سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:4 

نذير شاڪر بروهي         

 

 

 

شڪارپور- نالو ۽ بنيادُ: هڪ تحقيقي جائزو

 

پيش ڪيل تاريخي واقعن، ڪردارن جي دورن، جي تعين، ڄم ۽ وفات جي سَنَدن ۽ حڪومتن، جي نئين سِر ڇنڊ ڇاڻ جو تحقيقي جائزو

دنيا اندر ”شڪارپور“ جي نالي سان ڪيترائي ڳوٺ، شهر، بازاريون، محلا ۽ وسنديون موجود آهن ۽ هئا جن جو تعداد تمام ڪافي آهي. مثلاً: هندوستان جي رياست اُترپرديش جي ضلعي بُلند شهر (Bulandshahr) ۾ ”شڪارپور“ واقع آهي. هڪ ٻِي ”شڪارپور“ تعلقي سلطانپور لوڌي، ضلعي ڪپورٿلا، پنجاب هندوستان ۾ واقع آهي. ضلع دادو سنڌ ۾ ”شڪارپور“ واقع آهي، جنهن کي هاڻي ”خدا آباد“ سڏيو وڃي ٿو. پنجاب جي ضلعي راجنپور ۾ هڪ ”شڪارپور“ واقع آهي جڏهن نادر شاهه افشار سنه 1739ع ۾ سلطان محمود خان گجر کي ڊيره غازي خان  جو حاڪم مقرر ڪيو. تنهن کان پوءِ هن پنهنجي شڪار گاهه مان هڪ پنهنجي نالي سان هڪ واهه کوٽايو ۽ اُتي نئون شهرآباد ڪرائي، مٿس نالو ”شڪارپور“ رکيو (1).

اهڙن  شڪارپور شهرن جي نالن ۽ انهن جي محل وقوع جي متعلق شڪارپور جي هڪ برگزيده عالم ۽ محقق قلم کنيو آهي (2). پر اسان هت جنهن شڪارپور تي بحث ڪنداسون، اُهو لاڙڪاڻو، سکر، جيڪب آباد ۽ خانپور جي وچ ۾ واقع آهي. ان جي جاگرافيائي بيهڪ 290 ۽ 270 ڊگريون اترين ويڪرائي ڦاڪ ۽ 670 ۽ 700 ڊگريون اڀرندي ڊگهائي ڦاڪ تي بيٺل آهي (3).

هن شهر  تي نالي پوڻ جي سن ۽ بنياد رکڻ جي متعلق تاريخي واقعا گهڻو نضاد جو شڪار آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان طرف هنن لفظن ۾ اشارو ڪري ٿو، ته:

”شڪارپور شهر جي بنياد ۽ اوائلي دور واري تاريخ تحقيق طلب آهي....... (4).“

اڻڄاڻ مؤرخن ”نيم حڪيم، وبال جان“ وانگي شعوري طور ٻين همنام شهرن جي تاريخ کي هن شهر جي تاريخ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. تاريخي ڪردارن جي دور جي تعين ۽ واقعن کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. جنهن وجهه کان محتاط محققن کي تحقيق ۾ ۽ عام قاريءَ کي پڙهڻ ۾ پريشاني لاحق ٿئي ٿي. شڪارپور جي تاريخ جا مؤرخ ۽ محقق اڃان تائين اِهو طئي نه ڪري سگهيا آهن ته:

الف: شڪارپور شهر جو بنياد ڪڏهن پيو؟ ۽

ب: شڪارپو تي ”شڪارپور“ نالو ڪڏهن پيو؟

سوال الف وڏي مونجهاري وارو سوال آهي، ڇو ته مؤرخن جي چوڻ مطابق، جتي هاڻ شڪارپور شهر واقع آهي. اُتي ”شڪارگاهه“ هو. ان حساب سان لازمًا ان ايراضيءَ تي ڪي ماڻهو ضرور آباد هوندا. ان متعلق غلام احمد بدوي لکي ٿو ته:

”شروع ۾ هيءُ شهر هڪ ننڍي بستي هو، جنهن ۾ صرف پنج سؤ ماڻهو ٿي رهيا........... (5).“

ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، بدوي صاحب جا مٿيان جملا نقل ڪندي تحرير ڪندي لکي ٿو ته:

”عالمن، محققن، مؤرخن ۽ دانشورن جو خيال آهي ته ابتدائي دور ۾ هيءُ شهر هڪ ننڍي بستيءَ جي حالت ۾ هو، جتي هڪ اندازي مطابق پنج سؤ (500) کن ماڻهو رهندا هئا (4).“

جيڪڏهن شڪارپور جي قطع زمين يا آسپاس ۾ ماڻهو آباد هئا ته اهي پهريان ماڻهو هئا جن شڪارپور شهر جي قيام جو بنياد وڌو هو. هاڻي سوال تو اُڀري ته اُهي ڪير هئا؟ سندن نالا ڪهڙا هئا؟ ڪهڙي قبيلي جا ماڻهو هئا؟ ڪنهن جي طرفان اُتي ويهاريل هئا؟ هِنن سوالن جا جواب ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان حوالي سان ته شڪارپور قطع زمين تي وڏي آبادي هئي، جي حوالي سان ٻه اهم ثبوت پسگردائيءَ يا اصل جڳهه ۾ موجود آهن. مثلاً: (1) محتاط تاريخي مطالعي ۽ روايتي تاريخي ماخذن جي سَنَدي شاهدين جي بنيادن تي ڪي قدر شڪارپور جي آسپاس سردارن ۽ قبيلن جي نالن جي خبر پئجي سگهي ٿي، ته موجوده شڪارپور ۽ آسپاس جي علائقي ۾ ماڻهن جون وسنديون موجود هيون. باقي غلام احمد بدوي ۽ ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو جن جي ڳالهه مضحڪه خيز آهي، ته شڪارپور جي آبادي صرف پنج سؤ ماڻهن تي مشتمل هئي. حالانڪه تاريخي حوالي سان انهن جو تعداد هزارن ۾ هو. مثلاً: ڄام فتح خان سمو ( دور: 1427ع- 1413ع) تقريباً 1415ع ڌاري بکر پرڳڻي تي حملو ڪري قبضو ڪيو. ان قبضي سان موجوده بکر، شڪارپور واري ايراضيءَ کان وٺي سبي، ڪڇي ۽ گند اواهه (گنجابو) تائين جا علائقا سندس حڪومت جي جاگرافيائي حدن ۾ اچي ويا. ان دوران بکر جي آسپاس جي بلوچن (شڪارپور جي ايراضي جي جتوئين ۽ ٻين بلوچن) بغاوت ڪئي. هن ان بغاوت کي چٿي ڇڏيو. ڄام فتح خان، بلوچن جي ان بَغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ واضح طور مَهر قبيلي کي عسڪري قوت طور سامهون آندو، جنهن ۾ هوڪامياب ويو. جنهن کان بعد ڄام تغلق شاهه جوڻو (ثاني) (1453ع- 1428ع) حاڪم بڻيو. هن جي دور ۾ جتوئين ٻيهر حاڪم ۽ مَهرن خلاف بغاوت ڪئي ۽ امن وامان جي صورت خراب ڪري ڇڏيائون. هي ڄام فتح خان جي پاليسي تي عمل ڪري مهرن سان گڏجي جتوئين جي ان بغاوت کي ختم ڪيو ۽ سردار کي تنبيهه ڪري موٽي آيو. ان کان بعد تاريخي مواد جي بنياد ۽ شاهدين جي بنياد تي بلوچ يعني جتوئين، ڄام نظام الدين جي دور (ختم: 1508ع) تائين مهرن ۽ سمن حاڪمن جي سياسي ۽ عسڪري قوت جي داٻي ۾ رهيا ۽ ڪو به فساد ۽ غير قانوني قدم نه کنيائون (7) .

جڏهن ڄام نظام الدين حاڪم بڻيو، ته هن جي دور ۾ تاريخي سندن ۽ تاريخي تذڪرن جي مطابق ”سردار سڄڻ خان مَهر“ نالي شخص شڪارپور واري علائقي تي جيڪو شڪار گاهه جي نالي سان مشهور هو (8).

پنهنجي پيءُ جو وارث ۽ مهر قبيلي جو سردار بڻيو. هن کي موجوده خانپور جو ڪجهه حصو، شڪارپور واري قطع زمين واري مڪمل شڪارگاهه ۽ لکي وارو حصو جاگير ۾ مليل هئا. سردار سڄڻ خان مَهر پنهنجي دور جو اثر وارو سردار رهيو. جيئن ته ڄام نظام الدين جو دور شانتي ۽ سرسبزي وارو دور هو. ان لاءِ هن کي، ڪنهن جي خلاف وڙهڻ جي تڪليف پيش نه پئي. هن جو دور امن ۽ سلامتيءَ سان گذريو (9).

جڏهن شاهه بيگ ارغون سنڌ يا بکرجي انتظامي ڪمن مان آجو ٿي لکي، خانپور ۽ ٻين آسپاس جي علائقن ۾ آباد جتوئين ڏانهن متوجهه ٿيو. هن جتوئي پرڳڻي جي سموري جتوئي مخالف قبيلن ۽ ذاتين جي چڱن مڙسن، وڏيرن ۽ سردارن کي، جنهن ۾ مهر قبيلي جو چڱو مڙس ۽ سردار لالي مهر پڻ شامل هو، کي گهرائي، ساڻن جتوئين کي مات ڏيڻ جي باري ۾ صلاح ۽ مشورو ڪيو. آخر سڀني جتوئين جي طاقت ۽ اُرَهه زورائين کي هميشه ختم ڪرڻ  لاءِ مٿاهن حملو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. مغل يا ارغون جيڪي اڳئي پنهنجي سفاڪي ۽ ظاهر طور مشهور هئا، تن ان تجويز کي قبول ڪيو. مَهرن پنهنجي ٻانهن ٻيلي قبيلي ڏهرن (جيڪي ان وقت ڏهرڪي جا رهاڪو هئا) کي جتوئين خلاف پاڻ سان گڏ ساٿاري بڻايو ۽ انهن کي ڏهرڪي مان گهرائي، لکيءَ جي آسپاس پنهنجي اثر و رسوخ وارن علائقن ۾ ويهاريو.

شاهه بيگ ارغون طئي شده تاريخ ۽ وقت تي مهرن ۽ ڏهرن جي مدد سان جتوئي پرڳڻي ۾ آباد جتوئين تي هڪ خفيه ۽ خطرناڪ حملو ڪيو، نتيجي ۾ شڪارپور جي قطع ايراضي واري پسگردائيءَ ۾ واقع جتوئين جا ٻائيتاليهه ڳوٺ تباهه ڪري ڇڏيائين (10). شاهه بيگ ارغون، جتوئين تي مڪمل طور عسڪري قوت سان ضابطو آڻڻ کان پوءِ مهرن ۽ ڏهرن مان خوش ٿي، کين نه صرف مهرن جي سرداري بحال ڪئي، بلڪ پراڻي جاگير (شڪارپور جي قطع زمين واري شڪار گاهه) جي توثيق ڪري لالي مهر کي سموري جتوئي پرڳڻي جو ”سردار اعليٰ“ (Chief taincy) مقرر ڪيائين(11). يوسف ميرڪ جتوئي پرڳڻي ۾ مهرن يعني لالي مهر کي سموري جتوئي پرڳڻي جي چيف سرداري ملڻ جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”انهي پرڳڻي جي سرداري جي پڳ پوءِ، مهرن کي ٻڌرائي وئي.............. (12).“

لالي مهر، جتوئي پرڳڻي ۾ آباد مختلف قومن، قبيلن ۽ ذاتين جن ۾ مهر، ڏهر، مختلف بلوچ قبيلا، ابڙا، پنهور، سومرا، سما، پهوڙ ۽ ٻيا شامل هئا، جي سردارن مٿان ”چيف سردار“ مقرر ٿيو. سترهين صدي جي آخر ۾ لالي مهر جي پونئرن (خاندان) مان شيرخان مهر، شيرڪوٽ وارو، شڪارگاهه جو مالڪ هو، ٿي گذريو آهي. تقريباً 1670ع ۾ مهرن جي شڪارگاهه جو ڪجهه حصو بکر جي مغل گورنر پاران دائود پوٽن کي ڏيڻ تان شير خان مهر ۽ امير بهادر خان ثاني دائودپوٽي وچ ۾ وڏيون جنگيون لڳيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واضح نموني سان شيرخان مهر کي شڪارگاهه جو مالڪ ڄاڻائيندي لکي ٿو ته:

”سنڌوندي جي ڪناري سان وڏي، ايراضي جنهن ۾ خانپور، ترائي ۽، سکر وارا علائقا اچي ٿي ويا........ شڪارگاهه هئا. شڪارپور واري خاص ايراضي لکيءَ جي مهرن جي هئي، جن جو سردار شيرخان مهر هو!! (13).“

خيرمحمد ٻرڙو سيوهاڻي پڻ ان خيال جو آهي ته: ”اورنگزيب، دائودپوٽن کي لکي ۽ خانپور جاگيرون عطا ڪيون، 1026هه (سن 1617ع) ڌاري شيرخان مهر کان بهادرخان دائود پوٽي..... سندس شڪارگاهه شهر اڏائي ”شڪارپور“ جو نالو ڏنائينس.(14).“

لالي مهر جو پونئو شيرخان مهر ۽ وري ان جا پونئَر اڄ به وزيرآباد، تماچاڻي ۽ سکر ۾ رهن ٿا، تن جو شجرو هن ريت آهي.

هن مان اِها ڳالهه واضح ٿئي ٿو ته موجوده شڪارپور جي قطع زمين تي ”شڪارپور“ نالي پوڻ کان اڳ اُتي ماڻهن جون وڏيون وسنديون هيون. جيڪي تاريخ ۾ مَهر، ڏهر، جتوئي ۽ ٻين قبيلن سان مشهور هئا. انهن جو تعداد سَوَن ۾ نه پر هزارن ۾ هو. ڇو ته صرف ٻائيتاليهه ڳوٺ جتوئين جا هئا. جيڪڏهن في ڳوٺ جي ماڻهن جو تعداد پنج سو ڳڻيون ته سڀني ماڻهن جو تعداد اِڪويهه هزار بيهي ٿو. انهن ۾ مهر ۽ ڏهرن جو تعداد الڳ آهي.

2: شڪارپور جي قطع زمين تي انساني آبادي هجڻ جي ٻي وڏي سَنَدي شاهدي اِها آهي ته شڪارپور شهر جي ڪِڙي عطا محمد خان محلي جي اوڀارئون سيدن جي پاڙي ۾ هڪ بزرگ پير اسماعيل شاهه جي خسته مقبري مان هڪ ڪتبو هٿ آيو آهي، اهو ڪتبو مزار جي مرمت دوران بزرگ جي تربت واري قبي جي دروازي مٿان هڻايو ويو آهي. مزار جو سِٽي سَروي نمبر 27/ 225 ۽ پکيڙ 550 چورس وال آهي. ڪتبي جي ماپ 80/30 سينٽي ميٽر آهي. ڪتبي جي عبارت هن طرح آهي:

”ملڪ سخن ساخت اين منزل فردوس سرشت..... تاريخش بود آرامکه خلق نوشت. اکبر

                                                   سنه 1009هه

بادشاهه غازي امير محمد معصوم نامي بن سيد صفائي ترمذي بنا نمود.“

مير معصوم هي ڪتبو آسير جي فتح (رجب 1009هه) ۽ ميرزا جاني بيگ جي وفات (27 رجب 1009هه) کان پوءِ ايران جي سفر تي وڃڻ (1010هه) کان اڳ سن 1009هه جي پوئين مهينن ۾ ڪنهن طرح بکر آيو آهي، ۽ ان دوران هو شڪارپور (ان دوران شڪارپور نالو اڃان نه پيو هو) جي طرف به ويو هو، ۽ پير اسماعيل شاهه جيلانيءَ جي مزار تي اهو ڪتبو هڻايائين (15). يعني شڪارپور جي قطع زمين تي وڏي انساني آباديون هيون، جو اڪبر بادشاهه جا وڏا مير ۽ امراءُ پڻ هتي ايندا رهندا هئا. اسان جي هن تحرير جو واسطو:

• شڪارپور تي ”شڪارپور“ نالو ڪڏهن ۽ ڪنهن وڌو؟

                                     يا

• ”شڪارپور“ ڳوٺ/ شهر جو نالو ڪهڙي سن ۾ ڪنهن وڌو؟ جي سوالن جا جواب ڳولهڻ يا معلوم ڪرڻ سان آهي، تنهنڪري اڳتي هن تحرير ۾ اسان تاريخي تذڪرن جي گهري مطالعي مان ڪي قدر انهن سوالن جو جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪنداسون.

شڪارپور تي نالي پوڻ متعلق مفروضن جو جائزو

الف: پهريون مفروضو: 1026هه/ 1617ع

شڪارپور تي نالي پوڻ يا قائم ٿيڻ متعلق تقريباً هر ڪنهن مورخ ۽ محقق گولڊ سمڊ جي بيان کي اوليت ڏني آهي. گولڊ سمڊ لکي ٿو ته:

"The late sir Alexander burnes records hijra 1026 as the year in which shikarpoor was built this Corresponds with anno domini 1617, and is ascertained by the word (غوڪ) or frog (marking a marshy neighbourhood,) to be found in the mosque of hajee fukeer ola, outside the lukkee gate of the town. the numerical value is thus explainedE (16)

غ = 1000+ g or 6+ ڪ or 20= 1026......"

پوءِ تقريباً سنڌ ۽ شڪارپور جي سڀني مؤرخن ۽ محققن گولڊ سمڊ جو نقل ڪيو آهي. جن ۾ غلام رسول مهر، ايس. پي ڇٻلاڻي، پروفيسر غلام احمد بدوي، ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، انور فگار هڪڙو ۽ ٻيا شامل آهن. غلام رسول مِهر لکي ٿو ته:

”شڪارپور شهر جي ٻَڌجڻ جي تاريخ ”غوڪ“ جي لفظ مان نڪري ٿي. يعني 1026هه، بمطابق 1617ع.......(17).“

ڊاڪٽر ايس. پي ڇٻلاڻي تحرير ڪري ٿو ته:

”شڪارپور جي بنياد پوڻ لاءِ کڻي ڪيتريون ئي آکاڻيون هجن، پر ان لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته تاريخ جا سڀ مستند رڪارڊ اهو ٻڌائن ٿا ته شڪارپور جو بنياد 1026هجري مطابق 1617ع ۾ اتر سنڌ جي ڪوري حڪمرانن دائود پوٽن وڌو....... (18) .“

پروفيسر غلام احمد بدوي رقمطراز آهي ته:

”اليگزينڊربرنس جي تحقيق مطابق، شڪارپور جو سنگ بنياد سال 1026هه ۾ رکيو ويو....... جيئن ته اليگزينڊر برنس اهو ڪتبو پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. ان ڪري سندس ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ گهرجي (19).“

ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو لکي ٿو ته:

”اليگزينڊربرنس جي بيان مان هي حقيقت صاف ظاهر آهي ته شڪارپور جو شهر اورنگزيب جي ڏاڏي شهنشاهه جهانگير جو تعمير ٿيل هو.......... (20).“

انورفگار هڪڙو حتمي سن جي باري ۾ تحرير ڪري ٿو ته:

”اِها مڃيل حقيقت آهي ته شڪارپور شهر سن 1026هه/ 1617ع ۾ دائود پوٽن اڏايو (21).“

سنڌ جي تاريخ جو ناميارو نالو غلام رسول مهر جو آهي. هي صاحب حتمي طور تي تحرير ڪري ٿو ته:

”تنهن ڪري ٻيءَ (1026هه کان سواءِ) تاريخ کي غلط مڃڻ ۾ ڪو به تامل ڪرڻ نه گهرجي....... (22).“

عبدالله  ورياهه رقمطراز آهي ته:

”دائود پوٽن شڪارپور جو شهر..... (1026هه- 1617ع)..... (۾) قائم ڪيو هو.“ (23) شهامت علي، شڪارپور جي قيام جو سن نه ڏيندي صرف هيٺيون جملو لکڻ تي اڪتفا ڪيو آهي ته،

"On this ground, he (Bahadar khan) found a town which was named shikarpur......... (24)."

ب: ٻيو مفروضو:

سڀ کان پهرين برگيڊيئر نذير علي شاهه 1617ع جي سَن کي تسليم نه ڪندي، ان جي جاءِ تي 1690ع جو سَنَ ڏنائين ته شڪارپور جو بنياد ان سن ۾ پيو. هو لکي ٿو ته:

"Ameer Bahadur khan founded the town of  shikarpur in 1990 A.D....... (25)."

ان کان پوءِ پروفيسر سيد محمد سليم هڪ بصيرت افروز مقالو لکيائين، جنهن ۾ ماڻهن جي دور، عمر ۽ واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي، پنهنجو حتمي فيصلو ٻڌائيندي تحرير ڪيو ته:

”هن بيان (مقالي ۾ پيش ڪيل ڳالهين) جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته شڪارپور جو قيام شهزادي معزالدين جي ملتان جي حاڪم مقرر هئڻ کان بعد ممڪن ٿي سگهي ٿو. 1106هه/ 1694ع کان بعد اسان اهو ثابت ڪري چڪا آهيون ته بهادرخان جي وفات 1111هه/ 1700ع ۾ ٿي آهي. انڪري شڪارپور جو قيام 1106/ 1111هه جي وچ ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو........ (26).“

شڪارپور تي نالي پوڻ متعلق غير حقيقي تاريخي واقعن جي ڇنڊڇاڻ:

شڪارپور تي نالي پوڻ ۽ شهر جي قيام متعلق علاقائي، ديسي مورخن ۽ محققن پنهنجي مطالعي ۽ فهم وفراست کان ڪم وٺندي غيردانسته طور تاريخي واقعن، سنن ۽ تاريخي ڪردارن جي دور جي تعين متعلق غير سنجيدگيءَ کان ڪم وٺندي، تاريخ رقم ڪئي. جنهن وجهه کان نه صرف شڪارپور جا تاريخي واقعا، تاريخي ڪردارن جا دور ۽ سَنَ، نَون محققن ۽ پڙهندڙن لاءِ پيچيدگيون پيدا ڪري، شڪارپور جي تاريخ کي نه سمجهڻ وارو ديومالائي شهر ثابت ڪيو آهي. اسان هيٺ شڪارپور تي نالي پوڻ جي سَن ۽ تاريخي ڪردارن جي دور جي تعين  جي باري ۾ محققن ۽ مؤرخن پاران پيش ڪيل غلط نڪتن جي نشاندهي ڪيون ٿا، تاڪه شڪارپور جي تاريخ کي رقم ڪرڻ وقت اهڙن بوگس ۽ غلط تاريخي واقعن لکڻ کان بچجي ۽ شڪارپور جي تاريخ صحيح رخ ۾ پيش ٿيڻ جا امڪان چٽا ٿي پون. مثلاً:

1. پروفيسر غلام احمد بدوي لکي ٿو ته:

”اليگزينڊر برنس جي تحقيق جي مطابق شڪارپور جو سنگ بنياد سال 1026 هجري ۾ رکيو ويو. هن اينو ڊومني Anno Domni (فرينچ فوجي آفيسر) کي هڪ خط ۾ لکيو هو، ته هن حاجي فقير الله صاحب علوي رحه جي مسجد ۾ هڪ ڪتبو ڏٺو، جنهن مان شڪارپور جي تعمير جي تاريخ هڪ لفظ ”غوڪ“ مان نڪري ٿي. غوڪ جي معنيٰ ڏيڏر آهي. شايد شهر جي تعمير ٿيڻ وقت اتي ڏيڏر جو آواز ٻُڌي، ان لفظ کي اَبجد جي حساب ۾ آندو ويو، ته ان جا عدد 1026 نڪتا. اُهو سال به 1026هه هو. يعني 1617ع. جيئن ته اليگزينڊر برنس اِهو ڪتبو پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، ان ڪري سندس ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ گهرجي........ (27).“

عبدالخالق ”راز“ سومرو تحرير ڪري ٿو ته:

”اليگزينڊر برنس (Alexander Burnes) جي تحقيق موجب ”هن اومنو ڊومني (Amino- Domni) نالي هڪ فرينچ فوجي عملدار کي هڪ خط ۾ لکيو ته هن حاجي فقير الله علوي رح جي مسجد ۾ هڪ ڪتبو ڏٺو هو، جنهن مان اَبجد جي حساب سان 1026 عدد ملن ٿا. مذڪوره عدد هڪ لفظ ” غوڪ“ مان نڪرن ٿا، جنهن مان شڪارپور شهر جي تعمير جو سن 1026هه مطابق 1617ع معلوم ٿئي ٿو..... (28).“

پروفيسر سيد محمد سليم رقمطراز آهي ته:

”شڪارپور شهر جي قيام جي تاريخ انگريزن جي مرتب ڪيل گزيٽيئر (1906ع) ۾  1617ع درج ڪيل آهي. دراصل سڀ کان پهريائين هن تاريخ جو ذڪر ڪئپٽن اليگزينڊر پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي. هو 1828ع ۾ قنڌار جي رستي بخارا ڏانهن ويندي شڪارپور مان لنگهيو هو، ۽ ان وقت کيس ان تاريخ جي خبر پئي. هو لکي ٿو ته: شڪارپور جي قيام جي تاريخ 1026هه مطابق 1617ع آهي. لکيدر جي ٻاهران حاجي فقيرالله علوي رح جي مسجد ۾ هڪ ڪتبو موجود آهي، جنهن تي فارسي لَظ ”غوڪ“ درج آهي ۽ ابجد جي حساب سان انهن حرفن جو تعداد 1026هه ( 1617ع) ٿئي ٿو ۽ اها ان جي قيام جي تاريخ آهي.

(A voyage to bukhara- by Captain alexander burnes)........"

انورفگار هڪڙو رقمطراز آهي ته:

”هن شهر جي اڏجڻ جو سال 1617 مطابق 1026هه آهي. جنهن جو پهريون انڪشاف ڪندڙ هڪ انگريز ڪئپٽن اليگزيڊر برنس هو، جنهن پنهنجي سفرنامي ۾ اهو پڌرو ڪيو......... (30).“

هنن مٿين بيانن مان هيٺيان ٻه نتيجا نڪرن ٿا ته:

1. گولڊ سمڊ، اليگزينڊر برنس جي حوالي سان لکي ٿو ته لکيدر ٻاهران فقيرالله علوي رحه جي مسجد تي ٻاهران غوڪ لفظ چٽيل/لکيل مليو، جيڪو شڪارپور جي بنياد جي سَنَدَ آهي جنهن جو ابجد 1026هه آهي.

11. برنس اِهو سمورو احوال پنهنجي هڪ فرينچ فوجي آفيسر کي هڪ خط ۾ تفصيل سان ڏنو آهي، جنهن کي وري برنس پنهنجي ڪتاب A voyage to bukhara سفر نامي ۾ تحرير ڪيو آهي.

هيٺ اسان نمبر وار ٻنهي نُڪتن جو تفصيل سان جواب ڏيون ٿا.

i گولڊ سمڊ، برنس جي حوالي سان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان جو اصل بيان هي آهي:

"The late sir alexander burnes records hijra 1026 as the year in which shikarpoor was built. this corresponds with anno domni 1617, and is ascertained by the word غوڪ or frog, (marking a marshy neighbourhood) of hajee fukeer Oola, outside the lukkee gate of the town. the numeral value is thus explained غ= 1000+ j or 6+ غوڪ or 20= 1026......." (31)

گولڊ سمڊ جي هن مٿئين بيان ۾ برنس جي ڪنهن به ڪتاب جو حوالو ڏنل نه آهي، ۽ نه وري برنس جو ڪنهن فرينچ فوجي آفيسر سان خط وڪتابت جو ذڪر ملي ٿو. گولڊ سمڊ جي ان مذڪوره تحريري ٽڪري جو محترم نقش ناياب منگيءَ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو اسان غلطين کي دور ڪرڻ لاءِ هت پيش ڪري رهيا آهيون. نقش صاحب جو ترجمو هي آهي:

”آنجهاني سراليگزينڊر برنس، شڪارپور جي اڏجڻ جو سال 1026 هجري لکيو آهي، جيڪو عيسوي سن مطابق 1617ع ٿئي ٿو. لکيدر جي ٻاهرين پاسي حاجي فقيرالله علوي مرحوم جي مسجد جي چوڌاري پوسل ۽ گپ ۾ ڏيڏرن جي گهڻائي ڏسندي هڪ فارسي لفظ ”غوڪ“ مان ماده تاريخ ڪڍي ويئي آهي (فارسي زبان ۾ ڏيڏر کي غوڪ چئبو آهي) جنهن جو تعداد ابجد موجب هن ريت آهي غ- 1000، و- 6، ڪ- 20 ڪل ٽوٽل 1026...... (32).“

گولڊ سمڊ جي اِن انگريزي تحرير ۽ ترجمي مان اِها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته شڪارپور جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙ مؤرخن ۽ محققن گولڊ سمڊ جي بيان کي نه سمجهي، غلط ترجمو ڪيو ۽ بيان ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه مرچ مصالحا وجهي هڪ آکاڻي گهڙي هڪ قصو بيان ڪري ڇڏيو آهي ته گولڊ سمڊ چواڻي، برنس هڪ فرينچ فوجيءَ کي هڪ خط ۾ اِها ڳالهه لکي موڪلي ته هن کي لکيدر ٻاهران هڪ مسجد جي ٻاهرين دوازي تي ”غوڪ“ لفظ لکيل مليو، جنهن جو ابجد 1026هه آهي، ۽ اهو شڪارپور جي اڏجڻ جو سال آهي.“ اِن ڪهاڻي کي غيرفطري انداز ۾ گولڊ سمڊ جي نالي منسوب ڪري ڇڏيو.

اينوڊومني (Anno Domni) نالو، ڪنهن فرينچ مرد جو نالو نه آهي. ڇو ته فرينچ مردن جا نالا هن طرح جا آهن. ڪجهه مثال ڏيون ٿا.

Arthur, louis, paul, raphael, adam, gabriel, lucas, mohamed, iules, victor, alexander, augustin, maxime, gaspard, antoine, joseph, hugo, martin, leon,leo, ethan, oscar, clement, noah,noe, sacha, thomas, yanis, simen, samuel, rayan, lian, axel, adrien, timethee, nathan, nael, ismael, camille, lsaac, enzo, mathis, david, charles, come, mael, aaron, leonard, nolan, valentin, lbrahim, eliott, maxence, ulysee, baptiste, alexis, theo, elias, youssef, marius, benjamin, felix, robin, jean, lucien, auguste, hector, gustave, william, amir edgar, gabin, theodore kais, pierre, tom, noam, achille, herri, abel, ruben, hadrien, evan, vadim, milo antonin, eden, nicolas, damiel, advent, adrien, joshua, rafael, algernom, aleron, agrican, andy ansell, danton, damien, dondre, anatole, ancil, andre, dillon, dion, dionte, donatien, dillen. (33)

اصل ۾ Anno domni لفظ AD اکرن جو مخفف آهي، جنهن کي اسان عيسوي سن لاءِ استعمال ڪندا آهيون. عام ڊڪشنرين ۾ پڻ ان لفظن جو مطلب ۽ معنيٰ سان گڏ وضاحت هيئن ڏنل آهي:

"Anno Domini (an- on- dom- in-i) (abb AD), (in) the year of our lord (words written after ayear of the christians era after the birth of christ) .”عيسوي، ميلادي (34)

ii: شڪارپور جا علائقائي مؤرخ ۽ محقق لکن ٿا ته اليگزينڊر برنس شڪارپور مان گذرندي شڪارپور جي بنياد متعلق ”غوڪ“ لفظ جو پنهنجي سفر نامي ۾ بحث ڪيو اٿائين. اهو بحث هن جي سفر نامي A voyage to bukhara ۾ آهي. اِن سلسلي ۾ پروفيسر سيد محمد سليم لکي ٿو ته:

”شڪارپور شهر جي قيام جي تاريخ انگريزن جي مرتب ڪيل گزيٽيئر (1906) ۾ 1617ع درج ڪيل آهي. دراصل سڀ کان پهرين هن تاريخ جو ذڪر ڪيپٽن اليگزينڊر برنس (Captain Alexander burnes) پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي. (Avoyage to bukhara by captain....... Alexander burnes) (35) پروفيسر سيد محمد سليم ٻئي هنڌ رقمطراز آهي، ته: ”وڌيڪ مزيدار ڳالهه اِها آهي ته هڪ ٻئي ڪتاب A voyage to indus ۾ برنس خود لکي ٿو ته ”سنڌونديءَ جي ساڄي پاسي شڪارپور ضلع ۾ مسلمان دائود پوٽن جو هڪ قبيلو آهي. اورنگزيب جي ابتدائي دور ۾ کين اتي حڪمراني حاصل ٿي. (A voyage indus by a lexander burnes, karachi, 1973) هي ڪتاب 1832ع ۾ يعني بخارا جي سفرنامي کان چار سال بعد ۾ لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ دائود پوٽن جي حڪومت کي هو اورنگزيب جي زماني ۾ ٻڌائي ٿو. حالانڪ بخارا جي سفر نامي ۾ هو 1026هه جو زمانو ٻڌائي ٿو، جيڪو اورنگزيب جي ڏاڏي جهانگير جو زمانو آهي. چئن سالن بعد کيس اِهو به ياد نه رهيو ته اڳ ۾ مان ڇا لکي چڪو آهيان، دروغ گورا حافظ نه باشد(36).“

عبدالخالق ”راز“ سومرو پڻ پروفيسر سيد محمد سليم جي هن مٿئين بيان تي سخت تنقيد ڪندي برنس جي ڪتابن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”اليگزينڊڙ برنس جي هن (مٿيئن) عبارت کي مضمون نگار شڪارپور جي تعمير سان منسوب ڪيو آهي. ليڪن هيءَ عبارت ”بهاولپور“ جي تعمير سان تعلق رکي ٿي نه ڪه شڪارپور سان. مضمون نگار برنس جي ڪتاب جو نالو A voyage on indus اڌڪو ڏنو آهي. هن ڪتاب جو پورو نالو "A voyage on indus (being the third volume) Travels in to bukhara by alexander burnes F.R.S" (37)

جڏهن اسان ٻنهي معتبر ۽ مستند عالمن جو اليگزينڊر برنس ۽ سندس تحريرن جو جائزو ورتو ته ٻنهي عالمن جون برنس سان منسوب ٿيل ڳالهيون ۽ تحريرون غلط ثابت ٿيون. ڇو ته برنس جي مذڪوره ذڪر ڪيل ڪتابن ۾ شڪارپور جي قيام ۽ غوڪ لفظ جو ذڪر نه آهي. ان لاءِ اسان پڪ سان چئون ٿا ته ٻنهي عالمن برنس جي ٻنهي ڪتابن کي نه ڏٺو آهي ۽ نه پڙهيو آهي. صرف ٻُڌ سُڌ ۽ هڪٻئي جي تحريرن تي آسرو ڪري هڪ ٻئي جو نقل ڪندا رهيا آهن. ان لاءِ چوندا آهن ته ”نقل ڪرڻ لاءِ به عقل جي ضرورت هوندي آهي.“ پر اسان جي عالمن کان اِهو ننڍڙو ڪم به نه ٿي سگهيو آهي.

انهن ٻنهي عالمن اليگزينڊر برنس جي ڪتابن جا جيڪي نالا ڄاڻايا آهن، اُهي غلط آهن. انهن جي علمي لياقت تي جيترو کلجي اهو گهٽ آهي. برنس جي اصل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن.

A narrative of a voyage on the indus from the sea to lahore with presents from the king of great brition, performed under the orders of the supreme government of india, in the year 1831- 1832 and 1833. by= lieut alexr burnes F.R.S. murray, a lbemerle street london.

B. Travels in to bukhara being account of a journey from india to cabiool, tartary, and persia." london, john murray.

اليگزينڊر برنس شڪارپور جي قيام جي حوالي سان جنهن غوڪ لفظ جو ذڪر ڪيو آهي، ان ڪتاب جو نالو Cabool: A personal narrative of a journey to, and residence in that city, in the years 1836, 7 and 8. آهي. هن ڪتاب ۾ پهريون دفعو شڪارپور جي قيام جي سلسلي ۾ هي هيٺيان جملا تحرير ٿيل آهن.

"it appear to have been built A.D 1617. Since its date is preserved in the arabic word ghouk, or frog, the numeral letters of which give the year of the hegira 1026." (38)

برنس جي ان ڪتاب ۾ جيڪي سنڌ متعلق بيان لکيل هئا، تنهن حصي کي ”سنڌيڪا اڪيڊميءَ“ پوءِ ”سنڌوءَ جو سفر- 1831ع“ ۾ ضميمي طور ڇپايو آهي. اُهو ترجمو هن ريت آهي:

”هن شهر جو بنياد 1417ع ۾ پيو اها تاريخ عربي لفظ غوڪ يعني ڏيڏر جي اکرن ۾ ڏنل آهي. ابجد مطابق هن لفظ جي اکرن جو انگن ۾ حساب 1026 هجري وڃي بيهندو (39).“

برنس ڪابل جو سفرنامو 1836ع ۾ لکيو ۽ جيڪو 1841ع ۾ چپيو. اهم ڳالهه هي آهي ته برنس جي 1836ع جي سفر نامي بعد 1841ع ۾ ٽي پوسٽنس، برنس جي ڳالهه نقل ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته:

"Shikarpoor datesits origin to the  year of the hijira 1026 (A.D 1617) is an ill built dirty down........ " (40)

برنس 1844ع ۾ وري ٻيهر پنهنجي لفظن جو ورجاءُ هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:

"it appears to have been built A.D 1617, since its date is preserved in the arabic word غوڪ or frog, the numeral letters of which give the year of the hijra 1026." (41)

2. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شڪارپور جي بنياد متعلق رقمطراز آهي ته:

”بهادرخان هن شهر جو بنياد وڌو. هِن اورنگزيب بادشاهه طرفان سبي ۽ ڍاڍر جي نواب مرزا خان کان سنڌونديءَ جي ڪناري سان وڏي ايراضي جنهن ۾ خانپور، ترائي ۽ سکر وارا علائقا اچي ٿي ويا، مقاطعي تي ورتا....... شڪارپور واري خاص ايراضي لکي جي مهرن جي هئي. جن جو سردار شيرخان مهر هو. ان بعد دائود پوٽن ۽ مهرن وچ ۾ جنگ لڳي. جنهن ۾ مهرن هارايو ۽ بهادر خان........ سن 1026هه ( 1617ع) ۾ شڪارپور جو بنياد وڌو.... (42).“

ڊاڪٽر بلوچ، اها ڳالهه يا بيان بغير تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ جي اليگزينڊر برنس جي سفرنامي تان نقل ڪئي آهي. برنس جو اصل بيان هي آهي ته:

"The daoodpootras are a tribe of mahommedans from the district of shikarpoor, on the right bank of the indus, which they held in theearlier part of aurungzebe." (43)

خود برنس پڻ دائودپوٽن پاران شڪارپور واري زمين جو ٽڪرو ڪڏهن اورنگزيب ته ڪڏهن جهانگير مغل حڪمرانن کان وٺڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. يعني برنس خود پنهنجي بيانن ۾ تضاد جو شڪار رهيو آهي. برنس جي ان تضادي بيانن متعلق پروفيسر سيد محمد سليم لکي ٿو ته:

”وڌيڪ مزيدار ڳالهه اِها آهي ته هڪ ٻئي ڪتاب "A voyase to indus" ۾ برنس خود لکي ٿو ته ”سنڌوندي“ جي ساڄي پاسي شڪارپور ضلع ۾ مسلمان دائود پوٽن جو هڪ قبيلو آهي. اورنگزيب جي ابتدائي دور ۾ کين اتي حڪمراني حاصل ٿي.“ (A voyage to indus by Alexander burnes, karachi, 1973) هي ڪتاب 1832ع ۾ يعني بخارا جي سفرنامي کان چار سال بعد ۾ لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ دائودپوٽن جي حڪومت هئي اورنگزيب جي زماني ۾ ٻڌائي ٿو. حالانڪ بخارا جي سفرنامي ۾ هو 1026هه جو زمانو ٻڌائي ٿو، جيڪو اورنگزيب جي ڏاڏي جهانگير جو زمانو آهي. چئن سالن بعد ۾ کيس اهو به ياد نه رهيو ته اڳ ۾ مان ڇا لکي چڪو آهيان.

دروغ گورا حافظ نه باشد (44).“

جڏهن اسان تاريخ جي ورق گرداني ڪيون ٿا ته برنس ۽ ڊاڪٽر بلوچ جون مٿيون ڳالهيون غلط ثابت ٿين ٿيون. ڇو ته اورنگزيب پهرين ذي القعد 1068هه 21 جولاءِ 1657ع کان 28 ذي القعد 1118هه/ 3 مارچ 1707ع تائين هندستان تي حڪومت ڪئي (45). ان مطابق هن جي تخت نشيني شڪارپور جي بنياد 1026هه/ 1617ع پوڻ کان ايڪيتاليهه سال پوءِ ٿي. غلام رسول مهر پڻ چوئيتاليهه سال اڳ ان تحقيق کي غلط قرار ڏيندي تحرير ڪري ٿو ته:

”جنهن شهر جو بنياد 1026هه ۾ رکيو ويو. ان جي لاءِ زمين اورنگزيب عالمگير جي مقرر ڪيل ناظم کان نه ٿي وٺي سگهجي. ڇو ته 1026هه ۾ اورنگزيب پيدا به نه ٿيو هو. هن جي ولادت 15 ذي القعد 1027هه (بمطابق 24 آڪٽوبر 1618ع) آهي...... (46).“

نورالدين جهانگير بادشاهه خود، اورنگزيب جي پيدائش متعلق رقمطراز آهي ته:

”15 ذي القعد 1027هه تي الله تعاليٰ، آصف خان جي ڌيءَ جي بطن مان شهجان کي هڪ پٽ عطا ڪيو. اميد آهي ته ان جي پيدائش هن سلطنت جي لاءِ باعث برڪت ٿيندي(47).“

هن مٿين بحث مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته امير بهادر خان (ثاني) 1617ع ۾ اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ شڪارپور جو بنياد نه وڌو، پر شڪارپور جي بنياد پوڻ کان ٻٽيهه سال پوءِ ڄائو هو. شڪارپور جي بنياد پوڻ وقت هندستان تي نورالدين جهانگير (20 جمادي الثاني 1014هه/ 4- آڪٽوبر 1605ع- 20 صفرالمظفر 1037هه/ 28 آڪٽوبر 1627ع) (48) جو دور هو. هن نڪتي تي اڳتي بحث ڪيو ويندو (49).

3. شڪارپور جي نالي پوڻ ۽ بنياد متعلق هن وقت تائين ڪا به مستند دستاويزي شاهدي نه ملي آهي، صرف اليگزينڊر برنس جو شڪارپور مان گذرڻ وقت لکيدر ٻاهران هڪ مسجد جي ٻاهرين دروازي مٿان ”غوڪ“ لکيل (چٽيل) ڏٺائين. برنس جا لفظ هي آهن ته:

"It appear to have been built A.D 1617. since its date is presevved in the arabic word ghouk, or frog, the numeral letters of which give the year of the hijira 1026.........." (50)

برنس جي مٿئين بيان مطابق ته ”غُوڪ“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، کي 1841ع ۾ ٽي- پوسٽنس (51) 1844ع ۾ ايڊورڊ ٿارنٽن (52) 1854ع ۾ گولڊ سمڊ (53) 1876ع ۾ اي ڊبليو هيوگز (54) 1906ع ۾ اي. ايڇ ايٽڪن (55) بغير ڇنڊڇاڻ جي نقل ڪيو. مرزا قليچ بيگ پهريون عالم هو، جنهن برنس چواڻي ته ”غوڪ“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، کي رد ڪندي، ان کي فارسي ٻوليءَ جو ڄاڻايو آهي. هُو لکي ٿو ته:

”شڪارگاهه جو جهنگ وڍائي ميدان صفا ڪرائي، اتي شهر ٻڌايائون ۽ انهي جو نالو شڪارپور رکيائون. اُهو سال سنه 1026هه (سنه 1617ع) هو، جو فارسي لفظ ”غوڪ“ مان ٿو نڪري، جنهن جي معنيٰ ڏيڏر آهي! (56)“

قليچ بيگ کان پوءِ شڪارپور جو ناميارو عالم ۽ محفق نقش ناياب منگي ”غوڪ“ لفظ کي فارسي ٻوليءَ جو قرار ڏنو. هن اليگزينڊر برنس جي تحرير ۾ پنهنجي طرفان ”فارسي“ لفظ جو واڌارو ڪيو. سندس پاران سمڊ جي تحرير جو هن طرح آهي:

”فارسي زبان ۾ ڏيڏر کي غوڪ چئبو آهي (57).“ جڏهن اسان ”غُوڪ“ لفظ جي بنياد ۽ معنيٰ جي متعلق ڇنڊڇاڻ ڪيون ٿا ته هي ”عربي ٻولي“ جو لفظ نه آهي. عربي ٻوليءَ ۾ ”ڏيڏر“ (Frog) لاءِ صِفدِع (اسم) الصِفِدِع صِفدِعة لفظ مستعمل آهن (58). ”غُوڪ“ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي (59). غوڪ لفظ جون ٻه ٻيون معنائون به آهن. جن تي اڳتي بحث ڪيو ويندو.

4.گولڊ سمڊ لکي ٿو ته مهرن ۽ دائود پوٽن وچ ۾ وڏي خونريز جنگ لڳي. جنهن ۾ دائود پوٽن جو انگ تي چار سو هو. جڏهن ته مهرن جو انگ ٻارنهن هزار هو. پوءِ به مَهرن کي شڪست آئي. گولڊ سمڊ جا لفظ هي آهن:

"Akil khan died in the year 1012 of the hijra (about 1603 of The christian era). his son sher khan was among the most bitter opponents of the daoodpotras, upon their appearance on the hunting- ground- which circumstance enables us to resume the thread of our narrative.

the weavers appeales to spritual authority, as wested in the person of peer sultan lbrahim shah, whose tomb still bears testimony to the fact of his existence. he was a holy man of eminence, and numbered the mahars as well as their opponents among his disciples: moreover, he himself resided at lukkee. he took up the cause of the appellants, and eventually obtained permission for them to resume their sport. a gain however were they stopped, and again did they seek the peer for redress. the mahrs were summoned a second time, and ordered to desist. they remonstrated, and finally informed their venerable mentor that thay would never spare the intruders, till they had exterminated the whole body, or at least, driven them from the vicinity of the shikargahadding: "if you wish to be their comrade, good; be it so." baffled and distressed the peer bethought him of the final resource in such cases. he invoked curses upon the rebelling mhars, and blessings upon the oppressed daood potras. he told his proteges, that they were as the iron sickle, and their enemies as grass or chaff, and promised them the victory in the event of an engagement. matters prospered, the crises drew on, and battle became inevitable.

According to story of the sons of daood, their ancestors on this occasion could only mustert a force of there or four hundred service men, while their opponents numbered 12,000.

On the news of the advance of the latter, the daoodpotras took up their position in a canal known as the folad, now destroyed, much in the same manner, probably, as the beloocheed did more than two centuries after, in not altogether dissimilar circumstances, except as to numbers, and the character of their opponents. a most sanguinary conflict ensued on the meeting of the hostile forces, which after the most determined edeavours on eitther side, eventually terminated in favour fo the daoodpotras, who were left masters of the field. strange to say, that while some 3,000 dead bodies of mhars strewed the ground, but few werekilled on the side of the victors...." (60)

يعني ”عاقل خان 1603ع مطابق 1012هه ۾ انتقال ڪري ويو. سندس پٽ شيرخان، دائود پوٽن جو شڪارگاهه اچڻ تي سخت برخلاف هو. اهڙو بيان اسان کي ڪاردار عبدالاحد علويءَ جي مرتب ڪيل تاريخ مان ملي ٿو. اِهي حقيقتون اسان کي وري پنهنجي موضوع ڏانهن موٽائين ٿيون.

ڪورين (دائودپوٽن) پنهنجي روحاني پيشوا پير سلطان ابراهيم شاهه کي دانهن ڏني. پير سائينءَ جو مقبرو اڃا تائين سندس وجود جي ثابتي ڏئي ٿو. پاڻ وڏو پاڪباز ۽ پرهيزگار شخصيت جو مالڪ هو. سندس مريدن ۾ مَهر ۽ انهن جا مخالف به شامل هئا. پر پير سائين پاڻ به لکيءَ جو ويٺل هو. دائودپوٽن ۽ مهرن جو جهيڙو وڻ ويڙهي وانگر وڌندو ڏسي پير سائين ان اهم مسئلي تي ڌيان ڌريندي ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. پر مهر پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي دائودپوٽن کي شڪار ڪرڻ کان منع نامو جاري ڪيو. پر پير سائين دائودپوٽن کي شڪار ڪرڻ جي اجازت ڏياري، ان جي باوجود مهرن ٻيهر منع نامو جاري ڪيو ۽ حڪم مڃڻ کان نابري واري ۽ پير سائينءَ کي چوائي موڪليائون ته ”اسان جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ وارن کي ختم ڪيو ويندو، يا وري گهٽ ۾ گهٽ شڪارگاهه جي علائقي مان انهن جي پاڙ پٽي ڇڏيندا. اوهان انهن جو ساٿ ڏيو ته ڀلي ڏيو. بيوسيءَ ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ پير سائينءَ آخري طريقو اختيار ڪندي سرڪش مهرن لاءِ بددعا ڪئي ۽ دائود پوٽن جي حق ۾ دعا ڪئي.

پيو سائين پنهنجي مريدن (دائودپوٽن) کي چيو ته اُهي آهن ڏاٽي وانگر ۽ انهن جا دشمن آهن گاهه، جيڪڏهن جنگ به ٿي ته کين سوڀ نصيب ٿيندي.

دائودپوٽن جي ڪهاڻيءَ موجب هن موقعي تي سندن وڏڙن جا ٽي چار سو پگهاردار ماڻهو ڪٺا ٿي سگهيا. هوڏانهن سندن دشمن جو تعداد ٻارنهن هزار هو. دشمن جي پيشقدمي جي اطلاع ملڻ سان دائودپوٽا فولاد واهه نالي هڪ واهه ۾ مورچا بند ٿي ويٺا. اهو واهه هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. دائودپوترن اها حڪمت عملي اختيار ڪئي جيڪا ٻه صديون پوءِ بلوچن دهرائي هئي. ٻنهي ڌرين جا لشڪر دوبدو ٿيا، ۽ خونريز جنگ ڇڙي پئي. جيڪا ٻنهي ڌرين وڏي جانفشانيءَ سان وڙهي. نتيجي طور جنگ، دائودپوٽن جي سوڀ جي صورت ۾ ختم ٿي. عجب جهڙي ڳالهه اِها آهي ته مهرن جا ٽي هزار لاش ميدان ۾ پيل هئا ۽ فاتح ڌر جا فقط چند ماڻهو ماريا ويا. (61).“

گولڊ سمڊ جي هن مٿئين بيان مان هيٺيان ٻه نتيجا سامهون اچن ٿا:

i. مهرن ۽ دائود پوٽن جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ مهرن جو لشڪر ٻارنهن هزار هو ۽ دائودپوٽن جو لشڪر چار سو هو. پوءِ به مهرن کي شڪست آئي.

ii. مهرن ۽ دائود پوٽن وچ ۾ اِها جنگ فولاد واهه تي لڙي وئي جيڪو هن وقت ختم ٿي چڪو آهي.

هيٺ اسان ٻنهي نڪتن جو تاريخي، زميني حقائق ۽ جنگي پوزيشن کي سامهون رکي جائزو وٺون ٿا.

i. عبدالاحد علوي يا گولڊ سمڊ جي هيءَ ڳالهه اچرج جهڙي پئي لڳي ته دائود پوٽن جي چئن سون ماڻهن، مَهرن جي ٻارنهن هزار ماڻهن کي جنگ ۾ شڪست ڏيئي ڀڄايو ۽ جنگ جي ميدان ۾ سوڀارا ٿيا. يعني دائود پوٽن جو هڪ هڪ ماڻهو مهرن جي ٽيهن ماڻهن کان سگهارو نڪتو. جنگ دوران هڪ دائود پوٽو، اَٺن مَهرن کي قتل ڪري باقي ٻاويهه مَهرن کي ڀڄائي شڪست ڏني. گولڊ سمڊ جي بيان مان ائين لڳي ٿو ته ڄڻ مهرن کي هٿن ۾ هٿيار نه بلڪ ڀينڊ هئا. اگر مهرن جي هٿن ۾ دائود پوٽن وانگر لوڙهه جي لٺ، ترار، نيزو، ڏڦو، تير ڪمان ۽ منهن ڀري بندوقون هيون ته پوءِ دائود پوٽا انهن اوزارن جي سهاري، واهه جي اندران مهرن کي ڪيئن ماري ٿي سگهيا. جيڪڏهن مهر، واهه جي ڪَپَر تي بيهي صرف هڪ هڪ ڀينڊ واهه جي اندر مورچا بند دائود پوٽن کي هڻن ها ته دائودپوٽا چٿجي وڃن ها. جيڪڏهن دائودپوٽن کي انهن مذڪوره اوزارن جي بدلي ايل. ايم جي، مشين گنون، ڪلاشنڪوف ۽ جي ٿري جديد آٽوميٽڪ هٿيار هئا ته پوءِ مهرن کي شڪست ملڻ جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها. جي نه ته پوءِ مهرن کي شڪست اچڻ ۾ شڪ ۽ شبها پيدا ٿين ٿا. ڇو ته شاهه بيگ ارغون، ڇهه هزار فوجين سان سنڌ فتح ڪئي ۽ همايون بادشاهه ٻارنهن هزار سپاهين سان هند تي قابض ٿيو. مهر به ٻارنهن هزار هئا، جن پنهنجي تَرَ جي جتوئين کي ارغوني فوجين سان ٽوٽا چٻايا ۽ نيست و نابود ڪيائون، ته پوءِ صرف چار سؤ دائود پوٽن ايڏي ساري مهرن جي فوج يا لشڪر کي ڪيئن شڪست ڏئي پئي سگهيا. اصل ۾ مؤرخن کان مهرن ۽ دائود پوٽن جي جنگي جوڌن جي اصل تعداد لکڻ ۽ بکر جي مغل گورنر جو دائودپوٽن جي حمايت ڪرڻ جهڙن واقعن کي نظر انداز ڪرڻ ۾ ڪي غلطيون سرزد ٿيون آهن.

دراصل مهر، بکر جي مغل گورنر جي هٿ هيٺ هئا. جڏهن مغل گورنر، دائودپوٽن کي شڪارگاهه مان قطع زمين جو ٽڪرو ڏنو، تنهن تي مَهر ڪاوڙيا ۽ دائود پوٽن سان مهاڏو اٽڪايو. بکر جي مغل گورنر سيد مير يعقوب خان رضوي 1018هه/ 1670ع، 1085هه/ 1675ع) مهرن کي گهڻو سمجايو. پر هُو باز نه آيا، نتيجي ۾ بکر جو مغل گورنر، دائودپوٽن جي پاسي بيهي، مهرن سان مهاڏو اٽڪايو. تنهنڪري دائود پوٽا سوڀارا ٿيا ۽ مهرن جي طاقت جي چياهه چٻي ٿي پئي. باقي هيءَ دعويٰ ته چار سئو دائودپوٽن، مهرن جي ٻارنهن هزار لشڪر کي شڪست ڏني، لَغُو ڳالهه آهي.

ii. گولڊ سمڊ لکي ٿو ته:

"The Daoodpotras took up their position in a canal known as the folad, now destroyed......."(62)

يعني ”دائود پوٽا فولاد واهه نالي هڪ واهه ۾ مورچا بند ٿي ويٺا. اهو واهه هاڻي ختم ٿي چڪو آهي (63).“

سمڊ جي ان بيان کي پوءِ سڀني مورخن جيئن جو تيئن نقل ڪيو آهي. غلام رسول مهر لکي ٿو ته:

”هنن (يعني دائود پوٽن) فولاد نالي واهه ۾ پنهنجو مورچو بنائي، مهرن سان مقابلو ڪيو.... (64).“

پروفيسر غلام احمد بدوي رقمطراز آهي ته: ”دائود پوٽا..... پنهنجي مختصر جماعت سان فولاد واهه وٽ مهرن جو مقابلو ڪيو........ (65).“

انورفگار هڪڙو تحرير ڪري ٿو ته:

”دائودپوٽن...... فولاد واهه ۾ پنهنجو مورچو بنائي مهرن سان مقابلو ڪيو....(66).“

جڏهن اسان انهن سڀني مؤرخن جي بيانن جو اڀياس ڪريون ٿا ته سڀئي غلط ثابت ٿين ٿا. ڇو ته اسان شڪارپور ٻاهران وهندڙ يا ڦٽل واهن جي نالن ۽ محل وقوع جو اڀياس يا مطالعو ڪيون ٿا ته سمڊ جو ٻڌايل ”فولاد واهه ڪٿي به نه ٿو ملي. بلڪ ان جي بدلي شڪارپور ٻاهران شڪارپور کان سکر ويندڙ روڊ تي سٺي هوٽل ۽ جعفرشاهه بخاري قبرستان کا چند قدم اڳتي ”پولاد“ (Polad) واهه سيمه نالو اڄ به موجود آهي. جنهن کي سمڊ غلطيءَ ۽ اڻڄاڻائي سان ”فولاد واهه“ بڻائي ڇڏيو هو. پوءِ اسان جي مؤرخن سمڊ جي ڳالهين کي تسليم ڪري نقل ڪندا ويا تنهنڪري غلطيءَ منجهان غلطيون ڪندا ويا.

رحيمداد مولائي شيدائي، شڪارپور جي بنياد، مهرن ۽ دائود پوٽن وچ ۾ جنگين ۽ لکي شهر جي بنياد پوڻ جي حوالي سان تحرير ڪري ٿو ته:

”دائودپوٽن..... منجهان دائود خان بهادر ٿي گذريو آهي. هن جهانگير جي زماني ۾ مهر قوم کي شڪست ڏيئي، لکيءَ جو ڳوٺ تعمير ڪرايو. لکي ۽ خانپور وارو جهنگ دائود پوٽن جو شڪار گاهه هو. منجهائن بهادر خان دائود پوٽي پير سلطان ابراهيم شاهه جي فرمائش موجب، سن 1026هه ( 1617ع) ۾ شڪارپور جو شهر ٻڌو.... (67).“

پروفيسر شريف ”شاد“ سومرو، رحيمداد مولائي شيدائي جي مٿين بيان جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”هڪ انگريز مصنف جي. بي مالسن (G.B. Malleson)پنهنجي مشهور ڪتاب ”اين هسٽاريڪل اسڪيچ آف دي نيٽيو انڊين اسٽيٽس ان انڊيا“ (An historical sketch of the onative indian states in india) جي بيان مطابق شهنشاهه جهانگير جي دور ۾ امير بهادر خان دائودپوٽو، ”مهرن جي قبيلي کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ، جتوئين کي شڪست ڏيئي، لکيءَ جو ڳوٺ تعمير ڪرايو. لکي ۽ خانپور وارو جهنگ دائود پوٽن جو شڪارگاهه هو......(68).“

شريف شاد سومرو، مولائي شيدائي ۽ جي. بي ميلسن جي بيانن کي رد ڪندي تحرير ڪري ٿو ته: ”مٿي ذڪر ڪيل تاريخي بيانن م تضاد نظر اچي ٿو. هڪ طرف ”جنت النسڌ“ جو مصنف رحيمداد مولائي شيدائي اهو لکي ٿو ته ”مهرن جي قوم کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ جتوئين کي شڪست ڏيئي لکيءَ جو ڳوٺ تعمير ڪرايو ته ٻئي طرف وري تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور وارو غلام رسول مهر صفحي 107 تي لکي ٿو ته ”لکي ۽ خانپور شڪارپور جي تعمير کان اڳ جا واقع هئا ۽ ان زماني جا مشهور شهر هئا.

جنت السنڌ واري مصنف به انگريز مصنف جي. بي ميلسن جي مٿي ڄاڻايل ڪتاب تان روايت نقل ڪئي آهي. حالالڪه دائود پوٽن جي لکيءَ وارن مهرن سان لڙائي ٿي هئي. لڙائي جي فتح کان پوءِ دائود پوٽن پنهنجي مرشد جي چوڻ تي ”شڪارپور جو بنياد وڌو هو، نه لکي جو......... (69).“

شريف شاد اڳتي رقمطراز آهي ته:

”جنت السنڌ جي مصنف چٽيءَ طرح وضاحت نه ڪئي آهي، ته جتوئين سان لڙائي ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي، نه وري جتوئين جي باري ۾ ڪا وضاحت ڪئي اٿس. ان زماني ۾ دائودپوٽن جي مهرن سان لڙائي ٿي هئي، نه جتوئين سان، پر مهرن سان گڏ بلوچ (جتوئي) ڪجهه لڙائي ۾ شامل هئا. عليحده بلوچن سان لڙائي جو ذڪر سواءِ مولائي شيدائي جي ۽ جي.بي ميلسن جي ٻئي ڪنهن به تاريخدان نه ڪيو آهي. جيڪڏهن جتوئين سان جدا لڙائي ٿئي ها ته ٻيا تاريخدان ضرور لکن ها. مهرن ۽ دائودپوٽن جون پاڻ ۾ ٻه لڙائيون لڳيون هيون. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته اها جتوئين کي شڪست ڏيڻ ۽ لکيءَ جو ڳوٺ تعمير ڪرائڻ واري روايت بلڪل غلط آهي..... (70).“

جڏهن اسان شريف شاد سومري جي بيانن جو گهرو مطالعو ڪيون ٿا ته هن جيڪو ڪجهه جنت السنڌ ۽ جي. بي ميلسن جي حوالي سان لکيو آهي، اُهو صحيح نه آهي. هن ٻه اهم غلطيون ڪيون آهن. اُهي هي آهن.

i. شريف شاد سومري جي. بي ميلسن جي ڪتاب:

”اين هسٽاريڪل اسڪيچ آف دي نيٽِو انڊين اسٽيٽس اِن انڊيا“

(An historical sketch of the native india states in india,) 1878

جو نالو غلط لکيو آهي.

دراصل جي. بي ميلسن جي ڪتاب جو اصل نالو "An historical sketch of the native statesof india: in subsdiary alliance with the british government with a notice of the mediatized and minor states", longmans, green, and co آهي، جيڪو 1875ع ۾ london مان ڇپيو.

ii شريف شاد سومرو لکي ٿو ته:

”جنت السنڌ واري مصنف ۽ انگريز مصنف جي. بي مالسن جي مٿي ڄاڻايل ڪتاب تان روايت نقل ڪئي آهي........ (71).“

جڏهن اسان جنت السنڌ ۽ جي. بي ميلسن جي ڪتابن جو گهرو مطالعو ڪيون ٿا ته شاد سومري جون ڳالهيون صحيح نه ٿيون لڳن. ڇو ته مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“ ۾ جتوئين ۽ دائودپوٽن سان گڏ لکيءَ جو دائودپوٽن پاران بنياد وجهڻ جون ڳالهيون جي. بي ميلسن کان نقل نه ڪيون آهن. مولائي شيدائي اهي ڳالهيون پنهنجي طرفان لکيون آهن. تنهن لاءِ هن ڪو به حوالو نه ڏنو آهي، پر شاد سومرو اِهي ڳالهيون جي. بي ميلسن جون قرار ڏيئي، غلطيءَ سان مولائي شيدائيءَ کي نقل ڪندڙ قرار ڏنو آهي. جيڪو صحيح نه آهي. ڇو ته جي. بي ميلسن جا اصل لفظ ۽ جملا هي آهن:

"The territory of bhawalpur is along narrow tract of country, bounded on the north- west by sindh and the panjab, and on the east- south- east, and part of the south by the rajput states and jaisalmir, and by bhattrana.

The nawab of bhawalpur is the head of a clan known as the daudputri, or sons of david. the clan was originally collected by daud khan, or david khan, a man of some consequence at shikarpur in sindh. driven thence by his sovereign, the ruler of kandahar, he and his followers found refuge in the country where they now reside, then people for the most part by hindus of the jat tribe.

Since that period the immigration of pure hindus, of beluchis, and of afghans, has greatly changed the character of the population, in which, now, the mahomedan element predominates.

Daud khan, taking refuge from his liege lord in a country so barren that it was not considered worth while to pursue him, gradually extended his authority to the fertile strips on the eastern bank of the river line, and assumed the sovereignty of the territory occupied by his followers. he was succeeded by mobarik khan. mobarik inproved on the acquisitions of his father, and annexed the district of khadal, which he conquered from the bhati tribe, and made its chief town, derrawul, his capital bhawal khan, who succeeded him, added further to the territoried left him by his uncle. on the side of an old bhati city, on the south bank of the river ghara, he built a new capital which, after himself, he named bhawalpur. but whilist this was yet building, bhawal khan was attacked (about 1780) by an army from kandahar; derawul was invested and taken, and he was forced to acknowledge the suzerainty of the liege lord of his family, and to give his son mobarik in hostage as a pledge of his fidelity....."(72)

”جنت السنڌ“ ۾ صفحي 508 تي جي. بي ميلسن جو حاشئي ۾ حوالو ڏنل آهي. پر اُهو مولائي شيدائي بهاولپور جي دائوپوٽن جو مختلف علائقن تي قابض ٿيڻ جي حوالي سان اضافي معلومات ڏني آهي، جنهن جو متن جي عنوان سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي، اِن لاءِ هن اِهي اضافي ڳالهيون حاشئي ۾ معلومات لاءِ ڏنيون آهن. جنهن کي شريف شاد سومري نه سمجهي، مولائي شيدائي جي تحقيق کي جي. بي ميلسن جي ڪتاب ۾ دائودپوٽن ۽ جتوئين جي وچ ۾ ڪنهن به جنگ ۽ لکيءَ جو ڳوٺ قائم ڪرڻ جا واقعا درج نه آهن.

6 . مرزا قليچ بيگ، شڪارپور جي حوالي سان رقمطراز آهي ته:

”هي شهر دائودپوٽن جو هو، سن 1617ع ۾ جڏهن هنن لکيءَ جي مهرن کي جنگ ۾ شڪست ڏني، تڏهن هي شهر ٻڌائون ۽ پوءِ به سو کن ورهين تائين دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ انهيءَ شهر جي هٿ ڪرڻ لاءِ جهيڙو هليو آيو. ميان يار محمد جي ڏينهن ۾ اهو شهر پنهورن جي هٿ ۾ هو ۽ انهيءَ جو نالو خدا آباد رکيائون....... (73).“

جڏهن اسان مرزا قليچ بيگ جي مٿين بيان جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو وٺون ٿا ته اِها ڳالهه صحيح نه ٿي بيهي. ڇو ته ”شڪارپور“ جيڪو هاڻي ميهڙ کان سيوهڻ ويندڙ رستي تي واقع آهي، جنهن کي عام طور ”پنهورن واري شڪارپور“ چيو ويندو آهي، جنهن جو بعد ۾ يار محمد ڪلهوڙي نالو بدلائي ”خدا آباد“ رکيو. ان حوالي سان غلام محمد لاکو رقمطراز آهي ته:

”شهزادي معزالدين هڪ طرف ميان دين محمد کي ڌوڪي سان گرفتار ڪيو، ته ٻئي طرف يارمحمد شاهي لشڪر کي مثالي شڪست ڏني. زماني جي تقاضا موجب، ميان صاحب (يارمحمد) ملڪي معاملا مکيه اميرن ۽ سردارن جي حوالي ڪري پاڻ ڪجهه وقت لاءِ قلات نڪري ويو، جيئن ئي مقامي معاملو، سردارن ٺيڪ ٺاڪ ڪيو ۽ ان جو اطلاع ميان صاحب کي مليو تيئن پاڻ هڪدم سنڌ ڏي متوجه ٿيو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ 1113هه- 1701ع ڌاري پهتو. جيئن موٽي آيو، ڳاڙهي ۽ متعدد ٻيا شهر معزالدين ويران ڪرائي ويو، انڪري ميان صاحب هڪ نئين تختگاهه جي ڳولاهه ڪئي. مير قانع ان متعلق لکي ٿو ته ”هاڻي ٽڙي پکڙي ويل سرائي هر طرف کان اچي گڏ ٿيا، ۽ هي گچيرو فتح ڪري، پنهورن جي گاڏي شڪارپور جو نالو ڦيرائي خدا آباد نالو رکي، انهيءَ ۾ رهڻ لڳو....... (74).“

ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مرزا قليچ بيگ، اتر سنڌ واري ”شڪارپور“ ۽ دادو ضلعي ۾ واقع ”پنهورن واري شڪارپور“ يا ”خدا آباد“ ۾ فرق معلوم نه ڪري سگهڻ جي ڪري پنهواري شڪارپور يا خداآباد جي تاريخي واقعن کي اتر سنڌ ۾ واقع ”شڪارپور“ جي تاريخ ۾ گڏ آيا آهن، جيڪو صحيح نه آهي.

7: عبدالله ورياهه تحرير ڪري ٿو ته:

”دائودپوٽن شڪارپور جو شهر آباد ڪرڻ وقت (1026هه- 1617ع) هتي هڪ ضربخانو پڻ قائم ڪيو هو. پر سندن نالي جو ڪو به سڪو اڃا هٿ نه آيو آهي. جنهن مان معلوم ٿي سگهي ته ان تي ڇا لکيل هو.... (75).“

دائودپوٽا 1657ع ۾ فيروزخان جي اڳواڻيءَ ۾ پهرين ترائي (مدئجي) ۾ جلال خان ابڙي جي چوڻ تي پهتا. جتي هو 1665ع ۾ فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ سندس پٽ امير بهادر خان ثاني دائودپوٽو، دائودپوٽن جو اڳواڻ بڻيو. ان وقت هي نه ڪو حاڪم هو، نه ڪو جاگيردار هو، نه ڪو پرڳڻيدار هو ۽ نه ئي وڏيرو هو. صرف پنهنجي عام ماڻهن جي جتي جو اڳواڻ هو، جيڪو پنهنجي ذريعه معاش جي بهتري ۽ رهائش لاءِ ڀٽڪندو رهيو هو. ترائي جي ابڙن سان ناراضگيءَ کان پوءِ بکر سرڪار جي مغل گورنر کيس مهرن جي شڪارگاهه مان هڪ زمين جو ٽڪرو ڏنائينس. جتي هن پنهنجا گهر اڏيا ۽ زمين کيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو. ان دوران جو جلال خان ابڙو ۽ لکيءَ جو شيرخان مهر وڏا جاگيردار ۽ سردار هئا. اهي ايتري سياسي، قبائلي ۽ سماجي طاقت رکندي به انهن کي سِڪن ضربڻ جي اجازت نه هئي، ته پوءِ دائودپوٽن کي ڪهڙي طريقي سان سِڪَن ضربڻ يا ضربجڻ جو مالڪ چئي سگهجي ٿو. عبدالله ورياهه جي ڳالهه تاريخي حقائق جي مطابق صحيح نه آهي.

8: شڪارپور جي تاريخ جا مؤرخ ۽ محقق، جتي شڪارپور جي بنياد يا قيام جي حوالي سان اليگزنڊر برنس جي ڳالهين کي سَنَد طور استعمال ڪري پنهنجي علمي ڌاڪ ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ اتي ئي اليگزنڊر برنس جي ڳالهين کي رد ڪرڻ يا اِن تي تنقيد ڪرڻ وارن تي ڇوهه ڇنڊيندا آهن، پر ڳالهه آهي علمي دلالت جي. ڳالهه علمي حوالي سان غلط آهي ته ان کي غلط ئي چئبو. پروفيسر سيد محمد سليم، پهريون دفعو، اليگزنڊر برنس جي علمي غلطي پڪڙي. پروفيسر سيد محمد سليم لکي ٿو ته:

”وڌيڪ مزيدار ڳالهه اها آهي، ته هڪ ٻي ڪتاب "Avoyage to indus"۾ برنس خود لکي ٿو ته ”سنڌونديءَ جي ساڄي پاسي شڪارپور ضلع ۾ مسلمان دائودپوٽن جو هڪ قبيلو آهي. اورنگزيب جي ابتدائي دور ۾ کين اتي حڪمراني حاصل ٿي.“

(Avoyage indus by Alexander burns karachi 1973)

هي ڪتاب 1832ع ۾ يعني بخارا جي سفرنامي کان چار سال بعد ۾ لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ دائودپوٽن جي حڪومت کي هو اورنگزيب جي زماني ۾ ٻڌائي ٿو، جيڪو اورنگزيب جي ڏاڏي جهانگير جو زمانو آهي. چئن سالن بعد ۾ کيس اهو به ياد نه رهيو ته اڳ ۾ مان ڇا لکي چڪو آهيان.

دروغ گورا حافظ نه باشد (76).“

برنس جي ڪتابن ۾ ان کان سواءِ ٻيون به کوڙ ساريون شڪارپور متعلق غلطيون موجود آهن. جن کي وائکو ڪرڻ تمام ضروري آهن، تاڪه مستقبل جو مؤرخ ۽ عام قاريءَ لاءِ پريشانيون حل ٿيل هجن. برنس شڪارپور متعلق هڪ جاءِ تي لکي ٿو، ته:

"The town of shikarpoor, which stands thirty two miles from bukkur, is by far the largest in this tract< indeed in sinde". (77)

يعني: ”شڪارپور، بکر کان 32 ميلن جي پنڌ تي هن علائقي، بلڪ سڄي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي (78).“

برنس وري ست سال پوءِ پنهنجي ٻئي ڪتاب ۾ شڪارپور متعلق تحرير ڪري ٿو، ته:

"It stands near the northern frontier of the sinde territories,  miles directly west of the indus, and about the same distance from the fort of bukkur....... "(79)

يعني: ”هي شهر (شڪارپور) سنڌ جي اُتر پاسي دنگ سان واقع ۽ سنڌوءَ ۽ بکر کان اٺاويهه ميل سر اولهه طرف آهي (80).“

برنس جي شڪارپور متعلق هن مٿين ٻنهي بيانن مان جيڪو واضح تضاد سامهون اچي ٿو ته هن کي اهو به ياد نه ٿو پئي ته هن پهريون دفعو شڪارپور جي باري ۾ ڇا لکيو آهي ۽ وري ست سال پوءِ وري ڇا لکي رهيو آهي. صرف هر وقت هُو شڪارپور جي جاگرافيائي رخ ۽ ميلن جي ڳڻپ جي باري ۾ ڌڪن کان ڪم وٺندو رهيو آهي. حالانڪه هُو سياح جي صورت ۾ هڪ محتاط جاسوس هو. ان لاءِ اسان کي انگريزن جي هر ڏنل شيءِ يا تحريرن تي اکيون ٻوٽي ڀروسو ڪرڻ نه گهرجي. اصل ۾ شڪارپور بکر جي اولهه ۾ نه بلڪ اتر ۾ واقع آهي.

9: تاريخي تذڪرن ۽ محققن جي مطابق شڪارپور جو بنياد بهادر خان (ثاني) دائود پوٽي وڌو هو. گولڊ سمڊ شڪارپور جي قيام کي بهادرخان (اول) ڏانهن منسوب ڪري ٿو ته:

"But there were two bahadoors; ans if we take the later one, it is impossible to reconcile the dates. rather should we be disposed to believe the first of the name the chief of the race in 1617." (81)

ان کانپوءِ اي ڊبليو هيوگز (82)، ملڪ محمد الدين، (83)، اي. ايڇ ايٽڪن، (84)، عزيزالرحمٰن (85)، ۽ ٻين شڪارپور جي بنياد وجهندڙ کي بهادرخان (ثاني) قرار ڏنو آهي. شڪارپور جا مقامي مؤرخ جن ۾ غلام احمد بدوي (86)، لطف الله بدوي (87)، راز سومرو (88)، شهامت علي (89) پڻ انهن جي تقليد ڪئي آهي.

جڏهن اسان بهادر خان (ثاني) جي ڄم، وفات ۽ تاريخي واقعن تي نظر وجهون ٿا ته مٿين سڀني مؤرخن ۽ محققن جي تحقيق ۽ ڳالهيون رک ٿين ٿيون، ڇو ته امير بهادرخان (ثاني) دائودپوٽو 1040هه/ 1650ع ۾ پيدا ٿيو (90) يعني هو شڪارپور جي قيام واري سَن 1026هه/ 1617ع کان ٽيٽيهه سال پوءِ پيدا ٿيو هو.

غلام رسول مهر، شڪارپور جي قيام ۽ بهادر خان (ثاني) جي عمر جي حوالي سان تحرير ڪري ٿو ته:

”شڪارپور جو بنياد فيروزخان جي پٽ بهادرخان (ثانيءَ) رکيو..... 1068هه (مطابق 1655ع) ۾ فيروزخان 1068هه ۾ زندهه هو، ته پٽ عام مختيار جي حيثيت ۾ ان شهر جو باني تسليم ڪري نه ٿو سگهجي. جنهن جو بنياد 1026هجريءَ ۾ پيو..... (91).“

غلام رسول مهر اڳتي واضح طرح تحرير ڪري ٿو، ته:

”فيروز خان جي پوٽي بهادرخان (ثانيءَ) شڪارپور جو شهر ٻڌرايو هو ۽ انهن روايتن کي اسين ناقابلِ قبول ٺهرائي چڪا آهيون....... جيڪڏهن ميان نصيرمحمد جي زماني ۾ جو 1068هه ۾ پيري مريديءَ جي اباڻي مسند تي ويٺو. فيروزخان زنده هو ته ان جو پٽ بهادرخان (ثاني) کانئس ٻائيتاليهه سال اڳ شڪارپور جو بنياد ڪهڙيءَ ريت رکي سگهي ٿو؟ مڃڻو پوندو ته شڪارپور جو بنياد فيروزخان کان اڳ پئجي چڪو هو.......... (92).“

غلام رسول مهر جي هيءَ ڳالهه غلط آهي. ڇو ته شڪارپور جو بنياد فيروزخان کان پوءِ پيو. جڏهن هُو ترائي ۾ جلال ابڙي وٽ اچي رهيو. ان کان اڳ شڪارپور جو بنياد نه پيو هو.

گولڊ سمڊ شڪارپور جي بنياد جو سهرو بهادرخان (اول) تي رکيو آهي. اها ڳالهه به تاريخي حقائق ۽ سَنَدي شاهدين جي مطابق صحيح نه آهي. ڇو ته بهادرخان اول، بهادر خان (ثاني) جي وچ ۾ چئن ٻيڙهين يعني پُشتن جو فرق آهي. بهادر خان (اول) ۽ بهادر خان (ثانيءَ) جو شجرو هن طرح آهي.

بهادر خان (اول)

امير بکر خان

امير محمد خان

امير فيروز خان

امير بهادر خان (ثاني)(93)

اهڙي طرح مورخن ۽ محققن جي چوڻ مطابق ته شڪارپور جو بنياد 1617ع ۾ پيو. ان سن جي تناظر ۾ اسان ٻنهي بهادرخان (اول) ۽ بهادرخان (ثانيءَ) کي شڪارپور جا اڏيندڙ يا باني قرار نه ٿا ڏيئي سگهون، ڇو ته بهادرخان (اول)، شڪارپور جي ڏنل سن (1617ع) کان ٻه سؤ سال اڳ ٿي گذريو آهي. جڏهن ته بهادر خان ثاني 1617ع کان ٽيٽيهه سال پوءِ پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن بهادر خان ثانيءَ جي پيءُ فيروز خان کي شڪارپور جو اڏيندڙ قرار ڏيون ته اُهو به صحيح نه آهي، ڇو ته فيروزخان، پهرين ”ماوا“ ڳوٺ/ علائقي ۾ بود و باش رکندو هو. ان کانپوءِ شڪارپور جي بنياد واري سن 1617ع کان ايڪيتاليهه سال پوءِ پهريون دفعو 1657ع ۾ ترائي (مدئجي) ۾ جلال خان ابڙي جي چوڻ تي آيو. هن جي ترائي ۾ 1665ع ۾ وفات ۽ بهادر خان (ثانيءَ) جو ترائي مان 1669ع يا 1670ع ۾ لڏڻ جي واقعي کان پوءِ ”شڪارپور“ جو هڪ وَسَنديءَ تي نالو يا بنياد پيو. اهڙيءَ طرح تاريخي حقائق جي مطابق فيروزخان به شڪارپور جو باني يا اڏيندڙ نه ٿو بيهي.

شڪارپور تي نالي پوڻ يا قائم ٿيڻ متعلق هن وقت تائين ٻه مفروضا موجود آهن.

i شڪارپور جو بنياد غُوڪ لفظ، جنهن جو اَبجد 1026هه/ 1617ع آهي، اِن سن ۾ امير بهادرخان (ثاني) دائود پوٽي شڪارپور شهر جو بنياد وڌو هو.

ii برگيڊيئر نذير علي شاهه ۽ پروفيسر سيد محمد سليم ۽ ٻين شڪارپور جي بنياد کي 1694 (يا 1690ع) ۽ 1700ع جي وچ ڌاري پوڻ طرف اشارو ڪيو آهي.

هنن ٻنهي مفروضن مان پهريون مفروضو عام طور مڃجي چڪو آهي. جڏهن ته ٻيو به ڪن محققن نه مڃيندي به ان جي اهميت کان انڪار نه ڪيو آهي. اسان هت ٻنهي مفروضن جي حوالي سان ٿيل تحقيق، اِن دور جي سَنن، ڪردارن ۽ ان دور جي تاريخي واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ڏسنداسين ته غوڪ لفظ مان نڪتل سن 1026هه/ 1617ع صحيح آهي يا پروفيسر سيد محمد سليم جو ڏنل سن صحيح آهي يا ٻئي تحقيق طلب آهن. اسان هيٺ ڪجهه نڪتا پيش ڪيون ٿا ته جيئن شڪارپور جي نالي پوڻ جو صحيح سَنُ سامهون اچي سگهي.

i : الف: اليگزنڊر برنس جي ڏنل فارسي لفظ ”غُوڪ“ (ghook) کي سڀني يورپي، ملڪي ۽ علاقائي، محققن ۽ مؤرخن تسليم ڪري شڪارپور جي بنياد جو سن قرار ڏنو آهي. هي ڪتبو حاجي فقير الله علوي رحه جي لکيدر جي ٻاهران واري مسجد جنهن کي هاڻي حاجي لطيف شاهه جي مسجد چئجي ٿو، جي اندر لڳل هو (94). اڄڪلهه اِهو ڪتبو سيمينٽ سان لکيل آهي. ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ 1955ع ۾ سرڪاري طور حاجي لطيف شاهه جي مسجد جي مرمت ٿي هئي. ان وقت ان مسجد جو مُتولِي، پروفيسر سيد محمد سليم وٽ آيو هو، جنهن کيس گزيٽيئر ۾ ان ڪتبي متعلق لکيل تحرير ڏيکاريائين. جنهن بعد مسجد جي محراب مٿان ”غُوڪ“ (1026هه) ڪنده ڪرايو ويو (95). افسوس آهي جو هيءُ تاريخي ڪتبو هينئر باقي نه رهيو آهي. وقت به وقت مسجد جي نئين سِر تعمير سبب هيءُ ڪتبو شايد گهڻو وقت اڳ ضايح ٿيو آهي، جي آهي به ته اهو جديد دور جو لکيل آهي (96).

ب: غلام احمد بدوي، غوڪ لفظ کي ڪنده ڪرڻ وقت جو سبب ٻڌائيندي لکي ٿو ته:

”غوڪ جي معنيٰ ڏيڏر آهي. شايد شهر جي تعمير ٿيڻ وقت اتي ڏيڏر جو آواز ٻڌي، ان لفظ کي اَبجد جي حساب ۾ آندو ويو ته ان جا عدد 1026 نڪتا. اُهو سال به 1026هه هو، يعني 1617 عيسوي......... (97).“

يعني شڪارپور شهر جي بنياد، تعمير يا سنگ بنياد رکڻ وقت ڏيڏر ٽران ٽران ڪئي ته ان آواز جو تاريخ ماده ”غُوڪ“ لفظ ڪڍيو ويو. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اُهو ڪهڙو ڏيڏر هو ۽ ڪهڙي پاسي جي کڏ ۾ هو، جنهن ان وقت اوچتو ٽران ٽران ڪئي ته اسان جي محترم محققن کي اِهو سٺو شگون لڳو. ماده تاريخ ڪڍي يا جوڙ ۽ ان جو ابجدي حساب 1617ع قرار ڏنو ويو. دراصل ڏيڏر ويچارا ته کڏ ۾ ڏينهن رات جو ٽران ٽران جو بهيڙ مچائي ڇڏيندا آهن، ته پوءِ اسان هر شيءِ جي تعمير کي ڏيڏرن سان منسوب ڪندا وتون. اها ڳالهه عقل تسليم نه ٿو ڪري. غلام احمد بدوي جي مٿين ڳالهه کل جوڳي آهي (98).

اليگزينڊر برنس اهو ڪٿي به نه لکيو آهي ته شڪارپور شهر جو بنياد وجهڻ يا رکڻ دوران ڏيڏر ٽران ٽران ڪئي ۽ پوءِ ابجد جي حساب سان 1026هه جي سَن کي شڪارپور جي بنياد جو سَنُ قرار ڏنو ويو.

ج: اصل لفظ ”غوڪ“ (ghook) آهي. اهڙو ئي هڪ ٻيو هم رديف ڪافيو لفظ ”غوق“ (ghooq) ملي ٿو. ٻنهي جي هڪ معنيٰ ”ڏيڏر“ آهي ۽ ٻئي فارسي الاصل لفظ آهن (99).

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شڪارپور جي بنياد واري سن جي ماده تاريخ ”غوڪ“ لفظ واري مفروضي کي رد ڪندي تهرير ڪري ٿو ته:

”غوڪ جي معنيٰ ڏيڏر، ۽ انهي لحاظ سان اِهو تاريخي ماده محض گماني ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ نه ته ڪا سهڻي معنيٰ ۽ نڪا نيڪ فال سمايل آهي....... (100).“

غُوڪ يا غوق لفظ جي ٻي معنيٰ ”تيراندازن واري ٿلهو“ يا ”تيراندازي واري جڳهه“ (A butt for archers) آهي. (101) شڪارپور يا ان جي آسپاس اڃا به ڪي وسنديون يا گهر اچ به ٿَلهن يا دڙن تي تعمير ٿيل آهن، جيڪي شڪارپور جي قيام کان اڳ تيراندازن جي چُٽڻ جون جايون هيون. ڇو ته اڳي جيڪي به جنگيون ۽ جهيڙا ٿيندا هئا، ۽ دشمن کي پري کان نشانو بنائڻ لاءِ وڏو اوزار ”تير“ هو. ان لاءِ ان تي مهارت رکڻ، چٽڻ، کي وڏي اهميت حاصل هوندي هئي. اهي چوٽُو ماڻهو هر هفتي يا مهيني ۾ ٽريننگ جي سلسلي ۾ اهڙن ٿلهن يا دڙن تي ويهي تيراندازي ڪندا هئا. شڪارپور جي قيام جي سلسلي ۾ غوڪ ماده لفظ، جنهن جي معنيٰ تيراندازن واري جڳهه کي شڪارپور جي قيام سان منسوب نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته اهڙا دڙا شڪارپور جي چوڌاري ۽ آسپاس موجود آهن. انهن جو ”غوڪ“ لفظ سان تعلق نه ٿو ڳنڍي سگهجي. ڇو ته هر دڙي جي مٿان تيراندازي جي ڪرت کي ”غوڪ“ چئجي ٿو، ان کي شڪارپور جي بنياد سان ڳنڍي نه ٿو سگهجي.

د: هت هي ڳالهه ڪجهه ڪي قدر وزن رکي ٿي ته شڪارپور جي قيام کان اڳ اِن قطع زمين تي، جي آبادي هئي، ته لازمًا انهن لاءِ مسجدون، اوطاقون، ۽ گهر قائم هئا. غوڪ لفظ جنهن مسجد جي محراب مٿان لڳل هو، اِها مسجد چئني پاسن کان ڪمان (Arch) جي نموني ٻڌل هئي ۽ آهي (102). اِهو قوي امڪان آهي ته اِهو غوڪ لفظ ان مسجد جي قيام جي سن طرف اشارو هجي ته ڪو شڪ نه آهي. معلوم ائين ٿو ٿئي ته اها مسجد لکيدر ٻاهران سکر- لکي واري اهم شاهراهه جي مين چوڪ ٻاهران تعمير ٿيل آهي. جنهن کي هاڻي ”لطيف شاهه“ واري مسجد قرار ڏنو وڃي ٿو. اها قديمي هئي. هتي ٻاهريان ماڻهو اچي ڊاٻو ڪندا هئا. مسلمان هجڻ ناتي مسجد ۾ نماز پڙهندا هئا ۽ رهائش به اختيار ڪندا هئا. اِها مسجد شڪارپور جي قيام کان گهڻو اڳ قديمي آهي. اِها هر دور ۾ شهيد ٿي وري جُڙندي وئي آهي. جڏهن پهريون دفعو جڙي ته ان جي بنياد جو سن غوڪ لفظ جي ماده تاريخ 1026هه/ 1617ع مان ڪڍيو ويو. باقي غوڪ لفظ جو شڪارپور جي قيام سان ڪو به تعلق نه آهي.

ii: شڪارپور جي قيام جي سن 1026هه/ 1617ع کان چاليهه سال پوءِ شاهل محمد عرف شاهل علي ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ سندس ڀائٽيو ميان نصير محمد بن الياس محمد 1068هه/ 1657ع ۾ پنهنجي پيري مريدي جي تخت تي ويٺو. تخت تي ويهڻ سان ئي وڏي ناماچاري حاصل ڪيائين (103). هي دور دائود پوٽن مان اميرفيروز خان دائود پوٽي جو هو، جيڪو ان وقت پهرين ترائي (موجوده مدئجي لڳ) ۾ وڏيري جلال خان ابڙي جي علائقي ۾ رهائش پذير ٿيو. تاريخي ماخذن جي مطابق هي شڪارپور جي سن 1617ع کان ايڪيتاليهه سال پوءِ 1068هه/ 1658ع ۾ حال حيات هو(104). ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو هن سان خانداني قربت هئي. ميان نصير محمد مختلف ماڳ مڪانن تي وقتاً فوقتاً فيروز خان سان ملندو هو. خود فيروز خان کي به ميان نصير محمد لاءِ سهڻو گمان هو. هڪ دفعي تقريباً 1640ع ۾ دائود پوٽن جي عورتن فيروز خان جي پٽ بهادر خان (ثاني) جيڪو 1650ع ۾ پيدا ٿيو هو. ان وقت سندس عمر ڏهه سال هئي، لاءِ دعا گهرايائون. ان واقعي متعلق ’مراءت دولت عباسيه‘ ۾ تحرير ٿيل آهي ته:

”هڪ ڏينهن ميان موصوف (نصيرمحمد) اميرفيروز خان جو مهمان ٿيو. اميرفيروز خان مهمانيءَ جا فرائض نهايت ئي سهڻي نموني ادا ڪيا، ۽ ميان صاحب کي حد درجي راضي ڪيو. امير فيروز خان جي حرم مان ڪن کي اميرزادي بهادر خان سان بيحد محبت هئي، ان ڪري هنن اميرزادي موصوف جي حق ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ دُعا جي درخواست ڪيائون. ميان سچيءَ دل سان دعا ڪئي. چون ٿا ته ان ڏينهن کان وٺي امير جي هدايت ۽ حشمت ۾ واڌارو ٿيڻ شروع ٿي ويو..... (105).“

ميان نصير محمد جي حشمت، پيري مريديءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ان لاءِ هن جي شخصيت مخالفن جي اکين ۾ ڪنڊو ٿي لڳو. تَرَ جي زميندارن ۽ سرڪاري گماشتن هن کي ختم يا هيٺ ڪرڻ لاءِ اگرا قدم کنيا. جنهن وجهه کان مصلحت سمجهي ٿَر نڪري ويو، ڪجهه عرصي کان پوءِ واپس وريو. پوءِ به مخالفن کيس سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو. آخر مخالفن سان مهاڏو اٽڪايائين. هن باري ۾ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو تجزيو ڪندي لکي ٿو ته:

”حالتن جي تاريخي ۽ معروضي تجزئي کان پوءِ اسان جو خيال آهي ته ميان صاحب نئون شيخ بڻجڻ سان ئي تمام جلد ٿر ڏي هليو ويو هوندو. ڇو ته انهن حالتن ۾ سندس گرفتاري يا قتل به ٿي سگهيو ٿي. ان طرح سندس گرفتاري ڪلهوڙن ۽ خود تحريڪ لاءِ به نقصانڪار ٿئي ها. ڪجهه وقفي کان پوءِ پاڻ چانڊڪا موٽي آيو. زمينداري وڌايائين، خانگي مسئلا نبيري، مريدن خادمن جو تعداد وڌايائين. نه رڳو ايترو پر انهن جي روحاني مادي ۽ فوجي تربيت تي ڌيان ڏنائين. ان سبب هو پنهنجي وڏن کان به اڳتي وڌي ويو. ان حالت ۾ مقامي زميندارن ۾ حسد جي ڀاهه ڀڙڪي، ۽ اهي بکر جي زميندار وٽ ميان جي خلاف دانهين ٿيا. هن ڏس ۾ خاص نالو مير پنهور جو کنيو ويو آهي. بکر جو حاڪم تحرُڪ ۾ آيو. مرزا خان پڻي سبيءَ جو حاڪم ۽ بکر جي نواب جي مدد لاءِ اڳتي آيو. هيڏي ساري لشڪر ۽ مقامي زميندارن جي مدد هوندي به ميان نصير محمد کي شڪست نه ملي. ظاهر آهي ته باقي اهو طريقو بچيو هو ته ميان کي صلح  جي ڳالهين لاءِ گهرائي ۽ پوءِ گرفتار ڪجي. گرفتاري کان پوءِ مرزا خان پڻ ميان کي پنهنجي چاچي محبت خان هٿان عالمگير جي درٻار ۾ موڪلي ڏنو. ان هوندي به پٺيان مغلن ۽ ڪلهوڙن جي لشڪر جا دنگل هلندا رهيا......... (106).“

ميان نصيرمحمد جي گرفتاري 1086هه/ 1675ع ۾ ٿي. اِهو سمورو سياسي منظر امير بهادر خان ثانيءَ جي نظرن اڳيان هلي رهيو هو. تنهن ان دور جي ڪمزور سياسي عدم استحڪام جي حالتن مان فائدو وٺندي، ڪلهوڙن طرف دوستيءَ جو هٿ وڌايو. اميربهادر خان (ثاني) ان سلسلي ۾ بهترين سفارتي ڪوششون وٺي ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي حاڪم هند جي قيد مان آزاد ڪرايو. ڇو ته دائود پوٽن جا مغلن سان سياسي ۽ سماجي تعلقات مضبوط هئا. اِهو اِنڪري جو دائود پوٽا، ڪلهوڙن جا دشمن، مغلن ۽ انهن جي جاگيردارن جلال ابڙي جا ساٿي ۽ حمايتي هئا. ان لاءِ انهن کي آرام سان مغلن، شڪارپور جي قطع زمين ڏني. جيڪو اڳ ئي مهرن جي قبضي ۾ هو. جنهن سبب کان مهر ڪاوڙيا ۽ دائود پوٽا مغلن جو سهڻي نموني ساٿ ڏنو، ۽ مَهر صرف قطع زمين جي ڪري سڀ حڪومتي ۽ سفارتي تعلقات ٽوڙي مغلن جي هڪ به نه ٻڌي نتيجي ۾ مهر حڪومتي ۽ دائودپوٽن جي عذاب ۾ اچي شڪست کاڌائون. ان طرح دائودپوٽا، مهرن جي مقابلي ۾ مغلن لاءِ ۽ شڪارپور جي پسگردائيءَ ۾ هڪ نئين سياسي ۽ قبائلي طاقت طور اڀريا. ان مضبوط سياسي، عسڪري ۽ قبائلي تعلقاتن جي آڌار تي دائودپوٽن هٿان، حاڪم هند کان ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي آزادي ملي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سڀني محققن جي گمانن ۽ انومانن کي رد ڪري ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو دهليءَ جي قيد مان آزاد ٿيڻ جو واقعو دائودپوٽن جي هٿان ڏيکاريو آهي. هو لکي ٿو ته:

”ميرعلي شيرقانع جي هي لکت قبوليت جوڳي ڪونهي ته ميان صاحب ڳچ عرصو جيل ۾ رهي خود بخود آزاد ٿي پهتو هو. مولانا مهر، بهاولپوري ذريعن جي حوالي سان لکيو آهي ته ميان صاحب شاهي قيد مان ڀڄي نڪتو هو. هن راءِ ۾ ڪو وزن ڪونهي البته اِهو ممڪن آهي ته امير محمد بهادر دائود پوٽي جي معرفت صلح ٿيو هجي.......... (107) .“

ميان نصير محمد ڪلهوڙو مغل قيد مان 1681ع ۾ آزاد ٿيڻ بعد مختلف هندن کان ٿيندو، شڪارپور ۾ امير بهادر خان دائود پوٽي جو مهمان ٿيو. (108) جيئن مرات دولت عباسيه جو مصنف لکي ٿو ته:

”وآنهاتا به شڪارپور پيش اميرمحمد بهادر خان رسانيدند....... (109).“ يعني ”۽ ان (ميان صاحب کي آڻيندڙ) ميان کي شڪارپور امير بهادر خان وٽ پهچايو (110).“

هن بحث مان هي ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي 1681ع ۾ آزاديءَ وقت فيروز جو نالو تذڪرن ۾ نه ٿو اچي ڇو ته، هُو 1681ع کان اڳ فوت ٿي چڪو هو. ان لاءِ پوءِ سندس جاءِ تي پٽ امير بهادرخان (ثاني)۽ شڪارپور شهر جا نالا تذڪرن ۾ ملن ٿا. اُهي محقق جن 1617ع ۾ شڪارپور جو بنياد پوڻ ٻڌائين ٿا، انهن جي تحريرن جي برعڪس 1617ع کان 1675ع تائين تاريخي تذڪرن ۽ واقعن ۾ شڪارپور جو نالو نه ٿو ملي. ان مان اِهو ظاهر ٿئي ٿو ته شڪارپور جو بنياد بهادر خان (ثاني)دائودپوٽي 1670ع ۽ 1681ع جي وچ ڌاري وڌو هو، ڇو ته 1671ع ۾ ميان نصير ڪلهوڙو هندستان جي جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ شڪارپور ۾ امير بهادرخان دائود پوٽي وٽ پهتو هو يعني 1681ع کان ٿورو اڳ يا ان دوران ”شڪارپور“ جو نالو هڪ نئين وسندي يا ڳوٺ تي رکيل ملي ٿو.

1670ع کان 1681ع جي وچ دوران شڪارپور تي نالي پوڻ دوران هندستان تي اورنگزيب مغل (21 جولاءِ 1658ع- 3 مارچ 1707ع) حاڪم هو. اليگزينڊربرنس جا هيٺيان لفظ هاڻي تاريخي طور تسليم جوڳا آهن ته:

"Which they held in the earlier part of aurangzeb= reigh......"(111)

ڊاڪٽر بلوچ پڻ ان حوالي کي نقل ڪيو آهي(112). اورنگزيب پاران ملتان تي ان عرصي دوران شهزادو محمد اعظم (1675ع- 1678ع) ۽ شهزادو محمد اڪبر (1678ع- 1681ع) گورنر مقرر هئا (113). بکر تي سيد مير صادق (1678ع، نواب خدايار خان (1678ع) ۽ محمد اڪرم (1679ع) پرڳڻيدار مقرر هئا (114). راقم الحروف، شڪارپور متعلق پنهنجي هڪ مقالي ۾ اهو لکيو هو ته:

”امير بهادر خان (ثاني)، موجوده شڪارپور واري جاگير يا قطع زمين شيخ بولي يا سندس پٽن کان حاصل ڪئي هئي، ڇو ته شڪارپور جو علائقو ان وقت سبي پرڳڻي جي جاگرافيائي حدن ۾ شامل هو (115).“ صحيح نه آهي، ڇو ته 1617ع ۾ پڻي باروزئين جي سبيءَ تي گورنري نه هئي ۽ نه ئي شڪارپور جو ان دورر ۾ بنياد پيو هو. پُڻين جي پهريون دفعو 30 آگسٽ 1659ع ۾ گورنري ٿي ۽ پهرين گورنر جو نالو جنيد خان المعروف ملڪ جيوڻ، جيوڻ خان، جيئند خان يا جنيد خان هو (116).

iii: شڪارپور متعلق تحرير ڪندڙ مورخن ۽ محققن ۾ شڪارپور جي نالي ۽ بنياد رکڻ واري بانيءَ جي نالي ۾ وڏو اختلاف آهي. غلام رسول مهر لکي ٿو ته: ”شڪارپور جو بنياد فيروزخان جي پٽ بهادر خان ثانيءَ رکيو. شڪارپور شهر جي ٻڌجڻ جي تاريخ ”غُوڪ“ جي لفظ مان نڪري ٿي 1026هه مطابق 1617ع..........(117).“

گولڊ سمڊ ان جي برعڪس تحرير ڪري ٿو ته:

"But there were two bahadoors, and if we take the later one, it is impossible to reconcile the dates. rather should we be disposed to believe the first of the name the chief of the race in 1617........"(118)

گولڊ سمڊ اڳتي رقمطراز آهي ته:

"There is strong cause to suppose mahomed, son of bukur, and father of feroz (perhaps sometimes called fazil), to be the req founder......." (119)

غلام رسول مِهر پنهنجي ۽ گولڊ سمڊ جي مٿين بيانن کي تنقيد جي نظرسان ڏسندي ۽ پرکيندي لکي ٿو ته:

”بهرحال، يا ته هي قبولڻ گهرجي ته بهادر خان (ثاني)نه بلڪ بهادرخان (اول) شڪارپور جو باني هو، يا ڪپتان گولڊ سمڊ جي قول مطابق بهادرخان ثانيءَ جي ڏاڏي محمد خان ثانيءَ کي باني تسليم ڪرڻ گهرجي، يا ته وري بکر خان ثانيءَ کي شڪارپور جو بنياد رکندڙ سمجهندڙ کپي. بهادر خان ثانيءَ کي هيءُ اعزاز انهيءَ صورت ۾ ڏيئي سگهجي ٿو ته جو فرض ڪجي ته ويهن ورهين جي عمر ۾ هن شهر جو بنياد رکيو، ۽ 1068 هجريءَ ۾ لاڏاڻو ڪيائين. مگر انهيءَ صورت ۾ هيءُ مڃڻو پوندو ته فيروزخان 1026 هجريءَ کان اڳ فوت ٿي چڪو هو. حالانڪه ان کي 1068 هجري تائين زنده ڄاتو وڃي ٿو (120).“

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تحرير ڪري ٿو ته: ”اها پهرين بستي (شڪارپور) جيڪا سن 1026هه ۾ آباد ٿي، سا بهادر خان ٻئي نه پر سندس وڌي ڏاڏي بهادر خان پهرين آباد ڪئي هجي (جنهن کان پوءِ امير بکرخان ٿيو، پوءِ امير محمد خان، پوءِ امير فيروزخان ۽ پوءِ امير بهادرخان ثاني) (121).“

گولڊ سمڊ، غلام رسول مهر ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي بيانن کي پڙهڻ کان پوءِ هيٺيان ٽي نتيجا سامهون اچن ٿا.

الف: غلام رسول مهر جي مطابق شڪارپور جو بنياد امير بهادر خان ثانيءَ 1026هه/ 1617ع ۾ وڌو هو.

(ب): غلام رسول مهر مطابق فيروزخان 1617ع کان اڳ فوت ٿي چڪو هو ۽ شڪارپور جو بنياد گولڊ سمڊ جي مطابق فيروز جي پيءُ محمد وڌو هو.

ج: ڊاڪٽر بلوچ رقمطراز آهي ته شڪارپور جو بنياد امير بهادر خان (اول) وڌو هو.

هيٺ اسان انهن ٽنهي الف، ب ۽ ج نُڪتن تي تاريخي ۽ تنقيدي نظر وجهي ڪي نتيجا ڪڍنداسون ته شڪارپور جو نالو يا بنياد ڪڏهن ۽ ڪنهن رکيو؟

الف: غلام رسول مهر چواڻي ته شڪارپور جو بنياد امير بهادخان (ثاني) دائود پوٽي 1617ع ۾ وڌو هو. اها ساڳي دعويٰ ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو هنن لفظن ۾ ڪري ٿو.

”مؤرخن جي متفق راءِ آهي ته شڪارپور جو بنياد، سن 1026هه مطابق 1617ع ۾ امير بهادر خان دائود پوٽي رکيو هو. مذڪوره متعين سن 1026هه کان سواءِ ٻيون سموريون روايتون باطل آهن. جيڪي خوشفهمي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏيئي نه ٿيون سگهن (122).“ عبدالخالق ”راز“ سومرو، امير بهادر خان (ثاني) جي وفات متعلق رقمطراز آهي، ته:

”امير بهادرخان غالباً 1087هه/ 1678ع سال حڪومت ڪري 11 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي (123).“

ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو به اها دعويٰ ڪري ٿو ته شڪارپور جو بنياد 1617ع ۾ امير بهادر خان ثانيءَ وڌو هو. هو تحرير ڪري ٿو ته:

”شڪارپور جو باني امير بهادر خان (ثاني) بن امير فيروزخان هو (124).“

سڀ کان پهرين محتاط مطالعي جي آڌار تي پروفيسر سيد محمد سليم لکي ٿو ته:

”داخلي تاريخي شهادت به اِن تاريخ کي قبول نه ٿي ڪري. بهادر خان دائود پوٽو شڪارپور جو باني هو. يعني هو 1026هه ۾ زنده هو ۽ حڪمران به هو. سندس وفات متعلق مؤرخ لکن ٿا ته، جنهن زماني ۾ شهزادي معزالدين جي طرفان بختاور خان کي سيوي (سبي) ۽ بکر جي حڪمراني ملي ته هن شڪارپور جي دائودپوٽن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. ان زماني ۾ بهادر خان جو انتقال ٿيو. بهادر خان جو پٽ مبارڪ خان، بختاور خان جي خلاف شڪايت کڻي شهزادي معزالدين وٽ ملتان پهتو. اهو سن 1113هه/ 1701ع آهي. ان تي اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته بهادر خان جي وفات 1111هه/ 1700ع ۾ ٿي آهي. ان جي معنيٰ اها ٿي ته بهادر خان 1026هه/ 1111هه تائين 85 سال حڪومت ڪئي ۽ ان لحاظ کان سندس عمر ته شايد هڪ سؤ سال کان به وڌيڪ هوندي. دنيا ۾ سڀ کان گهڻي ۾ گهڻي حڪومت ڪرڻ جي مدت پنجاهه سال آهي. اڪبر بادشاهه ۽ اورنگزيب عالمگير، پنجاهه پنجاهه سالن تائين حڪومت ڪئي آهي. پنجاسي سالن تائين حڪومت ڪرڻ جي مدت جو رڪارڊ دنيا جي تاريخ ۾ موجود نه آهي (125).“

ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، پروفيسر سيد محمد سليم جي ان مٿين بيان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي لکي ٿو ته:

”امير بهادر خان غالباً 1087هه مطابق 1678ع ۾ وفات ڪئي. ميان نصير محمد ڪلهوڙو (1068هه/ 1103هه) شڪارپور ۾ امير بهادر خان وٽ پناهه گزين ٿيو هو........... هن طرح، امير بهادر خان جي حڪومت جو زمانو 61سال هو ۽ سندس عمر تقريباً 81 سال هئي(126).“

جڏهن اسان مٿين مؤرخن ۽ محققن جي بيانن جو 1026هه/ 1617ع جي دور جي تاريخي ماخذن، سَنَن ۽ تاريخي ڪردارن جي تناظر ۾ دور جي تعين جو اڀياس ڪيون ٿا ته مٿين سڀني مؤرخن ۽ محققن جا بيان صحيح نه ٿا لڳن. ڇو ته”راز“ سومرو، امير بهادر خان جي سموري عمر 81 سال ۽ حڪومت جو عرصو 61 سال قرار ڏنو آهي ۽ سندس وفات 1678ع ۾ ڏيکاري اٿائين. ان حساب سان امير بهادر خان دائود پوٽو 1597ع ۾ پيدا ٿيو هو ۽ ويهن سالن جي عمر ۾ هن شڪارپور جو بنياد وڌو هوندو. پر محتاط مطالعي ۽ تاريخي شاهدين جي راءِ سان امير بهادر خان (ثاني) شڪارپور جي گماني بنياد واري سن 1617ع کان ٽيٽيهه سال پوءِ 1650ع ۾ پيدا ٿيو هو(127).

مؤرخن، 1617ع ۾ اميربهادر خان (ثاني) دائود پوٽي کي شڪارپور جو باني يا بنياد وجهندڙ قرار ڏين ٿا. اهو غلط آهي.

عبدالخالق ”راز“ سومري جي هيءَ ڳالهه سؤ سيڪڙو غلط آهي ته بهادر خان ثاني ”غالباً“ 1678ع ۾ فوت ٿي ويو هو. ڇو ته ميان نصير محمد ڪلهوڙو 1675ع ۾ قيد ٿيو ۽ 1681ع ۾ قيد مان آزادي ماڻي سڌو امير بهادر خان ثانيءَ وٽ پهتو. يعني هو سن 1681ع تائين حال حيات هو. ڊاڪٽر لاکو تحرير ڪري ٿو:

”(ميان نصير محمد ڪلهوڙو) کي 1675ع ۾ گرفتار ڪيو ويو (128).“

ميان صاحب پنج سال شاهي قيد ڪاٽڻ کان پوءِ 1092هه/ 1671ع ۾ سڌو واپس پهتو(129).“

ب: غلام رسول مهر جي مطابق فيروز خان 1617ع کان اڳ فوت ٿي چڪو هو. غلام رسول مهر تحرير ڪري ٿو ته: ”جيڪڏهن ميان نصير محمد جي زماني ۾، جو 1068هه ۾ پيري مريدي جي اَباڻي مسند تي ويٺو. فيروز خان زندهه هو، ته ان جو پٽ بهادر خان ثاني کانئس ٻائيتاليهه سال اڳ شڪارپور جو بنياد ڪهڙي ريت رکي سگهيو ٿي؟ مڃڻو پوندو ته شڪارپور جو بنياد فيروزخان کان اڳ پئجي چڪو هو(130).“

غلام رسول مهر چواڻي ته فيروز 1068هه/ 1658ع ۾ حال حيات هو ۽ کانئس اڳ شڪارپور جو بنياد پيو هو. جي شڪارپور جو بنياد فيروز کان اڳ پيو هو ته ضرور اهو فيروز جي پيءُ رکيو هوندو. فيروز جي پيءُ جو نالو امير محمد خان هو. هُو  1617ع سن ۾ اڃا ترائي ۾ پير به نه رکيو هئائين ته شڪارپور جو بنياد فيروز جو پيءُ محمد ڪيئن رکيو هوندو.؟

دراصل 1067هه/ 1657ع ۾ شاهل محمد ڪلهوڙي جي قتل بعد جلال خان ابڙي ترائي ۾ پنهنجي عسڪري قوت وڌائڻ لاءِ ڪلهوڙن جي ويري دشمنن کي پنهنجي تَر ۾ زمينون ۽ جايون ڏيئي رهايو. جئين ڏکئي وقت ۾ سندس عسڪري قوت مضبوط ٿئي. اُن مناسبت سان هن، فيروز دائودپوٽي کي تَرائي ۾ زمينون ڏيئي آباد ڪرايو. اِهو واقعو شاهل محمد جي قتل بعد ٿيو. جيئن مهدي شاهه تحرير ڪري ٿو:

”فيروز خان دائود پوٽو ميان شاهل محمد جي قتل 1067هه (1657) کان پوءِ ئي جلال خان ابڙي وٽ ترائي ۾ اچي رهائش ڪئي هوندي (131).“

اهڙي طرح فيروز دائود پوٽو شڪارپور جي بنياد واري گماني سن 1617ع کان چاليهه سال پوءِ ترائي پهتو. جلال خان ابڙي جو دور 1617ع کان 1449ع آهي(132). تاريخي تذڪرن مطابق فيروز خان دائود پوٽو 1068هه/ 1657ع تائين زنده ٻڌايو وڃي ٿو (133). جڏهن جلال خان ابڙو 1669ع ۾ وفات ڪري ويو ته سندس تڏي تي فيروز دائودپوٽو نه بلڪ ان جو نوجوان پٽ بهادر خان (ثاني) دعا گهرڻ ويو. ان مان ظاهر آهي ته ان دوران فيروز خان فوت ٿي چڪو هو. اسان جي امڪاني تحقيق موجب فيروز خان دائودپوٽو 1665ع ۾ فوت ٿي چڪو هو.

جلال خان ابڙي جي وفات 1669ع کان ميان نصير محمد جو قيد مان آزاد ٿيڻ جي واقعي بعد شڪارپور جو نالو تاريخي تذڪرن ۾ ملي ٿو. اِن مان اِهو بخوبي ظاهر ٿئي ٿو ته جلال خان ابڙي جي 1669ع ۾ فوت ٿيڻ کان پوءِ دائود پوٽا پهرين بکر جي گورنر سيد مير صادق ولد ميريعقوب خان (1081هه/ 1670ع- 1085هه/ 1675ع) کان رهائش ۽ آبادي لاءِ زمين ورتائون، ان کان پوءِ جهنگ ڪٽڻ شروع ڪيائون. جنهن تان مهر ڪاوڙيا ۽ ٻه وڏيون جنگيون ٻنهي ڌرين ۾ لڳيون. ان کان پوءِ فتح جي خوشيءَ ۾ سلطان ابراهيم شاهه شڪارپور وسندي جو سنگ بنياد رکيو، وارا اهم واقعا ميان نصير ڪلهوڙي جي 1681ع ۾ قيد مان آزادي ماڻڻ کان اڳ بخوبي ختم ٿي، شڪارپور جو بنياد پئجي چڪو هو. اسان جي امڪاني تحقيق موجب جتي هاڻي شڪارپور شهر آباد آهي، ان وسنديءَ تي شڪارپور جو نالو يا بنياد امير بهادر خان (ثاني) دائودپوٽي 1675ع ۾ رکيو هو. باقي پروفيسر سيد محمد سليم جي هيءَ دعويٰ ته: ”منهنجي ذاتي تحقيق مطابق شڪارپور جو شهر 1695ع ۽ 1700ع جي وچين زماني ۾ آباد ٿيو آهي(134).“ صحيح نه آهي، ڇو ته 1681ع کان اڳ شڪارپور جو بنياد پئجي چڪو هو.

ج: ڊاڪٽر بلوچ مطابق شڪارپور جو بنياد امير بهادر خان (اول) وڌو هو.

تاريخي سَنَدي شاهدين ۽ دائودپوٽن جي شجرن مطابق امير بهادر خان (اول) ۽ امير بهادر خان (ثاني) جي وچ ۾ چئن ٻيڙهين يا پُشتن جو يعني ٻه سؤ ورهين جو فرق آهي. اميربهادر خان (اول) ۽ امير بهادر خان (ثانيءَ) جو شجرو هن طرح آهي:

امير بهادر خان (اول) (دور 1450ع-1500ع)

امير بکر خان (دور 1500ع- 1550ع)

امير محمد خان (دور 1550ع- 1600ع)

امير فيروز خان (دور 1600ع- 1650ع)

(هي 1657ع کان پوءِ جلال خان ابڙي جي چوڻ تي پهرين ترائي (مدئجي) ۾ لڏي آيو.)

اميربهادر خان (ثاني) (دؤر 1650ع- 1700ع) (135)

اميربهادر خان ثاني 1650ع ۾ پيدا ٿيو. في پيڙهي جي دور کي پنجاهه ورهين جي حساب سان ليکو ڪيون ته امير بهادرخان اول جي سرداري 1450ع بيهي ٿي. سنڌ ۾ اهو دور سمن حاڪمن مان ڄام تغلق شاهه جوڻو ثاني (1428ع- 1453ع) جو دور هو. مهرقبيلي مان سَنمُڪ، سردار جو دور هو. هندستان جي علائقي دهلي تي بهلول لوڌي، پنجاب تي خضر خان، ملتان تي شيخ يوسف حڪومت ڪندا هئا(136). ان لاءِ شڪارپور جو بنياد امير بهادر خان (اول) 1450ع جي دور ۾ وڌو هو يا هوندو، تاريخ کان اڻڄاڻائي ۽ کِل جوڳي ڳالهه آهي.

حاصل مطلب: راقم الحروف ٻارنهن سال (2005ع ۾) اڳ تحرير ڪيو هو ته:

”هن وقت تائين شڪارپور جي قيام جو سَنُ 1026هه/ 1617ع قرار ڏنو ويو آهي. اهو تسليم ڪرڻ جوڳو نه آهي، جو ته ان دور ۾ سبيءَ تي مرزا خان جي حڪومت هئي، نه ئي اورنگزيب عالمگير پيدا ٿيو هو، ۽ نه وري جلال خان ابڙو فوت ٿي ويو هو. ان جي برعڪس مرزا خان پٺاڻ سبي تي 1666ع ۾ گورنر بڻيو. اورنگزيب عالمگير هڪ سال پوءِ پيدا ٿيو ۽ جڏهن ته جلال خان ابڙو 67- 1666ع ۾ وفات ڪري ويو. اهڙي طرح جيڪڏهن بهادر خان (ثاني) دائودپوٽو جلال خان جي وفات بعد ترائي مان لڏي ٿو، ته ضرور اهو واقعو لڏڻ جو 67- 1666ع ۾ ٿيو هوندو ۽ پوءِ هُو يعني بهادر خان (ثاني)، مرزاخان کان زمين حاصل ڪئي هوندي، ڇو ته ان دوران سبيءَ تي مرزاخان بحيثيت گورنر موجود هو. باقي 1026هه/ 1617ع ۾ شڪارپور جي قيام کي مرزا خان جي دور، جلال جي فوت ۽ اورنگزيب جي دور سان منسلڪ ڪرڻ، تحقيق طلب آهي. فارسي زبان جي لفظ ”غوڪ“ جنهن جو ابجد جي مطابق 1026هه/ 1617ع نڪري ٿو، دراصل شڪارپور جي قيام جي طرف اشارو نه آهي. بلڪ هي لفظ يا سَن ڪنهن قديمي واقعي يا قديمي جڳهه جي قيام جي متعلق هجي، ته شڪ نه آهي. هتي هيءَ ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته شڪارپور جي قيام کان گهڻو اڳ انهي قطع زمين تي انساني آبادي موجود هئي.......... (137).“

پوءِ به جڏهن اسان تاريخي حقائق ۽ سَندي شاهدين جي تناظر ۾ شڪارپور جو 1026هه/ 1617ع ۾ بنياد پوڻ وقت تاريخي ڪردارن، حڪومتي واقعن ۽ سَنن جو جائزو وٺون ٿا ته حيرت وٺي وڃي ٿي ته 1026هه/ 1617ع ۾ اورنگزيب عالمگير (حڪومتي دور: 21 جولاءِ 1658ع- 3 مارچ 1707ع) پيدا به نه ٿيو هو. امير بهادر خان (ثاني) دائود پوٽو جنهن کي شڪارپور جي بنياد رکڻ جو باني قرار ڏنو وڃي ٿو. اُهو ٽيٽيهه سال پوءِ پيدا ٿيو هو. مرزا خان پڻ (گورنري جو دور 1666ع- 1699ع) اُڻهٺ سال پوءِ سبيءَ تي گورنر مقرر ٿيو هو ۽ شايد پيدا به نه ٿيو هو. جلال خان ابڙو (1617ع- 1669ع) 1617ع ۾ پيدا ٿيو هو، جنهن سال شڪارپور جو بنياد پيو هو. هو اڃا ماءُ جي ٿڻن تي هڪ سال جو ٻالڪ هو ۽ ٻيا شڪارپور جي تاريخ سان منسلڪ يا لاڳاپيل تاريخي ڪردار نه پيدا ٿيا هئا، نه موجود هئا ۽ نه ئي انهن جي حڪومت هئي، ته پوءِ 1617ع ۾ شڪارپور جي بنياد پوڻ يا نالي پوڻ يا رکڻ کي 1617ع ۾ تسليم ڪرڻ خالي خولي هوا ۾ لٺيون هڻڻ جي برابر آهي ۽ شڪارپور جي تاريخ کي پيچيدگين جي حوالي ڪرڻ ۽ محققن ۽ مؤرخن يا عام قاري کي پريشان ڪرڻ آهي.

هن وقت جيڪي به شڪارپور متعلق تاريخي پيچيدگيون، غلطيون ۽ تحقيقي مسئلا آڏو اچن ٿا، اُهي صرف شڪارپور جي قيام کي 1617ع ۾ تصور ڪرڻ سان پيدا ٿين ٿا. جيڪڏهن اسان 1617ع واري سَن کان هٿ کڻون ۽ سن 1669ع کان 1681ع جي وچ ڌاري تقريباً 1675ع ۾ شڪارپور واري قطع زمين تي ”شڪارپور“ نالو رکڻ، پوڻ يا قائم ٿيڻ تسليم ڪيون ته پوءِ شڪارپور جي بنياد جي باري ۾ سڀ تاريخي پيچيدگيون، مسئلا، غلطيون ۽ علمي ڌڪي بازي خودبخود ختم ٿي وڃن ٿا.

بهرحال ”شڪارپور“ قطع زمين تي ”شڪارپور“ نالو يا ان جو قيام جلال خان ابڙي جي 1669ع ۾ فوت ٿيڻ کان پوءِ ۽ 1681ع ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو دهليءَ جي قيد مان آزادي ماڻڻ بعد امير بهادر خان ثانيءَ وٽ مهمان بڻجي اچڻ کان اڳ يعني تقريباً 1675ع ۾ پئجي ويو هو يا پيو.

يا ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته امير بهادر خان ثاني دائود پوٽو 1669ع ۾ پهرين ترائي (مدئجي) مان ابڙن جي ناراض ٿيڻ ڪري لڏيائين. هُو بکر جي مغل گورنر سيد مير يعقوب خان رضوي (1081هه/ 1670ع- 1085هه/ 1675ع) وٽ ويو ۽ کانئس رهڻ ۽ آبادي لاءِ جاگير گهريائين، ڇو ته دائودپوٽا، ابڙن ۽ مهرن جيان ڪلهوڙن جا ويري دشمن ۽ مغلن جا حامي هئا. ان تعلقات جي ڪري بکر جي گورنر کيس شيرخان ولد عاقل خان مهر لکي واري جي شڪارگاهه واري جاگير مان ڪجهه حصو ڏنائينس. دائودپوٽا اُتي اچي پنهنجا گهر اڏي، زمينداري ۾ مصروف ٿيا. اِها ڳالهه مهرن کي پسند نه پئي، جو هنن جي جاگير مان ڪنهن کي حصو پَتي ڏنو وڃي ۽ انهن جي ڪُک ۾ ڪنڊو ٿي رهي. اِها ڳالهه دونهين مان باهه ۾ تبديل ٿيو. بکر جي گورنر مهرن کي گهڻو سمجهايو، پر مهر نه مُڙيا ۽ دائودپوٽن جي خلاف سياسي، قبائلي سماجي ۽ معاشي کينس شروع ڪري ڏني. ان لاءِ تَرَ جا مغل پرست پير، مِير ۽ وڏيرا مَهرن جي خلاف ٿي بيٺا، پر مهرن ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي ۽ دائودپوٽن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار ٿيا. پهرين جنگ شيرخان مهر ۽ بهادر خان دائودپوٽي جي وچ ۾ تقريباً 1671ع ۾ لڳي. جنهن ۾ دائودپوٽن کي مغلن جي حمايتي تَرَ جي ميرن، وڏيرن ۽ پيرن جي جاني ۽ مالي حمايت حاصل هئي. جنهن سبب مهرن کي شڪست پلئه پئي. ان جنگ ۾ شيرخان کي ڄنگهه ۾ تير لڳڻ سبب ڦٽجي پيو ۽ لکيءَ جو ڳوٺ سندس هٿان نڪري دائود پوٽن جي وَر چڙهيو. شيرخان مهر جنگ ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ ۽ لکي وڃائجڻ جي ڪري لکيءَ جي اولهه ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ تي 8 يا 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي نالي سان هڪ نئون ڳوٺ ”شيرڪوٽ“ ٻڌرائي رهڻ لڳو. پر سندس ڄنگهه ۾ تير وارو ڦٽ وڌي وڃڻ ۽ لکي وڃائجڻ جي ڪري شيرڪوٽ ۾ تقريباً 1673ع ۾ فوت ٿي ويو. سندس قبر شير ڪوٽ ۾ واقع هئي. پر 1942ع واري ليٽ ۾ مهرن جو قبرستان ختم ٿي ويو، جنهن سبب اتي شيرخان، ڪريمڏنو ۽ ٻين جون قبرون زمين برابر ٿي ويون. شيرخان جي وفات بعد سندس پٽ ڪريم ڏنو، مهرن جو سردار بڻيو، هي پيءُ کان ٻه قدم اڳتي دائودپوٽن جو جاني دشمن ثابت ٿيو. هن دائودپوٽن سان هڪ وڏي ۽ فيصله ڪن جنگ ڪئي، پر شڪست سندس مقدر بڻي. ڇو ته ساڳي طرح تَرَ جا سڀئي پير، مير مُغلن جا حامي ۽ مهرن جا دشمن ٿي بيٺا. ان لاءِ مهرن کي ٻيهر شڪست ملي. لکيءَ جي بزرگ پير سلطان ابراهيم شاهه، جيڪو مغلن جو حامي هجڻ ناتي، دائودپوٽن جو حامي هو. تنهن مهرن جي لشڪر کي شڪست ملڻ جي خوشيءَ ۾ شڪارپور واري قطع زمين تي، جتي وڏو دڙو هو ۽ دائودپوٽن جا گهر واقع هئا، اتي امير بهادرخان ثاني دائودپوٽي سان گڏجي پنهنجي ڳوٺ يا شهر جو نالو 1675ع ۾ ”شڪارپور“ رکيائين. جيڪو اڳتي هلي اُتر سنڌ جو مشهور شهر سڏجڻ ۾ آيو.

(نوٽ: هن مقالي لکڻ وقت سائين محترم خليل مورياڻي ۽ انجنيئر وجاهت حسين مهر جن جو ٿورائتو آهيان، جن سٺيون صلاحون ۽ مفيد مشورا ڏنا.  - نذير شاڪر)

حوالا ۽ حاشيا:

(1) رائي بهادر، هتورام، ”گل بهار (اردو) ، کوئيڻه، بلوچي اکیڈمی، بارثاني 1982ع، ص. 8- 61-111.

(2) نقش ناياب منگي، ”شڪارپور: ننڍي کنڊ ۾ ساڳي نالي وارا شهر“ (مقالو)، ماهوار نئين زندگي، جلد: 53، نمبر: 3-4، مارچ- اپريل 1999ع، ص. 25 کان 29 تائين.

(3) ”جشن شڪارپور چيف ايڊيٽر: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شڪارپور، مجلس انتظاميه جشن شڪارپور، 1982ع ص 8 ۽ پڻ ڏسو نقش ناياب منگي، حوالو ڏنل آهي، ص. 25. اي. ڊيليوهيوگز، شڪارپور جي جاگرافيائي بيهڪ 550، 270 اترين ويڪرائي ڦاڪ ۽ 450، 680 ڊگريون اڀرندين ڊگهائي ڦاڪ تي بيٺل هئي، ٻڌائي آهي.

A.w. hughes, "A gazetteer of the province of sindh", london, george bell and sons, 1874, p. 794.

گوگل تي شڪارپور جي جاگرافيائي بيهڪ غلط نموني ڏنل آهي. اتي لکيل آهي ته:

"Shikarpur is a city found in sindh, pakistan. it is located 27. 96 latitude and 68.64 longitude and is situated at elevation 71 meters above sea level....."

www. worldatlas. com> where- is shikarpur....... october 2, 2015.

(4) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”شڪارپور: هڪ سرسري تاريخي جائزو“ (مقالو)، ٽه ماهي مهراڻ، جلد: 36، نمبر 2، اپريل، مئي ۽ جون، حيدرآباد، سنڌي اَدبي بورڊ، 1987ع، ص. 42. ايضاً: ”ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا“ (جلد- 3)، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، ڪراچي، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيرٽيج ريسرچ نوادرات کاتو سنڌ، 2012ع، ص. 63.

(5) غلام احمد بدوي، ”شڪارپور شهر (تاريخ)“ (مقالو)، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، شڪارپور جو سئو ساله جشن سووينيئر 1974ع، ص. 24.

(6) عبدالخالق ”راز“ سومرو“ ڊاڪٽر، ”شڪارپور جو تاريخي پسمنظر“ (مقالو)، ”شڪارپور: صدين کان“ مرتب: ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، شڪارپور، شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور، 1988ع، ص. 21.

(7) نذير شاڪر بروهي، ”چانڊڪا پرڳڻو“ (قسط- 2) ٽماهي مهراڻ، جلد: 63، نمبر 2، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 2013ع، ص. 97.

(8) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”رهاڻ هيرڻ کاڻ“ (جلد: ڇهون)، شڪارپور، مهراڻ اڪيڊمي، 2002ع، ص 8.

(9) نذير شاڪر بروهي، حوالو ڏنل آهي، ص. 97.

(10) ايضاً ..............98.

(11) ايضاً .............. 98.

(12) ميرڪ يوسف، ”تاريخ مظهر شاهجهاني“، سنڌي ترجمو: نياز همايوني، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1994ع، ص. 120. ۽ پڻ ڏسو:

نذير شاڪر بروهي، (مقالو)، حوالو ڏنل آهي، ص. 98.

(13) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”شڪارپور: هڪ سرسري تاريخي تاريخي جائزو“ (مقالو) حوالو ڏنل آهي، ص. 42.

(14) خيرمحمد ٻرڙو سيوهاڻي، ”ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا“، سيوهڻ، مراد پبليڪيشنز، ڇاپو ٻيو 2012ع، ص. 495. 496.

(15) ارشاد ڪاغذي، ”شڪارپور ۾ مير معصوم بکريءَ جو لڌل هڪ ڪتبو.“ (مقالو)، ٽه ماهي مهراڻ، جلد: 48، نمبر: 3، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1999ع، ص. 158، 159.

(16) Slection from the records of the bombay government, no: xvii, new series, "memoirs on sind," edited byE R. hnghes thomas, vol: I, part, 1, captain. f.g. gold Smid," An historical memoirs on shikarpoor", (1854), bombay, bombay educational society press, 1855, pp. 3.4.

(17) غلام رسول مهر، ”تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور“ (جلد- پهريون) ڪراچي، ثقافت، سياحت کاتو، 1996ع، ص. 104.

(18) ڊاڪٽر ايس. وي ڇٻلاڻي، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1995ع، ص 89.

(19) پروفيسر غلام احمد بدوي، ”شڪارپور جي تاريخ جو جائزو“ ڪتاب: ”شڪارپور: ماضي- حال“، مرتب: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شڪارپور، جشن شڪارپور پبليڪشن ڪميٽي، 1984ع، ص. 39.

(20) ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، ”شڪارپور جو بنياد“ (مقالو) ”سنڌ“ اونهارو، مرتب: انور جوکيو، حيدرآباد، سنڌ اسٽڊي سينٽر 1983ع، ص. 129.

(21) انورفگار هڪڙو، ”شڪارپور“ (مقالو)، ڪتاب: ”سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ“، مرتب: ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 2005، ص. 205.

(22) غلام رسول مهر، حوالو ڏنل آهي، ص. 105.

(23) عبدالله ورياهه، شڪارپور ”ضربخاني جي حيثيت ۾“ (مقالو)، ٽه ماهي مهراڻ، جلد- 34، نبمر- 3، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع، ص. 254.

(24) Shehamat ali, "history of bahawalpur" london, james madden, 8 leadenhall street, 1848, p. 14.

(25) Nazeer Ali shah, :sadiq namah", maktabah jadeed, lahore, april 1959, pp. 21, 136.

(26) پروفيسر سيد محمد سليم، ”شڪارپور جو بنياد ۾ ڇا شڪارپور جي موجوده تاريخ صحيح آهي“ (مقالو)، ماهوار نئين زندگي، جلد- 35، نمبر-7، حيدرآباد، پاڪستان پبليڪيشن 1982ع، ص. 31.

ايضاً، ”شڪارپور جي قيام جو بنياد“ (مقالو)، ڪتاب: ”شڪارپور ماضي- حال“، حوالو ڏنل آهي، ص. ا7.

(27) غلام احمد بدوي، ”شڪارپور شهر (تاريخ)“ (مقالو)، گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور جو سؤ ساله جشن، شڪارپور، 1974ع، ص. 24، ۽ پڻ ڏسو:

ايضاً، ”شڪارپور جي تاريخ جو جائزو“ (مقالو)، ڪتاب: ”شڪارپور: ماضي- حال“، حوالو ڏنل آهي، ص. 39.

(28) ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، ”شڪارپور جو تاريخي پسمنظر“ (مقالو)، ڪتاب: ”شڪارپور: صدين کان“ مرتب: عبدالخالق راز سومرو، شڪارپور، شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي، 1988ع، ص. 21-22.

(29) پروفيسر سيد محمد سليم، ”شڪارپور جي قيام جو بنياد“ (مقالو) ڪتاب: ”شڪارپور: ماضي- حال“، حوالو ڏنل آهي، ص. 62، 63، 73، 74.

(30) انورفگار هڪڙو، ”شڪارپور“ (مقالو)، ڪتاب ”سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص. 405 ايضاً، ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2006ع، ص.1.

(31) Captain. F.G. Goldsmid, op. cit. pp. 3.4.

(32) نقش ناياب، ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾،“ ترتيب: حسيب ناياب منگي، حيدرآباد، سمبارا پبليڪيشن، 2017ع، ص. 24.

(33) www. babyname wizad. com >frenchboy- baby.......

(34) B.A. Qureshi, "new millennium kitabistan composite dictionary", lahore, kitabistan publishing co. 2004, p.33.

(35) پروفيسر سيد محمد سليم، حوالو ڏنل آهي، ص. 62، 63، 73، 74.

(36) ايضاً، ............ ص. 71.

(37) ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، ”شڪارپور جو بنياد“ (مقالو)، ”سنڌ“ اونهارو، حوالو ڏنل آهي، ص. 128.

(38) Alexander burnes, "cabool: a personel narrative of a jaurney to and residence in that city, in the years 1836-7 and 8," london, cary and hart, 1841, P. 26, chap: iv.

(39) اليگزينڊر برنس، ”سنڌوءَ جو سفر- 1831ع،“ سنڌي ترجمو: عطا محمد ڀنڀرو، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، ضميمو، ص. 246.

(40) lieut. J. postans,"memorandum on the city of shikarpoor, in upper sindh", (article) journal of the asiatic society of bengal,vol-x, part-1, new series, anuary to june 1841, calcutta, bishop college press, p.17.

(41) Captain Alexander burnes, "on the cmmerce of shikarpoor and uppper scinde", (article), book", transaction of the bombay geographical society from 1836 to 1838, edited at the american mission press by: t. graham, MDCCCXLIV, march 1844, p. 315.

(42) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”شڪارپور هڪ سرسري تاريخي جائزو“ (مقالو)، حوالو ڏنل آهي، ص. 42- 43. ايضاً، ”ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا“، (جلد- 3)، حوالو ڏنل آهي، ص. 64.

(43) Alexander burnes, "travels in to bokhara and a voyage on the indus", vol-iii, new- york, oxford university press,1975, p. 292.

(44) پروفيسر سيد محمد سليم، حوالو ڏنل آهي، ص. 62. 63، 73، 74.

(45) Humaira faiz dasti, "multan-A province of the mughul empire (1525-1751), Karachi, royal book company, 1998, p. 157.

(46) غلام رسول مهر، حوالو ڏنل آهي، ص. 112.

(47) نورالدين جهانگير بادشاهه، ”تزڪ جهانگيري“، اردو ترجمو: مولوي احمد علي رامپوري، نظرثاني: جميل الدين احمد، لاهور، سنگ ميل پبليڪيشنز، 1987ع، ص. 294.

(48) Humaira faiz dasti, op. cit. p. 117.

(49) نذير شاڪر بروهي، ”شڪارپور پڻي (باروزئي) افغانين جي تسلط هيٺ“، (مقالو)، ڪتاب: ’شڪارپور: تاريخ ۽ تحقيق“ مرتب: خليل مورياڻي، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 2004ع، ص. 30- 31.

(50) Captain alexander burnes, "Cabool: A personal narrative to a journey to, and residence in that city, in the year 1836, 7 and 8", op. cit. p. 26 and also see:

برنس، ”سنڌوءَ جو سفر 1831ع“، حوالو ڏنل آهي، ص. 246.

(51) lieut. j. postance, op. cit. p. 17.

(52) Edward thornton, "A Gazetteer of the countries adjacent to india on the north west including sinde- afghanistan, beloochistan, the punjab and the neighbouring states", vol: ii, karachi, lndus publications, reprint 1996, p. 194.

(53) F.G. Goldsmid, op. cit. pp. 3.4.

(54) A.w. hughes, op. cit. p. 800.

(55) F.H. aitten, "gazetterr of the province of sind", karachi, indus publications, reprint 1986, pp. 107, 108.

(54) مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ: اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون 1990ع ص. 356، 355.

(57) نقش ناياب منگي، شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾،“ حوالو ڏنل آهي، ص. 24.

(58) ابوالفضل عبدالحفيظ بلياوي، ”مصباح اللغات“ (عربي- اردو لغت) دهلي، مڪتبه برهان، ٽيون ڇاپو 1953ع، ص. 474.

(59) ”حسنُ الغات“ (فارسي اردو لغت)، لاهور، اورينٽيل بُڪ سوسائٽي، ت. ن، ص. 621.

(60) Captain. F.G. Goldsmid, op. cit. pp. 8.9.

(61) نقش ناياب منگي، ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“، حوالو ڏنل آهي ص. 31. 32.

(62) Captain. f.G.Goldsmid, op. cit. p. 9.

(63) نقش ناياب منگي، ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ حوالو ڏنل آهي، ص. 32.

(64) غلام رسول مهر، حوالو ڏنل آهي، ص. 109.

(65) پروفيسر غلام احمد بدوي، ”شڪارپور جي تاريخ جو جائزو“، (مقالو)، ڪتاب: ”شڪارپور: ماضي- حال“، حوالو ڏنل آهي، ص. 38.

(66) انورفگار هڪڙو، ”شڪارپور جو تاريخي پسمنظر“ (مقالو) ڪتاب: ”سونهن جو شهر“، حوالو ڏنل آهي، ص. 120.

(67) رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1985ع، ص. 453.

(68) شريف شاد سومرو، ”لکي“ (مقالو)، ڪتاب: ”سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ“ مرتب- ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 2005ع، ص. 506. 507.

(69) ايضا، .......... ص. 507.

(80) ايضاً ......... ص 507.

(71) ايضاً.............

(72) Colonel, G.B. Malleson, "Anhistorical sketch of the native states of india in subsidiary alliance withe the british government with a notice of the mediatized and minor states", london longmans, green and co, 1875, pp. 347, 348.

(73) مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ: اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، حوالو ڏنل آهي، ص. 25- 26.

(74) غلام محمد لاکو، ”ڪلهوڙن جا تختگاهه“ (مقالو)، ٽماهي مهراڻ، نمبر 2-3، جلد- 32، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1983ع، ص. 18- 19.

(75) عبدالله ورياهه، ”شڪارپور ضربخاني جي حيثيت ۾“ (مقالو)، حوالو ڏنل آهي، ص. 254، 255.

(76) پروفيسر سيد محمد سليم، ”شڪارپور جي قيام جو بنياد“ (مقالو)، ڪتاب: ”شڪارپور: ماضي- حال“، حوالو ڏنل آهي، ص. 71.

(77) Alexander burnes, travels in to bokhara and a voyage on the indus", vol-iii, op. cit. p. 277.

(78) اليگزينڊربرنس، ”سنڌوءَ جو سفر- 1831“، حوالو ڏنل آهي، ص. 177.

(79) Alexander burnes, "cabool: a personal narrative to a journey to, and residence in that city, in the year 1836, 7 and 8," op. cit. p. 41.

(80)اليگزينڊر برنس، ”سنڌوءَ جو سفر- 1831“، حوالو ڏنل آهي، ص. 246.

(81) Captain. F.G. Goldsmid, op. cit. p. 6.

(82) A.w. hughes, op. cit. p 800.

(83) Malik Muhammaddin, "Gazetteer of the bahawalpur state", lahore, sang-e- meel publications, 2001, p. 50.

(84) E.H Eitken, op. cit. p. 107.

(85) عزيزالرحمٰن، ”صبح صادق“، بهاولپور، اليڪٽرڪ پريس (ٽيون ڇاپو) 1939ع، ص. 68.

(86) غلام احمد بدوي، ”شڪارپور جي تاريخ جو جائزو“ (مقالو)، ڪتاب: ”شڪارپور: ماضي- حال“، حوالو ڏنل آهي، ص. 37، 38.

(78) لطف الله بدوي، ”ڪاهر ٻيلي کان وٺي شڪارپور تائين“، (مقالو)، ماهوار نئين زندگي، جلد- 13، نمبر- 7، مسلسل نمبر- 138، حيدرآباد، انفارميشن ڊپارٽمينٽ، جولاءِ 1959ع، ص. 12- 13.

ايضاً، ”مهرن ۽ دائودپوٽن جون جنگيون“ (مقالو)، ماهوار نئين زندگي، حوالو ڏنل آهي، آگسٽ 1959ع، ص. 23، 24.

(88) عبدالخالق ”راز“ سومرو، ”شڪارپور جو تاريخي پسمنظر“ (مقالو)، ڪتاب: ”شڪارپور: صدين کان“، حوالو ڏنل آهي“، ص. 21-22.

(89) Shehamat ali, op. cit. p. 14.

(90) لاله عزت راءِ ولد لاله دولت راءِ، ”مراءت دولت عباسيه“ اردو ترجمو: ”آئينه عباس سلطاني“، مترجم: محمد نظام الدين قلمي.

(91) غلام رسول مهر، حوالو ڏنل آهي، ص. 105، 151.

(92) ايضاً ..........، ص 105، حوالو 1.

(93) عزيزالرحمٰن، ”صبح صادق“، حوالو ڏنل آهي، ص. 67- 66 ۽ پڻ ڏسو:

غلام رسول مهر، ”تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور“ (حصو ٻيو) سنڌي ترجمو: ابن حيات پنهور ۽ شمشيرالحيدري، ڪراچي ثقافت ۽ سياحت کاتو، 1996، ص. 997. 996.

غلام محمد لاکو، ”ڪلهوڙا دور حڪومت“، ڪراچي، انجمن اتحاد عباسيه پاڪستان، 2004، ص. 439.

(94) پروفيسر سيد محمد سليم، حوالو ڏنل آهي، ص. 63، 64.

(95) ايضاً، .......... ص. 69.

(96) ايضاً، .......ص. 69.

(97) غلام احمد بدوي، ”شڪارپور جي تاريخ“ (مقالو)، ڪتاب: ”شڪارپور: ماضي-حال“، حوالو ڏنل آهي، ص. 39.

(98) ايضاً، ................

(99) F.Steingass, "A comprehensive persian English dictionary", lahore, sang-e- meel publications, 2000, p. 899.

(100) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”ڊاڪٽربلوچ جا مقالا“ (جلد-3)، حوالو ڏنل آهي، ص. 64.

(101) F. Steingass, op. cit. p. 899.

(102) هي معلومات محترم ايسوسيئيٽ پروفيسر انجينئر ۽ هيڊ آف سول ڊپارٽمينٽ وجاهت حسين مهر صاحب ڏني. هاڻ هو گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي خيرپور جو انچارج آهي.

(103) غلام رسول مهر، جلد اول، حوالو ڏنل آهي، ص. 148.

(104) ايضاً...........، ص. 104.

(105) لاله عزت راءِ ولدله ولت راءِ، حوالو ڏنل آهي، قلمي. ۽ پڻ ڏسو:

*غلام رسول مهر، (جلد پهريون)، حوالو ڏنل آهي، ص. 152.

(104) غلام محمد لاکو، حوالو ڏنل آهي، ص. 95- 96.

(107) ايضاً، ..... ص. 103. ۽ پڻ ڏسو:

*نذير شاڪر بروهي، مقالو، حوالو ڏنل آهي، ص. 49.

(108) نذير شاڪربروهي، مقالو، حوالو ڏنل آهي، ص. 49، 48.

(109) لاله عزت راءِ ولد دولت راءِ، حوالو ڏنل آهي، قلمي، ۽ پڻ ڏسو:

* غلام رسول مهر، (جلد پهريون)، حوالو ڏنل آهي، ص. 158، 157.

(110) غلام رسول مهر، (جلد پهريون)، حوالو ڏنل آهي، ص. 157 ، 158.

(111) Alexander burnes, vol- iii, op. cit. p. 292.

(112) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا“ (جلد- 3)، حوالو ڏنل آهي، ص. 63.

(113) Humaira faiz dasti, op. sit. pp. 157, 166, 167.

(114) خداداد خان، ”لب تاريخ سنڌ“، سنڌي ترجمو: حافظ خيرمحمد اوحدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1989ع، ص. 90 ۽ پڻ ڏسو:

* اعجازالحق قدوسي، ”تاريخ سنڌ“ (جلد ٻيو)، لاهور، اردو سائنس بورڊ، ڇاپو ٽيون 1985ع، ص. 152.

(115) نذير شاڪربروهي، حوالو ڏنل آهي، ص. 34.

(116) Abdul Azizluni, "Afghan of the fronter passes", vol-1, Quetta, new quetta book, stall, 1992, pp. 137, 134, 159, 161, 162.

(117) غلام رسول مهر، (جلد پهريون)، حوالو ڏنل آهي،ص. 104.

(118) Captain. F.G. Goldsmid, op. cit. p.6.

(119) lbid, ............

(120) غلام رسول مهر، حوالو ڏنل آهي، ص. 104.

(121) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا“، (جلد- 3)، حوالو ڏنل آهي، ص. 64.

(122) ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، شڪارپور جو تاريخي پسمنظر“، ڪتاب: ”شڪارپور: صدين کان“، حوالو ڏنل آهي، ص. 35، 36.

(123) ايضاً، ..... ص. 30.

(124) انورفگار هڪڙو، ”شڪارپور جو تاريخي پسمنظر“ (مقالو) ڪتاب، ”شڪارپور: سونهن جو شهر“، حوالو ڏنل آهي، ص. 121.

(125) پروفيسر سيد محمد سليم، حوالو ڏنل آهي، ص. 70.

(126) ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، ”شڪارپور جو تاريخي پسمنظر“ (مقالو)، ڪتاب: ”شڪارپور: صدين کان“، حوالو ڏنل آهي، ص. 40، 122.

(127) لاله عزت راءِ ولد دولت راءِ، حوالو ڏنل آهي.

(128) غلام محمد لاکو، حوالو ڏنل آهي، ص. 98.

(129) ايضاً، ...... ص. 93.

(130) غلام رسول مهر، حوالو ڏنل آهي، ص. 109، 51.

(131) مهدي شاهه، ”ابڙو وڏ وڙو“ شڪارپور، شاهه لطيف اڪيڊمي، 2005، ص. 282، 281.

(132) ايضاً، ......ص 280، 357، 559، ضميمو 80.

(133) غلام رسول مهر، حوالو ڏنل آهي، ص. 104.

(134) پروفيسر سيد محمد سليم، ”شڪارپور جي مختصر تاريخ“ (مقالو)، ڪتاب: ”شڪارپور: سونهن جو شهر“، حوالو ڏنل آهي، ص. 110.

(135) Captain. F.G. Goldsmid, op. cit. pp. 6. 8. 9. and also see.

* عزيزالرحمٰن، حوالو ڏنل آهي، ص. 66، 67، 68.

* غلام رسول مهر، (جلد ٻيو)، حوالو ڏنل آهي، ص. 996، 997.

* غلام محمد لاکو، حوالو ڏنل آهي، ص. 439.

(136) رحيمداد مولائي شيدائي، حوالو ڏنل آهي، ص. 355.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org