سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:10 

محمد پنهل ڏهر

 

 

شڪارپور تي لکيل ڪتابن جو جائزو

 

شڪارپور، سنڌ جي تاريخي شهرن مان هڪ اهم تاريخي شهر آهي. هي شهر، دنيا ۽ وڻج واپار جي لحاظ کان تمام گهڻو مشهور رهيو آهي. هِن شهر جي بنياد متعلق اڪثر مؤرخن جو اِهو رايو آهي ته، اِهو شهر دائودپوٽن ٻَڌايو، جيڪي دراصل سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن جا سؤٽ هئا. اهي بعد ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن جي حملن ۽ جنگين جي ڪري شڪست کائي هميشه لاءِ شڪارپور کي ڇڏي هليا ويا ۽ سنڌ جي اوڀر واري سرحد سان لڳولڳ هڪ نئين مملڪت ”رياست بهاولپور“ جو بنياد وڃي رکيائون.

سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته جيڪي به ايراني يا پٺاڻ حملي آور ايران يا افغانستان مان بولان لڪ کان سنڌ تي حملي لاءِ سنڌ ۾ داخل ٿيا ته پهريائين شڪارپور ئي سندن حملي جي زد ۾ آيو. اهڙي طرح اُهي ڌاريا مختلف وقتن تي شڪارپور تي قابض به رهيا ۽ شڪارپور کي پنهنجي ملڪيت سمجهڻ لڳا. جن کي آخرڪار سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن تڙي ڪڍيو ۽ هڪ دفعو وري شڪارپور ممڪلتِ سنڌ جو حصو ٿي ويو ۽ اڄ تائين سنڌ جو حصو آهي.

”1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي حڪمراني ختم ڪئي، ته اُن کان پوءِ انگريزن شروع ۾ سنڌ ۾ ئي ضلعا قائم ڪيا، جن مان هڪ شڪارپور هو. اُن وقت شڪارپور ضلعي جي پکيڙ 11532 چورس ميل هئي. 1901ع ۾ شڪارپور جي ضلعي حيثيت کي ختم ڪري ٻه نوان ضلعا- سکر ۽ لاڙڪاڻو ٺاهيا ويا ۽ شڪارپور کي سکر ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. وري اڳتي هلي هڪ دفعو ٻيهر سال 1977ع ۾ شڪارپور کي ضلعو بنايو ويو(1).“

شڪارپور ضلعي، تعلقي ۽ شهر متعلق شروع کان وٺي هِن وقت تائين سنڌ توڙي ٻاهر جا عالم، اديب، محقق ۽ مؤرخ سنڌ توڙي اُن کان ٻاهر، مختلف زبانن، جهڙوڪ- انگريزي، سنڌي اردو ۽ فارسيءَ ۾ ڪيترائي مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکندا پئي آيا آهن ۽ هاڻ به لکي رهيا آهن. شڪارپور متعلق لکيل سندن اِهي مضمون ۽ مقالا، مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن جي زينت بڻيل آهن. سندن لکيل ڪتابن مان به گهڻا ڇپيل آهن ۽ چند قلمي صورت ۾ آهن. ڇپيل ڪتابن مان به گهڻا ڪتاب هِن وقت ناياب آهن، جن مان به اڪثر انگريزي ڇپيل ڪتاب آهن. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته انهن سڀني ناياب ڪتابن (ڇپيل توڙي قلمي) کي هٿ ڪري ٻيهر شايع ڪرايو وڃي ته جيئن هرهڪ پڙهندڙ، محقق ۽ مؤرخ، عالم ۽ اديب، اُنهن ڪتابن ۾ سهيڙيل، شڪارپور جي سياسي، سماجي، ثقافتي، لساني ۽ ادبي تاريخ متعلق مواد مان واقف ٿي سگهن.

ياد رکڻ گهرجي ته مقالي ۾ شامل شڪارپور متعلق لکيل اِهي سڀ ڪتاب، شڪارپور جي، سياسي، سماجي، ثقافتي، لساني ۽ ادبي تاريخ متعلق ئي آهن. هِن مقالي ۾ انهن ڪتابن مان، ڪجهه ڪتابن جو، سندس نالي، مصنف يا مرتب جي نالي، ڇاپي، ڇپائي جي سال ۽ اُنهن جي اشاعتي اداري ڄاڻائڻ کانپوءِ انهن جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي ۽ وري چند ڪتابن جي صرف نالي، مصنف يا مرتب جي نالي، ايڊيشن، ڇپائيءَ جي سال ۽ اشاعتي اداري جي نالي ڄاڻائڻ تي ئي اڪتفا ڪئي ويئي آهي، يعني اُن بعد مذڪوره ڪتاب جو وڌيڪ تعارف نه ڏنو ويو آهي. اِنهيءَ جو سبب اِهو آهي ته پڙهندڙ اُنهن ڪتابن (جن جو تعارف نه ڏنو ويو آهي.) جي نالي مان ئي سمجهي سگهن ٿا ته، اِنهن ڪتابن ۾ شڪارپور متعلق ڪهڙو مواد ڏنل آهي.

پڙهندڙن کي اهو به معلوم هئڻ گهرجي ته هِن مقالي ۾ شڪارپور متعلق لکيل سڀ ڪتاب شامل ڪيا ويا آهن. ايئن هرگز نه آهي ۽ نه وري ائين ممڪن به ٿي سگهي ٿو، جو شڪارپور متعلق سمورا ڪتاب هِن مقالي ۾ شامل ڪيا ويا هجن. هِن مقالي ۾ شڪارپور متعلق صرف اُهي ڪتاب شامل ٿي سگهيا آهن، جن جي ڄاڻ راقم کي پنهنجي ذاتي مطالعي ۽ ڪِن ٻين ذريعن وسيلي پئجي سگهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته شڪارپور جي باري ۾ لکيل ٻيا به اهڙا ڪيترائي ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتاب هجن، جن جي ڄاڻ باوجود گهڻي ڪوشش جي، راقم کي نه پئجي سگهي هجي، جنهنڪري اهڙا ڪئي ڪتاب هن مقالي ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويا هوندا، جنهن لاءِ معذرت. جن ڪتابن جي ڄاڻ راقم کي ملي سگهي آهي، تن جو تعارف هيٺ پيش ڪجي ٿو.

الف- سنڌي، ڇپيل ڪتاب:

1. شڪارپور تعلقه ۽ ضلع سکر جي جاگرافي- ليکڪ نامعلوم، ڇاپو ۽ سال به نامعلوم، پوڪرداس تاجرڪتب شڪارپور.

2. جاگرافي تعلقي شڪارپور ۽ ضلعي سکر جي ليکڪ، ننديرام تلسيداس، ڇاپو؟ سال 1913ع (اشاعتي ادارو نامعلوم.)

3. نئين سڌريل شڪارپور تعلقي جي جاگرافي. ليکڪ، ٿڌا سنگ، ڇاپو؟ سال 1921ع، سکر.

4. جاگرافي شڪارپور تعلقو ۽ سکر ضلعو، ليکڪ نيوندرام، ڇاپو؟، سال؟، پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور.

5. جاگرافي تعلقو شڪارپور، لکندڙ، حبيب الله ڀٽو، (ڇاپو، سال ۽ اشاعتي ادارو نامعلوم.) شڪارپور جا ورلاپ بمبئي سان (وڏجي خلاف) لکندڙ پرسرام سنتداس ڪئورو، ڇاپو؟ سال 1912ع، شڪارپور.

معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ڪتاب هندو ليکڪ سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ جي خلاف لکيو آهي (4).

7. شڪارپور ميونسپل اليڪشن، لکندڙ، ديوان نارائڻداس موتيرام، ڇاپو؟، سال 1919ع، (اشاعت جو هنڌ نامعلوم.)

8. شڪارپور ۾ پارٽي بازي جا انگور- ليکڪ، لڇارام چيلارام واڌواڻي، ڇاپو؟، سال 1920ع، شڪارپور (5).

شڪارپور ۾ پارٽين جي جيڪا ڌڙا بندي ٿي ۽ اُن جي ڪري هڪٻئي جي مخالفت ٿي ۽ اُن مان جيڪو نقصان ٿيو، هيءُ ڪتاب اُن باري ۾ لکيو ويو آهي.

9. پنڊ دادان خان جا ڳجهه (شڪارپور ۾ سماجي براين بابت) لکندڙ، ننديرام خوبچند، ڇاپو؟ سال 1909ع، لاڙڪاڻو.

10. پهرئين سنڌ ٽيمپرنس ڪانفرنس شڪارپور، ليکڪ نامعلوم، ڇاپو؟، سال 1914ع، آل سنڌ ٽيمپرنس ڪانفرنس سکر، هِن ڪتاب جي مواد متعلق معلومات نه آهي.

11. اليڪشن رول ميونسپل شڪارپور، لکندڙ، ڪي.پي پرانجپاءِ، ڇاپو؟، سال 1928ع، شڪارپور (6).

هيءُ ڪتاب شڪارپور ميونسپل جي اليڪشن جي قاعدن قانونن جي باري ۾ لکيو ويو آهي.

12. جشن شڪارپور 1982ع، مرتب: ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ پروفيسر غلام احمد بدوي. مجلس انتظاميه جشن شڪارپور، شڪارپور.

سال 1982ع ۾ شڪارپور جي تاريخ ۽ ثقافت وغيره کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ ادبي سيمينار ”جشن شڪارپور“ جي نالي سان ڪرايو ويو. هِن ڪتاب ۾ اُن جشن ۾ پڙهيل مقالن ۽ مضمونن کي شامل ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب دراصل اُن جشن جي موقعي تي نڪتل سووينيئر آهي. جنهن ۾ ٻه عدد سنڌي مضمون، هڪ سنڌي نظم، ٻه عدد اردو مضمون، ٻه عدد اردو نظم، ٻه عدد انگريزي مضمون، جشن جي انتظاميه ڪميٽي جي ميمبرن ۽ مددگارن جو انگريزي ۾ مختصر تعارف ۽ تصويرون ۽ اُن کان سواءِ اُن وقت جي ملڪي ۽ ضلعي انتظاميه جي چند وڏن ماڻهن يعني ڪامورن جون تصويرون ۽ انگريزي ۾ مختصر تعارف به شامل آهي.

13. جشن شڪارپور 1983ع، مرتب: نامعلوم، مجلس انتظاميه جشن شڪارپور، شڪارپور. هيءُ ڪتاب به سال 1983ع ۾ شڪارپور جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ وغيره تي ڪوٺايل ”جشن شڪارپور“ جي موقعي تي ڪڍيل سووينيئر آهي، جنهن ۾ چند سنڌي، اردو ۽ انگريزي مضمون شامل آهن، جيڪي اُن موقعي تي پڙهيا ويا هئا. انهيءَ کان علاوه اُن وقت جي ملڪي ۽ ضلعي انتظاميه جي چند ڪامورن جا انگريزي ۾ پيغام ۽ اُنهن جون تصويرون به شامل آهن.

14. جشن سيمينار 1985ع، مرتب، نقش ناياب منگي، ڇپايل، شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور. هيءُ ڪتاب به سال 1985ع ۾ شڪارپور جي تاريخ ۽ ثقافت وغيره متعلق ڪوٺايل ادبي سيمينار جي موقعي تي نڪتل سووينيئر آهي، جنهن ۾ پنج عدد سنڌي مضمون ۽ ٻه عدد انگريزي مضمون شامل آهن. جيڪي اِنهيءَ موقعي تي پڙهيا ويا، جيڪي شڪارپور جي سياسي، سماجي، ثقافتي، ادبي ۽ صحافتي تاريخ متعلق آهن. ڪتاب ۾ شڪارپور سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي مشهور ۽ آڳاٽن شخصيتن جون ناياب تصويرون به شامل آهن. ڪتاب مذڪوره ۾ اشتهارن جي ڀرمار آهي، انهيءَ کان علاوه اُن وقت جي شڪارپور ضلعي جي چند وڏن آفيسرن جا انگريزيءَ ۾ پيغام ۽ تصويرون به شامل آهن.

15 جشن شڪارپور مخزن 1989ع، مرتب: پروفيسر لجپت جي گانڌي.

جشن شڪارپور انتظاميه شڪارپور. هِن سووينيئر جا سنڌي، اردو ۽ انگريزي ئي سيڪشن آهن، جن ۾ چند اديبن جا شڪارپور جي تاريخ متعلق سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ تاريخي، سياسي، سوانحي ۽ ادبي مضمون شامل آهن. اِنهيءَ کان علاوه هِن ۾ شڪارپور جي مشهور ماڳن ۽ آفيسن جون تصويرون به شامل ڪيون ويون آهن.

16. سنڌي ثقافت، مرتب، وفا منظور چوهاڻ، ڇاپو؟ سال 2010ع، مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور.

هِن ڪتاب ۾ سنڌي ثقافت تي شڪارپور جي شاعرن جي شاعري شامل ڪئي ويئي آهي.

17. سارو ڏيک سمونڊ، مرتب، وفا منظور چوهاڻ. ڇاپو؟ سال 2010ع، مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور.

هِن ڪتاب ۾ شڪارپور جي شاعرن جي ٻوڏ بابت شاعري ڏنل آهي. (8)

18. نئين سولي جاگرافي تعلقه شڪارپور، لکندڙ، ماستر نوراحمد، ڇاپو ٻيون 55- 1956ع، مسلم بوڪ ڊپو سکر. (9)

19. سهڻو شهر شڪارپور، لکندڙ حبيب الله مولا بخش ڀٽو، ڇاپو پهريون، 1982ع، سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن شڪارپور.

هِن ڪتاب ۾ مصنف، شڪارپور جي تاريخ ۽ ثقافت جي باري ۾ ڇهه عدد مضمون شامل ڪيا آهن.

20. شڪارپور ماضي ۽ حال، مرتب، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڇاپو پهريون 1984ع، پبليڪيشن ڪاميٽي جشن شڪارپور.

هِن ڪتاب ۾ مرتب، شڪارپور ۾ سال 1982ع ۽ سال 1983ع ۾ منعقد ڪرايل ادبي سيمينارن ”جشن شڪارپور“ ۾ مختلف عالمن ۽ اديبن پاران پڙهيل چونڊ مقالن کي شامل ڪيو آهي، جيڪي شڪارپور جي سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ علمي ۽ ادبي تاريخ متعلق آهن.

21. شڪارپور صدين کان، مرتب، ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو، ڇاپو پهريون 1988ع، شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور، 1985ع ۾ شڪارپور ۾ هڪ ادبي سيمينار ڪرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ مان آيل ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن پنهنجا تحقيقي مقالا ۽ مضمون پڙهيا، جيڪي شڪارپور جي تاريخ، ادب تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ سماجيات متعلق هئا، تن کي مرتب، سهيڙي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي.

22. شڪارپور جي ٻولي، مصنف، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڇاپو پهريون 1993ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد.

مصنف هي ڪتاب سنڌي زبان جي شڪارپوري لهجي متعلق لکيو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي انهيءَ رِٿا جو حصو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف حصن ۾ ڳالهائي ويندڙ سنڌي زبان جي مختلف لهجن جو تفصيلي جائزو پيش ڪرڻو هو. سنڌي ٻولي جي شڪارپوري لهجي تي مصنف تمام سُٺي ۽ تحقيقي نموني سان هِن ڪتاب ۾ تفصيلي بحث ڪيو آهي.

23. شڪارپور سونهن جو شهر، مرتب، خليل مورياڻي، ڇاپو پهريون 1996ع، شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور. هِن ڪتاب ۾ مرتب، شڪارپور جي تاريخ، ثقافت، علم ۽ ادب وغيره متعلق مختلف عالمن جا لکيل تحقيقي مقالا ۽ مضمون سهيڙيا آهن.

24. شهرن جي شهزادي شڪارپور، مرتب منٺار معارفاڻي، ڇاپو؟، 1999ع، شڪارپور ريسرچ ادبي فورم شڪارپور. هن ڪتاب ۾ مرتب، سوالن جوابن جي صورت ۾ شڪارپور متعلق تمام بهترين معلومات فراهم ڪئي آهي، جيڪا شڪارپور جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ ادبي تاريخ وغيره متعلق آهي.

25. شڪارپور هڪ اڀياس، مصنف نقش ناياب منگي، ڇاپو پهريون 2004ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

هن ڪتاب ۾ مصنف جا شڪارپور جي باري ۾ لکيل چند مقالا ۽ مضمون شامل آهن. جيڪي شڪارپور جي تاريخ متعلق آهن.

26. شڪارپور تاريخ ۽ تحقيق، مرتب خليل مورياڻي، ڇاپو پهريون 2004ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

هِن ڪتاب ۾ مرتب، شڪارپور جي تاريخ، ثقافت، سوانح، سماجيات ۽ علم وادب متعلق مختلف عالمن ۽ اديبن جا تحقيقي مقالا ۽ مضمون سهيڙيا آهن.

27. شڪارپور جي صحافتي تاريخ، مرتب، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڇاپو پهريون 2004ع. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

28. سنڌي واپاري، مصنف، ڪلارڊو مارڪو وئس، مترجم: حسين بادشاهه، ڇاپو پهريون 2005ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. هيءُ ڪتاب هڪ انگريزي ڪتاب "The global world of indian marchants, 1750-1947. Traders of sindh from bukhara to panama." جو سنڌي ترجمو آهي. هِن ڪتاب ۾ سنڌ جي اُنهن واپارين جو تفصيلي ذڪر ڏنو ويو آهي، جيڪي آڳاٽو سنڌ مان، خاص طور تي حيدرآباد ۽ شڪارپور مان لڏي، دنيا جي مختلف ملڪن، خاص طور تي بخارا ۽ پناما وغيره ۾ واپار سانگي وڃي آباد ٿيا.

29. شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو. مصنف، انور فگار هڪڙو، ڇاپو پهريون 2009ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، هيءُ ڪتاب مصنف جي لکيل پي ايڇ.ڊي جي ٿيسز آهي، جنهن ۾ هن تفصيل سان شڪارپور جي سنڌي علم ۽ ادب تي لکيو آهي.

30. جشن شڪارپور سووينيئر، 1979ع، (10) هيءُ شڪارپور متعلق منعقد ٿيل هڪ ادبي سيمينار يا جشن جي موقعي تي شايع ٿيل سووينيئر آهي.

31. شڪارپور جي تاريخ، تاريخي ادبي شخصيتون، مصنف: منٺار معارفاڻي، ڇاپو پهريون 2001ع، شڪارپور ريسرچ ادبي فورم شڪارپور.

32. شڪارپور جا شاعر، اديب، مرتب، منٺار معارفاڻي، ڇاپو (؟) 2003ع، شڪارپور ريسرچ ادبي فورم شڪارپور. هن ڪتاب ۾ هرهڪ اديب ۽ شاعر جو صرف نالو، ولديت، جنم ۽ وفات جو سال ڄاڻايو ويو آهي.

33. تاريخ شڪارپور، مصنف: منٺار معارفاڻي، ڇاپو (؟) 2015ع.

شڪارپور ريسرچ ادبي فورم شڪارپور. هِن مختصر ترين ڪتاب ۾ شڪارپور جي بلڪل مختصر تاريخ ڏني ويئي آهي.

34. تاريخي عظيم درسگاهه، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر-1، شڪارپور، مرتب: پبليڪيشن ڪاميٽي جا مختلف ميمبران. ڇاپو (؟) سال (؟) شڪارپور ريسرچ ادبي فورم شڪارپور. هِن ڪتاب ۾ مرتبين طرفان مذڪوره علمي اداري جي مختصر تاريخ ۽ تعارف سان گڏ، اُن ۾ ڪم ڪندڙ يعني پڙهائيندڙ چند استادن جو تفصيلي تعارف ۽ چند استادن جو صرف مختصر تعارف، ڏنو ويو آهي ۽ اُن سان گڏ اُنهن جون تصويرون به شامل ڪيون ويون آهن.

35. شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾، مصنف، نقش ناياب منگي ۽ مرتب حسيب ناياب منگي، ڇاپو پهريون 2017ع. سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد. مرتب هِن ڪتاب ۾ نقش ناياب منگي صاحب جي شڪارپور جي باري ۾ لکيل مختصر تاريخ کي ترتيب ڏنو آهي.

36. اداس شهر جي لٽيل تاريخ، مصنف، همير چانڊيو، ڇاپو پهريون 2017ع، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد. مصنف پنهنجي هِن ڪتاب ۾ شڪارپور شهر جي چند موجوده مسئلن تي مختلف مضمونن جي صورت ۾ تفصيل سان لکيو آهي.

37. تاريخ شڪارپور، مصنف ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو ۽ مرتب پروفيسر محمد شريف شاد سومرو، ڇاپو پهريون 2017ع، پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز ڪراچي. مرتب، شڪارپور متعلق، مصنف جي لکيل چند تاريخي ۽ تحقيقي مضمونن ۽ مقالن کي هِن ڪتاب ۾ سهيڙيو آهي.

38. تاريخي شهر شڪارپور، مرتب وفا منظور چوهاڻ، ڇاپو پهريون 2017ع، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد. مرتب هن ڪتاب ۾ شڪارپور جي چند اديبن جا شڪارپور جي سياسي ۽ علمي ادبي تاريخ تي لکيل تحقيقي مقالا ۽ مضمون شامل ڪيا آهن.

39. گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور جي سؤ سالا جشن جو سووينيئر، مرتب (؟) ڇاپو پهريون 1974ع. هِن سووينيئر ۾ مذڪوره علمي اداري جي سو سالا جشن جي موقعي تي سال 1973ع ۾ پڙهيل چند اهڙا مضمون شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي گهڻو ڪري شڪارپور جي مشهور ادبي ۽ سياسي شخصيتن متعلق آهن ۽ انهيءَ کان علاوه هن ۾ انهي علمي اداري جي تاريخ به بيان ڪئي ويئي آهي. سووينيئر ۾ هِن علمي اداري جي هيڊ ماستر صاحبان جي فهرست به شامل آهي ۽ شڪارپور جي تاريخ متعلق به مختلف اديبن جا لکيل چند مضمون ۽ مقالا به شامل آهن. (11)

40. شڪارپور ويلفيئر سوسائٽي سووينيئر 1989ع، مرتب (؟) ڇاپو پهريون 1989ع، شڪارپور ويلفيئر سوسائٽي ڪراچي. هيءُ سووينيئر شڪارپور ويلفيئر سوسائٽي ڪراچي طرفان 13، آڪٽوبر 1989ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل پهرئين گڏجاڻي جي موقعي تي شايع ڪيو ويو. هِن گڏجاڻيءَ جو مقصد انهن آفيسرن ۽ سياستدانن کي شڪارپور جي حالتن کان آگاهه ڪرڻ هو، جن جو تعلق شڪارپور سان هو. انهيءَ آگاهيءَ کان علاوه ڪيترن ئي اديبن جا شڪارپور جي تاريخ متعلق چند مضمون ۽ مقالا به هِن ۾ شامل آهن. (12)

41. مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور، هڪ ادبي تنظيم ۽ اشاعتي ادارو. سلور جوبلي نمبر سووينيئر. مرتب، وفا منظور چوهاڻ، ڇاپو پهريون 2017ع، مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور. هن سووينيئر ۾ مذڪوره علمي ادبي اداري جي ڪارڪردگيءَ جي تاريخ ۽ رپورٽ پيش ڪئي ويئي آهي ۽ اُن سان گڏ انهيءَ ادبي اداري متعلق مختلف سڄاڻ ماڻهن جا تاثر به شامل ڪيا ويا آهن.

42. مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور، هڪ سؤ پروگرام، شاندار ڪارڪردگي. مرتب، وفا منظور چوهاڻ، ڇاپو (؟) سال (؟) مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور. (13) هن مختصر ڪتابچي ۾، مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور طرفان ملهايل هڪ سؤ پروگرامن جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ ڏني ويئي آهي.

ب- سنڌي قلمي ڪتاب:

43. شڪارپور جي بيدل لائبريريءَ ۾ موجود ڪتابن جو ڪئٽلاگ، مصنف: نثار چنا.ايم.اي لاءِ لکيل مونو گراف(14).

44. شڪارپور جي لائبريرين ۾ رکيل سنڌي ڪتابن جو ڪئٽلاگ، مرتب: بيدل مسرور بدوي. هيءُ ڪتاب مرتب طرفان سال 1973ع ۾، ايم.اي سنڌي لاءِ لکيل مونو گراف آهي. (15)

45. نقل مراسلات تعلقه شڪارپور، مرتب: نامعلوم. هيءُ ڪتاب 146 صفحن تي مشتمل آهي.

46. 1861ع ۾ شڪارپور ضلعي جي مختلف ماڻهن جي متفرقه لکپڙهه، مرتب: نامعلوم. هيءُ ڪتاب 66 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي ڪتابت جو سال 1861ع ئي لکيل آهي.

47. 1803ع ۾ ضلعي شڪارپور جي جاگيردارن جي لکپڙهه جا ڪجهه ڪاغذ، مرتب، نامعلوم. هيءُ ڪتاب 80 صفحن تي مشتمل آهي(16).

ج- اردو ڇپيل ڪتاب :

48. شڪارپور اور حيدرآباد ڪي تاجر، 1750- 1947ع. مصنف، ڪلاڊي مارڪووٽس. مترجم: پروفيسر رياض صديقي. ايڊيشن (؟)، 2004ع، فڪشن هاؤس لاهور. هيءُ ڪتاب انگريزي ڪتاب "The global world of indian marchants, 1750- 1947. traders of sindh from bukhara to panama." جو اردو ترجمو آهي. انهيءَ ڪتاب جو مختصر تعارف سنڌي ڪتاب نمبر 28 ”سنڌي واپاري“ جي ضمن ۾ اچي چڪو آهي.

د- اردو، اڻڇپيل ڪتاب:

49. تاريخ شڪارپور- مصنف: ڪامران اعظم سوهدروي. (17)

هه انگريزي ڇپيل ڪتاب:

50. The global world of indian marchants, 1750- 1947, Traders of sindh from bukhara to panama.

هن انگريزي ڪتاب جو مختصر تعارف سنڌي ڪتاب نمبر 28. ”سنڌي واپاري“ جي ضمن ۾ اچي چڪو آهي.

51. History about Shikarpur. by professor, H.C. Maskani. edi: ?-?

52. Shikarpur dhak bazar. by henry bellow. edi:?

53. Saints of Shikarpur. by Ameen ullah alvi. edi:?

54. Some suggestions for the Development of shikarpur town. by Lal Muhammed Lal. edi: ?-? -? (18)

55. A Historical Memoir on Shikarpur. by, cap: F.G. Gold smid edi: 1854- ? (19)

56. Railways, Sukkur, Shikarpur,....... report and approximate estimate of..... by bee ston, R.c. edi: 1898-?

57. Flood of the indus which en dangered the towns of Shikarpur and Jacobabad. by, innerarity, J.D. edi:?-? Treans of bon geog. sec, vol: xvi-?

58. Canals of begari and Sindh papers regarding........ in the neighbourhood of Shikarpur in upper sindh. by,? edi:? 1843.

59. Official correspondence regarding ford wah in Shikarpur collectorate, 1855-56. by, ?, edi:?

60. Archaeological survey, vol:8, covering Karachi, Hyderabad and Shikarpur. by.?- edi:?.

61. Town planning scheme, No. I, for Shikarpur. By,? edi:??, scientific department, govt: of India.

62. Archaeological remains in the Karachi, Hyderabad and Shikarpur collectorates. by,?, edi:? 1879, Bambay.

63. Reports and papers on political Geographical and Commercial subjects. (Anthor discuss Sindh, Karachi and Shikarpur during 1835. By,? edi:? 1839-? (20)

64. Census report, district shikarpur, 1961.-?- Govt: of pakistan (?) (21)

65. District Census report of shikarpur 1998.- population census organization statistics Division, govt: of Pakistan Islamabad.

66. Shikarpur Heritage an illustrated journey through history. by, Naseem Mughal. Edi: First 2012, Sindh Archives karachi.

67. Shikarpur, historic city, Sindh, Pakistan. Inventory and mapping of heritage Properties. vol: I, by, Dr. Anila Naeem. Edi: first 2013. Department of Architecture and Planning, N.E.D. University of Engineering and Technology Karachi.

68. Shikarpur, Historic city, Sindh pakistan. Inventory and mapping of heritage Properties, Vol: II. By, Dr. Anila Naeem. Edi: 2013. Department of Architecture and Planing, N.E.D. University of engineering and Technology Karachi.

هِن ضخيم ۽ خوبصورت ڪتاب جي ٻنهي جلدن کي ڪراچي جي مختلف قديم تاريخي هنڌن جي خوبصورت رنگين تصويرن ۽ نقشن سان سينگاريو ويو آهي ۽ انهن جي مختصر تاريخ به ڏني ويئي آهي.

و- انگريزي اڻڇپيل ڪتاب:

69. شڪارپور جي باري ۾ (انگريزي ۾) لکيل ميمورنڊيم. تاريخ 14 نومبر 1847ع تي شڪارپور جي ڪليڪٽر، شڪارپور جي تاريخ بابت ميمورنڊيم تيار ڪري ورتو. اِهو تاريخ جو اهم دستاويز هو، جيڪو انگريز دور ۾ تيار ڪيو ويو. اِنهيءَ دستاويز ۾ شڪارپور جي مڪمل تاريخ ڏنل هئي(22).

ڏاڍو سٺو ٿئي جو اِهو ناياب آڳاٽو لکيل تحقيقي ڪتاب ڪوشش ڪري هٿ ڪجي ۽ اُن کي شايع ڪرائجي ته جيئن اکين کان اوجهل اِهو ناياب تاريخي مواد شايع ٿيڻ سان، شڪارپور جي تاريخ جا ڪجهه لڪيل باب سامهون اچي وڃن.

حوالا ۽ واڌارا:

(1) خادم حسين چانڊيو (مرتب) سنڌ سڄي سرهاڻ، ڇاپو پهريون 2010ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، صفحو 155.

(2) فهرست ڪتبخانه پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور سال 1913ع، صفحو؟

= انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇاپو پهريون 2011ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، صفحو 277 .

(3) مڊويڪ ڪاوش ميگزين حيدرآباد، 11 نومبر 2015ع، صفحو 06 = ٽماهي مهراڻ، نمبر سرءُ 2005ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 74 ۽ 76 = ٽماهي مهراڻ، نمبر 1، 2 سال 2008ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 67.

نوٽ: ڪجهه سال اڳ ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ٻئين ڪلاس ۾ ”تعلقي جي جاگرافي“
 (هرهڪ تعلقي ۾ پنهنجي پنهنجي جاگرافي) پڙهائي ويندي هئي. اِنهي ڪري هر تعلقي ۾ اُتي جي ڪيترن ئي لکندڙن، پرائمري جي ٻئين ڪلاس جي ٻارڙن لاءِ تعلقي جون ڪيتريون ئي جاگرافيون لکيون، جن متعلق اسان کي ڄاڻ ملي سگهي آهي، سي مٿي ڄاڻايون آهن. ليڪن يقين سان چوان ٿو ته اڃا به ٻين ڪيترن ئي اديبن (خاص طور تي تعلقي شڪارپور سان تعلق رکندڙ) تعلقي شڪارپور تي ڪيتريون ئي جاگرافيون ٻئين ڪلاس لاءِ (سنڌي ۽ اردو ۾، يعني سنڌي شاگردن لاءِ سنڌي ۾ ۽ اردو ٻارن لاءِ اردو ۾) لکيون هونديون، ليڪن اسان کي معلوم نه ٿي سگهيون آهن ۽ نه وري اُنهن جي لکندڙن جا نالا به معلوم ٿي سگهيا آهن، جنهنڪري اِنهن جو اندراج هتي رهجي ويو آهي.

ٻيو ته ڪجهه سال اڳ ۾ سنڌ جي هرهڪ پرائمري اسڪول ۾ سنڌ جي تعليم کاتي پاران ٽئين ڪلاس کي ”ضلعي جو سماجي اڀياس“ نالي ڪتاب، مثلاً، سماجي اڀياس ضلعو سکر، سماجي اڀياس ضلعو شڪارپور پڙهايو ويندو هو، جيڪو سنڌي ۽ اردو ۾ جدا جدا هوندو هو، يعني سنڌي ٻارن لاءِ سنڌي ۾، ۽ اردو شاگردن لاءِ اردو ۾. اِهو ڪتاب ون يونٽ واري دور ۾ سرڪاري طرح سان ”ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ لاهور“ طرفان ۽ بعد ۾ ون يونٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌي حڪومت جي تعليم کاتي طرفان ”سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄام شورو“ پاران شايع ڪرايل هوندو هو يا اُنهن جي طرفان اُنهن جي اجازت سان ٻين ڪن ادبي اشاعتي ادارن پاران به ڇپايو ويندو هو. ليڪن اسان کي باوجود ڪوشش جي اهڙي ڪنهن به ڪتاب، يعني ”سماجي اڀياس ضلعو شڪارپور“ (ٽئين ڪلاس لاءِ، سنڌي يا اردو) هٿ نه اچي سگهيو ۽ نه وري اِنهيءَ ڪتاب جي ڪنهن لکندڙ جو نالو معلوم ٿي سگهيو. جنهنڪري اِنهيءَ ڪتاب کي به هن مقالي ۾ جاءِ نه ملي سگهي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته اِنهيءَ نصابي ڪتاب جا ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ڇاپا سرڪار طرفان يا اُنهن جي اجازت سان يعني حڪومت پاڪستان جي تعليم کاتي جي اداري ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ لاهور ۽ حڪومت سنڌ جي صوبائي تعليم کاتي جي اداري سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄام شورو پاران يا اُن جي اجازت سان مختلف اشاعتي ادبي ادارن طرفان شايع ٿي چڪا آهن.

(4) ٽماهي مهراڻ، نمبر سرءُ، سال 2004ع، صفحو 41.

(5) ٽماهي مهراڻ، نمبر 1، 2، سال 2007ع، صفحو 138 ۽ 139.

= ٽماهي مهراڻ، نمبر 1، 2، سال 2008ع، صفحو 32 ۽ 124 .

(6) ٽماهي مهراڻ، نمبر 1، 2، سال 2008، صفحو 134، 135 ۽ 145.

(7) فقير غلام علي مسرور بدوي، پريم ساگر، ڇاپو پهريون 2005ع، مسرور پبليڪيشن ڪراچي، صفحو 192.

= وفا منظور- چوهاڻ - (مرتب)- تاريخي شهر شڪارپور سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد صفحو 48 کان 50.

(8) ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو، تاريخ بازيدپور، ڇاپو پهريون 2017ع، بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، صفحو 40 ۽ 41 .

افسوس جو تعلقي شڪارپور جي جاگرافيءَ جي هِن ڪتاب کي مقالي جي شروع ۾ جاگرافين جي داخلا ۾ شامل نه ڪري سگهيس.

10. Naseem mughal, shikarpur heritage, an illustrated Journey through history. edi: first 2012. sindh archives, Information and archieves department karachi. Government of sindh. page 391.

(11) تاريخي شهر شڪارپور، صفحو 17 ۽ 43 کان 45.

= Shikarpur Heritage......... page 391- =

(12) تاريخي شهر شڪارپور، صفحو 50، 51 (ڇاپو پهريون 2017ع، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد)

(13) وفا منظور چوهاڻ (مرتب) مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور، هڪ ادبي تنظيم ۽ اشاعتي ادارو، سلور جوبلي نمبر سووينيئر، ڇاپو پهريون 2017ع، مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور، صفحو 18.

(14) تاريخي شهر شڪارپور، صفحو 24.

(15) ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو، (مرتب) ”شڪارپور صدين کان“، ڇاپو پهريون 1988ع، شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور، صفحو 334.

(16) مخدوم سليم الله صديقي (مرتب) خزينة المخطوطات جلد پهريون، ڇاپو پهريون 2006ع، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 52 ۽ 57.

(نوٽ: ڪتاب نمبر 45، 46 ۽ 47 (قلمي) سڀ ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو“ جي لائبريريءَ ۾ موجود آهن.

ڪتاب نمبر 47 (قلمي) جي نالي جي شروع ۾ سنه 1803ع لکيل آهي جيڪو غلط معلوم ٿئي ٿو ۽ ڪاتب جي غلطي لڳي ٿو. اِهو سنه در اصل 1843ع ئي آهي.)

(17) هِن ڪتاب جي مصنف، راقم کي ڪيترين ئي ملاقاتن دوران ۽ ڪيترائي دفعا فون تي ٻڌايو ته، ”اهو ڪتاب لاهور جي هڪ اشاعتي ادبي اداري کي ڇپائيءَ لاءِ ڏنل آهي.“

(18) Shikarpur heritage, an illustrated journey through history. page, 75 and 391.

(19) اِنهيءَ ڪتاب جو اِهو ساڳيو ۽ سمورو مضمون هڪ ٻئي انگريزي ڪتاب، "Memoirs on sindh," (By, R. Hughes Thomas. edi: (?) 1989. Allied book company karachi.) ۾ به شامل آهي.

هِن ڪتاب جا ٻه سنڌي ترجما به ٿي چڪا آهن. جيڪي اڃا تائين ڇپيا نه آهن. هڪ ترجمو نقش ناياب منگي صاحب ۽ ٻيو ترجمو عطا محمد ڀنڀري صاحب جو ڪيل آهي. (اِها معلومات خليل مورياڻي صاحب کان تاريخ 20 نومبر 2017ع تي فون تي حاصل ٿي.)

(20) M. H. Panhwar, Source material on sindh. edi: First, 1977, Institute of Sindhiology Jamshoro page 26, 42, 97, 98, 210 and 364.

(21) هِن ڪتاب جي اصلي نالي، ڇپائي جي سال ۽ اشاعت جي هنڌ جي خبر نه پئجي سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته اِهو ڪتاب باوجود ڪوشش جي ڏسي نه سگهيو آهيان، صرف ڪٿان حوالن مان هِن جو نالو نوٽ ڪيو اٿم.

ياد رکڻ گهرجي ته ضلعي شڪارپور جي آدم شماري متعلق ٻيون به ڪجهه سينسز رپورٽون، مختلف وقتن تي ٿيل ملڪي آدم شماري بعد ضرور ڇپيون هونديون، جن جي ڄاڻ راقم کي نه پئجي سگهي آهي. تنهنڪري اهڙين ٻين ڇپيل رپورٽن کي به پنهنجي هن مقالي ۾ شامل نه ڪري سگهيو آهيان.

(22) روزاني ڪاوش حيدرآباد. تاريخ 14 نومبر 2013ع، صفحو 05.

= روزاني ڪاوش حيدرآباد. تاريخ 14 نومبر 2016ع، صفحو 08 .

= روزاني ڪاوش حيدرآباد. تاريخ 14 نومبر 2017ع، صفحو 08.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org