سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 1/ 2015ع

باب:

صفحو:16

مولائي ملاح

 

 

 

 

شير ميربحر: سنڌ جو سداحيات پهلوان

جَل وهندڙ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي قائم ڳوٺ مُوسي ديري (هن ڳوٺ جو پهريون نالو راضي فقير هيسباڻي هو، پوءِ ڦري گل محمد بڻيو ۽ هاڻ شير ميربحر چون ٿا) ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گهر 21 هين جون 1924ع تي فجر مهل جنم وٺندڙ ٻالڪ عالي شير (عالي شير ڏاڏي جو نالو اٿس، ڳوٺ ۾ اڄ به کين عليءَ جي آڪهه ڪري سڏيندا آهن) ميربحر لاءِ ڪالهه اهو ڪنهن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو شير بڻجي، ڏيهه توڙي ڏيساور ۾ سنڌ جو نانءُ روشن ڪندو. چوندا آهن ته شير بادشاهه پنهنجي منزل ۽ پنهنجي شڪار جو تعين پاڻ ڪندو آهي. ائين ئي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي سُرهي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، سنڌوءَ جي پَوَتر پاڻيءَ تي پلجندڙ هن شير به پنهنجي منزل ۽ مستقبل جو تعين پاڻ ڪيو. هن سنڌي پرائمريءَ جا چار درجا پنهنجي ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد عبداللطيف آگري وٽ پڙهيا. نامور ليکڪ، محقق غلام رباني آگرو سندس ڪلاس فيلو هو. هن جي من ۾ ملهه جو شوق پنهنجي چاچي پيرل خان ميربحر جي ڪري پيدا ٿيو. پهلوان پيرل ميربحر پنهنجي دور جو وڏو پهلوان هو.

شير، شروعاتي دور ۾ پهرين ملهه پنهنجي پاڙي جي پير ’جنگلي شاهه‘ محبت ديرو جتوئي جي ميلي تي وڙهي، سوڀ ماڻي. ملهه جي پهرين سکيا هن تعلقي ڪنڊياري جي رهواسي پهلوان لقمان خشڪ کان ورتي. پوءِ اسماعيل بڙدي، بعد ۾ مشهور پهلوان لالا نواز علي خان پٺاڻ آف ڳڙهي ياسين کان ورتائين؛ استاد کيس ڌاڳو ٻڌڻ مهل دعا ڏني ته ’انشاء الله سنڌ ۾ نالو ڪمائيندين‘ استاد کان باقاعدي سکيا وٺڻ کان پوءِ هن پهرين ملهه پاڻ کان سينئر، پهرئين

 جوڙ جي پهلوانن سان وڙهي، جنهن ۾ سوڀ ماڻيائين، پوءِ همعصر پهلوانن سان وڙهيو، بعد ۾ جونيئر پهلوانن کي شڪست ڏنائين.

شير، جي مَن ۾  سنڌ جي بهادري ۽ ارڏائپ سمايل هئي. جڏهن جوڀن جا ڪَرَ موڙيائين ته ملهه جي ميدان ۾ سندرو ڇڪي ڪونڌرن جيان للڪار ڪندي چيائين ته: ”اچو مان آهيان سنڌ جو شير، جنهن کي به پنهنجي بهادريءَ تي ناز هجي، اهو اچي مون سان ميدان ۾ مُنهان مُنهن ٿئي!“ هن جي اهڙي للڪار ڏيهه توڙي ڏيساور تائين ٻُرڻ لڳي ته مختلف شهرن، صوبن ۽ ملڪن مان سندس مقابلي لاءِ پهلوان ايندا ويا؛ هيءُ سنڌ جو شير، انهن کي ڦيرائي ڦيرائي پنهنجا ٻئي گوڏا سندن سيني تي ڏئي ميدان ۾ دسيندو، ملهون ماريندو ۽ انعام ماڻيندو رهيو. اهڙي بهادريءَ عيوض هيءُ عوام جي دلين تي 30 ڏهاڪن تائين راڄ ڪندو رهيو. اهڙي ارڏائپ سبب هن ٻهراڙيءَ جي ٻار جلد ئي سنڌ ۾ پنهنجي قومي هيري واري حيثيت ماڻي ورتي. اهڙيءَ ريت هن سنڌ جي قومي، ثقافتي راند ملهه کي ٻهراڙيءَ جي ميدان مان کڻي شهرن جي اسٽيڊيم ۾ آندو.

سنڌ جي هن موڀي پٽ جي جسامت جي بيهڪ، لباس اوڍڻ کان وٺي ميدان ۾ وڙهڻ تائين جا سڀ انداز نرالا هئا. آکاڙي ۾ وڙهڻ دوران سندس چستي ۽ چالاڪيءَ سان ورتل داو پيچَ ۽ انگ اکر ڏسي صدر ايوب جهڙي چست ۽ چالاڪ ماڻهوءَ کان به رڙ نڪري وئي هئي؛ جنهن بي ساخته ٿي چئي ڏنو ته: هن جي مقابلي ۾ ڪيترائي بهادر چونڊي چونڊي آکاڙن (ملاکڙي جي ميدان) ۾ لاٿا ويا جن کي هن هڪ ئي سَٽ سان زمين تي سٽي ٻئي ٻانهون هوا ۾ لوڏي مرڪندي چيو ته: ’جي اڃان به ڪو اٿوَ ته موڪليو، هيءُ سنڌ جو شير، ميدان ۾ بيٺو آهي.‘ هن جي اهڙي بهادري ڏسي، پرڏيهي ۽ پنجاب جي پهلوانن کان پهلواني وسري ويندي هئي؛ هن سنڌي سورمي جي چهري تي فتح ماڻڻ مهل جا مُرڪ تري ايندي هئي، اها به آمريتي ڌرين کان برداشت نه ٿيندي هئي، جن ساڻس زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين وير رکي، اهو ئي سلوڪ ڪيو جيڪو هت هر محب وطن ماڻهوءَ سان ڪيو ويندو آهي.

شير ميربحر، شڪل شبيهه ۾ جهڙو سهڻو هو، تهڙو ئي سيرت ۾ به سٻاجهڙو، وڏي ظرف ۽ ڪشاديءَ دل وارو ماڻهو هو. ملهه جي شوقين ۽ شير جي عاشق، عظيم سنڌي مورائيءَ کان جڏهن شير بابت پڇيم ته هن ٿڌو ساهه کڻندي، چيو ته: ”مولائي! شير بابت مان توکي ڇا ٻڌايان، شير، شير هو. شير جهڙا اڄ ماڻهو ڪٿي، شير جهڙو ڀلو ملهه هو اهڙو ئي ڀلو انسان به هو. يار! هو ڏاڍو سهڻو هوندو هو. هن کي هر لباس تن تي ٺهندو هو، هو ملاکڙي ۾ ايندو هو ته ٻانهينءَ ۾ استاد شير..... استاد شير جا چئو ڏس آواز ٻُرڻ لڳندا هئا.... هائي هائي! شير بابت ڇا ٿو پڇين. شير سان سنڌ جا ماڻهو ڏاڍي محبت ڪندا هئا. هن ڌيمي ۽ ڏکاري آواز ۾ ڏسيو ته يار شير کي آخري ڏهاڙن ۾ سيد سمن شاهه ڏاڍا ڌڪ ڏنا، رت به ڪڍي ڇڏيائينس پر پوءِ به هن ملهه نه ڏنس. ’هن زندگيءَ جون پهريون وکون ته ڪچي جي چيڪي مٽيءَ تي کنيون، پر جڏهن هي شهرت جي منزل کي ڇهڻ لڳو ته هن جا قدم قالينن تي ئي رهيا، شهرت جي اهڙي بلنديءَ کي ڇُهڻ ۽ شهر جي رنگينيءَ ۾ رهڻ کان پوءِ به هن جي مزاج ۾ ڪا به شهري‘ تبديلي ڪانه آئي. ساڻس ملڻ مهل سندس احساسن مان پيار، پنهنجائپ، سڪ ۽ سونهن محسوس ٿيندي هئي. هن ڪنهن پل به ماتر ڀوميءَ ۽ ان جي مٽيءَ هاڻن ميرن ماڻهن ۽ مُهاڻن کي ڪونه وساريو. اهڙو احساس اڄ به سندس اولاد شهاب الدين ملاح سان ملندي محسوس ٿيندو آهي. هن سڄي حياتي سنڌ جي قومي، ثقافتي راند ملهه کي جيئارڻ جا جتن ڪيا. هن هيڻي حال آهر به ڪافي ڪوششون ورتيون. 77-1976ع ڌاري هن مُلهه ايسوسيئيشن نواب شاهه ٺاهي، تن ڏهاڙن ۾ پهلوانن جي سکيا، آکاڙي لاءِ سنڌ حڪومت پاران حبيب شوگرملز نواب شاهه جي ڀرسان هڪ ايڪڙ سرڪاري زمين ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. جيڪو شهاب الدين ملاح چواڻي ته: اُهو پوءِ رولڙي جو شڪار ٿي ويو.

پهلوان شير ميربحر، پنهنجي ڪلچر، قومي راند سان ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين سُئيءَ ۾ سڳي جيان سلهاڙيل رهيو. هن سنڌ جي قومي راند ملهه کي پنهنجي خون سان پروان چڙهايو. هن کي ڪٿي به مايا جي موهه ڪونه موهيو، نه ته شهرت جي اهڙي مقام تي پهچڻ کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو مايا جي منڊيءَ ۾ انڌن- منڊن اُٺن جي قيمت ۾ وڪامندي ڏٺا آهن؛ پر هن مُهاڻي ٻار ڪنهن پل به ’سون تي سيڻ نه مٽايا‘ ۽ سڄي حياتي شان سان جيئندو رهيو. هن جي عشق جو محور سنڌ ۽ سنڌ جو ڪلچر، قومي راند (ملهه) رهيو؛ جنهن سان هُو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سرتيءَ جيان سچو رهيو. هن جو حُسن، هن جي اُها فاتح مُرڪ هئي، جيڪا اڄ به شهاب ملاح جي چهري مان پسي سندس سونهن ۽ سڪ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مخالف کي ملهه مارڻ کان پوءِ، ملاح جي چپن مان نڪري چهري تي تري آيل گلاب جي پنکڙين جيان ٽڙيل مُرڪ، جتي پرستارن جي من کي موهي وجهندي هئي، اتي سندس مُرڪ تي ڪيتريون ئي اپسرائون به فدا ٿي پونديون هيون. سندس ٻه شاديون هيون، پهرين پنهنجي سؤٽ، پوءِ پنهنجي پرينءَ سان پيار جو پرڻو ڪيائين.

شير ميربحر جو پنهنجي ڌرتيءَ سان سچو عشق هو جنهن عشق سبب کيس پنهنجي ڪلچر سان پيار هو، جنهن پيار جي پرچار ڪرڻ لاءِ هن قومي  راند ملهه، سان نينهن جون لائون لڌيون، جنهن ۾ زندگيءَ جي هر موڙ تي سڦلتا ماڻيائين.

سنڌ جي سڄڻن، ساڃهه وند ڌرين ۽ سنڌ جي عاشقن هر دور ۾ پنهنجي قومي ڪلچر کي رت ست ڏئي جيئاريو آهي. اهڙن امر ڪردارن ۾ شير ميربحر به پنهنجي وس وت ۽ ڄاڻ آهر پاڻ ملهايو آهي، جنهن ڪم ۽ ڪردار ڪري هو اڄ به تاريخ ۾ سونهري حرفن سان ته سهيڙيل آهي پر ساڻس انياءُ اهو ٿيو آهي جو کيس مئي پڄاڻان سرڪار ۽ سنڌ جي عاشقن وساري ڇڏيو آهي. جيڪا هن سنڌ جي سورمي سان ناانصافي آهي.

اها پڻ حقيقت آهي ته، سنڌ جي هن شير، پنهنجي قومي ڪلچر کي جوانيءَ جي جوڀن سان جيڪا جلا بخشي، ان تي پوڙهائپ ۾ به آمريت جي پوڄارين سنڌ ۽ سنڌي ڪلچر جي ويرين کيس ان عشق جي جرم ۾ جيڪا سزا ڏني، اها هن مڙس مٿير مُرڪي قبول ڪئي. هن زندگيءَ جي ڏکين گهڙين ۾ به آمريت اڳيان آڻ نه مڃي، جئين جوانيءَ ۾ ملهه جي ميدان ۾ مد مقابل کي آڳ ڏيڻ کان انڪار ڪندي، کيس ملهه مارڻ کان پوءِ سندس لبن تي سنڌ جي سورهيه پٽ جرنيل هوش محمد شيديءَ جي لفظن جهڙي للڪار ٻُرندي هئي ته: ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ ته ائين ئي هن پوڙهائپ ۾ به اهڙي ئي ارڏائپ سان زندگي گهاري آمريت جي ڪاڻ نه ڪڍي. شهيد ڀٽو کيس 1974ع ۾ ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو. جمهوريت تي راتاهي کان پوءِ جنرل ضياءَ 1977ع ۾ اهو عهدو ختم ڪيسِ جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ کان پوءِ بحال ٿيو. زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب اسپتال ڀيڙو ٿيو، ته جنرل ضياءَ جي آمريتي ٽولي کيس جهڪائڻ لاءِ ملندڙ معاوضو به بند ڪري ڇڏيو، تڏهن به هي بهادرن جيان بيماريءَ سان جهيڙيندو پنهنجيءَ رمز ۾ رمندو رهيو. ’شير شهادت ماڻي‘ جيان نيٺ هن 28- مارچ 1985ع تي پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس مزار پنهنجي ئي ڳوٺ محبت ديرو جتوئيءَ کان 2 ڪلو ميٽر ٻاهر سندس نالي پٺيان ڳوٺ ’پهلوان شير ميربحر‘ ۾ موجود آهي، جتي سندس ورسيءَ جي موقعي تي هر سال ’شير يادگار ڪاميٽيءَ‘ جي چيئرمين شهاب الدين ملاح پاران سندس ياد ۾ ملاکڙو لڳرايو ويندو آهي. هئڻ ته ائين گهرجي ها جو جيئن ’پنڊ جي پهلوانن‘ ۽ ڌارين ملڪن جي راند جي قومي رانديگرن کي سنڌ جون قيمتي زمينون انعام طور ڏنيون وڃن ٿيون، ائين ئي هن کي به اهڙي قسم جو انعام ڏنو وڃي ها. جيڪڏهن ڪالهه ملڪ ۾ آمريت هئڻ سبب ائين نه ٿي سگهيو، ته اڄ جمهوريت بحال آهي، اڄ به سندس اولاد کي اهڙي اعزاز سان نوازي سندس خدمتن کي ساراهي سگهجي ٿو. سرڪار کي هن سنڌ جي قومي رانديگر لاءِ به صدارتي اوارڊ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. اعزاز طور ڀٽ شاهه جي ملاکڙي واري ميدان تي سندس نالو رکيو وڃي، مڃتا طور شاهه لطيف ”شهباز قلندر“ جي ميلي تي ملهه پهلوانن کي شير مير بحر اوارڊ ڏنا وڃن. اهڙيءَ ريت سنڌ، سنڌ جي قومي ڪلچر سان محبت جي اظهار جي دعوا جو حق به ادا ڪري سگهجي ٿو.

شير، سنڌ جو اهو بهادر پهلوان هو جيڪو عمر جي اڌ حصي، 50 سالن تائين پهچڻ کان پوءِ به اڀرندڙ نوجوان پهلوانن سان ميدان ۾ ملهه وڙهندو رهيو، پهلوانن لاءِ هيءُ وڙهڻ نه، پر رٽائر ڪرڻ جي وهي هوندي آهي، الهه جڙيي سمي کيس ست مقابلن جو چئلينج ڏنو، جنهن ۾ هنن جو پهريون مقابلو 1969ع ۾ جشن خيرپور ۾ ٿيو. مقابلو ٻن ڏهاڙن تائين هلڻ جي باوجود به ٻنهي پهلوانن ۾ نبيرو نه ٿي سگهيو، آخر ۾ مهمان خصوصي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊويزن محترم اسلم باجوا، ٻنهين پهلوانن کي انعامي ڪپ ڏنا، پهريون ڪپ شير ميربحر کي، ٻيون ڪپ الهه جڙيو سمي کي مليو، الهه جڙئي سمي کي اتي ’فخر  سنڌ‘ جو لقب مليو، ان بعد هنن جو ٻيو مقابلو ’جشن لاڙڪاڻو‘ پوءِ ميرپورخاص گاما اسٽيڊيم، ٽنڊو آدم ۽ آخري مقابلو مسلم ڪاليج حيدرآباد طرفان منعقد ٿيل شاندار ملاکڙي ۾ ٿيو. هن ملاکڙي جو مهمان خصوصي جناب ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد هو. هن ملاکڙي ۾ سمي جي ڏنل چئلينج جو نبيرو ٿيو، جنهن ۾ شير جو ’رستم سنڌ‘ وارو خطاب برقرار رهيو. هنن جي بهادريءَ تي سنه 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ڇهين ڪلاس جي شاگردن جي هڪ پيپر ۾ جنهن ۾ ملهه پهلوانن جو ذڪر آهي، ان ۾ شير ميربحر ۽ الهه جڙئي سمي جو نالو شامل آهي. سنڌ جي هنن پهلوانن تي سنڌيءَ جي ڪورس ۾ مڪمل سبق اچڻ گهرجي.

سنڌ جي هن سهڻي، بهادر پهلوان کي پنهنجي راند تي فخر هو. هي چوندو هو ته: دنيا جو ڪو به طاقتور پهلوان اسان کي ميدان ۾ شڪست نه ٿو ڏئي سگهي. هن پنجاب جي پهلوانن کي چئلينج ڏنو جيڪو ’ڀولو برادران‘ قبول ڪيو. ميرپور خاص ۾ ان وقت جي ڪمشنر ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي جي سرپرستيءَ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ شير چيو ته: ’هن ڀولو پهلوان لاءِ ته منهنجو شاگرد (ملهه ۽ ملاکڙا ۾ عثمان ڀٽيءَ پهلوان يڪي کي شير جو شاگرد ڄاڻايو آهي) يڪو خاصخيلي ئي ڪافي آهي.‘ پوءِ ٿيو به ائين ئي ته ڀولو پهلوان کي يڪي خاصخيليءَ اهڙي ته ملهه هنئين جو هو پوءِ ملهه وڙهڻ تان هميشه لاءِ هٿ ئي کڻي ويو. شير، ڪُشتي ۽ ريسلنگ راند کي ٺڳيءَ واري راند چوندو هو. هو انهن راندين لاءِ چوندو هو ته: ’ان ۾ بهادري نه پر ٺڳي آهي ڇو ته پهلوان اهو جيڪو ميدان ۾ دسجي، ڌڪ کائي، ته ماڻهو ان کي پيل ڏسي انصاف ڪن. هي ڪُشتي، ريسلنگ جو پهلوان اڃان دسجي ئي مس ٿو ته مٿان 10 تائين انگ ڳڻجڻ شروع ٿين ٿا، يڪدم زمين تي 3 ڌڪ هڻي هار کٽ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته اسان جا پهلوان ڌڪ کائي زمين تي ڪرندا آهن ته ڪافي وقت تائين هوش ۾ ئي ناهن ايندا.‘ شير، ڀٽ شاهه جي ميلي تي ملاکڙي ۾ پهلوان مُلان شيديءَ کي اهڙو ته ڌڪ ڏنو هو جو ملاکڙو ختم ٿي ويو، ماڻهو هليا ويا پر پهلوان کي هوش نه آيو، سندس ساٿي کيس کٽولي تي کڻي ويا.

شير، جي بهادريءَ جي هاڪ هلندي هلندي جڏهن هالا پهتي ته سنه 1962ع ۾ هالن جي مخدوم طالب الموليٰ جن هالن ۾ هڪ دنگل ڪرايو جنهن ۾ هن چيڪو سلاويا ملڪ جي بهادر پهلوان’زيبسڪو‘
کي شڪست ڏنائين، جتي کيس ’رستم سنڌ‘ جو خطاب مليو، ان بعد 1966ع ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ ٻئي بين الاقوامي مقابلي ۾ هندستان جي پهلوان ’گرنام سنگهه‘ کي ٻئي ملهون ماري ملڪ جو شان بلند ڪيائين،. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ آسٽريليا جي نامور پهلوان ’آسٽن‘ کي بري شڪست ڏنائين، جنهن جي ڪامينٽري ريڊيو تان سڌيءَ ريت نشر ٿي.

شير، پنهنجي زندگيءَ ۾ سوَن جي تعداد ۾ انعام حاصل ڪيا، جن ۾ هي انعام زندگيءَ جي يادگار مقابلن جيان اٿس، جن ۾ هن پهريون انعام ذالفقار علي ڀٽي جي ڀاءُ نواب امداد علي خان ڀٽي ۽ نواب پيربخش خان ڀٽي کان نئين ديري ۾ حاصل ڪيو. صدر ايوب کان خيرپور، هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ ۽ جنرل موسيٰ خان کان پڻ انعام حاصل ڪيائين.

شير، کي هونءَ ته سڀئي پهلوان احترام مان استاد چوندا هئا، پر هن فن جي کيتر ۾ ڪيترائي شاگرد به ٺاهيا؛ جن جو ڳاڻيٽو جهجهو آهي پر انهن مان ڪجهه شاگرد اهڙا اٿس جيڪي سڄي حياتي ملاکڙن جو سينگار رهيا؛ جن تي استاد جو به وڏو راز رهيو، ته اهي دادلا به رهيس. تن ۾ محمد بخش بڙدي ’سينگار سنڌ، شير گوپانگ‘ ’رستم دادو‘ غلام قادر لغاري، پهلوان درمحمد عالماڻي. هيءُ شير جو دادلو ۽ فخر لائق شاگرد هو، ۽ ٻيا به شامل آهن.

هن سان اميرن توڙي فقيرن درويش صفت جو به گهرو چاهه رهيو. هيءُ انهن سان ماڻ ڪرڻ بجاءِ ساڻن نهٺائيءَ ۽ وڏي احترام سان پيش ايندو هو، ملهه جي قدردانن جي تعريف ڪندي پاڻ چيائين ته: ”مير علي ڏنو خان ٽالپر ڪوٽ ڏيجيءَ واري جي مون تي خاص مهرباني آهي، آءٌ ان جو شڪر گذار آهيان، مير صاحب اسان جي اتر ۾ ملهه جي فن جو وڏو قدر دان آهي.“ شير، ملهه جي ميدان ۾ ڪڏهن به پاڻ نه پڏايو ته مان ڪو هيڏو وڏو پهلوان آهيان، هن جي سادگي ئي هن جو حسن هئي، ڪنور ڀڳت جيان پرستارن، درويش فقيرن جو ٽولو ساڻس سدائين گڏ رهيو، جن ۾ بَرڙو فقير، بچو فقير ۽ مامو ولي محمد ميربحر ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا جيڪي سڄي حياتي سندس عشق ۾ ساڻس گڏ رهيا.

شير، ملهه جي دنيا ۾ انگن اکرن جو بادشاهه ملهه هو، هن کي ويڙهه جي وڏي ڪا ڏات هئي؛ هن کي راند جي هر، داءُ، گُر، گهر ۽ انگ اکر تي ڪمال جو عبور حاصل هو. هي اڪثر ڪري، ’پاهڻ، جاٺو، وارو ۽ اُکري مهريءَ‘ وارن گهرن، اکرن تي تمام گهڻو وڙهيو. ملاکڙي ۾ سندس ويڙهه سڀني رانديگرن کان نرالي هوندي هئي. ان زماني جا ماڻهو اڄ به سندس نالو کڄڻ تي هائي هائي ڪري ڊگها، ٿڌا ساهه کڻي سندس يادن جون ڳنڍڙيون کوليندي روئي پون ٿا. ملهه ۽ ملاکڙن تي افسوس ۽ ارمانن ڀريا ويچار ونڊيندي چون ٿا ته: اڄ اهي نه پهلوان رهيا آهن ۽ نه ئي پهلواني، اڄ جو ملهه صلاح ڪري وڙهي ٿو. جڏهن ته شير، ڄاڻي ٻُجهي پهلوانن کي ميدان ۾ سڌا ڌڪ ڏيندو هو؛ ان ۾ حڪمت عملي اها رکيل هيس ته، جيئن ٻيو به کيس ائين ئي ڌڪ ڏئي، ته جيئن عوام پهلوان کي پٽ تي پيل ڏسي انصاف ڪري، ڇو ته هڪ سٺو ڏسندڙ ئي سٺو جسٽس هوندو آهي. انهن ڌڪن ۾ ڪو به رک رکاءُ نه هوندو هو.

شير، جي جهڙي راند سهڻي هئي تهڙو ئي پاڻ به سهڻو هو. سندس باڊي، جسامت جي بيهڪ اهڙي ته سهڻي هئي جو کيس تن بدن تي هر لباس ٺهندو هو. هن جو لباس ان دور ۾ پنهنجي فن جي حوالي سان عام ماڻهن کان ماپ، سائيز ۽ سلائيءَ ۾ ٿورو مختلف هوندو هو. شلوار 30 کان 40 وال، ويهوراڻي (ڪپڙي جو قسم) هرک جي قميص 4 کان 5 وال ۽ 6 پائونڊ چائنا جي بوسڪيءَ واري پڳ، پٽڪو، جيڪو 14 کان 16 هن والن تائين هوندو هو شلوار ٻن حصن ۾ هوندي هئي جيڪا ڌوئڻ مهل هيٺان چوتي/ ٻچيءَ کان کُلندي هئي، پائڻ کان پهرين ان کي مصريءَ جي پاڻيءَ سان ڌوئي ڪلف ڏئي ڪڙڪ ڪيو ويندو هو ۽ پائڻ مهل ان کي وڏي ڪاريگيريءَ سان چُڻي ان جا چُڻَ، گُهنج ٺاهيا ويندا هئا. هي ماحول ۽ موسم جي مناسبت سان به لباس پائيندو هو. سرڪاري محفلن ۾ پينٽ شرٽ، فل سوٽ، گرم موسم ۾ وري شڪارپوري گلي تي پهراڻ پائيندو هو. قميص تي 6 کان 8 سونا ٻيڙا، بٽڻ لڳل هوندا هيس ۽ ٻانهن ۾ پاتل گهڙيءَ، واچ ۾ وري سُونو پٽو پيل هوندو هئس. پيرن ۾ ڊگهو نوڪدار بوٽ (جنهن کي ان وقت ۾ شو بوٽ به چوندا هئا) ڪڏهن ڪڏهن ته شوقيه طور هٿ جو ٺهيل چمڙي جو بوٽ به پائيندو هو. شير، سٺي لباس سان گڏ سٺي سواريءَ جو به شوقين رهيو، وٽس چڙهڻ، سواريءَ لاءِ هڪ اعليٰ نسل جي گهوڙي هوندي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ هن 1968ع ۾ 64 ماڊل وليز جيپ پڻ ورتي جيڪا پنهنجي ڀاءُ غلام قادر ميربحر کان سکڻ بعد پاڻ هلائيندو هو.

هن جي خوراڪ اڄ ڪلهه جي پهلوانن کان تمام گهٽ هوندي هئي. رات جو کير ڪلو کان ٻه ڪلو، صبح جو سنڌي گيهه پاءُ کان ڏيڍ پاءُ تائين گرم ڪري پيئندو هو. گيهه نه ملڻ جي صورت ۾ مکڻ پڻ اوتري ئي مقدار ۾ واپرائيندو هو. گوشت ۾ مڇي زندگي ڀر نه کاڌائين، ننڍپڻ کان وٺي نه وڻندي هيس، ان ڳالهه تي هُو پاڻ به کلندو هو؛ ۽ کلي چوندو هو ته، يار! ڏسو ته سهي مان ميربحر ٿي ڪري مڇيءَ کان محروم آهيان، باقي تريل پلو وڏي چاهه سان کائيندو هو.

شير، پهلوان کان علاوه پنهنجي برادريءَ ۾ ڳوٺ جو پَريو مُڙس پڻ هو. 1960ع جنرل ايوب جي حڪومت ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ هي پنهنجي ڳوٺ مان ميمبر چونڊيو ويو. شير، اهو خوشنصيب شخص هو، جنهن زندگيءَ جي ڪنهن به محاذ تي شڪست نه قبولي. هي ملهه جي ميدان کان وٺي عشق جي ميدان تان ٿي قانون/ ڪورٽ جي ڪٽهڙي مان به فتح حاصل ڪري آيو. شهاب ملاح چواڻي ته: ’مغرب پاڪستان جي زماني ۾ صدر ايوب جي حڪومت ۾ نوابشاهه جي ڊپٽي ڪمشنر حميديءَ جڏهن کيس 110 ۾ چالان ڪرايو ته ان ڪيس جي پيروي ڪورٽ سڳوريءَ ۾ هن فل سوٽ پائي پاڻ ڪيائين، جنهن ڪيس کي پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪڍي ڇڏيو هو.

شير، کي زندگيءَ جي گذر سفر لاءِ پنهنجي 50 ايڪڙ زمين هئي جيڪا اڄ به ديهه ڳهلو ڀاڳت يونين ڪائونسل سڳيون ضلع خيرپورميرس ۾ موجود آهي. جنهن ۾ ’شير ميربحر فروٽ فارم‘ به لڳل آهي.

شير، کي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ به ملهه جي مستقبل بابت اونو رهيو. هيءُ چاهيندو هو ته ملهه پهلوان جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ان جي زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا بهتر گذارڻ لاءِ سرڪار ڪي اُپاءَ وٺي اهڙو ڪو ادارو قائم ڪري جتان ملهه پهلوانن جي مالي سهائتا ٿي سگهي. هن سنڌ جي ثقافتي راند سان سرڪار جي بي ڌيانيءَ، ويساهه گهاتين جهڙن روين کي ويجهي کان ڏٺو هو جنهن ڪري هن کي هر وقت ان جو اُلڪو رهيو. شير، اڪثر گهر ڀاتين ۽ دوستن کي چوندو هو ته: يار افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ملهه پهلوان جي پڇاڙي ڪانهي، ملهه اڪثر ڪري پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ وڏيرن جي اوطاقن ۽ درگاهن تي ٽُڪر ڀوري لاءِ ترسيل، محتاج ڏٺا آهن.

هن کي زندگيءَ ۾ هڪڙي حسرت رهي جيڪا پوري نه ٿي سگهيس، هُو چوندو هو ته: ’آءٌ سنڌ جو عالمي ليول جو قومي رانديگر آهيان، ان لاءِ صدارتي اوارڊ منهنجو حق آهي جيڪو مون کي ملڻ گهرجي.‘ بي حس حڪمران ٽولي هن کي سنڌي هجڻ جي سزا طور اهڙو مانُ اڄ (هي آرٽيڪل لکجڻ) تائين ڪونه ڏنو. ڪاش! هي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي صوبي سان وابسته هجي ها ته هن کي زندگيءَ ۾ ئي سڀ اوارڊ ملي چڪا هجن ها.

رستم سنڌ، اڄ به اسان کي، سنڌ جي کيتن ۾ کڙيل گلابن، ڪڻڪ جي سونهري سنگن جي حُسن ۽ انبن جي پڪل ٻور جي خوشبوءِ ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻارڙن جي نيڻن ۾ مُرڪندي نظر اچي ٿو. هو جسماني طرح اسان کان وڇڙيو ته ضرور آهي مگر ’سرڪار وانگي‘ وسريو ناهي!

اي سنڌ جا شير! تون اڄ به سنڌ، سنڌي ماڻهن جو ناقابلي شڪست هيرو آهين، اڄ توکي سنڌ سنڀاري ٿي. وڇڙيو آهين، وسريو ناهين، توکي تنهنجو جنم ڏڻ مبارڪ هجي. اي سنڌ جا شير! اڄ سنڌ سموري توکي، اياز جي هنن سٽن ۾ يادن جي ڀيٽا ڏيندي چئي رهي آهي ته:

ڇَر تي ڇَڏيئي پيرڙا، ڪري هنج اُڏار،

سڄڻ تنهنجي سار، صديون رهندي ساهه ۾!

(اياز)

دين محمد ڪلهوڙو

 

 

 

 

 

عبدالعزيز ٻرڙو- هڪ بيدار دماغ شخصيت

 

اسٽيج تي ويٺل محفلِ صدر، مهمانِ خاص، اعزازي مهمان ۽ هال ۾ ويٺل منهنجا عزيز دوستو… اسلام عليڪم؛ جيئي سنڌ؛ جيئي لطيف جي ٻولي!

اڄ اسان هڪ روايتي انداز ۾ سنڌ جي ثقافتي شهر حيدرآباد ۾ گڏ ٿيا آهيون، اسان جو هتي گڏ ٿيڻ اسان کان تقاضا ڪري رهيو آهي ته اسان ان شخصيت جي باري ۾ پنهنجا تاثرات پيش ڪريون، جنهن شخصيت کي اسان عبدالعزيز ٻرڙي جي نالي سان ياد ڪريون ٿا. جيئن ته هر نالي واري ۽ گهڻ رُخي شخصيت جا پنهنجي مزاج ۽ طبعيت ۾ ڪئين رُخ ۽ پهلو ٿين ٿا ۽ اهڙيءَ ريت هر رخ ۽ پهلو هڪ ڌار نشست جي گهُر ڪري ٿو. انهن گهڻ رخي شخصيتن ۾ ڇو نه شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو هجي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو هجي، شهيد عوام محمد فاضل راهو هجي، شهيد نظير عباسي هجي، جي.ايم.سيد هجي يا وري عبدالعزيز ٻرڙو هجي.

اڄوڪي تقريب ۾ عزيز صاحب جي هڪ اهم پهلو ”سُڌ ازم“ تي آءٌ مختصراً ٻه لفظ لکي آيو آهيان، مان چاهيان ٿو ته هتي اوهان دوستن سان اهي شيئر ڪريان. دراصل هتي گڏ ٿيڻ جو مقصد به اهوئي آهي ته اسان عزيز صاحب جي ڇڏيل مِشن جو نئين سر وِستار ڪريون ته جيئن ”سُڌ ازم“ وارو منقطع ٿيل سلسلو هڪ وار ٻيهر جُڙي پوي.

”زندگي؛ هڪ مسلسل جدوجهد جو نالو آهي، جنهن زندگيءَ ۾ لڳاتار جدوجهد نه آهي، اها زندگي هڪ هنڌ بيٺل يعني جامد آهي.“ هونئن ته اهو فُقرو عام جام پڙهيو ۽ لکيو ويندو آهي، پر مون کي اهو فقرو اڄ کان ڪي 17-16 سال اڳ جڏهن آءٌ روزاني”جاڳو“ اخبار ۾ صحافت ڪندو هئس، تن ڏينهن ۾ هڪ رهاڻ ۾ عبدالعزيز ٻرڙي صاحب چيو هو. ان رهاڻ ۾ ٻرڙو صاحب پاڻ آگهئي يعني سُڌ ازم جو اصطلاح بار بار ڪتب آڻي رهيو هو. گويا سُڌ ازم جو اهو اصطلاح به مون پهريون ڀيرو ٻرڙي صاحب جي واتان ئي ٻڌو هئم. عبدالعزيز صاحب ڳالهه، ڳالهه تي سُڌ ازم ۽ ڄاڻ وڌائڻ تي بار بار زور ڏئي رهيو هو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اها پهرين رهاڻ، ڀاءُ ڪامريڊ محمد ايوب ٻرڙي جي معرفت ڪراچيءَ ۾ نرسري واري بنگلي تي ٿي هئي. صبح جو ٽائيم هو، پاڻ پهريان گڏجي ناشتو ڪيو هوسين ۽ پوءِ رهاڻ مچائي هئيسين. ان رهاڻ کان پوءِ اڪثر عزيز صاحب سان وڌيڪ ڪچهرين ڪرڻ جو هڪ سلسلو جڙي پيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ وقت ڪڍي جاڳو دفتر به ڪَهي ايندا هئا ۽ ايڊيٽر صُحبت ٻرڙي جي آفيس ۾ ساڻن هيلو هاءِ ٿيندي هئي ۽ پوءِ ملڪي سُڌ سماءَ تي ويچار ونڊبا هئا. ان بهاني سان عزيز صاحب جي وڌيڪ خيالن ۾ سندن آئينده جي پروگرامن جي خبر پوندي هئي.

ٻرڙي صاحب جي انهيءَ پروگرام ”سڌ ازم“ جو محور سِنڌُ هئي ۽ هن صاحب اهڙي مِشن جي ابتدا ”پاڻ آگهئي“ يعني ”سُڌ ازم“ کان شروع ڪئي هئي ۽ اها سُڌ ازم جي تبليغ هن پهريان پنهنجي گهر، پوءِ پنهنجي ڪُڙم قبيلي کان شروع ڪئي هئي. سندن ارادو هو ته انهيءَ مشن کي پهريان پاڻ وٽان، پوءِ ٻين قبيلن/ شهرن کان ٿيندي، سڄيءَ سنڌ تائين پهچائجي. پاڻ انهن ڏينهن ۾ جهالت کي ڀڄائڻ لاءِ باقاعده هڪ پروگرام کڻي نڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو، جنهن ۾ سنڌ جو شاندار مستقبل پيوست هو. سندن خيال مطابق، ڄاڻ بنيادي طرح جهالت جي خاتمي جو هڪ هٿيار (Tod) آهي، اُن هٿيار سان ئي جهالت ۽ ان مان ڦُٽندڙ سمورين غلاظتن کي تحس نحس ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر بيماريءَ کان واقف هوندو ته مرض جو صحيح علاج به ڪري سگهندو. هر مسئلي ۽ بيماريءَ جي تهه تي وڃڻ لاءِ پهريان اُن جي ابتدائي تشخيص ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ بيحد ضروري هوندو آهي. عزيز صاحب مسلسل اُن اصول تي هلي رهيو هو، گويا هن انهيءَ اصول کي زندگيءَ جو نصب العين بڻائي ڇڏيو هو. جڏهن به ساڻن ملڻ ٿيندو هو ته گذريل رهاڻ ۾ ڇڏيل موضوع کان شروعات ڪندو هو. پاڻ يادگيري/ حافظي جو پڪو هو. هُو هر ڳالهه کي کولي واضح ڪري سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو قائل هو.

اسان ڏسون ٿا ته موجوده سماج جي ڪاروهنوار ۾ ماڻهو گهڻو ڪري جان ڇڏائڻ لاءِ ڳالهيون مختصر ۽ گول مول ڪري پيش ڪندا آهن. انهيءَ رويي تي عزيز صاحب کي سخت چِڙ هئي. سندن چوڻ هو ته هر ڳالهه ماڻهوءَ کي صاف ۽ واضح ڪرڻ گهرجي، پوءِ ڇو نه سامهون وارو دوست هجي، مِٽُ هجي يا وري مخالف يا دشمن هجي، پر هر هنڌ صاف گوئيءَ کان ڪم وٺجي. مون ڏٺو ته عزيز صاحب جهڙيءَ ريت مٽي مائٽي، ياري دوستيءَ کي شرافت ۽ ايمانداريءَ سان ملهائڻ کي ترجيح ڏئي رهيو هو تهڙيءَ ريت هو دشمنيءَ ۽ مخالفت ۾ به شرافت ۽ ايمانداريءَ کي ترجيح ڏئي رهيو هو، اها وڏي ڳالهه آهي. اهو عالمگيري پيغام آهي، اهڙي خوبي ۽ خُوءِ سڀني ماڻهن ۾ ڪانه هوندي آهي.

عزيز صاحب کي جنهن رخ کان پنهنجي قبيلي توڻي ٻين ماڻهن ۾ وڌيڪ عزت بخشي، اهو آهي بيروزگار نوجوانن کي سڏي ريلوي کاتي ۾ روزگار ڏيڻ. عبدالعزيز ٻرڙو صاحب پاڪستان ريلويز ۾ رهندي سوين بيروزگار نوجوانن کي بنا پيسي روزگار ڏياريو. اهو به پاڪستان جهڙي پٺتي پيل ۽ وري به سنڌ ۾! اِها خدا ترسي رب پاڪ جي طرفان نعمت هئي جو سنڌ جي پٺتي پيل علائقن مان بيروزگار نوجوانن کي ڪراچيءَ جهڙي گورخ شهر ۾ گهرائي روزيءَ سان لڳايو، اها ان وقت واقعي تمام وڏي ڳالهه هئي. عزيز صاحب چاهي ها ته اُنهن نوڪرين مان ڪروڙين رپيا ڪمائي ٿي سگهيو، پر هن صاحب ائين نه ڪيو. هن عزت ۽ شرافت جو مظاهرو ڪيو. هن نه رڳو پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي روزگار ڏياريو پر ٻين قبيلن جي نوجوانن جي به وقتائتي سار لڌي.

عزيز ٻرڙي صاحب، بابت اهو عام تاثر ڦهليل آهي، ته هو ٻرڙا پرست ماڻهو هو ۽ هن پنهنجي ذات جي ماڻهن کي نوازيو. منهنجي خيال ۾ اها راءِ تصوير جو هڪڙو رُخ آهي، ڏسڻ ۾ ته بظاهر ائين ئي آيو ته هن ريلوي جهڙي محڪمي ۾ وڏي پوسٽ تي رهندي پنهنجي ٻرڙا قبيلي جي نوجوانن کي گهرائي نوڪريءَ ۾ رکيو، پر اصل ڳالهه اها هئي، ته هن پنهنجي گهر وٽان شعوري جاڳرتا واري مهم جو آغاز ڪيو هو ۽ پوءِ اها جاڳرتا مهم گهر کان سڄيءَ سنڌ تائين ڦهلائڻ جو پختو عزم ٿي رکيائين، جنهن تي هو ڪم ڪري رهيو هو. هو پنهنجي مزاج ۾ ذات پرست يا نسل پرست نه پر قومپرست ماڻهو هو. هن سنڌ جي ڳالهه ڪئي هئي، پنهنجن ٻرڙن کي سياسي ۽ سماجي شعور ڏيڻ ته هڪ بهانو هو. هو پهريان پنهنجي هم ذات جي ماڻهن کي شعور ڏيئي. هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪري، سنڌ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو.

اڄوڪي تقريب، عزيز صاحب جي پهرئين ورسي طور ملهائجي رهي آهي. هن تقريب ۾ عبدالعزيز صاحب جا ويجها عزيز، مٽ مائٽ، يار دوست ۽ ٻيا گهڻ گهرا موجود آهن، جي عزيز صاحب جي زندگيءَ تي پنهنجا پنهنجا خيال پيش ڪري رهيا آهن. عزيز صاحب پاڻ جسماني طور تي اسان وٽ موجود نه آهي، پر هو روحاني طرح اسان  سان گڏ آهي. هونئن به جيڪي ماڻهو حيات ۾، ڪنهن وڏي نصب العين کي سامهون رکندي ساري زندگي بسر ڪري ويندا آهن، اهي فقط جسماني طور پري ٿي ويندا آهن، پر دراصل هو حيات سان هر لمحي ۽ هر گهڙي گڏ هوندا آهن. مون کي پڪو ويساهه آهي ته عزيز صاحب به روحاني طرح هتي هن تقريب ۾ اسان سان گڏ آهي.

اڄ آءٌ هتي موجود آهيان، دراصلِ اها به عزيز صاحب جي محبت ۽ شفقت آهي. منهنجو ادبي استاد سائين رحمت الله ماڃوٺي اڪثر جاين تي چوندو آهي، ته ڪلهوڙا ۽ ٻرڙا رشتي ۾ هڪٻئي جا ماسات ٿين، ڪٿي به هوندا هڪٻئي کان پري نه ويندا. سائين رحمت الله ماڃوٺي جي انهيءَ ڳالهه ۾ وزن آهي يا نه، پر هڪ ڀيري ڳالهه ڳالهه تان سائين رحمت ماڃوٺي جي اِها ڳالهه کُلي پئي، عزيز صاحب جن مُرڪي چيو: ”عالم ارواح ۾ جڏهن سڀئي روح رب پاڪ جي بارگاهه ۾ سربسجود هئا، تڏهن ضرور اِنهن ٻنهي قبيلن جي ماڻهن جا ارواح هڪٻئي جي بنهه قريب هوندا، هيءُ انهيءَ جو تاثير آهي. رحمت الله ماڃوٺي اوهان کي بلڪل درست چيو.“ جڏهن ڳالهه عزيز صاحب جي پُربهار شخصيت جي نڪري ٿي ته ذاتين جو متڀيد ختم ٿي وڃي ٿو ۽ عزيز صاحب جي مقناطيسي شخصيت ازخود اُڀري اچي ٿي.

عبدالعزيز ٻرڙو صاحب نهايت بيدار دماغ شخصيت جو مالڪ هو. اهڙي طبعيت ۽ مستقل مزاجيءَ وارا ماڻهو تمام گهٽ ٿيندا آهن، پر انهن جي خدمتن جو دائرو گهڻو وسيع هوندو آهي ۽ تاريخ انهن جي اهميت کي اجاگر ڪندي رهندي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته عزيز صاحب جي ڇڏيل انهيءَ مشن کي اڳتي هلايو وڃي. هيءُ ڪم رڳو ڪنهن هڪ قبيلي جي حصي جو نه آهي، پراهو پوري قوم جو ڌيان گهري ٿو.

آخر ۾ آءٌ هن تقريب جي منتظمين جو نهايت ٿورائتو آهيان جن مون کي عزيز صاحب تي پيپر پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو. گڏوگڏ آءٌ پنهنجي دوستن- ڪامريڊ محمد ايوب ٻرڙي صاحب ۽ پروفيسر محمد خان ٻرڙي صاحب جو پڻ مشڪور آهيان، جن مون کي هن تقريب ۾ شرڪت لاءِ مدعو ڪيو، مهرباني.

]تاريخ 13- جنوري 2012ع هنڌ: ممتاز آڊيٽوريم هال، سنڌ ميوزيم، حيدرآباد[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org