم مير فتح علي خان، مير نصير خان، مير صوبدار خان، مير شهداد خان، مير حسين علي خان ۽ مير عباس علي خان ۽ خيرپورميرس جي حاڪم مير رستم خان جون تصويرون موجود هيون. اها مصوري هڪ ايراني مصور جي ڪيل هئي. اُن ايراني مصور جو نالو ’عبدالمذنب خادم بردواني، (وفات: 1272هه) هو. هيءُ مصور، سنڌ جي حاڪم مرحوم مير نور محمد خان ٽالپر ولد مير مراد علي خان ٽالپر جي درٻار جو مصور هو.

مون پنهنجي مصوريءَ واري مقالي ۾، ٽنڊي آغا ۽ ٺٽي جي ڪن مصورن/ چترڪارن جا نالا به ڏنا آهن، جن جي باري ۾ مهراڻ رسالي (نمبر
4-3
/ 2002ع) مان معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.

اڄ جنهن بزرگ شاعر جي ورسيءَ جي سلسلي ۾ اسين سڀ هت گڏ ٿيا آهيون، اُن بزرگ هستيءَ جو شمار سنڌ جي انهن برگزيده شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌي علم ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي، پر سنڌي ادب جي اڄوڪن تاريخ نويسن، اُنهن جي ذڪر جي حوالي سان  ڪٿي ٻه سٽون به ڪونه لکيون آهن.

سنڌي ادب جو هر اديب ڄاڻي ٿو ته مرثيو، سلام، نوحه ۽ منقبت جو شمار، سنڌي شاعريءَ جي اهم صنفن ۾ ٿئي ٿو. انهن صنفن جو واسطو عروضي شاعريءَ سان آهي، پر مضمون جي لحاظ کان، سنڌ ۾، مرثئي چوڻ جو رواج گهڻو آڳاٽو آهي. لطيف سائينءَ واري زماني ۾ يا اُن کان اڳ يقيناً مضمون جي لحاظ کان هن صنف جو نالو مرثيو ڪونه هو، پر لطيف سرڪار اُن کي ڪيڏارو سڏيو آهي. ممڪن آهي ته اهڙي مضمون واريءَ صنف کي ڪيڏارو سڏيو ويندو هجي ڇاڪاڻ ته لطيف سائينءَ جي هن بيت ۾ بيان ڪيل مضمون واريءَ صنف کي اوهين ڪهڙي صنف جو نالو ڏيندوَ، جيڪا لطيف سائينءَ سُر ڪيڏاري ۾ بيان ڪئي آهي.

لطيف فرمايو آهي ته:

حسن مير حسين لءِ رنو ٽن ٽولن،

گهر ماڻهن، جهنگ مروئن، اُڀن ۾ ملڪن،

پکين پاڻ پڇاڙيو ته لڏيو موت وڃن،

الله شهزادن، سوڀون ڏينهن سچا ڌڻي.

منهنجي خيال ۾ هن بيت جي مضمون وارو مفهوم، مرثئي وارو ساڳيو آهي. شايد مرثئي لفظ جي، سنڌي زبان ۾ استعمال ٿيڻ کان اڳ، مرثئي جي مضمون واريءَ شاعريءَ کي، سنڌ وارا ’ڪيڏاري‘ جي نالي سان سڏيندا هئا. منهنجيءَ هن راءِ جي حمايت، ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘، سندس مرتب ڪيل ڪتاب ’شگوفئه ماتم‘ (1998ع) ۾ صفحي 14 تي، هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:

”شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو سداحيات شاعر آهي، جنهن ڪربلا جي واقعي جو بيان، پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي، جنهن کي ڪيڏارو چيو وڃي ٿو، اسين جڏهن سُر ڪيڏاري جو مطالعو ڪري، سيد ثابت علي شاهه جي مرثين کي پڙهون ٿا ته اسان کي شاهه صاحب جا مرثيه تقريباً سُر ڪيڏاري جو تتبع لڳن ٿا. فرق صرف ايترو آهي جو شاهه ڀٽائيؒ  بيتن ۽  وائين جي صورت ۾ واقعو بيان ڪيو آهي ۽ ثابت علي شاهه ’مربع‘ ۽ ’مسدس‘
جي صورت ۾ ڪربلا جو قضيو پُرسوز انداز ۾ نظم ڪيو آهي.“

سنڌ ۾ مرثئي واريءَ صنف ۾ شاعريءَ جا پڪا ۽ پختا ثبوت، ڪلهوڙن جي آخري دور کان ملن ٿا.

تازو، سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه نويسيءَ جي سلسلي ۾، منهنجي پياري ڀاءُ، محترم علي محمد چنا، جناب عبدالقيوم ’صائب‘ کان هڪ ڪتاب مرتب ڪرايو آهي. اُن ڪتاب ۾ ’صائب‘ 
صاحب، سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه نويسيءَ جي تاريخ بيان ڪندي، وڏيءَ بيباڪيءَ سان اهو واضح لفظن ۾ لکيو آهي ته اردو زبان ۾ مرثيه نويسيءَ جو باني ۽ امام، مير انيس اڃا ٻار هو، جڏهن سنڌ ۾، سيد ثابت علي شاهه جا مرثيا، وڏن وڏن شهرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾، گهر گهر ۾، مجلسن ۾ پڙهيا ٿي ويا. ان موضوع کي الائجي ڇو سنڌي ادب جي نقادن گهڻي اهميت ڪانه ڏني آهي، هونئن ته اردو زبان جي ته کين ڪابه ڳالهه نٿي وڻي.

اڄ جنهن بزرگ هستيءَ جي ورسي ملهائڻ جي سلسلي ۾ اسين سڀ هت گڏ ٿيا آهيون، اُها هستي هئي ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ اول. ميرزا صاحب مرحوم جي ولادت ميرن جي دور ۾ سن 1805ع/1220هه ۾، خيرپورميرس ۾ ٿي، ۽ سندن وفات حيدرآباد ۾ انگريزن جي دور ۾ سن 1883ع/1301هه ۾ ٿي. سندن آخري آرام گاهه، ٽنڊي آغا ۾ جُڙيل شاهه جي قبرستان ۾ آهي.

ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘، سيد ثابت علي شاهه (ولادت: 1153هه وفات: 1225هه) جو ننڍو همعصر، ۽ سنڌي زبان جو هڪ وڏو مرثيه گو شاعر ٿي گذريو آهي، پر جيئن مٿي عرض ڪيو اٿم ته ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جو نالو سنڌي ادب جي تاريخن ۾ ڪنهن به صاحب ڪونه ڏنو آهي.

ممڪن آهي ته اُن جو خاص سبب هيءُ هجي ته ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ ۽ سندن والد ۽ ڏاڏي جو واسطو ڇاڪاڻ ته خيرپورميرس سان هو، ۽ سنڌي ادب جي تاريخ جي اڪثر لکندڙن جو واسطو حيدرآباد ۽ لاڙ سان وڌيڪ هو، انهيءَ ڪري ميرزا فتح علي بيگ ’فتح جو نالو سندن سامهون نه آيو هجي، ڇو جو مرزا صاحب مرحوم کي فقط امام بارگاهن ۽ مجلسن تائين ئي محدود ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري سنڌي ادب جا اڪثر شاگرد، سندن نالي کان به واقف ڪونهن. ساڳيءَ طرح سنڌ جي ٽالپر شهزادن مير حسين علي خان ۽ مير حسن علي خان جي اعليٰ شاعريءَ کان به اسين گهڻا واقف ڪونه آهيون.

سنڌي مرثئي جي، سنڌي اديبن ۽ نقادن وٽ گهڻي پذيرائي انڪري به ڪانه ٿي سگهي جو ميرزا خاندان توڙي اهل تشيعت وارن، مرثئي جي صنف کي صرف مجلسن ۾ پڙهڻ تائين ئي محدود ڪري ڇڏيو آهي، ايتري قدر جو ڪن اُستادن هن صنف تي لکڻ يا اُن تي ناقدانه نظر وجهڻ جي همت نٿي ڪئي. جناب عبدالقيوم ’صائب‘ کي جَس هجي جنهن مجلسين جي خوف کان بالاتر رهي، سيد ثابت علي جي مرثيه نويسيءَ جي باري ۾، بهترين ڪتاب مرتب ڪيو آهي. آءٌ گذارش ڪندس ته انهن صنفن کي امام بارگاهن ۽ مجلسن واري دائري مان ڪڍي، سنڌي ادب جي ڄاڻو ماڻهن تائين پهچايو وڃي، ته جيئن مرثيه نويس شاعرن جي، شاعرانه ڪمال جي پذيرائي ٿي سگهي.

آءٌ علي محمد چنا صاحب جو ٿورائتو آهيان جو هن جڏهن محترم عبدالقيوم ’صائب‘ وارو مرتب ڪيل ڪتاب مون کي مهاڳ لکڻ لاءِ ڏنو، ۽ مون جڏهن اهو ڪتاب پڙهيو، تڏهن اُن ۾ بيشمار مرثيه گو شاعرن جا نالا پڙهي آءٌ پاڻ به حيران ٿي ويس، ۽ مون کي هن حقيقت بيان ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نٿي ٿئي، ته مون پاڻ به پهريون دفعو ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جو نالو، محترم عبدالقيوم ’صائب‘ صاحب واري مرتب ٿيل ڪتاب ۾ پڙهيو. سنڌ جي ههڙي عظيم مرثيه گو شاعر ۽ سيد ثابت علي شاهه جي ننڍي همعصر ميرزا فتح علي بيگ فتح جي مرثيه گوئيءَ جي باري ۾ مون کي اڳ ڪابه خبر ڪانه هئي. ميرزا گل حسن ڪربلائي مرحوم کان وٺي، ڊاڪٽر امام علي بيگ ميرزا تائين، سڀني سان دوستانه رشتا ۽ ناتا رهيا آهن، پر ميرزا فتح علي بيگ جي سلسلي ۾ مون کي به خبر ڪانه هئي.

مون جڏهن ڀاءُ علي محمد چنا کان ميرزا فتح علي بيگ جي باري ۾ پڇيو تڏهن چنا صاحب خيرپوري ميرزائن جي تاريخ ٻڌائڻ شروع ڪئي. مون کي تڏهن احساس ٿيو ته آءٌ پاڻ به سنڌي اديبن جي تاريخ جي باري ۾ ڪيتري قدر نه اڻ ڄاڻ آهيان، جيتري قدر مون کي ياد آهي ته مرحوم عطا محمد حاميءَ، جنهن خيرپور جي ميرن جي علمي، ادبي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ تي، منهنجيءَ نگرانيءَ ۾  Ph.D ڪئي هئي ۽ مقالو لکيو هئائين، تنهن به ميرزا خاندان جي علم ادب جي تاريخ تي روشني ڪانه وڌي آهي.

مناسب ٿيندو ته خيرپوري ميرزائن کان سواءِ ٻين جن به شاعرن هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي، اُنهن کي خيرپوري ٽالپرن جي ڪوٽن ۽ محلن (خاص ڪري ڪوٽ ڏجي وارن محلن) امام بارگاهن کان ٻاهر آڻڻ جي ڪوشش ڪجي. هن ڏس ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کي اڳتي اچڻ گهرجي. اُن يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي، سچل چيئر ۽ خيرپور جي سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي اهڙن املهه ماڻڪن کي، شاهي گهراڻي جي بند پيل صندوقن مان ڪڍي، اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي ڪچهرين ۽ محفلن ۾، مانوس ڪرائڻ گهرجي. الائجي ڇو ڀاءُ حميد سنڌيءَ جي ’بزم روح رهاڻ وارين هفتيوار ڪچهرين ۾ به انهن املهه ماڻڪن کي نمايان نٿو ڪيو وڃي؟

سنڌي زبان جي هن املهه خزاني توڙي اهڙيءَ ٻيءَ سنڌي شاعريءَ جو، شاعراڻا خوبين جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺڻ گهرجي. تعجب ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته اسان جي نقادن اڃا تائين سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه نويسيءَ جو گهرو مطالعو نه ڪيو آهي، صرف امتحاني نوٽس تي مشتمل ڪتابن ۾ اڌ صفحو لکي، اها دعويٰ ڪرڻ ته سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه نويسيءَ تي ناقدانه نظر وڌي وئي آهي، اهو پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪرڻ جي برابر آهي.

جڏهن ته اسان جي نقادن، عام سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان، سيد ثابت علي شاهه جهڙي عظيم مرثيه گو شاعر ۽ سنڌي مرثئي جي باني شاعر جي مرثين جو معياري تجزيو نه ڪيو آهي، ته پوءِ اردو مرثيه جي باني شاعر مير انيس جي همعصر مرثيه گو شاعر، ميرزا فتح علي بيگ فتح ۽ سندس فرزند ميرزا ٻڍل بيگ ۽ ٻين مرثيه نويسن جي باري ۾ پنهنجيءَ راءِ ۾ ڪوتاهي ڪئي اٿن ته پوءِ ميار ڪنهن کي ڏجي؟

مون کي ياد نه آهي ته ڊاڪٽر قمرالجهان مرزا، پنهنجي تحقيقي مقالي ۾، مرحوم ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جي مرثيه نويسيءَ جي باري ۾، تذڪرو ڪيو آهي يا نه؟ اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڪهنه مشق اديب، شاعر ۽ مفڪر مرحوم ڊاڪٽر عطا محمد حامي، جنهن منهنجي نگرانيءَ هيٺ، پي ايڇ- ڊي ڊگريءَ لاءِ خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جي تاريخ لکي هئي، تنهن ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جو ذڪر، سندس مقالي ۾ ڪيو آهي يا نه؟ ڇاڪاڻ ته جيئن اڳ ۾ چيو اٿم ته ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جو واسطو، حيدرآباد جي آخري ٽالپر حڪمران هزهائينس مير نصير خان ٽالپر سان هو، بلڪه هزهائينس مير نصير خان ٽالپر، ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ کي، پاڻ وٽ حيدرآباد گهرائي، کانئن مرثيه خواني ڪرائيندو هو، ۽ هزهائينس مير نصير خان جو فرزند، هزهائينس مير محمد حسن علي خان، ميرزا فتح علي بيگ  ’فتح‘ جي علمي استعداد کان ڏاڍو متاثر ٿيو هو، ۽ انهيءَ ڪري هزهائينس مير حسن علي خان ٽالپر پاڻ به هڪ لاثاني شاعر بڻجي ويو.

سن 1863 ۾، جڏهن ٽالپر حڪمران، انگريزن جي قيد و بند کان آزاد ٿي، پنهنجن ماڳن تي موٽي آيا، جن ۾ هزهائينس مير حسن علي خان ٽالپر به هو، تنهن ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ کي خيرپور مان سڏائي، حيدرآباد ۾ رهڻ تي زور ڀريو. انهن ڳالهين جو ذڪر مرحوم ميرزا گل حسن ڪربلائيءَ، نئين زندگي رسالي ۾ ڪيو آهي.

اڄوڪيءَ هن يادگار محفل ۾، مرحوم ميرزا صاحب جا چيل مرثيا پڙهيا ويا. اُنهن مرثين ۾، شاعريءَ جي لحاظ کان جيڪي خصوصيتون اوهان محسوس ڪيون هونديون؛ مرحوم ميرزا صاحب سندن منظوم ڪيل مرثين ۾ جنهن انداز سان ڪردارنگاري ڪئي آهي، سندن مرثين ۾ جيڪا منظرنگاري محسوس ڪجي ٿي. سندن مرثين ۾ جنگ جي منظرن ۽ امامن سڳورن جي خيمن ۽ جنگي ماحول جي جيڪا عڪاسي ڪئي آهي، تنهن جي مطالعي ۽ تنقيدي تذڪري جي گهڻي ضرورت آهي. ٻوليءَ جي خوبين جي لحاظ کان مرثين ۾ مڪالمه نگاري، اُسلوب ۽ انداز بيان، سوز و گداز، درد ۽ فراق ۽ رقت آميزيءَ وارين ڪيفيتن کي جنهن اُسلوب ۽ انداز سان بيان ڪيو اٿس، اهي خوبيون، سيد ثابت علي شاهه جي مرثين وارين خوبين جون سِڪون ٿيون لاهين. انهن خوبين تي وڏيءَ تحقيق جي ضرورت آهي. اُن لاءِ مرثين کي ادبي ڪچهرين ۾ مطالعي لاءِ پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي.

آءٌ ميرزا صاحب جي درد ۽ گداز واري ٻوليءَ جا هڪ ٻه مثال پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، جن مان ميرزا صاحب جي اُسلوب ۽ انداز بيان جو ڀليءَ ڀت پتو پئجي سگهي ٿو. فرمائين ٿا:

 

سس اُٿي، پنهنجي هٿين نُنهن سندو لاٿو سينگار،

نٿ لاهي، ٻانهين ڀڃي، منهن کي ڪيئن خاڪسار،

کهنبو وڳو ويانهن جو لاهي ڪيئن ڪفني تيار،

ڳَل وجهي ڪفني سياهه، رت ٿيون رئن زار زار،

چوڻ ٿي قاسم جي ماءُ، اي منهنجا پُٽ نوجوان،

تنهنجي مرڻ جو لڳم تير سڄڻ ڪيئن جيان.

 

ٻيو مثال ملاحظه ڪريو:

اَي ابا لائون لهي، رڻ وڃي ڪيئي سر فدا،

سر جدا تَن کان ٿيو، سر کان ٿيا سهرا جدا،

سهرا ۽ زلفون سندءِ، خون مٽيءَ ۾ ڀريا،

ميندي عيوض خون ۾ پير ۽ هٿ سرخ ٿيا،

اي منهنجا نوشاهه پُٽ، ٿو مُئي اڄ قهر ٿيو،

تو سوا جڳ ۾ سڄڻ منهنجو جيئن زهر ٿيو.

 

هر بزمِ دل انسان ههڙي سوز وگداز واري ڪلام ٻُڌڻ سان اکين مان ڳوڙها ٿو ڳاڙهي ۽ اُن جي دل هنجون ٿي هاري، پر انهن ٻن بندن ۾ ڪربلا جي شهيدن جي درد ۽ گداز جو داستان بيان ٿيل آهي. اهڙي بيان تي ته انسان بيوس ٿيو وڃي ۽ آهه و زاري ڪرڻ تي مجبور ٿيو وڃي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org