سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

مضمون

صفحو :4

  زمان شاهه ”ساقي“

 

ڪافي

 

آئي مُند مَلهاري وي!

جهُڙ ڦُڙ وَسن جالارا جَم جَم!

موتيو مُگرو گؤنچ گوابي،

سُنبل حُسن هزاري وي؛

سَرو صنوبر سُو سن ريحان،

نرگس خُوب خُماري وي:

بُبل ٻولي قُمري ڪَم ڪَم!

ڄام ڄَموريون نِم ۽ ناريل،

وڻي وڻن وڻڪاري وي؛

اَنب اَنجير انگور اناري،

لالا لال لياري وي:

روز وسي شاخن تي شبنم!

ديد دُناليون، بڻڇيون ڀالا،

تيز ڀرون تلواري وي؛

ڳاڙها چَپ ڏند موتين جهڙا،

زلف قيامت ڪاري وي؛

دام وجهن ٿا دل کي دَم دَم!

ايندو دلبر عيد ڪنداسين،

تات اِها ٿم طاري وي؛

محب ’زمان شاهه’ موٽي ملندم،

پرين ڪندو پوئي واري وي:

ناز وارن جي اڳيان نم نم!

(ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه رضوي جي ٿورن سان)

 

”.....جي مون کان ڪير پڇي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪهڙي ڪافي توکي وڌيڪ ٿي وڻي، ته جهٽ چوندس: زمان شاهه جي ڪافي:

آئي مُند مَلهاري وي،

جُهڙ ڦُڙ وَسن جالارا جَم جَم!

۽ ائين به چوندس ته شاه جهان جي شاه ڪار ’تاج محل‘ جي دروازي جو ڏيک هڪ پاسي ۽ زمان شاهه جي هن ڪافيءَ جي سٽ: رُوز وسي شاخن تي شبنم‘ جو ورد ٻئي پاسي. منهنجي لاءِ ٻيئي ڳالهيون جهڙوڪر ڳالهه مڙوئي ساڳي!

اُن کان سواءِ زمان شاهه جي ڪافيءَ جون اِهي ئي ته اُهي سِٽون آهن، جيڪي ويساهه ڏيارين ٿيون ته ’صنف ڪافيءَ‘ ۾ به حسين ترين شاعري ڪري ڏيکارڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي.

زمان شاهه ”ساقي“ رضوي جو زمانو آهي 1890ع کان 1928ع تائين، ۽ سنڌ ۾ اهوئي زمانو مير عبدالحسين خان سانگيءَ، مرزا قليچ بيگ، سيد روشن علي شاهه، منٺار فقير راڄڙ، مير علي نواز ناز، پير علي گوهر شاهه ’اصغر‘، سيد رکيل شاهه ۽ مرزا نادر بيگ جهڙن هاڪارن انسانن جو به زمانو آهي. پر افسوس ، اُنهن بزرگن جي وچ ۾ هِن باڪمال ڪافي گو شاعر صرف اٺٽيهن ورهين جي ڄمار ماڻي ۽ پويان صرف اِهائي شاه ڪار ڪافي نه، ٻي دل پذير ڪافي: ”جنهن سان دلڙي لڳي، تنهن کان ڌار ٿيڻ.....“

کان سواءِ دل کي ڇُهندڙ ڳچ ڪلام ۽ ڪيئي اعليٰ معيار مرثيا به پويان ڇڏيا آهن. افسوس آهي جو زمان شاهه جا اِهي مرثيا اڃا اڻ ڇپيل آهن (۽ فقط هٿ لکيل بياضن تان سڄي سنڌ جي مجلسن ۾ پڙهيا ويندا آهن).

_نصير مرزا

 

عبدالڪريم گدائي“

 

سَــڏ

 

اي همسفرو، آواز ٻڌو!

هيءَ ڌرتي ماءُ پڪاري ٿي،

اڄ سانگيئڙن جا سور ڏسي،

هيءَ لڙڪ اکين مان هاري ٿي.

هت ڏاڍن جا ڏهڪاءَ ڏسي،

هيءَ پنهنجا سور سنڀاري ٿي.

هن ڌرتيءَ تي ڌاڙيل ڏسي،

اڄ ڳڻتي هن کي ڳاري ٿي.

اي گهوٽ اُٿو، اڻموٽ اُٿو!

هن ڪوڙ جا ڊاهيو ڪوٽ اُٿو!

هيءُ ٺاهه ٺڳيءَ جو ڪاڪ محل،

۽ سرمائي جو رنگ محل!

سڀ ڊانواڊول ٿي ڊهڻو آ،

هن ماتا مٺڙيءَ جي خاطر،

ڪجهه خون ته آخر وهڻو آ،

اي شاگردو، اي مزدورو!

هن سنڌ وطن جا فرزندو!

سڀ گڏجي هڪڙو وار ڪيو!

هن ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن جون،

اڄ سسيون ڌڙ کان ڌار ڪيو!

سڀ هوشو ۽ دودا بڻجي،

اڄ هڪٻئي جا دم ساز ٿيو.

هن خاڪ کي رت جو ريج ڏيو،

۽ ملڪن ۾ ممتاز ٿيو.

(ٽماهي ”مهراڻ“ 2/1974ع، ص 26)

”.....سنڌي ادب جي تاريخ ۾ محترم عبدالڪريم ”گدائي“ هڪ قادرال ڪلام ۽ ڪهنه مشق عوامي شاعر جي حيثيت سان نهايت مشهور ۽ مقبول شخصيت جو مالڪ آهي. سندس فن ۾ جذبات جي فراواني سان گڏ ولوله انگيزي ۽ انسانيت ۽ وطن ”سنڌ“ سان بي پناهه محبت آهي. سندن فن اڌ صديءَ ۾ پيدا ٿيل حادثن ۽ واقعن ، تحريڪن ۽ انقلابن جو رد عمل آهي، ان ڪري سندس شاعري نوجوانن لاءِ تعميري ۽ آدرشي انقلاب ۽ اصلاح جي دعوت آهي. سندس شاعري اجائي پروپئگنڊا، هاءِ گهوڙا، نعري بازيءَ ۽ جذباتي آهنگ ۽ رنگ کان گهڻو پاڪ آهي. انقلابي ۽ جذباتي شاعري گهڻو ڪري خشڪ، بي رس ۽ لفظي جوش و خروش تائين محدود ٿيندي آهي، باوجود اُن جي ”گدائيءَ“ جو فن دعوت ۽ نصيحت، وعظ ۽ هدايت سان گڏفني رس رهاڻ ۽ ذوق جماليات کان خالي ناهي. سندس فن ۾ آدرشي ۽ اصلاحي قسم جو احتياط ۽ اعتدال موجود آهي، جنهن جو نصب العين سيرت سازي، فڪرو نظر جي صحت، زندگيءَ جي صحتمند قدرن جي تشڪيل، پنهنجي وطن سنڌ جي حفاظت ۽ خدمت آهي.سندس فن ۾ جذباتيت ۽ هيجان خيزي. لفظي ترڪ تازي ۽ نعري بازي، جادوگري ۽ بازي گري ناهي، پر اُنهن جي جاءِ تي پنهنجائپ جي ماحول ۾ خلوص، پيار، وطن دوستيءَ، ايثار ۽ قربانيءَ جو سنديش آهي. اِهي ئي چند معيار آهن، جن جي ڪري ”گدائيءَ“ جو فن پنهنجي معاصرين_ قدامت پسند توڙي جدت پسند_ شاعرن ۾ هڪ انفرادي مقام حاصل ڪري چڪو آهي.....“

_غلام محمد گرامي

[”پکڙا ۽ پنهوار“، مجموعهء ڪلام، عبدالڪريم ”گدائيءَ“، مقدمي مان ٽڪرو، ص 299]

 

بردو سنڌي

 

گيت

 

ويهي اوريون اور، پرين اچ،

ويهي اوريون اور!

مُند ملڻ جي آئي موٽي، تون ڀي اَچ هرجائي موٽي،

پنهنجي جوانيءَ جي صدقي تون سِڪ جو سڳڙو سور،

پرين اَچُ،

ويهي اوريون اور!

لوڪ جا مهڻا موڪ ملامت، هاءِ وڇوڙو آ هڪ شامت،

تو آئي ويا، سُورن جو هِت ڪونه بچيو ڪو ڀور،

پرين اَچُ،

ويهي اوريون اور!

ڳُڻن ڀريون ڪر ڳالهيون جاني، مُرڪي کَڻ تون اک مستاني،

تنهنجي گهُور ڪري جئن مٺڙا، پيهي مَن ۾ پور،

پرين اَچُ،

ويهي اوريون اور!

توکي جانب! سانگ سيباڻا، ڇا جي ٿي ويا سور پراڻا؟

پر آ ”برده“ آس ملڻ جي، اڄ ڀي نئين نڪور،

پرين اَچُ،

ويهي اوريون اور!

(ٽماهي ”مهراڻ“، 1/1956ع، ص 28)

”.....بردي جي شاعري ڏسي مون کي بُلڙيءَ واري جي دوهي جي پهرين سِٽ ياد ايندي آهي: ”پاڻ ياريءَ سر ٻهڙو، جر ۾ پکي جيئن“، بردي جي ڪلام ۾ اُهڙوئي خوبصورت توازن، نزاڪت، لچڪ ۽ ٻهراڙيءَ جي روماني زندگيءَ جي جهلڪ آهي، جهڙي پاڻ ياريءَ جي مٿي تي گهڙا پيدا ڪندا آهن، ۽ هن جي گيتن ۽ نظمن ۾ اهڙي بي ساخته رواني ۽ پاڪيز گي آهي، جيئن جر ۾ پکي لهوارو ويندو هجي. شاعر هر انسان جيئن پنهنجي ماحول کان متاثر ضرور ٿئي ٿو، ۽ هو_ چاهي يا نه چاهي_ خارجي ۽ داخلي زندگيءَ جا تاثرات هن جي شاعريءَ مان ضرور بَکن ٿا. پر جيئن مصور لاءِ رنگ فضا کان زياده اهميت ٿا رکن، تيئن لفظ شاعر لاءِ پنهنجي ماحول کان زياده اهم آهن. هو لفظن جو مصور آهي، ۽ هر لفظ کي روح آهي، جنهن جي گهرائي شاعر کان زياده ڪوئي نٿو پر کي سگهي. هر لفظ جي پنهنجي پنهنجي حسين دنيا آهي، ۽ شاعر جو روح لفظ جي نگريءَ نگريءَ ۾ ڀٽڪندو رهندو آهي.....“

_شيخ اياز

[’بردي‘ جي مجموعه ڪلام ”اکڙيون مينگهه ملهار“ جو مهاڳ]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com