سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :13

منهنجو نالو بابا پنهنجي پياري دوست مونس پنجابيءَ جي نالي تي سندس حياتيءَ ۾ ئي رکيو هيو. ياد آهي ته مان ستن اٺن سالن جو هوندس جو هو هميشه جڏهن ڊرنڪ هوندو هو ته مون کي سڏائيندو هو. مون کي ڀاڪر پائي روئندو هو ۽ مون کي سندس وات مان شراب جي بوءِ نه وڻندي هئي. بابا جي ڪوئنس روڊ واري آفيس جي هڪ ڪمري ۾ رهندو هو. هو تمام خوش شڪل ماڻهو هو ۽ وڏ گهراڻي جو هو، جنهن جو تفصيل سان ذڪر بابا ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ ڪيو آهي ۽ بابا جي شاعريءَ جو پهريون انگريزي مترجم هو. پيءُ- ماءُ جي جدا ٿيڻ کان پوءِ اڪثر جڏهن بابا سان ملي موٽندو هو ته آبديده هوندو هو ۽ جدائي جو شديد احساس وڪوڙي ويندو هو ۽ اڪثر بابا به اداس ٿي ويندو هو. سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ اڪثر سندس ذڪر تي اکيون ڀرجي پونديون آهن ۽ سمجهه ۾ نه ايندو آهي. ”ڳوڙها اُگهه اياز، جيڪي ويا سي ويا!“ شايد مون تي به پنهنجي نالي جو چاليهون اثر پئجي وڃي ٿو. منهنجي وڏي ماءُ زرينه بيگم (جنهن کي مان زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڀيرو 1987ع ۾ ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ شاهه لطيف ڪانفرنس جي پروگرام ۾ ڏٺو آهي) تنهن مان منهنجي وڏي ڀاءُ جو نالو انيس آهي ۽ اهو محض اتفاق آهي ۽ بابا پنهنجي ذهني سوچ مختلف هئڻ جي ڪري اسان جا نالا يقيناً اِنڪري ڪونه رکيا هئا، جو اهلبيت جا مرثيه گو شاعر ميرانيس ۽ مير مونس پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن. مير مونس جلدي گذاري ويو ۽ هن پنهنجي ڀاءُ کان ٿورا پر وڌيڪ پراثر مرثيا لکيا.

سرمد منهنجو سڳو ۽ نڍو ڀاءُ آهي ۽ مٿس به پنهنجي نالي جو وڏو اثر آهي ۽ چڱو خاصو سرمدي مزاج اٿس:

”شوري شُد و از خوابِ عدم چشم کشوديم،

ديديم که شبِ فتنه باقي ست، غنوديم!“

[عدم جي خواب مان اک کلي، هيڏي هوڏي ڏٺوسين ته اڃان شور باقي آ- وري سمهي رهياسين.]  (سرمد شهيد)

سرمد روحاني علم ۾ چڱو ڄاڻو آهي ۽ فقيري زندگي گذاريندڙ آهي. بابا اڪثر ڪري کيس ننڍي لاءِ هن جي مٿي کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي چوندو هو ته ”تنهنجو افلاطون جيڏو وڏو مٿو آهي.“ ننڍپڻ ۾ هڪ ڀيري منهنجي ماءُ اقبال بيگم سرمد کان پڇيو هو ته تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟ ته سرمد وراڻيو هيو ته مان مست ٿيندس. جنهن تي اسان سڀ کلياسين ۽ حيران ٿياسين. اصل ۾ سرمد ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ شڪارپور ۾ پاڙي وارن جي مائٽن ۽ ٻارن سان شهر جي مشهور مست عبدالرحمان کي ڏسي آيو هو ۽ سندس آزاد گفتگو ۽ رهڻي ڪرڻي ۽ سندس چوڌاري انبوهه ماڻهن جو ڏسي ڏاڍو ڪو متاثر ٿي آيو هو. سرمد مستي هستي کان ماورا ٿي ويو آهي. اعجاز منگي سرمد جو پيارو دوست آهي. سرمد اعجاز کان قدآور آهي ۽ جڏهن هو ٻئي تمام بي نيازيءَ سان هڪ ٻئي جي ڪلهن تي ٻانهون ورائي هلندا هئا ته پٺيرا ڏاڍا مزيدار لڳندا هئا. اعجاز جڏهن پهريون ڀيرو 1980ع ڌاري بابا سان سکر ملڻ ويو ته بابا ڏاڍو حيران ٿي کائنس پڇيو، ”تون سرمد جو دوست آهين ۽ مون سان ملڻ آيو آهين“ ۽ پوءِ مُرڪي کيس ويهاريائين ۽ ائين ڳالهايائينس جيئن روسي فلسفي گرجيف  ڳالهائي رهيو هو هڪڙي ماڻهوءَ سان، جنهن پئرس جي هڪ هال ۾ ٻن ٽن ڏينهن کان ساڳئي وقت تي اڪيلو گرجيف جو انتظار ٿي ڪيو ته من هو اچي وڃي. گرجيف ڏنل تاريخ ۽ وقت تي نه آيو ۽ ٻه ڏينهن نه آيو ۽ جڏهن گرجيف اوچتو اچي نڪتو ته هن اڪيلي شخص کي ڏسي چيائين ته ”توکي مان ليڪچر ضرور ڏيندس جو تو ٻه ڏينهن منهنجو انتظار ڪيو آهي ۽ توکي واقعي شوق ۽ ضرورت آهي.“ اعجاز تمام سٺو شاعر، ليکڪ ۽ ذهين ۽ محنتي صحافي آهي ۽ گهٽ عمر ۾ هن وڏو نالو ڪڍيو آهي. هن جون بابا سان ڪچهريون هيون، ۽ هو تمام سٺو لکي سگهي ٿو ۽ کيس لکڻ به کپي. هن وقت اعجاز ترقي پسند تحريڪ جو آخري ننڍڙو سپاهي لڳندو اٿم. هو اڄڪلهه سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري آهي ۽ بابا جي حوالي سان ان بورڊ سان منهنجون به ڪيتريون ئي يادگيريون وابسته آهن. ماڻهوءَ جو سڄو ماضي فقط ”يادگيرو“ آهي، ڇو ته يادگيري فقط ماضيءَ جي هوندي آهي.

Past is History, Future is mystery, only present is reality.

[ماضي تاريخ جو نالو آهي، مستقبل پراسراريت جو ۽ حال ئي فقط حقيقت آهي. ] حال، جنهن جي گهڙي گهڙي ماضيءَ ۾ تبديل ٿيندي ٿي وڃي. اڄ (2006ع) ٽيهن سالن کان پوءِ انهيءَ ساڳئي ادبي بورڊ جي گيسٽ هائوس ۾ ترسيل آهيان، جتي 1976ع ۾ چاچا غلام رباني سيڪريٽري هو ۽ بابا تازو سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر مقرر ٿيو هو. بابا روزانو شام جو رباني صاحب سان هتي اچي واڪ ڪندو هو ۽ يونيورسٽيءَ جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي ۽ مان ساڻن گڏ هوندو هئس. ناشاد (نفيس احمد شيخ) سان پهرين ملاقات به اُن زماني ۾ اِتي ئي ٿي هئي، جڏهن هو به بورڊ جي چوديواريءَ ۾ ئي رهندو هو. سندس ڪمري ۾ بابا جي هڪ ننڍڙي تصوير فريم ٿيل رکيل هئي، جا مون کائنس گهري ورتي ۽ وڏي پاٻوهه مان مون کي ڏني هئائين. بابا سان سندس عقيدت جي هڪ ثابتي اها آهي ته بابا جي وفات کان پوءِ مٿس ”مهراڻ“ رسالي جو اهڙو ته يادگار ۽ ضخيم خاص نمبر شايع ڪيائين جو اُن جي مقبوليت جي ڪري تازو بورڊ کي اُن جو ٽيون ايڊيشن شايع ڪرڻو پيو آهي. 1960ع ڌاري جڏهن مان حيدرآباد ۾ چاچا محمد ابراهيم جويي وٽ رهندو هوس ته بورڊ جي ننڍڙي آفيس لوڪلبورڊ هال جي ڀرسان (3- سول لائينس) ۾ هوندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن چاچا سان سندس ٻارن سان گڏجي ملڻ به ويندو هئس. چاچا ابراهيم، چاچا رباني ۽ بابا اسان جي زندگيءَ جا اڻ ٽُٽ حصا رهيا آهن. ادبي بورڊ جي تاريخ جو حصو رهيا آهن ۽ هونءَ به هو ٻئي سنڌ جي تاريخ آهن. ۽ ڏسجي ته تاريخ کين ڪيترو ٿي absolve ڪري. ڇا ادب انساني جذبن کان ماورا ٿي سگهي ٿو.

*   *   *   *

منهنجي هڪ ننڍي سڳي ڀيڻ جو نالو بابا پيار مان وينگس رکيو آهي. وينگس لفظ اسان جي ٻهراڙين ۾ مشهور آهي. اڪثر اسان جو ڳوٺاڻيون مايون پنهنجين ڌيئرن لاءِ سڪ ۽ پيار مان ڳراٽڙي پائي چونديون آهن، ”منهنجي وينگس (معنيٰ سهڻي) ڌيءَ شل خوش هجين.“ پر نالي طور تمام اڻلڀ آهي. اصل ۾ جڏهن يوناني فاتح سڪندر اعظم سنڌ مان لنگهيو ته هن ٽي لفظ عام فهم ڇڏيا: هڪ وينگس- جيڪو يوناني سُونهن جي ديويءَ جو بگڙيل لفظ آهي، ٻيو دئوس جيڪو يوناني وڏي ديوتا زيونس (zeus) مان کريل آهي ۽ اسان وڏي نود ۽ دگران ماڻهوءَ کي چوندا آهيون ۽ ٽيون افلاطون وڏي چالاڪ ۽ حرفتي هجڻ جي معنيٰ ۾. بابا وينگس سان بيحد پيار ڪندو هو ۽ سندس چهري ۾ پنهنجي ماءُ (اسان جي ڏاڏي) جي شڪل محسوس ڪندو هيو ۽ پنهنجو عڪس ڏسندو هو.

بابا اسان جا غير رواجي پر پنهنجي ڀرپور محبت ۾ نالا رکيا، بقول بابا ته هر لفظ کي پنهنجو روح آهي. ”ڪن فيڪون“، ”اُوم“ ۽ ”ٿي وڃن“ (letit be) چوڻ سان ڪائنات وجود ۾ آئي، آواز ۾ حرارت آهي ۽ هر نالي جي ساخت جي برقيات ضرور ترڪندي هوندي. والٽيئر چيو ته اسان کي گذاري ويل ماڻهن لاءِ فقط  هڪڙو ڪم ڪرڻ کپي ته سندن باري ۾ سچ ۽ سچ لکجي پر پنهنجي والدين جي باري ۾ لکڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ بي ادبي لڳندي آهي.

*   *   *   *

بابا منهنجو ذڪر پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪجهه ڪيو آهي ۽ ڪجهه سرمد ۽ وينگس جو به ڪيو آهي. پر اسان جي والده اقبال بيگم جي باري ۾ ڪجهه تلخي سان ڪيو آهي. آتم ڪهاڻي جي ٽين جلد ۾، جيڪو سندن گذاري وڃڻ کان پوءِ ڇپيو، تنهن ۾ هڪ هنڌ هو علحدگيءَ لاءِ لکن ٿا ته ”زندگيءَ جي طوفان ۾ ڪيئي وڏا ڏار ٽٽي پون ٿا“. اها ساڳي ڳالهه مون کائنس وائس چانسيلر آفيس سنڌ يونيورسٽي ۾ علحدگيءَ جي سبب جي جڏهن پڇي ته هنن تمام دکدائڪ نموني ۾ چيو ته ”پٽ! تنهنجي ماءُ جو ڪو ڏوهه نه هيو. بس حالتون ڪجهه اهڙيون هيون!“ اهي مٿيون ٽيئي ڳالهيون هڪجهڙيون لڳن ٿيون. حقيقت ۾ بابا جا رايا اسان جي باري ۾ ٿورا ڇپيل آهن ۽ خاص ڪري اسان جي والده جي باري ۾ ڪي متضاد آهن. انهن جو واحد سبب ته اسان جي وڏي ماءُ، جنهن کي ماٽيلي ماءُ ته مان چوڻ نٿو چاهيان، بدقسمتيءَ سان اسان ماٽيلي پڻ جو سخت شڪار رهيا آهيون. سچ ته اسان جي ماءُ ڪڏهن به ائين نه چيو، بلڪه چوندي آهي ته اهي به توهان جا ڀائر ۽ ڀينر آهن ۽ مان انتهائي تڪليف ۾ اهو اڄ اهو لکي رهيو آهيان ته بابا اسان جي پهرين ۽ وڏي ماءُ ۽ سندس اولاد کي خوش ڪرڻ جي لاءِ اسان جي لاءِ گهٽ وڌ لکيو ۽ ايتريقدر جو تصويرون ڪڍڻ کان به اڪثر ڪيٻائيندو هو. محض انڪري ته متان پڇاڙيءَ ۾ جن سان هو گڏ رهي رهيو هو کيس ڏکيو ۽ تڪليف ۾ رکن. اسان سڄي زندگي پنهنجي وڏي گهر نه وياسين، فقط سندس گذاري وڃڻ واري ڏينهن تي آخري ديدار لاءِ. سڄي زندگي مون پنهنجي وڏي ماءُ کي فقط هڪ دفعو آمهون سامهون ڏٺو آهي. منهنجي ڀاءُ سرمد ۽ ڀيڻ وينگس ته کيس اڃا تائين نه ڏٺو آهي. وڏي ڀاءُ انيس سان زندگيءَ ۾ فقط هڪ اڌ دفعو به فقط مون ڳالهايو آهي. هنن ۾ سليم جو رويو ڪجهه سٺو رهيو آهي. ان کان علاوه جڏهن به بابا کي فون ڪندو هئس ته ٻين نالن سان پاڻ ڄاڻائي بابا کي فون تي گهرائيندو هئس. مون جڏهن 1991ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرشپ تي آمريڪا  وڃي رهيو هئس ته آخري ڀيرو بابا جمال ابڙي صاحب جي گهر (ڊفينس ڪراچي) ۾ اچڻ لاءِ چيو ته ”تون آمريڪا وڃي رهيو آهين، منهنجي حياتي الائي ڪيتري، مان سليم کي اُتي وٺي ايندس ته جيئن توهان کي کيرکنڊ ڪري ڇڏيانءِ. انتهائي بدقسمتي ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته چاچا جمال جي گهر ڪنهن انتهائي مجبوريءَ جي ڪري نه وڃي سگهيس جو وڃڻ ۾ باقي ڏينهن بچيو هيو ۽ بابا شايد سليم کي وٺي موٽي ويو ۽ پوءِ فون تي مون کي نصيحت ڪندي پڇيو. ”پٽ، تون ڇو نه آئين؟“

ڏنيون مون کي ڏات، ڳوڙهن ڀريون ڳالهڙيون

لنوي ٿي منهنجي لات، ڏکڙا ساري ڏيهه جا.

*      *    *    *

بابا جي هڪ سٺي همعصر شاعر جي ڪنهن ڪاٺياواڙي گهراڻي مان شادي جي موقعي تي ڀرسان ويٺل ڪنواريتي چڱي مڙس گهوٽ کان پڇيو ته ”تون ڪُرو (ڇا) ڪري ٿو؟“ تنهن تي گهوٽ ڏاڍي نياز ۽ نماڻائيءَ سان جواب ڏنو ته ڪا خاص پڪي نوڪري يا مستقل ڌنڌو وغيره ڪونهي، باقي شاعري ڪندو آهيان. اهڙي جواب تي ڪاٺياواڙي چڱي مڙس حيرت مان وري پڇيو، ”علامه اقبال به شاعر هو. تنهن شاعري ڪري پاڪستان ڳنهي ورتو. تو ڪُرو ورتو؟“ شاعر گهوٽ وراڻيو ته ”ڪجهه به نه.“ تنهن تي چڱي مڙس ٺهه پهه چئي ڏنو ته ”ته پوءِ ڪائي جي مغج (مغز) ماري ڪرين ٿو.“ (پوءِ ڇا جي مغز ماري ٿو ڪرين؟)

*   *   *   *  

علامه اقبال جي شاعري هڪ ملڪ جو خواب ٿي وئي ته ٻئي جو قومي ترانو بڻجي وئي رابندرناٿ ٽئگور جو هڪ گيت ”وندي ماترم“ هندوستان جو ترانو ته”امار سونار بنگلا“ بنگلاديش جو قومي ترانو بڻايو ويو ۽ يونان جي شهري رياست اٿينس کي سڌارڻ لاءِ ته منطقي فلسفي افلاطون شهر مان شاعرن کي نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. منطق واقعي تصور ۽ تخيل کي تحليل ڪري ڇڏيندو آهي، پر موجوده دور جي عظيم سائنسدان البرٽ آئنسٽائن چيو ته تصور ايجاد کان وڌيڪ طاقتور ۽ اهم آهي ۽ وڌيڪ چيائين ته ”مان فقط خدا جو خيال ڄاڻڻ چاهيان ٿو، تفصيل ڇڏي ڏيان ٿو.“ ٿي سگهي ٿو ته هن اها خوبصورت ڳالهه به پڙهي هجي ته ”شاعر ڪائنات جي رازن جي ڪنجي آهن.“ بقول جرمن فلسفي نٽشي جي. سنڌ جي ڌرتي لڳي ٿو ته ازل کان وٺي ڌيان ۽ گيان جي ڀومي آهي ۽ فڪري علمن جو پڻ بنياد آهي، جتي ڌرمي فڪرن کان وٺي موجوده دور جي ويڳاڻي فڪر (alienation) تائين ڀرپور اظهار ٿيل آهي ۽ اهڙي سوچ جي سفر کي ارتقائي سلسلي ۾ ڳنڍي ڏسجي ته جهڙوڪر هن سڀ فڪري مونجهارا سلي منطقي انجام محبت ۽ امن جا اسراري رستا استوار ڪيا آهن. (شايد سنڌي ماڻهو جيڪو پنهنجو ٻارن جو ڄمندي سونهن ڪارڻ مٿو ويهاريندو آهي، سو سندس وجداني ڪيفيت  (intuitive faculty) به ڪجهه وڌائي ٿو ڇڏي.) فڪر جي اڏام ئي شاعر جي فلسفي هجڻ لاءِ ضروري آهي. هن جي فلسفياڻي ۽ فڪرانگيز شاعريءَ ۾ جيتري به سچائي هوندي اوترو اها مان لهندي. اياز اسان کي ڇا ڏنو آهي ۽ ان ڏيڻ کي ڪيتري بقا آهي؟ اها ان جي ڏنل لفظن کي پڙهڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي. اياز جي فن، فڪر ۽ علم جي باري ۾ جيترا به اعتراض ۽ اختلاف آهن انهن کي ورهائي الڳ ڪري ڏسبو ته سهڻا سيبتا به لڳندا ته ڏکيا به لڳندا، ڇو ته هر نئون خيال ۽ فڪر هڪ نئون سور به آهي. پر جي مجموعي طور ڏسبو ته انهن ۾ هڪ سلسلو به ملندو. هن جي سموري شاعري ۽ نثر کي مختلف دؤرن ۾ ورهائي ڪي هر دور جي نفي ۽ معذرت (apology) به محسوس ڪن ٿا ته ڪي هر دور کي جدا ۽ مختلف (anomaly) قرار ڏين ٿا ته گهڻا اياز کي ڏندڪٿا (mythology) بڻائن ٿا. ڏندڪٿائون غير واضح ۽ تڪراري هونديون آهن جو اهي اسراري هونديون آهن پر انهن جي ڪٿا پٺيان ڪجهه سچ ضرور جهلڪندو آهي.

آءٌ پنهنجو ادنيٰ موقف هتي ورجايان ٿو(جيڪو سندن گذاري وڃڻ تي اخبارن ۾ شايع ٿيوهو) ته  ”اياز بنيادي طور تي سچ جو پارکو (truth seeker) هيو. هڪ جدت پسند، مارڪسوادي، اسرار پسند (mystic) وحدت الوجودي صفي هو. انهن سڀني کان مٿانهون موهن جي دڙي جو ماڻهو ۽ سنڌ جو عاشق صادق هو. سندس ڪلام ۽ فڪر کي ملائي ڏسجي ته ”خيال ڪل“ نظر ايندو ۽ سچل وارو اُهو ”جوئي آهيان سوئي آهيان“ ملندو، جيڪو ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪراڙ ڍنڍ کي ارپيل پراسرار ۽ باغيانه ڪلام جي صورت ۾ ڪپ تي تري آيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙي راءِ ۾ منهنجي خواهش به هجي پر ڇا وجودي فلسفي، ناول نگار ۽ ليکڪ سارتر (sartre) سان اياز جو تقابلي جائزو ڪري سگهجي ٿو، جنهن وجودي چونڊ وچان اشتراڪيت کي پنهنجو ڪيو ۽ پوءِ فقط انسان پرستي جو دعويدار رهيو. نوبل انعام به ٺڪرايو، الجزائر جي فرانس کان آزادي جي حمايت ۾ کيس غداريءَ جي سزا موت ملي ۽ پوءِ صدر ڊيگال کيس اهي لفظ چئي معاف ڪيو ته ”سارتر فرانس آهي ۽ فرانس سارتر آهي.“ فرانس جي لکين نوجوانن جو آواز ٿيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ سواءِ پنهنجي مادي وجودي فلسفي (existentialism) جي باقي پنهنجين سڀني لکڻين کي رد  (disown) ڪيو ته اُهي پنهنجي دور جون ضرورتون هيون ڇو ته ”انسان ذهني ۽ فڪري طرح بي گهر آهي.“ ۽ پوءِ جنهن جي مڙهه کي لکين ماڻهن پنهنجي آخري مقام تي کڻي پهچايو ۽ هو اڄ به فرانس ۽ دنيا جو ليجنڊ ٿي چڪو آهي. انهيءَ کان وڌيڪ اياز جو علمي، ادبي ۽ فڪري سفر گهڻو ڪري برطانوي نوبل ليکڪ آرٿر ڪوئسلر (Arthur koestler) سان ملندڙ جلندڙ آهي، جيڪو اشتراڪيت مان تصوف جو قائل ٿي ويو هيو. هن اولهه ۽ اوڀر جي علمن ۽ فڪرن جو ڳانڍاپو چاهيو ۽ اهڙي ميلاپ کي انسانذات لاءِ آجپو سمجهيو. اهڙي راءِ اهي ۽ ٻيا ڪيترا اختلاف ته ڪي اعتراض اڳتي هلي اياز جو تاريخي ادب علم بڻجندا، ڇو ته هن زندگيءَ جي هر موضوع کان وٺي علم الموت تائين (Eschatology) طبع آزمائي ڪئي آهي.

شيخ اياز جي باري ۾ اڄڪلهه ڪي بحث تڪرار آسڪروائيلڊ جي سٽ سان ٺهڪي اچن ٿا، Journalism is unreadable and literature is never read (صحافت پڙهڻ جوڳي ناهي ۽ ادب ڪو پڙهندو ناهي). اهڙو رويو ۽ رجحان ۽ ڏنل اخذ ڪيل رايا شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ شيخ اياز چيئر پاران ڪرايل ”اياز ڪانفرنس 2000ع“ ۾ نمايان هيا. انهيءَ ميڙ ڪجهه جاڳايو، ستايو ۽ جهومايو. اياز جي نالي ۾ قائم ٿيل چيئر جي نالي ماتر وجود کي پُر ڪرڻ لاءِ موجوده وائيس چانسلر جي ذاتي دلچسپي ۽ ادب دوستن جي ڪوشش سان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جيڪا تمهيد، تنقيد کان علاوه تدريسي لحاظ سان ڪارائتي ثابت ٿي. شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ پهرين اضافي لطيف ڪئمپس قائم ڪئي ۽ آخري ڀيرو 1987ع ۾ اتي يوم جمهوريت جي صدارت ڪئي هئي. لطيف، سچل، علامه آءِ.آءِ.قاضي، شمس العلماء دائودپوٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو چيئر کان پوءِ ”اياز چيئر“ کي هڪ اداري جي حيثيت حاصل آهي، پر انهن عظيم شخصيتن جون اصل جايون سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ آهن. اهڙن ادارن کي توقعات کان وڌيڪ عام علمي ادبي حلقن انهن جي فن، فڪر ۽ علم کي فروغ ڏنو ۽ روشناس ڪرايو آهي.

اياز جي من پسند يوناني ليکڪ ڪزان زاڪس جي مشهور ناول Last Temptation of the Jesus christ (حضرت عيسيٰ جون آخري خواهشون) جي هڪ منظر ۾ حضرت عيسيٰ جلدي ٻيو جنم وٺي اچي ٿو ۽ هڪ پادري کي سندس غلط پرچار ڪندي ۽ ماڻهن کان پنندي ڏسي کيس چوي ٿو ته ”مون ائين ته ڪونه چيو هو جيئن تون ٻڌائي رهيو آهين.“ تنهن تي ان پادري کيس صورت شبيهه ۾ سڃاڻيندي چيو ته ”هاڻي اسان کي تنهنجي ضرورت ناهي“، ۽ منهن ڦيرائي وري ساڳيو پرچار ڪري پنڻ لڳو. اياز به ڄڻ پنهنجي سموري شاعري قومي سڃاڻپ جي اهڙن استحصالن کي ارپي ويو آهي.

شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروفيسر اي.آر.ملڪ شيخ اياز چيئر پاران شيخ اياز ڪانفرنسون 2000ع ۽ 2002ع ۾ ڪرايون آهن ۽ چار کن ڪتاب ڇپرايا آهن. وري به سنڌ يونيورسٽيءَ کان بهتر ڪيو آهي، جتي هن چار سال وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ خدمت ڪئي. ڪيترن ئي اديبن شاعرن ۽ ليکڪن کي نوڪريون ڏنيون ۽ ايترا نوان ڪتاب گهرايا ۽ اسڪالرشپون ڏنيون، جيڪي ان کان اڳ ڪڏهن نه آيا هئا.

*        *           *            *

اڄ هيءُ شهر ڪراچي عيدالاحضيٰ جي موڪلن جي ڪري خالي ٿي ويو آهي. لکين ماڻهو پنهنجن ڏورانهن گهرن ڏي خوشي خوشي ايئن هليا ويا آهن جيئن اڄ کان ٽيونجاهه سال اڳ هن شهر جا هزارين اصلوڪا رهواسي روئندي ويا هيا. شهر پرسڪون لڳي رهيو آهي ۽ ماڻهو عيد جي خوشي ملهائڻ لاءِ پنهنجن گهرن ۾ ويٺا آهن. ٻيو ڪجهه به ناهي، سواءِ هن شاعر جي شاعريءَ کان جيڪا شاعري وڻ جي پن پن ۾ ڪوئل جي ڪوڪ جيان ڌَڪ ڌَڪ ڪري رهي آهي. ۽ جڏهن سڀ پکي پنهنجن آکيرن ۾ وڃي آرامي ٿيا آهن، تڏهن شهر ڪنهن حد تائين پرسڪون لڳي ٿو. اهو شهر جنهن جي سڪون ۾ وقت جو ڪانٽو وقفي وقفي سان خلل وجهندو رهيو آهي.

اهو شاعر جنهن جي شاعري ڪوئل جي ڪوڪ جو احساس ڏياري ٿي، ان جي جواني نيٽي جيٽي بندر، لورس برج ۽ پڇاڙي ڪلفٽن برج جي ڀرسان اها شڪايت ڪندي گذري ته ”اي ڪراچي جي پيهه ۾ ڪرچيون ڪرچيون ٿيل رات! ڇا مون کي سنڌ جي آرسيءَ جهڙي خاموشي وري نه ملندي؟“ هيءُ جنهن سڀني کي پنهنجو سمجهي پناهه ڏني هئي سو هن کان کسجي ڌاريو ٿي چڪو هيو.

او ڪراچي ڪامڻي! پنهنجو سهج سڀاءُ
ڏيندي بيک کڄي وئين، لڌئي ڪونه سماءُ
تنهنجو موکي گهاءُ، جٽاوا جيئن جيءَ ۾.

اڄ به اصلوڪا ماڻهو پنهنجا گهاءُ لڪائي جٽاؤ پکي ۽ هن شاعر جيئن اڏري رهيا آهن. گندگي ۽ بدبو جي بدر ٿيل هن شهر ۾ نازبوءَ جي جهوٽي جيان جي رهيا آهن. جتي هن جي نظر ۾ تهذيب صارفين جي لاءِ وڌ ۾ وڌ شيون ۽ عارفين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ معنيٰ بچي آهي. اڄ هيءُ سمنڊ جنهن کي هو پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهندو هو، جيڪو ڪنهن ڌنار جيئن ڪاوڙ ۾ پنهنجو ڌڻ ورائڻ لاءِ ڪرڙ ڪنڊا ڪنڌي ۽ ٽڪريءَ تي سٽي واپس ورندو آهي، تنهن جي ننڍي ڀاءُ طور مورڙو ٿي پنهنجن ڀائرن کي واپس ورائڻ لاءِ ان پڃري کي واجهائي رهيو آهي ته ڪڏهن ٿو هو ان کي کڻي سمنڊ ۾ لاهي ۽ ماڱر کي ماري.

پر اڄ اهو شاعر اياز هن شهر کان ٿورو دور ٿي ڀٽ جي گهوٽ لطيف جي پيرانديءَ ۾ ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ”گدلي سينور ۾ نيل ڪنول جيان ڏوهاري“ ٿي انهن ڀنورن جي انتظار ۾ ويٺو آهي، جيڪي مٿس محبتي ٿي مڙندا ۽ ان عشق کي شاباس ملندي جيڪو کيس ملائيندو. هو سوچي ٿو”ڇا مون توسان عشق ڪيو آهي؟“

يا پنهنجي پاڻ سان عشق ڪيو آهي؟

يا عشق سان عشق ڪيو آهي؟

عشق ڪجهه ناهي،

حسن ڀي ڪجهه ناهي،

فقط تڙپ ئي سڀ ڪجهه آهي؟

سنڌ مٿان سياري جي ولهه آهي ۽ ڪراچي جيڪا سندس دل آهي تنهن ۾ ڪا آڳ ٻري رهي آهي ۽ جيئن ڪو سياڻو چوي ٿو:

(In the coldest of winter, one has the warmest of summer)

تهه سياري ۾ اندر ۾ اونهاري جي انتها هوندي آهي، اها آڳ وڌندي ويندي ۽ ڪو مچ مچائيندي.

۽ جو سچ مچائي مچ،

سو مچ وڏي شئي آهي.

ڪنڌيءَ تي ايڏي سُڃ ڏسي ڀٽائي چوي ٿو:

ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو

وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو

اياز دلجائي ٿو:

اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،

متان ائين سمجهين، مئا مور سارا.

اها رُڃ مان رڙ The cry in wildeness پڙاڏا ڪري ڪٿي گم ٿي وئي آهي ۽ ڪنهن چوٿين ڦيري ۾ وري ٽڪرائي ماڱر کي اُڏاري ڇڏيندي. اهو ماڱر جيڪو هن شهر جي بندر جو هڪڙو نسل کائي ويو، ٻين کي ساٿيارو ڪري ويو، ٽئين کي ڊيڄاري ويو ۽ چوٿين کي واجهائي ويٺو آهي.

مورڙا ساهي پٽي رهيا آهن. هن شاعر چواڻي ته ”ڄاهو جڏهن سُڪڙجي ويندو آهي ته ان کي نانگ به نه ماري سگهندو آهي.“ هن دور جي نزاڪت کي سمجهو! مورڙا پوئتي به هٽي ويا هوندا. پر ماڱر کي ائين نه سمجهڻ کپي ته هو وري نه ورندا. اڄ مورڙي جي ڀاءُ گهاتن جي عيد آهي.


 

ڪتاب ”شيخ اياز: هڪ منفرد قلمڪار“ تي تنقيد

ڊاڪٽر هدايت پريم

”مهراڻ“ بهار 2006ع واري پرچي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مضمون ”شيخ اياز- هڪ منفرد قلمڪار، ڪتاب جو تنقيدي جائزو“ ڇپيو آهي. الانا صاحب اسان جي ڪتاب تي بيجا ۽ نامناسب تنقيد ڪئي آهي: نه صرف اسان ٻن ڄڻن تي ڇوهه ڇنڊيا اٿائين، پر شيخ اياز کي پڻ نشانو بڻايو اٿائين. اياز جي ادبي حيثيت کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين. اياز صاحب جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر واري عرصي دؤران سندس انتظامي قدمن کي غلط ڄاڻايو اٿائين ۽ انتهائي اڻوڻندڙ الزام لڳايا اٿائين. الانا جي لڳايل سمورن الزامن کي اسان بي بنياد ۽ باطل سمجهون ٿا. اسان هت ڇنڊڇاڻ ڪري اصل حقيقتن کي واضح ڪرڻ چاهيون ٿا.

الانا پاڻ لاءِ لکيو آهي ته ”مون جهڙي گوشه نشين ...!“ هي گوشه نشين ماڻهو تقريباً هر ادبي محفل ۾ موجود آهي ۽ ادبي سرگرمين ۾ گرمجوشيءَ سان حصو وٺي رهيو آهي، (جنهن تي بنيادي طور تي اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونه آهي) سو پاڻ کي ”گوشه نشين“ قرار ڏئي ٿو. (اصل ۾ هن وقت وٽس ڪابه ڪُرسي ناهي ۽ هي تاثر ان ڪيفيت جو رد عمل آهي.)

الانا سوال اٿاريو آهي ته ”شيخ اياز لاءِ ”قلمڪار“ جو لفظ لکي اياز جي عزت ڪئي ويئي آهي يا مانُ مرتبي کي گهٽايو ويو آهي.“ افسوس جو مقام آهي ته الانا اسان جي ڏنل عنوان ”هڪ منفرد قلمڪار“ جي بجاءِ ”هڪ قلمڪار“ لکيو آهي. جنهن مان سندس نيت ظاهر ٿي رهي آهي. لفظ ”قلمڪار“ جي معنيٰ اسان جي چوٽيءَ  جي ماهر لسانيات کي ڪانه ٿي اچي ۽ ان لفظ جي استعمال سان کيس اياز جو مانُ مرتبو گهٽ ٿو ڏسڻ ۾ اچي! ”قلمڪار“ لفظ جي معنيٰ لاءِ سنڌي/ اُردو لغتون کڻي ڏسي ها ته به سندس شڪ دور ٿي وڃي ها! ائين ڪرڻ سان الانا ڄڻ پنهنجي ”ماهرِ لسانيات“ واري شهرت ۽ سڃاڻپ تيليڪ پاتي آهي!

الانا لکي ٿو ته ”ڪتاب جي متن ۾ٻوليءَ جي عبارت آرائي ۽ حُسن بيانيءَ جي سلسلي ۾ ڄاڻ جي کوٽ آهي“، پر اهڙو ڪوبه مثال نه ڏنو آهي، جنهن مان سندس غلط بياني ظاهر ٿي رهي آهي. اڳتي لکي ٿو ته هدايت پريم صاحب ته فقط منڍ وارا ”ٻه اکر“ ۽ شيخ صاحب جي لندن واري سير واري باب ۾ صفحي 151 تي فقط هڪ پئرا لکي آهي، باقي سڄو ڪتاب ڊاڪٽر انور فگار جي Ph.D واري مقالي جو ”چرٻو“ آهي. الانا کي شاباس هجي جو ”ٻه اکر“ ۽ ”هڪ پئرا“ منهنجي کاتي ۾ وڌي آهي. عرض آهي ته تحقيقي رٿا: Shaikh Ayaz: His Life & Works جوPrinciple Investigator  يعني سربراهه مان هيس ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو منهنجو ٻانهن ٻيلي هو. ڪتاب جي سموري ذميواري منهنجي آهي. هن ڪتاب تي اسان ٻنهي ڄڻن گڏجي پنهنجو نور نچويو آهي ۽ پيار جو پورهيو ڪيو آهي. اسان ڪتاب لکي اياز سان عقيدتمنديءَ جو اظهار ڪيو آهي. اياز جا احسانمند آهيون. لنڊن ۾ اياز صاحب پنهنجي اهليه محترمه سان تعارف ڪرائيندي چيو هو ”زرينه! هدايت مون کي پُٽن جيان پيارو آهي“. انور فگار هڪڙي کي اياز جو والهانه قُرب حاصل هو ۽ هن اياز سان سَوَن جي تعداد ۾ قُرب ڪچهريون ڪيون هيون. الانا ڪيئن ٿو ته چوي ته سڄو ڪتاب انور جي پي. ايڇ. ڊي جي مقالي جو ”چرٻو“ آهي. انور جي مقالي تان ته اسان هڪ سٽ به نه کنئي آهي. انور جي ٿيسز ۽ اسان جي هن ڪتاب ۾ زمين آسمان جيترو فرق آهي. يقين سان چئي سگهجي ٿو ته الانا انور جي ٿيسز ڏٺي به ناهي ۽ ائين ئي هڪ الزام لڳايو اٿائين. انور جي ٿيسز جو عنوان آهي ”شڪارپور جو سنڌي ادب ۾حصو“. هيءَ ٿيسز شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي لائبريريءَ ۾ رکي آهي. ڪوبه ڏسي سگهي ٿو ۽ تصديق ڪري سگهي ٿو. ان ٿيسز ۽ هن ڪتاب ۾ تمام گهڻو فرق آهي ۽ ڪابه مشابهت ڪانهي. ان طرح الانا پنهنجي پاڻ کي ڏٺو ڪيو آهي.

الانا لکيو آهي ته”منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي کي شيخ اياز جهڙي جديد فڪر جي شاعر ۽ ويهين صديءَ جي Legend جي ادبي سرمايي تي تحقيق، تنقيد ۽ تبصري لاءِ مناسب ۽ موزون ماهر تسليم ڪري نٿو سگهجي“. هن راءِ تي ڇا چئجي؟ هيءَ تحقيقي رٿا سنڌ يونيورسٽيءَ جي تحقيقي ڪاميٽي اسان جي CV کي سامهون رکي منظور ڪئي هئي. يونيورسٽيءَ ۾ ويهارو سال پڙهائڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ پي. ايڇ. ڊي ڊگري رکندڙ هدايت ۽ انور کيس مناسب ماهر نٿا لڳن! انور، اياز تي اڳ به هڪ ڪتاب ”جنم جنم جي جيت اياز“ لکيو آهي، جنهن جي هر هنڌ هاڪ آهي. هدايت جا چار کن ڪتاب ڇپيل آهن، ان هوندي به اسين مناسب ماهر نه آهيون ته الانا ڪن ٻين ڪاريگرن جا نالا ڳڻائي سڄي سنڌي ادب جي رهنمائي فرمائي ها.

الانا اسان تي هڪ الزام هيءُ به مڙهيو آهي ته اسان ڪيترن ئي هنڌن تي غير ذميوارانه فتوائون ڏنيون آهن. انهن جو مثال ڏنو اٿائين ته اسان لکيو آهي ته ”وائيس چانسلر ٿيڻ کان پوءِ به هو (اياز) مصروف رهيو، ايترو مصروف به نه جيترو وڪالت ۾ هو. هو گهڻو وقت آفيس ۾ يا وي سي هائوس ۾ به گذاريندو هو. واندڪائيءَ جي وقت ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن رستن تي نڪري ويندو هو“. هن بيان کي رد ڪندي الانا چوي ٿو ته شيخ صاحب پهرين ڇهه مهينا ته وي سي هائوس کان ٻاهر نه نڪتو. ايتري قدر جو آفيس ۾ ڪڏهن ڪونه ويو...... الانا جي ڳالهه ۾ ڪيترو وزن آهي، ان لاءِ اسان جڏهن اُن دؤر جي اخبارن ڏانهن رجوع ٿيون ٿا ته خبر ٿي پوي ته 24 جنوري 1976ع جي روزاني اخبار ”آفتاب“ جي رپورٽ ملي ٿي ته ”جمعي ڏينهن شيخ اياز جي استقبال لاءِ سنڌ يونيورسٽي شاگرد سنگت پاران جنرل باڊي ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾ تقريبن ٻه هزار شاگردن، استادن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي. شيخ اياز، جيڪو ڪالهه شام ڪار ذريعي پهتو هو، کيس صدر (ضمير لاڙڪ) ۽ جنرل سيڪريٽري (خورشيد جوڻيجو) آڊيٽوريم ۾ وٺي آيا. ان موقعي تي اياز چيو ته ”آءٌ اوهان جي خدمت ڪرڻ آيو آهيان. مون کي توهان جي جذبن جو احساس آهي. توهان مون کي پنهنجن ٻچن وانگر آهيو.....“ سندس خطاب جي روشنيءَ ۾ روزانه عبرت، 25- جنوري 1976ع تي ايديٽوريل لکيو.

28- جنوري 1976ع جي روزانه عبرت شيخ اياز جو روسي قونصل جنرل مسٽر وي. پي. وولڪوف سان ملاقات ڪندي فوٽو شايع ڪيو.

2 فيبروري 1976ع تي شيخ اياز کي سنڌ جي برک اديبن، شاعرن ۽ دانشورن پاران رٽز هوٽل ۾ هڪ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام محمد گرامي، رسول بخش پليجي ۽ قاضي خادم تقريرون ڪيون ۽ شيخ اياز جي علمي ادبي خدمتن ۽ سنڌين ۾ پيدا ڪيل سجاڳيءَ کي ساراهيو ويو. پير حسام الدين راشدي نوجوانن کي اپيل ڪندي چيو ته ”هو شيخ اياز صاحب کان گهڻو لاڀ پرائين، ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو ته هلندڙ دؤر ۾ سنڌ جي نوجوانن ۽ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ هو آخري اميد هجي“. پير صاحب اديبن کي گذارش ڪئي ته ”هو نوجوان نسل کي غير ذميوار ارادن جي هلاڪت آفرينين کان بچائڻ ۾ شيخ اياز جي مدد ڪن“ (ٽماهي مهراڻ: 1/ 1976ع)

اهريءَ طرح 7 مارچ 1976ع تي شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جي آڊيٽوريم ۾ استادن کي خطاب ڪيو ۽ 8 مارچ 1976ع تي ميرپورخاص ۾ ڪتاب ”اُٺا مينهن ملير“ (مرتب: ناشاد) جي رونمائيءَ جي تقريب ۾ صدارت ڪئي.

12 مارچ 1976ع جي اخبار ”خادم وطن“ رپورٽ ڪئي ته: ”اڄ شيخ اياز ڀٽائيءَ جي مزار تي چادر چاڙهيندو.“ شيخ اياز اديبن جي وفد سان گڏ ڀٽائيءَ جي مزار تي چادر چاڙهي جيڪا تقرير ڪئي، اها 17 ماچ 1976ع جي روزاني ”آفتاب“ ۾ شايع ٿي. ان تقرير دوران اياز چيو ته: ”اي ڀٽ ڌڻي! دُعا ڪر ته سنڌ کي ملڪي ۽ عالمي سطح جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ان ڪردار جي شناس ۽ لياقت اسان ۾ ۽ اسان جي نئين نسل ۾ پيدا ٿئي“.

6 مئي 1976ع جي روزاني اخبار عبرت شيخ اياز جو چين جي تعليمي ماهرن جي وفد سان ملاقات جو فوٽو شايع ڪيو. 12- مئي 1976ع تي روزانه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي خبر شايع ڪئي ته تازو سنڌ يونيورسٽيءَ جي لئبرري ڪاميٽي ۽ شاگردن جي نمائندن جي گڏجاڻي وائيس چانسيلر شيخ اياز جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽي لئبرريءَ جي گيٽ تي علامه آءِ. آءِ. قاضي جو نالو لکيو وڃي.

ڊاڪٽر الانا کي اياز جي ان عمل تي ڪاوڙ آهي ته، ”شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جي 1972ع واري ائڪٽ کي ڌوڙ ڪري، بنا ائڊورٽائيز ۽ سليڪشن بورڊ جي ميٽنگ سڏائڻ جي پنهنجا اختيار ڪم آڻي هدايت پريم سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي ليڪچرر مقرر ڪيو“. ڀلا رڳو ڊاڪٽر هدايت پريم ئي هو؟ محترمه نور افروز خواجه صاحبه کي به ته ليڪچرر ڪيائين، ان لاءِ الانا ڪهڙي راءِ قائم ڪندو؟ (يا سندس مٿينءَ راءِ جو اطلاق فقط هدايت تائين محدود تصور ڪجي؟)

الانا لکي ٿو ته ڀارت ۾ ganga Ram garg جو ڇپيل ڪتاب International Encyclopaedia of Indian Literature Vol:VIII  ۽ موتي لال جوتواڻي جو  A Dictionary of Sindhi Literature  اسان ڏٺا ئي نه هوندا. الانا کي الائي ايتري خوشفهمي ڇو آهي ته سنڌ ۾ رڳو هُو اڪيلو پاڻ ئي يگانه روزگار عالم ۽ اديب آهي ۽ باقي هر هنڌ تي اُڻٽيهين اونداهي آهي! حالانڪ ڏٺو وڃي ته پهرئين ڪتاب جو نالو ئي درست نموني ڪونه لکيو اٿائين. پاڻ ان جو اڌ نالو Encyclopaedia of Indian Literature لکي ڇڏيائين. ان ڪتاب مان پاڻ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪشنچند بيوس متعلق مواد نقل ڪيو اٿائين.

الانا کي ان تي اعتراض آهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ نواڻ شيخ اياز نه پر حيدر بخش جتوئي ۽ ڪشنچند بيوس آندي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته حيدر بخش جتوئي يا ڪشنچند بيوس شاعريءَ کي سنڌي لهجي سان هم آهنگ ڪيو، پر انهن کان اڳ خليفي گل کي وسارڻ ديانت جي ابتڙ ٿيندو، جنهن جون ڪوششون سڀ کان اڳ ۾ نظر اچن ٿيون.

خليفيگل لاءِ سنڌي شاعريءَ جي نقاد شيخ عبدالرزاق ”راز“ لکيو آهي ته ”غزل ۾ هن خالص سنڌي قدرن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ غزل ۾ فارسيت جي بدران سنڌيت کي ڪم آندو آهي. سنڌي ماحول، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي مزاج کي غزل ۾ سموهڻ جي هڪ وڏي ڪوشش ڪئي آهي. اجنبيت ۽ غيريت کي مٽائڻ جو سعيو ڪيو آهي. هيئت جي اعتبار کان ته غزل فارسي هيئت جي مطابق آهي، پر فڪر ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان سندس غزل سنڌيت جي بلڪل قريب آهي، تنهنڪري گل جي شخصيت جي عظمت کان انڪار ڪرڻ ممڪن ناهي. گل گهڻو ڪري غزل جي هر مروج بحر تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ديوان ۾ ننڍيون خواهه وڏيون بحرون استعمال ڪيل آهن. ننڍين بحرن ۾ ترنم ۽ موسيقيت موجود آهي ۽ وڏين بحرن ۾ شعريت ۽ لطافت کي قائم رکيو ويو آهي. نئين ٽيڪنڪ جي شاعريءَ ۾ گل کي هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي“. (سنڌي غزل جو تجزيو - ص 12 )

شيخ ”راز“ جي ان راءِ جي روشنيءَ ۾ يا گل جي ديوان جي مطالعي کان پوءِ کيس بخوبي غزل ۾ ”نواڻ جو اڳواڻ“ چئي سگهبو. انهن شاعرن جون ڪوششون پنهنجيءَ جاءِ تي قابل تعريف آهن. مگر ڳالهه اها آهي ته اهي ڪوششون پنهنجيءَ جاءِ تي ڪيتريون سگهاريون آهن؟ ڇا منجهن اها قوت به موجود آهي ته انهن پنهنجي همعصر دؤر يا ان کان بعد جي شاعرن کي ايترو متاثر ڪيو هجي، جو انهن مروج روايت کي ڇڏي، نئين روايت اختيار ڪري ان سلسلي کي قائم ڪيو هجي. اسين سمجهون ٿا ته اها انقلابي تبديلي فقط اياز جي ئي پَلئه پوي ٿي، جنهن لاءِ نامياري نقاد امير علي چانڊيي لکيو آهي ته ”سنڌ جي جديد شاعريءَ جا ابتدائي خدوخال به هن ئي صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ نکرڻ شروع ٿيا، ليڪن اهي ايترو همه گير نه هئا جو پنهنجي دؤر جي نمائندگي ڪري سگهن. دراصل اهڙو مربوط تخليقي ڪم، جنهن کي پنهنجي دؤر جو نمائنده چئي سگهجي، ان جي ابتدا صديءَ جي آخرين نصف ۾ ٿي ۽ ان ڪم جو سهرو اياز جي سر تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اياز سنڌي شاعراڻي ادب (Contemporary Sindhi Poetry) کي سڀ کان زياده متاثر ڪيو آهي. گويا سندس شاعري سموري جديد سنڌي شاعريءَ جو منبع يا سرچشمو آهي، نه صرف ايترو بلڪ سندس شاعري اڃا به سنڌي شاعريءَ جي گلشن جي آبياري ڪندي پيئي اچي“. (ماهوار ”سُهڻي“: ”شيخ اياز نمبر“، مارچ 1990ع. ص 78)

سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز انقلاب آندو، جنهن کي اسان ڪنهن هڪ ڌار يا هڪ روايت جي تبديليءَ تائين محدود نٿا رکي سگهون. اهو انقلاب ڪا وقتي لهر ناهي. ان جو تسلسل هڪ نئين انقلابي ۽ ڪلاسيڪيت وارو تسلسل آهي، جو اسان جي سنڌي ادبي تاريخ جو رخ موڙي ٿو ڇڏي. انڪري ئي امداد حسيني، شيخ اياز کي ”ڪالهه ۽ سڀان جي سنڌوءَ جي ڌارا“ لکيو آهي. امداد ان ڳالهه کي وڌيڪ چٽو ڪندي لکيو ته ، ”سنڌي شاعريءَ ۾ مجموعي طور تي جيڪو اُڀار آيو، اياز ان سلسلي ۾ وڏو ڪارنامو انجام ڏنو ۽ ان پوري دؤر جي ڪايا پلٽائي ڇڏي. سنڌي شاعريءَ جا روايتي طور طريقن تي ٿي رهي هئي، ان کي پنهنجي لوڪ ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ سان رشتو جوڙڻ ۾ اياز وڏا ڪارناما انجام ڏنا“. (”سهڻي“ مارچ 1990 ص 183) امداد وڌيڪ لکيو آهي ته، ”سنڌ ۾ ان دؤر کان اڳ ۾ جيڪا شاعري ٿي، سا روايتي قسم جي شاعري ٿيندي هئي ۽ هنن پنهنجي لوڪ ڪلاسيڪل ورثي کان منهن موڙي ڇڏيو هو“.

سنڌي شاعري اڳ ۾ جنهن نهج تي وڃي پهتي هئي، تنهن کي ڊاڪٽر دائودپوٽي ”بدنما داغ“ جهڙن لفظن سان تعبير ڪيو ۽ 1952ع ۾ 13- آل سنڌ سنڌي ادبي ڪانفرنس جيڪب آباد ۾ جيڪو خطبو پيش ڪيو، سو ته ڪو پڙهي ڏسي. ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته: ”اڳين اديبن ۽ شاعرن جي نثر ۽ نظم ۾ ڏسبو ته زير اضافت ورلي ڪم آندي اٿن. حتاڪ خليفي گل محمد جهڙي شاعر به پنهنجي ڪلام ۾ زير ضافت جو خير ڪو استعمال ڪيو آهي، باقي آخوند محمد قاسم جو شعر، سو فارسي ترڪيبن سان ڀريو پيو آهي. گل خندان جو مؤلف آخوند لطف الله ته انهيءَ ڳالهه ۾ اعتدال جو ليڪو لنگهي ويو آهي. نثر ۾ اگرچ اضافت جو ايترو استعمال نه آهي، پر شعر ۾ هائي ڪري ڇڏي اٿس. مثال طور

عاشقن کي ٿي ازل کان هيءَ پريشاني نصيب
نوڪِ خارِ دشقِ محنت پاي عرياني نصيب

---

ڪمال ذوقِ سخن جي مغز معنيٰ لاءِ،
نه هوم فخرِ رسا ۽ هيم نه طبعِ روان:

----

مگر بخاطرِ احباب و نزهتِ دلها
لکيم هي قصَئه مطبوع با دلِ شادان

مان ادب سان پڇان ٿو ته هي ڪيڙ بڪيڙو ڪهڙو سنڌي سمجهندو؟ مرحوم شمس العلماءَ ميرزا قليچ بيگ جو نثر به زير اضافت کان پاڪ آهي، اگرچ شعر ۾ جسته جسته انهيءَ مرض جو مشاهدو ٿئي ٿو. موجوده اديبن ۽ شاعرن جو نثر ۽ نظم زيرِ اضافت ۽ ٻين فارسي ترڪيبن سان ٽمٽار آهي ۽ پنهنجي بار ۾ پيو ڇڄي. منجهائنس سنڌيت جي بوءِ اصل نڪري ويئي آهي، خصوصاً غزل سرائي ۽ مخمس ۽ مسدس ۽ مستزاد ۾ سو سنڌي ٻوليءَ جي مٽي پليد ڪئي ويئي آهي. طرحي شعر ته سنڌي ڪلام تي هڪ بدنما داغ آهي“. (مهران 3-4/ 1969ع، نئون ڇاپو، 1991ع ص 11)

الانا فرمائي ٿو ته اسان چيو آهي ته ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شيخ صاحب قائم ڪئي“. اسان ڪٿي به ائين نه چيو آهي. اسان صرف سنڌالاجي جي ترقي ۽ واڌاري ۽ سڌاري ۾ اياز جي ڪردار جي ساراهه ڪئي آهي. الانا غلط بياني اسان جي مٿان مڙهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com