سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2- 1967ع

مضمون

صفحو :5

”صوفيءَ جي ڄاڻ سڃاڻ اها آهي ته هو  هر ان چيز کي ترڪ ڪري ٿو، جنهن جو ساڻس براه راست ڪو تعلق نه آهي، ۽ جا مقصد ۽ مطلوب  جي حاصلات واري راهه ۾ رڪاوٽ بنجي ٿي. ٻيو ته صوفيءَ جو  مقصد ’الله تعاليٰ ‘ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. صوفي، دنيا ۾ لباس، کائڻ پيئڻ، مطلب ته هر چيز ۾ ڪَمي ڪري ٿو: خَلق  تي شفقت ڪري ٿو، ننڍي وڏي جو احترام ڪري ٿو؛  الاهي قضا تي راضي  رهي ٿو؛ صبر ڪري ٿو؛ مجاهدو ڪري ٿو؛ نفس جي لذت ۽ خواهشن کي ترڪ ڪري ٿو.“(10)

ان جي مزيد و ضاحت ڪندي فرمائي ٿو:

”الله تعاليٰ، سڀني مئومنن کان بلند ۽ برتر مرتبو ان جو رکيو آهي، جو ”اوليٰ العلم ۽ قائمين بالقسط“ منجهان آهي. مَلڪن کان پوءِ انهن جي شهادت پيش ڪئي وئي آهي، ۽ سرور ڪائنات صلي الله عليه وآله وسلم جن به، ’عالمن‘ کي ’انبيائه ڪرام‘ جو جانشين قرار ڏنو آهي. سو اهي لقبَ، م منهنجي خيال ۾ انهن ماڻهن لاءِ سونهن ٿا، جن جي هٿ ۾ ڪتاب الله آهي ۽ جي رسول ڪريم صه جي اطاعت ۾ پوريءَ طرح  با حوصله آهن، ۽ صحابه ۽ تابعين جي نقش قدم تي هلن ٿا. اهي ئي اولياء الله، متقي ۽ صالح آهن، ۽ اهي ئي ولين ۽ متقين ۽ صالحن جي راهه تي هلن ٿا. اهڙن کي ٽن طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون طبقو ’ارباب حديث‘ جو آهي، ٻيو طبقو ’فقيهن‘ سڳورن جو آهي، ۽ ٽيون طبقو ’صوفي‘ بزرگن جو آهي. بس انهن ٽنهين طبقن کي ’اولوا العلم‘ ۽ ’قائما بالقسط‘ ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، ۽ اهي ئي انبيائه ڪرام جا جانشين آهن.“

ان تشريح کان پوءِ، صوفياء ڪرام جي خصوصيات ۽ انفراديت کي بيان ڪندي فرمائي ٿو:

”ليڪن ان اشتراڪ کان پوءِ صوفيائه ڪرام جي انفرادي حيثيت، ’ارباب حديث‘  ۽ ’ارباب فقه‘ کان بلند آهي. ڇا لاءِ ته صوفيائه ڪرام، عبادات جي انواع ۽ طاعت جي حقائق ۽ اخلاق جميل سان، جي ’درجات عاليه‘ طئي ڪن ٿا، انهن جي مقابلي ۾ انهن جي ادنيٰ مقام تائين ظاهري عالمن، فقيهن ۽ اصحاب حديث کي ڪا به رسائي حاصل نه ٿي ٿئي... صوفين جي پهرين خصوصيت اها آهي ته هو فقط ’الله تعاليٰ‘ تي نظر رکن ٿا. انهن جو ’مقصود، مطلوب ۽ محبوب ‘، بلڪ سڀ ڪجهه، ’الله‘  ئي آهي. سندن ’غيرالله‘ سان ڪو به واسطو نه آهي“(11)

        شيخ ابوالنصر سراج رحه جي تصريحات مان واضح آهي ته شريعت جا ٻه پهلو  آهن(12) هڪ ظاهر ۽ ٻيو باطن _ ان طرح اهي  ٻئي پهلو، قرآن ۽ سنت مان ثابت آهن. تصوف ۽ طريقت علم باطن آهي. باطن جي اعمال جي تشريح ۽ تصديق جو نالو تصوف آهي. ان جو بنياد قلب تي آهي. صوفي، واردات ۽ وجدان جي عالم  ۾ بصيرت جو صاحب آهي. ان جي مقابلي ۾ ٻيو سڀ ڪجهه قال آهي، ان جو تعلق ظاهر داري سان آهي. حال، ۽ روحانيت کان سواءِ، عمل ۽ علم جي هر منزل ، بي روح ۽ بي رنگ آهي. غيرالله، جڏهن مقصد ۾ داخل ٿئي ٿو، تڏهن ان جي خواهش ، الله بنجي وڃي ٿي. حرص ۽ هوا جو بت، الله بنجي، قال واري کي پنهنجي اڳيان جهڪائي  ٿو. صاحب حال ئي آهي، جو نفس جي ڄار کان نڪري، حق تعاليٰ جي معرفت حاصل ڪري ٿو. قرآن ۾ پڻ اهڙو اشارو آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته خواهشن کي پنهنجو الله ٻيو باطن؛ مذهب جا ٻه پهلو آهن، هڪ ظاهر ۽ ٻيو باطن. اهي سڀ اشارا ۽ حقائق ، قرآن ۽ حديث ۾ موجود آهن. صوفي اهو آهي، جو باطن کي اصل ۽ حقيقت ٿو قرار ڏئي ۽ ظاهر کي ان جو مجاز ۽ صورت . صوفي،. باطني بصيرت سان غور ۽ فڪر ٿو ڪري، مراقبو ٿو ڪري، وجداني نگاهه سان مطالع ۽ مشاهدو ٿو ڪري، ۽ معرفت جي مقام تائين رسائي ٿو حاصل ڪري، ان جي مقابلي ۾ ظاهربين عالم، فقط قال ۽ اقوال جي چڪر ۾، خط و خال کي ٿو ڪڇي، ماپي، دهرائي ۽ تڪرار ڪري. ظاهربين جي نگاهه، ميوي جي ٻاهرين کل تي آهي؛ پر صوفيءَ جو عمل دخل، ميوي جي اندرئين مغز تائين آهي. صوفي، حقيقت جي ميوي جي مٿان آيل سڀني عارضي ۽ اضافي کلن کي لاهي ٿو اڇلائي، پر ظاهربين فقط هڪ کل تائين محدود ٿو رهي. صوفيءَ لاءِ علم، ”نور ۽ دوست“ ٿو بنجي، پر ظاهربين لاءِ نانگ ٿو بنجي.

مولانا روميءَ چيو آهي:

علم را بر تن زني ماري بود،

علم را بر دل زني ياري بود.

ان طرح صوفيءَ جو علم، من جانب الله آهي، ۽ ظاهري علم کي اها حيثيت حاصل نه آهي:

علم اهل دل نه از مکتب بود،

علم اهل دل، زخاصه رب بود.

صوفي، حقيقي معنيٰ ۾ قرآن کي ام العلوم ٿومحسوس ڪري. قرآن  جي هر آيت تي غور ۽ فڪر ٿو ڪري. صوفيءَ جي باطني  نگاه،  ”ليدبروا آياتہ“ تي   آهي. قرآن، اهڙن  صوفي ۽  اهل  فڪر  ماڻهن کي  اولوا الالباب  چيو آهي . شاهه  ولي  اللھ،  انهن کي صوفي سڏيو آهي، ۽ تصوف کي احسان سڏي، ان جو ماخذ حديث کي قرار ڏنو اٿس. غزالي، وحي جي نزول جي تصديق ۾، صوفيائي ڪرام جي واردات قلبيه کي دليل قرار ڏنو آهي. غزالي فرمائي ٿو ته اهل تصوف جي روحاني واردات کي سمجهڻ کان پوءِ مون کي وحي جو مسئلو سمجهه ۾ آيو آهي.

       اهل تصوف، ”باطني معنيٰ ۽ تاويل الآيات“ کي ترجيح ڏني آهي. اهل تصوف جي قرآن فهمي، باريڪ ۽ نفيس لطائف ۽ حالات تي مبني آهي. انهن جي مقابلي ۾ اهل ظاهر عالمن جي پهچ، ’منقولات ۽ مدلولات‘ تائين آهي. اهل تصوف وٽ مشاهدو (ڏسڻ) آهي ، پر  اهل ظاهر وٽ مسموعات (ٻڏڻ) آهي؛ اهل ظاهر وٽ ’صورت‘ آهي، پر اهل تصوف وٽ ’حقيقت‘ آهي؛ ظاهر وارن وٽ ’لفظ‘ آهن، پر اهل باطن وٽ ’معنيٰ‘ آهي؛ اهل ظاهر وٽ ’کَلَ‘ آهي، پر اهل باطن وٽ ’مغز آهي؛ ظاهر وارن وٽ فقط ’رسم‘ آهي، پر باطن وارن وٽ ’روح‘ آهي.

        اهو ئي ڪارڻ آهي جو بعض صوفيائه ڪرام، قرآن ڪريم جي بعض آيات ۽ ارشادات نبوي مان، بعض آيات ۽ ارشادات تي نهايت زور ڏين ٿا. سندن تشريح، ڪن ڪن هنڌن تي عام عالمن جي لغوي۽ منطقي بحثن  ۽ وضاحتن کان گهڻو فرق ٿي رکي، تان جو انهن جي تعبير ۽ توجيهه ڪندي، ظاهربين عالم اختلاف ڪندي ويرم نٿا ڪن.

        ان اختلاف جي انتها جڏهن شدت اختيار ڪئي، تڏهن  ’شرع ۽ طريقت جا‘ ماڳهين ٻه مڪتب فڪر بنايا ويا ۽ هر  هڪ جدا جدا پنهنجو مشرب  بنائي وڌو. عبادات ۽ احڪام، شرع جو علم ۽ پوئواري، ’ اهل شرع‘ لاءِ مخصوص ڪئي وئي ۽ اهل طريقت کي ان کان بنهه آزاد قرار ڏنو ويو. اهل طريقت جا اهي طبقا سمجهڻ لڳا ته انهن لاءِ پنهنجا تجربا مڪاشفا ۽ مشاهدا ئي ڪافي آهن. حالانڪ صوفيائي ڪبار وٽ، تجربن، مڪاشفن، مشاهدن ۽ الهامن جي پرک جي ڪسوٽي به شريعت ئي آهي.

        بهرحال، ان اختلاف جڏهن شدت اختيار ڪئي، تڏهن اهل تصوف جي لباس ۾ هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿيو، جن شرع کان ظاهر ظهور ’ انحراف‘ ڪيو ۽ اڳتي هلي انڪار به ڪري وڌو. انهن کي متصوفين  چيو ويو . ان گروه ، هڪ طرف انتشار پيدا ڪيو، ته ٻئي طرف تصوف ۽ طريقت کي بدنام ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڪيئي نعرا به هنيا ويا، جي هوند پاڻ تائين محدود هجن ها ته چڱو . انهن نعرن جي شهرت پڻ گهڻو نقصان پهچايو آهي. انهن مان به مجذوب، مرفوع القلم چيا ويا آهن. باقي سالڪ ۽ صاحب شعور لاءِ، هر حال ۾ شرع  جي پيروي لازم آهي.

حضرت ابو القاسم عبدالڪريم القشيري (وفات 468 هه )فرمائي ٿو:

        ”تصوف جو دارومدار ان تي آهي ته اداب شرع جي پابندي رهي، حرام ۽ شبهي کان بچاءُ رهي، ناجائز اوهام ۽ باطل خيالات کان حواسن کي آلوده نه ڪيو وڃي. غفلت کي ويجهو اچڻ نه ڏجي، ۽ الله جي ياد ۾ مشغول رهجي.“( 3)

”جو شخص ڪلام الاهي جو حافظ ۽ احاديث رسول جو عالم نه آهي، ان جي تقليد، طريقت جي باب ۾ درست نه آهي. ڇا لاءِ ته اسان جي هن ساري علم جو ماخذ ، قرآن ۽ حديث آهي.“(14)

ظاهر ۽ باطن يا شريعت ۽ طريقت جي هن فرق ۽ امتياز کان علاوه، تصوف جو هڪ بنيادي عقيدو روح انسانيءَ جو بقاءُ ۽ دوام به آهي. اهو بقا ۽ دوام جو سوال ، هر مذهب ۽ ملڪ ۾ موجود آهي. انسان جي اها فطري تقاضا آهي ته ان جو روح فنا نه ٿئي ۽ زوال نه ڏسي. ان طرح جسماني ۽ نفساني خواهشن مان هميشه لاءِ نجات حاصل ڪري، صوفيءَ جي اها ئي مراد آهي، اها ئي  سندس طريقت آهي، اهو ئي سندس حال آهي، اها ئي سندس جدوجهد آهي.  ان سلسلي  ۾ مختلف صوفيائه ڪرام ، مختلف درجن ، مرتبن ۽ نتيجن تي رسيا آهن. ڪن فنا ۾ بقا، ۽ ڪن بقا ۾ فنا کي حاصل ڪيو آهي. ڪي ’تڪميل ذات‘ سان ان مقام جاودان تي پهتا آهن، ته ڪي خوديءَ ۽ انانيت جي فنا کان پوءِ حقيقت شناس ٿيا آهن. ڪي محبت سان ته ڪي خوف سان، ڪي اميد سان ته ڪي عمل سان مقام دوام تائين پهتا آهن. ڪن ’ترڪ دنيا‘ کي  پنهنجو شيوو بنايو آهي، ڪي دنيا ۾ رهي، طاعت ۽ عبادت، زهد ۽ رياضت سان، مراد تائين ويا آهن. ڪي فقير  ٿين ٿا، جي توڪل ، استغنا، درويشي ۽ ذلت نفس اختيار ڪن ٿا. ڪي لطيف الطبع ، سماع ۽ راڳ مان وجداني ڪيفيات کي جهٽين ٿا، ۽ ن لازوال حقيقت کي حاصل ڪرڻ گهرن ٿا، بهرحال، تصوف ۽ صوفي، هڪ جامع ۽ همگير نظام آهي. هڪ آفتاب عالمتاب آهي، جنهن کان مختلف قسم جا ’صاف يا رنگين‘ شيشا ، عڪس وٺن ٿا. تصوف آهي اڇو پاڻي، ۽ صوفي آهن، مختلف رنگن جا پيالا، جن ۾  پوڻ سان، پاڻي به ظاهري طور تي اهو رنگ اختيار ڪري ٿو، جو اضافي ۽ عارضي آهي. ’پاڻي‘  ته بهرحال پاڻي آهي، پر درياهه جو پاڻي، سمنڊ جو پاڻي، کوهه جو پاڻي، برسات، ماڪ، ڳڙو، اک جو ڳوڙهو، به ته پاڻي آهي.

ان وانگر ’حقيقت‘ هڪ آهي، ان جا ’مظاهر ۽ ظروف‘ جدا جدا آهن. ان ڪري مولانا رومي چيو آهي:

ملت عشق از همه دينها جدا  است،

عاشقان را مذهب و ملت خدا است.

هن ماديات جي دور ۾، تصوف ۽ روحانيت جي عمل ۽ شغل جي وڏي ضرورت آهي. اڄ خود يورپ ۽ آمريڪا ۾ سروليم جيمز ۽ انڊگٽن پارا ، پنهنجن ڪتابن”مشاهدات و واردات روحاني“ ۽ ”غيب و شهود“ ۾، هن دور جي ڪور ذوق ماديت پسند جي خلاف احتجاج ڪري چڪا آهن. لطيف ته صديون اڳ دانهن ڪئي آهي:

ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،

دنيا ڪارڻ دين، وڃائي  ولها  ٿيا.

حوالا

1. The mystics of  Islam. P.2

2. Do                                                         

3.   Oriental mysticism F.H. Palmer. P.x                                      

4.   Sufism – A.J.Arbery. P.I                                                                  

5.  Hindu mysticism – Das gupta. P.17                                     

6. ”قرآن اور تصوف اسلام“: از ڊاڪٽر مير ولي الدين ص 10

7. ”تصوف اور اسلام“ ص 65 از مولانا عبدالماجد دريا آبادي ، به حواله ڪشف المحجوب

8.”ڪتاب اللمّع “ (ابونصر الطوسي)      Edited by: Nicholson    9. ”ڪتاب اللمّع “ ص 21

10. ”ڪتاب اللمّع “ ص 11

11. ”ڪتاب اللمّع “ ص 10

12. ”ڪتاب اللمّع “ ص 23 ۽ 24

13. ”تصوف اور اسلام“ ص 97 از مولانا عبدالماجد دريا آبادي

14. ايضا ص 92

15. قرآن ۽ حديث کان علاوه، مڪتوبات امام رباني، مجدد الف ثاني، المنقذ من الضلال غزالي، شرح مثنوي مولانا روم، شاهه جو رسالو، اقبال اور تصوف ، اقبال ڪا فلسفه خودي وغيره ڪتاب به مطالع هيٺ رهيا آهن.

خواجا غلام علي الانا

سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد

        سنڌي ٻوليءَ جي اصلي بنياد لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي ماهر، الڳ الڳ راءِ رکن ٿا. ڪن بزرگن ته انهيءَ سلسلي ۾ جذبات کان ڪم ورتو آهي. هن جا ڪڍيل نتيجا ثابت ڪن ٿا، ته هنن سنڌي ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾ ڪجهه لکڻ کان اڳ پنهنجو مخصوص نظريو پهرين قائم ڪيو آهي، ۽ پوءِ ان نظريي جي روشنيءَ ۾  ٻوليءَ جي جائزي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙن صاحبن جي بيان ۾ تضاد گهڻو ۽ صاف بياني گهٽ آهي.

        سنڌي ٻوليءَ جي اصلي بنياد لاءِ هيستائين ٽي نظريا ملن ٿا، سڀني کان پراڻي ۽  پهرئين نظريي موجب، سنڌي ٻولي، سنسڪرت مان، پالي، شئورسيني، اپڀرنش ۽ وراچڊ اڀيرنش جي معرفت يارهين صدي عيسويءَ ڌاري هاڻوڪي صورت ورتي آهي. انهيءَ  نظريي مجب سنڌي، سنسڪرت جي شاخ آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ هن نظريي جو محرڪ آهي ڊاڪٽر ٽرمپ کان سواءِ ديوان ڀيرومل مرزا قليچ بيگ (ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ٻيا به ڪيترائي بزرگ (ڏيهي) توڙي پرڏيهي) هن نظريي جا حامي آهن، ۽ سندن راءِ موجب سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لائق ڌيءَ آهي. هن راءِ جي پٺڀرائيءَ لاءِ، هو اهو دليل ڏين ٿا ته سنڌيءَ ۾ لفظن  (تَتَسَمَ ۽ تَدڀَو)  جو اکُٽ  ڀنڊار آهي. هو ائين به چون ٿا ته سنڌي ۽ سنسڪرت جي صوتي ۽ صوفي هڪ جهڙائي ثابت ٿي ڪري ته سنڌي سنسڪرت جي شاخ آهي، پر جيڪڏهن  گهڻي توجهه ۽ ڌيان سان کوجنا  ڪجي ٿي، ته معلوم ٿو ٿئي ته فقط لفظن جي ذخيري جي گهڻائي، يا ٻيون هڪجهڙايون هروڀرو ائين ثابت نٿيون ڪن ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي.

ٻئي نظريي جو محرڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. ڊاڪٽر صاحب جو سنڌي ٻوليءَ تي اهو ٿورو آهي، جو پهرين پهرين هن صاحب ئي اها دعويٰ  ڪئي ته سنڌي زبان سنسڪرت جي ڄائي نه آهي. ڊاڪٽر  صاحب اهو اعلان ڪيو ته ”سنڌي ٻولي بنيادي طور، سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو_ماٿر جي قديم ٻولي آهي“ پنهنجي هن نظريي موجب، ڊاڪٽر موصوف سنڌي ٻوليءَ کي آريائي ٻولي تسليم نٿو ڪري ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ” آثار قديمه مان مليل مواد ۽ معلومات جي بناء تي  چئي سگهجي ٿو ته ’سنڌ جي قديم ٻولي‘، غالبن ڪا ’سامي‘ زبانن جي سٿ مان هئي، جنهن تي پوءَ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان هن قديم زماني ۾ ’سنڌ جي ٻوليءَ‘ تي گهڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ دادري ٻولين جو پيو، ۽ ان بعد پالي پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو“.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجيءَ دعوا ۾ دراصل ٻٽو نظريو رکيو آهي. سندس هڪ نظريي موجب سنڌي سنسڪرت کان آڳاٽي، سنڌو ماٿر جي غير آريائي زبان آهي، جا سامي صفت زبان هئي، يعني عربيءَ جي ڀيڻ ٿئي، جنهن (بقول ڊاڪٽر صاحب ، خاص سنڌ جي آڳاٽي ٻوليءَ) جي ابتدائي سٽاءَ ۾، سمير ۽ بابل جي تمدن وارين ٻولين ۽ سامي ــ صفت زبانن جا ڪي اجزا شامل آهن. سنڌيءَکي سامي ـ صفت، يعني  سامي زبانن  جهڙي زبان ثابت ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جيڪي  دليل ڏنا آهن، تن مان هڪ ۾ لکي ٿو:

”سنڌ جو هي قديم تمدن، هڪ قسم جو ’سامي ـ تمدن‘ آهي، نه آريائي. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته قديم سنڌي تمدن جي ٻولي به ڪا ’سامي ـ صفت‘زبان هئي ؛جا سنڌ ملڪ جي اوائلي زبان هئي. انهيءَ ٻوليءَ جا مسخ شده نشان ’موئن جي دڙي‘ مان لڌل مهرن تي  موجود آهن.“

هن نظريي جي اوٽ ۾، ڊاڪٽر صاحب اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته موهن جي دڙي واري ٻولي (بقول ڊاڪٽر صاحب، قديم سنڌي) سامي ــ صفت‘ زبان هئي، يعني ته قديم سنڌي عربيءَ جي ڀيڻ هئي. ڊاڪٽر صاحب صفحي چوٿين تي، هيٺ حاشئي نمبر ٽئين ۾، پنهنجي دليل جي سمجهاڻي مبهم لفظن ۽اشارن ۾ ڏني آهي، جنهن ۾ لکيو اٿن:

”سرياني، عبراني، حبشي ۽ عربيءَ کي علم لغات جي اصطلاح ۾ ’سامي زبانون‘ سڏيو ويو آهي. ’سامي ــ صفت‘ يعني انهن ٻولين جهڙي“.

هڪ ماهر جي حيثيت ۾، ڊاڪٽر صاحب کي صاف صاف ڄاڻائڻ کپندو هو ته قديم سنڌي يعني موهن جي دڙي واري ٻولي، سامي خاندان جي مذڪور شاخن مان، ڪهڙيءَ شاخ سان نسبت يا هڪجهڙائي رکي ٿي ؛ جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب علي الاعلان اها دعوا ڪانه ڪئي آهي ، پر سندن منشا اهائي چئي سگهجي ٿي ته موهن جي دڙي  واري ٻولي، سامي خاندان جي عربي شاخ سان  هڪجهڙائي رکي ٿي . پاڻ 19 صفحي تي لکيو اٿن ته:    

”خاص سنڌ جي آڳاٽي ٻوليءَ جي ابتدائي سٽاءَ ۾، سمير ۽ بابل جي تمدن وارين ٻولين، ۽ سامي ــ صفت زبانن جا ڪي اجزا شامل آهن.“

ڊاڪٽر صاحب جي راءِ ۾ يڪسانيت به نظر نٿي اچي . هڪ طرف سنڌيءَ کي سامي ــ صفت زبان سڏين ٿا، ته ٻئي طرف وري  سنڌيءَ کي دادري زبان جي شاخ تسليم ڪن ٿا، ته وري ٽئين طرف لکن ٿا ته: ”بود وباش جي لحاظ سان، لهندا (بهاولپوري ملتالي ، ديري والي) ۽ ڪشميري ۽ اهي مڙيئي دادري ٻوليون، نه پر سنڌو ماٿر جوڻ آڳاٽيون ’هند ــ آريائي ‘ٻوليون آهن“. ڊاڪٽر صاحب اڃا به پنهنجيءَ راءِ سان مطمئن نه هئڻ سبب لکي ٿو: ”سٽاء ۽ تاريخي ارتقا جي لحاظ سان،اهي هن برعظيم جي ٻين’هند ــآريائي‘ ٻولين کان نراليون آهن، ڇا ڪاڻ ته انهن جي بناوت ۽ اوسر ۾ هند ــ ايراني ۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين کي داخل آ هي“.  سنڌي ٻوليءَ جي بنياد لاءِ ٽيئن نظريي جو محرڪ محترم سراج الحق ميمڻ آهي. سراج جي راءِ موجب ”سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه، پر سنسڪرت سنڌيءَ جي ڄائي آهي“. سراج صاحب پنهنجي نظريي وسيلي هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته مشرق توڙي مغرب جي تهذيب ۽ ٻولين جو اصل مقام ۽ بنياد سنڌو ماٿر آهي، جتان سنڌ ملڪ جا ماڻهو، اولهه طرف  يعني بابل ۽ ميسوپوٽيميا وارن خطن ڏانهن پنهنجي تهذيب ۽ زبان کڻي ويا، ۽ اتي پنهنجيءَ تهذيب ۽ زبان کي ڦهلايائون .سراج صاحب، سوامي سنڪر نند واري نظريي کي ئي سنڌي ويس وٺايو آهي، ۽ هو آرين واري نظريي کي محض افسانو ۽ جرمن عالمن جو ذهني اختراع ٿو ڪوٺي سراج جي لکت موجب ، بابل ۽ سمير جي تهذيب  جو سنڌي تهذيب تي ڪو به اثر ڪو نه ٿيو آهي، بلڪ هن راءِ موجب، اٽلو بابل ۽ سمير جي تهذيب تي سنڌي تهذيب يعني موهن جي دڙي واريءَ تهذيب جا اثرات نظر اچن ٿا، جا واپارين ۽ تاجرن جي معرفت اوڏانهن ڦهلي. پنهنجيءَ راءِ جي دليل ۾، هن آرڪيالاجيءَ جي مشهور آمريڪي ماهر، نوح ڪريمر جي ڪتاب مان حوالا ڏنا آهن سنڌي  ٻوليءَ جي باري ۾ سراج جو نظريو سندس هيٺين لفظن مان ظاهر آهي:

        ”سنڌي جيڪڏهن سنسڪرت لفظن جي مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو ان کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت ته هڪ طرح سان سنڌيءَ جي ڄائي آهي_ سڌيءَ طرح نه سهي، اڻسڌيءَ طرح سهي“.

سراج جي هن نظريي ۾، سڌيءَ طرح نه سهي، اڻسڌيءَ طرح سهي، جملو وضاحت طلب آهي .انهيءَ حقيقت کي هر ماهر تسليم ڪيو آهي ته موهن   جي دڙي واري تهذيب، آرين جي آمد کان اڳ واري تهذيب آهي . اها به مڃيل ڳالهه آهي ته آريا سنڌو ماٿر ۾ ايران کان آيا. اهڙيءَ طرح اهو به تسليم شده حقيقت آهي ته  سنڌو ماٿر ۾ هڪ قبيلي جي صورت ۾ ڪو نه آيا هئا، پراانهن جا ڌارڌار قبيلا هڪٻئي پٺيان (هڪٻئي کان ڪجهه عرصي کان پوءِ) سنڌو ماٿر ۾  داخل ٿيا. ڪي ايران واري واٽ وٺي، هندوڪش جبلن جي لڪن مان لنگهي، واديءَ سنڌ جي اتر ۽ اتر _ اولهه وارن خطن ۾ داخل ٿيا. ۽ ڪي سمنڊ رستي سنڌو ماٿر جي ڏاکڻئين خطي ۾ آيا اهڙن ۽ ٻين مثالن مان ثابت ٿو ٿئي، ته آريا قبيلا سنڌو ماٿر ۾ 1500 کان 1000 ق.م .ڌاري وارد ٿيا هوندا. اهي آهستي آهستي سنڌو ماٿر جي مشرق طرف ۽ ٻين حصن ۾ ڦهليا. انهيءَ ڪري ماهرن جي خيال موجب، ايران وارن آرين جي زبان _ هند ايراني_ٻن مکيه شاخن ۾ ورهائجي ويئي. جيڪي آريا قبيلا ايران ۾ رهيا انهن جي ٻوليءَ کي قديم ايراني سڏيو ويو ۽ جيڪي قبيلا سنڌو ماٿر ۾ اچي آباد ٿيا انهن جي ٻوليءَ کي ماهرن انڊڪ indic   (هندڪي يا هندڪو) سڏيو آهي. ان زبان کي قديم هند آريائي  زبان به سڏي سگهجي ٿو.

        هن راءِ تي به اڪثر ماهر همخيال آهن ته آرين جي اچڻ کان اڳ، سنڌو ماٿر ۾ ڪا ٻولي ڳالهائي ويندي هئي سنڌو ماتر ۾ وارد ٿيڻ کان پوءِ، آرين جي نه رڳو دين، ڌرم ۽ سڀيتا جي ريت ۽ نيت ۾، سنڌو ماٿر جي سڀيتا، دين ۽ ڌرم جي ريت ۽ نيت جا ڪي اوساڻ شامل ٿي ويا؛  پر سنڌو ماٿر جي ديسي ٻوليءَ جا انيڪ ٻول، وچن ۽ لفظ، آرين جي ’ٻولين‘ ۾ گڏجي مسجي ويا هن دعوا لاءِ هي دليل ڏيئي سگهجي ٿو ته اڄ به لسانيات جا ماهر، سنڌي، لهندا يا ٻين ڏيهي ٻولين جي لفظي خزاني کي چئن قسمن ۾ ورهائي انهن کي تَتَسَمَ تَدڀَوُ، ديسي ۽ پرديسي لفظ ڪوٺين ٿا

        انهيءَ کان سواءِ، هند_آريائي ٻولين ۾ مورڌني آوازن _(ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، ڻ، ڻهه، ڙ ۽ ڙ هه) جو هئڻ به ان جو وڏي ۾ وڏو دليل آهي

مٿي لفظن جي ذخيري جي چئن قسمن مان ’ديسي لفظ‘ به هڪ قسم ڄاڻايو ويو آهي. اهي لفظ يا انهن لفظن جو ذخيرو ثابت ٿو ڪري ته : آرين جي اچڻ کان اڳ ، سنڌو ماٿر  ڪا ٻولي ضرور ڳالهائي ويندي هئي،  جنهن جا باقي نشان ’ديسي لفظ  جي روپ ۾ اسان جي اڄوڪيءَ ٻوليءَ ۾ روزانو ڳالهايا وڃن ٿا، انهن لفظن مان ڪي  هي آهن:

داسَ

سُئي سِوي

ناريل ، نايَر (ملائِي ٻوليءَ ۾ ناريِڪيل )

ڄَنگههَ، ٽنگ(مان _کمير جَنگههَ

کَٽ(دراوڙي : کَٽء)

آرڻيِ - ٻيلو (دراوڙي: آرڻي)

نِير (دراوڙي : نِيَر)

ڪَلا Arte (دراوڙي : ڪَلا).

آڻوُ (دراوڙي: اَڻو).

مور (سنٿالِي : مَيوُلُ.

ٻاڻ(آسٽرو _ ايشياٽڪ: بان)

پشپا =  Flower (دراوڙي : پُشپَ)

ڦَل= ميوو(دراوڙي:ڦَل)

ٻِرُ = (دراوڙي : بِلَ)

روپ (دراوڙي : روپ).

ڪُور ڪُور  = ڪُتو(دراوڙي : ڪُور ڪُور)

پيتِي  (دراوڙي : پيتِي).

 ڪَپَههَ  >ڪَپَس > ڪَرپَسَ ڪتڻ > دراوڙي = ڪتڻ

پَٽَڻ (تيليگو : Patne )

ڪُهَڻ (تيليگو : kosne)

پَتِي (تيليگو :   پَتّ)

رَتَل (تيليگو : رَتل = Stone)

سونِ (دراوڙي : سونِم(Stone =

ٻِج (دراوڙي : بِجَ).

ٿَڦِي   =  (دراوڙي : تِپِي)

ڪَڻڪَ.

سَدِن <سندُڻ <سندڻ

سنڌوُ

من < مڻ

انهيءَ قديم زبان جا ٻيا به نشان، سنڌيءَ سميت ، ٻين ڏيهي ٻولين جي سٽاءُ  ۾ موجود آهن ڊاڪٽر ٽرومپ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي گرامر“ ۾ لکي ٿو:

        ”ٻئي طرف، اسان لفظن جو ڪجهه اهڙو ذخيرو به هٿ ڪيو  آهي، جنهن کي قديم مقامي ٻوليءَ جا لفظ چئي سگهجي ٿو، جنهن (ٻولي) جي نالي جو اڄ اسان کي پتو  پئجي ٿو سگهي، پر ممڪن آهي ته اها قديم ٻولي تاتار خاندان(Tatar stock) جي شاخ هئي، ۽ جا آرين جي اچڻ کان اڳ پوري برصغير تي ڇانيل هئي؛ ڇاڪاڻ ته برصغير جي مڙني ٻولين ۾ ساڳئي قسم جو غير _آريائي ذخيرو موجود آهي، جنهن کي  پراڪرت جي پراڻن وياڪرڻين ،’ديسي‘ لفظ سڏيو آهي“

        هي نقطو به غور طلب آهي ته، سنڌيءَ توڙي ٻين ڏيهي ٻولين جي نحوي اصولن موجب، حرف جر، اسم ، ضمير، صفت يا ظرف ان پوءِ ايندو آهي، پر سنسڪرت توڙي ٻين آريائي ٻولين ۾ حرف جر، اسم، ضمير، صفت يا ظرف کان اڳ ايندو آهي هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن برصغير ۾ توڙي برصغير کان ٻاهر، سڀني آريائي ٻولين ۾ حرف جر، اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف کان اڳ ايندو آهي، تڏهن اهو ڪهڙي سبب جي ڪري ٻين ڏيهي ٻولين _ سنڌي، لهندا، هندي، اردو، مرهٽي وغيره _ ۾ اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف کان پوءِ اچي ٿو؟  انهيءَ جو جواب هي آهي ته سنڌي، لهندا توڙي ٻين ڏيهي ٻولين ۾ حرف جر جو اسم ، ضمير ، صفت ۽ ظرف کان پوءِ اچڻ وارو  ’نحوي اصول‘ غير _ آريائي، ۽ آرين جي اچڻ کان اڳ واريءَ ٻوليءَ جو نحوي اصول آهي، جنهن اصول کي ڏيهي ٻوليون اڃا تائين قائم رکيو اچن.


(1)  Trump, E., “The Grammar of Sindhi language”, F.A. Brokhans, Lepsig, 1872 Introduction, p. 1.

(2)  ڀيرو مل آڏاواڻي:  ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي  بورڊ، حيدرآبادهه، 1956ع .ص 69

(1)  مرزا قليچ بيگ : ”سنڌي ويا ڪرڻ“ ، ڀاڱو 3، سنڌي ادبي بورڊ ، حيدرآباد ، 1960ع ،ص 14

(1)  ڊاڪٽر گربخشاڻي: ”مقدم لطيفي“، اسلاميه پريس ، حيدرآباد سنڌ ، 1950ع ، ص 134

(2) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻوليءَجي مختصر تاريخ“، حيدرآباد، 1962 ع، مهاڳ،ص ج

(3)  پنهنجي تازي مقالي ۾  ڊاڪٽر صاحب پنهنجيءَ راءِ کي بدلايو آهي ، ۽ لکن ٿا ته سنڌي آ ريائي ٻولي آهي . ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سامي ـ صفت واري نظريي تان هٽي ويو آهي ـــ

Dr; N.A, Baloch, “some unknown language of  kohsitan”, Asiatic society of  Pakistan. Dacea, p. 55,     

(1)  -ڏسو حوالو 1،

(2)  ايضاً. ص 19.

(3)  ايضاً، ص 4.

(1)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: حوالو مٿي ڏنل، حاشيو، ص 3

(1)  ايضاً، ص 19

(2)  ايضاً

(3)  سراج الحق :”سنڌي ٻولي“، عظيم پبليڪيشن ، حيدرآباد 1964ع ، پيش لفظ ص 4.

(4)  Swami Sankarananda, “Rig vadic Culture of the pre-historic Indus” Vol I, Calcutta, 1846, preface, PP. 2, 3, 9 and 11.

(1)  سراج الحق ميمڻ: حوالو مٿي ڏنل، ص 14

(2) سراج الحق: ”سنڌي ٻولي“، ص 41

(3)  ”سنڌي ٻولي“پيش لفظ،ص 4

(4)  Grierson, E. “Linguistic Survey of India” vol 1, Part 1, 1927, P. 99.

(1)  آڳاٽا آريه، جدا جدا ڪُلن ۽ خاندانن ۾ ورهايل هئا. انهن مان ڪي خاندان هئا: پِرو، انئو، يادُوَ، درهيو، تروسوَ، انهن مان پهريان ٽي قبيلا اتر ۽ اتر _ اولهه کان آيا، ۽ باقي پويان ٻه قبيلا (يادُو ۽ تروسوُ ) سمنڊ رستي سنڌ ۾ وارد ٿيا؛ ۽ پڻ ڏسو:

Srimati Akshaya Kumari Devi, “The Evolution of Rigvedic pantheon” Calcutta, 1938, p. 17 and 25.

(2)  Grierson E., Op. Cit., p 99.

(3) Ibid.

(4) Buck, C.D., “Comparative Grammar of Greeck & Latin”, university of Chicago Press, 1962. P. 5

(5) Ibid.

(6)  Srimati Akshaya Kumari Devi, Op, Cit. pp. 19 and 20.

(1)  Mariwala, L.L “Mohen Jo Daro”, Popular book depot, Lemington road, Bombay, 1957, pp. 58 and 70.

(2) Ibid.

(3)  Pischell, R. “Comparative Grammar of the Prakrit languages”, second edition, Motilal Banarasidass, Delhi, 1965, p. 7.

(4) Chatterji, S.K. “Origin and development of Bengali language” p. 38.

(1) Pischell, R. op. cit.

(2) Chakaravarti, C. “Litrary history of ancient India”, Calcutta-6, p. 70.

(3) Ibid.

(4) Ibid.

(5) Chakaravarti, L. op. cit. p. 70.

(6) Ibid. P. 72.

(7) Ibid.

(1) “Criminal classes in the Bombay presidency”. Bombay, 1908, p. 145.

(2) Ibid.

(3) Ibid.

(4) Ibid.

(5) Chakaravarti, L. Op Cit, P. 69.

(6) Ibid.

(7) Ibid. p. 53.

(8) Srimati Akshaya Kumari Devi Op. Cit., p. 19.

(9) See ref: on Page 71.152.

(10) Ibid, P. 29.

(11) Trump, E. “The Grammar of Sindhi language” F.A. Brockhans, Lepzig, 1872, Introduction P. III.

(1) Ibid.

(2) Whiteney, W.D. “Sanskrit Grammar”, Oxford University press, London 1950 p. 395.

      Also see: Dr. Leonhard Schmitz, “Elementary Latin Grammar”. William and Robert Chambers, London and Edinburgh, 1865, P. 1487.

      And see: Bhandarkar, R.G., “First book of Sanskrit,” Gopal Narayan and Co., Bombay, 1947. P. 13.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com