سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :19

احمد خان ”مدهوش“

 

غزل

تون ته تون پر سڄڻ، مان به ”تون“ ٿي وڃان،
ڪاش گڏجي وڃان، خوب اَڏجي وڃان.

ڏي نه ڏي ڪجهه نه ڏي، ايترو قرب ڏي،
پاڻ کان پاڻ پنهنجو به وسري وڃان.

شال مون تي رڳو پنهنجو پاڇو ڪرين،
جابجا سونهن وانگر پکڙجي وڃان.

دوزخون، جنتون سڀئي رهجي وڃن،
ڪثرتن جا تماشا به اُڪري وڃان.

ڇو گناهن ثوابن جون  ڳالهيون اُٿن،
جيڪڏهن تنهنجي زلفن ۾ ٻَڌجي وڃان.

سڀ لتاڙي ڇڏيان، سرحدون هوش جون،
اهڙو ’مدهوش‘ ٿي، مست بڻجي وڃان.


مير عبدالرسول ”مير“

وائي

        تو جئن ويڙهيا وارَ،

                        رات رڙهي وئي روح مان!

گوري! تنهنجي گهورَ تان، گهوريان گهر ۽ ٻارَ،
 

رات رڙهي وئي روح مان!

جيءَ ۾ جهُڙ جون جهاتيون، نرمل، نيڻ - نهارَ،

رات رڙهي وئي روح مان!

مليا تنهنجي ماٺ ۾، اُلفت جا آثارَ،

رات رڙهي وئي روح مان!

ڏٺم ساري ڏيهه جا، اکڙين ۾ اسرارَ،

رات رڙهي وئي روح مان!

پَسي پنهنجي پاڻ کي، پسيم تنهنجا پارَ،

رات رڙهي وئي روح مان!

 

ادل سومرو

غزل

غزل ٿو لکين ۽ پرائي زمين!
نئين ڳول پنهنجي تون ڪائي زمين.

رڳو درد ئي ٿا ڦُٽن اُن منجهان،
اوهان ئي اسان جي سڪائي زمين.

نه قالين ڳاڙها نه مکڙيون نه گل،
اسان دل جي تولئه سجائي زمين.


ڏئي خوابَ اڱرن جها سانوريءَ،
اسان جي اکين جي جلائي زمين.


اِهو عشق اهڙو تهظالم آ، جنهن،
وطن جي اسان کان ڇڏائي زمين.


هي رستا هي وڻ ٽڻ سڀئي اوپرا،
سوا تو لڳي ٿي اجائي زمين.


سڄي عمر ڳولا ۾ گذري وئي،
اَلئه تو ڪٿي جي وسائي زمين.

نه مُرڪون نه ميڙا، جمالا نه ڳيچ،
دُکي آهه تنهنجي ڀٽائي زمين.


جڏهن ننڊ ڪنهن کان اجل ٿو کسي،
امڙ جان سمهاري اِهائي زمين.

 

اياز گل

 

غزل

 

توکان وڇڙي زندگي ٻيو ڇا ڪندي؟
دربدر پنهنجا رڳو سپنا ڪندي!

هڪڙو ننڍڙو درد ٿو ڇيهون ڪري،
ويڪري ڇاتي به آخر ڇا ڪندي؟

روز گڏجڻ ڀي نٿو الزام ڏي،
ڪا نظرَ ڀي آ، ڪڏهن رسوا ڪندي.

هيءَ اَڪيلائي اکيون مهٽي اُٿي،
ڪنهن پرينءَ جي آ، پئي ڳولا ڪندي.

سڀ اَڌورا گذرندا، ٽُڪرا ٿيل،
ڪيترائي هوءَ کڻي وعدا ڪندي.

ڪيئن سي آزاد ٿي سگهندا ڪڏهن،
هوءَ جي نيڻن ۾ وڃي سوگها ڪندي.

هڪڙي پَل ۾ آهه اکڙين جو ڪمالُ،
هوءَ زمانا ٿي وڃي سوگها ڪندي.

دشمني ڀي، دوستيءَ جو روپ ۽،
ها ڪڏهن ياري به آ دوکا ڪندي.

ڪنهن ٻروچل تائين پهچڻ واسطي،
آسَ پنهنجي پئي سدا واڪا ڪندي!

 

طارق عالم

غزل

 

پُسن ٿا نيڻ نماڻا، پَري پَري تائين،
اوهان جا رنگ او- راڻا! پَري پَري تائين.
ڪناري بيٺا هئاسين، ڪڏيون پئي لهرون،
پکي هوا ۾ اُڏاڻا، پَري پَري تائين.
ڇڏڻ جي لاءِ جهان کي جڏهن به سوچيوسين،
اوهان جا سَڏَ ٻراڻا، پَري پَري تائين.
نگاهه عڪس کي ’موتئي‘ جي ماڪَ ڌُنڌلايو،
سمورا عڪس اُجهاڻا، پَري پَري تائين.

 

اسحاق سميجو

ٻه نظم

( 1 )

هيڏي اُڀ جي چادر هوندي
کيٽُ اُهوئي ننگو!
ڪتيءَ جو چيهاڙيون چولو
چيٽُ اهوئي ننگو!
سمنڊ به عيب ڍڪي ٿو پنهنجا
ٻيٽُ اُهوئي ننگو!
شرم اکين جو اوڇڻ آ، پر
پيٽُ اُهوئي ننگو!

 

آٽوگراف

آءٌ ڪو راڳي، نه هيرو
۽ نه لفظن جو صراف
دل نه ٿي ڪعبو، نڪو ئي
عشق ٿيو اُن جو غلاف
آءٌ سپني جو سپاهي
زندگي منهنجي خلاف
پوءِ ڀي ايڏي محبت!
پوءِ ڀي آٽوگراف!

 

”خاڪي“ جويو

 

وائي

        پنهنجي دنيا سوچ، او سائين،

پنهنجي دنيا سوچ!

هاءِ حياتي هرڻيءَ جهڙي، لونءَ لونءَ ۾ آ لوچ، او سائين!
ڏاڍ ڏمر جا ڏونگر ڏاريون، ڪارڻ هوت بلوچ، او سائين!
”خاڪي“ خيالن ئي خيالن ۾، سُرهي ٿيندي سوچ، اوسائين!

 

قاضي خادم

بيت

 

ڪالهه پڇيو پئي شاهه، وري آئي ڪا سهڻي،
ٻڌي حال درياءَ جو، ڀريئين ٿڌو ساهه،
ورندو وري واءُ، دل نه لاهج دادلا.

درياهه جي دهشت کي، ڇڏي نه سگهندو ڪير،
مهاڏو ڏئي ان سان، وجهندو جيڪو وير،
سوير يا اوير، پيرا مٽبس پاڻهي.

غربت جي جهان جي، شاهوڪاري ڏس،
هنن کي شابس، جو ڏمر سَهن مرڪندي.

غيرت جي نانوَ کي، ڪري پيو بدنام،
ڪاري ڪري ڌيءَ کي، ماري جو انسان،
ڪري پيو نيلام، پنهجي پڳ هٿن سين.

امن جي پيغام کي هيئن ٿو پهچائين،
بم ٿو برسائين، ننڍڙي ابهم ٻار تي!

اچي پيو پڙلاءُ، ڪاري رات جي ڪک منجهان،
ايندو ڪير الا، ٻارڻ ڪارڻ ڏيئڙو.

تون پڇ مون کان سوال، آءٌ اٻاڻڪو آهيان،
پنهنجا ئي جواب، ٻُڌان ويٺو پاڻ کان.

نفرت ۾ انسان، ڪيڙن کان ڪنو ٿيو،
جن کي آهي ڄاڻ، هڪٻئي پويان هلڻ جي.

ڪوڙ ۽ ڪپت، ساٿي آهن وقت جا،
پر تنهنجو آ وقت، جنهنجو ساٿ سچ سان.

 

نواز علي ”شوق“

هري موٽواڻيءَ جي لاڏاڻي تي چيل ڪجهه بيت

 

هريءَ سان ٿي ڏيٺ، هن سونهاري سنڌ ۾،
سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪڙا ٿيا نه ڪڏهين.
ميلي ڀٽ ڌڻيءَ جي، ٿيو هريءَ سان ميلو،
ڇڏي اڪيلو، هري پرلوڪ ويو.
هريءَ ساڻ رهاڻ، جيڪا ٿيڙي سنڌ ۾،
سا ڄڻ هيرن کاڻ، مون کي ملي مفت ۾.
هري هيو هڪڙو، هليو ويو سو،
سبق جنهن ڏنو، سدا سڪ پريت جو.
هريءَ جون ڳالهيون، سڀني سان اوريان،
سڳو پيو سوريان، سدا سڪ پريت جو.
هري جيها صوفي، ورلي هوندا جڳ ۾،
هت گهڻائي ڪوفي، قاتل آهن قوم جا.
هري جيها جوڳي، ورلي هوندا جڳ ۾،
رڳو ٺڳ ۽ ٺوڳي، ڏسون پيا هن ڏيهه ۾.
هري جيها انسان، ورلي هوندا جڳ ۾،
هت موذي ۽ مروان، گهڻا آهن ڏيهه ۾.
هري جو هڳاءُ، اڃا آهي سنڌ ۾،
پريت جو پڙلاءُ، پن پن آهي پڌرو.
هري هري پيو ڪريان، هري سڏ نه ڏي،
من ڪيئن پرڀي، هري بنان هن ڏيهه ۾.

 

”ذوالفقار“ سيال

غزل

توکان سوا اکين ۾، ٻئي کي رکان ته ڏوهي،
جي خواب ڪنهن ٻئي جو، جانان! ڏسان ته ڏوهي.
اکين ۾ عڪس تُنهنجا، هر جا نظر تون آئين،
هن زندگيءَ ۾ ٻئي جو، نالو وٺان ته ڏوهي.
تو بن سموري دنيا، سنسانهيءَ لڳي ٿي،
ڪنهن ٻئي جي در ڪڏهن ڀي، ڀلجي وڃان ته ڏوهي.
تو مون کي ئي ڌڪاري، دنيا سان نينهن لاتو،
جي پيار ڪنهن ٻئي سان، ڪڏهن ڪيان ته ڏوهي.
جي ياد تون اچين ٿو، اکيون وسي پون ٿيون،
مان دل جو حال ڪنهن جي، آڏو رکان ته ڏوهي.
مون زلف باب سارا، هن دل جا بند ڪيا هن،
توکان سوا ٻئي کي، دلبر چوان ته ڏوهي.

 

”سوز“ هالائي

 

پورنماسيءَ جو نظم

 

اک لڳي جو چنڊ جاڳائي چيو:
پونماسيءَ ۾ به ڪو شاعر ستو؟
جيڪڏهن شاعر به منهن ويڙهي ستو،
پڪ ڄاڻو سوچ جو سورج لٿو!

چنڊ جو طعنو اهو ڄڻ تير هو،
جيڪو شاعر کان سَٺو ئي ڪونه ٿيو،
هن به چڙندي هو امالڪ چئي ڏنو،
”ڪير چئي ٿو مان سمهي آهيان رهيو؟
ڪنهن چيو مان شاعر ئي ناهيان رهيو؟
مون ڀٽائي جو رسالو ٿي پڙهيو.
”سر سهڻي“ جو مطالعو پئي ڪيو،
پنهنجي پالڻهار خلقڻهار کان،
پنهنجي دريا لاءِ پئي پاڻي گهريو،
مون ته سنڌوءَ سير لئه پئي سوچيو،
جا ڪڏهن ساگر جيان وهندي هئي،
هاڻ واهڙ وانگ ٿي وهندي رهي،
ڳوٺ واهڻ ۽ ڪنارا وستيون،
سڀ اُڃارا ئي اُڃارا ٿا رهن،
هي نظارا ڄڻ اُڌارا ٿا لڳن.
مون جڏهن کان سانت ۾ سنڌو ڏٺو،
مون جڏهن کان بند پاڻيءَ جو ٻَڌو،
مان تڏهن کان ئي سمي ناهيان سگهيو،
اهڙي حالت ۾ اڙي منهنجا مٺا،
شاعرن کي ننڊ ڪيئن ايندي ڀلا،
شاعرن جي جاڳ کي آ جاڳ پر،
شاعرن جي ننڊ کي پڻ جاڳ آ.

 

”مريم“  مجيدي

 

سنڌو- مٺي!

موج نه مستي سنڌو مک تي، ايڏي ڇو ماٺار مٺي؟
ڇوهه ۽ ڇوليون قيدين وانگر، لهر لهر سنگسار مٺي!
                                        ايڏي ڇو ماٺار مٺي؟
تڙ هي تاڪيا هيل سمورا، ڏم وري ڪو ڏمريو آ،
سهڻي سان گڏ سير ٻڏي وئي، ڀاڱا ٿي تک تار مٺي!
                                        ايڏي ڇو ماٺار مٺي؟
فرعون نڪو هت موسيٰ ڪو، ڇر ڇڄي ڇو ڦاڪون ٿيو؟
نيل روايت جا هي رستا، سوڪهڙو اسرار مٺي!
                                        ايڏي ڇو ماٺار مٺي؟
پانڌيئڙا ٿا پنڌ ۾ ڪاهن، پاڻيءَ ڪارڻ پاڻي ٿي،
نيزي پاند نه سج آيو، ڀونءَ نه ڀانيو بار مٺي!
                                        ايڏي ڇو ماٺار مٺي؟
ويري ونگ وجهن ڀل ڪيڏا، جيڏل! ساٿ سريکا رکبا،
ڏاهي ٿي، ڏس! ڏاهي ٿي، هينئن نه هنئڙو هار مٺي!
                                        ايڌي ڇو ماٺار مٺي؟
چنڊ ڀلا ڪيئن چهرو ڌوئي، جر لڪي ويو واريءَ ۾،
ساهه اُڃايا سڏڪن ڪيڏو، مارو ميگهه ملهار مٺي!
                                        ايڏي ڇو ماٺار مٺي؟
شاهه، سچل ۽ سامي سوڌو، سُنهن کڻون ٿا ڌرتيءَ جو،
ڏاڍائي جا ڊيم نه اڏبا، ٺهندي ڪانه ديوار مٺي!
                                        ايڏي ڇو ماٺار مٺي؟
اَمرت ڌارا جي تون وارث، سنڌ اَمڙ آ تنهنجي وارث،
پنهنجن جي آ توکي پارت، سنڌين جي لهه سار مٺي!
                                        ايڏي ڇو ماٺار مٺي؟
                                        ايڏي ڇو ماٺار مٺي؟

 

زاهد دارا ابڙو

 

رجيل کيڏوڻو

هو سڄو شهر گهگهه اونداهيءَ ۾ جِي رهيو آهي

هتي ڪنهن کي به ڪجهه ناهي سُجهندو

هيءَ اونداهي هڪ گهري دونهين جي ڪري آهي

دونهون ڪٿان اُٿي ٿو؟

ڪو نٿو ڄاڻي

ڪيترن ماڻهن جو يقين آهي ته هيءَ اونداهي

نفرت جي گرهڻ جي آهي

جيڪو هن شهر جي دل ۽ دماغ جي

وچ ۾ اچي بيهي رهيو آهي

پر هن گرهڻ کي ڏسڻ تمام ڏکيو آهي

ڇاڪاڻ ته ان لاءِ

ڪنهن قاتل جي اکين ۾ اکيون وجهي

بنا ڇنڀڻ جي

هڪ خاص وقتتائين نهارڻو پوندو آهي

ڪن ماڻهن جو چوڻ آ ته

هي دونهون هڪ وڏي باهه جي ڪري آهي

جيڪا اندر ئي اندر دُکي پئي

ڪيترا ماڻهو پورا يا سڙيا؟

۽ ڪيترا سڃاڻپ کان ٻاهر سڙي ويا؟

ڪيترا ٻار پنهنجن رانديڪن سان رجي ويا؟

۽ ڪيترن پکين جو ساهه

ان دونهين جي ڪري ٻوساٽجي ويو؟

ڪيترن وڻن جا پن ساوا هوندي به لوساٽيل لڳن ٿا؟

انهن انگن اکرن کي شماريات ۽ سماجيات جا ماهر

پوري ڌيان سان ممڪن حد تائين

گڏ ڪرڻ ۾ مشعول آهن.

 

انيتا شاهه

ٻه نظم

        ساري دنيا بي گهر آهي

        بس نانءُ سندءِ ٿرٿانءُ لڳي

        ڄڻ ڪنولن تي

        ڪو ماڪ ڦڙو

        ڌرتيءَ جي گهري اندر ۾

        ٿو سَر سَر ساوا سانگ رچي.

        ساري دنيا بي گهر آهي

        تون مان به ته بي گهر آهيون

        نه تنهنجو ڪوئي ٺڪاڻو آ

        نه منهنجو ڪوئي ماڳ آهي

        سنسار سڄو ويراڳ آهي

        مان جيڏو توکي ويجهي هان

        تون تيڏو مون کان ڏور!

 

*

        جو وقت گذري تو بنان

        سو وقت تنهنجيءَ ياد ۾

        ڄڻ نانگ وانگر ٿو ڏنگي

        تون منهن مقابل نينهن کي

        جنهن جاءِ ٿيندو ٿو رهين

        سو هنڌ بيوس ننڊ ۾

        ٿو جاڳ جا سڀ ٿاڪ ڏي

        تون چنڊ جي چانڊاڻ کي

        پيو روشينن سان ڀيٽئين

        ڇو روڄ جي هن راڳ کي

        ساگر ۾ هاريندو وڃين

        هيءَ دل چري آ بي چئي

        سُڏڪي ٿي تنهنجي آسري!

 

مانجهي

غزل

حياتي وٽو زهر جو ٿي ڪڙو،
اڙي وقت ايڏو نه ٿي بي وَڙو.
ٿيو هانءُ ٿوهر رڳو رڻ اکيون،
اوهان بن نه آ چنگ ڪوئي چڙو.
هوائن جيان آ اسان جو گذر،
اسان ساڻ ايڏو به ڇو ٿا اَڙو.
اسين جڳمڳايون ستارن جيان،
اوهين ڇو ته ايڏو اسان تي سڙو؟
نه سنڌو نه سانوڻ، نه ميهار ڪو،
نه کڻ تون به سهڻي ٻکن ۾ گهڙو.
 

قاضي منظر حيات

غزل

پوپٽ لاءِ پتوڙ ڏکي آ،
جذبي ريءَ جاکوڙ ڏکي آ.
جيون رُڃ ۾ لانئون لهندي،
مُک تي سورن- موڙ ڏکي آ.
شينهن جا پوشَ ڀلي هو پائن،
گدڙن کان گجگوڙر ڏکي آ.
جيڪو درد ونڊي دل جيتي،
تنهن کان جيئري ٽوڙ ڏکي آ.
گهاءَ ڏئي ڀَل پاپي دنيا،
محبت ۾ منهن- موڙَ ڏکي آ.
ڪيڏي ڪوشش ڪير ڪري پر،
ٻن ٻُڙين جي جوڙَ ڏکي آ.
جڳ وارياسو، ٿوهر ’منظر‘،
زخمي ڄنگهه سان ڊوڙ ڏکي آ.
 

ساحر راهو

غزل

چپ جو طويل وقفو، گهايل اُداس رستو،
هڪ حادثي بڻايو، ساحل اُداس رستو.
گدلو ۽ ميرو پاڻي، گاڏين جي پيهه پيهان،
سارنگ جي شام سُرمئي، بادل اُداس رستو.
پويان مڙي نهاري، هوءَ موڙ تان مُڙي وئي،
ڪستي ۾ ڪجهه اُميدون، سائل اُداس رستو.
آئين سُڪن پنن جئن جهانجهر ڪئي ٿي آجيان،
ويندي ته رُڃ ٿيندو، پل پل اُداس رستو.
شيشو ٽُٽي ٽڙي ويو، پٿر کي رحم ڪهڙو،
سُڏڪن جي ساهڙي آ، هي دل اُداس رستو.
هڪڙي گليءَ ۾ آهن، پوڄا ڪدو ۽ مئه گهر،
اي دل! ڪٿي ته ملندو سانول اُداس رستو.
سورج چڙهيو ڀٽن تي، مُرڪن سوين ستارون،
خالي گلين ۾ ڀٽڪي، پاڳل اُداس رستو.
نچڻيءَ جا نيڻ آلا، پرکيا نه تو به ”ساحر“،
جنمن جو روڳ ٿي ويا، پايل اُداس رستو.

 

نثار منصور

سمنڊ کي جيئن خاموشي ناهي

سمنڊ تي هڪ ڊگهي لهر آئي
دور ساحل تي جيئن هو نظر آئي
ياد ۾ ڪوڏ ۽ سپون ڪيڏيون
ديد ۾ هو دور واريءَ جا دڙا
شام جا رنگ گهرا پيلا
سج مصور جيان ڏسي ٿو شام کي
سمنڊ موسيقار جيان مڌم ڌن تي
سُر پياني جا وڃائي ٿو ڇڏي
ڪو ته خيالن جا ڇڏي ٿو ورق کولي
آهي دل آواره گرد ڪيڏي
تون ته ڪنهن ڊگهي سفر جهڙي آن
عشق جا ڪي ٻه ڪنارا ناهن
۽ سمنڊ کي جيئن خاموشي ناهي!

 

بخشل ”باغي“

غزل

هٿ ۾ هٿ حُور تنهنجو آ،
سنگ سُرهو، سُرور تنهنجو آ.
تنهنجي دامن ۾ نينهن نکري ٿو،
چاهتن تي عبور تنهنجو آ.
منهنجي هر هڪ عمل ۾ تون آهين،
مون کان ٿيندڙ قصور تنهنجو آ.
سارو آڪاس آ جهلڪ تنهنجي،
هر ستاري ۾ نور تنهنجو آ.
واءُ مهڪي پيو آ خوشبو سان،
ٽهڪ ٽڙندڙ ضرور تنهنجو آ.
دل کي لاحاصلات جي ڳولا،
هيءُ ازلي شعور تنهنجو آ.
آرسيءَ جي اُداس ٽُڪرن ۾،
عڪس ڏِس! چوُر چوُر تنهنجو آ.
پيار تنهنجو الائي ڇا هوندو،
قرب جهڙو ڪلور تنهنجو آ.
سانجهه جي سينڌ ۾ شفق اُڀري،
مون ٿي سمجهيو سنڌور تنهنجو آ.
آهه منهنجي مٽيءَ ۾ بي چيني،
ڇو ته جنمن کان پور تنهنجو آ.
روح منهنجو اڃان سفر ۾ آ،
ڏيهه ڪيڏو نه ڏور تنهنجو آ.

 

ابرار ابڙو

غزل

اڃا ڪجهه عشق! ٻَرُ مون ۾- اڃا آهي تواني دل،
ڪري ڇڏ هاڻ گهر مون ۾- اڃا آهي تواني دل.
اڃا احساس جاڳن ٿا، اڃا جذبات جاڳي ٿي،
ورائي واڳ ور مون ۾- اڃا آهي تواني دل.
متان سمجهين ته نيڻن جي سفر جي سانت ٿي وئي آ،
کڻن ٿا خواب ڪر مون ۾- اڃا آهي تواني دل.
بدن ۾ باهه ٿي ڀڙڪي، اکين ۾ آس ٿي پڄري،
برهه جو آهه بر مون ۾- اڃا آهي تواني دل.
مان پنهنجي عمر ۾ ٽٻٽار جوڀن جي ندي آهيان،
تون ٻيڙيءَ ٿيءُ تر مون ۾- اڃا آهي تواني دل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com