سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:17 

محسن جويو

 

 

 

 

تو لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي

بابا سائين محمد ابراهيم جويي جي ياد ۾

 

هُن کي ساهه چوان يا ويساهه چوان، زندگي چوان يا زندگيءَ جو سرمايو چوان يا کڻي چوان ته هو مون لاءِ ڪل سنسار هو، جنهن جي دائري ۽ مدار ۾ آءٌ هلندو ڦرندو رهيو هوس، جنهن کان ٻاهر مون ڪجهه به نٿي ڏٺو ۽ نه ڏسڻ ٿي گهريو. رات مهل اکيون بند ٿيڻ تائين سندس ئي تصور ۽ صبح سان جاڳڻ مهل پهريون خيال هن جو، پوءِ گهر ٻار ۽ دنياداري.

هُن پڄاڻان، اڄ به ساڳيو حال آهي. مان ڏينهن رات جي ڦيري ۾، کيس ئي سوچيان ٿو ۽ کيس ئي ڳولڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. سندس ڪمري ۾ گهڙندي چوان ٿو: ”بابا....“ پر بيڊ خالي ڏسي، جُهري پوان ٿو، سندس سڀ شيون جيئن جو تيئن پيون آهن، پر سٻاجهڙو وجود موجود ناهي. هينئون هٿن ۾ اچي پوي ٿو ۽ سندس ئي ڳايل وائي: ”وڃجي وو وڃجي.“ جهونگاريندي، اکيون سانوڻيءَ جي مينهن وانگي وسڻ شروع ڪن ٿيون. هو جيڪو منهنجي لاءِ ڇپر ڇانوَ هو ۽ اهڙو نانءُ هُو ۽ آهي، جنهن کي اچارڻ سان روح ڪا نئين توانائي ۽ نئون مقصد دريافت ڪري ٿو وٺي. هُو اهڙو ئي هو: سدائين اميدن سان ٽمٽار، اتساهه ڏيندڙ، دلداري ۽ دلاسو ڏيندڙ، گس ڏسيندڙ رهنما، حال پڇندڙ دوست، صلاح ڏيندڙ همدرد ۽ همراز.

هُو هاريءَ جو پٽ هو، منجهس کيڙڻ جي عادت هئي ۽ کيڙي کيتن کي گل و گلزار ڪرڻ جي عادت هئي، هُو روح کي ريجَڻ ڄاڻندو هو ۽ خراب ۽ هاڃي رسائيندڙ خيالن جي گُڏ ڪڍڻ، ذهنن کي سنوت سڌائيءَ ۾ آڻڻ، انهن ۾ نون يا حيات سڌار تصورن ۽ امنگن جي ٻجن ڇٽڻ جي ڏانءَ کان بنهه ننڍڙي ڄمار کان وٺي واقف هو. هن جو ڪم اڏڻ هو ۽ هو اڏڻهار هو،. سندس ڳوٺ آباد چار ڀيرا درياهه پاتو هو، پر هن پنهنجي ڏاڏي سان گڏجي ان کي ڀيري ڀيري اڏيو هو. اڏڻ مان ئي کيس آسيس ملندو هو ۽ اڏيندي ڪڏهن به ٿڪ نه باسيندو هو. ڪا اف يا آهه نه ڪندو هو. اِها ئي اڏڻ جي عادت هئي، جيڪا وڏي هوندي، پنهنجيءَ شعوري ڄمار کي رسندي، وڌيڪ وسيع ٿي ديس کي اڏڻ جي خواهش ۽ ذميواريءَ سان سلهاڙجي ويئي.

پڪ سان، اهو ڪم وڏو هو. صدين جي صدين جا وهم، گمانَ، سوداءَ ۽ وسوسا، عقيدي جو پراڻو نظام، هڪ ئي چڪر ۾ زندگي گذارڻ جي عادت ۽ ان کي ئي سڀڪجهه سمجهڻ وارا مامرا، هڪدم ختم نه ٿيڻا هئا. هڪ نئين سنڌ اڏڻ لاءِ نئين ويزن، نئين سوچ، نئين رٿابندي، نئين عمل ۽ هم خيال ساٿين جي گهرج هئي، جنهن کان پوءِ، گهربل ۽ خواهش ڪيل تبديلي اچڻي هئي.

هُو پاڻ غريب گهراڻي ۾ ڄائو، غريب دوستن سان گڏجي پڙهيو ۽ کيڏيو ۽ هُن پنهنجي چوڌاري غريب ماڻهن جي زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلن کي بنهه ويجهڙائيءَ کان ڏٺو. اُتان سندس من ۾ پنهنجن ماڻهن جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ جو خيال آيو، جيڪو شعوري ڄمار تائين رسڻ تائين ڪچڙيءَ شڪل ۾ هو، جنهن کي هن جديد دنيا جي نون خيالن، تصورن، نظامن، نظرين ۽ تحريڪن جي اڀياس مان پچائي راس ڪيو. تاريخ ۽ زماني جي هر وڏي ماڻهوءَ وانگي، هن لهواري بدران اوڀار ڏانهن هلڻ کي ترجيح ڏني. هن لڪير جي فقير ٿي هلڻ بدران، هڪ واضح مقصد سان، اهو ئي ڪم ڪيو، جنهن جي سندس ديس ۽ ديس واسين کي گهرج هئي. هن ديس جي خدمت لاءِ پاڻ کي چونڊيو ۽ ارپيو. انهيءَ محبت ۽ ارپنا جي پنڌ تي هن جيڪو سفر جو سامان پاڻ سان گڏ کنيو، اهو غير رواجي ۽ غير معمولي هو. هتان جا ماڻهو انهيءَ سامان کان واقف نه هئا. هن شروعات ۾ ان جا ڳنهندڙ ڳوليا ۽ پوءِ ان ۾ هوريان هوريان واڌارو آندو، تان جو، هڪ نئين فڪري فضا وجود ۾ آئي ۽ نئين فڪر سان سلهاڙيل هڪ وڏو عقل تي آڌريندڙ ۽ پراڻن خيالن کان آزاد جٿو تيار ٿي ويو.

هن يورپ توڻي دنيا جي ٻين حصن جي فڪرن ۽ فڪري ڌارائن کي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو. هن ديس جي حالتن سان ٺهڪندڙ خيال ۽ ڍانچا کنيا ۽ هِتي رائج ڪيا. کيس ڄاڻ هئي ته سنڌ هڪ زرعي سماج آهي، جتي جاگيرداري صدين جي صدين ۾ پنهنجي جڙ هنيو بيٺي آهي. ماڻهو جسماني طرح وڏيرپ ۽ روحاني طرح سڳورپ ۾ جڪڙيل آهن. انهيءَ جسماني ۽ روحاني قيد مان پنهنجي ديس کي آجي ڪرائڻ لاءِ، هن تاريخ مان ماڻهن جي زندگين کي تبديل ڪندڙ ۽ اٿل پٿل آڻيندڙ مثالي خيالن، سوچن ۽ نظرين جا ڍانچا، ماپا ۽ تدارڪ چونڊي گڏ ڪيا ۽ متعارف ڪرايا. هن ڄاتو ته سنڌ جي حالت اهڙي هئي، جيڪا فرينچ انقلاب کان اڳ يورپ جي هئي، جتي هڪ پاسي بادشاهين ۽ ملوڪيتن جو راڄ هو ۽ ٻئي پاسي چرچ جو عروج هو. يورپي ماڻهو به جسماني طرح وڏيرپ ۽ روحاني طرح سڳورپ جي قيد ۾ هئا. ماڻهن جي زندگي، جبر جي انهن ٻن پُڙن واري جنڊ ۾ پيسجي رهي هئي. فرانس جو جاگيرداراڻو نظام قطعي مطلق العنانيت هيٺ هلندڙ هو. بادشاهن کي حڪومت ڪرڻ جو خدائي حق حاصل هو، جنهنجي منظوري چرچ ڏيندو هو.  ان ريت، بادشاهت، چرچ ۽ نواب يا امير پهريون ۽ ٻيو طبقا هئا، جڏهن ته باقي خلقِ خدا يا ”ڪامنرس“ ٽئين نمبر تي هئا، جنهن جو مٿيان ٻئي طبقا استحصال ڪندا هئا. چرچ جا ڪرتا ڌرتا ۽ نواب يا امير فرينچ آباديءَ جو هڪ سيڪڙو هئا، پر وٽن فرانس جي لڳ ڀڳ سموري زمين سندن قبضي ۾ هئي، جن ۾ ڪم ڪندڙن هارين يا ”ڪامنرس“ کان اُهي هٿ ٺوڪيا محصول ۽ ڍلون اوڳاڙيندا هئا ۽ انهن کي هر طرح ستائيندا هئا.

فرينچ انقلاب کان اڳ تائين، اٽليءَ مان نئين جاڳرتا جي تحريڪ هلي چڪي هئي ۽ ان دوران جرمنيءَ ۾ مذهبي سڌارن جي تحريڪ پڻ ان ۾ شامل ٿي چڪي هئي. جيتوڻيڪ ريفارميشن هڪ مذهبي نوعيت جي تحريڪ هئي، پر ان ماڻهن کي ڪئٿولڪ چرچ جي صدين پراڻي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو ڏياريو هو، جنهن جو روح روان ڪنگ لوٿر هو، جنهن ”پنجانوي پروپوزيشنز“ جو بيان لکي، چرچ جي ڀت تي چنبڙايو هو، جن ۾ ڪئٿولڪ چرچ جي ”گناهن کان توبهه کان پوءِ دنيا جي معافي“ واري رواج تي سوال اٿاريا ويا هئا. تنهن زماني ۾ پرنٽنگ پريس ايجاد ٿي چڪي هئي ۽ جڏهن اُهي ”پنجانوي پروپوزيشنز“ ترجمو ٿي، ڇپجي ماڻهن تائين پهتيون ته ٿورن ئي هفتن ۾ پوري جرمنيءَ  ۾ ۽ پوءِ يورپ ۾ پکڙجي ويون. ايئن پروٽيسٽنٽ فرقو وجود ۾ آيو ۽ ڪئٿولڪ چرچ جو زور ٽٽي ويو. يورپي نئين جاڳرتا جي تحريڪ، پنهنجي پاڻ ۾ لطيف فنن، مصوري، ادب ۽ موسيقيءَ جي تحريڪ هئي، پر انهيءَ سياسي سماجي سوچن ۽ خيالن جي اظهار جا نوان گس ڏنا، جن تان جڏهن عام ماڻهو هليا ته تن کي روڪڻ ڏکيو ٿي پيو.

تفصيل گهڻو آهي، پر ٿورن لفظن ۾ اهو ئي چوڻو آهي ته جويي صاحب، سنڌ ۾ سماجي، سياسي ۽ ثقافتي تبديليءَ جو جيڪو ماڊل يا ڍانچو چونڊيو هو، اُهو يورپي بيداري يا نئين جاڳرتا، مذهبي سڌارن جي تحريڪ ۽ فرينچ انقلاب جي ويجهو هو. فرينچ انقلاب جي نتيجي ۾ ”نيشن اسٽيٽس“ يا قومي رياستن جو تصور اڀريو ۽ ان ۾ ٻوليءَ ۽ ايراضيءَ کي بنيادي ترڪيبي جزا قرار ڏنو ويو، تن کان پوءِ ٻيا ترڪيبي جزا ڳڻپ ۾ ٿي آيا. ان ئي انقلاب مان آزاديءَ، برابريءَ ۽ برادريءَ جا تصور اڀريا، ماڻهن ۽ قومن جي حقن جي تعين ڏانهن اڳڀرائي ٿي. تنهنڪري، سنڌ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي، جويي صاحب کي اُهو ئي فڪري ڍانچو وڌ ۾ وڌ لاڳاپيل ۽ مناسب لڳي رهيو آهي.

اهوئي سبب آهي جو سندس لکڻين ۾ يورپي بيداري، سڌارن جي تحريڪ ۽ فرينچ انقلاب جا حوالا گهڻي کان گهڻا آهن. جيتوڻيڪ، جويي صاحب انهيءَ ڍانچي کان گهڻو اڳتي پئي ڏٺو. هُو پنهنجين تقريرن ۾ چوندو رهندو هو ته هن وقت تائين دنيا قوم دوستي پوءِ وطن دوستيءَ کان هلندي انسان دوستيءَ تائين پهتي آهي، جتان کان اڳتي انهيءَ کي نئين معياري تبديليءَ ڏانهن وڌڻو آهي، ان هوندي به، هن في الحال انهيءَ ڍانچي کي سنڌ لاءِ ممڪن حد تائين مناسب ۽ مراد ڀريو ٿي ڄاتو. اهوئي سبب آهي جو جويي صاحب سجاڳيءَ يا عقليت پسنديءَ جي دور تي گهڻو ڳالهايو هو ۽ روسو ۽ والٽئير ۽ ٻين انهيءَ دور جي ٻين مفڪرن جي خيالن کي پنهنجين لکڻين ۽ تقريرن ۾ جائتو ڪيو. خاص طرح، سيڪيولرزم جي سياسي ۽ سماجي پهلوئن کي سنڌ لاءِ ضروري قرار ڏنو ۽ انهيءَ کي هُو حيات سڌار فلسفو يا فڪر قرار ڏيندو هو، جنهن جو مطلب اهو هو ته هن دنيا ۾ رهندي، دنيا جي ماڻهن جي حقيقي ۽ گهربل چڱائيءَ لاءِ اجتماعي نموني ڪم ڪرڻ.

اهڙيءَ ريت، سنڌ ۾ هِن غيرمعمولي انسان پنهنجو جديد علمي ۽ فڪري ڪم شروع ڪيو. چاليهن واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾، بمبئي مان تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هُن پنهنجو ڪم باقاعدي شروع ڪيو. ان زماني ۾ هو ايم اين راءِ جي سياسي خيالن کان متاثر ٿيو ۽ ريڊيڪل پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ”فريڊم ڪالنگ“ ۽ ”دي انڊيپينڊنٽ“ ۾ لکڻ شروع ڪيائين. سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي جلسن جلوسن ۾ شرڪت ڪيائين ۽ هاري حقن لاءِ مشهور ٺهراءَ لکيائين. اهڙيءَ ريت، سندس ذهن ۾ پنهنجي ديس واسين لاءِ جيڪي درد منداڻا خيال ۽ ويچار هئا، انهن ۾ وڌيڪ پختگي آئي. انهيءَ زماني ۾، گڏيل هندستان جي مسئلي کي، هندو ــــ مسلم جي فرقيوار پسمنظر ۾ ڏسڻ عام هو. سياست تنهن زماني جي مشهور سياسي ٽه مورتي ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ برطانوي حڪومت سان سلهاڙيل ۽ ان ئي بنياد تي ورهايل هئي.

جويو صاحب اُن زماني ۾ اُهو اڪيلو ماڻهو هو، جنهن جو سياسي ويزن سڀني کان الڳ هو. سندس خيال باغياڻا، الڳ ۽ سنڌ دوست هئا. هُو تاريخ کي الڳ تناظر ۾ ڏسي رهيو هو. هن سنڌ جي حق حاڪميت جو موقف اختيار ڪيو. سندس خيال هو ته سنڌ جي تاريخي حيثيت ان ئي صورت ۾ بحال ڪئي وڃي، جنهن صورت ۾ انگريزن ان مٿان قبضو ڪيو هو. وٽس پنهنجي ان خيال کي بيان ڪرڻ لاءِ ٺوس دليل به موجود هئا، جن کي هُن پنهنجي مشهور ڪتاب ”سيوِ سنڌ، سيوِ د ڪانٽيننٽ“ (1947ع) ۾ وڏيءَ چٽائيءَ ۽ گهرائيءَ سان پيش ڪيو. اُهو ڪتاب سنڌ کي جديد انداز ۾ سمجهڻ جو پهريون يا بنيادي سياسي دستاويز آهي. ان ڪتاب ۾ جويي صاحب، سنڌ جي مقامي حقيقي ۽ معروضي حالتن کي جديد انساني حقن، قومن جي آزادين جي عالمي ضمانتن، جديد رياستي اصولن ۽ عالمي ضمير جي بنياد تي پرکيو ۽ پيش ڪيو. اِهوئي اُهو ڪتاب هو، جنهن جويي صاحب کي هڪ مفڪر طور سنڌ ۾ باقاعدي سڃاڻپ ڏني. انهيءَ ڪتاب جي تت مان، جويي صاحب هڪ اختصار، هڪ کليل خط جي صورت ۾ تيار ڪيو ۽ سنڌ جي قانونساز اسيمبليءَ جي در تي بيهي، اسيمبلي ميمبرن ۾ ورهايو، جڏهن اُهي سنڌ جي آئيندي جو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيا هئا، ته اُها هندستان ۾ شامل ٿيڻ گهرجي يا مسلمان اقليتن لاءِ الڳ ٺهندڙ سياسي انتظام جو حصو ٿيڻ گهرجي.

انهيءَ کليل خط ۾ اها ڳالهه چٽي نموني چيل هئي ته سنڌ جي سياسي آئيندي جي فيصلي ۾، گڏيل هندستان کي ورهائي، رڳو ٻن رياستن کي پيدا ڪرڻ جي آپشنز سان گڏ، سنڌ جي پنهنجي تاريخي خودمختيار حيثيت جي بحاليءَ جي به ڳالهه کي ضرور ڌيان ۾ رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته وقت جي انهيءَ فيصلائتي موڙ تي جيڪڏهن دانشمنداڻو فيصلو نه ڪيو ويو ته سنڌ ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين ڀوڳيندي رهندي. انهيءَ خط تيار ڪرڻ کان اڳ، ان ئي سلسلي ۾، هُو سائين جي.ايم.سيد کي به هڪ خط لکي چڪو هو، جيڪو پڻ تاريخ جي رڪارڊ تي موجود آهي.

هڪ مفڪر جي حيثيت ۾، اهڙيءَ جرئت ۽ پنهنجي وطن سان بي پناهه محبت جي کلئي اظهار ۽ ان لاءِ الڳ ويزن رکڻ جي ڏوهه ۾، کيس ان زماني جي تعليم واري وزير پير الاهي بخش سندس سنڌ مدرسي واري نوڪريءَ کي ختم ڪري ڇڏيو.

جويي صاحب لاءِ بيروزگاريءَ جا ڏينهن شروع ٿيا. ورهاڱي کان پوءِ، ٺٽي ۾ هيڊ ماستر ٿيڻ کان پوءِ 1955ع ۾ مقابلي جو امتحان پاس ڪري، سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري بڻيو ۽ مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر به بڻيو. مهراڻ جو رسالو هڪ علمي ادبي تحريڪ ٿي اڀريو. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن سنڌ سياسي، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي بحران مان گذاري رهي هئي. ورهاڱي جا وڍ چڪي رهيا هئا. وقت جي اهڙي مرحلي تي، سنڌ جي سڃاڻپ جي حقيقي بنيادن جهڙوڪ: ٻولي، تعليم، ادب، تاريخ، ثقافت ۽ لوڪ ادب وغيره کي سنڀالڻو هو ۽ خاص طرح نوان ادارا قائم ڪرڻا هئا، نوان ماڻهو تيار ڪرڻا هئا، جيڪي سنڌ لاءِ طئه ٿيندڙ نئين سوچ جي ڪم ڪار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهن. جويي صاحب ۽ سندس ساٿين سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ بهترين موقعي ۽ پليٽ فارم طور ڪتب آندو. جويو صاحب ٻن ورهين تائين مهراڻ جو ايڊيٽر رهيو ۽ ان دوران جيڪو ادب مهراڻ رسالي ۾ ڇپيو، ان کي هاڻي هڪ تاريخي حيثيت حاصل ٿي ويئي آهي. اُهي ڪهاڻيون، شاعري، مضمون، عالمي ادب مان ترجما، تحقيقي ۽ تنقيدي لکڻيون، اڄ معيار ۾ اعليٰ قرار ڏنيون وڃن ٿيون، جن وسيلي جديد علمن ۽ فڪرن جي نون ڍانچن کي مختلف لکڻين ۾ رائج ڪرڻ، انهن کي متعارف ڪرڻ ۽ انهن کي هڪ اصول طور لاڳو ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪيل هئي. وقت جون واڳون سنڀاليندڙن کي جويي صاحب جو اِهو تحريڪي ۽ اداري ساز ڪردار بلڪل به نه آئڙيو ۽ کانئس مهراڻ رسالي جي ايڊيٽرشپ کسي ويئي ۽ پوءِ سيڪريٽريءَ جي عهدي تان به کيس الڳ ڪري، آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي بڻايو ويو.

هيءُ اهو دور هو، جڏهن اوڀر پاڪستان جي عددي برتريءَ کي ميسارڻ لاءِ اولهه پاڪستان جي مڙني وفاقي اڪاين کي گڏ ڪري، ون يونٽ قائم ڪيو ويو. اِهو هڪ اهڙو فيصلو هو، جنهن کي سنڌ جا ساڃهوند قبولڻ لاءِ تيار نه هئا. اِها سياسي ڇڪتاڻ بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جي درجي نه ڏيڻ تان شروع ٿي هئي. اهو مسئلو نيٺ رتوڇاڻ واقعن تي پهتو ۽ نيٺ، اولهه پاڪستان جي حاڪم قوتن کي بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻو پيو. سنڌ ۾ پڻ جويو صاحب اُهو ماڻهو هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي سياسي ڪيس کي باقاعدي هڪ شڪل ڏني ۽ انهيءَ کي پڻ هڪ بنيادي سياسي مسئلي طور پيش پئي ڪيو هو. سنڌ ميڊيم اسڪولن کي ڪراچيءَ مان نيڪالي ڏيڻ کان وٺي شريف ڪميشن پاران تعليمي نظام مان، سنڌيءَ ٻوليءَ کي مڪمل طرح ختم ڪرڻ وارين سازشي سفارشن تائين، جي عملن خلاف جويي صاحب بنهه متحرڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ خاص طرح ائنٽي ون يونٽ تحريڪ کي سنڌ ۾ منظم ڪرڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو. هن پنهنجي قلم ۽ تقريرن وسيلي ون يونٽ جي خطرناڪ صورتحال ۽ ان جي نتيجن کان پنهنجي ديس واسين کي آگاهه ڪيو

سندس اهڙيون سڀ لکڻيون رڪارڊ تي موجود آهن ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته ”اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو“ نالي مضمون لکڻ جي سزا ۾ جويي صاحب کي، ون يونٽ حڪومت صوبي بدر ڪيو ۽ مٿس 1967ع کان وٺي 1969ع تائين يعني ون يونٽ جي خاتمي تائين سنڌ ۾ اچڻ تي پابندي پيل هئي. ان عرصي دوران، هن پنهنجن ٻارن ۽ دوستن کان دور گذاريو. ان زماني ۾ گهر وارن سان ۽ هم خيال دوستن سان ڪيل لکپڙهه ۾ سموري صورتحال واضح آهي، ته هن اُهو عرصو گذاريو هو.

ان سان گڏ، تنهن زماني ۾، جويي صاحب، سيڪيولرزم ۽ عقليت پسنديءَ تي ٻڌل پنهنجين لکڻين جي ڪري، وقت جي رجعت پسند قوتن جي مرڪزي نشاني تي رهيو. سندس مخالفن جو خيال هو ته سنڌ ۾ وڌندڙ ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ کي روڪڻ لاءِ اِهو ضروري آهي ته جويي صاحب جي رستي روڪ ڪئي وڃي. ان سموري عرصي ۾، جويو صاحب مختلف ڪيسن کي ڀوڳيندو رهيو. غربت ۽ تڪليف هوندي به، هن ڪڏهن به پنهنجي اصولي موقف تان هٿ نه کنيو. ون يونٽ جي زماني ۾، پنهنجي لکڻ توڻي عملي ڪردار جي سلسلي ۾ جويي صاحب جو ڪردار مثالي رهيو، جن جو ثبوت سندس لکڻيون به آهن ۽ سندس دور جي اهم ماڻهن جا موجود ڪيل بيان به آهن. پنهنجي خاص علمي ۽ فڪري ڪم جي ڪري، جويي صاحب، مخالفن ۽ دوست نما مخالفن جي الزامن ۽ دشنمن جي نشاني تي رهيو.

بهتانن جي اهڙي ڀرمار ۽ لڳاتار دٻاءَ به هن منجهه ڪابه تبديلي نه آندي. هُو ڪٿي به گهٻرائجي پوئتي نه هٽيو. جويي صاحب جي ڪن مخالفن سندس ڪردار کي خراب ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر وقت ثابت ڪيو ته جويو صاحب پڇاڙيءَ تائين پنهنجي اصولي موقف سان چٽو بيٺو هو ۽ سندس مخالفن مان ڪي، پنهنجي موقف ۾ چٽائي نه هئڻ ڪري، اڳتي هلي پاڻ ئي وائکا ٿي بيٺا. کيس مهراڻ رسالي جي ايڊيٽرشپ ۽ پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ تان هٽائي، لائين ۾ لڳائڻ پويان به انهن مخالفن جو هٿ هو.

مهراڻ رسالي ۽ ادبي بورڊ کان الڳ ٿيڻ جون حقيقتون به رڪارڊ تي موجود آهن. تنهن وقت جي ادبي لڏي ۾ موجود رجعت پسند عنصرن جي ”مهربانين“ جي ڪري اِها صورتحال پيدا ٿي، جن جو چوڻ هو ته جويو صاحب، پنهنجين لکڻين ۽ دوستن کي خاص انداز ۾ لکڻ تي اتساهڻ وسيلي، ملڪي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن ته جويي صاحب جو ڏوهه اِهو هو ته هن ”وحشي جيوت جا نشان“ ۽ جادو ۽ سائنس“ جهڙا علمي ڪتاب ادبي بورڊ جي پليٽفارم تان ڇپايا هئا، جن سنڌ ۾ علمي ۽ فڪري اڳڀرائيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ٿي ڪيو، جيڪا ڳالهه ادبي رجعت پسند ٽولي کي نٿي آئڙي. جويي صاحب تي الزام لڳائيندڙن ۽ مخالفن جي قطار ڊگهي رهي آهي.

مون پنهنجي پاران هيءُ ٻه چار اکر لکيا آهن، پر جويي صاحب جي ڪم ۽ فڪر جي وسعت، اوچائي ۽ گهرائيءَ کي پرکڻ لاءِ سندس علمي ۽ فڪري حيثيت کي ڄاڻيندڙ دوستن کي اڳتي اچڻ گهرجي. جڏهن اُهي خاموش ٿي ويهن ٿا ته ڪي اڇاتريون ۽ ”سويپنگ رمارڪس“ واريون لکڻيون لکندڙن لاءِ گنجائش پيدا ٿي وڃي ٿي، جن کي جويي جي ڪم جي علمي ماهيت، اصليت ۽ اهميت جي ڪابه ڄاڻ ناهي.

بهرحال، جويو صاحب ويهينءَ ۽ ايڪويهينءَ صديءَ جو هڪ غيرمعمولي مفڪر هو، جنهن علمي ۽ فڪري ميدان جون گهرجون پوريون ڪيون، ان سان گڏ هُو ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ دردمند ۽ هڏڏوکي انسان به هو، جنهن پاڻ کي ڏکيو بکيو رکي، ٻين کي کارايو، ڏکاين مان پار پوڻ ۾ سندن مدد ڪئي، جنهن پنهنجي لاءِ ڪوبه مال، ڪابه ملڪيت نه ٺاهي، جنهن غربت ۾ رهندي به پنهنجيءَ خودداريءَ کي قائم رکيو ۽ وڏي ڳالهه اِها آهي ته غربت منجهان جنم وٺندڙ گهريلو ۽ سماجي پريشانين کان پوءِ به هُن ڪڏهن به پنهنجي سيڪيولر، روشن خيال، ترقي پسند ۽ عقليت پسند موقف تان هٿ نه کنيو. پاڻ جڏهن بيمار ٿيو، تڏهن به مون کيس هڪ گهڙيءَ لاءِ به، موت کان ڊڄندي محسوس نه ڪيو. هُو موت کان مٿانهون هو ۽ آهي. اِها ڳالهه صحيح آهي ته سائين جي.ايم.سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ کيس اڪيلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ شيخ اياز جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس وڌيڪ گهيرو  تنگ ڪيو ويو، پر هُو مايوس ٿي ويهي نه رهيو، هن پنهنجي هم خيال دوستن سان گڏجي، ڄمار جي پڇاڙڪين گهڙين تائين، پنهنجو سوچيل ڪم ڪندو رهيو.

جويو صاحب اڄ اهڙي فڪر جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن تي صدين جي صدين تائين سنڌي قوم فخر محسوس ڪندي. هُو هڪ نماڻو، خودنمائيءَ کان ڀرپرو، ذاتي مفاد ۽ فائدي کان آجو، باعمل، ٻين جي درد کي پنهنجو سور سمجهندڙ بيمثال ڪردار هو. وقت ۽ حالتن اهڙي بنهه غيرمعمولي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سندس ئي چونڊ ڪئي هئي، جنهن کي هن ڀرپور نموني نڀايو. هن ڪيئي ادارا قائم ڪيا، ڪيئي شاگرد ۽ هم خيال پيدا ڪيا ۽ ڪيئي تحريڪون پيدا ڪيون، پنهنجي ڊگهي ڄمار جي هر ڏاڪي تي پنهنجي علمي ۽ فڪري ڇاپ ڇڏي، انڪري سندس ڪم توڻي شخصيت جي اثر ۽ دائري جو تعين ڪرڻ مون جهڙي گهٽ پڙهئي ماڻهوءَ لاءِ ممڪن ناهي. ايترو ضرور آهي ته سندس زندگيءَ ۾ به منهنجي زندگي کيس ارپيل هئي ۽ اڳتي به سندس نالي حوالي کي، سندس ڪم ۽ ڪردار کي، سندس سوچن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڻ پتوڙبو رهبو. خاص طرح، سنڌ ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر جي اڳڀرائيءَ لاءِ، سندس تيار ڪيل هڪ سئو ڪتابن جي فهرست جي سنڌيءَ ۾ ترجمي لاءِ ڪوششون وٺبيون ۽ سندس فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ ڪا ادارتي ڪوشش پڻ ڪئي ويندي.

سائين ورثي ۾ 60 ڪتاب ڇڏيا آهن جيڪي تاحيات غلامي،  جبر، اڻبرابري، رجعت پسندي، پيرپ، سڳورپ، وڏيرپ ۽ جاهليت خلاف وڙهندا رهندا. مان پاڻ کي ڀاڳوند محسوس ٿو ڪريان جو سندس ڊگهي بيماريءَ دوران هر پل گڏ رهيس، وس پڳي سندس هر طرح خدمت ڪئي ۽ لحد ۾ لاهڻ مهل مون سندس نراڙ تان جيڪا الوداعي چمي ورتي هئي، ان سان اهو وچن به شامل هو ته:

”اي سنڌ جا فڪري هماليا، اي سنڌ جا فڪري استاد! آءٌ تنهنجي وجود اڳيان، پوريءَ طرح جوابدار رهندو آيو آهيان ۽ اڳتي به تنهنجي سوچ ۽ فڪر اڳيان پاڻ کي جوابدار سمجهان ٿو.“

پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

 

 

 

دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس

 

محمد ابراهيم جويي جي وفات  سنڌ لاءِ وڏو نقصان آهي. بيشڪ هُو سنڌ جو منفرد انسان هو، جنهن جي شخصيت هر لحاظ کان رهبر ۽ رهنما واري رهندي آئي. سندس تعليم ۽ تربيت ڪامل استادن جي رهبريءَ هيٺ ٿي. هُو مفڪرن ۽ عالمن جي صحبت ۾ رهيو، مٿس انهن جو اثر ايترو ته گهرو رهيو جو پاڻ به تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان فرائض سرانجام ڏيڻ پسند ڪيائون ۽ انتظامي عهدن تي به وڏي مدبر وانگر پنهنجيون ذميواريون سرانجام ڏنائون. جتي به رهيو اتي پنهنجا داستان ۽ قصا ڇڏي آيو. تعليم، ادب، اخلاق ۽ تدبر وارن جو قدردان هو. هُو اهڙن ئي انسانن کي پنهنجي ويجهو آڻيندو هو ۽ ڏانهُن ويجهو ويندو هو. جيڪي اُن ئي فڪر ۽ پنڌ جا راهي هوندا هئا. سٺ سال سرڪاري نوڪريءَ جا فرائض سرانجام ڏئي رٽائر ٿيو، تنهن بعد زندگي جا ٻائيتاليهه سال جيئن پاڻ سجايا ڪيائين تيئن ڪنهن ٻئي جي حياتيءَ ۾ ورلي ملن! سندس فڪر جو تعلق وطن جي آزادي، انساني فلاح، قومي ۽ سماجي ترقيءَ علم ۽ تعليم جي فروغ سميت فرد جي سجاڳيءَ سان سلهاڙيل نظر اچي ٿو. دنيا جا مفڪر سندس مطالعي ۾ رهيا پر پاڻ ايم.اين.راءِ جي فڪر جو ڄاڻو ۽ طرفدار هو. حالانڪه مارڪس ۽ ٻيا به گهڻا ئي سماجي، علمي، تعليمي ۽ ادبي مفڪر مٿس اثر ڇڏيندا ويا. ڪير سندس فڪر ۽ فلسفي سان اتفاق ڪري يا نه ڪري، پر سندس عملي زندگي اسان ۽ ايندڙ نسلن لاءِ وڏو سبق آهي، جنهن تي عمومي طور هر انسان عمل ڪري، ۽ خصوصي طور استاد ۽ شاگرد کي لازمي عمل ڪرڻ جڳائي، جنهن جي نتيجي ۾ نه فقط هرهڪ انسان، استاد ۽ شاگرد زندگيءَ جي بامقصد خود انتظامي عمل ذريعي زندگي سجائي ڪري سگهندو، پر تعليم ۽ تدريس جي ٻڏل ٻيڙيءَ کي وري تاري متحرڪ بڻائي سگهي ٿو. حقيقت ۾ اهڙا انسان ئي قومن جو مثال هوندا آهن جن جي طرف پنهنجي نون نسلن کي متوجهه ڪري سندن خوبين ڀرين عملن ۽ نتيجن کي ور ور ياد ڏياري انهن جهڙن ٿيڻ لاءِ کين آماده ڪجي. هزارين خوبيون ۽ خصلتون انهيءَ انسان ۾ موجود هيون، جي وقت پئي چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر کِڙي پونديون هيون. سندن وڏي ۾ وڏيون خوبيون رهبري ڪرڻ، بي لوث خدمت ڪرڻ، لوڀ ۽ لالچ کان پري رهڻ، طئي ٿيل اصولن تان سوت برابر به نه سُرڻ، ڪيل فيصلي تي اٽل ۽ اڏول ٿي بيهڻ، حقيقت پسند هئڻ، بيڊپائيءَ سان معصومانه انداز ۾ راءِ جو اظهار ڪرڻ وغيره، سندن شخصيت جا اهم گُڻ هئا. سندن حياتيءَ ۾ ڪيل سڀني ڪمن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڏينهن ڏينهن جي حساب سان تڪبو توربو ته هڪ سؤ ٻه سال، ٻه مهينا ۽ ڇويهه ڏينهن گهاريل زندگيءَ جي انهن ڪمن سان مطابقت معلوم ڪري سگهبي ۽ ڏينهن کان وڏا ڪم نظر ايندا!؟ سندس همعصر دؤر جون شخصيتون جي سڀيئي پنهنجي قد ڪاٺ ۾ وڏيون ۽ پختيون هيون، تن سڀني سان سندس پريت جا پيچ اهڙا پختا هئا جو مجال آهي ته ڪڏهن ڪا انهن ۾ لچڪ اچي. انهن سڀني جي اهم ۽ ضروري گهرج محمد ابراهيم جويو هو. ڪابه تحرير يا ڪوبه ڪتاب ۽ ڪابه تقرير يا ڪوبه خطاب اهڙو نه هو جو جيسين سندن نظر کان نه گذري تيسين نه پڙهبو نه ڇپبو. ڪتاب ته لکجڻ ۽ ڇپجڻ تائين خاص طور ٽائٽل کان وٺي تمت بلخير تائين سندن گهري نظر هيٺ رهندا هئا. اها سندن سنڌي ٻوليءَ سان گهري سٻنڌ جي سرهاڻ هئي، جو ان جي هر لساني پهلوءَ کان بلڪل باخبر رهندو آيو. ڇا ته سندن لفظن جو انتخاب هو، ڇا ته جملي جي بيهڪ ۽ ڇا ته عبارت جي رنگيني هئي! مجال آهي جو صرفي يا نحوي لحاظ کان ڪٿي ڪا سَهو ٿئي. ڀلي ڪو سندن جملي جو ڇيد ڪري ڏسي. سندن هرهڪ تحرير جو مزاج ۽ اُسلوب، مقصد ۽ نتيجو اڪيڊمڪ (Academic)  آهي. سندن تصنيفون ۽ تاليفون ايڏيون ته ڳُوڙهيون ۽ معياري آهن، جو عام جي ته ڳالهه ئي ناهي، خاص ۾ به سواءِ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا استاد ۽ عالم اهي هنڊائي سگهن ٿا. هئڻ ته ائين گهرجي ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ اهي سڀئي تدريسي طور رائج ڪري روشنيءَ ۽ سجاڳيءَ ۾ واڌ ويجهه آڻجي. ڀلي رياستي رويا ڪهڙا به هجن، پر اسان کي کپي ته پنهنجي مثبت روين مطابق پنهنجي نسلن ۽ سماج جي ارتقا ۽ اڏاوت ۾ هن عظيم انسان جي تعليمات کي اوليت ڏيئي سنسار ۾ سهائو آڻيون.

محمد ابراهيم جويو هرهڪ موضوع تي مطالعو ڪندڙ هو. دنيا جي سياست، سماجيات، فلاسافي، سائنس، تاريخ، تهذيب، ادب ۽ ڏاهپ جو وڏو ادراڪ رکندڙ هو. هن پنهنجي من جي سچائيءَ سان جنهن به غير سنڌي مضمون يا ڪتاب کي سجاڳيءَ جو سبب سمجهيو، تنهن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ پنهنجي مٿان قومي فرض سمجهيو، تيسين هُو ان ئي جُهد ۾ رهيو جيسين ان ڪم جي سرانجامي نه ٿي سگهي. سنڌي ادبي بورڊ جي قيام کان وٺي صديءَ جي اختتام تائين جيڪي به اسڪيمون جُڙيون، جيڪي به رٿائون رٿيون ويون، جيڪي به جريدا جاري ٿيا، تن سڀني کي عملي صورت ڏئي، ارتقائي مرحلن مان خوش اسلوبيءَ سان پار ڪري، اهڙي طرح وڃي تڪميل تي رسايو، جو ادارو نه فقط سنڌي زبان جي دوام جي ضمانت ٿي اُڀريو ۽ اُسريو، پر ٻين ٻولين لاءِ به ڀرجهلو ٿي بيٺو. تاريخ جي هرهڪ مسودي ۽ ماخذ جو ترجمو، ترتيب ۽ اشاعت سان سنڌ پنهنجي ماضيءَ جي حال سان سڱ ۽ سياپو قائم رکيو، لغت نويسيءَ جي اشاعت سان ٻوليءَ جي همهء گير رُخن جي واقفيت سان ڪنڌ کڻي بيٺاسين، ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ڇپجڻ سان فڪر جي ڀرجهلائيءَ جيءَ جا جهروڪا روشن ڪري ڇڏيا. ادب جي ترجمي ۽ تخليق سان اديبن جا قلم وري تازا ۽ زور ٿيڻ لڳا. مهراڻ رسالي جي اشاعت، جديد ادب جي گس کي شاهراهه ۾ تبديل ڪري پختن پيرن سان پرينِ کي پنڌ سيکاريو. ٻارن جي ٻولن ۾ زور ۽ اعتماد، سوچ ۽ ساڃاهه ۽ صحيح سڃاڻپ پيدا ڪرڻ لاءِ گل ڦل جي اشاعت عمل ۾ آندي. هرهڪ ملازم محنت ۽ محبت سان قومي فرض سمجهي اداري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو ۽ جائز قربانيون ڏئي ماٺ ميٺ ۾ زندگي سجائي ڀائيندو هو. ان جو سبب به اهوئي هو ته سندن اڳواڻ پنهنجي تن من ۽ ڌن جي اداري جي مفاد لاءِ هر قرباني ڏيڻ تيار رهندو هو. ڪڏهن به ڪنهن به کانئس اهو نه ٻڌو ته پاڻ پنهنجي ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ لب ڪشائي ڪيائين! جيڪو به درد هو سو بورڊ جي بيٺلائي جو هو. اهوئي سبب آهي جو ان دؤر جهڙو روشن دؤر اڄ تائين ٻيو ڪوبه ڳڻجي نه سگهيو آهي.

شال! جلد وري وارو وري جو هر گهر ۾ محمد ابراهيم جويو پيدا ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org