سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2- 1967ع

مضمون

صفحو :14

 اهو ته يقين آهي ته برقعي ڍڪڻ سان ئي بدن جي انجڻ بيهو رهي. حرڪت جي بند ٿيڻ کي ئي موت ٿو چئجي. ڪمزوري بت نستو ڪريو ڇڏي. هيڻائي آخري جنبش بيهاريو وجهي. مرض الموت جي دوران پڻ اميد جي آڌار تي زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ ڪئين سبب پيٽ ۾ داخل ڪرائجن ٿا. موت وگهي اهي شيون ٻاهر نٿيون نڪرن پر اندر ئي رهجيو وڃن. سو سائين کي چوان، مُئي پڄاڻان پڻ پيٽ خالي نٿو رهي. ڪجهه نه ڪجهه منجهس آهيئي آهي. حڪيمن جو چوڻ آهي ته دل جي حرڪت بند ٿيڻ کان پوءِ به ڪجهه مدت تائين معدو ڪم ڪندو ٿو رهي ۽ آنڊن کي روزي رسائيندو ٿو رهي. مطلب ته موجود مال ڳرندو ٿو رهي. مڙدي کي غسل ڏيڻ مهل پيٽ کي هٿ سان زور ڏئي، خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پر جيئن ته انساني عمل ڪڏهن به مڪمل ڪماليت حاصل نه ڪئي آهي، تنهنڪري باوجود ڪوشش جي پيٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور رهجيو وڃي. بازو ميدان صاف خالي نٿي ڪرائي سگهي. لوڏي اچڻ سان اهڙي ڪن ڪچري نڪري اچڻ جو انديشو رهي ٿو، مُشڪون جيڪي روڪٿام جو ڪم ڪنديون آهن، پنهنجو ڪم ڇڏيو ڏين، پوءِ روڪي ۽ جهلي ڪير. جيڪڏهن ڪجهه نڪري آيو ته پوين لاءِ خواري، ويچارن وارثن لاءِ بيگناهه عمر ڀر لاءِ ذلت ۽ رُسوائي. عام طبقو ته طبي معلومات نٿو رکي جو اهڙن نتيجن کي سمجهي. اهڙي بدناميءَ کان بچڻ لاءِ ۽ اڻڄاڻو جاهل جي کل مسخريءَ کي ٻُنجي ڏيڻ لاءِ هي طريقو اختيار ڪيو ويو. مقصد رهيو بدنامي بند ڪرڻ. هاڻي جي ٿو ڄٽن کي چٽيءَ ريت سمجهائجي ته ڏيندا گڏهن واري هينگ ۽ اڇليندا اٽون. بي علم تي عقل ڪڏهن به نٿو ڇانئجي. ان ڪري سچ کي نقلي ويس پارائي طوائف واري طرز هلڻي پئي. ڳائيندڙ بي سرو هوندو آهي ته سازندا سندس آواز کي ساز سان لنبي ڇڏيندا آهن. مذهبي آڙ موهه پيدا ٿي ڪري، سو ان دُهل سان هي ڊڍ ٿو وڄائيو وڃي ته اثر پيدا ٿئي، نه ته فطرتي ڪارروائيءَ کي گناهه ثواب سان ڪو تعلق ڪونهي.

آهستگي عزت آهي، تڪڙ نقصانڪار آهي، جي ڊڪندي ڪو ڪانڌي ٿاٻڙجي وڃي ڪري ته الاهي امانت به اچي پٽ پوندي، وري ساڳي خواري ۽ ستم ظريفي، شايد هي به هڪ سبب هجي، انهي حڪم جاري ٿيڻ جو.

اچو ته وري ساڳي تصوير جو ٻيو پاسو ڏسون. بس پهرئين قصي جي بلڪل ابتڙ.

جنازو قبرستان ويجهو پهتو ته ڪانڌين جي وِک تيز ٿي ويندي آهي، ان وقت لوڏي جي اثر کي بلڪل ڀُلجي ويندا آهي، شرم لڪائيندي وراڻيندا آهن: ادا قبر جي ڇڪ پيرن کي تِکو ڪيو ڇڏي. ڄڻ ته ڌرتي واڳونءَ وانگيان وات ڦاڙيو ويٺي آهي ته بس مڙدو اچي ته وٺي کاوانس. واهه ڙي ڀيچي واهه، هڻيو ڇڏيوس! حقيقت ڳالهه جي هيءَ آهي ته مُقام آهن پري، پنڌ ٿو ٿئي ڏورانهون، وري ڪمزور ڪُلهن تي بار، انسان ويچارو ڏٻرو، سو منزل جي ڏيکائي وٺي لوڇ پيدا ڪرائيس ته بس پهچون ۽ پهچون ته جند آزاد ٿئي، دفن ۾ به ته دير ٿي لڳي، جيئرن کي ته واپس ورڻو آهي، ڪنڌي جو ٿڪ وٺيو ڊڪائيس، باقي قبر جي ڇڪ ته اصل ڪانهي. حياءَ لڪائڻ ۾ وري ٻي سياڻي مدد ڪئي، انساني فهم تکو آهي، مُئي جي عزيزن کي به تسلي کپي. آخر به ته وارا ڄمارا آهن. اڄ اسين سڀاڻ هُو. ڀائرن جا بهانا بيڪار نه پر سچ کان گهڻو پري آهن، ضرورت ڪوڙ کي سچو ڪري نٿي سگهي. مَٺُ هر حال ۾ مَٺُ آهي. لاچار انسان کي زهر به پيارائي ٿو، پوءِ ڇا ضرورت زهر جي اصلت وڃائي ٿي ڇڏي ڇا؟ هرگز نه. البت لِڪ وجود ۾ اچي ٿي. ملاوت تِک کي گهٽ ڪري ٿي.

هِت انساني عقل جو هڪ ٻيو مثال به پيش ٿو ڪريان، جيڪڏهن ان جو سڌي طرح هن مضمون سان لاڳاپو ڪونهي.

ميت جي عذرخواهيءَ وقت ٽي ڏينهن پٿر پوندا آهن. ان وقت پٽ تي وهڻو پوندو آهي. چوندا آهن ته ايئن ڪرڻ سان فوتيءَ کي ثواب ٿو رسي. هي به هڪ بهانو ٺاهيو ويو آهي. اهڙن موقعن تي تڏي تي گهڻا ماڻهو ٿا اچن. کَٽون يا ڪرسيون پوريون ڪونه پونديون، ٻيو ته اهڙو سامان جاءِ گهڻي ٿو والاري. زمين تي وهڻ سان گهڻا ماڻهو داخل ٿي سگهندا. ان سهوليت کي مذهبي جامو مصلحت طور پارايو ويو آهي. وري ٻهراڙيءَ ۾ مزارن تي کٻڙ جا پن رکندا آهن ڇو ته گل ان پاسي ٿئي ڪونه. ان عمل ۾ پڻ ثواب کي داخل ڪيو ويو آهي. کٻڙ اُٺ جي خوراڪ آهي ۽ اُٺ بي عقل جانور آهي ته کٻڙ جي ثواب سان ڪهڙي نبت ٿي سگهي ٿي؟

سڪرات ۾ آواز نڪرندو آهي. جي اها حالت گهڻو وقت هلي ته اهو خيال پيدا ٿيندو آهي ته مرندڙ گهنگار آهي ۽ عذاب ۾.اهو به غلط. سڪرات وقت بيهوشي ٿيندي آهي، هوش نه رهيو ته سور جو احساس ڪيئن پيدا ٿيندو؟ مصنوعي بيهوشي پيدا ڪري، حڪيم جيئري کي شفا رسائڻ لاءِ وڍيندا آهن. ان وقت بيهوش کي نشتر جي تيزي اصل محسوس نه ٿيندي. ساڳي بيهوشيءَ کي سڪرات ٿا چون. هاڻي اچون آواز تي. اهو آواز ان ڪري ٿو ٿئي جو بيهوشيءَ ۾ ڪم طاقتي سبب ساهه کڻڻ لاءِ زبان وڃيو پٺتي ڪري. ان ڪري ٿو آواز ٿئي. اسپتالن ۾ اهڙي موقعي تي آواز روڪڻ لاءِ ڄڀ کي سئي ڌاڳي سان سبي ڇڏيندا آهن. زبان جو پٺتي ڪرڻ بند ٿيو ۽ آواز ازخود بيهجي ٿو وڃي. ساهه نڪرڻ  ۾ دير ان ڪري ٿي ٿئي جو مرندڙ ۾ ڪافي طاقت آهي جا آخري دم تائين لڙندي ٿي رهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن طاقت گهٽبي ويندي ۽ انسان ڪمزور ٿيندو ويندو. ان طرح دل جي هلڻ جي رفتار گهٽ ٿيندي جيسين وڃي ختم ٿئي. ظاهر ٿيو ته مرڻ سان جا هڪ قدرتي ڪارروائي آهي. نيڪي ۽ بديءَ جو ڪو لاڳاپو ڪونهي.

هڪ خط.

مٺا سائين: شال خوش هجين! چاچي سائينءَ نيٺ وڃي موڪلاڻي ڪئي. موذي مرض وڪوڙي ويا هيس. ويرين ورهين کان پي ولوڙيس. اهو مڙس هو پئي سَٺئين. آخر وڃي جند ڇڏايائين. مصيبت کان نجات مبارڪ جو باعث ٿي ٿئي. سمجهان ٿو ته هن وقت تنهنجي دل کي ڪيڏو نه چئن هوندو! ها اداس به هوندي. ضرور غم ملڻ آيا هوندئي، پر اهي مهمان جلد موڪلائي ويندا. سدائين جو سوداءُ نهوڙيو ڇڏي. اهو ڪو خود غرض هوندو جو پنهنجي شخصي صحبت خاطر چاهيندو ته پنهنجو پيارو پيءُ پيو چُڙي. ڪئين ڀيرا اها وائي ٻڌي اٿئون: ’مولا سائين هاڻي ته پنهنجو ڪرينس‘ ڇا اها دشمني ۽ دغا آهي؟ بلڪل نه. اها قرباني آهي. دوست دلبر جي خوشيءَ خاطر پنهنجا حق ڇڏي ٿو. موت ته اوس اچڻو آهي. پوءِ ماتم ڇا جو؟ اداسي ۽ غمگينيءَ جو سبب فقط هڪ آهي. ويل جي وئي کان پوءِ يقين ٿو رهي ته سندس صحبت وري نصيب نه ٿيندي. اهو ارمان دل کي داغي ڪري ٿو. ورنه وصال دائمي ناهي. موت يقيني آهي. ادا سائين، مرحوم جون ياد گيرون سڙندڙ داغ کي ڇنڊو هڻي ٽاري ڇڏينديون. ماڻهو چوندا ته آءٌ ڪا ٻي ٻولي پيو ٻوليان. پرتون ته منهنجي زبان سمجھين ٿو. يار سان ڪوڙ؛ دوست سان رسمي دلبو، پنهنجي پرچاڻي نه رهي آهي ۽ نه رهندي. اڄ ڪئين ماڻهو اچي تنهنجي اوطاق ۾ ڦلڙو منهن بنائي وهندا. دل ۾ پيا ڀت تي ڀرندا. انهن مان ڪي ته اهڙا به هوندا، جن جي چاچي مرحوم سان ڏورانهين ڏيٺ ويٺ به نه رهي هوندي. انهن کي ڏک ڪهڙو؟ سور اتي ٿيندو جت ڌڪ لڳندو. جنهن ڳالهه جو درد آهي انهيءَ جو واسطو تعلقدارن سان آهي. انهيءَ ڪري ته ڪوڙيون رنون منهن تي پلو وجهي اجايون اوڇنگارون ڏينديون آهن. اهو سڀ ڌوڪو آهي. اڄ چاچو هليو سڀاڻي پاڻ هلنداسين. اهو دنيا جو دستور آهي. زماني سان ڪنهن نه رهائي آهي. سڀڪو ڇڏيو ڀڄيو وڃيس. وڏي جي غير موجودگي ٻه – چار ڏينهن مونجهه پيدا ڪندي، پر نرجو انسان وقت جي وهڪري سان سڀڪجهه وساريو وهي. ايئن نه ٿئي ته جيڪر ڪير جِي سگهي؟ چاچي سائينءَ به ته خود پنهنجي ابا حضور کي آخر دل تان ميٽي ڇڏيو هو نه. اها اڪيلائي لطيف ڏاڍي سهڻي نموني سمجهائي آهي. فرمائي ٿو:

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا!

مرحوم جي شخصيت عجيب يادگار آهي. مجاهد مڙس هو. شل سندس نقش قدم تي هلون. شل اها توفيق پايون. وڇوڙو وسار ته وِک وڌئي وجود ڏي. يار کي نستو ڪرڻ نڀاڳ آهي. مهلون مڙسن تي اينديون آهي. مرد اُڪري پار پوندا آهن . سڙهه چاڙهه ته پار پئون!

چمي:

جاهل طبقو چميءَ جهڙيِ مقدس عمل کي وڃيو جنسيات جو سامان ٺاهي! بيعلميءَ جو قهر ته ڏسو. چمي قرب جو اعتراف ۽ پيار جو اظهار آهي. ماءُ پنهنجي ٻار کي ڪيتري نه چاهه مان چمندي آهي، مريد وري مرشد سائينءَ جا هٿ پير چمندو آهي. مطلب ته ڪو سنڌ چپن جي آلاڻ کان سواءِ نه ڇڏيندس. هنڌ کٽولي سوڌا سڀ ٽپڙ چميا ويندا آهن. ايراني عزت افزائي خاطر بزرگن جا هٿ چمندا آهن ۽ ننڍن جا نرڙ. عيسائي قوم ۾ موڪلائڻ مهل هڪ ٻئي جا ڳٽا چميا ويندا آهن. لبن تي پڻ نسبت  آهر وار ڪندا اهن. محبت جي جذبي لاشن کي پڻ چميءَ جو نشانو بنايو آهي. عاشق معشوق چپن مان رس وٺندا آهن. چمي ڏيڻ ۽ وٺڻ سان هڪ عجيب لذت محسوس ٿي ٿئي. مزي جو واسطو صرف جنسيات سان نٿو رهي. ايئن برابر آهي ته اهو انساني پهلو پڻ هن حقيقت سان وابسته آهي، پر ڪنهن به حالت ۾ سڀ جي جاءِ نٿو والاري، بلڪ سڀ جو هڪ ڪمترين حصو آهي. پيارا دوست وڇوڙي کي تانگهي گڏبا آهن ته چمين جا ٽوڪر ٽُٽي پوندا آهن. الفت کي نفس سمجهڻ ناحق آهي. گهوٽ ڪنوار جي چمي پڻ قدرداني آهي.

سڪون.

تنهنجي گود ۾ سمهندي ساهه نڪريم ته موت ۾ موج اچي وڃي. اهڙي اجل کي وڃي جيڪر ڊڪي ڀاڪر پايان. پڄي ته چنبڙي چهٽي پوانس. مور نه ڇڏيانس سسيءَ مٿان محبوب جي تکي ڇري آهستي آهستي وهي ته ان مان سڪون ملندو. حضرت عثمان هارونيءَ هن جنس کي ڏاڍو پيارو پيش ڪيو آهي. کيس بي نقاب ڪندي چوي ٿو: ”سمجهي نٿو سگهان ته آخر ديدار جي دم لاءِ ڇو نچي رهيو آهيان، پر مون کي پنهنجي ذوق تي ناز آهي. آءٌ پنهنجي يار اڳيان نچي رهيو آهيان. تون اهو قاتل آهين، جو تماشي خاطر خون وهائين ٿو. آءٌ اهو بسمل آهيان، جو تنهنجي خونخوار خنجر هيٺان رقص ڪري رهيو آهيا. اي رند! خوش ٿي، اڄ منهنجي پارسائي پائمال ٿي وئي. ڏسو ته سهين ته زاهد جي جنبي ۽ شيخ جي دستار سان نچي رهيو آهيا. آءٌ پنهنجي رقص ۾ مست ۽ بي خبر آهيان!“ تسڪين جي عالم ۾ سانت ۽ سلوڪ آهي. وجودئي وسريو وڃي. راحت ويٺي لڱن کي لوئي ٿڌڙا ڪڍي. چپن تي تبسم ۽ اکين ۾ مستي ڇانئجيو وڃي. گويا انسان چانڊوڪيءَ رات ۾ درياهه جي ماٺي پيٽ ۾ راڳ جي رمزن ۾ پيو جهُلي. ڌرتيءَ تي سٻاجهائي وڇائنجيو وڃي. محبوب گگدائيندو رهي. دنيا کان بيخبر، پيار جو پيالو پياريندو وتي. يار جي گفتار، ڀيروين  مثل هڪ هيڪڙائي ڇانيو ڇڏي. ڪو فرق ڪونه ٿو لهي. اهو آهي عالم سڪون. هيءَ اها فضا آهي، جتي تمام درد ڏک سور سڀ سڙيو خاڪ ٿيو وڃن. هڪ بيچين، سڪون کي وڃي هئن لڌو. دل ۾ اهيئي خيال هيس ته يار اڳيان پيش ٿيندي ئي سڀ شڪايتون سامهون رکندي چوندس: دل ۾ ڏاڍو رنج و ملال آهي. هن وٽ اهي وسوسا ته حالِ دل ٻڌائڻ سان اڳئين عذاب کان نجات ملي پوندي. بس اهي اميدون گودڙيءَ ۾ کڻي يار هليو اڳتي. آخر منهن مقابل ٿيو. پيس جو پرينءَ تي اک ته  به رهيو سور نه رهيو رنج نه رهيو درد. سڀ اوچتو اڏامي ويا. نه فڪر نه گمان، بس پاڪ ئي پاڪ. بس سڪون ملي ويو!

لطيفي سڪون به عجيب ۽ دلڪش عالم آهي. خوديءَ ۾بي خودي سمايل آهي:

جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن،

فڪر فرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن،

پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي!

يار جو ديدار هر مرض جو دارون آهي. هڪ لحظي ۾ سڀ ڏک ڏاکڙا لاهيو ڇڏي. جڏهن عاشق، معشوق ۾ جذب ٿي پنهنجي هستي مٽائي ٿو، تڏهن لفظ فنا جو وجود ڄمي ٿو. هڪ جوڳيءَ جو چوڻ آهي: ” اي نادان منهنجي وهاڻي وٽان اُٿي وڃ. عشق جو واحد علاج فقط ديدار آهي!“ سسئي، پنهونءَ جي سوز ۾ غش پئي آهي ته اچي عزرائيل سڏ ڪيس: راڻي هلي آ هوت ڏي. سسئيءَ جي تصور ۾ هيو پنهون، سو کلي خوش ٿي اُٿي. هي منظر به لطيف ڏيکاريو آهي.

اچي عزائيل، سُتي جاڳائي سسئي،

ٿي ڊوڙائي دليل، ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو!

جڏهن انسان پنهنجو پاڻ وِهائي، عشق جي حجري ۾ وڃيو آرامجي ته سڪون اچيو پنهنجي سرڪون پياريس. زندگي ان گهڙيءَ کي چئبو آهي، باقي فڪر ته فنا ڪندڙ آهي. لطيفي لنـﺆ ڏاڍي اونهي آهي!

هاڻي وري هڪ ٻئي دوست (غالب) ۽ مشهور شاعر، جو چرچو ڏسو. محبوب سندس بازو مٿان ليٽيل آهي. حواس گم ٿي چڪا اٿس. اتي ٿو آلاپي: ”ننڊ ان جي، دماغ اُن جو، راتيون ان جون آهن، جنهن جي بازو مٿان تنهنجا زلف پريشان پيا هجن!“

حاصل مطلب ته سڪون پنهنجي پاڻ قربان ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو. هي اهو عالم بيخودي آهي، جنهن ۾ ريس مريو وڃي، ڪينو ڪسيو پوي، اوندهه غائب ٿيو وڃي، دليل ۽ دوکو دسجيو پون، انسان ستارن جي سيج تي سمهيو رهي ۽ هيرون کيس پيون لوليون ڏين. ناز ۽ نياز هڪٻئي جي گود ۾ پهچي، چنڊ ۽ ڪڪر جي چال سان لڪلڪوٽي راند شروع ڪيو ڏين!

ڪوڙ:

ڪوڙ سچ جو ضد، حق جو مخالف ۽ ڪريل جو حامي آهي. اصليت کي ميٽڻ ۽ حقيقت کي لڪائڻ هن جي زندگيءَ جا خاص مقصد آهن. هيءُ مڙسن جو ويري ۽ پيار جي پاڙ پٽيندڙ آهي!

ڪوڙ ڊپ جو پُٽ آهي. سندس پيدائش خوف جي سرزمين تي ٿيندي آهي. ساري دنيا ۾ بيپاڙيءَ وانگر وڇايو پيو آهي. وٽس امير يا فقير جو ڪو امتياز ڪونهي. اڪثر بڇڙين گهٽين ۾ ڀٽڪندو ڏسبو، پر ملندو مولا جي هر ميدان ۾. گناهه جي نسل سان هن جو ڳوڙهو ڳنڍ آهي. سندس تاثير ڌوڪو آهي!

جو به فعل ممنوع آهي يا جنهن به عملي قول جي اگهاڙيا فتنو جاڳائيندڙ آهي، ان کي ڪوڙ جي ڪڪرن ۾ لڪايو ويندو آهي. ڪوڙ کي انسان پنهنجو بچاءُ سمجهي، بنيادي حق قرار ڏنو آهي. ان ڪري رفيق حيات جو به لقب مليو اٿس. هن جي ظاهري توهين به ڪري ٿو پر ويهاريس هميشه دل جي صندليءَ مٿان. هي هٿيار انسان، سماج توڙي پنهنجن يا پراون خلاف صدين کان استعمال ڪندو ٿو اچي. ڪوڙ پناهه جي ڍال ليکيو ويو آهي. هن اوزار حق تي ڪئين ڀيرا سوڀ پاتي آهي.

ڪوڙ ڪنو برابر آهي، پر پنهنجي ضرورت جو احساس قائم ڪرائي چڪو آهي. عالمن سڳورن وٽ به عزت پاتي اٿس. دروغ مصلحت آميز نه صرف جائز بلڪ لازم قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن هن غريب تي ڦٽ لعنت جو وسڪارو ٿيندو آهي، تڏهن سندس چند ساٿي مڙئي پاسو وٺندا اٿس. جواب ۾ ويچارا عذر طور وراڻيندا آهن ته غريب ڪوڙ ته فتني کي ٽاري باهه وسايو ڇڏي. مطلب نڪتو ته جي صغير گناهه، ڪبير گناهه کي روڪي ته ان جو ميرو پاسو اُجري اڇو ٿي پوندو ۽ پليت وڃي پاڪ بڻبو. اچو ته مثال وٺون: طوائف پنهنجو جسم ۽ عزت وڪڻي هڪ وحشي جي جبر کي روڪي ٿي. جي وئشيا بزار ۾ نه هجي ته دنيا ۾ هوند ٿرٿلو پئجي وڃي. گهر گهر گناهه جو اڏو بنجي وڃي. گويا هن جو وجود ۽ پيشو فائدي جي باعث ٿيو. پرک پوري رهي نه؟ ظاهر ٿيو ته زاهد وٽ عمل جي وقعت وڃي مناسبت تي بيٺي. واعظ ته هن ميدان مان حقيقت کي بيدخل ڪيو ڇڏي.

دنيا وٽ ته ايئن تسليم ٿيل آهي ته خالق اڪبر دانا بينا آهي. هو سڀ ڏسي به ٿو ۽ ٻُڌي به ٿو. ان حال ۾ ڪوڙ بي معنيَ عمل بنجيو پوي. جي خدا کان ڪجهه به ڳجهو ڪونهي ته پوءِ لڪ ڇاجي؟ ڏوهه ثواب جو وقار ته وڏي واليءَ وٽ آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ سان هو پنهنجي اعمالن تي، پنهنجي جنس جي نظرن کي پري ڪرڻ لاءِ پردو ٿو پائي. ان ڏس ۾ ڪاميابي ۽ فتح ڪوڙ جي ٿي. هاڻي فيصلو ڏيو ته ڪوڙ دليري يا بزدلي؟

”مهراڻ“ جا موتي

·    ماڻهوءَ جو اهو خيال سندس بيوقوفيءَ تي دليل آهي، ته هو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ ڏاهو ۽ عقلمند سمجهندو رهي. – جالينوس

·    زندگيءَ جو مقصد، مال ۽ دولت، خوشي ۽ مسرت نه آهي؛ پر مقصد آهي، انسانيت جي تڪميل. – هيگل.

·    جنهن شهر ۾، هڪ ماڻهوءَ به بُک ۾ رات گذاري آهي، ته پوءِ ان شهر مان، الله تعاليٰ پنهنجي توجهه، پنهنجي رحمت ۽ پنهنجي حفاظت جا ذميدارانه واسطا کڻي ٿو ڇڏي.  –رحمت اللعالمين.

·    ذاتي پريشانيءَ کي دور ڪرڻ جو سولو طريقو اهو آهي، ته ماڻهو پاڻ کي ڪنهن تعميري ۽ مفيد ڪم ۾ مشغول رکي. – جيمز رسل

·    جي ماڻهو، پنهنجي زندگيءَ کي، ڪنهن بلند مقصد لاءِ وقف نٿا ڪن، ۽ پنهنجي عمر اجاين ڪمن ۾ وڃائن ٿا، اهي چور آهن.  –گانڌي.

·    اهو دوست ڪهڙو، جو رڳو اوهان جي وقت کي ضايع ڪندو رهي. اوهان اهڙو دوست ڳوليو، جنهن کان هميشه اوهان جو وقت زندهه رهي. – خليل جبران.

·    خوبصورتي، بيشڪ زندگيءَ جي وڻ ۾، هڪ نازڪ شاخ وانگر آهي، پر جيڪي ان کان وڌيڪ آهي، ڇالاءِ ته نيڪي آهي لذيذ ميوو.    _سقراط

·    منهنجو يقين آهي ته، اڳتي هلي، عقل جي ترقي، انسان جي جسماني ڪمزورين کي ختم ڪري ڇڏيندي.         _لارينس

·    تعليم يافته ماڻهوءَ جو اهو نشان آهي، ته هو جنهن به ڪم ۾ هٿ وجھي، ان کي تمام سهڻي نموني ۾ پورو ڪري ڏيکاري. _جمال الدين افغاني

·    هرچيز هڪ عنوان آهي، ۽ ڪنهن صاحب نظر جي منتظر آهي.     وڪٽر هيو گو

·    عقل، جن چيزن کي ملائي ٿو، يا جن چيزن کي جدا ٿو ڪري ؛ ان جي خلاف، ملائڻ جي بجاءِ جدا ڪرڻ، ۽ جدا ڪرڻ جي بجاءِ ملائڻ وڏي بيوقوفي آهي. _چيسٽر

·    اوهان اهڙي تعليمي نصاب مان، ملڪ جي ترقيءَ جو ڪوبه تصور قائم ڪري نٿا سگهو، جنهن ۾ اڄ کان هزار سال اڳ وارا نظريا پڙهايا ٿا وڃن.        _جمال الدن افغاني

·    مون وٽ ساده دل ۽ گمنام انسان، پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جا لازوال تحفا کڻي اچن ۽ منهنجي روح کي مالامال ڪن؛ اهي انهن کان بهتر آهن، جو پڙهيل ڪڙهيل اچن ۽ مڪر ۽ فريب سان، منهنجي روح کي رنج پهچائين.       _گورڪي

·    انسان، حسن اخلاق سان ئي بلند درجا حاصل ڪري ٿو.       _رسول ڪريم صلعم

·    محض دولت جي هجڻ سان، ڪو ماڻهو، شريف انسان نٿو سڏائي سگهي._احمد ڪبير

·    دشمن جي طاقت جو تصوّر، ان جي اصلي طاقت کان وڌيڪ؛ ۽ انقلابي قوتن جو تصوّر، ان جي اصلي قوت کان گهٽ ڪرڻ، زبردست غلطي آهي.      _مائوزي تنگ

·    جج، قانون جو هڪ اهڙو شاگرد آهي، جو پنهجي امتحان جا پرچا، پاڻ ٿو ڏسي. _بيڪن

·    جڏهن تون ضرورتمند ۽ محتاج ٿي پوين، ته پوءِ به نڪو ڪمزوري ظاهر ڪر ۽ نڪو نااميد ٿي.  _معريٰ

·    محبت، زندگيءَ جو مقصد نه، پر هڪ ڪردار آهي.   _بيچر

·    اهو چٻرو، جنهن جون اکيون رڳو رات جو کُلن ٿيون، اهو روشنيءَ جي اسرار کان ڪٿي ٿو واقف ٿي سگهي. _خليل جبران

·    اها دل، جنهن ۾ خلوص جو پاڪ جذبو آهي؛ سا ان سِپَ وانگر آهي، جنهن ۾ موتي نه هجي.    _بائرن

·    اگر اسان، آزاديءَ جي زندگي نٿا گذاري سگهون ته پوءِ ان جيئڻ کان موت بهتر آهي.    _ٽيگور

·    انفگرادي صلاحيت، ڪيتري به اجنبي هجي، اها به جماليات جي نظام جو هڪ حصو آهي.       _اليٽ

·    محبت، انسان جي اندر ۾ لڪل هڪ شريف جذبي جو نالو آهي. اگر اهو ڪڍي ڇڏبو ته پوءِ انسان ۽ حيوان ۾ ڪوبه فرق نه رهندو.   _رسل

·    همت سان زندگي ٿي بنجي ۽ بزدليءَ سان موت.  _حضرت علي

·    زندگيءَ جو ادب اهو آهي__جنهن ۾ فڪر آهي، آزادي جو جذبو آهي، روح آهي، زندگيءَ ۾ حقيقي روشني آڻڻ جو خيال آهي؛ جو اسان ۾ حرڪت، عمل ۽ بيقراري ٿو پيدا ڪري، ۽ سمهاري نٿو. ڇالاءِ ته ننڊ موت جي علامت آهي. جمال الدين افغاني

”مهراڻ“ تي تبصرا

مهراڻ“:3 ،4-1966ع

سنڌي ادب جي ترقيءَ جي رفتار، اڄڪلهه جيڪي ڪتاب يا رسالا ڇپجي رهيا آهن، تن جي اڀياس مان ڀلي ڀَت معلوم ٿي سگهي ٿي انهن ڪتابن ۽ رسالن ۾ جيڪي مضمون ۽ موضوع لکيا وڃن ٿا، تن کي پڙهي، معلوم ڪري سگهجي ٿو ته لکندڙن ڪيتري محنت ۽ کوجنا کان ڪم ورتو آهي. موجوده دؤر جا سنڌي اديب، اڄڪلهه گهڻي تحقيق کان ڪم وٺي رهيا آهن، تنهنڪري رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڙهڻ لائق مضمون ملن ٿا، جن مان پڙهندڙن جي معلومات وڌي ٿي.

سنڌي ادبي بورڊ جي سه ماهي رسالي ”مهراڻ“، نمبر 3-4/1966ع ۾ 201 صفحا آهن، جنهن جي ڇپائي عمدي آهي، ۽ پنو وچولي درجي جو آهي. فهرست ۾ ارڙهن مضمون آهن. عجيب ڳالهه آهي، جو رسالي مان نظم جو حصو غائب آهي. هڪ رسالو، جنهن ۾ تمام گهڻا ۽ سُٺا مضمون هجن، تبصره نگار جي لاءِ تبصرو ڪرڻ ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي، ڇاڪاڻ ته هو ڪهڙي مضمون ڇڏي، ۽ ڪهڙن تي تبصرو ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com