سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :10

ٻئي شماري ۾ ”ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائي“ عنوان سان مقالو ڇپيو. هن مقالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پهرئين صاحبِ ديوان شاعر، خليفي گل محمد ”گل“ جي حياتيءَ جو جائزو ۽ سندس شاعريءَ جي ديوان ”ديوان گل“ جو تنقيدي جائزو ورتو اٿس.

1973ع جو پهريون ۽ ٻيو شمارو گڏ ڇپيو. هن شماري ۾ ”سنڌي زبان ۾ مارواڙي لفظ“ عنوان سان مقالو آهي. هي مقالو لسانياتي نوعيت جو مقالو آهي، اُن ۾ ٿر جي هڪ قبيلي جي محاوري جو تنقيدي جائزو آهي.

1975ع جو ٻيو ۽ ٽيون شمارو گڏ ڇپيو. هن شماري ۾ ”ملفوظات“ عنوان سان ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جو مقالو ڇپيل آهي. صوفين، بزرگن ۽ عالمن جي هدايتن ۽ نصيحتن وارن مقولن کي ”ملفوظات“ چئبو آهي. هن مقالي ۾ هند ۽ سنڌ جي بزرگن جي ملفوظات جو جائزو ورتو اٿس. پهرين ”ملفوظات“ لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم تي بحث ڪيو اٿس، انهيءَ کان پوءِ ملفوظات گڏ ڪرڻ جي ضرورت ۽ صورت تي بحث ڪيو اٿس. ملفوظات گڏ ڪرڻ جا سبب ۽ ملفوظات گڏ ڪرڻ جا طريقا بيان ڪيا اٿس. ملفوظات کي صوفين جي حوالي سان سلسليوار بيان ڪيو اٿس ۽ سڀ کان پهرين چشتي بزرگن جا ملفوظات، انهيءَ کان پوءِ نقشبندي بزرگن جا ملفوظات ۽ پوءِ سهروردي بزرگن جا ملفوظات ۽ مختلف بزرگن جي ملفوظات جو جائزو وٺي سنڌ جي بزرگن جي ملفوظات جهڙوڪ: ملفوظات مخدوم نوح، ملفوظات شاهه ڪريم، بيان العارفين، خواجه محمد زمان لنواري واري جي ملفوظات، فردوس العارفين ۽ مرغوب الاحباب، فتح الفضل، مقولات تصوف، ملفوظات مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي، ملفوظات خواجه عبدالحق درازي، مجمع الفيوضات، المحبوبيه المحموديه، سراج العاشقين، ڪنزالمعرفت، خزانة المعرفت، نڪته تصوف، ملفوظات حافظ محمد صديق ڀرچونڊي، ملفوظات پير محمد ياسين، تحفة المجيين ۽ تنويرالقلوب في الخيرات المطلوب جو تعارف بيان ڪري جائزو پيش ڪيو اٿس.

1976ع جي ٽئين شماري ۾ ”قائد اعظم- آزاديءَ جي جدوجهد ۽ سنڌي مسلمان“ عنوان سان مقالو ملي ٿو. هي مقالو تاريخي ترتيب جي سهڻي انداز ۾ لکيو اٿس. مقالو ٽن حصن تي مشتمل آهي. هڪ حصو سنڌ جي سياسي ليڊرن جي قومي ڪارنامن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، ترڪ موالات تحريڪ، مسلم ليگ ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ جهڙا ڪارناما آهن. ٻئي حصي ۾ مسلم ليگ جي تاريخ، ارتقا ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي ٺهڻ تائين جي مختلف مرحلن کي ترتيبوار بيان ڪيو اٿس. ٽئين حصي ۾ قائد محمد علي جناح جي سياسي جدوجهد تي بحث ڪيو اٿس.

مولانا غلام محمد گرامي انهن سڄاڻ اديبن مان هو، جن جديد ادب جي واڌ ويجهه لاءِ گهڻو ڪجهه ڪندي لاڳيتو جاکوڙيو. جڏهن مولانا صاحب جو مقالو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ ڇپيو ته تنقيد جو هڪ وڏو ۽ اڻکٽ سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ عالمن حصو ورتو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي انهيءَ زماني ۾ ساڄي ڌُر جو مکيه ڪردار ليکيو ويندو هو. پاڻ ڪيتريون ئي تنقيدون انهيءَ مقالي تي لکيائين. ڊاڪٽر صاحب جون اهي تنقيدون فڪري نوعيت جون هيون، هونئن ته ٻئي عالم هڪٻئي جا وڏا قدردان هئا. اهوئي سبب آهي جو گرامي صاحب 15 سيپٽمبر 1976ع تي وفات ڪئي، ته ڊاڪٽر صاحب سندس علمي خدمتن تي دل کولي لکيو. جڏهن ”مهراڻ“ جو ”گرامي نمبر“ ڇپيو، ته گرامي صاحب جي ”مهراڻ“ ۾ لکيل گذارشن جي اڀياس تي مشتمل مقالو لکيائين. مولانا جي شخصيت، فن ۽ فڪر تي ڀرپور انداز ۾ لکيائين. مثال طور گرامي صاحب جي فن، فڪر، لاڙن ۽ روين تي هن طرح تبصرو ڪري ٿو:

”هن وٽ قدمات پسندي ۽ روايت پسندي به هئي، ته نون لاڙن ۽ قدرن جو کُليءَ دل سان آڌر ڀاءُ به هو. بلڪ وٽس قديم ۽ جديد رجحانن جو حسين امتزاج نظر اچي ٿو.“(2)

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب، گرامي صاحب جي شخصيت جو جائزو هن طرح بيان ڪري ٿو:

”هن جو مطالعو وسيع هو ۽ هو هر مڪتبئه فڪر جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ نقادن جي تحريرن کي کُليءَ دل سان پڙهندو هو، نه فقط ايترو پر پنهنجي نظرياتي مخالفن جي تحريرن ۽ علمي بحث مباحثن کي به داد ڏيندو هو.“ (3)

گرامي صاحب جون علمي ڪاوشون، سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ ”مهراڻ“ ۾ وقت بوقت ”گذارش“ عنوان سان شايع ٿينديون رهيون. انهن گذارشن جو 1976ع جي چوٿين شماري ۾ ”گراميءَ جون گذارشون“ عنوان سان مقالي ۾ تنقيدي جائزو ورتو اٿس.

هڪ هنڌ لکي ٿو:

”نثر ۾ به هن ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو آهي، پر ”مهراڻ“ جون گذارشون سندس سمجهه ۽ ساڃاهه جو آئينو آهن. هن دل کولي ادب ۽ ان جي ڪارج تي لکيو آهي، ته ادبي قدرن ۽ رجحانن تي به پنهنجا ويچار ۽ ويڃاءَ بيان ڪيا آهن. قديم ۽ جديد فڪر ۽ فلسفي تي به لکيو اٿس، ته زندگيءَ جي مقصد بابت به پنهنجا خيال ظاهر ڪيا اٿس. مشرقي ۽ اسلامي تهذيب ۽ تمدن بابت به لکيو اٿس ته مغربي ثقافت جي خوبين ۽ خامين کي به نروار ڪيو اٿس. مطلب ته گذارشن ۾ هن ادب، زندگي ۽ ثقافت جي جديد تقاضائن ۽ انسان ذات جي فلاح ۽ بهبود کي نظر ۾ رکي بحث ڪيو آهي.“ (4)

1977ع جو ٽيون ۽ چوٿون شمارو گڏيل نڪتو. هن شماري ۾ ”اقبال جي ڪلام جون ادبي خوبيون“ عنوان سان علامه اقبال جي ڪلام جو ادبي جائزو ورتو اٿس. هن مقالي مان ثابت ٿئي ٿو، ته ڊاڪٽر ميمڻ صاحب کي نه رڳو سنڌي شاعريءَ جي فني ۽ فڪري خوبين پرکڻ جي مهارت هئي، پر اردو شاعريءَ جي فن ۽ فڪر تي به دسترس هئي.

1978ع جي ٽئين شماري ۾ ”ساميءَ جا سلوڪ“ عنوان سان سندس مقالو ڇپيو. هن مقالي ۾ ويدانتي شاعر ”سامي“ جي شعر جو جائزو ورتو اٿس ۽ ويدانت جو مول متو به سمجهايو اٿس. ساميءَ جي ڪلام جو جائزو هنن لفظن ۾ ورتو اٿس:

”ساميءَ جي شاعري سنت ڪابيه مطابق آهي. سنت ڪابيه ويدانت جي فلسفي سان گڏ ٻُڌ ۽ ناٿ پنٿي خيالن جي اشاعت به ڪئي ۽ روحانيت تي خاص طور سان وڌيڪ زور ڏنو. هي سلسلو هونءَ ته ڪبير کان اڳ ۾ شروع ٿي چڪو هو، پر ڪبير ئي ان جو محرڪ سمجهيو وڃي ٿو. ڪبير ئي هن تحريڪ جو وڏو شاعر هو.“ (5)

هن مقالي ۾ ساميءَ جي تعليم جو جائزو ورتو اٿس ۽ ٻڌايو اٿس ته ساميءَ جي شاعريءَ جو مول متو آتما، جوڻ، رمزيت، گروءَ جو مقام، چيتاوني يا تنبيهه، شونيه يا عدم جو پرچار آهي.

1979ع جو ٽيون ۽ چوٿون شمارو گڏ ڪڍيو ويو. هن شماري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جو مقالو ”سنڌ- مغربي ليکڪن ۽ سياحن جي نظر ۾“ ڇپيل آهي. هن مقالي ۾ مغرب جي واپارين، عملدارن، سياحن، تاريخدانن، جهڙوڪ: نڪولس وٿنگٽن، ٽامس رو، نڪولائي منوچي، اليگزينڊر هئملٽن، ڪيپٽن ڪوڪ، ناٿن ڪرو، ڪئپٽن ڊيوڊسن، هينري پاٽنجر، ڊاڪٽر جيمس برنس، چارلس مئسن، آرٿر ڪونولوي، اليگزينڊر برنس، ڪيپٽن ايسٽوڪ، ڪيپٽن ليوپولڊ، ميجر وليم نيپئر، ميجر آئوٽرام، چارلس ڊلڪي، سر ايلس بروز، ڪيپٽن جارج اسٽئڪ، ميجر اين جي گولڊ سمڊ، ايٿرنگٽن، ڊاڪٽر ٽرمپ، ريورنڊ جارج شرٽ، سر جان بيمس، گريئرسن، سر ٽرنر، سيمور، هينري والٽر بيليو، ڪيپٽن ايم. آر. هيگ، سرجان مارشل، ارنيسٽ مئڪي، هينري ڪزنس، ايڇ. جي. راورٽي، ايليٽ ۽ ڊائوسن ۽ ڊاڪٽر سورلي جي لکيل سفرنامن ۽ رپورٽن ۾ آيل سنڌ بابت معلومات جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ورتو اٿس.

1980ع جي پهرئين شماري ۾ ”سنڌ- عرب مؤرخن ۽ سياحن جي نظر ۾“ ڇپيو. هن مقالي ۾ عرب سياحن، مؤرخن، جاگرافي دانن ۽ ليکڪن جهڙوڪ: جاحظ، ابن خردازبه، سليمان تاجر، ابو زيد حسن سيرافي، ابو دلف مسعر بن مهلهل ينبوعي، بزرگ بن شهريار، ابو حنيفه دينوري، بلاذري، ابن رسته، ابن فقيه، يعقوبي، ابن نديم، مسعودي، اصطخري، ابن حوقل، بشاري مقدسي، البيروني، قاضي صاعد اندلسي، قاضي رشيد بن زبير عبدالقاهر، مطهر بن طاهر مقدسي، عبدالڪريم شهرستاني، شريف الادريسي، ابن ابي اصيبه، ابن بطوطه، قلشقندي ۽ ابوالفدا جي ڪتابن جو پهرين تعارف ۽ جائزو ڏنو اٿس. پوءِ وري انهن ڪتابن ۾ سنڌ بابت آيل مواد ۽ معلومات جو جائزو ورتو اٿس.

1980ع جو ٽيون ۽ چوٿون شمارو گڏيل شايع ٿيو. هن شماري ۾ مخدوم عبدالله نرئي واري جي ڪتاب ”مڪاتيب النبي“ جي هڪ باب ”فتح مڪه“ کي جديد صورتخطيءَ ۾ تيار ڪري حاشين، حوالن ۽ لفظي معنائن سان سينگاريو اٿس.

مخدوم عبدالله نرئي وارو وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. هن جو اسلامي تعليم، اخلاقيات ۽ سيرت پاڪ تي ڪتاب ”مڪاتيب النبي“ تمام گهڻو مشهور آهي ۽ الف اشباع واري نظم ۾ آهي. جيئن ته ڪتاب قديم سنڌيءَ جي ڪڇي- لاڙي لهجي ۾ آهي ۽ سڀ ڪنهن جي پڙهڻ جي وس جي ڳالهه نه آهي، تنهنڪري ڊاڪٽر صاحب اُن جي متن کي جديد صورتخطيءَ ۾ آڻي، ڏکين لفظن جون معنائون ڏئي حاشين سان سنواريو آهي. متن ٽي سَو ٻن بندن تي مشتمل آهي ۽ آخر ۾ هڪ ضميمو اٿس، جنهن ۾ واڌارا ۽ سڌارا ڪيا اٿس. ڪن اختلافي ڳالهين جي حوالن سان وضاحت ڪئي اٿس. جيئن ته روانگيءَ جي ڏينهن بابت هن طرح وضاحت ڪئي اٿس: ”مخدوم صاحب ڄاڻايو آهي، ته ڏهين رمضان تي اُسهيا، پرڪن 2 رمضان ڄاڻائي آهي. سيرت ابن هشام ۾ ڏهين تاريخ آئي آهي.“ (6)

1981ع جي ٽئين شماري ۾ ”مير علي شير قانع ٺٽوي“ عنوان سان مقالو آهي. مير علي شير سنڌ جو اهو بي مثال تاريخ نويس آهي، جنهن تي سنڌ کي هميشه ناز رهندو. هو عالم، فاضل، شاعر، مؤرخ ۽ اهل دل بزرگ هو. هن سنڌ جي عظيم شخصيتن ۽ هستين، شهرن، ڳوٺن ۽ وستين جي تاريخ ۽ جاگرافي لکي محفوظ ڪئي.

هن مقالي ۾ پهرين مير علي شير قانع جي دور جي سياسي ۽ سماجي تاريخ بيان ڪئي اٿس ۽ ان دور جي سياسي پس منظر ۾ ”قانع“ جي ڪردار جو جائزو ورتو اٿس. انهيءَ کان پوءِ سندس ڪتابن مقالات الشعراءَ، تحفته الڪرام، بوستان بهار معروف به مڪلي نامه، تواريخ عباسيه جو تنقيدي جائزو ورتو اٿس.

جڏهن به سنڌ جي گهوٽ اڻموٽ جوڌن جو تذڪرو ايندو ته مخدوم بلال شهيد جو ذڪر سڀ کان اڳ ۾ ايندو. هن سنڌ ڌرتيءَ کي غلاميءَ کان بچائڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ قوم پرستيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ ٽلٽيءَ جي ميدان تي قومي جنگ لڙي. 1981ع جي چوٿين شماري ۾ ڊاڪٽر صاحب جو مقالو ”مخدوم بلال- هڪ محب وطن بزرگ“ عنوان سان ملي ٿو. هن مقالي کي ڊاڪٽر صاحب مختلف حصن ۾ ورهائي، مخدوم بلال جي شخصيت ۽ فڪر جو جائزو ورتو آهي. پهرين ڀاڱي ۾ مخدوم بلال جي ولادت، نسب ۽ تعليم جو جائزو ورتو اٿس. ٻئي ڀاڱي ۾ سندس طريقت جو سلسلو بيان ڪيو اٿس ۽ ثابت ڪيو آهي ته مخدوم صاحب جو تعلق سهروردي سلسلي جي شاخ ڪبرويه سان هو. ٽئين ڀاڱي ۾ مخدوم صاحب جي روحاني منزل جو تعين ڪيو اٿس. چوٿين ڀاڱي ۾ مخدوم صاحب جي دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو جائزو ورتو اٿس ۽ انهن سياسي حالتن ۾ مخدوم صاحب جو ڪردار بيان ڪيو اٿس. پنجين ڀاڱي ۾ مخدوم صاحب جي شهادت واري واقعي جو جائزو ورتو اٿس. ڇهين ڀاڱي ۾ مخدوم صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار جو خاڪو بيان ڪيو اٿس. انهيءَ کان پوءِ مخدوم صاحب جي ڪلام ۽ ملفوظات جو جائزو ورتو اٿس. آخري حصي ۾ مخدوم صاحب جي خليفن، سيد حيدر سنائي، مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم رڪن الدين ۽ مخدوم حسن جو احوال آندو اٿس ۽ ڪن ٻين خليفن جا نالا ڄاڻايا اٿس.

1983ع جو ٻيو ۽ ٽيون شمارو گڏي ڪڍيو ويو. هن شماري ۾ حضرت قلندر شهباز جي دور جي هڪ صوفيانه تحريڪ تي ”سهروردي سلسلو“ عنوان سان سندس مقالو ڇپيو. هن مقالي ۾ تصوف جي مشهور سلسلن جو مختصر خاڪو آڻي سهروردي سلسلي جو تاريخي جائزو پيش ڪيو اٿس. انهيءَ کان سواءِ سهرورديءَ سلسلي جي باني شيخ
شهاب الدين سهرورديءَ جي سوانح ۽ سندس خليفن جو تذڪرو به آندو اٿس ته سهروردي سلسلي جي پوئلڳن جو احوال به بيان ڪيو اٿس.

1983ع جي چوٿين شماري ۾ ”سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت“ عنوان سان سندس مقالو ڇپيو. هن مقالي ۾ ڪپڙي جي صنعت کي مختلف دورن، آرين جو دور، ٻڌ ڌرم جو دور، موريا خاندان جو دور، عرب دور، مغل دور، ڪلهوڙا دور، يورپي دور وغيره ۾ ورهائي، ڪپڙي ٺهڻ جي طور ۽ طريقن ۽ ڪپڙي جي قسمن جو جائزو ورتو اٿس ۽ کيس، انگوڇو، پوتڙو، لونگي، ململ، کاڌي، شوهي، جوڙي، اجرڪ، کهنبو وغيره جي بناوٽ جو جائزو بيان ڪيو اٿس ۽ ڪپڙي جي صنعت جي ختم ٿيڻ جي ڪارڻن جو تنقيدي اڀياس ڏنو اٿس.

1984ع جو ٻيو شمارو خاص نمبر ”سنڌي ادب سيمينار نمبر“ ڪري ڪڍيو ويو. هي نمبر فيبروري 1984ع جي 25 ۽ 26 تاريخ تي منعقد ڪيل ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ادب جي اوسر“ نالي سيمينار ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل هو. هن نمبر ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ديني ادب جي اشاعت“ جي عنوان سان مقالو ڇپيل آهي. هن مقالي ۾ ورهاڱي کان پوءِ ڇپيل ڪتابن جو تحقيقي جائزو ورتو اٿس. اهڙن ڪتابن کي ڀاڱن ۾ ورهايو اٿس. پهرئين حصي ۾ اصلوڪن ڪتابن جو جائزو ورتو اٿس ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ترجمو ٿيل ڪتابن جو جائزو ورتو اٿس. اصلوڪن ڪتابن مان جن ڪتابن جو جائزو ورتو اٿس، سي آهن: حيات النبي، سيرت مصطفيٰ، النبي الامين والقرآن المبين، ٻنهي جهانن جو سردار، مٺي مرسل جي سيرت طيبه، خدا جي پاڪ پيغمبر جي پاڪ زندگي، سوانح تاجدار مدينه ۽ سيرت رسول اڪرم (جلد پهريون). ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ محسن اعظم ۽ محسنين رحمة للعالمين، منظوم ڪتابن مان شاهه نامه عرف منظوم تاريخ الاسلام (حصه اول) ۽ مثنوي محمدي. ان طرح پاڻ سڳورن جي اخلاق ۽ شمائل بابت ڪتابن مان اسوه رسول اڪرم، جمال حبيب، اخلاق محمدي وغيره.

1984ع جو چوٿون شمارو خاص نمبر ”مقالا نمبر“ جي سري سان نڪتو. هن خاص نمبر ۾ سترهن مقالا شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب جو مقالو ٽيون نمبر آهي. هن مقالي جو عنوان آهي: ”سنڌ جا سهروردي بزرگ“. هي مقالو نهايت جامع مقالو آهي ۽ مهراڻ جا 42 صفحا والاري ٿو. سنڌ جي سهروردي بزرگن بابت هڪ مقالو 1983ع جي ٽئين شماري ۾ شايع ٿيو هو. حقيقت ۾ هي مقالو انهيءَ جي ٻي ڪڙي آهي. هن مقالي ۾، اڳئين مقالي ۾ بيان ڪيل بزرگن جي اولاد ۽ مريدن جو تفصيل سان جائزو ورتل آهي.

1985ع جو پهريون ۽ ٻيو شمارو گڏي ”تحريڪ آزادي نمبر“ جي سري سان خاص نمبر شايع ڪيو ويو. هن نمبر ۾ تحريڪ آزادي ۾ سنڌ جو ڪردار عنوان تي 14 مقالا آهن، جن مان هڪ مقالو ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جو آهي. انهيءَ جو عنوان آهي: ”آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو“. هن مقالي ۾، سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪن واري زماني جي مشهور تحريڪن، ريشمي رومال تحريڪ، هجرت تحريڪ، خلافت تحريڪ، سنڌ کي جدا صوبو بنائڻ واري تحريڪ، سنڌ مسلم ليگ جي تنظيم جي تحريڪ ۽ حر تحريڪ جو سياسي ۽ سماجي پس منظر ۾ جائزو ورتو اٿس ۽ هنن تحريڪن ۾ سنڌ جي عوام جيڪو ڪردار ادا ڪيو، تنهن جو تنقيدي جائزو ورتو اٿس.

1985ع جي ٽئين شماري ۾ ”سنڌ مدرسي“ تي مقالو آهي. سنڌ ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ سنڌ مدرسي جو تمام وڏو ڪردار آهي. هن مقالي ۾ سنڌ مدرسي جي بنياد جا ڪارڻ ۽ تاريخ بيان ڪئي اٿس. مقالي جي آخر ۾ سنڌ مدرسي جي پرنسپال طرفان جاري ڪيل اشتهار، جيڪو حقيقت ۾ سنڌ مدرسي جو Prospectus آهي، جو جائزو ورتو اٿس.

1985ع جي چوٿين پرچي ۾ ”آزاديءَ جي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري“ سري سان مقالو آهي. انگريزن جي دور ۾ ديني عالمن انگريزي تعليم جي مخالفت ڪئي، پر سنڌ جي سڄاڻ طبقي محسوس ڪيو، ته جيڪڏهن مسلمان جديد تعليم نه پرائيندا ته پوئتي رهجي ويندا، تنهنڪري اُنهن شعر وسيلي مسلمانن ۾ شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪئي ۽ زور ڏنو، ته مسلمان انگريزي تعليم پرائين. هن مقالي ۾ اهڙي قسم جي شاعريءَ جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي.

1986ع جي ٻئي شماري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جو مقالو ”قديم دور ۾ سنڌ ۾ آيل عالم ۽ مذهبي پيشوا“ شامل آهي. هي تاريخي نوعيت جو مقالو آهي. مقالي جي
پس منظر ۾ موهن جي دڙي جو احوال آندو اٿس ۽ يادو قبيلي جي حڪمرانيءَ جون حدون بيان ڪيون ويون آهن ۽ سندن علائقن جو جائزو ورتو ويو آهي. اُن کان پوءِ سنڌ ۽ عرب جي لاڳاپن جو جائزو ورتو اٿس ۽ سنڌ ۾ اسلام پکڙڻ جو تحقيقي جائزو آڻي موسيٰ بن يعقوب ثقفي، يزيد بن ابي ڪشبه سڪسڪي دمشقي، مفصل بن موسيٰ البصري، نذيد السند، عمرو بن مسلم الباهلي، ربيع بن صبيح سعدي بصري، عبدالله بن محمد علويءَ جو تفصيل سان ذڪر آندو اٿس. ان کان پوءِ مذهبي تحريڪن جي حوالي سان پير شمس سبزواري ۽ پير صدر الدين، ابن بطوطه، شيخ محمد بغدادي، قاضي علاءَ الملڪ، قاضي ابو حنيفه، شيخ شمس الدين ۽ ڇٽي امراڻيءَ جو تفصيل سان جائزو ورتو اٿس ۽ نتيجو ڪڍيو اٿس ته مٿيان عالم عربستان جي مختلف علائقن کان هلي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ ماڻهن کي فيض بخشيائون.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جي مڙني مقالن جو غور سان جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته وٽس ”تصوف“ جو تمام گهڻو ۽ گهرو مطالعو هو. تصوف جي مڙني سلسلن، قادري، سهروردي، چشتي، نقشبندي ۽ پڻ قلندري سلسلي جي تمام وڏي مهارت ۽ ڄاڻ هئس.

1986ع جي ٽئين پرچي ۾ ”قلندري طريقو“ ۽ چوٿين شماري ۾ ”چشتي سلسلو“ شامل آهن. هنن مقالن ۾ صوفيانه سلسلن جي شروعات، نسبت، طور طريقن ۽ صوفين جي تعليمات جو جائزو ورتو اٿس.

”قلندري طريقو“ مقالي ۾ حضرت قلندر شهباز ۽ سندس پوئلڳن جو جائزو آندو اٿس. چشتي سلسلي ۾ وري هن سلسلي جي باني حضرت خواجه معين الدين چشتيءَ جي سوانح حيات آهي. سنڌ ۾ ان سلسلي جي واڌ ويجهه جو جائزو ورتو اٿس ۽ سنڌ ۾ چشتي سلسلي جي بزرگن شيخ عارف، خواجه احمد سيوستاني، بابا احمد بکري، مولانا ظهيرالدين بکري، شيخ نصيرالدين محمود چراغ دهلوي، شيخ عيسيٰ، شيخ حسن، مخدوم محمد شريف، قاضي محمد عاقل، خواجه غلام فريد، حضرت خواجه نور محمد مهاروي، امين شاهه چشتي، شيخ نجم الحق، شاهه عبدالرحمان سندي لکنوي، مولانا اشرف علي ٿانوي ۽ غلام احمد نظاميءَ جو تذڪرو آڻي جائزو ورتو اٿس.

1987ع جي پهرئين شماري ۾ ”سنڌي سينگار شاعري“ عنوان سان مقالو آهي. مٿيون عنوان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل لوڪ ادب جي ڪتاب جو آهي. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر ميمڻ صاحب بلوچ صاحب جي ڪتاب جو تنقيدي جائزو ورتو آهي.

ساڳئي شماري ۾ ڊاڪٽر موصوف جو لکيل هڪ سوانحياتي خاڪو آهي. ان جو  عنوان آهي: ”پروفيسر اڪرم انصاري- سُرت ۽ ساڃاهه جو صاحب.“ خاڪي نگاريءَ ۾ به ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجو مَٽ پاڻ هو. ڳچ خاڪا لکيا اٿس. سندس خاڪن جو ڪتاب ”گهڙيون گهاريم جن سين“ مشهور ۽ مقبول آهي.

ڊاڪٽر موصوف جو ”مهراڻ“ جي 1986ع جي ٻئي شماري ۾ جيڪو مقالو ڇپيو هو، تنهن ۾ هن اهڙن عالمن جي تاريخ بيان ڪئي هئي، جن عرب دنيا مان هلي اچي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. سن 1987ع جي ٻئي شماري ۾ وري سنڌ جي اهڙن عالمن جو تحقيقي جائزو ورتو اٿس، جن سنڌ مان هلي وڃي عرب ملڪ وسايو ۽ اتي علم جو ڌاڪو ڄمايو. هن مقالي جو عنوان آهي: ”عرب ملڪن ۾ آباد ٿيل سنڌي محدث ۽ عالم“. هن مقالي ۾ لڳ ڀڳ ستر عالمن جي زندگيءَ جو احوال ۽ سندن علمي خدمتن جو تحقيقي جائزو ورتل آهي. (7)

1987ع جي ٽئين شماري ۾ شيخ عبدالرزاق ”راز“ عنوان سان ليک آهي. شيخ عبدالرزاق ”راز“ جديد سنڌي شاعريءَ ۽ جدت پسند تحريڪ جي بانيڪارن مان هو. هن ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن سنڌ جو علمي ادبي ماحول خالي ۽ سکڻو ٿي چڪو هو، تڏهن سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ عملي قدم کنيا. پبلشنگ جو ادارو قائم ڪري، شاعري، ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪتاب به ڇپايائين، ته ادبي جلسا ۽ مذاڪرا به منعقد ڪيائين. جڏهن اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پروفيسر هو، تڏهن ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سندس دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ پوئجي ويو.

1987ع جي ٽئين شماري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ صاحب مٿس خاڪو لکيو، جنهن ۾ شيخ ”راز“ جي سوانح به بيان ڪئي اٿس، ته سندس علمي ادبي خدمتن جو جائزو به ورتو اٿس.

1987ع جي چوٿين شماري ۾ ”علم لسان جي لحاظ کان شاهه جي رسالي جو مطالعو“ سري سان مقالو آهي. ڊاڪٽر صاحب، شاهه جي رسالي جو فڪر جي لحاظ کان به اڀياس ڪيو آهي، ته فن جي لحاظ کان به وقت بوقت جائزو ورتو آهي. هن مقالي ۾ فن جي هڪ پهلوءَ، لسانيات جي حوالي سان جائزو ورتو آهي. لسانيات جون وري ڪيتريون ئي شاخون آهن، جن مان هڪ شاخ آهي: لفظن جون اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون. اڳياڙيون يا پڇاڙيون ڳنڍڻ سان لفظ جڙن ٿا. هن مقالي ۾ شاهه لطيف جي رسالي جي حوالي سان اهڙن لفظن جو جائزو ورتل آهي، جيڪي اڳياڙيون ڳنڍڻ سان جڙن ٿا.

1988ع جو پهريون ۽ ٻيو شمارو گڏيل ڇپيو. هن شماري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جو مقالو ”مرند، ملتان ۽ سيوهڻ“ ڇپيو. مرند، ملتان ۽ سيوهڻ ٽي شهر آهن. هنن ٽنهي شهرن جي هڪ خاص نسبت آهي، اُها آهي حضرت قلندر شهباز جي شخصيت. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب هنن ٽنهي شهرن جي نالن، بيهڪ جي هنڌن ۽ اُنهن شهرن جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو جائزو ورتو آهي ۽ اقتصادي حالتون بيان ڪيون آهن.

1988ع جي ٽئين شماري ۾ ”قلندر شهباز“ عنوان سان مقالو ڇپيو. جيئن عنوان مان ئي ظاهر آهي، ته هي مقالو صوفياڻي سلسلي ”قلندري سلسلي“ جي باني حضرت قلندر شهباز جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب قلندر شهباز جي نالي، لقب، نسب، وطن، ولادت، ظاهري تعليم، بيعت، سير و سياحت ۽ سيوهڻ ۾ اقامت، ملتان ۾ اچڻ، سيوهڻ ۾ اچڻ، رشد ۽ هدايت کان ويندي وصال تائين جو جائزو ورتو آهي.

1988ع جي چوٿين شماري ۾ ”شاهه ۽ سچل“ جي عنوان سان مقالو آهي. هن مقالي ۾ شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي ڪلام جي ڀيٽ ڪندي اڀياس ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب هن مقالي ۾ سچل سرمست جي ڪلام جون اُهي فني ۽ فڪري خوبيون کولي نروار ڪيون آهن، جيڪي کانئس اڳ ۾ شاهه لطيف وٽ به ملن ٿيون. ٻنهي بزرگن جي ڪلام ۾ کوڙ ساريون اهڙيون خوبيون هڪ جهڙيون آهن. هي مقالو انهن خوبين جي جائزي تي مشتمل آهي.

1989ع جي ٽئين پرچي ۾ ”کوهن وارو شهر موهن جو دڙو“ سري سان مقالو آهي. موضوع مان ئي ظاهر آهي ته هي مقالو موهن جي دڙي جي اڀياس تي مشتمل آهي ۽ ڪيترن ئي حصن تي مشتمل آهي. پهرئين حصي ۾ موهن جي دڙي جي جاءِ ۽ هنڌ تي بحث ڪيو اٿس ۽ ان جي کوٽائيءَ جو احوال آندو اٿس. انهيءَ کان پوءِ موهن جي دڙي جي حڪومتي سرشتي تي بحث ڪيو اٿس. بعد ۾ موهن جي دڙي جي سماج ۽ صنعت و حرفت جو جائزو ورتو اٿس ۽ عمارت سازيءَ جي جوڙجڪ بيان ڪئي اٿس. انهيءَ کان پوءِ، اُتان جي ماڻهن جي زراعت ۽ خوراڪ تي بحث ڪيو اٿس. اُن کان پوءِ اصل موضوع ڏانهن اچي ٿو ۽ کوهن جا قسم ڄاڻائي، موهن جي دڙي جي کوهن جو دلچسپ بيان آندو اٿس ۽ قرآن حڪيم جي سورة الفرقان جي حوالي سان ”اصحاب الرس“ جي تشريح ڪري جائزو ورتو اٿس ۽ نتيجو ڪڍيو اٿس ته موهن جي دڙي وارا ئي ”کوهن واري قوم“ آهي. آخر ۾ ”موهن“ ۽ ”موئن“ لفظ جو جائزو ورتو اٿس.

1989ع جي چوٿين پرچي ۾ ”سيوهڻ- سياحن ۽ پرڏيهي مورخن جي نظر ۾“ عنوان سان مقالو آهي. هن مقالي ۾ پهرين سيوهڻ جي نالي تي بحث ڪيو ويو آهي ۽ پوءِ مختلف سياحن ۽ پرڏيهي مؤرخن جي ڪتابن ۾ آيل مختلف نالن جو تنقيدي جائزو ورتو اٿس.

1990ع جي شماري ۾ ”علمي خط“ عنوان سان هڪ خط آهي، جنهن ۾ ”واحد سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن“ تي امام راشديءَ جي تنقيد ۾، امام صاحب جي ڪيل ڀُل جي درستگي ڪئي اٿس ۽ وضاحت ڪئي اٿس ته خليفي نبي بخش ۽ حمل خان لغاريءَ پاڻ ۾ ڪچهريون ڪيون هيون.

1991ع جي پهرئين شماري ۾ ”سنڌ، سياحن جي نظر ۾“ سري سان مقالو ملي ٿو. هن مقالي ۾ عرب توڙي يورپي سياحن جي سفرنامن جي آڌار تي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. جيئن ته هنن سفرنامن ۾ سنڌ بابت ڪي ڳالهيون غلط اندازي ۽ ٻُڌ سُڌ تي آنديون ويون آهن، جن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ڪونهي، تنهنڪري اهڙن ڪتابن ۾ آيل مواد جو تنقيدي جائزو ورتو اٿس. هن مقالي ۾ يوناني سياحن، سڪندر مقدوني، سائيلاڪس، هيڪتايوس، اوني سيڪرٽيوس، ارسطو بيولس، فاهان، سن ين، هئي شينگ، هيونسانگ ۽ ڪياتان ۽ عرب سياحن، جهڙوڪ: سليمان تاجر، ابودلفا، مسعود بن مهلهل ينبوعي، بزرگ بن شهريار، يعقوبي، مسعودي، اصطخري، ابن حوقل ۽ بشاري مقدسيءَ جي سفرنامن ۾ آيل مواد جي تحقيقي ۽ تنقيدي جائزي تي مشتمل آهي.

ساڳئي شماري ۾ استاد بخاريءَ جي شعري مجموعي ”لهر لهر دريا“ جي تنقيدي جائزي تي مشتمل ليک شامل آهي. هي ليک اصل ۾ ”لهر لهر دريا“ جو مهاڳ آهي.

”سنڌ، سياحن جي نظر ۾“ مقالي جي ٻي قسط 1991ع جي ٻئي شماري ۾ ڇپي. پهرين قسط ۾ اُنهن سياحن ۽ جاگرافيدانن جو ذڪر آهي، جن جو تعلق چوٿين صدي هجريءَ تائين آهي. ٻيءَ قسط ۾ پنجين صدي هجريءَ کان پوءِ جي مؤرخن، عالمن ۽ سياحن جي ڪتابن جو تنقيدي جائزو آهي. هن قسط ۾ ابو ريحان البيروني، ابو عبدالله بن محمد، ادريسي، ابن بطوطه، سيد علي رئيس، محمود بن امير ولي بلخي ۽ پورچوگيز سياحن مان ڊيوريٽ باريوسا، نڪولس وٿنگٽن، ٽامس رو، نڪولس منوچي ۽ بلگرامي ساداتن جي بيانن جو تنقيدي جائزو ورتو اٿس ۽ سنڌ ۽ سنڌين بابت جيڪي غلط روايتون آهن، انهن جا مدلل جواب لکيا اٿس.

1992ع جي چوٿين شماري ۾ ”سهڻو سردار“ عنوان سان تنقيدي ليک آهي. هي ليک انجنيئر عبدالمالڪ جي ڪتاب ”سهڻو سردار“ جو تنقيدي جائزو آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ديني ادب جو شيدائي ضرور هو، پر هُو سنڌ سان لاڳاپيل هرهڪ شيءِ سان پيار ڪندو هو، پوءِ اُها ڪهڙي به مذهب يا ڌرم سان تعلق رکندي هجي. اهوئي سبب آهي جو ساميءَ جي سلوڪن جو اڀياس ڪندي هندو ڌرم جي انيڪ عقيدن جو اڀياس ڪيائين. وٽس انتها پسندي نالي ڪابه شيءِ ڪانه هئي. ”ٿر ۾ جين ڌرم“ مقالو انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي. 1993ع جي پهرئين شماري ۾ ”ٿر ۾ جين ڌرم“ عنوان سان مقالو آهي، جنهن ۾ جين ڌرم جو انتهائي گهرائيءَ سان مطالعو ڪيائين، ته ٿر ۾ جين ڌرم جا ماڳ مڪان به گهميائين. مهاوير جي سوانح جو اڀياس به ڪيائين، ته ٻڌ ڌرم جو به اڀياسي هو. هن مقالي ۾ پهريائين جين ڌرم جو تعارف ڏنو اٿس، انهيءَ کان پوءِ جين ڌرم جي مختلف فرقن جو جائزو ورتو اٿس، ته هن ڌرم جي ڪتابن جو اڀياس به ڪيو اٿس. هن مان معلوم ٿيندو ته ڊاڪٽر صاحب ڪيتري نه گهرائيءَ سان جين ڌرم جو اڀياس ڪيو آهي. مقالي جي آخر ۾ ٿر ۾ جين ڌرم جي بُتن، مندرن ۽ شهرن جي آثارن جو جائزو پيش ڪيو اٿس. تاريخ جي ورق گردانيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته منگهارام اوجها ۽ رائچند راٺوڙ کان پوءِ ميمڻ صاحب پهريون عالم آهي، جنهن جين ڌرم تي تحقيقي انداز سان ۽ تفصيل سان روشني وڌي آهي.

1995ع جي ٻئي شماري ۾ ”فارسي شاعريءَ ۾ سنڌ جو ذڪر“ عنوان سان مقالو ملي ٿو. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب فارسيءَ جي مشهور ۽ مقبول شاعرن جهڙوڪ: دقيقي، عنصري، فرخي، فردوسي، قطران، تبريزي، مسعود، سليمان، بختار غزنوي، مولانا جلال الدين رومي ۽ ناصر خسرو جي ڪلام ۾ سنڌ جي ذڪر جو تاريخ جي حوالي سان تنقيدي جائزو ورتو آهي.

”مهراڻ“ ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو پهريون مقالو 1957ع ۾ ڇپيو ۽ آخري مقالو 1995ع جي ٻئي شماري ۾ ڇپيو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن سالن جي ڳڻپ ڪجي ته 39 سال ٿين ٿا ۽ مقالن جو ڳاڻيٽو پنجاهه کان مٿي بيهي ٿو. يعني ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب سڄا سارا اُڻيتاليهه سال ”مهراڻ“ لاءِ لکيو. انهيءَ عرصي دوران ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي سياسي ۽ سماجي   تاريخ تي مقالا به لکيا، ته سنڌ جي ادبي تاريخ تي به مقالا لکيائين، ته سوانحياتي خاڪا به لکيائين. سنڌ جي شهرن تي به لکيائين، ته ڪتابن تي تنقيدي ليک به لکيائين. مطلب ته سنڌ، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ادب جي حوالي سان هر پهلوءَ تي لکيائين ۽ خوب لکيائين.

حوالا

(1) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”پنج تنتر- ڪليله و دمنه“ مهراڻ 4-1970ع ص75

(2) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”گرامي جون گذارشون“ مهراڻ 4-1976ع، ص128

(3) ساڳيو

(4) ساڳيو

(5) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ساميءَ جا سلوڪ“ مهراڻ، 3- 1978ع، ص214

(6) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”فتح مڪه“ مهراڻ، 3-4- 1980ع، ص249

(7) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”عرب ملڪن ۾ آباد ٿيل سنڌي محدث ۽ عالم“ مهراڻ، 2- 1986ع، ص64 کان 84 تائين.

(8) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ٿر ۾ جين ڌرم“ مهراڻ، 1-1993ع، ص169 کان 180

 

 

سنڌي نثر مان هڪ مثالي ٽُڪرو

”غوثي“ طريقي سان چار مٿير مهندار هئا: جرڪس ڏِناڻي، راڄسين سومراڻي، ابراهيم ناگوراڻي ۽ ڳاڙهو صدر. انهن جي هاڪ ۽ همت جون ڳالهيون جيتوڻيڪ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ مشهور آهن، پر روحاني راهه جي اُنهن مانجهي مڙسن جي گهڻن کي پوري پروڙ ڪانهي.

اي سڄڻ! ڄاڻ ته هجري ستين سن ۾ سهروردي طريقي جي عالم ۽ عارف غوث بهاوالدين زڪريا، ملتان ۾ اسلامي تبليغ جو چراغ روشن ڪيو ۽ سندس طريقي جي تلقين جو فيض سنڌ ۾ به عام ٿيو. پاڻ سنڌ ۾ آيو ۽ پوءِ خاص طرح سندس ڪوشش ۽ سفارش سان (سومرن کان پوءِ) سمن کي ٺٽي جو تاج تخت مليو. اهڙي عنايت ۽ اهڙي وڏي احسان جي ڪري، ٺٽي جي سمن سلطانن ۽ سندن تعلق وارن قبيلن کي غوثي درگاهه جي سجاده نشينن لاءِ وڏي محبت پيدا ٿي. غوث صاحب جا سجاده نشين به وڏي فيض وارا هئا ۽ سندن فيض سان سنڌ ۾ سندن خليفا ۽ مريد به وڏي فيض وارا ٿيا. اُتر سنڌ ۾ اهي خليفا ’مشائخ‘ جي لقب سان مشهور ٿيا، يعني ته مقامي طور، غوثي طريقي ۾ انهن کي ’شيخ ۽ مرشد‘ وارو مرتبو عطا ٿيو.

لاڙ واري ڀاڱي ۾ غوثي طريقي جا اهڙا ڀلارا فقير ’درس‘ جي لقب سان مشهور ٿيا. انهن کي ملتان ۾ مرشد روحاني فيض جا ’درس‘ ڏنا، يعني سبق سمجهايا، ۽ انهيءَ امانت جي ڪري اهي ’درس‘ سڏجڻ لڳا. ’رهاڻ هيرن کاڻ -6‘ ۾ ’درسن‘ جو تفصيلي ذڪر ٿي چڪو آهي جنهن ۾ اها ڳالهه سمجهايل آهي ته ”جن غوثي طريقي جا سبق ورتا ۽ نيڪ ۽ صالح ٿيا تن کي ’درس‘ سڏيائون، يعني مڻيادار يا الله وارا درويش. گهڻو پوءِ، علم جي گهٽجڻ ڪري عام ماڻهن ۾ اهو خام خيال پيدا ٿيو ته ’درس‘ اهو آهي جيڪو ڪاني ڪرامت وارو هجي ۽ جيڪو دعا ۽ پٽ پڙيءَ تي ڪري ڏيکاري. سنڌ ۾ غوث صاحب جي تبليغ ۽ تلقين سان وڏا عابد ۽ زاهد پيدا ٿيا، جن سنڌ ۾ ۽ ڪڇ ۾ اسلام جي عملي ۽ روحاني فيض کي عام ڪيو. خاص طرح هيٺئين لاڙ ۾ غوث صاحب جي حياتي واري وقت جو وڏو خليفو پير پٺو سلطان هو جيڪو پاڻ جماعت ڪري ملتان ويو ۽ جنهن جو ڀانڊاري ڪڙيو يا ڪرهيو هو جنهن جي درگاهه ’ڪرهيي ڀانڊاري‘ جي نالي سان بدين کان ڏکڻ طرف موجود آهي. اتر ۾ به وڏا خليفا ٿيا، جهڙوڪ جهنڊو مشائخ، شيخ مهائي (وفات 878هه) ۽ ٻيا. لاڙ ۾ درس راڄپال وجهه دين (جيڪو نئين ڪوٽ لڳ مدفون آهي)، درس سومو (جيڪو حسن باغبان جي مقام ۾ مدفون آهي)، ’مشائخ هوٿي‘، شيخ ڀرڪيو آچاري. ”ملو حسڻ درساڻي، پهرئين سڏ سان ساڻي“ (کورواهه لڳ)، ميون شيخ موسو ۽ ٻيا. گهڻن درويشن جو ذڪر ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات ”بيان العارفين“ ۾ آهي، جن ۾ جرڪس ڏناڻي ۽ راڄسين سومراڻي جو به ذڪر آهي. انهن جا ٻه ٻيا ساٿي هئا ابراهيم ناگوراڻي ۽ ڳاڙهو صدر. بيان العارفين جي حوالن مان لڳي ٿو ته اهي فقير جن راهه جو پنڌ ڇڏايو، سي نائين- ڏهين صدي هجري ۾ هئا. ٽالپورن جي دور ۾، شيخ عيسيٰ وڏي مڻيا وارو خليفو ٿيو. هو لواري جي بزرگن جي وڏي ميان عبداللطيف واري ڳوٺ جو هو (جيڪو بدين کان نو ميل ڏکڻ- اولهه ۽ لواري کان اڍائي ميل اولهه ڏکڻ ڏي آهي). اهو اصل ۾ هوٿي نهڙيي جو ڳوٺ هو ۽ اڃان تائين ڳوٺ وارو دڙو هوٿي نهڙيي جو دڙو سڏجي. عيسيٰ پهريائين ڏاڍو مڙس هو پر پير سائين سيد محمد راشد رحه روضي ڌڻي کان فيض مليس. هو پوءِ ملتان ويو ۽ اتان وري به پير سائين محمد راشد رحه وٽ آيو ۽ فيض پرايائين، پر غوثي طريقي ۾ ئي رهيو“

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

[”رهاڻ هيرن کاڻ“، ڀاڱو 7، ص 25-26، س.ا.ب]

 


 

ڪهاڻيون/ ليک

ادب نه رڳو زندگيءَ جي عڪاسي آهي، پر ان سان گڏ ان تي تنقيد پڻ. اسان جي سدا بدلجندڙ ٻاهرين ڪائنات اسان جي دل تي سدا بدلجندڙ عڪس ٿي وجهي. اسان جي دل انهن مختلف اثرن جو مختلف طريقن سان ردِعمل ٿي ٿئي.

اديب به انسان آهي، انڪري هر اُها شيءِ جنهن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح اسان جي زندگيءَ جي مسئلن يا اسان جي ٻاهرين ڪائنات سان واسطو آهي، سا اديب جي دل تي اثر ڪري ٿي. اديب نه رڳو پنهنجن مشاهدن، تجربن ۽ پنهنجي آڏو گذرندڙ واقعن جو اثر قبول ڪري ان جو سڌو سنئون عڪس موٽائي ٿو، پر ان کي پنهنجي ذاتي شعور ۽ جذبن جي رنگ ۾ رڱي ان جو اظهار ڪري ٿو. اديب جي شخصيت انڪري ئي ادب ۾ وڏي حيثيت ٿي رکي جو ان ۾ اديب جو ذاتي شعور پڻ شامل آهي.

اديب جي شخصيت جي نشوونما جنهن ماحول ۾ ٿئي ٿي، ان جو سندس دور ۾ پيدا ٿيل ادب تي وڏو اثر پوي ٿو. هر دؤر ۾ انساني شعور ڪجهه اڳتي وڌي ٿو. جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي، تيئن اسان جي علم ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو ۽ اهو اسان جي علم جو اضافو مختلف دؤرن ۾ مختلف قسمن جو فڪري ماحول پيدا ڪري ٿو، جنهن سان اديب جو سنئون سڌو تعلق آهي. اسان جي دل ان بي جان پٿر وانگر ناهي، جنهن تي سدا وسندڙ مينهن ڦڙا سوراخ پيدا ڪريو ڇڏين، پر اها جيئري جاڳندي، اثر قبول ڪندڙ ۽  متاثر ڪندڙ چيز آهي. اديب نه رڳو ٻاهرين دنيا کان متاثر ٿئي ٿو پر ان سان گڏ ٻاهرين دنيا کي متاثر ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿو. ادب جا مکيه مقصد ٻه آهن: اظهار ۽ تاثر. ٻنهي جو اسان جي چوڌاري وسندڙ ٻاهرينءَ دنيا سان ڳوڙهو ڳانڍاپو آهي. اچو ته ڏسون ته سائنس جو انهن ٻنهي دنيائن سان ڪيترو ڳانڍاپو آهي.

اسان جي ٻاهرين دنيا چنڊ تارن، گلن ڦلن، جهنگلن جبلن، انسانن ۽ جانورن واري دنيا سدائين پئي مٽجي سٽجي. ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو اهو سلسلو ازل کان ابد تائين جاري آهي. اسان جي سونجهڻ جي جبلت ’ڪيورسٽي اِسٽنڪٽ‘، جنهن مان اسان جي سائنس جو چشمو ڦٽي نڪتو آهي، تنهن انسان کي سڄي ڪائنات جي ذري ذري کي سونجهڻ ۽ سوچڻ تي پئي مجبور ڪيو آهي ۽ ان مان حاصل ٿيل علم جي وسيلي، اُن جي نين کوجنائن، اُن جي چوڌاري وسندڙ دنيا جي رخ تي نت نوان نقش پئي ڪڍيا آهن. اڄ کان سؤ سال اڳ جي اديب جي چوڌاري جيڪي چيزون هيون، سي اڄوڪي اديب جي چوڌاري ناهن. اڄوڪو اديب پنهنجن افسانن ۾ بيل گاڏين جي بدران ريل گاڏين جو ذڪر ڪري ٿو. اڳي جو شاعر تيرن ۽ بڙڇين تي اڪتفا ڪندو هو، پر اڄوڪو شاعر پنهنجي چوڌاري بدلجندڙ دنيا کان متاثر ٿيڻ شروع ٿيو آهي، احمد ملاح جو هڪڙو شعر هتي مثال لاءِ ڪافي ٿيندو:

’منجهه اکين احمد چوي، تو ڪئي دوناليون ڌاريون،

سي سڌيون سيني اندر ڇيرا وجهي ڇوڙين بيٺو.‘

- تنوير عباسي

[”نيوز اينڊ اوپينين“ تان ورتل]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com