سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:9 

محمود ڏاهري

 

 

 

ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ

جي ڪتاب ”سنڌي ڳجهارتون“ جو جائزو

 

لوڪ ادب جي ڪيترين ئي انمول صنفن مان هڪڙي صنف ڳجهارت پڻ آهي، جنهن ۾ ماڻهن جي اندر سمنڊ بي پيار بحر عميق مان آندل بي مثال انيڪ موتي سمايل آهن. اهڙن موتين کي آڻڻ وارا غواص اهڙا ته ڄاڻو آهن، جي ٽُٻيون هڻي، هَنجه جيان موتي چونڊي ڪڍي ايندا آهن. سندن ٻول اهڙا ته سُهڻا ۽ من کي موهيندڙ هوندا آهن، جو دل اندر پيهي وڃي پاتال پوندا آهن. سچ پچ اهڙن انسانن کي جيڪڏهن چئجي ته اهي الله تعاليٰ جي طرفان ڏنل سوکڙيون آهن ته وڌاءُ نه ٿيندو. اهي ئي آهن، جيڪي خدا تعاليٰ جي طرفان موڪليل ٻولي، جيڪا سندن سيني ۾ سانڍي ٿو، تنهن کي ظاهر ڪري ماڻهن تائين پهچائين ٿا. سندن زبان مان اهڙا ته وڻندڙ ۽ پيارا لفظ نڪرن ٿا، جو ٻڌڻ سان دل باغ بهار ٿي ويندي آهي، ۽ عقل حيران ۽ دنگ رهجي ويندو آهي. اهي نه صرف ماڻهن جي دلين مان نفرت کي ڌڪارين ٿا، پر محبت جا اڻ ميا ماڻ ڀري اوتين ٿا، جنهن سان انسانيت پلجي ٿي ۽ ويراني سبز بنجي اکين ٺار ۽ دل بيقرار کي قرار ملي ٿو. اهي نه صرف ڪوتاهين تي پردو ڍڪي اصلاح ڪن ٿا، پر ڀلاين کي به پکئه ڏيئي پيش ڪندا آهن، جنهن کي لڪل ڳالهه يا ’ڳجهارت‘ چئجي ٿو، ۽ اهڙي ٻهڳڻ ٻوليندڙ کي ”سگهڙ“ سڏجي ٿو.

ڳجهارت پروليءَ جو ڳوڙهو نمونو آهي، جنهن کي پرکڻ پرجهڻ لاءِ پڻ ڳوڙهن خيالن ۽ ٺوس دليلن جي ضرورت پوندي آهي. تنهن لاءِ عبدالڪريم سنديلو صاحب هيئن لکي ٿو: ”ڳجهارت، پروليءَ جو هڪ ڳوڙهو نمونو آهي، جنهن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت آهي. سگهڙن جي چوڻي آهي، ته پروليءَ مان پار، پَرَ ڳجهارت ۾ غار (غرق ٿي وڃڻ) آهي.“ (سنديلو، 1986ع، ص 34)

ڳجهارت در حقيقت پرولي ئي آهي. ان جو بنياد به پروليءَ تي رکيل آهي، پر سٽاءُ جي لحاظ کان ٻنهي ۾ فرق ضرور آهي. پرولي ڀڃڻ ۾ آسان ۽ ان جا اهڃاڻ نمايان ملندڙ هوندا آهن، پر ڳجهارت جي ڳولا ڪرڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي، جنهن جي ڳجه ڳولڻ لاءِ وڏي غور خوض جي ضرورت پوندي آهي. ڊاڪٽر بلوچ پرولي ۽ ڳجهارت بابت خاص فرق سٽاءَ جي لحاظ کان ٻڌايو آهي. سندس مطابق: ”منوي لحاظ کان جيتوڻيڪ ڳجهارت هڪ قسم جي پرولي آهي، مگر سٽاءَ جي لحاظ کان ڳجهارت ۽ پروليءَ ۾ فرق آهي. ’پرولي‘ جو بنياد تشبيه ۽ استعاري تي آهي، ۽ ’ڳجهارت‘ جو مدار تجنيس ۽ تلميح تي آهي.“ (بلوچ، 1969ع، ص-1، آنلائين لائبريري)

ڳجهارت ۾ استعمال ٿيندڙ تجنيسن ۽ تلميحن بابت ”ڪلاڌر متوا“ پنهنجي ڪتاب ”ڳجهارتون“ ۾ لکي ٿو: ”تجنيس جو مطلب آهي جملي ۾ يا شعر ۾ هم شڪل يا هم آواز لفظن جو استعمال ۽ ان ۾ مقصد واري چيل ڪا ڳالهه. ٻين لفظن ۾ چئجي ته لفظي جي لباس ۾ ڍڪيل ڳالهه. تلميح معنيٰ ڪنهن واقعي يا قصي ڏانهن اشارو.“ (متوا، 2012ع، مهاڳ)

ڊاڪٽر بلوچ پرولي ۽ ڳجهارت جي وهڃائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ جيڪي واضح، بنيادي ۽ ضروري ڳالهيون ڳڻايون آهن، انهن ۾ ذهن جي تيزي، سوچ ويچار، ڄاڻ ۽ دانائيءَ اچي وڃن ٿيون آهن. ڊاڪٽر بلوچ ان بابت لکي ٿو: . ”’پرولي‘ کي پروڙڻ لاءِ ذهن جي تيزي ڪافي آهي، مگر ڳجهارت کي ڳولڻ لاءِ ذهن جي تيزيءَ سان گڏ سوچ ۽ داناءَ جي ضرورت آهي. پروليءَ وانگر ڳجهارت جي ڏي وٺ محض هلڪي ريجه رهاڻ ۽ وندر ورونهن نه آهي، بلڪ ادب ۽ ثقافت، لغت ۽ حڪمت (دانائي) ڳوڙهي رهاڻ آهي.“ (بلوچ، 1969ع، ص- 1، آنلائين لائبريري) لوڪ ادب جي ڄاڻن پرولي ۽ ڳجهارت بابت جيڪي مثال ڏنا آهن، انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا. جن مان واضح ٿيندو ته پرولي ۽ ڳجهارت هڪجهڙيون هوندي ڪيئن مختلف آهن. مثال طور پرولي:

گهر گهر ۾ لڌڙو ليٽي (ٻُهاري) (سنديلو، 1986ع، ص 34)

هن پروليءَ ۾ ’گهر گهر ۾‘ هر عقل وارو ماڻهو لازمي سمجهندو ته ٻُهاري ئي آهي، جيڪا هر گهر ۾ صفائي ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ ايندي آهي. پروليءَ ۾ ٻيو حصو ’لُڌڙو ليٽي‘- لڌڙو هڪ جانور آهي، جيڪو ليٽندو آهي. ان تشبيهه ۾ ٻُهاري آهي، جيڪا گهر کي صاف ڪرڻ ۾ لامارا ۽ ليٽهڙو ڪري ٿي، ته هر ڪو ماڻهو جلدي پروليءَ کي ڀڃي ويندو، پر ان جي برعڪس ڳجهارت جو مثال:

”نار نالي ڪاڻ، مِٽيءَ جي ٿي پيئي.“

(نار=زليخا، نالو= يوسف، مٽيءَ جي= چَري)

زليخا، يوسف ڪاڻ چري ٿي پيئي.  (سنديلو، 1986ع، ص 35)

هتي ڳجهارت جي ڀڃڻي تمام ڏکي آهي. صرف اهو سگهڙ ڀڃي سگهندو، جنهن جو وسيع مطالعو يا تجربو هوندو ۽ سنڌ جي مروج قصن ڪهاڻين جي سرن گسن پيچرن کان مان واقفڪار هوندو. هن ۾ ڀڃڻيءَ جي ڪا به ظاهري علامت نظر نٿي اچي، بلڪل ئي ڳجهي ٿي لڳي، جنهن لاءِ عقل ۽ فهم جي تيزي گهرجي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو، ته ڳجهارت، پروليءَ جي نموني بلڪل آهي، پر منجهس ڳوڙهائيءَ وارو فرق نمايان بيٺو آهي، جنهن مان ڳجهارت الڳ ٿي بيهي ٿي. لفظ ڳجهارت جي مادي بابت عبدالڪريم سنديلو هن ريت اشتقاق ڪڍي ٿو،

جيڪو سندس ئي لغت ’تحقيق لغات‘، 1955ع، ص 382 تان کڻي ٿو: ”ڳجهارت سنسڪرت گُهيه =ڳَجهو + اَرٿ = مطلب، يعني ڳجهو مطلب.“ (سنديلو، 1986ع، ص 35) اڳتي لکي ٿو، ته ڳجهارت کي هنديءَ ۾ ٻَجهول يا ٻجهول چون. سنڌ جا سڄاڻ سگهڙ ڳجهارت کي ٻُجهارت به چون. مثال ۾ هيءَ بيت ڏئي ٿو:

”پاڙون جنهن جون پاتال ۾، لامان جنهن جو لسَ،

ڳجهارت ”ٻڍي خان“ جي، ڪي مير ڀڃندا مسَ (پٻڻ جي ڪوڻي)

(سنديلو، 1986ع، ص 35)

البت ڊاڪٽر بلوچ لفظ ڳجهارت بابت اهڙي رايي کي رد ڪري ٿو ته ڪو ڳجهارت لفظ ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ آيو آهي، انهن راين کان هٺي ڪري سندس رايو آهي، ته ڳجهارت لفظ اسان جي پنهنجي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ سمجهڻ، پروڙڻ آهي. سندس راءِ آهي ته: ”لفظ ڳجهارت جي اصليت بابت جدا جدا رايا آهن: ڪن جي خيال ۾ هي ڳجهو ارٿ (لڪل معنيٰ) مان ورتل آهي. ڪن جي راءِ ۾ ڳجهارت جو لفظ هندي ٻجهارت يا بجهول مان سنڌي ۾ رائج ٿيو. هنديءَ ۾ يجهارت لفظ موجود آهي. ان جي معنيٰ آهي، حساب ڪتاب صاف ڪرڻ. البت ٻجهول جي معنيٰ پرولي ڀڃڻ آهي؛ پر جيئن ته سنڌي ٻولي هندي کان زياده قديم آهي، انهيءَ ڪري قول گمان ڪري سگهجي ٿو، ته ٻجهارت سنڌي جو پنهنجو لفظ آهي، جو ٻوجه يا ٻجهڻ مان سمجهڻ، پروڙڻ جي معنيٰ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج آهي ۽ بالآخر ڳجه، راز ۽ يا مام (پروڙڻ) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو.“ (بلوچ، 1969ع، ص 1، آن لائين لائبريري)

ڳجهارت جو لفظ شاهه لطيف پڻ استعمال ڪيو آهي، جيڪو وري هن ريت ’ٻجهارت‘ لفظ ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو اٿس:

”ٻولي ٻجهارت، جوڳيان سنديءَ ذات جي،

ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو، هلڻ ۾ حيرت،

عجبُ عبارت، پَههُ پروڙڻ ان جو.“

(رامڪلي) سنديلو، 1986ع: ص 35)

هڪ سگهڙ نالي جمال شاهه واري ’ڳجهارت‘ لفظ استعمال ڪيو آهي، ۽ ڳجهارت جي ڀڃڻ لاءِ کنڌيون کڻڻ اصطلاح استعمال ڪيو اٿس. ان کانسواءِ ڳجهارتن ۾ استعمال ٿيندڙ بند، ٺپ، يا ٿنڀ يا پاوا جا جاچڻ لاءِ جيڪي ڌڪ هڻبا آهن، انهن سڀني جو ذڪر هن بيت ۾ ڪيو اٿس:

”کڻن کنڌيون ڪري ڳجهارتن ڳولا،

ڪڍي ڪانڀ وِهڻ ٿا ٽولن جا ٽولا،

بندن وٽ بيهي وڃن، ڪن پائُن جي ڦولا،

ڌڪن مٿان ڌڪَ هڻن، ڪي اولا، ڪي سولا،

لٿن سڀ رولا، جڏهن لڳس جزا ’جمال‘ چئي.“

(سنديلو، 1986ع: ص 35 )

هن بيت ۾ آيل لفظ ’بندن‘ ۽ ”پائُن‘ آهن، جنهن جي معنيٰ سنديلي هن ريت ڳجهارت ڏيئي سمجهائي آهي:

”مون سان اُها هلي، جا واڻڪي وڃائي.“

(واڻڪي = وهي (بندي) ليکي جي)

مون سان اُها هلي، جا وهي وڃائي. (سنديلو، 1986ع، ص 38)

سسئي چوي ٿي ته، ”اي سرتيون مون سان گڏ اُها هلي، جيڪا پنهنجي جوانيءَ جو خير نه گهُري.“

ڳجهارت جي ٻَڌَ:

ڳجهارت ٻڌڻ لاءِ جن ڳالهين جو خيال رکيو ويندو آهي، انهن ۾ مقصد واري ڳالهه ۽ ان ڳالهه جي وصفن، خاصيتن جي لاءِ ڍڪ وارن لفظن جي چونڊ. هن لاءِ سنديلي صاحب لکي ٿو ته، ”هن لاءِ ضروري آهي ته پهريائين ’مقصد واري ڳالهه‘ کي خيال ۾ رکي، ان جي وصفن ۽ خاصيتن جي تشريح لاءِ، ڍَڪ پردي وارا موزون لفظ استعمال ڪجن. در حقيقت اها ڍَڪَ پردي واري سٽاءَ ئي آهي، جنهن کي ڳجهارت چئجي ٿو.“  (سنديلو، 1986ع، ص 39)

ڳجهارت جا اصول:

شاعرن ۽ سگهڙن جيڪي به ڳجهارتون ٻَڌيون آهن، سي ٻن اصولن تي آهن:

1. اُهي ڳجهارتون جيڪي ڀڃڻيءَ تي بيهن، جن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهڙيون ڳجهارتون سون جيان چمڪنديون آهن.

2. اُهي ڳُجهارتون جن ۾ ٿوري مَٺُ (ڌونري جي مٿان ڄاول ملائي) ذري ملايل آهي، پر جيڪڏهن اُهي به ڪچهريءَ جي ڪوٺاريءَ ۾ وجهي، وهڃائبيون ته اُهي به گهٽ ناهن.

ڳجهارت جي ڳولها/ ڳولا:

ڳجهارت ڏيڻ ۽ ڳولڻ به هڪ فن آهي. ڳجهارت ڏيندڙ کي رڳو ڳجهارت ڏيڻي ناهي هوندي پر وڏي غور وخوض سان ڪن ڏئي هر ڳولي جي ورتل لفظن نالن کي ٻڌندو ويندو ۽ ڪيترن ئي نمونن جي جملن سان جواب ڏيندو ويندو ته اڃا بچي ٿي، پنهنجو ٿي کائي وغيره. جڏهن ته ڳجهارت جا ڳولها پهرين سر سهي ڪندام مذڪر ۽ مونث جو تعين ڪندا، ۽ پوءِ بندن يا پاون تحت اوٽائتا ڌڪ هڻندا ويندا. ائين چاليهين پتي لڳي تڏهن به ڳجهارت ختم سمجهي ويندي. ان حوالي سان سنديلي صاحب هن ريت لکي ٿو: ”ڳجهارت ڏيڻ کان پوءِ ڪچهريءَ جا مور يا ڳولا، ڳجهارت کي ڳولڻ ۾ لڳي ويندا آهن. ڪي ڳُجهارت جي سُرَ کي سهي ڪرڻ ۾ هوندا ته ڪي وري ’پائي‘ ڏانهن خيال ڪندا ته ’پائو‘ مونث آهي يا مذڪر يعني مادي آهي يا نر. مثلاَ ’ڪاٺ جو‘ ڳولڻو آهي پائو، سو مذڪر ٿيو، تنهن ڪري ڪاٺ مان ٺهندڙ نر يا مذڪر سامان جو لحاظ رکي نالا وٺندا ويندا. جيئن ڪاٺ جو شهتير، بُنڊ، ڇوڏو، ڏارَ، در، ونگُ، هَرُ، مُٺيو، ڪنجاٺ، داسو وغيره. ”ڪاٺ جي‘ جو ڳولڻو آهي ته ڪاٺ مان ٺهندڙ مونث يا مادي شئي جو نالو وٺندام جيئن ڪاٺ جي گهڙا منجي، لاٽڻِ پٽي، دري، پائي، ٽوئي، ٺهڪڻ، لٺ، چپر، چيچڙي وغيره مطلب ته پائي جي مدنظر لفظن جي وارو وار ڪندا، پوءِ جتي ڳجهارت مري. هڪ هڪ لفظن وٺڻ سان اهو رس نٿو رهي، تنهن ڪري ڳجهارت کي جهٽ ڪري وٺڻ لاءِ، ڳولا ڦولها ڪندا، هڪ بيت ڏيندا، ٻيو، ٽيون مطلب ته بيتن جي لانڍ لائي ڏيندا. آخرڪار ڳجهارت ۾ مليل پائي سان ٺهڪي ايندو ۽ ڳجهارت ڀڄي پوندي. (سنديلو، 1986ع: ص 40)

ڪچهريءَ ۾ ڳجهارت ڏيندڙ جا ڪي ٻول:

”ڪچهري رس تڏهن وٺي، جڏهن سُريلا سگهڙ خيالن جي ڏي وٺ ڪن. ڳجهارت ڏيندڙ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سگهڙ جو نالو وٺي، مخاطب ٿي چوندو ته، ’اچئي ٿي‘ ته ڪڏهن ڪچهريءَ کي سامهون ٿي چوندو. هو چوندا، ’ادا، ڀلي ڀلي اچي‘، ’جيءُ ڪري اچي، ۽ ’نچ ڪري اچي.‘ سگهڙ ڳجهارت ڏيئي، بس ڪري ويهي رهندو. پوءِ  ته چوڌاري هُو هَرَ هلو مچي ويندو. ڪٿان ڪهڙو جواب، ڪٿان ڪهڙو لفظ، ڪٿان ڪهڙو. مطلب ته مڙس مڇر جي ويندا. هي پيو چوندو ته، ’اڃا بچي ٿي،‘ ’اڃا بيهي ٿي،‘ ’اڃا گهُري ٿي،‘ ’مري ته مارَ کائي‘، ’اڃا جيئري آهي‘، ’اڃا رهي ٿي‘، ’جيئري آهي‘، ’پنهنجو کائي ٿي‘، ’مڃي ته مار کائي‘، ’ڳجهارت کير سان آهي‘، ’کير ٿي گهُري‘، ’چاڻو (مکڻ جو) ٿي گهُري،“ ’گهئهِ ٿي گُهري‘، ’اڃا ٻولي ٿي‘، ائين هوندو پر ’نٿي مڃي‘، ’اڃا آکيندي پئي هي‘، ’اڃا منگدي پئي هي‘، ’اڃا کڙي هي‘، ’تينڪون ڳوليندي پئي هي’، ’تينڪون سڏ ڪريندي پئي هي‘ وغيره. جيڪڏهن ڳجهارت ڪا جز لڳي ته ڏيندڙ چوندو، ”ويئي مري ويئي!‘ پوءِ چوڌاري واهه واهه ٿي ويندي ۽ ڏيندڙ سڄي ڪري ڏيندو. پر جيڪڏهن نه ڀڳي ته چوندا، ”ادا، بيهي ويئي، ٽِڪي چڙهي“، پوءِ سچي ڪري ڏيکاريندو.“ (سنديلو، 1986ع: ص 42)

ڳجهارت جا قسم:

سنديلي صاحب ڳجهارت جا ٻه قسم لکيا آهن: 1- بي سُر يا سُرَ کان ٻاهر (مطلب داستان کان سواءِ عام واهپي سان)، 2- سُريلي يا سُرائتي (داستان وار سُرَ)

ڳجهارت جو سماجي ڪارج:

ان حوالي سان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو هن ريت لکي ٿو: ”هاڻي ڏسڻو آهي ته اهو ڪهڙو سماجي ڪارج آهي، جيڪو هن هنڌ تي آيل ڳجهارت پورو ڪري ٿي.

1. ڳجهارت اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي قدرت ۽ قوت سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

2. پنهنجي اڪابرن جي علم، عقل ۽ ڄاڻ سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

3. پنهنجي ڏيهه جي سماجي تاريخ جو راز کولي ٿي.

4. ڪلچر ۽ تهذيب کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

5. ٻوليءَ جي لغت ۽ ڪوش جي وڌيڪ اڀياس ۾ مدد ڪري ٿي.

6. سماج جي اندر موجود طبقاتي ڪشمڪش کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

7. هڪڙي وڏي سماجي بي آراميءَ جي طرف اشارو ڪري ٿي، جنهن ۾ ٻولي احتجاج (Protest)جو وسيلو بڻجي ٿي.

8. عوامي سطح تي رس رهاڻ ۽ ذهني عاميت يا جمهوريت جو تصور ڏئي ٿي، ڇو ته سڄو سارو اهو ماحول، جنهن ۾ ڳجهارت کُلي ٿي يا سڄي ٿي ٿئي، ان راز ۽ رڪارڊ جو امانت دار ٿئي ٿو ۽ ڄاڻو ليکجي ٿو، جيڪو راز هو کولي ٿو.

9. ڳجهارت عام طور تي ٻوليءَ جي معنيٰ واري حصي کي سمجهائي ٿي ۽ ان جي معنيٰ ٻاهر آڻي پکيڙي ٿي.“ (ٻوهيو، 2011ع: ص 61- 160)

هيءُ سڄو احوال ڳجهارت متعلق ٿيو. هاڻي آءٌ پنهنجي اصلي موضوع ’سنڌي ڳجهارتون‘، مرتب ديوان ڪوڙومل کلڻاڻي جي طرف ايندس. 1853ع ۾ جڏهن عربي- سنڌي آئيويٽا وجود ۾ آئي ته کيس مواد جي گهُرج هئي. اهڙي گهُرج کي پورو ڪرڻ ۽ نئين لکت ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي آڻڻ جي شوق ۾ ٻوليءَ جي گهڻگهُرن تمام گهڻي شوق ۽ ذوق ، هڙان وڙام ڪوشش پئي ڪئي، جن مان ديوان ڪوڙيمل کلڻاڻيءَ کي به اهڙي سٿ ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. هن ٻوليءَ سان پيار رکندڙ مجاهد گهٽ وڌي سڀني صنفن تي پاڻ موکيو آهي. ديوان ڪوڙيمل پنهنجي لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪيترن ئي ڪتابن کي پنهنجي ڌڻيءَ طرفان عطا ٿيل ڏات ذريعي لکي سنڌي قوم لاءِ لاجواب سوکڙيون ڇڏي ويو آهي، جن مان ’سنڌي ڳجهارتون‘ ڪتاب به اڄوڪي وقت ۾ تمام اعلى مقام رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ مٿي سنديلي جي بيان ڪيل ڳجهارت جي ٻن قسمن مان ٻيو قسم سُريليون ڳجهارتون آهن (جيڪي ماضيءَ جي ترتيب ڏنل داستانن مان جڙيل آهن) انهن ڳجهارتن کي پنهنجي ڪتاب ۾ داستان وار سمايو اٿس. پهرين ڳجهارتون ترٿيب ڏنل آهن ۽ آخر ۾ انهن جي ڀڃڻي ڏنل آهي. ان کان پوءِ متفرقه ڳجهارتون ڏنل آهن. اهڙيءَ ريت هيءُ ڪتاب جملي 49 صفحن تي مڪمل ٿئي ٿو، جنهن ۾ هر داستان ۾ آيل ڳجهارت کي نمبر ڏنل آهن، جيڪي هن ريت آهن:

1: عمر ماروئي:

هن سُر ۾ ڪل 78 ڳجهارتون آهن.

2. سسئي پنهون:

هن ۾ ڪُل 134 ڳجهارتون آهن. اهڙي طرح:

سهڻي ميهر- 23، ليلا چنيسر- 12، مومل راڻو- 12، راءِ ڏياچ- 20

جڏهن ته متفرقو جي سري هيٺ هيٺين مختلف سرن ۾ جملي 84 ڳجهارتون شامل آهن: دودو چنيسر، صيفل (اصل ۾ سيف الملوڪ بديع الجمال جو مڙس) بديع الجمال، هير رانجهو، ليليٰ مجنون، ڄام تماچي، بانڪوبهرام، مورڙو، دلوراءِ، گوگل، ڪان سجان

ان ريت ڏيهي پرڏيهي ’متفرقو‘ جي عنوان سان ڏنل ڪُل ڳجهارتون 84 آهن. سڀ ملائي جوڙ ڪنداسين ته وڇي 363 بيهن ٿيون. ڪتاب جي آخر ۾ نمبر وار ڳجهارتن جون ڀڃڻيون ڏنل آهن.

هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت اها آهي ته ديوان ڪوڙومل پهريون ئي اديب هو، جنهن سڀ کان پهرين ڳجهارتن جهڙي قيمتي وٿ جي اهميت ۽ ان جي اعليٰ فن کي نه صرف سمجهيو، پر انهن کي سهيڙي ڪتابي صورت ڏني. ڳجهارتن کي گڏ ڪرڻ ۾ کيس يقيني طور ڪي سال لڳا هوندا. هن ڪڏهن کان ڳجهارتون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون؟ ان بابت ڪا ٺوس راءِ ديوان ڪوڙيمل جي ڪتاب ۾ ڄاڻايل نه آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ اهڙو اشارو اندازي تي ضرور  ڏنو آهي. سندس چواڻي: ”پهريون اديب، جنهن هن اعليٰ فن جي افاديت محسوس ڪئيم سو هو، ڪوڙومل چندنمل کلڻاڻي، جنهن سنه 1888ع کان اڳ (انداز 1885- 87ع وارن سالن ۾) ڳجهارتون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون ۽ هن موضوع تي ڪتابڙو مرتب ڪيائين.“ (بلوچ، 1969ع، ص 2، آن لائين لائبريري)

ديوان ڪوڙيمل جي ڪن ليکن ۾ ڏٺو ويو آهي، ته سندس ادبي سٿ جا ڪي ساٿي اهڙا به هوندا هئا، جو کيس بار بار پيا ياد ڏياريندا ته فلاڻو ادبي ڪم سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڏاڍو ڀلو آهي؛ جيڪر سندس جهڙو ماڻهو کڻي هٿ وجهيس ته ڏاڍو چڱو. اهڙن مهان ادبي ڪمن جا اشارن ۾ اسان کي ساميءَ جي سلوڪن جي سهيڙ ۽ سنڌي پهاڪن جي سهيڙ وارن ڪتابن ۾ نظر اچن ٿا. ساڳي ئي طرح ڳجهارتن جي گڏ ڪرڻ لاءِ پڻ ڪن سڄڻن کيس اهڙيون صلاحون ڏنيون. نه صرف اهڙن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي گهڻ گهرن جو ذڪر ڪري ٿو پر پاڻ به اهڙي امله ماڻڪن جي اهميت کي سمجهي ٿو، جو جن ماڻهن کي اڻپڙهيل، دهڪاني، سڏيو وڃي ٿو، سي ڳجهارتن ذريعي ڪيئن پنهنجا خيال ويڙهائي پاڻ وندرائين ٿا. اهڙن گوهر گفتن کي جيڪڏهن گڏ ڪري ڇپائبو ته سنڌي ٻوليءَ جو اڃا به ڳاٽ اوچو ٿندو. ان سلسلي ۾ ديوان ڪوڙومل ڪتاب جي ديباچي ۾ لکي ٿو: ”گهڻن ماڻهن چيم ته ڳجهارتون گڏ ڪري ڇپايو ته چڱو. مون پاڻ به ڏٺو ته جي ماڻهو اڻپڙهيل ۽ دهقاني سڏجن ٿا، سي ڪيئن پنهنجو عقل ويڙهائين ٿا، خيال ڊوڙائين ٿا ۽ پاڻ وندرائين ٿا. سا ڳالهه ته ڳجهارتن مان معلوم ٿئي ٿي، پر انهن ۾ گهڻا نوان نوان لفظ ڏسجن ٿا، تنهنڪري جي گڏ ڪري چپائبيون، ته سنڌيءَ جي به ڪجهه واڌ ٿيندي.“ (کلڻاڻي، 1901ع، ديباچو)

ڳجهارتن جي سهيڙ جي سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جن گهڻ گهرن پاڻ پتوڙيو آهي، انهن جا ڪي نالا ڊاڪٽر بلوچ ڳڻايا آهن، اهڙن اديبن، سگهڙن، پارکن ۽ ڪتب فروشن ۾ رمضان فقير واڍو، هريسنگ، پوڪرداس، عبدالڪريم سنديلو ۽ عبدالحسين شاهه موسوي اچي وڃن ٿا. پر وري ڊاڪٽر بلوچ، ديوان ڪوڙيمل جي هن ڪوشش کي نه صرف اول پر اهم پڻ ڪوٺي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ”انهن مڙني ڪوششن ۾ ڪوڙيمل جي ڪوشش سڀ کان اول ۽ اهم هئي.“ (بلوچ، 1969ع، ص 2، آن لائين لائبريري)

ڊاڪٽر بلوچ يقيناً وڏو پارکو ۽ ادب شناس هو. سڄيءَ سنڌ ۾ هنڌين ماڳين، ڪنڊ ڪڙڇ، ڳوٺن، وسدين واهڻن وڃي ڪچهريون ڪري لوڪ ادب جا ڪيترائي ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جهول ۾ وجهي ويو آهي. اهو به ديوان ڪوڙيمل جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سنڌي ڳجهارتون“ جي ديباچي مان ٽڪرو کڻي، هڪ ته کيس سنڌي ماڻهن جي مزاج، شوق، وندر ورونهن ۽ ڪرتن جي سڄاڻ طور ياد ڪري ٿو ۽ ٻيو ته سندس ذوق کي داد ڏئي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ”ڳجهارت جون ڪچهريون سنڌ ۾ اُتر، لاڙ، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان توڙي سنڌ جي موجوده سرحد کان ٻاهر لس ٻيلي، ڪڇ، ناڙي (ضلعو ڪڇي) ۽ چولستان بهاولپور ۾ مدت کان وٺي سگهڙن جي رس رهاڻ ۽ وندر ورونهه جو ذريعو پئي رهيون آهن. پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، امير توڙي غريب انهن سگهڙن جي صف ۾ شامل پئي رهيا آهن. اڄ کان پنجاسي سال اڳ ڪوڙومل چندنمل کلڻاڻيءَ ڳجهارتن جي ذوق بابت لکي ٿو ته ’سنڌ ۾ گهڻن ماڻهن خصوصاً ٻهراڙي ۾ ڳجهارتن جو ڏاڍو شوق آهي، رڳو اڻپڙهيل ۽ دهقاني ماڻهو نه، پر بعضي بعضي وڏا ماڻهو به ڳجهارتن سان اهڙيءَ طرح دل وندرائيندا آهن، جيئن چوپڙ يا پتن جي راند سان.“ (بلوچ، 1969ع، ص 1، آنلائين لائبريري)

هتي ديوان ڪوڙيمل جي ترتيب ڏنل ڪتابن مان چند مثال طور ڳجهارتون ۽ انهن جي ڀڃڻيون ڏجن ٿيون:

1. عمر- ماروئي

ڳجهارت:      وڻُ وڃيئي ميان سومرا، ڪاٺُ نه بچيئي ڪو، مون کي آڻي تو مالَ جن ۾ ڇو وِڌو؟

ڀڃڻي:                 وڻ ته ڄمون، ڪاٺ ته بُنڊ، مال جا ڇوڙا.

مطلب-                 ڄم وڃيئي ميان سومرا، بنڊ نه بچيئي ڪو، مون کي آڻي تو وڇوڙن ۾ ڇو وڌو.

(کلڻاڻي، 1901ع، ص 1 ۽ 19)

نتيجو:                 قيد جي صورت ۾ احتحاجن پِٽڻا پاراتا ڏيندي ماروئي عمر کي سڄي عمر جي برباديءَ جي پِٽ ڏئي ٿي، ڀلا بيوس ماڻهو ان کان سواءِ ڏاڍي ماڻهوءَ کي ڇا ٿو ڪري سگهي.

2. سسئي- پنهون

ڳجهارت:      هڻي ڪاٺيون مال کي وڃي مرون واريائون، جيڪس آءُ نار ٿي وڃي ڪاسبڪي کنيائون.

ڀڃڻي:                 ڪاٺيون ته ناڪيليون، مال ته اُٺ، مرون ته واگهو، نار ته ڳوري، ڪاسبڪي ته ڀاني.

مطلب-                 هڻي ناڪيليون اُٺ وڃي واڳون واريائون جيڪس آءٌ ڳوري ٿي، وڃي ڀاءُ ني کنيائون.

(کلڻاڻي، 1901ع، ص 4 ۽ 25)

نتيجو:                 سسئي پاڻ کي قصور وار سمجهي چوي ٿي ته ڳوري =ڳري ٿي پيس تڏهن ته پنهونءَ کي پنهنجا ڀائر اُٺن کي نڪ ۾ مهارون وجهي واڳون ورائي کڻي ويا هليا.

3. سهڻي- ميهر

ڳجهارت:      عورت لي اڌ رات جو قرآن ڪين ڪري.

ڀڃڻي:                 عورت ته سهڻي، قرآن جو سيپارو.

مطلب-                 سُهڻيءَ کي اڌ رات جو سيءُ پارو ڪين ڪري. (کلڻاڻي، 1901ع، ص 10 ۽ 36)

نتيجو:                 سُهڻيءَ کي جو ميهر سان عشق هو ته کيس سيءُ يا پارو ڇا ٿي ڪري سگهيو، يعني   جيڪڏهن سچائي هجي ته بهانا ٺهن ئي ڪو نه.

4. نيلا- چنيسر

ڳجهارت:              حاڪيماڻيون مون ڇڏيون، هاڻي مِرُن جون تون مَ ڇڏ.

ڀڃڻي:                 حاڪيماڻي ته ريسوم، مرن جون ته لوڌيون.

مطلب-                 ريسون مون ڇڏيون، هاڻي لوڌي تون نه ڇڏ. (کلڻاڻي، 1901ع، ص 11 ۽ 38)

نتيجو:         ٺاهه ٿيڻ، ڪَسُ ڪسر کائڻ، ڪس ڪست کائڻ سان ئي زندگيءَ جو وهنوار هلي ٿو.

5- مومل راڻو

ڳجهارت:      نالو نه نالو نالو ڙي

ڀڃڻي:                 نالو ته موسو، نالو ته راڻو، نالو ته آيو.

مطلب-                 مون سئون ته راڻو آيو ڙي.  (کلڻائي، 1901ع، ص 12 ۽ 39)

نتيجو:                 پرچاءُ ڪرڻ.

6- راءِ ڏياچ

ڳجهارت:      نر ڏيان، نر وٺي وڃ، پکي نه.

ڀڃڻي:                 نر ته جيرو، ٻيو نر جيرو، پکي ته پرمار.

مطلب-                 جيرو ڏيانءِ جيرو وٺي وڃ پَرَ مارِ نه. (کلڻاڻي، 1901ع، ص 13 ۽ 40)

نتيجو:                 قياس/ رحم کائڻ.

باقي ڳجهارتون ۽ انهن جي ڀڃڻي توڙي مطلب متفرقه جي عنوان سان آهن.

ديوان ڪوڙيمل هي سنڌي ڳجهارتون محبت سان ماڻهن جي ڇاتين مان ڪڍي نروار ڪيون هيون، جنهن کي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جو ذمو قيصريه پريس حيدرآباد 1889ع ۾ کڻي ڇپرايو ۽ ڪتاب جي سرورق تي ڪتب فروش جو نالو حاجي محمد يوسف حاجي مارو ڪراچي ڄاڻايل آهي.

منهنجي راءِ آهي ته ههڙو انمول خزانو نئين سر سرڪاري توڙي نجي ادارا ڇپرائي محفوظ ڪندا، ته ڄڻ سنڌي قوم جو هڪ دستاويزي سرمايو محفوظ ٿي پوندو.

حوالا:

1. سنديلو، عبدالڪري، 1986ع، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، ص 34، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.

2. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: (1969) ”ڳجهارتون“، ص 1، آن لائين لائبريري، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.

3. متوا، ڪلاڌر: (2012ع) ”ڳجهارتون“، (مهاڳ)، سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات، انڊيا.

4. ايضاً، حوالا نمبر 2، ص 1.

5. ايضاً، حوالا نمبر 1، ص 34.

6. ايضاً، حوالو نمبر 1، ص 35 .

7 . ايضاً، حوالو نمبر 1، ص 35 .

8. ايضاً، حوالو نمبر 1، ص 35 .

9. ايضاً، حوالو نمبر 2، ص 1 .

10. ايضاً، حوالو نمبر 1، ص 35 .

11. ايضاً، حوالو نمبر 1، ص 35 .

12. ايضاً، حوالو نمبر 1، ص 38 .

13. ايضاً، حوالو نمبر 1، ص 39 .

14. ايضاً، حوالو نمبر 1، ص 40 .

15. ايضاً، حوالو نمبر 1، ص 42 .

16. ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر: (2011ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، (ڇاپو ٻيو)، ص 61- 160، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.

17. ايضاً، حوالو نمبر 2، ص 2.

18. کلڻاڻي، ديوان ڪوڙومل چندنمل: (1901) ”سنڌي ڳجهارتون“، (ديباچو)، قيصريه پرريس، حيدرآباد.

19. ايضاً، حوالو نمبر 2، ص 2.

20. ايضاً، حوالو نمبر 2، ص 1.

21. ايضاً، حوالو نمبر 17، ص 1 ۽ 19.

22. ايضاً، حوالو نمبر 17، ص 4 ۽ 25.

23. ايضاً، حوالو نمبر 17، ص 10 ۽ 36.

24. ايضاً، حوالو نمبر 17، ص 11 ۽ 38.

25. ايضاً، حوالو نمبر 17، ص 12 ۽ 39.

26. ايضاً، حوالو نمبر 17، ص 13 ۽ 40.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org