سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :20

مانجهي

غزل

حياتي وٽو زهر جو ٿي ڪڙو،
اڙي وقت ايڏو نه ٿي بي وَڙو.
ٿيو هانءُ ٿوهر رڳو رڻ اکيون،
اوهان بن نه آ چنگ ڪوئي چڙو.
هوائن جيان آ اسان جو گذر،
اسان ساڻ ايڏو به ڇو ٿا اَڙو.
اسين جڳمڳايون ستارن جيان،
اوهين ڇو ته ايڏو اسان تي سڙو؟
نه سنڌو نه سانوڻ، نه ميهار ڪو،
نه کڻ تون به سهڻي ٻکن ۾ گهڙو.

 

 

قاضي منظر حيات

غزل

پوپٽ لاءِ پتوڙ ڏکي آ،
جذبي ريءَ جاکوڙ ڏکي آ.
جيون رُڃ ۾ لانئون لهندي،
مُک تي سورن- موڙ ڏکي آ.
شينهن جا پوشَ ڀلي هو پائن،
گدڙن کان گجگوڙر ڏکي آ.
جيڪو درد ونڊي دل جيتي،
تنهن کان جيئري ٽوڙ ڏکي آ.
گهاءَ ڏئي ڀَل پاپي دنيا،
محبت ۾ منهن- موڙَ ڏکي آ.
ڪيڏي ڪوشش ڪير ڪري پر،
ٻن ٻُڙين جي جوڙَ ڏکي آ.
جڳ وارياسو، ٿوهر ’منظر‘،
زخمي ڄنگهه سان ڊوڙ ڏکي آ.

 

ساحر راهو

غزل

چپ جو طويل وقفو، گهايل اُداس رستو،
هڪ حادثي بڻايو، ساحل اُداس رستو.
گدلو ۽ ميرو پاڻي، گاڏين جي پيهه پيهان،
سارنگ جي شام سُرمئي، بادل اُداس رستو.
پويان مڙي نهاري، هوءَ موڙ تان مُڙي وئي،
ڪستي ۾ ڪجهه اُميدون، سائل اُداس رستو.
آئين سُڪن پنن جئن جهانجهر ڪئي ٿي آجيان،
ويندي ته رُڃ ٿيندو، پل پل اُداس رستو.
شيشو ٽُٽي ٽڙي ويو، پٿر کي رحم ڪهڙو،
سُڏڪن جي ساهڙي آ، هي دل اُداس رستو.
هڪڙي گليءَ ۾ آهن، پوڄا ڪدو ۽ مئه گهر،
اي دل! ڪٿي ته ملندو سانول اُداس رستو.
سورج چڙهيو ڀٽن تي، مُرڪن سوين ستارون،
خالي گلين ۾ ڀٽڪي، پاڳل اُداس رستو.
نچڻيءَ جا نيڻ آلا، پرکيا نه تو به ”ساحر“،
جنمن جو روڳ ٿي ويا، پايل اُداس رستو.

 

نثار منصور

سمنڊ کي جيئن خاموشي ناهي

سمنڊ تي هڪ ڊگهي لهر آئي
دور ساحل تي جيئن هو نظر آئي
ياد ۾ ڪوڏ ۽ سپون ڪيڏيون
ديد ۾ هو دور واريءَ جا دڙا
شام جا رنگ گهرا پيلا
سج مصور جيان ڏسي ٿو شام کي
سمنڊ موسيقار جيان مڌم ڌن تي
سُر پياني جا وڃائي ٿو ڇڏي
ڪو ته خيالن جا ڇڏي ٿو ورق کولي
آهي دل آواره گرد ڪيڏي
تون ته ڪنهن ڊگهي سفر جهڙي آن
عشق جا ڪي ٻه ڪنارا ناهن
۽ سمنڊ کي جيئن خاموشي ناهي!

 

بخشل ”باغي“

غزل

هٿ ۾ هٿ حُور تنهنجو آ،
سنگ سُرهو، سُرور تنهنجو آ.
تنهنجي دامن ۾ نينهن نکري ٿو،
چاهتن تي عبور تنهنجو آ.
منهنجي هر هڪ عمل ۾ تون آهين،
مون کان ٿيندڙ قصور تنهنجو آ.
سارو آڪاس آ جهلڪ تنهنجي،
هر ستاري ۾ نور تنهنجو آ.
واءُ مهڪي پيو آ خوشبو سان،
ٽهڪ ٽڙندڙ ضرور تنهنجو آ.
دل کي لاحاصلات جي ڳولا،
هيءُ ازلي شعور تنهنجو آ.
آرسيءَ جي اُداس ٽُڪرن ۾،
عڪس ڏِس! چوُر چوُر تنهنجو آ.
پيار تنهنجو الائي ڇا هوندو،
قرب جهڙو ڪلور تنهنجو آ.
سانجهه جي سينڌ ۾ شفق اُڀري،
مون ٿي سمجهيو سنڌور تنهنجو آ.
آهه منهنجي مٽيءَ ۾ بي چيني،
ڇو ته جنمن کان پور تنهنجو آ.
روح منهنجو اڃان سفر ۾ آ،
ڏيهه ڪيڏو نه ڏور تنهنجو آ.

 

ابرار ابڙو

غزل

اڃا ڪجهه عشق! ٻَرُ مون ۾- اڃا آهي تواني دل،
ڪري ڇڏ هاڻ گهر مون ۾- اڃا آهي تواني دل.
اڃا احساس جاڳن ٿا، اڃا جذبات جاڳي ٿي،
ورائي واڳ ور مون ۾- اڃا آهي تواني دل.
متان سمجهين ته نيڻن جي سفر جي سانت ٿي وئي آ،
کڻن ٿا خواب ڪر مون ۾- اڃا آهي تواني دل.
بدن ۾ باهه ٿي ڀڙڪي، اکين ۾ آس ٿي پڄري،
برهه جو آهه بر مون ۾- اڃا آهي تواني دل.
مان پنهنجي عمر ۾ ٽٻٽار جوڀن جي ندي آهيان،
تون ٻيڙيءَ ٿيءُ تر مون ۾- اڃا آهي تواني دل.

 

اقبال رند

وائي

ليئو هڻي، لڄنديوَئي،

بادل ڀريا بيٺا هئا.

هوءَ جا هوا کان هلڪڙي،
وِک وِک سان کڄندي وَئي،

بادل ڀريا بيٺا هئا.

آئي هئي آگم ڪري،
رڄندي وَئي، رڄندي وئي،

بادل ڀريا بيٺا هئا.

ڀاڪر ويا ٿي ڀيڙبا،
ڀُرندي وَئي، ڀڄندي وئي،

بادل ڀريا بيٺا هئا.

ڇوري ته ڪا ڇَم ڇَم هئي،
وڄندي وئي، وڄندي وئي،

بادل ڀريا بيٺا هئا.

 

ستار ”سُندر“

غزل

سارو لوڪ سُتو،

آءٌ اڃا جاڳان پيو.

پنهنجي پر ۾ سوچيم، آخر ايئين ڇو؟

آءٌ اڃا جاڳان پيو.

نيٺ ته ملندينءَ راهه ۾ بڻجي ٽانڊاڻو،

آءٌ اڃان جاڳان پيو.

نيڻين ننڊ رُسي وئي تنهنجي وئي کان پو،

آءٌ اڃا جاڳان پيو.

شام سمي ڪنهن خواب جو بڻجي پاڇولو،

آءٌ اڃا جاڳان پيو.

 

مير محمد پيرزادو

گيت

        توکي پُڪاري پيار ٿو-

                        هاڻي ته ڪر اچڻ جي!

تنهنجي وَئي پڄاڻان مون سان ته ٿي آ ڏاڍي،
هاڻي رَهي نه طاقت، صدما اڃا سَهڻ جي،

ٻيرن آ مُند پَچڻ جي-
هاڻي ته ڪر اچڻ جي!

ڳڻتين جا ڳوٺ بڻيا، اُڌمن جا اٺسٺا ٿيا،
سورن جا سوَ سنباها، تياري آ سچ مچڻ جي-

سگهه نا رهي بچڻ جي-
هاڻي ته ڪر اچڻ جي!

تنهنجي ٻڌي اچڻ جو ماپان نه پاڻ ۾ ٿي،
ڪر ماڙِ ڪا مُٺيءَ تي، جيڪا به ٿئي جچڻ جي،

نورا ٻڌي نچڻ جي-
هاڻي ته ڪر اچڻ جي!

منڙو اُداس آهي، ان کي نه آزمايو،
طاقت رهي نه مون ۾، گوندي اڃا گچڻ جي،

رنگ ۾ ائين رچڻ جي-
هاڻي ته ڪر اچڻ جي!

 

”منير“ سولنگي

غزل

مان جڏهن مچ ڪو مچايو آ،
تو وڃي غير کي ٻُڌايو آ.
تنهنجي ياري سراب ٿو سمجهان،
تنهنجو مُرڪي ملڻ اجايو آ.
وقت جا هزار وار سهي،
زندگيءَ جو ڏيو جلايو آ.
آءُ منهنجي تڏي پرين جو مان،
روح کي رستي ۾ وڇايو آ.
پيار ٻارن جي راند تو سمجهي،
پاڻ تو خول ۾ لڪايو آ.

 

علي آڪاش

رامڪلي

اُنهن جي گودڙيءَ جا گلَ جائُوڦُل پَسين ها تون
ٻَهر سنياس ۾ صورت، مُلان مُل مَن هو تن جو
نشو جن نينهن جو نيبهُه، پرانهين پار جو ڪو پَهُه
اکين ۾ ڏوريون ڏَسَ جون، هٿن ۾ پريم جا پيالا
جَٽائون چال چوکيءَ سان ۽ مُک ۾ چنڊ جئن آلا
ڏٺاسون پَهر پوئين ۾ وُٺي پئي ماڪ مارڳ تي
وڃن ڪابول ڇو ڪاهي، پُرن ڇو پُوربي دڳ تي
نِمن ڇو ناٿ جي آڏو جنين کي ناٿ ڳلِ لائي
ڀري بازار ۾ بيهي گُرو تن لاءِ واجهائي.

 

گُروءَ جي گَس جي ڳانِي وڌائون مچ ۾ لاهي
اُٿيا هو ڳاٽَ اُوچي سان سمورو سُک ساڃاهي
ڳچيءَ مان گهنڊَ لاٿائون پري چوگان اُڇليائون
نه ٿيا ميراڻ ڏي مائل مٿي ۾ ميٽ مَليائون
خوديءَ وارن خرارن کان ازل کان جي هئا آجا.
ڀَڃن ڇو پاڻ کي ڀيري جنين جي روح ۾ راجا
عدمَ آسڻَ سدا جن جي انوکي آجيان آهي
رُسن جي پل گهڙي، ناني اُنهن کي پاڻ پرچائي
ڀري بازار ۾ بيهي گُرو تن لاءِ واجهائي.

گُروءَ جي گيان جو گاشو مَينِ کي ڪين پائين ٿا
نه ڄاوا ڄاپندا جيڪي اُهي سڀڪجهه سُڻائين ٿا
نه دونهيون دائرن ۾ ۽ نه ميڙين ڪَڙڄَ ۽ ڪاٺيون
قراريا قلب ۾ جيڪي اُنهن جون هيج ۾ هاٺيون
صدين کان پوءِ جت جوڳي پُڇائي پارَ پهچن ٿا
اُتان هو پَلَ ۾ موٽِي ڳُجهاندر ڳالهه ڳائين ٿا
مُٺيون ٻئي هورڙيان کولي عجب موتي لَکائين ٿا
ڪندا ڇا جوڳ جاڳائي جَنين کي رام ريجهائي
ڀري بازار ۾ بيهي گُرو تن لاءِ واجهائي.
گُروءَ کي گودڙي هٿ ۾ ادب سان ڪئن کڙو آهي
نشانبر روپُ، وهه وا ڌوپ، ڪهڙو هيءُ ڌڙو آهي
سدائين ڪُلُ ٿِي ڪاهن، جُزي جي لئه جُڙيا ناهن
اهي جي سنگ ۾ سونا ڪڏهن ڌَڻُ ٿِي ڇُڙيا ناهن
اُنهن جي روح جي ٽارين پکي جو ٻولَ ٻولي ٿو
اُنهن تي عاشقيءَ جو ڪو نئون نت راز کولي ٿو
نڪا لاهوت جي لوري نڪا هڱلاج جي هوري
اَلکُ جن وٽ اوطاقي ڪندا ڇا دُوار ڪا پائي
ڀري بازار ۾ بيهي گُرو تن لاءِ واجهائي.

گرو هيءُ پنٿ پيارو آ رکيو چئُه گوءِ ۾ ڇاهي؟
بڻي گونگو ڏسين ٿو ڇا، هلي اچ، پوءِ ۾ ڇاهي؟
عقل عرفان کان اڳتي اُنهن جي پرت جو پاڙو
نه ڪجهه هَڙ ۾، انهن کي معاف آهي بُود جو ڀاڙو
اهي اوجر اُجاريل هِن انهن ۾ مِسُ ڪو ناهي
انهن ۾ عشق ازلي آ هتان جو هِسُ ڪو ناهي
انهن جي گيان جي ٻيڙي ٽپي گِرداب گِردانيون
عدمَ اوڙاهه تي جن جو سدائين آستان آهي
ڪُويساهيو نه آهين جي ته پو ڇا جو گُمان آهي؟

 

 

احسان ”دانش“

غزل

چپن جا پوپٽ اُڏي رهيا هن، گلاب چهرو چمڻ گهرن ٿا،
اوهان جا ڪاڪل ڪڪر ڪڪوريل، حيا جي اُڀ کي ڇهڻ گهرن ٿا.
اوهان جي نيڻن جا پيارا جگنو، اسان جي دل جي ڏيئن سمان هن،
ائين اجهائي ڇڏيو نه جانان، اڃا هي ڏيئا جلڻ گهرن ٿا.
هي لفظ جيڪي وسن ٿا دل جي اداس ٿر تي ڪنهن وڏڦڙي جان،
خدارا تن کي نه روڪجو، ڪجهه پيار جا گل ڦٽڻ گهرن ٿا.
ڪٿي آ سورج، ڪٿي آ چندر، ڪٿي ستارا، ڪٿي سمندر،
جڏهن اوهان تي نظر ڄمي ٿي، نه نيڻ پوڪجهه ڏسڻ گهرن ٿا.
وجود پنهجو ائين آ وکريل، جيئن زمين تي ڪي ريت ذرا،
اوهانجي ٻانهن جا منتظر هن، ذرا ذرن سان ملڻ گهرن ٿا.
بهار موسم لٿي بدن تي، جوان جذبا به رقص ڪن ٿا.
هي چين جا جلترنگ جيءَ ۾، گهڙي گهڙي پيا ڇڙڻ گهرن ٿا.
هي سارا لمحا، جيئن ڪي موتي ٿا وقت مالها ۾ پوئجن پيا،
هي سارا احساس، دل جي اجري نديءَ ۾ هرهر ترڻ گهرن ٿا.
ها جلوا سارا ۽ روشنيون سڀ، جهڪيون جهڪيو ڪجهه لڳن ٿيون شايد،
اوهان جي زلفن جي ڇانوري ۾ هي چنڊ تارا لڪڻ گهرن ٿا.

 

علي زاهد

وري ڪنهن جي ڳولها

جهانن جي رنگن جا ملبوس پهري

گلن ۽ ڪلين جي به خوشبو چورائي

پرينءَ پار جون مست چنچل هوائون

اسان جي دريچن تي اينديون رهيون ۽

نئين نينڍ ڏينديون رهيون عاشقيءَ جي.

اسان پنهنجي نيڻن جا ٻئي دوار ٻوٽي

خيالن جي رٿ تي چڙهي بي خوديءَ مان

اُنهن ئي ڏسائن جا راهي ٿيون ٿا

جتي پيار پنهنجي گلابن جي ورکا

ڪئي موسمن تي.

اسان جي اندر جي پڌر تي سُتل ڄڻ

ڪي آشا جون پَريون کڻي ڪَر اُٿن ٿيون

منڊي چيڇ مان يادگيرين جي لاهي

نئين سوچ جو ڪو ڇلو آڇ ڪن ٿيون

وري پيار جي پيچرن جي مسافت

وري رنج، ڪاوڙ، رُساما نوان ۽

وصالن، وڇوڙن جون ڳالهيون نيون ڪي

جي تارن کي کيڙن، اُهي ٽهڪ تاڙيون

۽ ڳالهين جي ڳرين ڀرين جي به خواهش

وري ڳل ڳراٽين ۽ ڀريل ڪلهن جي

نرم ۽ گرم ڪنهن نئين لمس ڪارڻ

عشاقين جي آرهڙ ۾ زندگيءَ جي

سمورين خوشين ۽ سمورن مزن جا

وري پل ڳولهڻ!

وري پاڻ رولڻ!

اڙي او اڪيلائي منهنجي سکي تون

هوائن کي روڪي هي ڳالهيون پڇي ڏي

هي ڇا لئه گهٽائون هي برسات ڇا جي؟

۽ کنوڻين جون هي کيچلايون به ڇا لئه!

وري ڇو وُٺي ۾ ڀِڄڻ جي هي آشا؟

ڇو رولاڪين لاءِ ٿو روح تڙپي؟

وري پنڌ ڪهڙا؟

نئون ماڳ ڪهڙو؟

وري جهاڳ ڪهڙي؟

نئون سمنڊ ڪهڙو؟

نئون ڪو سفينو،

نئون ڪو جزيرو،

نويلو ڪو ساحل،

وري ڪنهن جي ڳولها؟

وري ڪنهن جي ڳولها؟

 

اقبالِ ابڙو

گيت

هر هر ويٺي آءٌ اُچاريان،
پنهنجي منهن سان پئي جهونگاريان،

تنهنجو نانءُ نرالو سڀ کان.

گُل جي پَتين جهڙو پيارو،
خوشبوئن سان واسيل سارو،

تنهنجو نانءُ نرالو سڀ کان.

پهرين پهرين چاهت جهڙو،
ڪنهن روحاني راحت جهڙو،

تنهنجو نانءُ نرالو سڀ کان.

خاموشيءَ ۾ کڙڪي جهڙو،
ڪنواري دل جي ڌڙڪي جهڙو،

تنهنجو نانءُ نرالو سڀ کان.

ٻالپڻي جي سارُن جهڙو،
مينهن- ڪڻين، مهڪارُن جهڙو،

تنهنجو نانءُ نرالو سڀ کان.

ڪنهن موهيندڙ منطر جهڙو،
يا جلون جي جوهر جهڙو،

تنهنجو نانءُ نرالو سڀ کان.
 

مير حسن آريسر

غزل

ڇڏي ڇاڻي ٻُري ٻاجهر، ٻٻر ۾ ٻُور ٿي پيو آ،
اُتر جي واءُ سان پل پل پرينءَ جو پُور ٿي پيو آ.
اَسر ويلي اُٿي آرس ڀڳو تو بانوري آهي،
لڱن ۾ ڄڻ ٽٽا شيشا شخص ڪو چور ٿي پيو آ.
مُٺي مومل ٽريو ٽاڻو، پلنگ تي ڪؤنر ڪوماڻو،
رهي ٿو روح ۾ راڻو ڏسڻ کان ڏور ٿي پيو آ.
ڏسي اُڀ تي رَتي ريکا سرهو ٿي جهوڪ جو سائين،
پڇي ٿو ڪير پنهنجن مان مڙس منصور ٿي پيو آ.
ٿڙن ٿا مير سان منظر نشو ڄڻ نينگري آهي،
اکين ۾ جام جوڀن جو بنهه ڀرپور ٿي پيو آ.
لڙيو چنڊ لاڙ تان آهي، اڃا سانوڻ ستو ناهي،
سجاڳيءَ ۾ سگهڙ سارو سراپا سور ٿي پيو آ.

 

غلام نبي ”ناشاد“

غزل

درد منهنجا تون وڌائي ٿو وڃين،
جان جاني ڇو جلائي ٿو وڃين.
قرب ڪڏهين ٿو ڪرين غمگين سان،
ڇو ڪيل وعدا ڀُلائي ٿو وڃين،
مان فراقن ۾ مٺا ڦٽجان پيو،
ساز سورن جو وڄائي ٿو وڃين.
جان منهنجي ٿي جلي تولاءِ يار،
جگر جيرو تون جلائي ٿو وڃين.
ننڊ نيڻن کان وئي وسري مٺا،
لڙڪ اکين مان وهائي ٿو وڃين.
ساهه صدقو سونهن تنهنجي تان ڪيان،
قول ننڍپڻ جا ڀُلائي ٿو وڃين.
آ ڪٺو ’ناشاد‘ کي دلدار تون،
لوڪ مون تان تون کِلائي ٿو وڃين.

 

رئوف عباسي

نظم

جوڀن رُت، سپنو ۽ ساڀيا

        جوڀن آيو

        ۽

        هوا جي جهوٽي جيان گذري ويو

        پر

        منهنجو سپنو نازبوءِ جيان اداس رهيو

        ۽ منهنجي ماءُ به ائين ڪيو

        جيئن اُن جي ماءُ ڪيو هو

        امان ڀاءُ جي بدي ۾ مرد قبوليو هو

        ۽ مون کي به ڀاءُ جي بدي ۾

        گهوٽ ڏنائين

        گهوٽ ڇا هيو

        ڄڻ ڪو هيو

        پوپٽ بيمار

        جيڪو ايترو به سگهارو ڪونه هو

        جو گلابي پنکڙين جي رس چوسي

        ۽

        پيار جي اڱڻ تي اميد جو فصل پوکي.

 

پنهل

غزل

چاندني جا رنگ تنهنجي انگ ۾،
سوچ جهڙا سنگ تنهنجي انگ ۾.
تون ڪڏهن صحرا، ڪڏهن آن آبشار،
کوڙ آهن ڍنگ تنهنجي انگ ۾.
ڇيت وانگي رات ڀر چُڀندو رهيو،
جسم ڪيڏا ڏنگ تنهنجي انگ ۾.
نيڻ پئجي هوڪرن ۾ ويا ’پنهل‘!
ڪئن چُرن ٿا چنگ تنهنجي انگ ۾؟

 

”روشن“ گهانگهرو

غزل

سنڌ يونيورسٽي گهٽائون هيون،
ڄام شوري جون وڻندڙ هوائون هيون.
مهڪندڙ گل هيا ڇا ته خوشبو هئي،
رقص هو، راڳ ها سڪ- صدائون هيون.
چنڊ هئا ۽ هئي چاندني دلفريب،
روشنيءَ جو سفر ڪهڪشائون هيون.
ڄڻ ته جنت هئي يا هيو خواب ڪو!
هڪ هُيس مان ۽ ٻيون اپسرائون هيون.
ڌڙڪندڙ دل ۽ جذبا پرين لاءِ ها،
۽ اکيون عشق ۽ التجائون هيون.
”آرٽس فيڪل“، ”پويلين“ چڱو الوداع!
ڇا ته تنهنجي اڱڻ تي ادائون هيون.
هُن کان وڇڙڻ مهل لڙڪ ها لارَ، ۽،
شام ناسي سندوري هوائون هيون.
ميرُ من ۾ رکيو ڪونه ’روشن‘ ڪڏهن،
هر ڪنهين لاءِ دل ۾ دعائون هيون.

 

عبدالغفور ”عابد“

غزل

وڃڻ وارا پرين پيارا اچانڪ اڄ،
اسان جي زندگي مان ئي روانا ٿيا.
جدا ٿي جو هليا هيڪر ته جهڙوڪر،
حقيقت مان ڦِري مرڳو فسانا ٿيا.
هتي هن دردناڪي حادثي کان اڳ،
ڏسڻ ۾ ڪي بظاهر ڪجهه بهانا ٿيا.
ٻه ٽي البت هوا ۾ ڪي هوانا ٿيا،
ختم تنهن پوءِ خوشي جاسڀ خزانا ٿيا.
اُنهن کان دُور ٿي وياسين گهڙيءَ پَل ۾،
جنين مايوس ٿيندي ڪي زمانا ٿيا.
گهڻا بدخواه ها بيشڪ بُرائيءَ جا،
خبر ڪنهن بد نظر جا سي نشانا ٿيا.
هُيون ڪلهه لک خوشيءَ خبرون اسان وٽ هِت،
زبان تي اڄ مگر غم جا ترانا ٿيا.

 

”ملهار“ سنڌي

غزل

الفت جو اتهاس لکان ٿو،
انساني احساس لکان ٿو.

جيون سونهن وئي آ کسجي،
ناهه خوشي ڪا راس لکان ٿو.

توکي ياد ڪري يادن مان،
وٺندو آهيان واس لکان ٿو.

موسم چين وڃائي ڇڏيو،
مونجهو من آڪاس لکان ٿو.

پوءِ به آءٌ جئڻ ٿو چاهيان،
تڙپي ٿي هر آس لکان ٿو.

دوکو آ ’ملهار‘ زمانو،
ڪونه ڪجي وشواس لکان ٿو.

 

 

”شائق“ ڪمبوهه

غزل

 

درد سان دوستي ڪئي آهي!
نانءُ تنهنجي خوشي ڪئي آهي!
سج وانگر سدا جليو آهيان،
مون ائين روشني ڪئي آهي!
سونهن، سچ کي سدائين چاهيو آ،
ايئن سڦل زندگي ڪئي آهي!
چار سپنا ڏٺاسين جيونَ ۾،
۽ ٻيو شاعري ڪئي آهي!

 

 

وسيم سومرو

ديويءَ جون ٽاريون

هي اُڀيون ديويءَ جون ٽاريون

ائن لڳي ٿو:

ڄڻ ته ٿيون آڪاس کي ڪنڊا چُڀين

۽ مسلسل زخم ڏئي، سوراخڪن

ڳوٺ جي مزدور ماڻهن

پر اِهو سوچيو نه آهي

هو ته بس رستا رُلي

پنهنجون کڙيون هر روز کوٽيندا رهن ٿا

سئيءَ سان ڪنڊا ڇڪيندي

پنهنجي ننڍڙن ٻارڙن جا

پير پوڄيندا رهن ٿا-

هي اُڀيون ديويءَ جون ٽاريون

ڪاش ساري ڳوٺ جي

مزدور ماڻهن جون اکيون ٿي

ان ڪٺور آڪاس کي ڪنڊا چڀين

۽ نه ڇٽندڙ زخم ڏين.

 

احمد ٽالپر

گيت

توکي ساري سڄڻ تات روئي ڏنو،
تو بنان اڄ ڏکي ڏات روئي ڏنو.

نيڻ ناتو ڇڳو، چوٽ ڏاڍي رَسي،
چنڊ سُڏڪا ڀريا، حال منهنجو ڏسي،
ماڪ جي روپ ۾ رات روئي ڏنو.

تنها دل جي تڙپ، وقت جي بي حسي،
تون جدا مان جدا، پيار جي بيوسي،
وقت جي گهات تي، گهات روئي ڏنو.

وئي حياتي کُٽي، نه جدائي گهٽي،
هانءُ ويو هارجي، وقت بازي کٽي،
پيار جي مات ٿي، مات روئي ڏنو.

خالي گهر، سور ۽ هيکلو هانءُ، مان،
هيءَ حالت ڏسي، منهنجي ”احمد“ بنان،
سانت جي سانت تي، سانت روئي ڏنو.
 

”جوهر“ بروهي

غزل

 

هيڻائي آ، هارَ نه آهي،
ساهه کڻڻ جي وارَ نه آهي.
سيني اندر موجون لهرون،
پل جي لئه ماٺار نه آهي.
ساهه ڏبو، پر سَت ڏبو ڇو؟
کَر جي لئه کيڪارَ نه آهي.
رَتُ شهيد جو خوشبو خوشبو،
فاني هيءَ هٻڪارَ نه آهي.
ٽٽڻو آهي، ڏاڍ به ٽٽندو،
ڊاڙ ڀري گفتارَ نه آهي!
هڪ سِر ڇا پر سوَ سِر صدقي،
سورهيه جي ٻي تنوارَ نه آهي.
موت شهادت وارو ڀائو!
اهڙي اُتم ڪا ڪار نه آهي!
’جوهر‘! جرئت وارو جذبو،
ملندو ڪنهن بازار نه آهي!
 

”ظهير“ زرداري

غزل

منهنجو محبوب آ گلاب جيان،
ويٺو اُن کي پڙهان ڪتاب جيان.
زندگي يار آ ڏکي ڏاڍي،
هڪڙي ڏاڍي ڏکئي حساب جيان.
مون کان دنيا سموري وئي وسري،
قرب تنهنجو به آ شراب جيان.
آءٌ آباد آهيان توسان،
تو سوا آهيان سراب جيان.
منهنجي دل ۾ ’ظهير‘ آهين تون،
پيو وڄين هر گهڙيءَ رباب جيان.

 

رکيل مورائي

غزل

پنهنجي پاڙي جا دريون دَر ٿو ڳڻي،
اُن کان اڳ هو هٿ ۾ پٿر ٿو ڳڻي.
ڪنهن تي ڀي وشواسُ آڻي ڪونه، ۽
ڳوٺ ننڍڙي جا سڀئي گهر ٿو ڳڻي.
عيب پنهنجا سڀ ڳڻي ڀرسان رکي،
هٿ ۾ ڦرهي، مس ۽ ڪاڳر ٿو ڳڻي.
اڄ ڪندو شايد قتل احساس کي،
جاڳندي ادراڪ خنجر ٿو ڳڻي.
خواهشن جي ڌوڙ اُڏندي ٿي رهي،
وقت جا اتهاس کنڊر ٿو ڳڻي.

 

 

”حبدار“ سولنگي

جدائي

لڙڪ جيئن ڳل تان ڳڙي

مُٺ مان واري وَهي جيئن

جيئن ڇڻي ڪو پَن

ٽاريءَ تان اچانڪ

ڪا مڙهيل تصوير جيئن

اوچتو ڀِتِ تان ڪِري پئي،

جيئن پاٻڻ تان ڦُڙو پاڻيءَ جو

تِرڪِي وڃي

ڪنهن پهاڙيءَ تان اچانڪ

پيرُ جيئن ڪنهن جو ٿڙي،

جيئن وڃي اُڏري اکين مان

خوابُ ڪوئي،

ائين هوءَ مون کان جدا ٿي!

 

خليل عارف سومرو

وائي

        تون ڪهاڻي، تون غزل

                        بخملي تنهنجو بَدن!

تون گلابن جي شبابن کان مٿي،
تون سڄو خوشبو ٻُڏل-

بخملي تنهنجو بَدن.

سوهن ۽ سُرهاڻ جو ٻيو روپ هين،
روشني جو تُون بَدل-

بخملي تنهنجو بَدن.

ها لکڻ تي روز ٿا مجبور ڪن،
خوبصورت تنهنجا ڳل-

بخملي تنهنجو بَدن.

ڄڻ هجي عارف رنگن جو آبشار،
باک وانگي بي مثل-

بخملي تنهنجو بَدن.
 

”زبير“ سومرو

غزل

هجر ڪونهي، وِصال ڪونهي ڪو،
حال پنهنجي ۾، حال ڪونهي ڪو!
رات ويندي، وري وري ايندي،
ظلم کي ڪو زوال، ڪونهي ڪو!
توکي منهنجو ته ڇا منهنجي جانان،
توکي پنهنجو ئي خيال ڪونهي ڪو!
تولئه تشبيهه ئي اجائي آ،
تنهنجو ڪوئي مثال ڪونهي ڪو!
ٻانگ جا آجپي جي ڏي، اهڙو،
ڇا اسان ۾ بلال ڪونهي ڪو!
سنڌ سائي ۽ هوءَ آئي هجي،
اهڙو ڪوئي به سال ڪونهي ڪو!
موت سنڌ سان ۽ سونهن سان ٿئي شل،
زندگيءَ جو سوال ڪونهي ڪو!
ها پسي سُونهن پوءِ لکين ٿو ”زبير“،
تنهنجو ڪوئي ڪمال ڪونهي ڪو!

 

علي دوست ”عاجز“

غزل

خيالن ۾ خوشبو پکيڙي ڇڏيئي،
کِلي کوڙ موتي کنڊيري ڇڏيئي.
چُميون ڏئي چوايئي ڪيئي ڳالهڙيون،
چپن کي چپن ساڻ ڇيڙي ڇڏيئي.
اُٿاري ڇڏيئي ڪيترن جون دليون،
ڪَلون ڪيترن ئي جون ٿيڙي ڇڏيئي.
اُڊيڙي- سبي، ڄڻ سبڻ پئي سکيئي،
ائين سارو اندر اُڊيڙي ڇڏيئي.
اَلا، وِکري ’عاجز‘ وڃي ها صفا،
صحيفي جان تنهن کي سهيڙي ڇڏيئي.

 

ياسين چانڊيو

غزل

آ اکين ۾ پرين توکي اوتي ڇڏيان!
جا نظر مان کڻان، تنهن ۾ توکي ڏسان!

منهنجي ساهن ۾ ائن تون لهي وڃ پرين!
ساهه جيڪو کڻان توکي محسوس ڪيان!

آءٌ توکي اگر جي وساري ڇڏيان،
ڪين بخشي خدا، ٿي مان ڪافر مران!

ڇا ته انداز هُن جي آ قتلام جو،
روز مان قتل ٿيڻ لئه ٿو زنده ٿيان!

ڪنهن به موسم جو مون تي اثر ٿئي نٿو،
تنهنجي يادن ۾ ايڏو ئي گم ٿو رهان!

ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري تو ڦٽو آ ڪيو،
پو به ٽُڪرن ۾ تولئه ٿو لُڇندو رهان!

 

رجب ٻُگهيو

غزل

 

سانجهه سُرمئيءَ منجهان
سونهن جهلڪا ڏِنا

موهه مُرِڪي چيو آءُ مون ڏي پرين!

 

ڳل ڳاڙهاڻ تي چنڊ چوڏس کڙيا
گل لالاڻ تي ڀونئر لشڪر مڙيا
چاهه چمڪي پيو ساهه سُڏڪا ڀريا

موهه مُرِڪي چيو آءُ مون ڏي پرين!

 

ڪنهن جي گهاگهر منجهان هو ڇُلڪو ٿيو
چولي ململ پٺيان ڄڻ ڪو سورج ڦُٽو
روح تڙپي پيو، پيار آرس ڀڳا

موهه مُرِڪي چيو آءُ مون ڏي پرين!

 

پيرين گهنگهرو ٻَڌي رات ڏاڍو نچي
هير هٿڙن سان هر هر ٿي خوشبو ڏني
ڏوُر آڪاس مان کنوڻ پاتا لِئا

موهه مُرِڪي چيو آءُ مون ڏي پرين!

 

انگ احساس جا هاءِ ڏاڍو لُڇيا
گيت جذبات جا لهرون لهرون نچيا
چيٽ ٻيهر چڙهيا چنگچاهت وڳا

موهه مُرِڪي چيو آءُ مون ڏي پرين!

 

سڀاش هميراڻي

ڪاسٻي جي ڪٿا

ڪاسٻي جي ڪٿا

ڇا ٻُڌايون!

شام جي ڀاڪرن ۾ ڀريل هو

ڳوٺ ڪنهن سانوري

ڇوڪري جئن لڳو ٿي

سُرمئي سُرمئي

هر گهٽي،

ميرڙو ميرڙو آسمان

پيچرو پيچرو دل نشين

جهوپڙي جهوپڙي داستان

ڄڻ ته ڪنهن ڪامڻيءَ جي اکين

۾ ڪجل جئن ڀنو ٿي

ڳوٺ اهڙو لڳو ٿي.

 

وقت ٿيو آهي پر

اڄ به وسري نه ٿي

اُها شام ۽

ڪاسٻي جي گهٽين ۾ هئي

راس ليلا رتل

دهل جي ٿاپ تي

ڪئن ٿي تاڙيون وڳيون!

پير ڪئن ٿي ڦريا،

ڪئن ٿي چيلهيون مُڙيون!

نينهن جي ڇانءَ ۾

ڇوڪريون ڏينهن سارو نچيون

اُڇل ڪا هئي انگ ۾

باهه جئن جسم ڀڙڪيا پئي

ڪامڻين جي بدن ۾ هيو

رقصڪيڏو ڀريل

پارڪر جي چپن تي

شيام جي بنسري جئن

وڳو ٿي

ڳوٺ اهڙو لڳو ٿي

وقت ٿيو آهه پر

اڄ به اهو ياد جو

پيچ نڪري نه ٿو

ڇا ڪريون

ڪاسٻو هاءِ وسري نه ٿو!

 

 

شبير بروهي

وائي

 

        ڌُنڌلي درپن ۾-

                ڪير سُتو آهي؟       

گُلَ چُمي پوپٽ، ڪومل جذبن ۾-

ڪير سُتو آهي؟

 

سانجهيءَ ويلي جو، سُندر يادن ۾-

ڪير سُتو آهي؟

 

ڪمري ۾ تنها، مهڪيل سوچن ۾-

ڪير سُتو آهي؟

 

اُجرا خواب کڻي، منهنجي نيڻن ۾-

ڪير سُتو آهي؟

 

خوشبوءِ بڻجي ويا، تنهنجن سپنن ۾-

ڪير سُتو آهي؟

 

”سرمد“ چانڊيو

غزل

 

وري وڄ وراڪن ته پاڙيو وچن،
نه برسات آندو اسان جو سجن.
ٽهوڪيا وري مور پرڀات سان،
پرين کان سوا هي سُڃو آ صحن.
سڄو ٿر ته سانوڻ وسائي ويو،
ٻريو باهه وانگي اسان جو بدن.
وري ڀيڄ ڀيڄان جا نعرا هليا،
وري آهه گهيريو گهٽائن گگن.
اسان نينهن نيڻن ۾ ڇولي ڀريو،
رهيا خواب هن جا سدائين مگن.
متارن کي موکي نه سمجهيو اٿئي،
ڀري ڏيڀري ڏي جمن تي جمن.
اکين سان اکيون جو ملائي ويو،
ٿيو مڌ ماتو غزل جو متن.
ڪهي ڪونج آئي ڪٿان کان ڪٿي،
رهيو امن- گهر آ اسان جو وطن.
ڪري هار ٻانهون جو پائي ويو،
بدل ڪوبه چندن نه ڪوئي رتن.
ملي سنڌ تنهنجي مٽيءَ سان مٽي،
ته ڇا جون دعائون ۽ ڪهڙو ڪفن.
اسان ئي ڪيو آ صدين کان وٺي،
وفا سان وچن ۽ جفا سان جتن.
رکي پيڙهه اهڙي سخن جي اياز،
”غزل در غزل آهه پنهنجو چمن.“
ڏيان دانهن توکي ڀٽائي پيو،
ڪري ويو اسان کي اڪيلو مدن.
ويو چنڊ ٽي ڏينهن موڪل ڪري،
پيو وقت گذري ڪٺن کان ڪٺن.

مسافر اجايو ٿو وڦلين پيو،
جني جي زمي آ انهن جو زمن.
لهو سان وضو جي ضرورت پئي،
پڳو آهه منصور دار و رسن.
وري انڊلٺ آ پريشان ٿي،
ته خسرو کي سارن نه دهلي دکن.
وري باهه بندوق مان ٿي وسي،
نئين سر رٿيو آ گبر ڪو گبن.
وري راءِ سانگهڙ کي سنڌوءَ سڏيو،
وري ڀونءِ تنهنجو ڇڙيو آ ڀڄن.
وُٺي ماڪ مقتل مٿان آ وري،
ٿيو آهه ’سرمد‘ جو پورو پرن.

 

سيد امداد جعفري

 

غزل

تڙيو تو زندگي پل ۾، زهر جو ڀاڳ ٿي وياسين،
جوانيءَ جي اچڻ کان اڳ، قبر جو ڀاڳ ٿي وياسين.
پراڻي ڪنهن لغڙ وانگي، هوا لويو ٿي گلين ۾،
پرين گهر کان اُڏي ڪڏهين، گٽر جو ڀاڳ ٿي وياسين.
نه سُڏڪن جو ثمر مليو، نه لڙڪن کي ملي معنيٰ،
اسين ڏوري ڪٽيل ڄڻ ڪنهن لغڙ جو ڀاڳ ٿي وياسين.
اسين محبوب چارن تي، اُميدن جا ڪڪر هاسين،
نه برسي مُرڪ جي برکا، ته ٿر جو ڀاڳ ٿي وياسين.
نهاريو تو نه يارن جي نگاهن ۾ ڪا آٿت هئي،
ڀري برسات ۾ تڙپي، ڏڪر جو ڀاڳ ٿي وياسين.
برابر ۾ ورهائي هو، کنيو محبوب ۽ يارن،
اسين احساس جا ماريل، صبر جو ڀاڳ ٿي وياسين.
اسين ”امداد“ جانان جي وڇايل راهه جا راهي،
وڌياسين ٻيڙيون ساڙي، ڪفر جو ڀاڳ ٿي وياسين.

 

تابش بخاري

غزل

مُرده دل کي پيار زنده ٿو رکي،
مون کي منهنجو يار زنده ٿو رکي.
هونءَ بلاول کي سُڃاڻي ڪير ها،
گهاڻي جو ڪردار زنده ٿو رکي.
ڪيئن اُها سُهڻي ٻُڏي مرندي ڀلا،
جنهن کي ڪو ميهار زنده ٿو رکي.
هڪ ته نوريءَ سان نڀايئي نينهن ٻيو،
ڄام توکي ڄار زنده ٿو رکي.
تنهنجي ڪاوڙ ۾ به ڪيڏو قرب آ،
تنهنجو هر تڪرار زنده ٿو رکي.
ڀل رسالن ۾ ڇپايو شعر پر،
شعر کي معيار زنده ٿو رکي.
ڏوهه ڪيئن گهٽجن اُهي جن کي هتي،
حد جو صوبيدار زنده ٿو رکي.
مرگ بستر تي به ٿو ’تابش‘ چئي،
تنهنجو ئي ديدار زنده ٿو رکي.

 

 

 

گلشن لغاري

غزل

ڪيڏو گهور انڌيرو آهي،
دور اڃا به سويرو آهي.
هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جو ڇو!
تن اُجرو، مَن ميرو آهي!
ساهه ٿو گهٽجي سيني ۾ ڇو،
گهٽ ٻوسٽ جو گهيرو آهي!
ديس تي دهشت ڇانيل آهي،
گهايل امن جو ڳيرو آهي.
او ديواني! دل تنهنجو ڪو،
دنيا ۾ آکيرو آهي!
دل جي ديول تي اڄ ڪوئي،
ڦڙڪيو پيار ڦريرو آهي!
ڪيڏا سور سٺا هن ماڻهوءَ،
پوءِ به نه ڪوئي ڦيرو آهي.

 

مهرخادم

غزل

روشني روشني جَڳ جرڪي پوي،
نيڻ تنهنجا ڏسي، گيت سرجي پوي.
پير پنڌڙا ڪرن، هٿ هلندا اچن،
ايڏو جهومي هلن ڪونه ٿڪجي پوي.
مرڪ چهرن مٿان، ڊيل وانگي ٽلن،
راهه ساري گلن ساڻ ڀرجي پوي.
پيارُ سڀني جي گڏيل ميراث آ،
پيارُ ماپو نه آ جو ڪٿجي پوي.
چڱائيءَ جا ڏيئا اڱڻ تي ٻرن،
هر ماڻهو ٿي انسانُ بڻجي پوي.

 

بخاري افضل

درد

        مون توکي ڇا ڏنو آ

        يا توکي ڏيڻ لاءِ

        مون وٽ آهي به ڇا!

        سواءِ مُرڪ جي

        پر پرين

        تو ته مون کي

        اهڙو تحفو ڏنو آ

        جيڪو مان ڪڏهن به

        وساري نه ٿو سگهان

        ۽ سدائين ساهه ۾ سانڍيندو رهندس

        ۽ ها!

        جيڪو منهنجي شاعريءَ جو سبب پڻ بڻيو آ

        اُهو تنهنجو مون کي

        ڏنل تحفو آهي.

        درد

        وڇوڙي جو!

 

غير ملڪي شاعري

بالچندرن چلڪيڊ/ولي رام ولڀ

ڪاريڊور

ڪاريڊور جي ٿڌي فرش تي

رَت ۾ ٻُڏل ۽ سِنگهه سان ڀريل

بنان مُنڍين وارن جسمن وانگر

ڪوتائون

پکڙيل آهن

ماڪوڙيون وڏي تعداد ۾ آيون

۽ اُنهن کي

اوجاڳي ڀريل سيارن ڪاڻ

کاڌي طور رکڻ لاءِ

گيهليو وڃن ٿيون

 

 

رکي رکي

مِرت- گيت جا

ٿڪل قدم

ڏاڪڻ چڙهن ٿا

جڏهن ڪاريڊور ۾

اوندهه ۽ دُک ڀرجن ٿا.

 

ڪمري اندر

گراموفون جي رت رئندڙ دل

درد وچان ڪنجهي ٿي

سهگل جو پريت جو گيت

شراب ۾ ٻڏل کنڀن تي

هڪ عجيب سپني وانگر ترندو

ڪاريڊور تان گذري ٿو.

 

وهنجڻ واري شاور سان

وائلن جو اُداس آواز

اونهاري ۾

تياڳيل جسم کي کڻندو

نيري نديءَ وانگر ڇُلڪي ٿو.

 

هڪ خماريل پاڇو

ڪاريڊور مان

ٿاٻڙجندڙ قدمن سان

هلندو اچي ٿو،

هر دَر کي کڙڪائي ٿو ۽

سڏ ڪري ٿو

سندس پنهنجو در بند آهي

هميشه لاءِ بند آهي

موت تي اکين جي پنبڻين وانگر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com